گرامي صاحب مرحوم سان، جتي ڪن دوستن ۽ شاگردن سلوڪ
نه ڪيو ۽ بيحد احسان فراموشي ڏيکاري، اتي جن
شخصيتن سندس هڙهون وڙئون مدد ۽ حوصله افزائي ڪئي،
انهن مان محترم مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
صاحب جو درجو مٿانهون ۽ اوچو سمجهڻ گهرجي.
مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي، ته مرحوم گرامي کان
جڏهن سندس تلڪ چاڙهي واري جاءِ زوري کسي ويئي ۽
مرحوم کي ڪو به اجهو پنهنجن ٻچن کي رهائڻ لاءِ نه
هو، ته مخدوم صاحب هڪدم کيس جاءِ ڏني، جيڪا هن
وقت مستقل طرح مرحوم جي ملڪيت آهي. مخدوم صاحب نه
رڳو کيس جاءِ ڏني، پر مڙ سهولتون پهچايون ۽ اها
جاءِ به ڪليم مان خريد ڪري، پنهنجي هڙان پئسا ڏيئي
مرحوم کي وٺي ڏني.
گرامي صاحب ۽ مون، جڏهن سندس ادارت هيٺ 1949ع ۾
مڪتبه لطيفيءَ جي نالي سان پهريون رسالو ”عرفان
لطيف“ حيدرآباد مان شايع ڪيو، ته ان جي سرپرستي ۽
مالي توڙي اخلاقي مدد ۽ اعانت به، مخدوم صاحب ڪئي
هئي. بدقسمتيءَ سان سنڌي قوم جي روايتي سرد مهريءَ
۽ سهڪار نه ڪرڻ ڪري، اهو سلسلو وڌيڪ هلي نه سگهيو.
ان کان پوءِ وري ”اسان جي دنيا“ نالي رسالو
ڪڍيوسون، پر اهو به ناقدرشناسيءَ جي ور چڙهي ويو.
گرامي صاحب جي خطن ظاهر ڪرڻ کان پوءِ ڇڏيون ٿا بي
حس سنڌي قوم تي، ته اهي هن عظيم ۽ باهمت، صابر ۽
قانع شخص جي پوين جي ڪهڙي ٿا مدد ڪن ۽ گرامي صاحب
جي سڄي زندگيءَ جي نچوڙ ۽ عرق مان، جيڪو هن پنهنجي
سنڌي قوم لاءِ پوئتي ڇڏيو آهي، ان مان ڪهڙو ٿا
فائدو وٺن ۽ سندس علمي ذخيري کي محفوظ ڪرڻ لاءِ
ڪهڙا ٿا اپاءَ وٺن.
گرامي صاحب جا مون وٽ سوين خط آهن، جي 1948ع کان
1961ع واري عرصي درميان لکيل آهن. هتي سندس چند
خطن مان ڪي ٽڪرا ڏجن ٿا، جن مان پوريءَ طرح پتو
پوندو ته مرحوم جي زندگي ڪهڙي نه تنگدستيءَ ۾
گذري!
خط
(1)
حيدرآباد سنڌ
7-نومبر 1949ع
...وچان تڪليف مون کي پهچي رهي آهي. حالت هيءَ
آهي، جونه ته رلي ٽپڙ پورو آهي ۽ نه سوڙيون. هُو
سوڙيون به نه ٿو باسي. چيو مانس ته خدا جا بندا،
تهه اونهاري ۾ ويا هئاسون، ٻيا ٽپڙ سڀ جاءِ ۾ ڇڏي
وياسون، باقي سوڙيون کنيو وياسون! هوُ ته نٿو
باسي، هاڻي ڇا ڪجي؟ زنانه ڪپڙا ۽ رلين جا چار
رنگين تهه يا پوش، اهي به نٿا باسين. باقي ڪجهه
ڪتاب ۽ انڌو منڊو بيڪار سامان ڏيڻ لاءِ به گوهيون
پيا ٿا ڪن. حالت هيءَ آهي جو نه امان الله کي ڪپڙا
آهن، نه گهر آهن. ڦاٽل ۽ ميرا ڪپڙا ڪيون، پيا ٿا
وقت گذارن نه گرم ڪپڙو آهي، نه ڇا! امان الله جا
گرم ڪوٽ، ٽوپ گرم، سئيٽر-سي به نٿا ڏين ۽ نه گهر
جا ڪپڙا، برقعو وغيره. منهنجي حالت هيءَ آهي جو
آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا.
فقط
غلام محمد گرامي
(2)
حيدرآباد سنڌ
7-ڊسمبر 1949ع
.... هنن ايترن ڏينهن ۾ ٽيون ڏينهن سامان
ڏيکاريائين. جامعه عربيه جي مٿي، پائخانن جي
ڀرسان، هڪ پراڻن ٽپڙن سان ڀريل ڪوٺيءَ ۾ ٽپڙ
اڇلائي ڇڏيا هئائون .سندن ظلم ڏسو، پيتين ۾ گند
وجهي، ڪتاب زناني برقعي ۾ وجهي رکيا اٿن. سوڙيون
غائب، باقي پراڻيون رليون، اخبارن جا فائيل ۽ سنهو
سامان، ڪتاب ڪپڙا سڀ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. ان مصيبت
سان گڏ ان ڪوٺي ۾ سارو سامان، ڪتاب، برقعو، رليون
سڀ اڏوهي کائي ويئي آهي. سامان اٿلائيندي
خوشقسمتيءَ سان اوهان جو مضمون لڀي پيو، ان سان
اڏوهي ڪهڙي حالت ڪئي آهي،سا روبرو ڏسجو....... ٿي
سگهي ته جهونا مارڪيٽ مان سهانگو ڪو گرم کٿو، مفلر
وغيره آڻيندا.
گرامي
(3)
حيدرباد سنڌ
7-مارچ 1951ع
........نهايت ۾ نهايت تنگ ۽ ناقابل ذڪر وقت گذري
رهيو آهي. پئسي نه هجڻ جي حالت ۾ کير بند ٿي ويو
آهي. منهنجي اک جي بيماريءَ جو دور وري شروع ٿيو
آهي. اک صفا چَٽ معلوم ٿي رهيو آهي ته اهڙين حالتن
۾ ئي ماڻهو ويچارا لاچار ٿي زهر کائيندا آهن!
.....موجودهه وقت ۾، هندستان جي اسلامي تاريخ جي
مد و جزر ۽ نشيب و فراز کي سمجهڻ وارا تمام ٿورا
ماڻهو آهن. باقي ماڻهن جو يڪ طرفه مطالعہ ۽
معلومات آهي، ۽ اهي ٻين جي فڪر تي هلن ٿا، پنهنجو
اجتهاد ڪو نه اٿن. مان گهران ٿو، ته اوهان خدا
ڪري، ته انهن ٿورن مان ٿيو ۽ هندستان جي اسلامي
تاريخ سان گڏ سياست کي سمجهڻ جهڙا ٿيو ۽ ٻين جي
تقليد ۽ فڪر کان جدا ٿي، ڪجهه سمجهي سگهو. ان لاءِ
ضرورت آهي ته اوهان سڀني جو لٽريچر پڙهو، پوءِ
امين ٿيو، پوءِ جو ڪجهه اوهان پيش ڪندا، اهو رڳو
ڌُڪا نه هوندو پر دليلن ۽ ثابتين سان هوندو. پوءِ
اوهان ليگ جي پاليسيءَ، قائداعظم جي پاليسيءَ،
پاڪستان متعلق جو ڪجهه چوندا، اهو مدلل هوندو:
جذباتي نه هوندو، هڪ محقق ۽ حق پسند لاءِ ضروري
آهي ته هر هڪ جي ڳالهه جي پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪري،
ڪنهن آخري نڪتي تي پهچي، پوءِ رايو قائم ڪري؛ ۽
پوءِ به تحقيق جاري رکيو اچي. ڪافي مطالع کان پوءِ
منجهس ايتري بصارت پيدا ٿيندي، جو کيس ڌپو پيو
پوندو، صفا اوندهه نه رهندي؛ ڪجهه روشني پيدا ٿي
پوندي، پوءِ تحقيق جاري رکي. ان حقيقت کي صفا چٽو
نه ڏسي، تيسين يقيني راءِ ۽ آخري فيصلو نه ڏئي.
اميد ته اوهين منهنجي ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهي ويا
هوندا. هي مضمون لکي اوهان منهنجي جذبات کي ڇيڙي
ڇڏيو آهي. دل گهري ٿي ته هر هڪ نڪتي تي مان پاڻ
پنهنجي ڪيل مطالع ۽ معلومات کي نهايت تحقيق سان
جمع ڪريان، پر ان محنت جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟
اوهان جو گرامي
(4)
حيدرآباد سنڌ
24-11-1959ع
.....وڏو عيال، پڪي شهر جي ضروريات. هر شيءَ
مهانگي. اهڙي دور ۾ 6-7 ڀاتي، آيو ويو ۽ معيار
وڏو. اهڙيءَ حالت ۾ محدود پورهئي ۽ اُپت مان ڪيئن
گذر ٿي سگهي ٿو، ان تي ڪڏهن ڪنهن سوچيو به آهي؟ ان
دور ۾، جنهن ۾ هر ڪو پنهنجي معاملي ۾ پورو آهي.
پاڻ کي نه ٻني ٻارو، نه زمين، نه زر. ٿورو گهڻو،
گهر ۾ اميد هئي، سا به ختم ، ڇالاءِ ته پاڙي واري
ڪليم ڀري جاءِ پنهنجي ڪري ورتي آهي. اهو ڪليم دار
شخص شاهوڪار آهي....... پنهنجي گهر چار ڪمرا آهن.
ان کي ڏهن هزارن کان مٿي سمجهي فيصلو ڪيو ويو آهي
۽ اهڙو اطلاع پهچي به چڪو آهي! هاڻ فقط ٽي سال
مسواڙي ٿي رهي سگهون ٿا، پوءِ جي خبر خدا کي.
زندگي ناڪامرانين سان سينگاري وئي آهي، بقول لطيف:
”خاص خليلن کي ٿو محب مارائي“.
گرامي
(5)
حيدرآباد سنڌ
.......... پوري سنڌي ادب ۽ سنڌ ۽ ان جي تهذيب ۽
ثقافت جي ترجماني ڪرڻ ۽ رائٽرس گلڊ جي سالياني
ميٽنگ، جنهن ۾ بنگالي، پنجابي، پشتو، بلوچي، سنڌي
۽ اردوءَ جا وڏا عالم موجود هئا. انهيءَ ۾ تقرير
ڪرڻ ۽ پنهنجي حالات کان واقف ڪرڻ لاءِ ههڙي نازڪ
دور ۾ نمائندو وڃي ۽ اهو هٿين خالي ٿرڊ ڪلاس ۾ ڌڪا
کائيندو وڃي! پوءِ ويهه ڪلاڪ ٿرڊ ڪلاس ۾ ويهي
گذارڻ، صبح جو 8 وڳي ميٽنگ ۾ وڃڻ ۽ ٽي ڏينهن ميٽنگ
اٽينڊ ڪرڻ.........مان جنهن به حيثيت سان، اتي ڪم
ڪري رهيو آهيان، اهو نهايت قابل قدر آهي؛ پر ڏک
اٿم ته هت....... قوم جي ترجماني ڪندڙن جي بيڪسيءَ
تي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو وقت تي غلط طريقي سان سوچين
ٿا ۽ اجايو وهم ڪن ٿا. اتي ڇا وهيو واپريو، اهو
روبرو ٻڌائبو.
اوهان جوگرامي
گرامي صاحب مرحوم جي ڪجهه خطن جي ڪجهه حصن پڙهڻ
کان پوءِ اميد ته ان اندازي لڳائڻ ۾ مشڪل نه
سمجهندا ته مرحوم جي ابتدائي يا بعد جي زندگي،
ڪهڙين ڏکوئيندڙ مالي پريشانين ۾ گذري. هونءَ به
گرامي صاحب زندهه هو ته سنڌ جي عام ماڻهوءَ کي ته
ڇا، بلڪ سواءِ چند شخصيتن جي خبر نه هئي ته گرامي
صاحب ڇا هو. فوت ٿيو ته سڀني کي معلوم ٿيو ته
گرامي صاحب مرحوم ڪا شيءَ هو، حقيقت هو، علم هو،
تحقيق هو، جستجو هو، سنڌ ۽ سنڌي زبان ڄاڻندڙ ۽ ان
جي بقا لاءِ پتوڙيندڙن مان هڪ هو!
قارئين، گرامي صاحب مرحوم جي روح جي تسڪين، کيس
خراج عقيدت يا سندس شان ۾ نمبرن ڪڍڻ ۽ ڏينهن
ملهائڻ ۾ نه ٿي سگهندي! ۽ نه ڪي اهوئي سندس قيمت ۽
قدر ۽ صحيح سڃاڻ ٿيندي ته اسين فقط اخبارن، رسالن
۽ سندس ڏينهن ملهائڻ سان گرامي صاحب جي فڪر ۽ علم
۽ سنڌ ۽ سنڌين جي علمي خدمت جو کيس صحيح عيوضو ڏيڻ
جي دعوا ڪري سگهنداسون. اصل مقصد سندس ڪيل تحقيقن
۽ رکيل مواد کي سنڌي قوم جي اڳيان ظاهر ڪرڻو آهي ۽
سندس مفلوڪ الحال عيال جي پرگهور لهڻي آهي، جنهن
لاءِ اخلاص، محنت، عزم، حوصلي ۽ نيڪ نيتيءَ جي
ضرورت آهي.
گرامي صاحب جي باري ۾ جو ڪجهه علمي ۽ ادبي حلقا،
جنهن انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهن، اهو
به سٺو ۽ ضروري آهي؛ پر اصل شيءَ ۽ مقصد لاءِ جي
ڪجهه نه ڪيو ويو ته واقعي اسين اڃا مردهه ۽ قبر
پرست قوم ئي آهيون ۽ ڪڏهن به شعور ۽ حوصلي ڪرڻ جي
صلاحيت ۽ لياقت نه اٿئون، جا ڪنهن قوم ۾ هئڻ
گهرجي.
حيدر علي لغاري
آهه! سائين گرامي
ڪنهن قوم ۽ سماج جي ماڻهن جي بيدار ۽ باشعور، بلڪ
باضمير هجڻ جي فوري علامت اها سمجهڻ گهرجي، ته
انهن ۾ پنهنجن عالمن، شاعرن ۽ دانشورن لاءِ احترام
۽ قدر شناسيءَ جو جذبو ڪيترو آهي ۽ هو ان جو اظهار
ڪيئن ٿا ڪن.
هونئن ته ڪنهن به دور ۾ ”ماڻهن“، ڪنهن اهڙي نيڪ ۽
ڳُڻائتي انسان جي جهد ۽ مهم کي، هڪدم ته قبول ڪو
نه ڪيو آهي، جنهن روح ِ عصر جي تقاضائن کي سمجهي،
معاشري جي ڪن مُدي خارج روايتي قدرن ۽ بي روح رسمن
خلاف، ڪنهن ترميم ۽ اصلاح جي آڇ ڪئي آهي. ان سلسلي
۾ ماڻهن جو فوري رد عمل، هميشه کان مزاحمانه ۽
باغيانه رهيو آهي: وڏين آزمائشن، مشڪلاتن ۽
قربانين کان پوءِ، بتدريج، چند ماڻهن حقائق جي
اهيمت ۽ وقت جي قيمتي مطالبن جي نزاڪتن کي مڃيو ۽
سمجهيو آهي. وڏن وڏن اوُل العزم پيغمبرن، مصلحن ۽
مخلص عارفن ۽ رهنمائن، اِن نسبت سان ماڻهن طرفان
هڪ طويل استهزاء، تمسخر ۽ اوباش علميِ جي آزاريندڙ
سلسلي کي سَٺو ۽ برداشت ڪيو آهي. عملي و فهم، حق،
حسن ۽ امن جي ذوق کي عام ڪرڻ لاءِ ايترين لاتعداد
۽ پر خلوص ڪوششن ۽ قربانين جي باوجود، انسان اڃا
خام ۽ ناتمام آهي، نابين ۽ ناشناس آهي. اڃا به
دوکيبازي ۽ دوکيسازي، فتنو ۽ فساد، تعصب ۽ حسد،
ظلم ۽ وحشانيت، سندس سرشت ۾ جيئن جوتيئن سمايا پيا
آهن. جذباتي ۽ نفسياتي طور تي، هُو پاڻ ۾ امن، خير
۽ عدل جي قدرن لاءِ، اڃا ڪابه قابل ِ قدر گنجائش ۽
قابل ِ ذڪر پنهنجائپ پيدا ڪري نه سگهيو آهي،......
لهاذا خير و شر جي نبرد آزمائي جو، اهو عجيب ۽
عظيم تاريخي جدلياتي سلسلو جاري آهي ۽ تاريخ ۾
اهڙن ماڻهن جي ڳڻپ پنهنجي شايان ِ شان تعارف ۽
تصديق سان ضرور ٿيندي رهي ٿي، جن اِن پراسرار
تاريخي جدل ۾ خير جو، حق جو ۽ عدل جو نمايان ساٿ
ڏنو آهي ۽ پنهنجي قوت ۽ صلاحيت کي، ديانتداريءَ
سان انهيءَ راهه ۾ صَرف ۽ استعمال ڪيو آهي؛ ڪنهن
علمي ۽ قلمي، فڪر ۽ عملي جهد ۽ جهاد آهي؛ لهاذا
اُهي مڙيئي صاحب ِ علم ۽ صاحب ِ قلم حضرات، اِن
شاهڪار سلسلي جا قابل ِ قدر ڪارڪن آهن، پوءِ اُهو
شاعر هجي، مصور هجي، موسيقار هجي، ڪهاڻيڪار يا
ناول نگار هجي، سڀيئي اِن هڪ ئي سلسلي جا سپاهي
آهن، واجب التعظيم سپاهي.
اسان جي سرزمين جي اهڙن ئي ڳاڻ ڳڻين سپاهين مان،
گرامي به هڪڙي اهم جڳهه والاري ٿو، مگر شڪايت ۽
افسوس اهو ئي آهي، ته هميشه وانگر اسان وٽ هُن
لاءِ به اُهو مقام، اُها جاءِ ۽ اُها حيثيت متعين
۽ مقرر ڪانه ٿي سگهي، جا هُن لاءِ جُڳائيندي هئي،
اڄ به هُن جي شخصيت ۽ ذات متعلق، عجيب چميگويون ۽
نشتر زنيون ٿي رهيو آهن: ڪوسندس مفلسي ۽ مفلوڪ
الحاليءَ تي مَڇ جا لڙُڪ پيو وهائي، ڪيترن ”پڙهيل
ڪڙهيل“ صاحبن کي سندس معتقدات ۾ سقم پيا نظر اچن،
ڪو کيس شرعي پيمانن ۾ تورڻ ۽ نام نهاد مسلماني مان
خارج ڪرڻ جا سانباهه پيو ڪري........ ڪيترا
سائينءَ جا سنواريا، علم ۽ ادب جي نالي ۾ نسوري
جهل ۽ رجعت جو ڪاروبار ڪرڻ وارا تنگ نظر، متعصب ۽
مفلوج ذهن، کيس جيئري ئي سوريءَ جو سزاوار قرار
ڏيو ويٺا هئا!
ويهين صديءَ جي عصري ۽ ضميري تقاضا، ته الائي اسان
مان ڪيترن ڪيتري ۽ ڪيئن سمجهي آهي.......... اڃا
به بشر جي شخصيت کي پرکڻ لاءِ، سندس هندو هجڻ،
مسلمان هجڻ، عيسائي ۽ يهودي هجڻ کي معيار بنايو
وڃي ٿو! ڇا ڪنهن شخص جي عظمت يا حيثيت ۽ افاديت جي
تعين لاءِ ايترو ڪافي نه هي ته هُو هڪڙو عالم آهي،
شاعر آهي، مفڪر آهي، دانشور آهي، سائنسدان آهي ۽
انسان آهي ۽ بس!
هاڻ نه پر هميشهه کان، مذهب ۽ ان جا معتقدات خود
هڪڙو تاويل طلب ۽ محتاج تعبير مسئلو رهندو آيو
آهي، لهاذا هر شخص وٽ مذهب جي تشريح سندس ذوق،
مزاج ۽ مطالعي جي روءِ سان ئي قائم ٿيل آهي. هن
مرحلي تي انسانذات لاءِ ڪنهن مخصوص نقطه نظر،
نظريه حيات يا مذهبي فلسفي کي لازمي ۽ جبري قرار
ڏيڻ ۽ انسانن جي ڪردار کي اهڙين نسبتن ۽ زاوين سان
پَرکڻ، هڪ مجذوبانه حرڪت ئي آهي، ٻيو ان کي ڇا ٿو
چئي سگهجي! ازنسواءِ اسان جو معاشرو، جنهن جو
تقريباً هر فرد، في الوقت بنا محنت اجرت جي تمنا ۽
تصور جوشڪار ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ چڱا موچارا ۽ ڏسڻا
وائسڻا، بظاهر پڙهيل ڪڙهيل به پنهنجي وقت ۽
مصروفيت جي منصافنه تقسيم تي قادر ڪو نه آهن! جنهن
۾ جهد جو انگ غائب ٿيندو وڃي...... شايد اديبن ۽
عالمن جي ڏات تي، جنهن جي ڪري ڪس ۽ ڪٽ چڙهندو ٿو
وڃي،اهڙي صورتحال ۾ گرامي اسان ماڻهن لاءِ، علمي
جهد ۽ ادبي جفاڪشيءَ جو هڪڙو عمدو مثال ٿي، اسان
جي آڏو اچي ٿو. پاڻ (جيتريقدر مون کي معلوم آهي)
مسلسل سوچيندو رهيو، لکندو رهيو، لوچيندو
رهيو....... قطع نظر ان ڳالهه جي، ته کيس اُجرت
ڪيتري ٿي ملي، سندس لاءِ ٻيو ڪو ڇا ٿو چوي يا لکي!
پاڻ (جيتريقدرمنهنجو مشاهدو آهي) ڪڏهن رسمي طور
به ڪنهن شخص کان، ڪا شڪايت ڪانه سانڍيائين. پاڻ
جڏهن تڏهن اهڙي حوالي ۽ عنديه وقت ائين چوندو هو
ته ماڻهو اڄڪلهه بيحد پريشان آهن، مسئلن ۽
مونجهارن جا ماريل آهن، انهن کان اهڙين ڳالهين جي
توقع ئي رکي سگهجي ٿي. سندس هي قول وسارئي نٿو
وسري ته ”ميان! ماڻهو ٻَڌل نه آهن ته پاڻ سان هلن،
پاڻ ٻَڌل آهيون ته هُنن سان هلون.“
سندس شخصيت جي ٻي نمايان خوبي ۽ خصوصيت هئي:
”تخيلقي درد“—اُها پيڙا، جنهن مان سندس مشاهدي ۽
محسوسات جو رد عمل سيڙجي ۽ پيڙجي نڪرندو هو.
زندگيءَ جي گَهراين، بيقرارين ۽ چڪندڙ گهائن کي
قريب ٿيڻ جو اونو........ معنائن کي ڳولي لهڻ جو
اشتياق........اهوئي ته هڪڙي عالم ۽ عارف جي
زندگيءَ جو قابل قدر اثاث ۽ سرمايو آهي ۽ ڪير
چوندو ۽ نه مڃيندو، ته گرامي صاحب اِن سرمايي کان
وانجهو هو، ورنه اسان جي هن معاشري ۾ اڪثر عالمن ۽
اديبن طرفان، زندگيءَ جي پيڙيندڙ گهاڻن ۽ پيچيدهه
مسئلن کان لاتعلقي بجاءِ خود هڪڙو نازڪ ۽ هولناڪ
مسئلو آهي!
”علم جي اصليت ڪتابن ۾ نه بلڪ زندهه شخصيتن جي
سينن ۾ محجوب ۽ مستور آهي. ڪتاب اُن اصل جو نقل
آهي. صاحب ڪتاب جي صحبت ۽ تربيت کان سواءِ ڪتاب جو
مطالعو ڪيئي خدشا ۽ وسوسا، گمان ۽ غلط فهميون
پيدا ڪري ٿو. نهاد علم نه آهي گمان، نه تخمين، بلڪ
علم جي منزل آهي يقين.....علم اليقين، حق اليقين،
جا محض ڪتب بيني ۽ ورق گرداني سان حاصل نٿي ٿئي.“
هي آهن ان گرامي قدر، زندهه دل، اهل ِ نظر جا ٻول،
جيڪو اوچتو اسان کان جدا ٿي ويو.
اِهو سچ آهي، ته ڪتاب جي اهميت به صاحب ِ ڪتاب جي
صحبت ۽ تربيت سان ئي قائم آهي. علم ۽ ان جي ماهيت
جو مسَڪن آهي انسان جو قلب، انسان جو شعور ۽
ادراڪ؛ لهاذا استاد ۽ شاگرد، معلم ۽ متعلوم جو
هڪٻئي سان، براءِ راست واسطو به شعوري ۽ قلبي آهي
۽ نه ڪتابي ۽ اڪتسابي. اڄڪلهه اسان وٽ ڪتاب
جوٻائيتال وڌي ويوآهي؛ شعوري ۽ قلبي رشتا ڪٽجي ۽
گهٽجي رهيا آهن. اهي شخصيتن جيڪي عالمن، استادن،
محولمن ۽ تعليمي ماهرن جي مسذن تي ويهاريا ويا
آهن. تن مان اڪثر شعور ۽ قلب جي رشتيداري (پنهنجن
عالم استادن جي آداب صحبت ۽ جذب و اڪتساب) جا
مرحلا ڪماحقه طئي نه ڪيا آهن. لهاذا سندن تاويلات
۽ تشريحات ۾ معنيٰ ۽ مفهوم جي افسوسناڪ کوٽ آهي.
طالب العلم اطمينان جي بجاءِ، هيجان جو شڪار آهي؛
اعتماد جي بدران بي اعتمادي يا خود فريبي ۾ مبتلا
آهي. ڇاڪاڻ ته نام نهاد استاد خود صحتمند علمي ۽
شعوري ذائقي کان محروم آهي، ڪتابن ۽ نوٽبڪن جو حد
کان زيادهه محتاج آهي، لفظي ليکي جو رواج مرض جي
حد تائين وڌي ويو آهي، ماڻهو سکڻا سينا ۽ ويران
ذهن کنيو، جُبَن ۽ ڪتابن ۾ پنهنجي ويراني ويڙهيو
وتن، مثبت علمي تحقيق ۽ جستجو جو نالو نشان ڪونهي،
شاگرد ۽ استاد ٻنهي جي شخصيت منفي رويي ۽ مبهم
زاويي جو شڪار آهي. ايجاب و قبول، جذب ۽ وهب سڀ
غائب! ”علم“ جو به ماڻهو ائين ٿا ڪسب ڪن، جيئن ڪا
مِل جي مزوري يا بيگار ۽ ونگار! علم جهڙي مقدس قدر
جو واسطو، ماڻهن جي ”غم روزگار“ سان ايترو ته وڌي
وڻ ٿي ويو آهي، جو علم ۽ ان سان وابسته سڀني
انساني ناتن ۽ رشتن جو صرف هڪڙو متن وڃي باقي بچيو
آهي، جو آهي اُجرت...... گهٽيا ۽ نيچ اُجرت، پئسو
۽ دولت......... اهڙي ڏڪار جي ڏيهه مان، جيڪڏهن
غلام محمد گرامي جهڙو صاحب ِ نظر محقق، دل نواز
اديب ۽ باشعور باذوق دانشور ناگهان هليو وڃي ته
سنڌ ۽ اهل سنڌ لاءِ سندس انتقال، ڪنهن به عظيم
سانحي کان گهٽ نه آهي. سندن ئي نقط،خيال موجب-
علم........
انقباض کان انبساط ڏانهن
نفي کان اثبات ڏانهن
ابهام کان انشراح ڏانهن
وهم کان فهم ڏانهن
تعصب ۽ تنگدلي کان
فياضي ۽ زندهه دلي ڏانهن
هڪ لطيف شعوري سفر آهي، جو سوز ۽ سرور جي وارداتن
سان مالا مال آهي؛ جنهن جو ڪو ڇيڙو ۽ ڇيهه آهي ئي
ڪانه.
افسوس جو فن ۽ علم جي جنس جو هي پارکو وڻجارو،
ڪمهلو اسان وٽان موڪلائي ويو. سندس ڀرپور شخصيت
متعلق، منهنجي طرفان ڪجهه لکڻ کي شايد مبالغو
سمجهيو وڃي، ڇاڪاڻ ته منهنجو ناتو ۽ نسبت سندس هڪ
حبدار شاگرد کان وڌيڪ ڪو نه آهي؛ مگر مون وانگر
ٻيا ڪيترا طالب العلم، خدا ڪارڻ اها گواهي ضرور
ڏيندا، ته هنن پنهنجي اسڪولن، مدرسن، ڪاليجن ويندي
يونيورسٽين ۾ ورهين جي رسمي تعليمي ماحول ۽ صحبتن
مان، زندگيءَ ۽ ان جي مسئلن متعلق ايترو علمي
تعارف حاصل ڪونه ڪيو هوندو، جيترو گرامي صاحب جي
چند صحبتن جي نجي، غير رسمي بي تڪلف رهاڻ مان.
سندس پسنديدهه موضوع جيتوڻيڪ ادب، عمرانيات،
دينيات ۽ تصوف هئا، مگر سندس دسترس نفسيات، فلسفي،
فلڪيات، صحافت، سياسيات، تاريخ ۽ موسيقيءَ تي به
هڪ جهڙي همه گير هئي. پاڻ ڪنهن به علمي ۽ فني
موضوع تي، في البديہ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پُر مغز ۽
معنيٰ خيز گفتگو ڪري ويندا هئا.
حيدرآباد شهر جا ادبي ۽ تعليمي ادارا، جڏهن به
علمي تقريبات جي سلسلي ۾ شهر جي عالمن، ديبن ۽
مقررن کي اظهار خيال جي دعوت ڏيندا هئا، تڏهن
حاضرين ۽ سامعين گرامي صاحب جي پُر گوئي ۽ سحر
بياني هميشه هڪڙي امتيازي اشتياق سان ٻُڌندو ۽ ان
مان مستفيض ۽ محظوظ ٿيندا هئا. هونئن ته اسان وٽ
ادب ۽ شاعريءَ جي نالي ۾ لفظي صنعتگيري، نقالي، بي
مغز ۽ بي روح تُڪ بنديءَ جي ڪَمي ڪانهي، مگر
تحقيقي ۽ تخليقي اصليت جي وڏي اڻاٺ آهي. ان جا سبب
ته ڪيئي ٿي سگهن ٿا، مگر هڪ وڏو ۽ اهم سبب اهو به
آهي، ته اسان جا اڪثر اديب ۽ شاعر پنهنجي فڪر ۽
شعور جي بلوغت ۽ بلاغت جي هڪ اهم ضرورت کان بي
نياز ۽ محروم آهن. اِن مان منهنجو مطلب مطالعه ۽
آداب ِ مطالعه آهي. ڪنهن به موضوع ۽ مضمون جو
ڀرپور، وسيع، منظم، مسلسل ۽ ڳوُڙهو اڀياس_ اسانجن
ڪيترن اديبن اِن حقيقت کي ضرورت قرار ئي ڪو نه ڏنو
آهي، انهيءَ ڪري مجموعي طور اُن بصيرت ۽ ادبي
فضيلت جي ڏاڍي کوٽ آهي، جيڪا ڪنهن ادبي پيشڪش کي
شاهڪار بنائڻ لاءِ لازمي آهي.
گرامي صاحب پنهنجي دور جي انهن ڳاڻ ڳڻين عالمن ۽
اديبن مان هو، جن جو مطالعو وسيع آهي ۽ گهرو به.
سندس ذاتي لائبريري سوين قيمتي ۽ ناياب ڪتابن تي
مشتمل آهي. مطالعو ۽ اڀياس نه رڳو ضرورت پر سندس
فطرت بنجي چڪو هو. ان سان گڏو گڏ، ڏات ۽ صلاحيت
سندس علم ۽ ادراڪ کي جا نُدرت ۽ فضيلت بخشي هئي،
اُن جي يگانگت ڪِن سندس همعصر عالمن ۽ اديبن ۾ رشڪ
۽ رقابت جو عنصر پيدا ڪيو، جنهن جو اڪثر اوقات
بيجا اظهار به انهن حضرات طرفان ٿيندو رهيو، مگر
پاڻ ڪڏهن به ان کان متاثر نه ٿيو. علمي بحث ۽ نقد
و نظر کي، هميشه ان جي منطقي حدن اندر ۽ اصولن
پٽاندر پَچارڻ ۽ طئه ڪرڻ جو قائل رهيو_ ظرف و
نگاهه جو اهو حُسن ۽ توازن، اسان جي سماج جي ڪن
ٿورن عالمن کي نصيب آهي.
اسان وٽ گروهه بنديون، مجهول ۽ متعصب ماڻهن جا
انبوهه، ڪنهن واجب التعظيم انسان جي مقام کي متعين
ڪرڻ ته ڇا، پر ڪنهن به شيءَ جي حقيقت ۽ اهميت جو
ڪماحقه اعتراف ڪرڻ به نٿا ڏين. اهڙي نفسانفسيءَ ۽
افراتفريءَ جي ماحول ۾، جيڪڏهن گرامي صاحب جي
شخصيت ڪن پهلوئن کان متنازع بنيل هجي، ته ان ۾ ڪو
هرج ۽ اچرج ڪونهي. ائين ته هر دور ۾ ٿيندو آيو
آهي. پر اسان جي سماج ۾ خود ادبي ۽ علمي حلقا،
اهڙن ته خسيس مسئلن ۽ مامرن تي ورهايا ۽ وڇڙيا وتن
۽ هڪٻئي سان، عدم و- تعاون جي راهن تي هلندا ٿا
رهن، جو چند لمحن لاءِ، جيڪڏهن خود اُهي حضرات پاڻ
ئي سنجيدگيءَ ۽ اعتدال سان، حقائق جو جائزو وٺن،
ته پاڻ ئي پنهنجين نادانين ۽ زيادتين جي خسيسپڻي
تي شرمائجي پون، مگر هوڏ ۽ حسد جو علاج ڪيئن ٿئي.
ٻئي ڪنهن به معاشري ۾ علمي ۽ ادبي حلقا، منهنجي
خيال ۾ هڪٻئي خلاف، اهڙي ڇڪتاڻ ۾ مبتلا ڪو نه
هوندا، جنهن لاءِ ڪي معقول ۽ مناسب سببئي موجود نه
هجن. اهڙيءَ صورتحال لاءِ، سواءِ هن درد مندانه
گذارش ۽ اپيل جي، ٻيو ڪجهه ڇا ٿو چئِي ۽ ڪري
سگهجي، ته شال حُسن ۽ سُخن جي قدرن جا هي پاسبان،
پنهنجن انهن قباحتن کي محسوس ڪري، انهن جي تلافي
لاءِ ڪو هڪٻئي سان بنادير تعاون ڪن ۽ پنهنجي مقام
۽ مرتبي جي اصليت ڏانهن متوجهه ٿين ۽ ان جي حقيقت
جو ڀرم رکن. شال ائين ٿئي!
گرامي صاحب اهل ِ دل بزرگن ۽ اولياء الله جوذڪر
سدائين محبت ۽ رقت سان ڪندو هو. سنڌ توڙي هند جي
تقريبن سڀني اهل ِ دل بزرگن جي سوانح ۽ سلسلا،
سندس مطالع ڪيل هئا. ازانسواءِ عرب، ايران ۽ ترڪي
جي پڻ ڪيترن بزرگن جو ڪلام، ملفوظات ۽ سوانح حيات
به سندس ياد داشت جي زينت هئا. سنڌ ۾ لطيف رح،
لواري شريف جي خواجه محمد زمان رح، هالا جي مخدوم
نوح رح، جهوڪ جي شاهه شهيد رح ۽ درازا جي سچل رح
جي ڪلام ۽ سوانح، فن ۽ فڪر جو تقابلي مطالعو ۽
درڪ، گرامي صاحب جي گنجينه فڪر جو خاص خزانو هو.
سندس چوڻ هو ته اهڙا اهل ِ دل انسان، ڪائنات ۽
انسان ذات جي تخليقي خوبين جونچوڙ ۽ مظهر آهن.
عالمن ۽ عارفن جا ضعف ۽ سقم به عام خلق جي نيڪين ۽
چڱاين کان زيادهه قيمتي ۽ وزنائتا آهن. پاڻ سنڌ جي
وڏي ۾ وڏي باڪمال عالم ۽ عارف علامه قاضي صاحب جن
جا خاص صحبتي ۽ ساٿي هئا ۽ جڏهن به علامه قاضي
صاحب جن جو ذڪر ِ خير ڪندا هئا ته سندن قرب ۽ ڪمال
کي وڏي حُب ۽ سوز سان بيان ڪندا هئا. قاضي صاحب
سان رهاڻ وقت ڪيئي دقيق ۽ باريڪ علمي مسئلا سندن
زير بحث ايندا هئا. پاڻ اڪثر چوندا هئا ته لطيف رح
کان پوءِ علامه قاضي صاحب سنڌ جو عظيم ترين انسان
آهي.
گرامي صاحب سدائين پنهنجن پراون، ننڍن وڏن ۽ چڱن
مَٺن سان نيڪ نيتي ۽ خير سگاليءَ جي جذبي سان پيش
ايندو رهيو. سندس گذر اوقات، مصروفيات ۽ حالات،
جيتوڻيڪ دخل در معقولات کان آجو ڪو نه هئا، تڏهن
به هن وسيع المشرب بزرگ هميشه ڪشادهه دليءَ ۽
خندهه پيشانيءَ سان انهن کي سٺَو. سندس اها وڏي
خوبي هئي جو پاڻ طبع جي خلاف ماحول ۽ ماڻهن سان
هلي۽ نباهي ڇاڻندا هئا اهل نظر ڄاڻن ٿا ته اهو
نباهه بجاءِ خود، هڪ صاحب ڪمال جو وڏو اهڃاڻ آهي.
سندس محفل ۽ مجلس ۾ سدائين پنهنجائپ واري ڪيفيت
محسوس ٿيندي هئي. پاڻ خود تڪلف ۽ بيجا آداب ِ محفل
کان گران باري محسوس ڪندا هئا.
اسان ننڍن ۽ طالبن سان سندن رويو اهڙو ته شفقت
ڀريو ۽ قربائتو هوندو هو، جو اسان مان ڪيترا بعض
وقتن تي گستاخيءَ جي حدن تائين ساڻن ڏاڍو حُجائتو
ڳالهائيندا ۽ پيش ايندا هئا، مگر پاڻ ناراض ٿيڻ يا
ڪنهن تنبيهه ڪرڻ بجاءِ کلندي مسڪرائيندي اسان جون
نادانيون ۽ زيادتيون نظرانداز ڪري ڇڏيندا هئا.
سندن فيض نگاهه ۽ فڪر انگيز درسگاهه مان ڪيئي
فيضياب ٿيا، سندن رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪيترن
نون طالبن کي علم ۽ فن جي آداب سان روشناس ڪيو.
سندس مسلڪ صلح ڪل وارو هو. پاڻ لهاذا ڪنهن خاص
ڪمتب ِ فڪر سان، منهنجي خيال ۾، وابسته نه هو، رند
مشرب انسان هو. زندگيءَ کي جنهن اونهائيءَ ۽
ڪشادگيءَ سان هُن ڏٺو، سَٺو ۽ محسوسو ڪيو، ان جي
پيش نظر کيس ڪنهن به مخصوص گروهه سان منسلڪ ڪرڻ
مشڪل آهي.
گرامي صاحب جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن ۽
سرگرمين جي ڪيف و ڪم کي ڇا پچارجي؟ قلم جي هن ماهر
شهسوار، ڪهڙو محاذ آهي، جو سَر نه ڪيو هجي؛ ڪهڙو
موضوع آهي، جنهن کي تشنه ڇڏي ڏنو هجي. ملڪ جي ٽڙيل
پکڙيل انهن رسالن، مخزنن، اخبارن جي ڪالمن وغيره
کي ڇڏي، جن وقت بوقت سندس محققانه ۽ مفڪرانه
مضمون شايع ٿيندا رهيا، رڳو سنڌي ادبي بورڊ جي
رسالي مهراڻ جا گذريل 20-25 سالن جا پرچا اٿلائي
ڏسو، جن ۾ سندس هر هڪ اداريو ”گذارش“ بجاءِ خود هڪ
اهم تحقيقي، علمي ۽ فڪري دستاويز آهي. اهو سرمايو
پنهنجي ليکي وڏو عالمانه ۽ محققانه ذخيرو آهي،
جنهن کي جيڪڏهن احتياط، محنت ۽ هوشمنديءَ سان
سيهڙيو ۽ ترتيب ڏنو وڃي ته اهو مواد، معيار توڙي
مقدار جي لحاظ کان، هڪ مڪمل ريسرچ ۽ ضخيم سائيڪلو
پيڊيا کان گهٽ ڪو نه آهي. ان کان سواءِ سندس خصوصي
مقالو ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ هڪ
بهترين علمي ۽ ادبي شاهڪار آهي، جنهن ۾ پاڻ جنهن
سائنٽفڪ انداز سان مشرق جي قديم توڙي جديد
شاعريءَ جي موضوعات، مضامين، اساليب ۽ هيئت وغيره
جو جيڪو ناقدانه فنڪاره جائزو ورتو اٿس ۽ جيڪا عرق
ريزي ۽ فڪري مشقت ڪئي اٿس، تنهن اُن دستاويز کي هڪ
لاجواب ۽ بي مثال شاهڪار جو درجو ڏيئي ڇڏيو آهي.
اهي سڀ اهڙا ثبوت آهن، جن جي ڪري اسان جي سنڌي
ٻولي ۽ سنڌي ادب ۾ گرامي صاحب کي هڪڙي امر ۽ دائمي
حيثيت حاصل رهندي؛ مگر اسان اهل ِ سنڌ اهڙِي محسن
۽ محبوب سُخنور ۽ دانشور کي سندس زندگيءَ ۾ ڇا
ڏنو؟ اسان جي هن زرپرست سماج ۾ اهليت، صلاحيت ۽
ڏات جي پيش ِنظر زندگيءَ جي ڪهڙي ”نعمت“، ڪنهن کي،
ڪيتري تقسيم ٿي ملي ٿي! نعمت ته ٺهيو، پر رڳو
سهوليت ۽ ادانيٰ رعايت جو حقدار به اسان جي ههڙي
دانشور کي نه قرار ڏنو ويو، جيڪو عرصي کان رت جي
دٻاءَ جو مريض هو، مگر ڪنهن ماهر ڊاڪٽر جي علاج جو
مجاز نه هو! هونءَ ته اهڙن لاکيڻن ۽ پهڳڻن جي صحت
۽ تندرستي جي سار ۽ سنڀال لاءِ ڪنهن مستقل، لاڳيتي
۽ وقتائتي طبي معائني ۽ باقاعدهه علاج جو انتظام
هئن گهرجي، اهو هنن جو حق آهي؛ مگر ڇِٽيَ ڇهه ماهي
به ههڙن شخصن کي رڳو معائني جي بار سهڻ جوڳو بهنه
بنايو ويو..... الائي ڪٿي ڪا سٽ لکيل هئي ته
جيڪي مئي ڪندا، سوجانب ڪريو جيئري!
اُها مهل ته اسان کان ويئي، هاڻ به هن جي پوين
لاءِ ڪجهه ڪرڻ کي فرض ۾ داخل سمجهڻ گهرجي. سنڌي
ادبي بورڊ جا دور ديوار گرامي صاحب جي عالمانه ۽
سُخنورانه سڳنڌ سان واسيا پيا آهن. انهن ڀيڻين کي
ڏسڻ پسڻ وارا وس ۽ اختيار وارا صاحب، آءُ سمجهان
ٿو ته ان ڳالهه لاءِ ترسيا ڪو نه ويٺا هوندا ته
اپيلون اچن، گذارشون ٿين ۽ قراردادون شايع ٿين، ته
پوءِ ڪجهه ڪجي يا ڪرڻ گهرجي.
فرياد ۽ داد جو رشتو کڻي پاڻ ۾ آهي، مگر هي ته
اهڙي طرز جو خاموش فرياد آهي جو ازخود پيو دل جي
ڪنن تي دکئي ۽ ٻُري. ان کان وڌ ٻي ڪهڙي صدا درڪار
آهي!
ڊاڪٽر گل حسن لغاري
.......رفتيد، ولي نرفتيد از دلِ ما
مولانا غلام محمد ”گرامي“ مرحوم جي شخصيت جو جدا
ٿيڻ، ته امرممڪن ضرور هو، پر اوچتو ئي اوچتو، سندس
مفارقت، وسهڻ کان بالاتر هئي! سندس جاذب شخصيت،
خوش گفتاري، دوست نوازي، شعر و سخن جي جادوگري،
علم و دانش جي فيض پاشي، رندي و قلندري، سرمستي و
سر جوشي اڄ به سندس تحريرن ۾ موجود آهي. گفتار و
رفتار ۾ مولانا مرحوم وٽان، ٻارن کان ويندي پوڙهن
تائين، سندس محفل مان خوش ٿي اٿندو. فلسفي، ادب،
شعر يا مذهب تي کليءَ دل سان ڪچهريون ۽ روح
رهاڻيون، انهن کي هر گز نه وسرنديون، جيڪي سندس
صحبتي ۽نزديڪ پئي رهيا آهن. سندس ڪچهريءَ لاءِ به
ڪشاده دلي ۽ غير متعصب ذهنيت جي ضرورت هئي؛ ڇو ته
ريا ۽ جاهه و جلال مولانا مرحوم کي هميشہ ناپسند
هوندو هو ۽ بقول حافظ شيرازي:
اَتش زَرّق وريا خرمن ِ دين خواهد سوخت،
حافظ اين خرقہ پشيمنہ بيندازوبرو.
ڇ
(جاهه و جلال ۽ ظاهر داري، دين جي کري (يعني دين
جي اصليت) کي جلائي ڇڏيندي؛ اي حافظ! اهو ظاهري
دينداريءَ وارو ريشمي چوغو ڇڏي ڏي، ۽ اها جوُءِ
ڇڏي، ڀڄي وڃ.)
ان ڪري مولانا مرحوم جي فلسفي، فڪر ۽ سندس ذهني
صلاحيتن کي سمجهڻ، ان کي سانڍڻ ۽ سهيڙڻ ۽ اها پرک
رکڻ وارن جو حلقو، شروع ۾ ته واقعي قليل ۽ ڪمزور
هو؛ ليڪن وقت گذرڻ بعد، سندس فڪري ڪوششون ۽ ذهني
صلاحيتون، عملي طور عيان ٿيڻ لڳيون. اسان جي
نوجوان طبقي، پنهنجي بار آور صلاحيتن کان ڪم وٺڻ
شروع ڪيو ۽ بيگانگيءَ کان آشنائيءَ جي رستي تي
گامزن ٿيا ۽ پنهنجائيءَ کي سمجهڻ جي صلاحيت پيدا
ڪيائون:
مريد ِ طاعت ِ بيگانگان مشو حافظ،
ولي معاشر ِ رندان اَشنا ميباش!
ڇ
(اي حافظ! ڌارين جي پيروي نه ڪر؛ پر جيڪي آشنا
رند آهن، انهن جو صحبتي ٿيءُ)
مولانا مرحوم جي زندگيءَ جو هر هڪ پهلو بنا فڪرو
مقصد جي نه هو. ڪهڙي به محفل هجي، حضرت لطيف
سائينءَ جو ڏينهن هجي، سچل سرمست جي ورسي هجي يا
خانه فرهنگ ايران حيدرآباد ۾ ڪا تقريب هجي؛ مولانا
مرحوم جي شيرين بياني ۽ خوش ڪلامي، سعدي و حافظ،
رومي و جامي يا ڪنهن به شاعر يا فلسفي تي هجي؛
سمجهڻ ۾ ائين ايندو هو، ته سندس مطالعي جي
گهرائيءَ تائين پهچڻ، آسان نه آهي.
منهنجون ملاقاتون ۽ مجلسون، مولانا مرحوم سان اڪثر
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، خانهء فرهنگ ايران
حيدرآباد ۽ سندس آفيس ۾ ٿينديون رهنديون هيون.
سندن نئين آفيس ڄامشورو بابت پاڻ اچ وڃ جي تڪليف
بيان ڪندا هئا ۽ ان بعد ادب، فلسفي، شعر يا ٻين
مختلف موضوعن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ڪچهريءَ جو دور
پيو هلندو هو. ڪو به ڇيڙ ڇاڙ وارو سوال هجي، پر
نهايت خنده پيشانيءَ سان، مشڪي جواب ڏيندا هئا.
سندس ڪاوڙ جي ادائگيءَ ۾ به، هڪ عجيب انداز هو،
جنهن کي ڪاوڙ يا غصي جو اظهار ته هر گز چئي نٿو
سگهجي.
هڪ دفعي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان، مولانا
مرحوم سان گڏجي، حضرت قلندر لعل شهبار جي ورسيءَ
جي موقعي تي مذاڪري ۾ حصو ورتم. مولانا مرحوم ته
نهايت رندي پيرايه ۽ لهجي سان، حضرت لعل سائينءَ
جي فلسفي ۽ قلندري مشرب بابت اظهار خيال ڪيو. آخر
۾ جڏهن ٻاهر نڪتاسون، ته مون مولانا مرحوم کان
پڇيو ته: اُن زماني جي رندي و مستي ۽ هن دور جي
عشق، ڪفر و ايمان بابت، اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟
پاڻ فرمايائون ته: دور ڪهڙو به هجي، پر دل تي دارو
مدار آهي، ۽ حافظ شيرازيءَ جو هيءُ شعر چيائون:
عاشق ِ يار م مرا با ڪفر و با ايمان چہ ڪار؟
تشنہ در دم مرا يا وصل وبا هجران چہ ڪار؟
چونڪه اندر هر دو عالم يار ميبايد مرا،
با بهشت و دوزخ وبا حور و غلمان چہ ڪار؟
ڇ
(آءُ ته پنهنجي دوست (حقيقي) جو عاشق آهيان، مون
کي ڪفر و ايمان سان ڪهڙو واسطو؟ آءُ ته پنهنجي
دوست جي محبت جو اُڃايل آهيان، منهنجو فراق ۽ وصال
سان ڪهڙو ڪم؟ جيئن ته ٻنهي جهانن ۾ مون کي دوست
(حقيقي) جي ضرورت آهي؛
(ان ڪري) بهشت، دوزخ، حور ۽ غلمان سان منهنجو ڪهڙو
ڪم آهي؟)
مولانا مرحوم جي درويش ۽ قناعت پذير طبيعت جو
اندازو، سندس رهائشي ڪمري ۽ لائبرريءَ مان لڳائي
سگهجي ٿو. سندس مطالعه گاهه نهايت خسته حالت ۾ پئي
رهي آهي ۽ ڪتابن ۽ ناياب نسخن جا ڍير بي ترتيب ڏسڻ
۾ پيا ايندا هئا، پر پاڻ فرمائيندا هئا:
مُلک ِ آزاد گي و کنج قناعت گنجي است،
کہ بشمشير ميسر نشود سلطان را.
ڇ
(آزادگي جو ملڪ ۽ قناعت جي ڪنڊ، اهو خزانو آهي،
جيڪو بادشاهه کي تلوار سان به مهيا (حاصل ) ٿي
نٿو سگهي.)
مولانا مرحوم هميشه توڪل پسند رهندا هئا. زماني جي
دستور مطابق، کين پئسي گڏ ڪرڻ، يا گهڻي پئسي جي
خواهش ۽ حرص و هوا نه هوندي هئي؛ پر زندگي جي
ضرورتن ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن جو خيال ته فطري هوندو
هو. جيڪي وٽن هوندو هو، خرچ ڪري ڇڏيندا هئا.
جيڪڏهن پئسي جي گهٽتائي هوندي هئي، ته اجائي شڪايت
به نه ڪندا هئا ۽ نه ڪنهن دوست يا احباب کي تڪليف
ڏيندا هئا. هڪ دفعي فرمايائون ته: ”علم و دانش،
تقويٰ ۽ پرهيز گاريءَ تي ڀروسو رکڻ خام خيالي آهي؛
توَڪل جو تُرهو آهي، جنهن سان وڃي پار پئبو.“
تکيہ برتقويٰ و دانش در طريقت کا فريست
راهرو گر صد هنر دارد توکّل با يدش
(طريقت جي رستي ۾، تقويٰ ۽ دانش تي ڀروسو ڪرڻ،
ڪفر آهي؛ طريقت جو واٽهڙو، سوين هنر رکندو هجي، پر
کيس وري به توڪّل جو تڪيو رکڻ گهرجي).
مولانا مرحوم جي نگاهه ۽سندس تخيل جو پرواز
عارفانه هو. هن پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي سان، جو
ڪجهه محسوس ڪيو، اهو پيش ڪيو. سندس مقالو ”مشرقي
شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ جيڪڏهن انگريزي ۽
فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو وڃي ته اهل علم و دانش ۽
عُشاق جون اکيون کُلي وينديون؛ پر افسوس! جو
انهيءَ حقيقت ڏانهن ڪنهن ڌيان نه ڏنو آهي.
اسان وٽ انهيءَ مقالي تي جيڪا به تنقيد ٿي هئي،سا
محض جنوني، متعصب ۽ حقيقت کان نا آشنا ذهنيت سبب
ڪئي ويئي هئي. پر ضرورت حقيقت شناسيءَ جي آهي.
عُشاق ۽ عارف جو مشاهدو جدا آهي؛ بقول فريد الدين
”عطار“ جي:
چشم بڪشا ڪه جلوهء ديدار، متجليّ است از
در و ديوار؛
اوبہ پيش تو ايستاده چوسرو، سر فرو بر دهء تو نرگس
وار.
(اک کولي ڏس، ته يار جي تجلّي جوجلوو هر در ۽
ديوار کان ظاهر آهي؛ هو تنهنجي اڳيان سَروَ وانگر
موجود آهي، تون نرگس وانگر اک بند ڪريو ۽ سر
جهڪايو بيٺو آهين!)
ظاهر پرست ۽ ظاهر بين گروهه، انهيءَ تجليءَ جو
پرستار نه آهي. ان ڪري ئي، مولانا مرحوم جي متعلق
ڪي غلط گمان پيدا ڪيا ويا هئا؛ ورنه عالم ۽ عُشاق،
شاعر ۽اديب، ڪشاده دل ۽ اهل نظر مولانا مرحوم جي
اوچتي رحلت جي عظيم سانحي تي اشڪيار اهن!
صرف دوئي دور ڪرڻ جي ضرورت آهي؛ بقول مولانا رومي
رحه:
ابن دوئي اوصاف ِ ديدهء احول است،
ورنه اوّل آخر، اخر اول است.
محض ڏسڻ جو فرق آهي. عشق جو مقام اعليٰ ۽ ارفع آهي
۽ عاشقن جي منزل ۽ ماوي چداگانه آهي؛ ”ڏسو عشق جو
انصاف، مڙيئي مذهب ڪيائين معاف!“ مولانا مرحوم جو
مشرب ۽ مسلڪ به اهو ئي هو ۽ ان جي اُپٽار ڪندو پئي
رهيو، صرف عاميانه مسلڪ جي برخلاف هو؛ عمر خيام
فرمائي ٿو؛
در دفتر ِ عشق نام هرکس کہ نوشت،
آزاد ز دوزخ است و فارغ ز بهشت.
(عشق جي دفتر ۾، انهيءَ جو نالو لکيو ويو، جيڪو
بهشت ۽دوزخ جي خيال کان آزاد رهيو).
اڄ مولانا گرامي مرحوم اسان کان نهايت پري آهي؛
پر ”ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهي جي هيڪڙي“ جي مثل،
مولانا مرحوم کي جدا ڪري نٿو سگهجي! جتي به فڪر ۽
فن آهي، علم ۽ دانش آهي، اهل علم ۽ اهل نظر جو ذڪر
آهي، شعر ۽ سخن آهي، ميل ۽ محبت آهي، رندي ۽ مستي
آهي، مولانا مرحوم موجود آهي:
خلل پذير بُو َدّ هر بناڪه مي بيني،
بجز بناي محبت ڪه خالي از خلل است.
زندگيءَ جو مقصد
انسان جي زندگيءَ جو مقصد هونئن به بلند آهي.
انسان جو مقام ۽ منصب هن ڪائنات ۾ اهو آهي ته هو
هن ڪائنات کي سينگاري ۽ سنواري، ان ۾ حسن ۽ دلڪشي
پيدا ڪري، ان جي خزانن کي کولي، ۽ ان ۾ ڪيف پيدا
ڪري؛ شر کي دفع ڪري، ۽ خير کي فروغ ڏئي؛ انسان کي
توهمات ۽ خرافات جي زنجيرن مان آزاد ڪري، کيس روان
۽ دوان ڪري؛ هلڻ سيکاري ۽ هلائي، ۽ ان ۾ امنگ ۽
ولولو پيدا ڪري؛ انسان جي جبلي ۽ فطري خواهشات جو
هڪ حد تائين احترام ڪري، ۽ ظلم ۽ ڏاڍ سان وڙهي،
عدل ۽ انصاف لاءِ ڪوشش ڪري.
--غ ـ م ـ گرامي
”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“
مهراڻ 2،3-1964ع
محمود دائود بلوچ
چند يادگيريون
”مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.“
ڇ
(شاهه)
15 سيپٽمبر 1976ع، اربع ڏينهن شام جو ساڍي چئين
بجي مقامي خبرون ٻڌڻ لاءِ جيئن ريڊيو کوليم ته
گرامي صاحب جي وفات جي خبر ٻڌي، وائڙو ٿي ڇرڪي
ويس. پنهنجن ڪنن تي اعتبار نه پيو اچيم. سوچيم ته
هي ڇا ٻڌم. انهيءَ ڏينهن رمضان شريف جي شايد 20-21
تاريخ هئي. دل تي مسجد ۾ ٻڌل خطبي جا ٻه بند تري
آيا:
”مومن جيڪو تو ۾ مري، بخشش خدا تنهن کي
ڪري،
ڪائي نه ٿئي تنهن کان پڇا، اي ماهه رمضان، الوداع.“
ڇ
ڪافي دير تائين انهيءَ سوچ ويچار ۾ هوس. گرامي
صاحب واقعي مومن آهي، جنهن ڪڏهن پنهنجن هٿن سان،
پنهنجي زبان سان ڪنهن کي به ڏکويو نه آهي. ٿوري
دير بعد خيالن جا وهڪرا ايندا ويندا رهيا. خدا ڪري
اها خبر ڪوڙي هجي يا ڪنهن چرچو ڪيو هجي؛ پر وري
خيال آيو ته ريڊيو تي اهڙو چرچو ڪير ڪندو. طبيعت
سخت منجهي پيئي. گرامي صاحب جي پروقار شخصيت، سندس
قرب ڀريون ڪچهريون، سندس مٺڙي مرڪ، سندس عالمانه
نڪتا، دل دماغ ۽ اکين اڳيان گردش ڪرڻ لڳا. ڪجهه
دير بعد برادرم محمد امين بلوچ، مئنيجر سنڌي ادبي
بورد بوڪ اسٽال آيو، جنهن وري اها دکدائڪ خبر
ٻڌائي. اها خبر دوبارهه ٻڌي دل وڌيڪ دکي ٿي.
برادرم چيو ته گرامي صاحب جو آخري سفر، رات جو
اٺين بجي ڌاري شروع ٿيندو. اسين افطاري بعد اتي
پهتاسين. گرامي صاحب جي گهر وٽ، رستي تي ڪيترائي
اديب، شاعر، عالم فاضل ۽ ليکڪ بيٺا هئا. منجهيل
منجهيل، اداس ۽ غمگين، ڏکويل ، خاموش ويڳاڻا. حيرت
جا مجسما هڪٻئي کان پڇڻ لڳا ته هي ڇا ٿيو؟ گرامي
صاحب اسان کان جدا ٿي ويو! گرامي صاحب کي اسان رات
جو به ڪراچي هوٽل ۾ چانهه پيئندي ڏٺو هو.
جتي ويهڻ جو انتظام هو، مان اندر ويس. پٿر تي
ويٺلن ۾ جويو صاحب، مولانا قاسمي صاحب، رباني صاحب
۽ ٻيا ڪيترائي سوگوار ويٺا هئا. گرامي صاحب جو
ساٿي، مهراڻ جو اسسٽٽ ايڊيٽر ناشاد وکريل وارن سان
حيران پريشان پئي ڦريو، ڄڻ ڪو انتهائي سندس پنهنجو
بنا موڪلائڻ جي کائنس جدا ٿي ويو. پهريون دفعو
ناشاد، ناشاد ڏسڻ ۾ آيو. واقعي گرامي صاحب دوستن
جو بنهه پنهنجو هو، جيڪو موڪلائڻ کان سواءِ روانو
ٿي ويو.
گرامي صاحب جي آخري سفر جي تياري هئي، آءُ به هڪ
ڪنڊ ۾ خاموش ويٺو هوس. سرزمين سنڌ ڪيترا اديب،
عالم فاضل، دانشور ۽ ليڊر پيدا ڪيا. سنڌ کي اهو
فخر حاصل آهي. محترم گرامي صاحب به انهن مان هڪ
آهي. گرامي صاحب دادو ضلعي جي ميهڙ شهر ۾ جنم ورتو
۽ 1943ع ۾ حيدرآباد اچي سڪوت اختيار ڪيائين.
پهريائين ٽريننگ ڪاليج ۾ استاد ٿي رهيو، بعد ۾
سماهي رسالي ’شاعر‘ جو ايڊيٽر ٿيو ۽ بعد ۾ سنڌي
ادبي بورڊ طرفان نڪرندڙ رسالي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر
مقرر ٿيو، ۽ آخري دم تائين ايڊيٽر رهيو.
گرامي صاحب جي شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه
آهي. گرامي صاحب همه گير شخصيت جو مالڪ هو. قدرت
طرفان کيس تقرير ۽ تحرير جي ڏات مليل هئي. ان سان
گڏ حافظي جي ڏات پڻ.
گرامي صاحب سان منهنجون سوين ڪچهريون ٿيون. مون
سندس سوين تقريرون ٻڌيون ۽ تحريرون پڙهيون. ون
يونٽ جي دور کان وٺي 15-9-1976ع تائين گرامي صاحب
تقريرون ڪندو رهيو، لکندو رهيو، ڳالهائيندو رهيو،
ڪچهريون ڪندو رهيو ۽ کلندو رهيو ۽ ان سان گڏ دوستن
سان روح رهاڻ ڪندو رهيو. جتي به ڪا نج سنڌي گڏجاڻي
ٿيندي هئي، جتي به ڪو مشاعرو ٿيندو هو، يا ڪنهن
اديب عالم جي ورسي هوندي هئي، ته اتي گرامي صاحب
موجود هوندو هو. اديبن، عالمن ۽ دانشورن جي
گڏجاڻيءَ ۾ گرامي صاحب جي ضرورت شدت سان محسوس ڪئي
ويندي هئي؛ پر منهنجي خيال موجب، اهڙي ڪابه گڏجاڻي
ڪانه هئي، جنهن ۾ گرامي صاحب موجود نه هجي. |