23 April, 2011

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تاريخ طاهري

باب: --

صفحو:9   

سال 940 هه ڌاري همايون بادشاهه جو سنڌ ۾ اچڻ * (70) 

سنڌ جي پراڻن ماڻهن جو بيان آهي ته مرزا شاهه حسن ارغون ملتان کان لاهري يعني ديبل بندر (1) تائين جيڪو سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي آهي ۽ گجرات جي سرحدن کان وٺي قنڌار، مڪران، ڪڇ تائين اهڙو ته ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو، جو اتان جا هڙئي رهاڪو سندس حڪم هيٺ اچي ويا. هن جيئن چاهيو تيئن پئي ٿيو.  

سال 948 هه ۾ (2) همايون بادشاهه هندستان جي هنگامن ۽ نمڪ حرام افغان (شير شاهه) (3) جي بڇڙاين کان بکر هليو آيو، جتي سندس لشڪر قلعي کي گهيري ۾ آڻي ويهي رهيو.

بکر جي حاڪم محمود خان ڪوڪلتاش جيڪو مرزا جو خاص غلام

* ڏسو حوالا ۽ تعليقات

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات پڻ حوالا ۽ متعلقات

(2) ڏسو حوالا ۽ متعلقات

(3) ڏسو حوالا ۽ متعلقات

هو، قلعي بندي ڪري اوسي پاسي واريون ٻنيون ڀيلائي ناس ڪرائي ڇڏيون. جنهن به ڪُڙميءَ ڪٿي ڪو زمين جو ٽڪرو آباد ٿي ڪيو، ته هن پنهنجي ساڙ کان اُن جي کل لهرائي، بُهه سان ڀرائي ٿي ڇڏي. حالتون وڃي اهي ٿيون جو ماڻهن پاڻي ۽ پوسل جي گاهه کان سواءِ اَن ڪڻو اکين سان ڪو نه ٿي ڏٺو. مانيءَ ڳڀو انسان جي جان برابر، بلڪ ان کان به مٿي هو. هر ڪو ماني ماني ڪندو مرندو ٿي رهيو.

سڄي سنڌ ۾ ايڏي ته ڀينگ ڪاهي پئي، جو جتي ڪڏهن ساوڪ ۽ رونق ڏسي پکي پسون لاتيون پيا لنوندا هئا، اتي چٻرن جا چرڙاٽ ٻڌڻ ۾ ٿي آيا. امن امان جو وري اهو حشر ٿي چڪو جو ڪٿي به ڪنهن لاءِ ڪو سک آرام ڪو نه رهيو. مرزا به سڀني زميندارن کي پوکي راهيءَ کان جهلي ڇڏيو هو. جيڪي ٿورا گهڻا فصل ڪنڊ پاسي پوکيل هئا، اهي پڻ ڀيلي ناس ڪرايا ويا. انهيءَ خيال سان ته جيئن شاهي لشڪر اَڻاٺ ۽ اڻ هوند کان ڪڪ ٿي جنگ ۾ ڪو جٽاءُ ڪري نه سگهي. ٺٽي کان بکر تائين هر هنڌ مرزا جو اهو ئي حڪم هلندو ٿي رهيو، آخرڪار سخت ڏڪار اچي منهن ڪڍيو جن وٽ ان جا ڪي داڻا ڪڻا هئا، تن پنهنجي ورءُ لاءِ سوگها ڪري رکيا، باقي جن ويچارن وٽ ڪي به نه هو، اهي بک وگهي جان کان بي جان ٿيندا ويا.

همايون بادشاهه پنهنجا حيلا هلائيندي به، ايڏيون جُٺيون ڏسي، لاچار ٿي پنهنجي لشڪر کي بکر جي پس گردائيءَ ۾ ڇڙوڇڙ ڪرڻ لڳو ۽ سئون سڌو محمود نا – مسعود اوباش بدمعاش ڪوڪلتاش سان مُهاڏو اٽڪائي ڏنائين. شاهي لشڪر هتان جي ماڻهن کي لُٽي ڦُري ناس ڪري قلعي کي پنهنجي گهيري هيٺ رکندو آيو. نيٺ، هو نا محمود مردود پنهنجي موت جي ڊپ کان همايون کي آزيون ڪرڻ لڳا ته: آءٌ اوهان جي غلامن جو به غلام آهيان، مون ۾ ڪهڙي طاقت آهي، جو اوهان جي سر سان سرڪشي ڪريان! نه وري پنهنجي منهن اهڙي ڪا ٻٽاڪ هڻي ٿو سگهان، ته اوهان جي هاٿين سان جيڪي اصحاب فيل جي هاٿين جهڙا آهن، جنگ جا ڪونتل ڪڏائڻ جي ڪريان! آءٌ ته رڳو پنهنجي نمڪ حلاليءَ جي ڪري مجبور ٿي پيو آهيان، جنهنڪري پنهنجي سرپرست (مرزا شاهه حسن) جو ساٿ ڏيڻو ٿو پويم، هن حال ۾ قلعو اوهان جي حوالي ڪرڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي، هن ملڪ جو مدار ارغونن جي اڳواڻ ۽ منهنجي حاڪم شاهه حسن جي مرضيءَ تي آهي. آءٌ ان سان ڪا به نالائقي ڪرڻ نه ٿو چاهيان. مناسب ائين ئي ٿيندو ته اوهان پهريان ان سان جنگ ڪري کيس شڪست ڏئي، قيد ڪري، پنهنجو مطيع بڻايو، تنهن کان پوءِ آءٌ به اوهان کان ڪنڌ ڪو نه ڪڍائي سگهندس. اها ڳالهه همايون قبول ڪئي. رعيت مان جيڪي به ننڍا وڏا ارباب ۽ زميندار، پنهنجي ڪڙم قبيلي جا سردار، هن ڇڪتاڻ ۾ گهر کان بي گهر ٿي چڪا هئا، پنهنجي پراڻي حاڪم جي اشاري تي بادشاهه جا اچي سلامي ٿيا، پر تڏهن به کين اهو ڊپ رهيو ته اڳتي هلي جڏهن شاهه حسن کي وارو مليو ته پاڻ کي الائي ڪهڙا ڏينهن ڏسڻا پوندا.

ارباب عمر شاهه ۽ دائود جو همايون وٽ اچي حاضر ٿيڻ *

انهيءَ عرصي ۾ ارباب عمر شاهه ۽ دائود سهتو (ٻئي پيءُ ۽ پُٽ)، جيڪي درٻيلي جي اربابن مان هئا (جن سان هن ڪتاب جي مصنف ”نسياني“ جي لڇ لڳي ٿي)، همايون جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيا ۽ پاڻ کي سندس حضور مان سرفراز ڪري، شاهي فوجون بکر جي آس پاس وڃي رهايائون، رعيت ۽ زميندارن

* ڏسو حواشي ۽ تعليقات

کي به سمجهائي ڇڏيائون، ته هندستان جو بادشاهه ”همايون“ ارغونن ۽ ترخانن جو ڪعبو قبلو آهي، ان جي حڪم کان منهن موڙڻ پاڻ کي تباهيءَ ۾ وجهڻ ۽ گمراهي ۾ رکڻ برابر ٿيندو.

هنن جي انهي چتاءُ کان پوءِ به ڪي اهڙا ماڻهو هئا، جن پنهنجي حماقت ۽ مصلحت جي ڪري ڪنهن ڳالهه تي ڪو ڌيان نٿي ڏنو ۽ بادشاهه جي تابعداريءَ کان نابري واريندا رهيا، پر، ارباب عمر وارن (71) شاهي حڪم پنهنجي پرڳڻي ۾ پهچائي، هر ڪنهن وٽان ان جي حيثيت آهر کاڌ خوراڪ جو سامان اُڳاڙي شاهي لشڪر جون ضرورتون پوريون ڪيون ۽ سڀني راڄن کي پوکي راهي ڪرڻ، گهرن اڏڻ لاءِ همٿائي دل ٻڌرايائون، جيئن انهيءَ وسيلي شاهي لشڪر کي اَن داڻو مهيا ڪري ڏئي سگهجي. اتان واندا ٿي، ٻئي پيءُ پُٽ پوري عقيدتمندي ۽ خلوص نيتيءَ سان صبح شام شاهي لشڪر جي سار سنڀال ۽ ان تي چوڪي ڏيندا رهيا. بادشاهه سندن جان نثاري ڏسي، کين سواري ۽ خلعت کين سواري ۽ خلعت سان نوازي، پنهنجي هٿ اکرن ۾ هيٺيون فرمان لکي ڏنو:

آئون همايون بادشاهه پٽ ظهير الدين بابر بادشاهه، پٽ عمر شيخ، بادشاهه جي حيثيت ۾ خدا جي خدائي ۽ رسول جي رسالت جو اقرار ڪندي، هي فرمان لکي ٿو ڏيان، ته جيڪڏهن خداوند ڪريم بکر جي حڪومت مون کي عطا ڪئي، ته مان (توهان مون سان وعدو وفا ڪريو، ته آءٌ اوهان سان واعدو وفا ڪندس) ان تي قائم رهندس. مون درٻيلي جو پرڳڻو ارباب دائود ولد عمر شاهه سهتي ۽ سندس اولاد کي بخش ڪيو آهي.

پڇاڙيءَ جيئن خدا جي خواهش هئي، ته شاهي گهوڙن جي سُنبن سان زمين جو هي ٽڪرو پامال ٿيڻ کپي، بادشاهه بکر مان ٺٽي جي صوبي ڏانهن چڙهائي ڪئي *. واٽ تي (72) اڪبر عمر ڪوٽ ۾ پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي ڀاڳ ڀري پيشانيءَ سان هن خاندان جي سلسلي کي اچي روشن ڪيو (1).

مرزا شاهه حسن کي جڏهن اها خبر پئي ته شاهي لشڪر بکر مان روانو ٿي ٺٽي اچي رهيو آهي ته ڏاڍو پريشان ٿيو. کيس اها اچي لڳي ته الاجي همايون جا لشڪري ساڻس ڪهڙو سلوڪ ڪندا ! نيٺ ٻي ڪا واهه نه ڏسي، ٺٽي مان نڪري وڃڻ ريڻ درياهه جو پاسو ورتائين (2) جيڪو سنڌو نديءَ مان نڪري بدين طرف وهي ٿو ۽ چاچڪن واري سرڪار (جنهن ۾ نوَ پرڳڻا آهن)، تنهن جون زمينون آباد ڪري ٿو. جڏهن اتي پهچي پنهنجو لڏو لاٿائين ۽ ارغونن ۽ ترخانن کي پنهنجي آسائش لاءِ، درياهه جي ڪنڌيءَ سان باغن پوکڻ جو حڪم ڏنائين. ان تان ڪيترن ارغونن ۽ ترخانن جيڪي ساڻس گڏ هئا، پنهنجي نالي باغ پوکيا ۽ هڪ ديهه ٻڌي، ان تي فتح باغ (3) نالو رکيائون، اها ديهه اڃا سوڌي آباد آهي (4).

هيڏانهن وري ڇا ٿيو جو همايون بادشاهه به فتح باغ پهچي ويو ۽ هنن کان ٻه ڪوهه پرتي منزل ڪرڻ چاهيائين، پر مرزا شاهه حسن جهڙي بد ديانت، بد بخت ۽ بد بنياد پنهنجي توڙي پنهنجن وڏن جي خداوند جي بندگي کان منهن    

*    ڏسو حواشي ۽ تعليقات

(1)  اڪبر بادشاهه رجب 949 هه مطابق 15 آڪٽوبر 1542ع عمر ڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.

حاشيه مقالات الشعراءِ قانع ص 864 (مترجم)

(2)   ڏسو حواشي ۽ تعليقات پڻ حوالا ۽ متعلقات

(3)  ڏسو حواشي ۽ تعليقات

(4)  ڏسو حوالا ۽ متعلقات

موڙي، جنگ ۾ منهن وڌو. هيءُ پنهنجي انهيءَ بڇڙائي ۽ نمڪ حرامائي (1) جي ڪري پنهنجو ڀاڳ ڦٽائي اڳو پوءِ ڌڌڙ ۾ پير هڻي ڇنڊائي پٿري ويهي رهيو (2). سياڻن سچ چيو آهي ته جنهن جي قسمت ڦٽي ٿي، سو چڱائي ڇڏي لڱائيءَ ۾ وڃي پوي ٿو. اهو پنهنجي محسن ۽ دوست جي هدايت توڙي شناس کان اکيون پوري، گمراهي ۽ نافرمانيءَ واري راهه اختيار ڪري ٿو (73).

بادشاهه جڏهن اهو حال ڏٺو ته پاڻ به جنگ ۾ ٽپي پيو. ٻنهي پاسن کان لاڳيتي ويڙهه هلندي رهي. شاهي خاندان کي مرزا شاهه حسن سان بندگي ۽ خدمتگذاريءَ جون جيڪي اُميدون هيون، اهي اجايون ثابت ٿيون. مرزا شاهه حسن هروڀرو اڻ ڄاڻائيءَ کان ڪم وٺي، پنهنجي عاقبت خوار ڪرڻ تي لهي آيو. جنگ هلندي رهي ته ايتري ۾ چاچڪن واري سرڪار، شاهي تحصيلدار جي قبضي ۾ اچي وئي، جتان شاهي لشڪر کي اناج جا ذخيرا هٿ آيا ۽ ڏُڪار جون سختيون سُڪار جي سڻائين ۾ بدلجڻ لڳيون. ساڳئي وقت هر روز ٻنهي پاسن 

(1) مرزا شاهه حسن جي نمڪ حرامائي – اصل ڳالهه هيئن هئي ته 921 هه/ 16 – 1515ع ۾ شاهه حسن پنهنجي پيءُ مرزا شاهه بيگ کان ڪاوڙجي وڃي بابر بادشاهه جي درٻار ۾ پهتو، جنهن کيس پنهنجي لطف ڪرم مان نوازيو. شاهه حسن ٻه سال بابر وٽ رهيو. هيءُ ايڏو هوشمند ۽ عقل وارو هو، جو بابر خود سندس باري ۾ پنهنجي اميرن کي چوندو هو ته شاهه حسن اسان وٽ ملازمت جي نيت سان نه، پر حڪمرانيءَ جي بيعت وٺڻ لاءِ آيو آهي. چئن سالن کان پوءِ 926 هه/ 20 – 1519ع جي پڇاڙيءَ ۾ بابر پاران قنڌار جي آخري گهيري کان ٿورو وقت اڳ ۾ مرزا شاهه حسن بابر کان موڪلائي پنهنجي پيءُ وٽ قنڌار هليو ويو. تاريخ سنڌ مولانا قدوسي ج 2 ص 20 – 21 مرڪزي اردو بورڊ لاهور.

انڪري ئي ڪتاب جي مولف (نسياني) هن کي نمڪ حرام ليکيو آهي، جو هن بابر جي لطف ڪرم کري وساري همايون سا ڪو نه رهايو هو.                                                 (مترجم)

(2)  ڏسو حواشي ۽ تعليقات

کان جنگي جوڌا صفون ٻڌي لڙندا رهيا. انهيءَ دوران هڪ عجيب واقعو رونما ٿيو، جيڪو هن ريت آهي.     

هڪ ڀيري مرزا شاهه حسن جي لشڪر مان، هڪ سپاهي اڪيلي سر گهوڙو هڪلي وڃي شاهي لشڪر ۾ ڪاهي پيو ۽ اهڙي بهادريءَ سان هٿيار هلايائين جو دشمن به کيس داد ڏيڻ لڳا، نيٺ پنهنجي چُستي ۽ دليريءَ جي باوجود سخت زخمي ٿي پيو، ته شاهي لشڪر کيس گرفتار ڪري ورتو. جڏهن هن کي بادشاهه وٽ پيش ڪيو ويو ته بادشاهه پاڻ سندس بهادري کي ساراهيندي ملم پَٽي جو حڪم ڏنو. انهيءَ خيال سان ته هيءُ ڏاڍو ڪارائتو جوان آهي، جيڪڏهن بچي ويو، ته کيس شاهي ملازمت ۾ رکيو ويندو، پر هو (74) مرزا شاهه حسن سان نمڪ حلاليءَ جو دم ڀريندي، بادشاهه کي عرض ڪرڻ لڳو: آءٌ اوهان جي ملازمت ۾ رهڻ ان ڪري مناسب نه ٿو سمجهان جو مون کي هر حالت ۾ مرزا سان وفادار رهڻو آهي. مون کي اجازت ڏني وڃي ته هن ئي حال ۾ پنهنجي حاڪم وٽ وڃي ان جي خدمت چاڪري ڪريان. ٻيءَ صورت ۾ اوهان ڀلي مون کي قتل ڪرائي ڇڏيو، جيئن آءٌ نمڪ حراميءَ جي الزام کان بچي وڃان. بادشاهه هن کي گهڻو ئي سمجهايو، پر هو ڪم عقل پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو. هن پنهنجي جان ڏيڻ گوارا ڪئي، پر شاهي ملازمت نه قبوليائين، اها ئي سندس نمڪ حلاليءَ جي ساک پَت هئي. پڇاڙيءَ بادشاهه جي حڪم تي کيس قتل ڪيو ويو. هن جا ٻه پٽ خاڪي ۽ سندس ڀاءُ، مرزا شاهه حسن جي سنڀال هيٺ رهيا. سندن پيءُ جي قتل کان پوءِ هن انهن جي چڱي پرگهور پئي لڌي. هي ٻئي اڃا ڇوڪراٽ هئا، تنهن ڪري جڏهن به مرزا شاهه حسن وٽ ارغونن، ترخانن جي ڪچهريءَ ۾ وڃي ٿي ويٺا، ته هنن کين ويهڻ جي جاءِ ته نه ٿي ڏني، پر بيهڻ لاءِ به نه سُٺو، ڇاڪاڻ جو اهي (ارغون ترخان) ناميارا بهادر ۽ وڏي مان مرتبي وارا هئا، جن کي ڏسندي ڪيترن جا ڏيل ڏڪي ٿي ويا (75). اها اڍنگي روش ڏسي، هنن ڇوڪرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته اسان کي به اهڙو ڪارنامو ڪري ڏيکارڻ کپي، جيئن هن ننڍي وهيءَ ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي سورهيه پيءُ جو نالو هر هنڌ واکاڻجي وڃي.    

خاڪي ۽ سندس ڀاءُ جي شاهي لشڪر تي چڙهائي

ڪنهن ڏينهن شاهي لشڪر جا بهادر جوان روزاني دستور موجب ميدان تي نڪري فوجي مشق ڪرڻ لڳا ته هي ٻئي ڀائر به ٺهي سنبري گهڙن تي چڙهي، پنهنجي اڳواڻ مستي ساربان وٽ ويا ۽ کيس چوڻ لڳا ته اسان کي اجازت ڏني وڃي ته اڄ وڃي شاهي لشڪر سان ٻه پاڻي ڪري اچون! مستيءَ سياڻپ سان کين سمجهايو ته اوهان کان اڳ اوهان جو پيءُ به اهڙي نادانيءَ ڪري موت جي منهن ۾ وڃي پنهنجو سر وڃائي ويٺو، مون ته ان کي به گهڻو ئي جهليو هو، پر ڪو نه مُڙيو ۽ نتيجو ڏٺائين. توهان به ته انهيءَ وڍيل وڻ جون ٽاريون آهيو، ڇو ٿا پنهنجي لاءِ پاڻ آزار پيدا ڪريو! وڃي ڪنهن ٻئي ڪم کي لڳو، هتي گهڻائي ميدان جا مانجهي موجود آهن، اوهان جي بدران انهن جو وارو آهي، جيڪي سر تريءَ تي رکي، جنگ جو تماشو ڏسيو ويٺا آهن توهان جنگ ڏٺي ئي ناهي، ته اوهان کان ڪهڙا ڦاڙها ماريا ٿيندا، چڱو ڄاڻو ته انهيءَ اَٽ تان لهي وڃو!

مستيءَ کي اميد هئي ته ٻئي ڀائر سندس صلاح تي ڪجهه سوچيندا، پر هو ڪن لاٽار ڪري، گهوڙن کي اڙي هڻي وڃي شاهي لشڪر سان منهان منهن ٿيا (76). اتفاق سان ان وقت بادشاهه پاڻ ڪاٺين جي اڏيل پيهي (ٺل) تان لشڪر جي مشق جو نظارو پئي ڪيو. جيئن ئي هي ٻئي ڄڻا ڦڙتائيءَ سان شاهي لشڪر جي وچ مان لنگهي سڌو کاهيءَ ڏانهن وڃي ٻين تي وار ڪري، پاڻ به ڌڪ کائي وري اچي پنهنجي لشڪر سان مليا، ته بادشاهه سندن ايڏي سورهيائي ڏسي سلامتيءَ جون دعائون گهرڻ لڳو ۽ کين آفرين ڪندو رهيو. خدا هن جي دعا سان ٻنهي ڀائرن کي امان ڏني ۽ سلامتيءَ سان وڃي پنهنجي ماڳ پهتا.

مستي ته هنن جي حيرت انگيز بهادري ڏسي، بيهوش ٿيندي وري هوش ۾ اچي ويو. ٿوري دير اڳ هنن کي جيڪي ڪجهه چيو هئائين، تنهن تي پشيمان ٿيڻ لڳو، پر رات جو جڏهن مرزا جي ڪچهريءَ ۾ ويو، ته اتي هنن جي هيڏي ڪارنامي جو ڪو ذڪر ئي نه ڪيائين! نه وري هنن (ڇوڪرن) کي ان ڳالهه جي ڪا پرواهه هئي، سو پاڻ به مرزا تائين ڪا خبرچار نه رسايائون، سڄي رات پنهنجي گهر ۾ پنهنجي ۽ گهوڙن جي ملم پٽي ڪندا رهيا، ائين ئي صبح ٿي ويو.

بادشاهه جو مرزا شاهه حسن وٽان ٻنهي ڀائرن کي گهرائڻ

ٻئي ڏينهن همايون بادشاهه پاڻ مرزا شاهه حسن کي لکيو ته اهي ٻئي (77) سورما اسان ڏانهن اُماڻيا وڃن. اتي مرزا شاهه حسن کي سڄي سُڌ پئجي وئي ته ڳالهه اصل ڇاهي. هن خيال ڪيو ته جيڪڏهن اسان جا بهادر اهڙي قسم جو ڪو به معمولي يا غير معمولي ڪارنامو ڪندا آهن، ته کين هڪ اڌ نه، پر ڏهه ڏهه ڀيرا اسان جي مُجري ۽ مخبري تي اچڻو پوندو آهي، پر عجب آهي ته هنن ڇوڪرن پنهنجي هيڏي سورهيائيءَ  جي اسان کي اڃا تائين ڪا به سُڌ نه ڏني آهي! خير پڇا ڪرايائين، ته ڪالهه رات ڪنهن جي چوڪي هئي، هڪدم مستي ساربان اچي حاضر ٿيو ۽ مرزا جي وڌيڪ پڇڻ کان اڳ، کيس پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌايائين. مرزا سڄي ڳالهه ٻڌي، خار مان کانئس پڇيو ته پوءِ ڪهڙو سبب هو، جو اسان کي انهيءَ عجيب واقعي کان بي خبر رکيو ويو؟ ڇا توهان مان ڪنهن جي انهن بهادر ۽ وفادار پيءُ جي پٽن سان ڪا دشمني هئي؟ مستي لاجواب ٿي شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪري بيٺو رهيو. مرزا هڪدم ٻنهي ڀائرن کي پاڻ وٽ گهرائي، کين انهيءَ ڪارنامي تي آفرين ڏيڻ لڳو. پوءِ هنن کان خبرچار پڇيائين. هنن سڄي حقيقت بيان ڪري مرزا کي پنهنجا ۽ گهوڙن جا زخم ڏيکاريا. هن کين شفقت سان نوازيندي وري پڇا ڪئي ڀلا ڪالهه ڇا جي ڪري اوهان مون وٽ اچي اها روئداد پيش نه ڪئي. هنن جواب ڏنو: اها ڪهڙي وڏي ڳالهه يا ڪا وڏ ماڻهپي هئي، جنهن تي فخر ڪندي، اوهان جي حضور ۾ اچي بيان ڪجي ها. الله ۾ اميد آهي ته ان کان به ڪو وڏو ڪارنامو (78) سر انجام ڏئي پوءِ اوهان کي ان جو ڄاڻ ڪيو ويندو.

بيشڪ سورهين ۽ جنگي جوڌن جو دستور به اهو ئي آهي، جو ڪانئرن وانگي هروڀرو پاڻ نٿا پڏائين، جيڪي ٿوري گهڻي ڳالهه تي وڏيون ٻٽاڪون هڻندا وتندا آهن ۽ جن کي پنهنجي آڏوڏائيءَ ۾ ننگ ناموس جو به ڪو لحاظ رکڻ نه ايندو آهي.   

 

مرزا هنن جي سورهيائي ۽ نهٺائيءَ کي پسند ڪندي، کين ٻڌايو ته بادشاهه اوهان کي پاڻ وٽ گهرايو آهي. هي جيئن ته پنهنجي سچائيءَ تي ثابت قدم هئا، انڪري مرزا کي عرض ڪيائون ته اسان اوهان جا ئي فرمانبردار آهيون، اوهان جو هر حڪم اکين تي، پر جيستائين اوهان خود مطمئن نه ٿيندا، تيستائين اسان بادشاهه وٽ ڪونه وينداسون. مرزا هنن کي دلجاءِ ڏني، ته آءٌ اوهان جي باري ۾ پوريءَ طرح مطمئن آهيان، تڏهن وڃڻ لاءِ تيار ٿيا، پر سڀني جو اهو رايو ٿيو، ته رڳو خاڪي بادشاهه جي خدمت ۾ وڃي. نيٺ خاڪي اڪيلو وڃي بادشاهه جي حضور ۾ پهتو.

بادشاهه هن کان گذريل ڳالهيون پڇڻ چاهيون، پر هن ڪو به جواب نه ڏنو، تنهن تي بادشاهه کي ڪجهه حيرت ٿي وري کائنس پڇيائين: تو جهڙا ٻيا ڪيترا بهادر شاهه حسن وٽ ملازم آهن؟ خاڪيءَ جواب ڏنو: آءٌ پنهنجي مرهيات پيءَ جو معمولي پُٽ آهيان، مون کي مرزا شاهه حسن جي ارغون ۽ ترخان ملازمن ڪين جهڙو ٿي سمجهيو ۽ سندن نگاهه ۾ منهنجي ڪا به وُقعت ڪا نه هئي. ائين چوڻ سان هن بادشاهه کي اهو باور ڪرائڻ ٿي چاهيو ته مرزا وٽ ڀَلئون ڀَل بهادر ملازم آهن، آءٌ انهن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه آهيان (79).

بادشاهه وري خاڪيءَ کي چيو: مرزا شاهه حسن پنهنجي ملازمن کي پراڻين سارين جي چند خرارن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏيندو آهي، اهي ساريون به وري اهڙيون جو گڏهه به ڪو نه کائين! توهان جهڙا بهادر ڪيئن ٿا انهيءَ معمولي اُجوري تي ان وٽ زندگي ضايع ڪندا رهن. مون توکي ان لاءِ پاڻ وٽ گهرايو آهي ته تنهنجي قدرداني ڪري، توکي ڪنهن وڏي عهدي تي ملازم ڪري رکان. خاڪيءَ وراڻيو: قبلا ! پنهنجي دوست کان جيڪي (ٿورو ڪي گهڻو) ملي، تنهن تي شڪر ڪرڻ واجب آهي. بادشاهه جڏهن ڏٺو ته هيءَ واقعي پنهنجي پير تي پورو آهي، تڏهن ڳالهه بدلائي کائنس پڇيائين: ڀلا اهو ٻڌاءِ ته توسان گڏ ٻيو ڪهڙو جوان هو؟

خاڪيءَ چيو: اهو منهنجو ننڍو ڀاءُ هو. بادشاهه مجلس ۾ ويٺل ماڻهن ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو: مون پاڻ ان وقت ائين ٿي ڀانيو ته اهو هن جو ڀاءُ هوندو. موڪلائڻ مهل بادشاهه خاڪيءَ کي ڀلو گهوڙو ۽ قيمتي وڳو عطا ڪيو. سندس ڀاءُ جي لاءِ به کيس اهڙو انعام ڏئي واپس اَماڻي ڇڏيائينس.

انهيءَ وچ ۾ بکر جي حاڪم محمود خان ڪوڪلتاش، مرزا شاهه حسن  کي چورائي موڪليو ته هتان جا ڪي زميندار شاهي لشڪر سان ملي، ان جي مدد ڪندا رهن ٿا ۽ شاهي عملدارن کي پاڻ وٽ رهائي، بادشاهه سان سنمک ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. انهن مان عمر شاهه ۽ دائود ته ماڳهين شاهي ڪارندن جو ڪم پيا ڏين، جن جون ڪار گذاريون سڀ کان وڌيڪ توجهه طلب آهن. بادشاهه جڏهن اروڙ ۾ آيو هو ته عمر شاهه تڏهن فوت ٿي چڪو هو. ان جا پٽ جن اوهان سان دغا ڪرڻ ۾ ڪين گهٽايو هو. ۽ اوهان جي حڪم موجب نه هليا هئا، اهي وري ساڳين پيرن تي اچي بيٺا آهن، جيڪڏهن هنن کي ڪا سيکت نه ڏني وئي، ته ٻيا زميندار به زور وٺي ويندا ۽ جيئن شاهي عملدارن جو ساٿ ڏئي چڪا آهن، تيئن آئيندي به انهن سان هوندا، ضروري آهي ته هنن کي جوڳو سبق ڏنو وڃي. (80)     

مرزا شاهه حسن جي حڪم تي دائود ۽ سندس ڀاءُ جو محمود خان ڪوڪلتاش هٿان قتل ٿيڻ

جڏهن محمود خان بکريءَ جو اهو پيغام مرزا شاهه حسن تائين پهتو، ته عمر شاهه جي پٽن شاهي لشڪر سان ملي ڳالهه ايستائين پهچائي آهي، جو بکر وارو قلعو اجهو اسان جي هٿن مان نڪري شاهي اميرن جي حوالي ٿيو. هاڻ مصلحت اها ٿيڻ کپي، ته انهن سان ڪا وڏي تعدي ڪئي وڃي، جيئن هرڪو عبرت حاصل ڪري!  

مرزا شاهه حسن حڪم ڏنو، ته محمود خان پنهنجي مرضيءَ مطابق ملڪ جي ڀلي لاءِ انهن هچارن کي قتل ڪرائي سگهي ٿو.

محمود نا – مسعود، جيڪو گهڻي وقت کان بادشاهه جي انهن خيرخواهن جي رت وهائڻ جي ڪڍ هو، سندن موت جي حڪم تي خوش ٿي هڪ کي جوال ۾ (1) سِبرائي، بکر جي خوني برج مٿان درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيائين. ٻئي جي کل لهرائي ان ۾ بُهه ڀرائي مرزا ڏانهن ڏياري موڪليائين. هنن جا پويان جلا وطن ٿي احمد آباد گجرات هليا ويا. وٽن جيڪو شاهي فرمان هو، اهو منهنجي ڏاڏيءَ ڏانهن اُماڻي ڇڏيائون. جنهن زماني ۾ (81) اڪبر بادشاهه (جي ڪارندن) هن ملڪ تي قبضو ڪيو ۽ محمود بکريءَ کي اتان معدوم ڪيائون ته اهي جلا وطن وري هتي واپس آيا. کين مليل شاهي فرمان مرزا جاني بيگ ترخان واري حادثي ۾ گم ٿي ويو، جنهن شاهي لشڪر جي خوف کان ٺٽي جو شهر ساڙائي ڇڏيو هو. انهيءَ فرمان جي گم ٿيڻ جو ٻين کي ته ڏاڍو ارمان ٿيو، پر مون (نسياني) کي خاص ڪري گهڻي ڳڻتي ٿي پئي. انهيءَ لاءِ ئي آءٌ ڪوشش ڪندو هيس ته ڪنهن به صورت ۾ شاهي درٻار تائين ڪا رسائي ڪري سگهان.

منهنجي هيءَ تصنيف به انهيءَ سلسلي جي هڪڙي ڪڙي آهي. اميد اٿم ته ان جي وسيلي ۽ پنهنجن محسن جي مدد سان، شاهي درٻار تائين رسائي ڪرڻ جو شرف ضرور حاصل ڪري وٺندس.

خداوند ڪريم شال جهانگير، جهاندار، جهان بخت کي ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جو تخت بخت عطا ڪري. آسرو آهي ته نيٺ ڪڏهن نه ڪڏهن حقدار کي پنهنجو حق ملي ويندو. شاهي غلامن کي انهيءَ نسبت ۽ ٻين واسطن سان اها وڃايل ميراث هٿ اچي سگهي ٿي، جيڪا بادشاهه کين بخش ڪري ويندا آهن. خدا آخر هر ڪنهن جي حق رسي ڪرڻ وارو آهي.

(1)    ڏسو حواشي ۽ تعليقات

چاچڪن جي زميندارن کي شاهي جاگيردارن جي قتل جو حڪم

خداوند ڪريم شل ڪنهن کي به ڪڏهن مصيبت ۾ مبتلا نه ڪري، ڇا لاءِ ته اها ڏاڍي بڇڙي بلا ثابت ٿئي ٿي. حڪومت جي خير خواهن جو بخت بلند هجي، خاص ڪري بادشاهن کي (82) ڪو وبال ۽ زوال نصيب نه ٿئي، جو اهو رعيت جي تباهي ۽ برباديءَ جو ڪارڻ بڻجي ٿو. بادشاهه گردي اصل ته خلق جي امن آرام کي به گردش ۾ آڻي ڇڏي ٿي. جڏهن بادشاهه سلامت (همايون) هند ڇڏي سنڌ ۾ آيو ته ماڻهن پاران ساڻس هر قسم جون نمڪ حرامايون ۽ نافرمانيون ٿيڻ لڳيون، نيٺ ملڪ وڃي حقدارن جي حوالي ٿيو.

اهي نادان جن حماقت ڪري پنهنجي موروثي محسن سان وفا نه ڪئي، تن مان ٻين کي وري ڪهڙو فائدو رسي سگهيو ٿي! انهن نمڪ حلالن جون ڳالهيون جڏهن زميندارن تائين پهتيون ته پنهنجي عاقبت جو خيال ڪندي، مرزا جي طرفداريءَ ۾ ئي پنهنجي چڱائي سمجهيائون. هنن تڪڙ ڪري نه رڳو شاهي درٻار سان وفاداري ڏيکاري هئي، پر پاڻ بچائڻ لاءِ ڪي اڍنگا طريقا به اختيار ڪري چڪا هئا. مرزا شاهه حسن کي چيائون ته اسان آخر اوهان جا ئي آهيون، جيئن اَنَ جو منهن جنڊ ڏانهن هوندو آهي، تيئن ئي اسان جو مثال سمجهيو وڃي. هن وقت شاهي عملدارن لاءِ جيڪو به حڪم ڪندا سو هڪدم پورو ڪيو ويندو.

هن بدبخت (شاهه حسن) انهن صلاحڪارن جي چئي تي لڳي، اها سوچ ڪئي ته جيڪڏهن چاچڪان واري سرڪار مان شاهي عملدارن کي ڪڍيو ويو ته ڏاڍو چڱو ٿيندو. آخر اهو اعلان ڪرايائين ته: بکر جا ارباب جيڪي بادشاهه جا طرفدار ٿي چڪا آهن، تن کي معلوم هئڻ گهرجي، ته هن وقت اوهان جي قسمت زور آهي، جو اوهان پنهنجو ملڪ شاهي لشڪر جي قبضي ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، پر جنهن ڏينهن بادشاهه هتان هليو ويو، توهان سڀني جي اهڙي خبر ورتي ويندي جو ڏيهن کي پيا ڏس ڏيندا.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org