مرحوم غلام محمد گرامي، اهڙين هستين مان هڪ هو.
15-سپٽمبر 1976ع جي تاريخ اسان کان هي املهه ماڻڪ،
بي بدل اديب، صاحب طرز نقاد، عظيم مفڪر ۽ عالم
علحدهه ڪري ورتو. جيئن ئي اها اندوهناڪ خبر پهتي،
ته منهنجي ذهن تي فرانس جي انهيءَ شاعر جا لفط تري
آيا، جو فرانس جي زندهه جاويد شاعر روسو جو همعصر
هو ۽ ان روسو جي وفات تي، روسيءَ جي زبان ۾ هي شعر
چيو هو ته ”جي ڪڏهن اڄ منهنجي شمع حيات وسامي
ويئي، ته ڇا ٿي پيو، مون جا شمع جلائي آهي، تنهن
جي لاٽ صدين تائين روشني ڏيندي رهندي.“
مٿيون عقيدن جو نذرانو، نه صرف روسي سان لاڳو ٿي
ٿيو، مگر هر عظيم انسان سان لاڳو ٿئي ٿو ۽ مرحوم
غلام محمد گراميءَ جي شخصيت، انهيءَ ئي نذر عقيدت
جي هر وجهه حقدارآهي. 15- نومبر 1962ع تي، جڏهن
جسٽس ڪياني، مرحوم گذاري ويو، تڏهن مرحوم گرامي
صاحب ’مهراڻ‘ رسالي جي اداريه ۾، مرحوم کي جن لفظن
۾ خراج عقيدت پيش ڪيو سي هئا.
”مرحوم جون تقريرون ۽ تنقيدي نشترون، محب وطن حلقا
هميشه لاءِ ياد ڪندا رهندا .“
مرحوم حق و صدافت جي اظهار ۽ تائيد جي معاملي ۾ نه
فقط بيخوف هو. پر ان سان گڏ باطل پسند ۽ استبداد
واري نظام جي اڳيان، جهڪڻ کي گناهه سمجهندو هو.“
”ملت جي قابل فخر، عظيم فرزند جي وفات، عالم
انسانيت ۾ اهڙو خال ڇڏيو آهي، جو صدين تائين ڀرجي
نه سگهندو.“
”سندس غير معمولي ذهانيت، جدوجهد ۽ ڪشمڪش، طنزيه ۽
مزاحيه شخصيت، ادبي ۽ لساني خدمت کي، زمانو صدين
تائين ياد ڪندو رهندو.“
اڄ جڏهن مرحوم گرامي صاحب، اسان ۾ نه آهي، ته اسان
پڻ کيس سندس مٿين لفطن ۾ خراج عقيدت پيش ڪري رهيا
آهيون.
مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، جيئن مرحوم وجداني طور
تي، پاڻ کي نذر ڪرڻ وارا گل، پنهنجي لفظن ۾ ترتيب
ڏيئي ويو آهي.
جڏهن سندن يادگيري اچي ٿي، ته ڪئين واقعا ۽
ڳالهيون دل تي تري ٿيون اچن. سندن محفلون ۽
مجلسون، سندن عميق، گهري ۽ فلسفيانه گفتگو، سندن
خوش طبعي ۽ زنده دلي، سندن انداز تخاطب ۽ سندن حسن
ڪلام اهڙو نه هو، جنهن کي وساري سگهجي.
1954ع کان 1961ع تائين، مان نورالدين سيڪنڊري
اسڪول صدر حيدرآباد ۾ هيڊ ماستر هئس. ان زماني ۾
رات جو اٺين بجي کان پوءِ، مرحوم محمد ايوب جي
دڪان جي ٻاهران، ٿلهي تي محفل ڄمندي هئي. مرحوم
محمد ايوب کي اسين سڀيئي چاچو ايوب چوندا هئاسون.
مرحوم گرامي صاحب جن مير مجلس هوندا هئا. مجلس ۾
مرحوم چاچو ايوب، مرحوم محمد يعقوب ملاڻو، مرحوم
مرزا فيض علي، مرحوم امير علي سرائي، سائين وڏل
شاهه، ڪراچي هوٽل جو مالڪ مرحوم عبدالرحيم عباسي،
ڊاڪٽر عباسي ۽ راقم الحروف هوندا هئاسين. ڪڏهن
ڪڏهن ڪجهه ٻيا دوست به اچي شريڪ ٿيندا هئا. مرحوم
گرامي صاحب جن ڪيترن علمي ۽ ادبي مسئلن تي،
پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا هئا ۽ بحث مباحثو ٿيندو
هو.
وقت گذرندو ويو. چاچو ايوب گذاري ويو. اها مجلس
اُجڙي ته اسان آچر جي ڏينهن شام جو، هر هفتي مٿي
اسڪول ۾، اها مجلس وري برپا ڪئي، جنهن ۾ گرامي
صاحب جي علمي ۽ ادبي خزاني مان، فيض حاصل ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندا هئاسين.
رات واري مجلس پوءِ ڪراچي هوٽل ڏي منتقل ٿي ويئي.
1961ع ۾، مان حيدرآباد مان نڪري ، هالا ۾ ليڪچرار
ٿي ويس. پوءِ آهستي آهستي، انهي محفل وارن مان،
مرحوم محمد يعقوب ملاڻو، مرحوم مرزا فيض علي،
مرحوم عبدالرحيم عباسي ۽ مرحوم اميد علي سرائي جن
به گذاري ويا. ڊاڪٽر عباسي ڊاڪٽريءَ جي ڪم ۾ زياده
مشغول ٿي ويو. سائين وڏل شاهه به پنهنجي روزگار جي
مسئلن ۾ الجهي ويو، مگر ڪراچي هوٽل واري رات جي
محفل ۽ مجلس قائم رهي. هر خالي جاءِ ڀربي رهي، وڏن
جي جاءِ تي ننڍا آيا، مگر محفل ۽ مجلس قائم رهي،
جو مير مجلس موجود هو ۽ علم جو چشمو جاري هو، جتي
علم جا پياسا، علم جي اڃ اجهائڻ پئي آيا.
جڏهين به حيدرآباد اچڻ ٿيندو هو، ته رات جو قدم بي
اختيار ڪراچي هوٽل ڏي اٿندا هئا، اتي مرحوم گرامي
صاحب سان ملاقات يقيني هوندي هئي ۽ سندن محفل ۾،
علمي بحث مباحثو جاري هوندو هو. سندن فيض جي چشمي
مان، ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪري اٿندا هئاسون. سندن هر
لفظ، سندن گهَري مطالعي جو آئينه دار هوندو هو،
مگر هاڻي ملاقاتون سرسري ٿي ويون هيون ۽ هر
ملاقات، ٻي ملاقات جي خواهش پيدا ڪندي هئي.
وري ساڻن دل کولي ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن 1973ع ۾
پاڻ سولنگي آباد، تعلقي شهدادپور ۾، رئيس نبي بخش
سولنگيءَ وارن وٽ، هڪ تقريب ۾ آيا هئا ۽ مان ان
وقت، شهدادپور جي ڪاليج ۾ پرنسپال هئس ۽ مون کي
به، ان تقريب ۾ دعوت هئي. کاڌي کان پوءِ، جڏهن راڳ
جي محفل شروع ٿي، ته پاڻ جتي جتي راڳيندڙ ڪٿي غلط
ٿي ويو، اتي جيڪي اشارا ٿي ڏنائون، سي سندن ان فن
تي مهارت جي سَنَد هئا. محفل کان پوءِ پاڻ راڳ جي
فن تي، جيڪو سهڻو بحث ڪيائون، اهو تمام معلومات
افزا هو ۽ سندن هن فن تي مڪمل عبور جو ثبوت هو.
ان کان پوءِ وري حيدرآباد ۾، رات جو ڪجهه سرسري
ملاقاتون ڪراچي هوٽل ۾ ٿيون. پوءِ اوچتو سندن
هميشه جي جدائيءَ جي خبر پهتي.
آڪٽوبر ۾ جڏهن حيدرآباد وڃڻو ٿيو، ته هاڻي قدم
ڪراچيءَ هوٽل ڏي نه وڌيا، جو معلوم هو، ته جڏهن
شمع ئي وسامي ويئي، ته محفل ڇا ڄمندي ۽ پروانا ڇو
ايندا.
عارف ۽ عشاق، پسڻ گهرن پرينءَ جو،
جنت جا مشتاق، اڃا اورانهان ٿيا.
_خواجه محمد زمان رح
احمد خان ملڪاڻي
مولانا غلام محمد گرامي هڪ امر انسان
گرامي صاحب گذاري ويو، اسان جي آس اڌوري ۽ اداس
رهجي ويئي. دوستن يارن، مٽن مائٽن، سنگتين ساٿين
جون گهايل پڪارون پڙاڏا بڻجي موت جي اڻٽر ۽ اٽل
پهاڙ سان ٽڪرائجي ٽڪر ٽڪر ٿي ويون. خبر اٿئون ته
ويِل ويل وري واپس نه ايندي، پر اسين پوءِ به نه
ڄاڻ انهن پيارن امر انسانن جو انتظار ڇو ڪندا
رهندا آهيون، جيڪي ڪڏهن به اڻ ڏٺي ڏيهه موٽي نه
ايندا! سوچيندو آهيان، شايد انهيءَ ڪري جو انهن
مَهان انسانن پنهنجي حياتيءَ ۾ جو ڪجهه ڪيو، جو
ڪجهه سوچيو، اهو اسان جي جيون جي پراسرار پيچرن جو
ثمر آهي.
هاڻي جڏهن گرامي صاحب اسان لاءِ هڪ اڻ وسرندڙ ياد
بڻجي چڪو آهي، تڏهن آءَ اُنهيءَ احسان هيٺ اڪثر
سوچيندو آهيان، ته ان هستيءَ، جنهن اسان جي سنڌي
علم ادب کي جو هيترو ڪجهه ڏنو آهي، ان جي عيوض
اسين کيس موٽ ۾ ڇا ڏئي سگهنداسين.
اڄ اسان سان گرامي صاحب گڏ نه آهي، پر سندن پيارين
يادگيرين جي پاڇن کان اسين پيڇو ڇڏائي نه
سگهنداسين. اُهي قرب ڀريون ڪي گهڙيون ۽ پيار ڀريا
پل جي ڪن محفلن ۾ گڏجي گذارياسين، سي سدائين ياد
رهندا.
1971ع وارو زمانو هو ۽ فيبروري جا آخري ڏهاڙا. مان
پنهنجن يونيورسٽيءَ جي چند دوستن سان گڏ ڪنٽومينٽ
روڊ تان پئي ويس، ته رستي ۾ سائين گرامي صاحب ملي
ويو. شام جو وقت هو، رسمي دعا سلام کان پوءِ،
گرامي صاحب وڏي اتساهه ۽ جذبي سان چيو هو!
”ملڪاڻي، مون تنهنجو لکيل پمفليٽ ’سنڌي ٻولي‘
پڙهيو آهي، مون کي ڏاڍو وڻيو، مون کي تنهنجي مضمون
جي پس منظر پيش ڪرڻ وارو انداز ڏاڍو پسند آيو.
وڌيڪ سڀاڻي آفيس ۾ اچجان ته ڪچهري ڪنداسين، ۽ ٻڌ!
مهراڻ لاءِ ڪا ڪهاڻي يا شعر کنيو اچجان.“ گرامي
صاحب جهڙي شخصيت جي زبان مان مون جهڙي هڪ عام
ماڻهو لاءِ اهڙي تعريف ۽ همت افزائيءَ جا جملا،
سندس بلند ۽ اعليٰ ذهنيت جو مثال آهن.
هو سدائين انسان جي نيڪين ۽ چڱاين ۾ ايمان رکندو
هو. هو هر انسان اندر براين، بي ايمانين ۽ بد
ڪارين کي نظر انداز ڪري، ان ۾ انسان جي سٺاين،
خوبين ۽ گڻن کي تلاش ڪندو هو ۽ انهن کي اڀاري،
اوجاريندو به هو.
ان کان پوءِ، انهيءَ سال ئي هڪ مهيني اندر ملڪ جي
سياسي حالتن اهڙو رخ اختيار ڪيو جو هرڪو ماڻهو
هڪٻئي کان بيزار ٿي ويو. مارچ 1971ع ۾ بنگال ۾ وڏن
هنگامن ۽ رتوڇاڻ کان پوءِ سموري ملڪ مٿان مارشل لا
لڳي ويئي ۽ ان جي نتيجي ۾ ادبي، سماجي سرگرميون
نپوڙجي ويون، ڪيترا سنڌي ڪتاب ۽ رسالا خوف وچان
ڇپجڻ بند ٿي ويا.
انهيءَ گهٽيل ماحول ۾ سائين ظفر حسين شاهه جي ڪوشش
سان پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ سنڌي ادب جي
اوسر ۽ واڌاري لاءِ ادبي گڏجاڻين جو اهتمام ۽
ابتدا ڪئي ويئي.
ادبي سنگت ۾ هڪ گڏجاڻيءَ جي صدارت گرامي صاحب جن
ڪئي هئي ۽ خوشقسمتيءَ سان ان ڀيري، انهيءَ محفل ۾
مون پنهنجي ڪهاڻي پڙهي هئي، جيڪا گرامي صاحب کي
ڏاڍي پسند آئي هئي. پاڻ صدارتي تقرير ۽ ادبي
ڇنڊڇاڻ ۾ نون ۽ اڀرندڙ اديبن کي ڏاڍين سٺين صلاحن،
نيڪ مشورن، عالمانه تنقيد ۽ تبصرن سان نوازيائون.
سندن همت افزائي اسان جي دلين کي هڪ ڀيرو وري
گرمائي ڇڏيو ۽ اسان ۾ نئون ادبي هوش ۽ جذبو پيدا
ٿيو.
ان گڏجاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي گرامي صاحب جن مون کان
اها ڪهاڻي ”مهراڻ“ ۾ ڇپجڻ لاءِ ورتي هئي ۽ ڪافي
دير پاڻ سنڌي ادب جي مشڪلاتن ۽ مسئلن تي روشني
وجهندا رهيا هئا.
گرامي صاحب جي ڀريل جسم، رعبدار آواز ۽ قدآور
شخصيت جي پٺيان هميشه شفيق، همدرد ۽ انسان دوست
جذبا ۽ احساس اٽڪيل هوندا هئا. سندن اعليٰ اخلاق ۽
عظيم ڪردار اسان جي دليلن تي هميشه لاءِ نقش
رهندو.
سندءِ دل درياهه ۾، جان وياسون پيهي،
نڪو آءُ نه آدمي، نڪي اسين ئي،
وائي ٿي ويئي، ته هيڪوئي هيڪ ٿيا
(گرهوڙي رحه)
ثاقب سنڌي
مون سي ڏٺا ماءُ
سنڌ جي متحرڪ دارالعلوم عزت ماب مولانا غلام محمد
گراميءَ کي، مون پهريون ڀيرو سال 1974ع ۾،
ميرپورخاص ۾ ٿيندڙ ”سنڌ صدين کان سيمينار“ ۾ ڏٺو.
ان سيمينار ۾ سائين غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ، مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ جهڙا برک
عالم ۽ دانشور موجود هئا.
هنن بزرگن جيڪي ساهت جي ساگر مان موتي ۽ ماڻڪ
ميڙي، جيجل جيءَ جهوليءَ ۾ وڌا، سي سائين نور احمد
شاهه جي ڪاوشن سان ڪتاب ” اُٺا، مينهن ملير“ جي
صورت ۾ موجود آهن، جنهن لاءِ ڪجهه چوڻ گويا سج کي
ڏئي ڏيکارڻ جي برابر ٿيندو. سڀني بزرگن جا مضمون،
گويا کير ۽ ماکيءَجون نهرون هيون، يا موکيءَ جي
ميخانه واري پروڪي سري جون سرڪيون، جن جو خمار
رهنديءَ حياتيءَ تائين، منهنجي جيءَ ۾ جاري ۽ ساهه
۾ ساري رهندو. هن سيمينار ۾ جڏهن مولانا مرحوم
تقرير ڪرڻ لاءِ اٿيو ته منهنجي پهرئين نظر سندس
انهن مبارڪ اکين تي پيئي جيڪي سفيد چشمي مان هن
ڌرتيءَ جي ڪروڙها سال پراڻي ماضيءَ جي اُٿاهه
گَهراين کي گهوري رهيون هيون ۽ سندس آواز اندر ۾
پيهي ٿي ويو.
”سنڌ صدين کان نه، پر چئو ته ”سنڌ جڳن کان“.
بس مولانا جي تقرير ڇا هئي، پوراليءَ سنڌوءَ جي
پالوٽ هئي، هندي وڏي سمنڊ جي چڙهندڙ وير هئي، يا
ڪارونجهر جي ڪورتي ڪنهن مور جو ٽهوڪو هو. هن تقرير
۾ جڏهن مولانا مرحوم ٿرپارڪر ضلعي جي شاعر صوفي
صادق رحه جي هن بيت:
”الله ڇڏيائون اوري هو پرهان پنڌ پيا،
بنا نالي سپرين، اڃان ڪي ٻيا،
واڪيندي ويا، ”صادق“ ٻڌيو سندرا.
جي فڪر ۽ فلسفي متعلق ڳالهايو، ته پوءِ اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي
ويو، ته منهنجي سامهون صوفين جو سردار سرمد آهي،
منصور آهي، سچل آهي، صادق آهي، يا مولانا گرامي
پاڻ!
هن تقرير مون کي هميشه لاءِ، مولانا گراميءَ مرحوم جو معتقد ۽
مڃيندڙ بنائي ڇڏيو ۽ منهنجي شعور خواه لاشعور ۾،
گرامي صاحب جي محبوب شخصيت هميشه لاءِ سمائجي
ويئي. هن دفعي آءُ گرامي صاحب سان مليس ته سهي، پر
تعارف وغيره ٿي نه سگهيو.
مولانا مرحوم سان منهنجي ٻي ملاقات، جنهن ۾ باقاعدي تعارف به
ٿيو،سو سال 1975ع ۾ عمرڪوٽ ۾ ٿي.
عمرڪوٽ جي ڪاليج جي شاگرد يونين جي حلف وفاداريءَ جي تقريب هئي،
جنهن سان گڏ شاهه صاحب جي ورسيءَ جو پروگرام به
هو. ورسيءَ جي صدارت مولانا مرحوم کي ڪرڻي هئي.
پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ آءُ ٿرپارڪر ضلعي جي بزرگ
اديب، محترم معمور يوسفاڻي سان، شاگرد يونين جي
آفيس ۾ ساڻن مليس، مولانا مرحوم کي سمهاڻي نماز
پڙهڻي هئي، تنهنڪري پاڻ وضو ڪرڻ لاءِ ٻاهر اٿي
ويا، جنهنڪري اوڏي مهل مولانا مرحوم سان متعارف ٿي
نه سگهيس، پاڻ جيئن ئي ٻاهران وضو ڪري موٽيا، ته
منهنجي دوست ۽ عمرڪوٽ ڪاليج جي شاگرد، محترم محمد
رمضان راڄڙ جي اجرڪ کي مصلو ڪري، شاگرد يونين جي
آفيس ۾ ئي نماز ادا ڪيائون، مون جڏهن هن پيار ۽
امن جي پيامبر انسان اجرڪ جي مصلي، سنڌ جي ڌرتيءَ
۽ عشق جي سجدي جو يڪجاءِ ٿيڻ ۽ انهن جو باهمي ربطه
ڏٺو، ته اها ڳالهه مون تي چٽيءَ طرح واضح ٿي ويئي،
ته هن ڌرتيءَ جو مزاج ڇا آهي. مولانا مرحوم جي
عمل، سچ پچ ته منهنجي دل کي قرار ۽ اطمينان بخشي
ڇڏيو.
رات جو ڏهين بجي ڌاري، ورسيءَ جي ڪارروائي شروع ٿي، مون کي شعر
پڙهڻو هو. جڏهن مون پنهنجو نظم ”لويارين لڄ پال
لطيف“ پڙهيو، ته مولانا مرحوم ان نظم جا ڪيترا بند
ورائي، ورائي پڙهارايا. اهو سچ پچ ته منهنجي لاءِ
هڪ وڏو اعزازهو، جيڪو مولانا مرحوم جهڙي برک اديب،
دانشور ۽ اعليٰ نقاد مون کي بخشيو. جلسو پورو ٿيو.
۽ عطا سرهنديءَ گرامي صاحب سان منهنجو تعارف
ڪرايو. پاڻ ان وقت مون کي چيائون، ته تون پنهنجو
هي شعر جلد از جلد مهراڻ لاءِ ڏياري موڪل، مولانا
مرحوم جي ان حڪم جي تعميل مون کان ڏاڍو دير سان
ٿي، سندس پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ اهو شعر کين رجسٽر
پوسٽ ذريعي موڪلي ڏنم، جنهن جي واپسي رسيد جنهن تي
مولانا مرحوم جا دستخط ٿيل آهن سان مون وٽ يادگار
طور محفوظ آهي.
مولانا مرحوم سان منهنجي ٽئين ۽ آخري ملاقات وري به ميرپورخاص ۾
ڪتاب ”اٺا مينهن ملير“ جي تقريب رونمائي واري جلسي
۾ ٿي.
مولانا مرحوم سان ٿيل انهن ٿورڙين ۽ تمام مختصر ملاقاتن، مون تي
پنهنجو هڪ لافاني اثر ڇڏيو آهي. آءُ بنا هٻڪ جي
اهو چوندس، ته انهن ننڍڙين ۽ پر تاثير ملاقاتن مون
۾ مذهب، فلسفي ۽ ادب کي سمجهڻ جو ڪنهن حد تائين
فهم پيدا ڪيو، ۽ رجعت پسندي خواه تنگ نظريي جي پُر
خطر اثرات کان منهنجي دل توڙي دماغ کي هميشہ لاءِ
محفوظ ڪري ڇڏيو آهي ته ڪڏهن صوفي لاءِ ڪوفيءَ جي
حيثيت ۾، اڄ به گرامي صاحب جي ياد اچڻ وقت يا سندن
ڪا تحرير پڙهڻ وقت مون تي اها ساڳي ڪيفيت طاري ٿي
ٿئي جيڪا ڪيفيت گرامي مرحوم جي زندگي ۾ سندن تقرير
ٻڌڻ وقت يا ساڻن گفتگوءَ ڪرڻ وقت محسوس ڪندو هئس.
اهو ئي سبب آهي جو آءُ گرامي صاحب کي سندن طبعي
موت ٿيڻ جي باوجود به روحاني طور زنده جاويد ٿو
سمجهان بقول گرهوڙي رحه جي:
مرد مرن ڪين ڪي مرن مردودا.
مولانا مرحوم جي انهن ٿورڙين يادگيرين، منهنجي دل کي اهو
اطمينان بخشي ڇڏيو آهي، جنهن کي جيڪڏهن آءُ شاهه
جي لفظن ۾ هيئن بيان ڪريان ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.
مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاء، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
**
هيڪليائي هيل، پوريندس پنهونءَ ڏي،
آڏا ڏونگر لڪيون، سُوريون سُڄن سٻيل،
ته ڪر ٻيليان
ٻيل، جي سور پريان جا ساڻ مون.
**
منڪر ۽ نڪير کي جڏهن ڏٺائين،
اڳئان اُٿي اُن کي پنهون پڇيائين،
ادا! اهائين ڪو وئو ساٿ سڄڻ جو.
_شاهه
سومرو محمد اسحاق ”راهي“
پڄاڻا پرين
وقت جي وهڪرو زندگيءَ کي زهر جي لهر ڪري ته ڇا،
خوشيءَ جو آبشار ڪري ته ڇا، دردن جو درياءَ ڪري ته
ڇا، امن سڪون جو سمنڊ ڪري ته ڇا! پر زندگي جا
ڏينهن قطاريل اٺن جي قافلي جيان پنهنجي وجود جي
صحرا مان بي ثمر ائين ئي هلندا رهندا. زندگيءَ جون
گهڙيون، جيڪي طوفان ۾ اڏامندڙ واريءَ جي ذرڙن جيان
اڏامنديون، اسان جي اکين کان اوجهل ٿيو وڃن، پر ڪي
دانشور ۽ فيلسوف، منطق جا ڄاڻو ۽ تاريخ ساز، انهن
ڪيميائي ذرڙن کي پنهنجي ادراڪي قوت ۽ محنت سان هڪ
هنڌ جمع ڪري، سوئي سموهي، انهن مان ڪيميائي مادو
تيار ٿا ڪن، جن جي لاٽ سان اونداهيون دليون اجريون
ٿيو وڃن، علم ادب جي سرزمين ۽ فڪر ۽ فلسفي جا
گلستان پيدا ٿيو وڃن، ۽ جڏهن انهن تابڪاري جزن جو
وجود هڪ ڌماڪي سان تاري جي لاٽ جيان هڪ روشنيءَ
مان ٽپي ٻي روشنيءَ ۾ وڃيو پوي، ته اسان پارن
پانڌيئڙن جي ذهن ۽ دلين مٿان هڪ ئي وقت لکين وِڄون
ڪريو پون.
اڄ منهنجي دل پئي ڌڙڪي. ذهن ۾ زلزلو اچي ويو آهي ۽
علم تڙڦي رهيو آهي. اڄ منهنجي ڳوٺاڻي، منهنجي
استاد محترم مولانا گرامي صاحب مرحوم جي ياد آئي
آهي. گرامي صاحب اسان کان وڇڙي ويو آهي۔ هو عظيم
استاد، رهبر، دانشور،فيلسوف ۽ شاعر جي حيثيت رکندو
هو. مولانا صاحب پنهنجي دور جو هڪ عظيم انسان هو.
اسين مولانا صاحب لاءِ ڪيترو به کڻي لکنداسين، ته
به سندس خوبين ۽ خصلتن جي هڪ باب جو هڪ ورق به لکي
نه سگهنداسين. دنيا وارن ڏٺو ٻڌو، سمجهيو سوچيو ۽
فيصلو ڪيو ته هو علم ۽ ادب جو سرويچ خدمتگار هو.
گرامي صاحب جن جي اٿي وڃڻ کان پوءِ، دنيا جو
ڪاروهنوار ائين ئي هلندو رهندو هو، پر هر ڪنهن کي
هڪ وڏو خال محسوس پيو ٿئي ۽ ائين پيو محسوس ٿئي ته
اسان جي علم ادب جي آسمان مان هڪ روشن ستارو ٽٽي
ويو آهي. اسين روئنداسين نه رڙنداسين. گرامي صاحب
پنهنجي فڪر ۽ فهم جا ڪوڙين موتي اسان جي جهولين ۾
ڀري ويو آهي.اسان کي دلجاءِ آهي ته گرامي صاحب
پنهنجي جيئري پاڻ کي تڪليفون ڏئي، اذيتون سهي،
مخالف ڌرين جون جهُلون برداشت ڪري، نور نچوئي
پنهنجي ڏات ۾ ڏانءَ سان، اسان جي دلين ۾ نور ۽
روشنيءَ جا ڏيا ٻاري ويو آهي، جن جي روشني في
الحال ته ڪن صدين تائين اجهامڻ جي ناهي.
محمد امين بلوچ
سڄڻ سفر هليا!
اڄ دل زارو زار روئي رهي آهي، اکين مان ڳوڙها جاري
آهن. دل چوي ٿي ته اوڇنگارون ڏيان. گرامي صاحب
اسان جو ساٿي هو، اسين ساڳئي اداري ۾ ڪم ڪندڙ دوست
هئاسين. گرامي صاحب جي آفيس پهرين تلڪ چاڙهي تي
هئي ۽ اسان جو بوڪ اسٽال اسٽيشن روڊ تي هو. جڏهن
بوڪ اسٽال شفٽ ٿي امين منزل 3- سول لائينز تي آيو،
ته ان وقت کان وٺي، اسان هڪ ئي جاءِ تي ساڳئي
اداري ۾ ڪم ڪري رهيا هئاسون، اهو شايد 1971ع جو
زمانو هو.
3-سول لائنز مان اسان شفٽ ٿي امين منزل گاڏي کاتي
۾ آياسون، ته اتي اسان جي بوڪ اسٽال سان گڏ مهراڻ
جي آفيس هئي. ادبي بورد پنهنجي جاءِ ۾ ڄام شوري
شفٽ ٿيڻ کان پوءِ ته اسان هڪ ئي بلڊنگ جي هيٺئين
حصي ۾ گڏ هئاسين. اهڙيءَ طرح گرامي صاحب سان اسان
جو ويهن سالن جو ساٿ رهيو. ان عرصي ۾ ڪيئي ڏکيا
ڏينهڙا آيا، جي اسان گڏ گذاريا.
گرامي صاحب جو اهو نوراني ۽ مرڪندڙ چهرو هر وقت
اکين اڳيان ڦري رهيو آهي. سندس ٽهڪ اڄ به اسان جي
ڪَنن ۾ ٻُري رهيا آهن.
پاڻ ڪن موقعن تي رهي نه سگهندا هئا ۽ جذبات ۾ اچي
چوندا هئا، ته ياد ڪندئو مون کي! ڪن ڪن موقعن تي
چوندا هئا ته”اسان جو جيئري ڪو به قدر نه آهي، مرڻ
کانپوءِ قدر ڪهڙي ڪم جو!“
گرامي صاحب عيالدار هو ان ڪري سندس خرچ به وڏو هو.
جوابداريون به گهڻيون هيون. مون سان ڪڏهن ڪڏهن
پنهنجو حال اوريندا هئا ۽ چوندا هئا، ته تون
منهنجو عزيز آهين، آءُ توکي پنهنجو عزيز ۽ همدرد
سمجهان ٿو. مون کي عزت ڏيندا هئا، آءُ به کين
پنهنجو عزيز سمجهندو هوس.
پهرين اسان حيدرآباد مان ڄام شوري يونيورسٽي جي
بَسن ۾ ايندا ويندا هئاسين، ان دوران هڪ دفعي
گرامي صاحب بس مان لهندي ڪِري پيو ۽ زخمي ٿي پيو.
اها خبر اخبارن ۾ پڻ ڇپي. هڪ سال کان پوءِ اسان کي
هڪ سوزوڪي گاڏي ملي، جنهن تي ايندا ويندا هئاسين.
پاڻ جڏهن پنهنجي گهر جي ڏاڪڻ تان لهندو هو ۽ اسان
ڏسندا هئاسون، ته سندس چهري تي مشڪ هوندي هئي ۽
جڏهن اسان تي سندس نظر پوندي هئي، ته مُرڪندا هئا.
روزانو خيريت جو پڇندا هئا ۽ خوش خير عافيت ڪندا
هئا.
حيدآباد کان ڄام شوري ايندي ويندي اسان گرامي صاحب
سان ڪڏهن ڪڏهن حجت به ڪندا هئاسون، اڄ اسان کي
ڄامشوري تي پلو کارايو، ڪڏهن چوندا هئاسون ته
مٺائي کارايو، ۽ ڪڏهن فروٽ وغيره لاءِ فرمائش ڪندا
هئاسين، ڇاڪاڻ ته هو گاڏيءَ جي اڳئين سيٽ تي
ويهندا هئا. جڏهن حيدرآباد مان گاڏيءَ سوار ٿي ڄام
شوري پهچندا هئاسون ته اتي به گاڏيءَ مان لهڻ تي
سڀني سان هٿ ملائيندو هو. سندس کل ڀوڳ ۾ ڪنهن کي
”بي ايمان“ چوڻ جو انداز بلڪل نرالو ۽ بهترين هو.
بوڪ اسٽال جو دروازو جيئن ته بلڊنگ جي مکيه دروازي
سان گڏ آهي، ان ڪري جيڪو به ٻاهران ماڻهو ايندو
آهي، هڪ ڀيرو ضرور اسان کي منهن ڏيکاري پوءِ، يا
ته مهراڻ آفيس ڏانهن يا مٿي هيڊ آفيس ڏانهن ويندو
آهي. گرامي صاحب کي ڪيترن موقعن تي مون وٽ ڏسي ڪي
صاحب اتي ويهي رهندا هئا ۽ اهڙي طرح ڪڏهن ڪڏهن
ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ پوءِ جڏهن گرامي صاحب
ڳالهائڻ تي ايندو هو حقيقتون بيان ڪندو هو، ڪتابن
مان حوالا ڏيندو هو ته اسان حيران ٿي ويندا
هئاسون؛ نه رڳو اسان پر وڏا وڏا عالم جا ڊاڪٽر،
اديب ۽ عالم به حيران ٿي ويندا هئا. جڏهن هو ڪلاڪن
جا ڪلاڪ ويهي هڪ ئي مسئلي تي ڳالهائيندو هو ته ڪير
به هن کي غلط نه چئي سگهندو هو. سندس مطالعو ايترو
ته وسيع هو ۽ حافظ اهڙو هو، جو صدين جي پراڻن
ڪتابن جا حوالا ڏيندو هو. هو مذهب، تاريخ، علم،
ادب ، نفسيات، فلسفي، طب، موسيقي، سياسي ۽ ٻين
ڪيترن ئي علم تي دسترس رکندا هئا. اسان پنهنجي
اکين سان وڏن عالمن، اديبن ۽ علم جي ڊاڪٽرن کي
گرامي صاحب کان مستفيض ٿيندي ڏٺو. ڪراچيءَ ۽ سنڌ
يونيورسٽيءَ جي شاگردن سان کين خاص لڳاءُ هوندو
هو، هر وقت سندن مدد ڪرڻ لاءِ تيار هو ۽ اهڙيءَ
طرح ئي ڪيترن شاگردن جو مشڪلون آسان ٿي وينديون
هيون. انهن ۾ ڪي ايم اي ۽ پي. ايڇ ڊي جا شاگرد به
هوندا هئا. سندن ورتاءُ سڀني سان سهڻو هو، جڏهن به
ڪي ماڻهو ايندا هئا، ته انهن سان کليءَ دل سان
ملندو هو ۽ انهن سان ڪچهريون ڪري، وڃڻ مهل آفيس
کان ٻاهر اچي کانئن موڪلائيندو هو. اسان ڪڏهن به
مغروري ۽ وڏائي هن ماڻهو ۾ نه ڏٺي. بلڪ هو هڪ فقير
قسم جو ماڻهو هو. حڪومت پاڪستان قائداعظم جي سئو
ساله جشن جي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ کي قائداعظم
تي هڪ ڪتاب ۽ رسالي مهراڻ جو قائداعظم نمبر ڪڍڻ
لاءِ هدايتون ڏنيون. سنڌي ادبي بورڊ طرفان قائد
اعظم تي هڪ ڪتاب ۽ رسالي مهراڻ جو قائداعظم نمبر
جو ڪم گرامي صاحب جي حوالي ڪيو ويوقائداعظم تي
لکليل ڪتاب سڄو سندن زندگيءَ ۾ ڇپجي تيار ٿيو ۽
رسلي مهراڻ جي قائداعظم نمبر جو ڪم هلي رهيو هو،
انهن ٻنهي شين تي گرامي صاحب ايترو ته ڪم ڪيو،
جنهن جو ڪا حد ئي ڪانه هئي. ان ڪم دوران اسان وٽ
اچڻ وڃڻ به بلڪل گهٽائي ڇڏيو هئائون. پاڻ ٻڌايو
هئائون ته صبح جو اٽڪل ڏهين بجي کان ويندي آفيس
ٽائيم ختم ٿيڻ تائين، يعني ٽين بجي تائين ڪيترا
مهينا لڳاتار لکندو رهيو ۽ ان بعد گهر پهچڻ تي
ماني کائي ڪجهه آرام ڪري، سج لٿي دوستن سان ٻه-چار
ڪلاڪ ڪراچي هوٽل ۽ بعد ۾ بخارا هوٽل ۾ ڪچهريون
ڪندا هئا ۽ اتان موٽڻ بعد ٻه – ٽي ڪلاڪ مشڪل سان
کين آرام جا ملندا هئا. ۽ وري رات جو ٽين بجي کان
صبح جو اٺين بجي تائين لڳاتار لکندا رهندا هئا.
اهي ڳالهيون ڪيتري وقت کان ڪندا رهيا، نيٺ لاچار
ٿي ۽ آخر مجبور ٿي، ڪيترن ئي موقعن تي، مون کين
چيو ته گرامي صاحب، ايترو ڪم نه ڪيو، ڪجهه پنهنجي
صحت جو خيال ڪريو. پر پاڻ ان جي جواب ۾ بلڪل تاڪيد
ڪري چوندا هئا، ته هي مهراڻ جو قائداعظم نمبر ضرور
پڙهجو، هي منهنجو يادگار شاهڪار ٿيندو. نيٺ
قائداعظم جي زندگيءَ جي آخري پڄاڻيءَ تي مضمون لکي
ختم ڪيائون، ته گرامي صاحب به اسان کان جدا ٿي
ويو. آخري ڏينهن، يعني اربع پندرهين سيپٽمبر 1976ع
تي صبح جو جيئن اسان گرامي صاحب کي گاڏيءَ ۾ وٺڻ
وياسين، ته اسان کي ظفر ٻڌايو ته گرامي صاحب جي
طبعيت ٺيڪ نه آهي ۽ هو ٻه ڏينهن موڪل ڪري رهيو
آهي. ان وقت حيدرآباد شهر ۾ ٻوڏن ۽ برساتن جي ڪري
گيسٽرو ۽ ڪالرا جي وبا پکڙيل هئي، اسان کي فڪر
ٿيو، ته گرامي صاحب جي طبعيت ڏسجي. اسان گاڏيءَ ۾
ويٺل چند ماڻهو جيئن مٿي سندن ڪمري ۾ وياسون، ته
پاڻ کٽ تي ليٽيل هئا ۽ جيئن مون کي ۽ ٻين کي
ڏٺائون، ته کٽ تان اٿي هٿ ملايائون ۽ سڀني سان هٿ
ملائي ويهي رهيا، ۽ اسان کين چيو ته اوهان کٽ تي
ليٽي پئو ۽ آرام ڪريو. کانئن پڇا تي معلوم ٿيو ته
ڪجهه پيٽ ۾ تڪليف ۽ ڪجهه گئس جي تڪليف آهي. سيون
اپ جي بوتل ۽ اينو فروٽ سالٽ پيتائون، چند گهڙين
بعد اسان پڇيو، ته سائين، ڪجهه تڪليف گهٽ ٿي آهي ۽
دل تان بار هلڪو ٿيو آهي؟ ته فرمايائون ته ها ڪجهه
گهٽ ٿيو آهي، دعا ڪريو! اسان کيس دلداري ڏيندي چيو
ته گهٻرايو نه، گئس جي تڪليف دور ٿي ويندي ۽ ائين
چئي موڪلائي، اسان گاڏيءَ ۾ سوار ٿي آفيس ڏانهن
روانا ٿياسين.اهو اٽڪل صبح جو نوين بجي جو ٽائيم
هو. آفيس پهچڻ کان پوءِ، اسان کي اٽڪل ٻي بجي ڌاري
ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ مان ۽ پوءِ بورڊ جي پريس مان اها
خبر ملي ته گرامي صاحب گذاري ويو آهي. انا الله و
انا اليہ راجعون. اسان آفيسون بند ڪري وڃي گرامي
صاحب جي جاءِ تي پهتاسين، ماڻهن جا انبوهه هئا، جن
جي چهرن تي غم جا ڪڪر ڇانيل هئا. سنڌي ادب جو هي
چراغ وسامي ويو!سنڌ ادب ۾ گرامي صاحب جو خال ڪير
به نه ڀري سگهندو. |