هاڻي سوچيان ٿو، اهي ڳالهيون جيڪي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان
سائينءَ لاءِ ڪريان ها ته انهن آخري ڏينهن ۾ اهو
ڪجهه حياتي کان مطمئن ته ٿئي ها، ڪجهه مون ۾ آسرو
رکي ڪجهه پنهنجي بهتريءَ جا خواب ڏسي وٺي ها. مون
ڪيڏي نه زيادتي ڪئي، پنهنجي پَر ۾ ڪجهه نه ڳالهائي
ته گنڀيرتا جو ثبوت ڏنم، پر هڪ مظلوم ماڻهوءَ جون
زباني خوشيون به روڪي ان تي وڌيڪ ظلم ڪيم ۽ هاڻي
آئون سوچيان پيو ته اِهو ظلم مو تي به هو ۽ هاڻي
منهنجون حسرتون آهن، جي هاڻي ڪڏهن به پوريون نه
ٿينديون.
سائين گراميءَ جي لاڏاڻي جي خبر سنڌي خبرن ۾ ڪراچي ٽيليويزن تان
نشر ٿي، پر اردو خبرن مان خبر ڪڍي ويئي! ڇو جو
سائين گرامي هڪ سنڌي اديب هو ۽ ان جوڪو حق نه هو
ته قومي زبان ۾ ان جو ذڪر ٿئي. پر جڏهن هندستان جي
اردو اديب ڪرشن چند بمبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو، اها خبر
نه صرف اردو خبرن ۾ ڏني وئي، پر ريڊيو پاڪستان جي
اردو رسالي’آهنگ‘ ۾ ان تي مضمون شايع ڪيو ويو، ۽
پاڪستان جي هر اردو ۽انگريزي اخبار ان تي مضمون
ڏنا. جڙتو اسلام پسندن جي رسالي ’افرو ايشيا‘
سميت، جيڪي سنڌ جي اديبن کي ملحد، ڪافر ۽ ڪميونسٽ،
هندستان جا ايجنٽ چوندا آهن ۽ سڀني کي خبر هئي ته
ڪرشن چندر ڪميونسٽ هو، ورهاڱي جو مخالف هو، ۽
مسلمان عورت سلما صديقيءَ سان شادي ڪئي هئائين، پر
اردوءَ وارن جي نظر ۾ اهو هيرو هو، ۽سائين گرامي
نظريئي پاڪستان جو دشمن. سنڌي ڊائجسٽ ته سائين
گراميءَ جي لاڏاڻي تي چٿرن ڀريو ليک شايع ڪيو. اهو
آهي ٺوڳي اسلام پسندن جي اسلام جي تشريح (لعنت الل
منافقين الڪاذبين)
مون سائين گراميءَ کي ريڊيو پاڪستان جي علامه آءِ- آءِ- قاضي
ليڪچر وقت سندس واقفيت ڪرائيندي چيو هو. ”سائين
گرامي هڪ آفاقي ۽ همه گير شخصيت آهي.“ ۽ اهو جملو
منهنجي مَتن ۾ ڪونه هو، پر لاشعوري طور زبان مان
اهي لفظ نڪري ويا هئا. مون کي ياد آهي ته مون
سائين گراميءَ لاءِ جڏهن اِهي لفظ چيا هئا ته هڪ
ٻن همراهن جي چپن تي مرڪ اچي ويئي هئي؛ پر شايد
انهن کي خبر ڪانه هئي ته ضروري ڪونهي ته ماڻهو
پنهنجي حياتيءَ ۾، يا پنهنجي دور ۾ ئي آفاقي شخصيت
مڃيو وڃي. تاريخ اها عدالت آهي، هر ڪنهن کي پنهنجو
حق ڏياري ٿي سگهي ۽ تاريخ ۾ ڪيترا ماڻهو آهن، جي
پنهنجي حياتيءَ ۾ يا پنهنجي زماني ۾ دٻايا ويا، پر
تاريخ جي وهڪري مان ائين ظاهر ٿيا، جو دائمي حيثيت
ماڻي ويا. اسين سنڌي بيشڪ اڃا انهيءَ حالت ۾ نه
آهيون، جو پنهنجا هيرا پرکي سگهون، پر اهو وقت ڏور
ڪونهي، جڏهن سنڌ جو ٻچو ٻچو سجاڳ هوندو؛ تڏهن اصلي
هيرا جرڪي اُٿندا ۽ وقتي هيرا، جي خوشامد سان
زوريءَ پاڻ کي هيرو مڃارائي رهيا آهن، اهي تاريخ
جي مِٽيءَ ۾ ائين دٻجي ويندا، جو انهن جو نالو ته
رهندو، پر قوم سدائين انهن کي ڌڪاريندي رهندي.
سائين گرامي اهو هيرو آهي، جو سنڌ جي سجاڳيءَ سان گڏو گڏ جرڪندو
۽ پنهنجي روشنيءَ سان واٽ ڏيکاريندو ويندو. اسان
جي سنڌ جو روشن آئيندو ٻڌائي رهيوآهي ته اهو وقت
جلد اچي رهيو آهي.
اڄ نه اوطاقن ۾، سندي جوڳين ذات،
ساري سناسين کي، رُنم ساري رات،
مون تن جني جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا.
ڇ
شاهه
ڪؤڙو سچ
”..... افسوس هي آهي ته جنهن اديب ۽ شاعر جي ڪاوش
مان مستفيد ٿي هڪ شاگرد اڳتي هلي هزارين رپيا
ڪمائي ٿو، اهو اديب ۽ شاعر هر حال ۾ غير مستند به
آهي ۽ ناقابل توجهه به! موجود سماج ۾ اديب ۽ شاعر
جي حيثيت نه زميندار جهڙي آهي ۽ نه هاريءَ جهڙي،
نه تپيددار جهڙي نه ماستر جهڙي، نه پروفيسر جهڙي
نه ليڪچرار جهڙي؛ نه هو داروغو آهي نه سپروائيزر،
نه انجنيئر نه جمعدار، نه وڪيل نه ڊاڪٽر! سچ پچ ته
سندس سماجي ۽ معاشي حالت ڪنهن پٽيوالي جهڙي نه
ناهي...“
(گذارش: ”موجوده سماجي ۾ اديب جي حيثيت“ ”مهراڻ“
2-3/1976)
هڪ ڪارنامو
”.... جديد ادب وارن عمر مارئي ۽ سسئي پنهونءَ کي
ڳايو وڄايو آهي، پر اهي تاريخ جي پراڻن داستانن
وار ڪردار ناهن. جديد ادب وٽ اهي سڀ ڪردار نه فقط
زندهه آهن، پر موجود به آهن. موجوده دور ۾ عمر به
آهن ۽ موجوده دور ۾ مارئيون به آهن. ان ريت جديد
ادب ۽ فن جي صحيح نموني ۽ ترجماني به ڪئي آهي ۽
آبياري به ڪئي آهي. حال جي ترجماني فقط جديد ادب
سان ئي وابسته آهي.......
(گذارش: ”جديد ادب “ مهراڻ 4/1975ع )
وطن وسائيج، ته سنگهارن سک ٿئي!
(زرعي سڌارن جي سري هيٺ لکيل گذارش جو ڪجهه ڀاڱو)
انگ اگهاڙو ۽ پيٽ بکيو هاري،ڪڏهن جهولن ۽ طوفانن ۾
ته ڪڏهن سردين ۽ پارن ۾، ڪڏهن روح فرسا گرمين ۽
اُسن ۾ لُنڊيون لتاڙي، اناج ۽ پيداوار جا انبار
لڳائي ٿو ڇڏي، تنهن کي پيٽ بُکئي ۽ انگ اُگهاڙي
لاءِ نه ورع ٿي پوري ملي نڪو ان جي اڳڙي ٿي نصيب
ٿئي، جنهن سان پاڻ ۽ پنهنجن ٻچن جا انگ ڍَڪي سگهي!
اهو هاري قدرت طرفان مليل ارتقا ۽ نشونما جي سڀني
ذريعن ۽ وسيلن کان محروم رهندو آيو آهي. تعليم ۽
تربيت، صحت ۽ خوشحالي ڄڻ ته سندس مقدر ۾ لکيل ئي
نه آهن. سندس ٻچن جي فوتيدگيءَ تي ڪفن جا چار گز
به کڻت تي اڌارا ورتا وڃن ٿا. وٽس اهو ڪونهي، جنهن
سان عيد برات جو سڳورو ڏينهن خوشيءَ ۾ گذاري سگهي.
اَنّ پاڻي، لٽو ڪپڙو، سودو سلف سڀ اوڌر تي وٺي،
رُکي سُکي ماني، جهَڻ ۽ بصر سان کائي، ساري مند هڪ
آسر وند وانگر گذاري ٿو ڇڏي! جڏهن فصل لهي ۽ ٻار
صفا ٿئي، سون کان سرها سنگ وائري انّ جا انبار
لڳايا وڃن ته مٿان زميندار جو عام مختيار اچي.
اکيون ٻوٽي اڌ انّ جو زميندار جي حصي ۾ کڻي، ان
کان پوءِ پِيرن ۽ فقيرن، ڪَمين ۽ ڪاسبين، بيگر بٺ
جا ٽويا نڪرن، قرض جي وصوليءَ جون بنديون کلن،
غلط سلط حساب جي اندراج جي آڌار تي، ”ٽڪي جو تيل،
ٽڪو تيل تي، سي ٿيا ڇهه آنا،“ وري حساب ڪتاب سان
جوڙ جملا ٿين. نتيجو اهو نڪري جو هاري، پوتي ڇنڊي،
نير وهائيندو، اچي گهر نڪري! سندس زال ۽ نياڻيون،
ٻار ۽ ٻچا، سال جي نئين انّ لهڻ جي خوشيءَ ۾، در ۾
نگاهون اٽڪايو ويٺا هجن. سندس نياڻيون ڇيٽ جي
چولي لاءِ ۽ سندس زال سوسيءَ جي سُٿڻ لاءِ، سارو
سال آسرونديون رهن. پر بٽئيءَ کان پوءِ، وٽن ڪارا
ڪک! اونڌي منجيءَ تي اچي گهر ۾ ڪري، يا ڇڳل کٽولي
۾ اچي پاڻ اڇلائي! ساڳا لاٽون ۽ ساڳا چُگهه!
تنوير عباسي
مون سي ڏٺا ماءُ
1952 جو زمانو هو. منهنجي عمر 17 سال کن هئي. مرحوم شيخ عبدالله
عبد، منهنجي شعرن مان ڪن جي اصلاح ڪري واپس ڏيندي
چيو:
”مان تو کي اهڙي ماڻهوءَ سان ٿو ملايان، جو هوند مان به ان کان
ئي اصلاح وٺان. آئينده تون پنهنجا شعر گرامي صاحب
کي ڏيکاريندو ڪر.“
مون مٿي نهاريو. خوبصورت ڪاريءَ سونهاريءَ ۽ ڪارين شرعي تراشيل
مُڇن جي وچ مان، موتين جهڙا اڇا ۽ چمڪندڙ ڏند
نمودار ٿيا. هڪ دلفريب مُرڪ. عينڪ مان اونهين اکين
مون ڏي نهاريو. گهڙي پل مون پنهنجي وجود مٿان،
انهيءَ خوبصورت مرڪ کي هڪ هلڪي ۽ ٿڌي ڦوهاري جيان
محسوس ڪيو، پوءِ مون گرامي صاحب جو جائزو ورتو.
ڀريل بُت، سادو سنڌي لباس، سانورو رنگ ۽ مٿي تي
ڪراڪلي ٽوپي.
مون گرامي صاحب کي چيو: ”اوهان منهنجا شعر ڏسندا؟“ ساڳيءَ مرڪ
سان وراڻائين: ”ضرور،پر هت مصروف آهيان، ڪو وقت ۽
جاءِ مقرر ڪريو، آچر مناسب ٿيندو.“
اتاوليءَ مان پڇيو : ”منهنجي گهر ايندا؟“
مون کي اميد نه هئي ته گرامي صاحب ”ها“ چوندو؛ پر منهنجي اميد
خلاف چيائين: ”اچبو.“ ان رتيءَ جي رهاڻ اهڙو جيءُ
اڙايو، جو اڃا تائين اڙيل آهي.
پوءِ مون کي ائڊريس ورتائين. مون موڪلايو، پر پڪ نه هيم ته ڪو
گرامي صاحب مون وٽ ايندو.
گرامي صاحب جو نالو اڳ ٻڌل هيم.ادبي حلقن ۾ گراميءَ ۽ خليل جي
ادبي ڏي وٺ ان وقت مشهور هئي. اها به خبر هيم ته
نه رڳو هو وڏو شاعر ۽ نقاد آهي، پر وڏو سڄاڻ عالم
به انڪري اعتبار ئي نه پئي آيو، ته مون پاري
جيتامڙي شاعر جي گهر اهڙو مشهور عالم ايندو.
آچر جي ڏينهن سندس اچڻ جي پڪ نه هوندي به سخت انتظار ڪيم. حيرت
جي حد نه رهي، جو مقرر وقت تي گرامي صاحب منهنجيءَ
جاءَ تي اچي ويو. مان کيس پنهنجي ڪمري ۾ وٺي آيس،
پنهنجا شعر ڏيکاريم. گرامي صاحب منڍ کان پڇاڙيءَ
تائين شعر پڙهيا، تان جو منجهند جي مانيءَ جو وقت
ٿيو.
مون کين دستوري صلاح ڪئي. پاڻ قبول ڪيائين. ان ڏينهن اسان جي
گهر پَلو چاڙهيو هئائون. مون وت آهر خدمت ڪئي.
گرامي صاحب جي خوش خوراڪيءَجو پهرئين ڏينهن ئي
قائل ٿي ويس.
مانيءَ کان پوءِ مون سگريٽ جو پڇيو. ڀانيم ته مولوي ڇا سگريٽ
پيئندو؛ پر ساڳيءَ دلفريب مرڪ سان ’ڪئنچي‘ جي
پاڪيٽ جي فرمائش ڪيائين. پاڪيٽ آيو، ۽ جڏهن سگريٽ
دکايائين ته ان وقت ائين محسوس ٿيو، ته ننڍڙي ڪاري
خوبصورت ڏاڙهي ۽ سگريٽ جو ميرانجهڙو دونهون، ٻئي
ڪيڏا نه سهڻا لڳي رهيا هئا.
اوڀارين لهوارين ڳالهين، ادب فلسفي، مذهب ۽ نفسايت تي بحث ۾ شام
ٿي ويئي. گرامي صاحب فرمايو ته هاڻي هلي ڪراچي
هوٽل تي ڪا چهر ڪجي. اٿڻ کان اڳ ۾، ڪاغذ قلم
گهريائين ۽ چيائين ته اڄوڪي ملاقات جي ياد ۾ ڪا
تحرير لکجي، ۽ پوءِ لکيائين:
”شعر جي مطالعي مان محسوس ٿو ٿئي ته هيءُ اڳتي هلي سنڌ جو تمام
وڏو شاعر ٿيندو.“
منهنجي دل ٽڙي پئي، اها سند دل ۾ سانڍي اٿم؛ پر اڄ ڏک ٿو ٿئي،
ته اها سَندَ فائيل ۾ ڇو نه رکيم.
ان کان پوءِ ڪراچي هوٽل آياسين. ڏاکڻو ورانڊو گرامي صاحب جي
مستقل بيٺڪ هئي. اتي اڌ رات تائين چانهه ۽ ڪباب جا
دور هليا ۽ ڪچهري هلي، پوءِ موڪلايوسين.
منهنجو دلبر دوست رباني ۽ مان ان وقت فرسٽ ييئر سائنس ۾ هئاسين.
انهن ڏينهن ۾ زولاجي پڙهندي، ٻئي تپرس ۾ پئجي
ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪا ڪروچ جي مرڪب اک (Compound
Eye) اسان لاءِ عجب جو سبب هو، ته ڪڏهن ڊارون جو ارتقا جو نظريو.
پڙهندي پڙهندي بحث ۾ پئجي ويندا هئاسين، پوءِ ڪورس
۽ ڪتاب ڇٽا. فلسفو، مذهب ۽ نفسيات اسان جا موضوع
ٿي ويندا هئا. جڏهن پاڻ ۾ نه ٺهندا هئاسين، ته
پوءِ سڌا ايندا هئاسين گرامي صاحب جي ڪراچي هوٽل
واري ڪچهريءَ ۾. اتي ويٺي ويٺي اسر ٿي ويندو هو؛
پر اهي ڦورا نه کلندا هئا. گرامي صاحب رات جو ڏهين
کان صبح جو چئين تائين، هر موضوع ۽ مسئلي تي
ڳالهائيندو هو. ڄڻ درياهه جو بند ڀڄي پوندو هو. ڄڻ
ڪو آبشار وهي نڪرندو هو. اهائي دلفريب مرڪ، اهو ئي
ڪئنچيءَ جو سگريٽ. چانهه جو دورن تي دور، تان جو
اچي صبح ٿيندو. اسان جوان ٿڪجي پوندا هئاسين؛ پر
ڪڏهن به گرامي صاحب جي منهن تي ٿَڪ جا آثار نه
ڏٺاسين. اها ئي تازي ۽ شگفته مرڪ، سندس منهن تي
صبح تائين موجود هوندي هئي.
انهن ڪچهرين ۾ اسان سان گڏ سرائي اميد علي ( مرحوم)، سردار علي
شاهه، يوسف مرحوم ( جنهن مولانا عبيدالله سنڌي کي
ڏٺو۽ ساڻن ڪم ڪيو، مون سي ڏٺا ماءُ جني ڏٺو
پرينءَ کي ) ۽ ٻيا علم ادب جا پانڌيئڙا، اسان جا
واقف ٿي ويا. ڪڏهن ڪڏهن شيخ عبدالمجيد سنڌي،
پنهنجي پُروقار شخصيت سان لڪڻ کڻي اچي اسان سان گڏ
وهندو هو. هوٽل جو مالڪ مرحوم عبدالرحيم عباسي دخل
ڇڏي، اچي انهن بحثن ۾ شامل ٿي ويندو هو. اڳتي هلي
اهي ڪچهريون اسان جو روزانو معمول ٿي ويون، رات جي
ماني کائي سڌو ڪراچي هوٽل جي ورانڊي ۾ وڃبو هو.
پوءِ گرامي صاحب جي ڪچهريءَ ۾ ايترو ته محو ٿي
وڃبو هو، جو خبر ئي ڪانه پوندي هئي، ته وقت ڪئين
ٿو گذري وڃي! جڏهن ڀرپاسي جي مسجدن مان اذان جو
آواز ايندو هو، ته معلوم ٿيندو هو، ته هاڻي صبح ٿي
ويو آهي، ۽ ڪچهري برخواست ٿيندي هئي.
منهنجي ۽ رباني جي حيرت جي حد نه هئي، ته هيءُ سادو سٻاجهو،
انگريزي نه ڄاڻندڙ عالم، آئن سٽائن جي اضافيت جي
نظريي ۽ ڊارون جي ارتقا جي نظريي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ
ڳالهائيندو هو، هو ارسطو ۽ افلاطون تي به ساڳئي
طريقي سان ڳالهائيندو هو، جهڙيءَ طرح غزاليءَ ۽
فارابيءَ تي. ڪارل مارڪس، هيگل،برڪلي ۽ هيوم، تان
جو برٽنارڊ رسيل به سندس علم ۾ هئا. هڪڙو عربي
۽فارسي خواندو مولوي، ۽ جديد فلسفي ۽ سائنس جو
ايڏو اڀياس اسان لاءِ عجب جهڙي ڳالهه هئي!
ان وقت ۾ منهنجو ۽ ربانيءَ جو وڏو مسئلو هو ”ڪانئات جي تخليق“.
ور ور ڪري گرامي صاحب کان پڇندا هئاسين، ته
”ڪائنات جي تخليق جو مقصد ڇا آهي؟“ ۽ گرامي صاحب،
سنجيدگيءَ سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ، اسان جي اڻ گهڙيل
سوالن ۽ دلين کي ٻڌندو به هو، ته پنهنجا رايا ۽
دليل به ڏيندو هو. انهن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ منهنجو
بزمِ خليل سان واسطو ٿي ويو هو ۽ هو گرامي صاحب جا
مخالف هئا، پر اِن هوندي به نه ڪو گرامي صاحب جي
شفقت ۽ قرب ۾ ڪمي آئي ۽نه وري منهنجي ادب ۽ عقيدت
۾ فرق آيو.
ٽه ماهي ”مهراڻ، نڪتو ته ڏينهن به ڪچهري، ۽ رات به ڪچهري.
ميڊيڪل ڪاليج ويندي مهراڻ جي آفيس ( جتي اڄڪلهه
ادبي بورڊ جي پريس آهي) ۾ ليئو پائي ، گرامي صاحب
جو سلام ڪبو هو. موٽندي پڻ ساڳئيءَ ريت سلام
ڪبوهو. هاڻي شمشير به اتي هو. ٿورن ڏينهن لاءِ
سراج به. جي ڪاليج ويندي مهل ڪو دلچسپ موضوع ڇِڙي
ويندو هو، ته اتي ويٺي ويٺي وقت گذري ويندو هو ۽
ائپرن ۽ ڪتاب کڻي، گرامي صاحب وٽان ئي واپس گهر
هليو وڃبو هو.
”مهراڻ“ سان اسان جي ادبي تحريڪ اڳتي وڌي. نئين ادب سان چاهه
هونءَ به هو، پر ان جي همت افزائي ڪرڻ ۾ مهراڻ
۽گراميءَ جو وڏو دخل هو اسان کان اڳيئن ٽهيءَ مان
فقط پير حسام الدين راشدي،گرامي صاحب ۽ ڏيپلائي
هئا. جيڪي اسان کي نه فقط همٿائيندا هئا، پر اسان
سان گڏ فتوائن جو نشانو پڻ بڻبا هئا. (جويي صاحب ۽
چاچي گدائيءَ کي مان منڍ کان وٺي پنهنجي ٽهيءَ جو
ڀائيندو آهيان، توڙي عمر جو فرق آهي)
جڏهن ادبي تحريڪ زور ورتو، ته ٻيا سڀ پراڻا اسان جا مخالف ٿي
بيٺا. اخبارن ۾ گاريون ڏنائون. سرڪاري ڪامورن وٽ
چغليون هنيائون. مذهبي جنون جي ذريعي، اسان جي
خلاف نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون. اتي ٻين ٿورن
همدردن سان گڏ، گرامي صاحب اسان سان هر مرحلي ۾ گڏ
هوندوهو. ادبي سنگت هجي، يا جشن روح رهاڻ هجي،
سنڌي شام هجي، يا بزم صوفياءَ هجي، يا ٻيو ڪو
پليٽفارم. گرامي صاحب جي تقرير شروع ٿي، ته ڄڻ ڪو
وڏ ڦڙو مينهن وسيو. لفظ لفظ لڙيءَ ۾ پويل، جملو
جملي سان جڙيل ۽ جڪڙيل، مطق، تاريخ، فلسفو، مذهب،
ادب ۽ شعر سڀ علم سندس تقرير ۾. هر زاويي کان سنڌ
جي تحريڪ جي لاءِ دليل هوندا هئا. سندس تقرير جو
انداوز شايد ئي ڪنهن کي حاصل ٿي سگهي. باوقار
بيهڪ، آواز ۾ تمڪنت ۽ لفظن جي خوبصورت چونڊ،
ٻوليءَ جو اڻ کٽ ڀنڊار، ڳالهائيندو هو ته ڄڻ
ساوڻيءَ جو درياهه اٿلي پوندو هو.
مهراڻ جي آفيس ۾، جتي سنجيده گفتگو ٿيندي هئي، اتي کِل ڀوڳ پڻ
ٿيندو هو. گرامي صاحب اسان نوجوانن آڏو بناوٽي
وقار يا شخصيت جو نقاب پائي نه ويهندو هو، پر اسان
سان ائين رلمل ٿي ويندو هو، جو پيڙهيءَ جي وڇوٽي
محسوس ئي نه ٿيندي هئي. ڪڏهن اسان سان چرچو ڪري
وٺندو هو، ته ڪڏهن اسين ساڻس ڀوڳ ڪندا هئاسين
گرامي صاحب جي طبعيت جو ظريفانو پهلو غالب ۽ چرچل
جي ظريفانه موضوع وانگر هڪ ڌار موضوغ ٿي سگهي ٿو.
گرامي صاحب ايڏا ته چرچا ڪيا ۽ ساڻس ايڏا چرچا ڪيا
ويا، جو اهي سانڍڻ جهڙا آهن. ڪڏهن به چرچي ته چڙيو
ڪونه، جي چرچو وڻندو هيس ته ان کي پسند ڪندي کلندو
هو ۽ جي چرچو اڃا به ڪجهه سخت هوندو هو، ته هلڪيون
ننڍڙيون گاريون به ڏيندو هو؛ پر اهي به کلندي،
چرچي جو جواب ٺهه پهه چرچي سان ڏيندو هو. هتي مثال
طور هڪ چرچو لکان ٿو. جيئن گرامي صاحب جي خوش
خلقيءَ جو يادگار رهي.
گرامي صاحب هاضمي جي خرابيءَ سببان اڪثر يوناني دوائون کائيندو
هو. هڪ دفعي سندس آفيس ۾ ويس، ته آڏو ٽيبل تي
سينڌي لوڻ جو ڳنڍو پيو هو، جيڪو شايد ڪنهن يوناني
حڪيم جي مشهوري موجب استعمال لاءِ خريد ڪيو
هئائين. مون ان سينڌي لوڻ جي باري ۾ ٻڌايو، ته
ڪراچيءَ جي گانڌي گارڊن ۾ اڪثر جانورن جي آڏو، اهو
سينڌو لوڻ پيو هوندو آهي. ان لطيفي تي ويٺل دوست
وڏا ٽهڪ ڏيئي کليا. گرامي صاحب به کلندي هڪ هلڪڙي
گار مون کي ڏئي ڪڍي. ايتري ۾ ٻاهران ڏيپلائي صاحب
آيو ۽ ٽهڪڙو ٻڌي پڇيائين، ته ڇاتي ٿا کِلو؟ گرامي
صاحب پنهنجي آڏو سينڌي لوڻ جو ڳنڍو کڻي ڏيپلائي
صاحب جي آڏو رکيو ۽ پوءِ مون کي چيائين . ”هاڻ
ٻڌائينس ته ڇاتي پئي کلياسين.؟“ ان تي منهنجي
ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي، سڀئي دوست ٻيهر ٽهڪ ڏيڻ
لڳا؛ پر هن دفعي ٽهڪن جو نشانو گرامي صاحب نه هو،
پر ڏيپلائي صاحب هو. ڏيپلائي صاحب اڃا وائڙو هو،
ته هيءُ ڇا تي ٿا کِلن، پوءِ جڏهن مون ٻيهر جانورن
جي باغ جي ڳالهه دهرائي، ته ٽهڪن جو ٽيون دور شروع
ٿيو.
مان خيرپور آيس،گرامي صاحب جي ۽ منهنجي وچ ۾ مفاصلو ته وڌي ويو،
پر قرب جو مفاصلو ڪڏهن به نه وڌيو. ڪڏهن مشاعرو،
ڪڏهن محفل، هر بهاني سان ساڻس ملاقات ۽ ڪچهري
ٿيندي هئي، درازن جي ادبي ڪانفرنس ۾، هر سال
منهنجي سڏ تي ايندو رهيو. بيمار هوندي به منهنجي
سڏ تي اچي حاضر ٿيندو هو. 1974ع ۾ درازن کان موٽي،
خيرپور جي ريسٽ هائوس ۾، اسر جو چئين بجي تائين
اسان جي ڪچهري هلي، ان وقت گرامي صاحب پنهنجي
اندر جا حاصل اوريا، هيڏو وڏو عالم ۽ سندس پگهار
ايتري ٿوري، جو ٻار ٻچا ته ڇا پر پنهنجو به گذارو
مشڪل سان ٿئيس! مٿان نوڪريءَ جون پابنديون، جيڪي
هڪ عالم ۽ شاعر لاءِ روحاني اذيت جو باعث آهن.
اسان جي سنڌي سماج گراميءَ کاي ڇا ڏنو؟ هڪ اڻپوري
پگهار، هڪ ننڍي نوڪري، هڪ اڻپور گهر ۽ عمر ڀر جون
بُکون، پريشانيون، تڪليفون، هو بس ۾ سفر ڪندي
ٿاٻڙجي ڪريو، منڊڪائيندو ٿو رهي. سنڌ جي علم ادب ۽
فن کي ڪڏهن سڌو سئون هلڻ نصيب ٿيندو؟ مرڻ کان
پوءِ گراميءَ جي اولاد لاءِ وظيفا مليا ته چڱو،
پراسان جيئري جاڳندي گراميءَ جي ڪهڙي خدمت
ڪئي،سندس ڪهڙو قدر ڪيو؟ کيس ڪهڙيون سازگار حالتون
ڏنيون، جي هو لکي پڙهي ۽سوچي سگهي؟ ڇا سنڌ جو علم
۽ ادب ازل تائين منڊڪائيندو رهندو؟
شوڪت جماڻيءَ چيو: ”يار هڪ بُري خبر آهي، هاڻي هاڻي الطاف شيخ
جي فون آئي ته گرامي گذاري ويو.“
مون ان خبر کي ايئن ٻڌو ڄڻ ڪُوڙي خبر هجي. الطاف شيخ وٽ منجهند
جي ماني کائڻ وياسين، ته هن ٻڌايو ته ”گرامي صاحب
فوت ٿي ويو.“ خبر تي ته يقين آيو، پر گرامي صاحب
جي ’مرڻ‘ جي ڳالهه مون کي مشڪل لڳي.
ڪراچيءَ پهتس،ته الطاف عباسيءَ (منهنجي ڀاءُ) ٻڌايو ته گرامي
فوت ٿي ويو. هن اهو به ٻڌايو، ته هن کي جڏهن نياز
همايونيءَ اها خبر ٻڌائي، ته ان تي اعتبار نه
ڪيائين.
مون کي ايترن ماڻهن ٻڌايو آهي، ته گرامي صاحب فوت ٿي ويو آهي،
دل نٿي مڃي. دل ٿي چوي، ته سڀني کي چوان، ته عالم
نه مرندا آهن، اديب نه مرندا آهن، گرامي صاحب
جيئرو آهي. اها اڇن موتيءَ جهڙن ڏندن واري مرڪ
جيئري آهي، جيڪا منهنجي وجود تي ٿڌي ڦوهاري جان
وسي هئي. ڏسو گرامي صاحب جيئرو آهي، جي اعتبار نٿو
اچيو، ته منهنجو هيءَ مضمون پڙهي ڏسو.
سراج الحق
رتيءَ جي رهاڻ
اسان جو يار گرامي گذاري ويو. انسان پنهنجي نهايت
عزيز مائٽن، حبيبن ۽ دوستن لاءِ گهڙيءَ لاءِ به
سوچڻ لاءِ تيار نه ٿيندو آهي ته ڪو انهن مان ايئن
ڌار ٿي ويندو، ۽ پوءِ جڏهن ائين ٿيندو آهي ته ذهن
تي ڏک بدران ڇرڪ طاري ٿي ويندو آهي، ۽ رفته رفته
صدمو، ڏک ۽ ڪرب پنهنجا ڪارا پاڇولا وجهڻ لڳندو
آهي. گرامي صاحب ڀيري به ائين ئي ٿيو، خبر ٻڌڻ
سان ڍڪرجي ويس: ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو ته هاڻ
گرامي صاحب جي نوراني صورت، سندس شرير مرڪ، سندس
لفظ ”بي ايمان“ چوڻ جو دلپسند ڍنگ، سندس بار بار
عينڪ کي وچين آڱر سان مٿي سرڪائيندو رهڻ، تقرير
وقت سندس جاهه وجلال، شعر پڙهڻ وقت سندس سوزو
گداز، لکڻ وقت سندس غرق ٿيڻ جو عالم، سندس علم ۽
دانش جا اولڙا اهي سمورا رنگ، اهي سمورا انداز،
هاڻ پسي ڪو نه سگهبا؟ پوءِ جڏهن حقيقت پاڙون هڻڻ
لڳي، تڏهن اکين ۾ مرچ پوڻ لڳا، نڙيءَ ۾ ڳنڍ ٻڌجي
ويئي، ۽ دل مان شوڪارو نڪرو ويو:
اڄ نه اوطاقن ۾، جوڳيان سندي ذات،
ڏينهان ڏورڻ ڏک سين، روئڻ سچائي رات،
تن جنين جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا!
گرامي ۽ مون گهڻو وقت گڏ گذاريو آهي: ان وقت کان
جڏهن ادب ۾ اڃا بانبڙا پائيندو هوس ۽ گرامي اڳي ئي
هڪ قداور شخصيت هو. پر هن ڪڏهن به اهو محسوس ٿيڻ
نه ڏنو ته هو ڪو ايڏو قداور آهي، ۽ آءُ ايڏو
پتڪڙو. هو منهنجي سطح تي لهي ايندو هو. ائين هن جي
شخصيت، هن جي علم، هن جي انسانيت کي گهرائيءَ سان
ڏسڻ جو موقعو مليم. اسين سنڌي ادبي بورڊ جي
حيدرآباد آفيس ۾ ٻه ورهيه گڏ ويٺاسون. ڪرسي ميز
به گڏ هئي. منجهند جي ماني به گڏ کائيندا هئاسون.
کل ڀوڳ ۾ به هن جو ڪو ثاني نه هو، پر مذاق هميشہ
صاف سٿرو ۽ اڇو اُجرو هوندو هوس. اسين کيس
چيڙائيندا هئاسون ته ٻين مُـلن کان مختلف ته آهيو،
پر هڪ ڳالهه سندن اوهان ۾ ساڳي آهي: پيٽ ڦاٽڻ
تائين کائيندو رهڻ! کـِلي چوندو هو: ”بابا، ان جي
باوجود، هنن ۾ پيٽ ڀرائي آهي، ۽ اسين قلندر کائون
تڏهن به رازق رب جو شڪرانو ڪريون، نه کائون تڏهن
به سندس احسان ڳڻيون!“
ان کان پوءِ منهجي بدلي ڪراچيءَ ٿي، پر بورڊ جي
ملازمت جي دوران ۽ پوءِ جڏهن به حيدرآباد ويندو
هوس ته پهريون سلام گرامي صاحب جو ڀريو هو. هن جي
صحبت ۾ ماڻهو چار ڳالهيون سکي ايندو، وڃائيندو
ڪڏهن به نه، قرب ايترو جو ڪنهن دفعي دل جمعيءَ سان
رهاڻ نه ٿي ته پويان خط لکي موڪليندو ته هن ڀيري
رهاڻ ڪانه ٿي، اهو قرض ايندڙ دفعي اچي لاهجانءَ.
سندس طبعيت ۾ نهٺائي ۽ نئڙت ايتري جو ڪڏهن سندس
واتان ”مان هيئن، مان هونئن....“ نه ٻڌم. محض کيس
ڇيڙڻ لاءِ اسين هروڀرو ڪو لزاعي معاملو کڻندا
هئاسون. (اسان جي ان وقت جي سنگت ۾ هڪ ڪهاڻيڪار
حسن علي نذير به هوندو هو، جيڪو هاڻ ڪٿي ڪو
مختيارڪار آهي، سو گرامي صاحب کي گهڻو ڇيڙيندو هو
ته جيئن گرامي صاحب مسئلن تي کُـلي ڳالهائي.) پوءِ
ته گرامي صاحب دريا وانگر پلٽجي پوندو هو. قرآن
مجيد ۽ اسلامي فقہ تي کيس وڏو عبور هو، پر يوناني
فلسفي تي به سندس وڏي نظر هئي. مسئلي جو علمي ڇيد
ڪري، ابن العربي، ابن رشد، ابن خلدون، شاهه ولي
الله، مولانا رومي، مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا
ابوالڪلام، مولانا شبليءَ جهڙن عالمن جا قول
ورجائيندي سقراط، افلاطون، ارسطوءَ تائين پهچندو
هو ۽ پوءِ چوندو هو ته هاڻ ان نظر سان مسئلي کي
ڏسو ته ان جو حل صاف ٿي ويندو. اسين حيرت مان کيس
تڪيندا رهندا هئاسون. پر پوءِ به کيس وڌيڪ ڇيڙڻ
لاءِ چونداسون ته ” گرامي صاحب، ڳالهه اڃا به مغز
۾ نه ويٺي!“ هڪدم سمجهي ويندو ۽ نهايت دلفريب مرڪ
سان چوندو هو، ”ايمان، اٺ مغز آهيو ته پوءِ منهنجو
مغز ڇو کائڻ آيا آهيو: اڙي بابا، اِسو (ان وقت هڪ
پٽيوالو هوندو هو)، ڪو چانهه چڪُـو پيار، ته مغز
جاءِ ٿئي!“ الا، اهي محفلون، اهي مجلسون ڪيئن
وسرنديون.
هڪڙي ڀيري شعر تي اچي ڇيڙيوسونس، بس پوءِ ته سمنڊ
اٿلي پيو: عربي، فارسي، اردو، هندي، سنڌي شاعرن جا
اهڙا شعر پڙهندو ويو، جو سندس حافظي تي عجب ٿي
لڳو. اسان کيس پوءِ به نه ڇڏيو، ۽ چيوسونس ته ان
روايتي شاعريءَ کي ڪير ٿو پڇي، اهي ”گونزل“ (غزل)
اسان جي زبان جي مزاج سان ئي نٿا ٺهڪن: ڪو نظم ٿي
وڃي. بس سائين، حڪم ڪيائين ته کڻو ڪاغذ ۽ قلم، ۽
پوءِ اتي جو اتي هڪ نهايت پيارو نظم في البديهه
چوندو ويو،
اي پدمڻي، هيري ڪڻي.......!
اهو ڊگهو نظم پوءِ اسان جي زور ڀرڻ تي مهراڻ ۾ به
شايع ٿيو. اسين لکندي ٿڪجي پياسين، پر گرامي صاحب
شعر چوندو نه ٿڪو. اڄ به سندس اهو ڊگهو نظم سنڌيءَ
جي نهايت اهم ۽ حسين نظمن ۾ شمار ٿئي ٿو. گرامي
صاحب شعر ۽ موسيقيءَ ۾ عجب بلندين تي هو. سندس شعر
۾ ميٺاج ۽ پختگي ان ڪري هئي، جو هو سنگيت جو به
وڏو ڄاڻو هو. ان ڪري هن کي ترنم يا لئي، آهنگ يا
سرتار جي پدن تي لفظن کي تورڻ تڪڻ جو وڏو ڏانءُ
هو. هن جمعيت الشعرائي قسم جي شاعريءَ تي به تجربا
ڪيا هئا، پر وقت گذرڻ سان هن کي گل ۽ بلبل، سرو ۽
سنبل، زلف ۽ گيسو واري گونزل شاعريءَ کان بڇان اچڻ
لڳي. ان سان گڏوگڏ جديد علم ۽ ادب جي تقاضائن تي
وسيع مطالعي هن کي سنڌ جي نيئن ادب سان گهرو لڳاءُ
پيدا ڪريو. هن سوين نوان اديب ۽ شاعر پيدا، انهن
جي همت افزائي ڪيائين ۽ کين هڪ ئي ڳالهه چوندو هو
ته سنڌ جي ڪلاسيڪي روايت جي خزاني کي هنئين سان
هنڊايو ۽ ان روايت کي ساڻ کڻي نئين فڪر ۽ جديد
حقيقت پسنديءَ کي آزمايو. ان جي امتــزاج منجهان
ئي اوهين سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي اهوڪجهه ڏيئي سگهو
ٿا، جيڪو انهن جو حق آهي.
هن کي علم جي سکڻن ڪُـن کان سخت نفرت هئي. جڏهن
ڪن نام نهاد ”دانشورن“ نئين سنڌي ادب تي جهلون
ڪيون_ ابراهيم جويي، اياز، رباني ۽ مون سميت ڪيترن
لکندڙن کي اخبارن، پئمفليٽن ۽ تقريرن ۾ لوئڻ شروع
ڪيو ويو ته گرامي صاحب جو قلم پنهنجي پوري جاهه و
جلال سان جاڳي اٿيو: ۽ سنڌي شاعريءَ جي نون لاڙن
تي ٽي سئو صفحن جو معرڪتہ لا آرا مضمون لکيائين
”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر“، جنهن ۾ عربي، فارسي ۽
اردوءَ جي قديم ۽ جديد مثالن ڏيڻ کان سواءِ هن شعر
جي صنفن، فڪر ۽ فلسفي تي سمورو ”اويئنٽل“ ادب آڻي
گڏ ڪيو. جاهلن کي اهو جواب مليو ته ائين ماٺ ٿي
ويا، ڄڻ سراپجي ويا هئا. گرامي صاحب کي گاريون ڏيڻ
لڳا، پر ان جي جواب ۾ هڪ اکر به لکي نه سگهيا.
سردار علي شاهه ”ذاڪر“ ۽ ڊاڪٽر ابراهيم ”خليل“ وٽس
ميڙ کڻي ويا ته هو لکڻ بند ڪري پر گرامي صاحب کين
اهڙيون ٻڌايون، جو ٻه ڪن، ٽيون نڪ کڻي گولي ٿي
ويا. پوءِ گرامي صاحب تي به الحاد ۽ ڪفر جون
فتوائون شروع ٿي ويون، پر گرامي صاحب، جنهن جو هر
ساهه اسلامي فڪر ۽فلسفي سان معطر هو، سو جاهلن جي
جلهن کي ٻڌندو رهيو، ڏسندو رهيو، مرڪندو رهيو ۽
لکندو رهيو.
اسان جي يار گرامي واقعي قلندر هو. هو انهن عظيم
عالمن جي سٿ جو آخري همسفر هو، جن شاهه ولي الله ۽
مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي فڪر کي رهنما بڻايو هو.
مولانا دين محمد وفائي مرحوم کان پوءِ مولانا
گرامي انهيءَ فڪر جو آخري قداور مبلغ هو، ۽ اهي سڀ
جا سڀ قلندر هئا، ۽ پنهنجي سموري زندگي خاموش علمي
خدمت ۾ گذاري ويا. پنهنجو ڪجهه به نه ٺاهيائون.
ڪنهن کان ڪجهه به نه گهريائون. گرامي صاحب جي ته
مون کي ذاتي طرح خبر آهي: هن سموري ادبي بورڊ ۾
پنجويهه سال گذاري ڇڏيائين. ”مهراڻ“ جهڙي علمي
رسالي جي ادارت جو ڪم ڪو سولو ڪم نه آهي. هو
خاموشيءَ سان علم ادب جي دنيا ۾ مسڪينيءَ جي زندگي
گذاريندو رهيو. مخدوم زمان صاحب طالب الموليٰ جن
سان خاص ياري ۽ محبت هيس. مخدوم صاحب بورڊ جو
چيئرمن به آهي ته حڪومت وٽ به سندس گهڻي هلندي
پڄندي آهي. سرڪاري دستور موجب نوڪريءَ جي دوران
وفات ڪرڻ ڪري سندس پوين کي پنج سال پينشن به ملڻي
آهي، پر ادبي بورڊ کي هن جي خدمتن جو ان کان به
وڌيڪ قدر ڪرڻ گهرجي. اميد ته مخدوم صاحب ان ڏس ۾
پاڻ ملهائيندو. سنڌ سرڪار تي به اهو زور آڻڻو
پوندو ته سنڌي زبان، اسلامي فڪر ۽ فلسفي جي ههڙي
عالم جي خدمتن جو قدر ڪري، سندس پوين لاءِ ڪو
وظيفو مقرر ڪري ته جيئن هنن جا ڏکيا ڏينهن ڪجهه
قدر آسان ٿي سگهن.
اسين مردي پرست قوم آهيون: مرڻ کان پوءِ ئي انسانن
جو قدر ڪندا آهيون. پر رڳو اها روايت به قائم رکون
ته غنيت آهي. اڄ دل ڏاڍي اداس آهي، قلم ۾ به اها
ڳوراڻ محسوس ڪيان ٿو. گرامي صاحب جي وڃڻ سان نه
رڳو سنڌي ادب ۽ علم جي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي
پيو آهي، پر اسان جي دلين ۾ هڪ وڏو خال محسوس ٿئي
ٿو، جنهن جاءِ جو ڀرجڻ ممڪن نه آهي. ههڙا عظيم
عالم، خطيب، شاعر ۽اديب روز روز ٿوروئي پيدا ٿيندا
آهن ۽ گرامي صاحب ته انهن خوبين سان گڏ هڪ عظيم
انسان به هو. سندس اها ساڃهه، سندس اها سونهن ئي
سڀ کي ياد رهندي.
ساڃهه تن سامين جي، ساريان سڀ ڄمار!
(روزانه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي، 19 سيپٽمبر 76ع جي
شڪريي سان)
نقاد: سائيءَ جا مريض
”اسان اڄڪلهه جا ڪي نقاد، ذوق جمال ۽ فحاشيءَ ۾
ڪو به فرق ۽ امتياز قائم ڪري نه سگهيا آهن. هنن کي
سائيءَ جي مريض وانگر، هر هنڌ عريانيت ۽ جنسيات
پيئي نظر اچي. پوءِ ڀلي ته ڪو رنگين خيال هجي ۽
اهو شيرين ۽ روح پرور پيرايي بيان ۾ آيل هجي، پر
ان کي هروڀرو اخلاقيات ۾ گهلي اچڻ ۽ مٿس فتوا ڏيڻ
کان اسان جا نقاد مُـڙن ئي
نٿا.“
غ. م. گرامي فني قدر ۽ رحجانات“
غ. م گرامي
(”مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رحجانات“
مهراڻ 3،2_1964ع )
شيخ عبدالرزاق ”راز“
هڪ تاثر
مرحوم مولانا گرامي سان منهنجي پهرين ملاقات،
1960يا 1961 ڌاري، حيدرآباد جي جامعه عربيه ڪاليج
۾ ٿي هئي. گرامي صاحب جي نالي کان اڳ ۾ وقف هيس.
لکڻ پڙهن وارن ماڻهن جي، هڪ برادري ٿيندي آهي ۽
غائبانه ملاقاتيون ٿينديون آهن. عزيزم محبوب علي
چنا سان ڪاليج ۾ ملڻ لاءِ ويو هيس. محبوب ته
رازداريءَ جا راز سليا، پر گرامي صاحب پنهنجي
تعارف سان گڏ، علمي ۽ ادبي ڪچهريءَ جو آغاز ڪيو.
گرامي صاحب سان ان وقت هڪ مولوي نما بزرگ به ساڻ
هو، هو خاموشيءَ سان اسان جي ڪچهريءَ مان مزو وٺي
رهيو هو. هونئن ته گرامي صاحب جون تحريرون پڙهندو
هيس، جن مان سندس تحرير جي شوخيءَ، شگفتگيءَ ۽
بلند آهنگيءَ مان لطف وٺندو هوس، سچ پچ گرامي صاحب
سنڌي نثري تحرير جو هڪ روشن مينار هو. سندس هڪ
تحرير مون کي بالڪل ياد آهي، جا آزاد نظم تي هڪ
سخت تنقيد هئي. ان وقت گرامي صاحب، هالا مان ڪو
رسالو شايع ڪندو هو، جنهن ۾ هن آزاد نظم جي هيئت ۽
مواد تي وڏي جلہ ڪئي هئي. مون کي اهو مضمون، 1956ع
۾ محترم محمد ابراهيم جويي ڪراچيءَ ۾ ڏيکاريو هو،
جو ان وقت سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هوندو هو
۽سندن آفيس ڪراچيءَ ۾ هوندي هئي. گرامي صاحب پاڻ
هڪ بر جستو شاعر هوندو هو ۽ مان ان زماني ۾ آزاد
نظم لکندو هيس ۽ سنڌ جي ڪن ٻين شاعرن به ان صنف ۾
طبع آزمائي ڪئي هئي.
عربيه ڪاليج واري ملاقات کان پوءِ، مرحوم سان
منهنجي صاحب سلامت واري ڏيٺ ويٺ شروع ٿي ۽ خط و
ڪتابت جي ذريعي، گرامي صاحب سان ڪجهه زيادهه ڏيٺ ۽
مان سماهي مهراڻ ۾ ڪجهه نه لکندو هيس. انهيءَ
زماني ۾، مان اڪثر حيدرآباد ايندو ويندو هيس،
جيڪڏهن مولانا صاحب ڪٿي ملي وڃي، ته وڏي قرب مان
پنهنجي گهر وٺي هلڻ جو اصرار ڪندو هو ۽ مان وعده
فردا ڪري، گرامي صاحب کان موڪلائيندو هيس.
سنه 1964ع ۾، گرامي صاحب سماهي مهراڻ ۾ هڪ مقالو
شايع ڪيو. مون ان مقالي تي سخت تنقيد ڪئي، جنهنڪري
منهنجا گهڻو ڪري، سڀ گهاٽا دوست ناراض ٿي ويا. جي
اڄ تائين منهنجي متعلق هڪ عجيب و غريب راءِ رکندا
آهن. ٻه سال تنقيد ٿيندي رهي. ان کان پوءِ ٻئي سال
گرامي صاحب ريڊيو پاڪستان تي مليو. سندس اهائي
محبت محسوس ڪيم، جا تنقيد کان اڳ جي هوندي هئي.
سندس ساڳيائي قرب ۽ ساڳيائي ٿورا هئا. مان تعجب ۾
هيس ۽ سوچيم، ته هي شخص ڪيترو نه عظيم آهي يا عجيب
و غريب. تنهن کان پوءِ مان گرامي صاحب سان
حيدرآباد ۾ وقتاً فوقتاً ملندو رهيس، سندس ساڳيو
ئي سلوڪ هوندو هو، مان پرشان ۽ ڪنهن وقت پاڻ کي
شرمندو محسوس ڪندو هيس. ڪڏهن به زبان مان تنقيد جي
باري ۾ هڪ حرف نه چيائين، باقي ٻيا دوست خواهه
مخواهه ناراض ۽ بيزار. ادبي تنقيد ٿيندي رهندي آهي
۽ هر ڪنهن کي اهڙو حق حاصل آهي. جيڪڏهن سڀ سچو سون
هجي، ته ڪسوٽيءَ جو معيار ڪري پوندو ۽ ادب جو
تحرڪ ختم ٿي ويندو. الله کيس جنت نصيب ڪري. |