23 April, 2011

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تاريخ طاهري

باب: --

صفحو:13  

مرزا باقيءَ جو پنهنجي پٽن کي ملڪ جي مختلف صوبن ڏانهن روانو ڪرڻ مرزا باقي کي ٽي پٽ هئا، جن کي پنهنجي نگرانيءَ ۾ تربيت ڏياري چونڊ چڱا ماڻهو سندن خدمت ۽ ملازمت ۾ مقرر ڪيا هئائين. مرزا پائنده محمد ترخان کي جيڪو سڀني کان وڏو هو، بکر ۾ ترسيل شاهي لشڪر سان منهن ڏيڻ لاءِ سيوهڻ ۾ رکيائين، پر جيئن ته هن جو دماغ سالم نه هو، تنهنڪري (1) (146) حڪومت نالي ماتر سندس هٿ هيٺ رهي، باقي سڄو ڪاروبار سندس پٽ مرزا جاني بيگ جي حوالي ٿيو، جنهن جو وزير شمس ڪشميريءَ کي مقرر ڪيائين. مرزا پائنده محمد ترخان جي دماغي خرابيءَ بابت ٻڌڻ ۾ آيو، ته هن ڄاڻي واڻي پاڻ کي ٻوڙو ۽ گونگو بڻائي ڇڏيو هو، ڇو ته پڻس مرزا باقيءَ کيس ڪنهن ليکي ۾ ئي نه ٿي آندو. چون ٿا ته هن هڪڙي ڀيري ڪا شيءِ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏني ته پڻس ڪاوڙجي هن کي پنهنجي دل تان لاهي ڇڏيو. ان ڏينهن کان هن پاڻ کي ائين ڪري ڇڏيو هو ۽ سدائين چُپ رهندو ٿي آيو.

جڏهن مرزا جاني بيگ پيءُ جي نالي ۾ سيوهڻ جو صوبه دار ٿيو، ته شاهي لشڪر ساڻس هٿ چراند شروع ڪري ڏني. مرزا جاني بيگ پنهنجي ماڻهن ارغونن، ترخانن ۽ ٻين کي ساڻ ڪري ننڍي وهيءَ ۾ شاهي لشڪر جو اهو مقابلو ڪيو، جو ان جا وڻ ئي وڄائي ڇڏيائين، پر شاهي لشڪر تي جيئن ته بادشاهه سلامت جي اقبال جو سايو هو، تنهن جي ڪري مرزا جاني بيگ وڌيڪ سٽ نه جهلي سگهيو ۽ ڀڄي جند ڇڏايائين. شمس ڪشميري ڊوڙي وڃي مرزا باقيءَ وٽ رسيو ۽ کيس دانهن ڏنائين، ته اسان جو لشڪر غنيم کان شڪست کائي

(1) ڏسو حواشي ۽ متعلقات

چڪو آهي. ڀڄڻ وقت اهو چئي ميدان ڇڏيو هئائين، ته: جيڪڏهن حياتيءَ وفا  ڪئي ته ٻيهر (147) ساڻس چڪري ڏني ويندي.

خدا جنهن کي ڄمندي ڄام ڪري ٿو، اهو پنهنجو مانُ مرتبو سڃاڻي، ننڍي ڄمار ۾ به وڏا ڪارناما ڪري ڏيکاري ٿو. مرزا جاني بيگ بر وقت ئي شمس ڪشميريءَ کي جواب ڏنو هو، ته هن حالت ۾ مرزا باقيءَ جي ڦٽڪارن ۾ پوڻ کان بهتر آهي، ته هتي ئي پاڻ کي موت اچي! جيڪڏهن اوهين ميدان ڇڏي وڃو ٿا، ته مرضيءَ جا مالڪ آهيو. اسان ۾ ايڏي خواريءَ سهڻ جي سگهه ناهي! ائين چئي گهوڙو ڇڏي هاٿي تي چڙهيو ۽ چوڻ لڳو، ته جيڪو اسان کي هتي اڪيلو ڇڏي ويندو  تنهن کي ڪا به جهل پل ڪانهي، هن اهي اکر اهڙي انداز ۾ چيا، جو سندس همت ڏسي ارغون، ترخان وري دل ٻڌي ميدان تي آيا ۽ وڏي بهادريءَ سان جنگ ۾ جُنبي ويا. انهن جوڌن ۾ بهادر سلطان جهڙا جنگ جوان به هئا، جن ڏاڍي سورهيائي ڏيکاري. شاهه قاسم ۽ علي شير ارغون، جيڪي بکر ۾ ترسيل هئا، شاهي ڪارندن سان ملي ويا هئا، انهيءَ  وهم کان ته متان اهي کين قيد ۾ وجهي ڇڏين، هڪدم اتان نڪري سيوهڻ هليا آيا ۽ مرزا باقيءَ ڏانهن چوائي موڪليائون، ته جيڪڏهن اسان جون اڳيون خطائون معاف ڪيون وڃن، ته اسان اوهان وٽ حاضر ٿيڻ لاءِ تيار آهيون. مرزا باقيءَ جواب ڏياري موڪلين، ته مون اوهان جا مڙئي ڏوهه گناهه معاف ڪري ڇڏيا، پوءِ مرزا جاني بيگ کي سفارش ڪيائين، ته انهن جي ماڻهن کي گذر بسر جو انتظام ڪري ڏنو وڃي ۽ اهي پاڻ هيڏانهن هليا اچن. آخر شاهه قاسم ۽ علي شير ارغون پنهنجي ماڻهن کي سيوهڻ پاسي ڇڏي، پاڻ مرزا باقيءَ وٽ وڃي حاضر ٿيا، جنهن هنن کي ڏاڍي عزت ڏئي (148) پنهنجي مهربانين سان نوازيو.

اهڙيءَ ريت مرزا باقيءَ سيوهڻ تي مرزا پائنده بيگ ۽ مرزا جاني بيگ کي مقرر ڪري ٻئين پُٽ مرزا شاهه رخ ترخان کي نصرپور جو حاڪم ڪري رکيو ۽ شير علي ڪوڪيءَ کي هن جو وزير مقرر ڪيائين. چاچڪان ۽ بدين واري سرڪار وري پنهنجي ٽئين پُٽ مرزا محمد مظفر ترخان جي حوالي ڪري، ان جو وزير علي خان کي ڪيائين، جيڪو شاعر هو ۽ سندس غزل جو هي شعر گهڻو مشهور آهي:

 

اي علي خان رُو نڪوئي ڪن ڪ بعد از مرگ تو –
تابگو يندت ڪ اين مسڪين برحمت در گذشت
 

اي علي خان چڱائي ڪر ته، جيئن تنهنجي مرڻ کان پوءِ
هر ڪو ائين چوي، ته هيءَ ويچارو خدا جي رحمت سان ويو.
 

ان کان پوءِ نيرون ڪوٽ تي، جتان جا رهاڪو سرڪاري ڍل ادا ڪرڻ کان انڪار ڪندي ٿي آيا، مرزا محمد زمان ترخان کي حاڪم ۽ قاسم علي سلطان کي وزير مقرر ڪيائين. ٺٽي وارو صوبو لاهري بندر کان وٺي نار ۽ ڪڪرالي تائين جتي سما، دُل ۽ لانگاهه رهندا ٿي آيا، جن هڪ طرف سامونڊي ڌاڙيلن جو ڪردار ادا ٿي ڪيو، ته ٻئي پاسي ٺٽي تي به ڪاهيندا ٿي رهيا، خاص ماڻهن جي حوالي ڪري، سڄي ملڪ کي اهڙي ضابطي هيٺ آندائين جو هڪ هفتي جي اندر جيڪڏهن ڪنهن به صوبي مان هن وٽ ڪا به ڪار گذاري پوري وقت تي نٿي پهتي، ته اتان جي وزير کي قتل ڪرائي ڇڏڻ جو حڪم جاري ٿي ڪيائين. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجا جاسوس پکيڙي ڇڏيا هئائين، جيڪي سندس پٽن ۽ انهن جي وزيرن بابت سڄيون خبرون کيس رسائيندا ٿي رهيا. نه رڳو ايترو، بلڪ انهن جاسوسن اتان جي اربابن، عالمن، سپاهين ۽ ٻين ننڍن وڏن جيڪي ڪم ٿي ڪيا، تن جو احوال به هن تائين ٿي پهچايو. (149)

اهي سمورا انتظام ڪري، پوءِ پاڻ قلعي جي جهروڪي ۾ ويهي حڪم ٿي ڪيائين، ته ديوان ۽ عامل جيڪي سرڪاري پگهاردار آهن، هر روز سڄي ملڪ جي هر هڪ صوبي جو حساب ڪتاب وٽس حاضر ڪندا رهن، جيئن خبر پوي، ته ڪهڙي صوبي مان ڪيتري آمدني ٿئي ٿي. اهي حڪم اهڙي سختيءَ سان عمل ۾ اچي ويا، جو ماڻهن جي حياتي زهر ٿي پئي. روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڏوهه ۾ هڪ نه ٻئي ڪارندي جا ڪن ڪپيا ٿي ويا ۽ هڪ نه ٻيو قتل ٿيندو ٿي رهيو. ان ۾ هندو توڙي مسلمان ڪنهن سان به ڪا رعايت نه ٿي ڪئي وئي.

مرزا باقيءَ جي آپگهات جو ڪارڻ

جڏهن سندس ظلم حد کان وڌي ويو ۽ ماڻهو هن کان تمام تنگ ٿي ويا، ته مسلمانن مسجدن ۾ وڃي سندس موت جون دعائون گهريون ۽ هندن هوڻ (1) شروع ڪيو. رات ڏينهن هر هنڌ اهو پَٽڪو هلندو رهيو، ته خدايا! هن بڇڙي ۽ ظالم حاڪم جو پاڇو اسان تان لاهه! اڃا انهيءَ واويلا ۾ ڪي ڏينهن مس گذريا، ته سندس پياري پُٽ ۽ نصرپور جي حاڪم مرزا شاهه رُخ وفات ڪئي (2). جنهن جي خبر ٻڌي، مرزا باقيءَ جا  ڍَڍَرئي ڍَرا ٿي پيا. هيلتائين دنيا دولت ميڙڻ جا جيڪي جتن ٿي ڪيائين (150)، تن تان ارواح کڄي ويس. مرزا شاهه رخ جا جيڪي به خاص ماڻهو هئا، تن کي انهيءَ خار ۾ ڏاڍو خوار خراب ڪيائين، مردن کي ته ڪو نه ڇڏيائين پر زالن کي به شلوارن ۾ ٻليون وجهرائي، سندن ڇاتيون وڍرائي چوندو رهيو ته: اوهان ئي منهنجو پُٽ مون کان جدا ڪرائي ڇڏيو! ڪيترن

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

(2) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

ماڻهن کي هاٿيءَ جي پيرن سان ٻڌرائي، گهٽين ۽ بازارين ۾ گهلي مارائڻ جو حڪم ڏنائين.  

جڏهن انهيءَ وٺ پڪڙ مان واندو ٿيو، ته شاهه قاسم ارغون کي نصرپور جو حاڪم مقرر ڪيائين ۽ ملڪ احمد کي مرزا شاهه رخ جي جاءِ تي پنهنجو پُٽيلو بڻايائين. جيڪي ماڻهو هن جا وڌيڪ ويجها هئا، هن واقعي کان پوءِ انهن کان ايڏو بدگمان ٿي ويو، جو جيڪو به کاڌو وٽس تيار ٿي آيو پئي، ته ان کي پنهنجي مُهر جي تصديق کان سواءِ هٿ ئي ڪو نه پئي لاتائين. يعني هن لاءِ جيڪو به کاڌو تيار ٿيندو هو، ان کي پاڻ مُهر بند ڪرائي ٿي ڇڏيائين. جنهن وقت اهو کاڌو وٽس ٿي آيو، ته ان مهر جي پڪ ڪري پوءِ منجهس هٿ ٿي وڌائين. ايتري قدر جو پاڻي به مهر کان سواءِ ڪو نه ٿي پيتائين، پاڻ ايڏي فخرداريءَ سان پنهنجي حفاظت ڪندو رهيو، پر جيئن ته سندس عمر باقي نه رهي هئي ۽ موت مٿس لامارا ٿي ڏنا، تنهن ڪري ايترن حيلن هوندي به آخرڪار بچي نه سگهيو.

مون (نسياني) پنهنجي پيءَ ميان حسن (1) کان ٻڌو، ته مرڻ واري رات مرزا باقيءَ پنهنجي خاص خدمتگارن مارقدم قورچي، ڇتي هندو ۽ درياهي آبدار سان خواب گاهه ۾ ستو پيو هو، ٻاهر سندس پُٽيلي ملڪ احمد جي چوڪي هئي، جڏهن اڌ رات ٿي، ته هندن وارو هوڻ ڪارگر ٿيڻ لڳو. مرزا باقي چپ چاپ ۾ پنهنجي پلنگ تان لهي اول ڏيئو وِسايو، انهيءَ خيال کان ته متان ڀر ۾ سڀني خادمن مان ڪو کيس ڏسي نه وٺي! پوءِ ترار مياڻ مان ڪڍي ان جو مُٺيو در جي طاق ۾ اڙائي، ترار جي چهنب کي اهڙي زور سان پنهنجي پيٽ ۾ چُڀايائين جا هڪدم وڃي پُٺيءَ کان ٻاهر نڪتس (151). جڏهن پنهنجي ئي هٿان پاڻ کي انهي حال تائين پهچائي چڪو ته هڪ هٿ ۾ پنهنجا آنڊا جهلي، ٻئي هٿ سان

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

جيڪو رت ۾ ڀريل هوس، ڀت تي ٽيڪ ڏيندو، مٿس رت جا نشان ڇڏيندو هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون ڏيندو رهيو. آخر بي طاقتيءَ کان ساڻو ٿي وڃي نوڪرن جي مٿان ڦهڪو ڪيائين. هو هڪدم ڇرڪ ڀري اُٿيا. ڏٺائون ته مرزا باقي جيڪو هيستائين ٻين جو رت وهائيندو ٿي آيو. پاڻ رت ٿيو پيو آهي! سڀني کيس پٽ تان کڻي پلنگ تي آندو، جڏهن ڏيئو ٻاري سوجهرو ڪيائون ته مرزا باقي مرڻينگ حالت ۾ هو ۽ سندس رت نارا ڪري وهڻ لڳو. اهو ڏسي سڀئي مٿا اُگهاڙا ڪري ماتم ۾ پئجي ويا. انهيءَ لاءِ نه، ته مرزا باقي مرڻ وارو آهي، پر انهيءَ لاءِ ته هاڻ ان جي قتل جي تهمت مٿن مڙهي ويندي. هنن جي لڙگوڙ ٻڌي، سڄي چوڪي خاني ۾ رام ڌڱاڻو مچي ويو.

مرزا باقي دم نڪرڻ کان اڳ اک پٽي پنهنجي پٽيلي ملڪ احمد کي سنڀاريو، جنهن تي اُتي ويٺل ماڻهن مان هڪ ڄڻو رت لڳل ڪپڙن ۾ ان کي سڏڻ ويو ۽ اها حقيقت کيس ٻڌايائين. ملڪ احمد کي اچي پنهنجي ڊپ ورايو، سو اچڻ کان لنوائڻ جي ڪيائين، ايتري ۾ ٻيو ماڻهو ڊوڙندو آيو، جنهن چيس ته مرزا باقي سڪرات ۾ آهي، توکي ڏاڍو سنڀاري پيو، جلدي هل! (152) ملڪ احمد لاچار ٿي ميان حسن (نسياني جي والد) کي ساڻ ڪري  هليو آيو، جيئن مرزا باقيءَ جي مٿس نظر پئي، ته کيس پُٽم پُٽم (1) چئي کڻي ٻَکُ وڌائين. هو ويچارو ڊنل ته اڳي ئي هو، ويتر جو مرزا باقيءَ هن کي ڇڪي پنهنجي ڀاڪر ۾ آندو، ته سڄو رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ٻهترجي چوڻ لڳو:

مون کي هن واقعي جي ڪا به خبرچار ڪانهي، نه وري اهو پتو آهي، ته هيءُ مصيبت ڪنهن اوهان تي آندي، پر توهان زوريءَ مون کي ماڻهن جي روبرو قتل جو ملزم بڻائڻ جي

(1) ڏسو حوالا ۽ متعلقات

ڪوشش ڪري رهيا آهيو! اوهان جي وفات کان پوءِ خبرناهي، ته منهنجو الائي ڪهڙو حشر ٿيندو؟

جيڪي ماڻهو اُتي موجود هئا، تن کي مرزا باقيءَ تاڪيد ڪيو ته: اوهان شاهد رهجو، جيئن منهنجي مرڻ کان پوءِ ڪنهن به ماڻهوءَ کي منهنجي قتل جي ڏوهه ۾ نه پڪڙيو وڃي! اها ڳالهه منهنجي پُٽن ۽ ٻين حاڪمن کي به ٻڌائي ڇڏجو، ته اسان پاڻ کي پاڻ قتل ڪيو آهي. ان ۾ ٻئي ڪنهن جو به هٿ ڪونهي. اهي اکر چئي بس ڪيائين، ته رات جي پوئين پهر ۾ سندس پساهه پورا ٿي ويا (2).

پاڻ سڀ ڪجهه مٽيءَ مٿان ڇڏي، حڪومت جي گادي پوين جي لاءِ رهائي ويندو رهيو.

اها خبر واءُ وانگي جيڏانهن ڪيڏانهن پکڙجي وئي. شهر کان قلعي تائين جيڪو به ماڻهو هو، رڙيون ڪري روڄ ۾ پئجي ويو. سردار، سپهه سالار سڀ هڪيا تڪتا اچي درٻار ۽ ديوان خاني ۾ گڏ ٿيا (153). رات جي وڳڙي ۾ اصل ڳالهه جي ڪنهن کي به ڪل نه پئجي نه سگهي. صبح تائين جيڪو جتي هو، اتي ئي حيران پريشان رهيو. ڪنهن کي به اندر وڃڻ جي همت ڪا نه ٿي، اهو ڏسڻ لاءِ ته مرزا باقي ڪهڙي حال ۾ هي جهان ڇڏي چڪو آهي.

(2)  مرزا باقيءَ جي مزار تي لڳل ڪتبي مان سندس وفات جي تاريخ هن ريت ملي ٿي.

مرزا محمد باقي ولد مرزا عيسيٰ ترخان ڇنڇر 8 شوال 993 هه مطابق 1585ع ۾ وفات ڪري ويو.

زغيب اُمد ندا، تاريخ او گفت
ڪ گوئي سرور سردار باقي.

لب تاريخ سنڌ ص 86 – مترجم

طاهر نسيانيءَ  جي والد ميان حسن عام خاص ماڻهن جي واتان، جيڪي انهيءَ واقعي ڀيري اُتي موجود نه هئا، ائين ٻڌو ته ملڪ احمد سان گڏ، مرزا باقيءَ اڳيان حاضر سڀني ماڻهن کي خوار خراب ڪري ڪُٺو ويندو، ڇو ته اها سڄي ڪارستاني انهن جي ئي آهي.

ملڪ احمد تي خاص ڪري اهو الزام مڙهيو ٿي ويو، ته هن سازش ڪري، سڀني ماڻهن کي پاڻ سان ملائي، ڪنهن نه ڪنهن لالچ يا احسان وسيلي کانئن اهو ڪم ڪرايو آهي.

ملڪ احمد کي جيتوڻيڪ گهڻن ماڻهن اڳواٽ اها ڏاهه ڏئي ڇڏي هئي ته پنهنجي ۽ ٻين جي بچاءُ جي تدبير سوچي، هروڀرو انهن جي حاسدن جي ور نه چڙهي، جيڪي اڳي ئي ساڻس ازلي وير رکندا اچن ٿا. تنهن هوندي به ملڪ احمد ڪن لاٽار ڪندو رهيو. نيٺ پنهنجي غفلت جي ڪري پاڻ اڻ ڪِئي جي سزا ڀوڳيائين، پر ٻين کي به آوهه ۾ آڻي ڇڏيائين. ميان حسن کان سواءِ جيڪي ٻيا ماڻهو ان رات اُتي (مرزا باقيءَ جي خواب گاهه ۾) موجود هئا اهي به ناحق جو شڪار ٿي ويا.

مرزا باقيءَ جو پٽ مرزا محمد پائنده بيگ ۽ سندس پوين جو احوال

جڏهن سج ڪني ڪڍي (154)، ته مرزا باقيءَ جي موت جي جاچ پڙتال ڪرڻ لاءِ اندريان ٻاهريان سڀئي ماڻهو اچي هيڪاندا ٿيا. جن ماڻهن جي باري ۾ اڳواٽ ئي راءِ زني ٿي چڪي هئي، ته اهي ئي قتل جا ملزم آهن، تن سڀني کي بنا پڇئي بنديخاني ڀيڙو ڪيو ويو. ان سان گڏ دستوري طرح نئين حاڪم چونڊڻ جون ڳالهيون شروع ٿي ويون. خليل مهردار، خسرو خان چرڪس ۽ ٻين ماڻهن ملا محمد فراضي، شمس الدين سلطان ۽ آخوند جمال الدين مڙني گڏجي صلاح ڪئي، ته مرزا باقيءَ جي پُٽ مرزا محمد صالح مظفر ۽ مرزا محمد پائنده بيگ مان ڪنهن هڪڙي کي جيڪو لائق هجي، هتي گهرائي (155) حڪومت جي گاديءَ تي ويهاريو وڃي.

پهريائين فيصلو ٿيو، ته مرزا مظفر کي بدين صوبي مان گهرائي گاديءَ تي ويهارجي، پر جيئن ته هن جي ماءُ ڪڇ جي جاڙيجن سمن مان هئي، تنهن ڪري انهيءَ خوف کان ته متان سڀاڻي راجپوت، جن جو سدائين جهيڙي جهٽي ۾ منهن آهي، هتي اچي مرزا مظفر جي زور تي، پنهنجا پير کُپائي ماڳهين سڄو ملڪ نه ڦٻائي ڇڏين. جيڪڏهن ائين ٿيو، ته پوءِ سنڌ مان مغلن جي پاڙ ئي پٽجي ويندي. نيٺ هڻندي ماريندي ڳالهه اچي مرزا پائنده بيگ تي بيٺي، جيڪا سڀني کي پسند آئي، پر اهو (مرزا پائنده بيگ) به دماغي خرابيءَ ۾ مبتلا هو، جنهن تي وري چوڻ لڳا، ته انهيءَ چريي کان ڪو به ملڪي مسئلو حل نه ٿي سگهندو. نيٺ اها صلاح ٿي، ته مرزا پائنده بيگ ڀلي نالي ماتر ملڪ جو حاڪم هجي، باقي سمورا ملڪي مسئلا سندس پُٽ مرزا جاني بيگ جي حوالي رهن! انهيءَ نبيري کان پوءِ مرزا باقيءَ جو لاش دفنائي، مرزا جاني بيگ ڏانهن سيوهڻ قاصد اُماڻيو ويو، ته جيڪڏهن ماني تنهنجي اڳيان رکي هجي، ته اها ڇڏي هتي اچي پهچ! جو ان کان وڌيڪ تنهنجي لاءِ هتي ماني تيار آهي، پر جي ننڊ ۾ هجين، ته به سجاڳ ٿي هيڏانهن اچڻ جي ڪر، جو تنهنجي ڀاڳ ۾ حڪومت جي پاسباني لکجي چڪي آهي! پڇاڙيءَ ۾ کيس صاف لفظن ۾ ڄاڻايل هو ته:

توکي ڄاڻ ٿو ڪجي ته، مرزا باقي هي جهان ڇڏي چڪو آهي، هاڻ تون جلد کان جلد هتي پهچي وڃ، متان تو کان اڳ مرزا مظفر هتي پهچي حڪومت جي گادي والاري!              

اهو قاصد ڀلي گهوڙي تي سوار ٿي، ٽن ڏينهن ۾ ٻه سو ڪوهه پنڌ هڻي، مرزا جانيءَ کي سيوهڻ کان ٺٽي وٺي آيو (156)، پر ايتري ۾ مرزا مظفر کي، ان جي وزير علي خان، بدين صوبي مان ستر ڪوهن تان، ٺٽي آڻي رسايو، ته جيئن پيءَ جي ميراث جو مالڪ بڻجي. اها خبر جڏهن مرزا جاني بيگ جي طرفدار اميرن وزيرن تائين پهتي، ته بنا ڪنهن ويرم جي مرزا مظفر کي شهر کان ٻاهر علي جان واهه جي ڪنڌيءَ تي روڪائي، مرزا پائنده بيگ کي گاديءَ تي ويهاري ڇڏيائون.

جن ماڻهن تي مرزا باقيءَ جي قتل جو الزام مڙهيل هو، تن مان هر هڪ کي حڪومت جي دهشت ثابت ڪرڻ ۽ ماڻهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ سخت سزائون ڏنيون ويون. درياهي آبدار کي آلن ٽوئن ۾ بند ڪري باهه ۾ ساڙايو ويو. مارقدم قورچي کي ڪرٽ سان چيرائي ٻه اڌ ڪري، سندس لاش جا ٽڪر شهر ۽ جهنگ ۾ اُڇلايا ويا. هندوءَ کي سنگسار ڪرڻ جو حڪم مليو، جو پٿرن، ٺڪرن ۽ ڀترن ۾ پورجي پورو ٿي ويو، ملڪ احمد ولد ماسف (1) کي اگهاڙين لڱين قيد مان ڪڍي سندس آلت ۽ پيلا ٻڌي، ڇريءَ وهائڻ جي تياري ڪئي وئي. جلادن هن جي آڱر ۾ پيل مُنڊي هٿ ڪرڻ لاءِ وڏيون ٻٽاڪون هڻي، کيس موت کان بچائڻ

(1) اصل ۾ ملڪ احمد ولد ماسف لکيل هو ڏسو ص 162 ص 61. نوٽ: هتي ماسف جي لفظ مونجهارو پيدا ڪيو آهي. پير صاحب حسام الدين راشدي ”مرزا غازي اور اسڪي بزم ادب“ جي حاشي ص 572 تي لکي ٿو: تاريخ طاهري جي ڇپيل، فارسي نسخي ۾ اها عبارت (غلط ڪتابت تي غور ڪري سڌارڻ بجاءِ) ائين ئي ڇاپي وئي آهي. ملڪ احمد ولد ماسف – حالانڪ ولد ماسف ناهي بلڪ ”ملڪ احمد و والد مولف“ (ملڪ احمد ۽ مولف نسياني جو پيءُ سيد حسن) آهي.

جا آسرا ٿي ڏنا (157). پر انهن جلادن کي خدا سلطاني قهر کان امان ۾ رکيو، نه ته سندن خير نه هجي ها. بهرحال هنن ٽنهي سان جيڪا جُٺ ٿي، سا شل ڪنهن به هندو توڙي مسلمان سان نه ٿئي. ملڪ احمد لاءِ حڪم ٿيو، ته هن کي وچ بازار ۾ دسي، پيرن کان چوٽيءَ تائين سندس کل لاهي، گاهه سان ڀري چوواٽي تي ٽنگي ڇڏجي ۽ هن جي لاش جون ٻوٽيون ڪتن اڳيان اُڇلايون وڃن.

بيشڪ هر گهڙي خدا جي قهر کان ڊڄڻ گهرجي. ڪهڙي خبر ته ڪنهن غريب جي آهه ان (ملڪ احمد) کي اهڙي عذاب ۾ آڻي ڇڏيو! آفرين هجي سندس بهادريءَ تي، جو جنهن وقت سندس کل پيرن کان لاهيندي وات تائين آندائون، ته ٻِڙڪ ئي نه ڪُڇيو ۽ رب جي رضا تي راضي رهي، ڪلمو پڙهندي جان ڏنائين. پڇاڙيءَ جڏهن ميان حسن (نسياني جي والد) جو وارو آيو، جيڪو پڻ مرزا باقيءَ جي قتل واري رات جاءِ واردات تي موجود هو، ته خليل مهرداد اڳ ۾ ئي پنهنجي مهرباني ڪندي، مرزا جاني بيگ کي سندس جان بخشي لاءِ عرض ڪيو: هي سيد زادو بلڪل بي گناهه آهي. هن جو اهو ئي ڏوهه ٿي سگهي ٿو، ته هي رڳو ملڪ احمد جي چوڪيءَ ۾ داخل هو، مرزا باقيءَ جي قتل کان پوءِ جيئن ٻين جي تلاشي وٺندي، انهن وٽان رت لڳل سامان هٿ آيو، تيئن هن وٽ اهڙي ڪا به ثابتي نه هئي، جنهن جي آڌار تي کيس ڏوهي ڪري ليکيو وڃي. هيءُ  سپاهي مرد ۽ اهڙو پرهيزگار آهي، جو رات ڏينهن خدا جي عبادت ڪندو ۽ روزا رکندو رهي ٿو. ڪڏهن اوهان جي ڪم اچي ويندو، ٻيو ته جي اڄ کان پوءِ هن تي ڪو ڏوهه ثابت ٿيو ته (158) ان لاءِ آئون ذميوار آهيان. اڃا سندن حياتي باقي هئي، ان ڪري خليل جي سفارش تي هن جو بچاءُ ٿي ويو. مرزا جاني بيگ کيس معافي ڏئي خليل جي حوالي ڪندي، ان کي چتاءُ ڏنو ته جيستائين مرزا باقيءَ جي قتل جو شور شر ختم نه ٿي وڃي، تيستائين هن جوان جي سنڀال پيو ڪجانءِ، متان انهيءَ تهمت ۾ کيس ٻيو ڪو نه قتل ڪري ڇڏي.

مجرمن کي توڙ رسائڻ کان پوءِ، مرزا پائنده بيگ جي  حڪومت جو پڙهو ڏياريو ويو. هاڻ هر اهو شخص جنهن جي دل ۾ حڪومت خلاف سازش ڪرڻ جو ڪو وهم گمان هو، پنهنجي لاءِ سخت خطرو محسوس ڪرڻ لڳو. علي خان جيڪو چريائي ڪري مرزا مظفر کي گاديءَ تي ويهارڻ جي ارادي سان ٺٽي وٺي آيو هو، کيس راتو واهه بدين ڏانهن روانو ڪيو ويو. مرزا مظفر وٽ جيڪو به سامان هو، سو ٺٽي ۾ ڇڏيائين پر ٺٽي کان بدين تائين پهچندي، سڄي واٽ ڦُرلُٽ مچائيندو ويو. پنهنجي دشمنيءَ کان ڪنهن به زميندار مان ڪو نه مُڙيو، نه وري ڪو رعيتي سندس آزار ۽ ڦُرلٽ کان سلامت رهيو. جڏهن وڃي پنهنجي علائقي ۾ پهتو ته اتان ماڻهو ميڙي لشڪر ۾ ڀرتي ڪري، ٺٽي تي ڪاهڻ ۽ مرزا جاني بيگ جي مارائڻ جا پهه پچائڻ لڳو.

مرزا جاني بيگ جي پنهنجي چاچي مرزا مظفر ترخان سان جنگ

مرزا مظفر اهي پهه ٿي پچايا، ته ايتري ۾ مرزا جاني بيگ کي ڪن کُڙڪ پئجي وئي، ته چاچهنس (مرزا مظفر) سندس حڪومت کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي (159) ۽ پنهنجي ئي هٿان ڦاهو ڦڪڻ ٿو چاهي. هاڻ ٿيڻ ائين کپي ته هو جيڪا سورهيائي ڏيکاري، اسان تي ڪاهڻ اچڻ جا سانباها پيو ڪري، تنهن جي وراڻيءَ ۾ ساڻس ٻه پاڻي ضرور ڪيا وڃن، جيئن ٻيا به انهيءَ مان سبق حاصل ڪري رهن. انهيءَ ويچار سان پنهنجي پيءُ مرزا پائنده بيگ کي ٺٽي ۾ رهائي پاڻ بدين ڏانهن رجوع ٿيو.

هن (مرزا جاني بيگ) ننڍي وهيءَ ۾ وڏن وانگي ويچاريندي دل ۾ چيو:

جيڪڏهن هي نئون فتنو نه ٽاريو ويو ته سڄو ملڪ وڳوڙن ۾ وڪوڙجي ويندو، نتيجو اهو نڪرندو، جو فتني بازن جي ظلم ستم کان رعيت بيزار ٿي، ملڪ ڇڏي دربدر ٿي ويندي. سڀ کان اول انهن ماڻهن کي دم دلاسا ڏئي، سندن دل وٺڻ جي ڪيائين، جيڪي اڳ ۾ ئي مرزا مظفر جي لُٽ ڦُر کان ڇڙوڇڙ ٿي چڪا هئا، تن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، مٿن هٿ ڦيري سڄو ڪم ٺاهي ڇڏيائين.

انهيءَ وچ ۾ مرزا مظفر ۽ علي خان، سڄي لشڪر سميت ٺهي ٺُڪي تيار ٿي ويٺا، ته سڀاڻي جنگ جو ميدان جوڌن جوانن جي رت سان رڱي لال ڪيو ويندو. مرزا جاني بيگ اٽڪل ڪري راتو رات بدين جي مغلن ڏانهن (جيڪي مرزا مظفر جا ساٿياري هئا) ڳجهو پيغام ڏياري موڪليو ته:  

اسان جا اهي عزيز قريب جيڪي مرزا مظفر جا مددگار ۽ سندس لشڪر ۾ موجود آهن، تن کان اهو پڇيو وڃي ٿو ته اوهان هروڀرو ڇو ٿا مرزا مظفر جو ساٿ ڏئي، پاڻ سان گڏ سندس به خانو خراب ڪريو! اها ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ اوهان جي شان وٽان ٿي نه ٿي سگهي، ڇو ته هن وقت جيڪي حالتون درپيش آهن، تن کي ٻن مٿن واري لٺ جيان سمجهڻ کپي. توهان پاڻ ئي سوچ ڪريو ته جيڪڏهن (160) جنگ ۾ فتح اسان جي ٿي ته اوهان جون جانيون اجايون هليون وينديون ۽ اوهان جي آڪهه اوهان جي ئي هٿان نمڪ حراميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ وجهي، اسان جي لشڪر وٽ قيد ٿي ويندي. پر جي سوڀ اوهان جي ٿي، ته به مرزا مظفر جا مائٽ جاڙيجا سما، جن جي لت اڄ به ڳوري آهي، توهان کي سک جو ساهه کڻڻ ڪو نه ڏيندا.

اوهان کي کپي ته سياڻپ کان ڪم وٺي، سياڻن وانگي سوچي پنهنجو حاڪم پنهنجي ئي قبيلي مان چونڊيو! اڃا ڳالهه وئي ناهي، توهان پڪي ڀروسي سان دل ٻڌي هيڪر هيڏانهن هليا اچو ته نويڪلائيءَ ۾ هڪ ٻئي سان قول اقرار ڪري، سڄو ڪم راس ڪجي. يقين ڪريو ته اسان جي پاران اوهان تي، اوهان جي ئي مرضي موجب عهدن ۽ جاگيرن جي نوازش ٿي سگهي ٿي، ان کان وڌيڪ پڻ هر قسم جي رعايت جو اوهان سان اڳواٽ اقرار ڪجي ٿو. توهان کي اسان (مرزا جاني بيگ) جي همت، شرافت ۽ بنده نوازيءَ تي پَر پُٺ ئي پورو ويساهه ڪرڻ گهرجي!    

مرزا جاني بيگ جي انهيءَ نياپي تي مغلن جي دل (لالچ ۾ اچي) مرزا مظفر جي پاسي کان ڦري وئي. جواب ۾ مرزا جاني بيگ کي چوائي موڪليائون: سڀاڻي جنگ جي ميدان ۾ جڏهن ٻنهي ڌرين جا لشڪر هڪ ٻئي جي دوبدو ٿيندا ته اسان سڀئي مغل پنهنجو سپاهه پاسيرو ڪري ماٺ ٿي بيهي رهنداسين، اسان مان ڪو به جنگ ۾ پنهنجو هٿ پير ڪو نه هلائيندو!

جڏهن صبح ٿيو ۽ ٻنهي ڌرين جنگ جو بگل وڄايو (161)، ته بهادرن تراريون چمڪائي سڄي ميدان ۾ رڻ ٻاري ڏنو. هر ڪو سر تريءَ تي رکي هاٿيءَ جيان گوڙيون ڪندو ۽ شينهن وانگي گجندو، هڪ ٻئي مٿان ڪڙڪندو ۽ ڪاهيندو رهيو. ڪنهن کي به پنهنجي سر جو اونو ڪو نه هو، جنهن کي جتان پئي وڻيو، وڄ جيان وارا ڪندو ڪونتل ڪڏائيندو ٿي ويو. جوانن جي هيبت ڀرين هڪلن ۽ ترارين جي ڪٽڪن جو ايڏو ته پڙاڏو پکڙجڻ لڳو، جو آسمان تي تسبيح پڙهندڙ ملائڪن جي ذڪر فڪر ۾ به خلل پئجي ويو.

بدين جا مغل، مرزا جاني بيگ سان جيڪي قول اقرار ڪري چڪا هئا، تن تي قائم رهي، جنگ هلندي هڪڙو پاسو وٺي ماٺڙي ڪري بيهي رهيا، منجهائن ڪنهن به ڪا چر پر ڪا نه ڪئي. جاڙيجن ۽ مرزا مظفر جي خاص ماڻهن مڙسان مڙسيءَ جنگ ۾ بهرو ورتو. انهن مان ڪنهن هڪڙي به ڪا گهٽتائي ڪا نه ڏيکاري، پر مرزا جاني جنگ جا (162) ڀاڳ زور هئا، جنهن کي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ هنن ويچارن جي وس جي ڳالهه نه هئي. مرزا مظفر پنهنجي سوڀ لاءِ هاڃا هڻندي مغلن کي به جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ  زور ڀريندو رهيو، پر ڪجهه نه وريس. جڏهن انهن جو اهو نفاق ڏٺائين، ته ايڏو دلگير ٿيو، جو يارن جي ياري ۽ بخت جي ياوريءَ تي ڪو به آسرو ۽ ڀروسو نه رهيس. هڪدم پوئتي ورڻ جي ڪيائين، جو ان کان سواءِ ڪو چارو نظر نه ٿي آيس. نيٺ جنگ جي ميدان مان نڪري شهر ڏانهن واپس ٿيو. مرزا جاني بيگ پنهنجي ماڻهن کي منع ڪري ڇڏي، ته جيستائين مرزا مظفر پنهنجي مرضيءَ موجب ماءُ، مائٽن، سامان ۽ نوڪرن چاڪرن سميت شهر (بدين) مان نڪري نه وڃي، تيستائين ڪو به شخص اندر داخل نه ٿئي. جڏهن خبر پيس، ته مرزا مظفر شهر ڇڏي چڪو آهي، تڏهن پاڻ اندر گهڙيو ۽ پنهنجي ماڻهن کي حڪم ڪيائين، ته مرزا مظفر ۽ سندس ماڻهو وينديءَ ويل تڙتڪڙ ۾ جيڪو به سامان گهرن ۾ ڇڏي ويا هجن، سو ميڙي چونڊي امانت سمجهي، ان جي پٺيان روانو ڪيو وڃي. تنهن کان پوءِ دلجاءِ ڪري، قلعي ۾ وڃي، اتان جي ماڻهن کي دلداريون ڏئي، لشڪر جي سار سنڀال لڌائين، جيڪو شخص جنهن به حيثيت وارو هو تنهن کي تهڙي نموني مانائتو ڪيائين. هوڏانهن مرزا مظفر ڪڇ ۾ پهچي، پنهنجي ناناڻن راءُ ڀارو جاڙيجي وٽ پناهه ورتي. مرزا جاني بيگ سڄي صوبي جو انتظام درست ڪري پنهنجو لشڪر اتي رهائي، پاڻ ٺٽي هليو آيو (163)، ۽ مرزا باقيءَ جي خزاني  ۾ اچي هٿ ڳنڍيائين. هن جيڪي پنهنجي محنت، ظلم ستم ۽ حيلي بهاني سان هٿ ڪيو هو، مرزا جاني بيگ انهن ماڻهن کي ورهائي ڏنو، جيڪي سيوهڻ ۾ ساڻس همراهي هئا. اناج جا انبار به جيڪي قلعي اندر سانڍيل هئا، سڀ ڪڍي گهر جائو ماڻهن کي ڏياريائين. پراڻيون ساريون جيڪي سالن کان هڪ هنڌ ڍير ٿيون پيون هيون، اُهي فقيرن کي خيرات ۾ ڏئي ڇڏيائين. جيڪو ان ڪنهن ڪم اچڻ جهڙو نه هو، سندس ماڻهن ساڙائي ميدان صاف ڪيو. باقي پنهنجي ذاتي خرچ ۽ فصل جي تقاويءَ لاءِ رکائي سامت جو ساهه کنيائين.

جيئن سندس بزرگن جو دستور هو، تنهن مطابق پنهنجي ماڻهن جي (1) تربيت ڏانهن توجهه ڏنائين. اُهي ماڻهو جيڪي ملڪ جي اصلي مالڪن جون سندس گهراڻي لاءِ هٿڪيون شيون رکندا ٿي آيا، تن کي نوازيائين، پر سندس مهر ڪرم سان ٻيا به ڪيئي ڍاپي رڄ ٿي ويا، جن مان عرب ڪوڪو، يعقوب علي ڪوڪو، نديم ڪوڪو، دستام بيگ ۽ ملا گدا علي ولد مهتر بلبل ايتري حد تائين سُکيا ستابا ٿي ويا، جو سندن رتبو اڳ کان اڳرو ٿي ويو. خاص ڪري ملا  گدا عليءَ کي ڀائيخان جو خطاب مليو ۽ ملڪي معاملن (هر قسم جي ڇيڙي نبيري) جو کيس پورو اختيار ڏنو ويو. سپاهين توڙي شهرين سان به ايڏا ڀال ڪيائين، جو انهن جا اڳيان پويان دک درد دفع ٿي ويا ۽ ساڻن جيڪي به گهٽ وڌايون ٿيون هيون، سي کانئن وسري ويون (164). چوندا ڪو نه آهن ته:

جتي به ڪو خوش اخلاق حاڪم هوندو،

اُتي خلق ڪو به آزار نه ڏسندي،

جيڪڏهن رواتيءَ وارو ڪاريگر آهي ته،

آرسيءَ تي ڪا به ڪٽ نه رهندي.

(1)  تربيت = پرورش، پالڻ ۽ تاڻن جي هتي مراد آهي ڪنهن جي سار سنڀال لهڻ يا سندن مان مرتبي ۾ واڌارو ڪرڻ.

صادق محمد خان جو سنڌ ۾ اچڻ وري هندستان ڏانهن واپس وڃڻ *

هن ملڪ جي حاڪم گرديءَ جون خبرون چارون، جڏهن حضرت عرش آشياني (اڪبر) بادشاهه تائين وڃي پهتيون، ته هن پنهنجي ڪارندي صادق محمد خان کي کيپ کٽڻ لاءِ هن ملڪ تي چاڙهي موڪليو. جنهن شاهي فرمان آڻي مرزا جاني بيگ جي هٿ ۾ ڏنو ته: اوهان جيئن شاهي خطبو ۽ سڪو قبول ڪري، وڏن کان وٺي سال به سال اسان کي پُڳر (اڻ ڳاهيل ساريون) پهچائيندا ٿي آيا، تيئن به هاڻ انهيءَ ريت موجب، فرض عين ڄاڻي، اسان جي بندگي پاڻ تي واجب سمجهندا. اسان چاهيون ٿا، ته شاهي درٻار سان اوهان جي خاندان جي بندگي ۽ نمڪ حلالي بحال رهي. اصل ڳالهه ڇا هئي، ته هي گهراڻو گهڻي زماني کان بادشاهه جي نالي خطبو پڙهائيندو ٿي آيو ۽ سڪي بابت پڻ اها حقيقت آهي، ته هتي سون، چانديءَ جي مُهرن جوڙڻ جو ڪو به ضرب خانو ڪو نه هو، گهڻو ڪري يورپي (فرنگي): اشرفيون بيگي ۽ لاري رائج هيون. ٽامي جو ڪارو پئسو به رائج هو، جيڪو مرزا عيسيٰ ترخان جي نالي پٺيان عيسائي سڏيو ٿي ويو. مرزا جاني بيگ ان کي ڀڃائي ننڍو ڪرائي ان تي ميري نالو رکيو. ساڳيءَ طرح اناج ڀرڻ جا ماپا پڻ ننڍا ڪرائي ڇڏيا هئائين، جيئن سرڪاري اَن جي بچت ٿيندي رهي. ماڻهن انهن ٻنهي ڳالهين کي بد سَوڻ سمجهي، اها وڏ ڪڍي، ته انهن جي ڪري ئي هن گهراڻي ۾ وڳوڙ پوندا رهن ٿا (165).

* ڏسو حوالا ۽ تعليقات

مرزا جاني بيگ شاهي فرمان پڙهي اکيون کوليون، بندگي ۽ نمڪ حلاليءَ جا جيڪي به اُصول ۽ آداب هئا، بجا آڻيندي صادق محمد خان کي ٻڌايائين ته: اسان جو خاندان اصل کان اڄ تائين بادشاهه سلامت جي تابعداريءَ هيٺ آهي. اوهان مهرباني ڪري هتي ڪنهن به وڳوڙ پيدا ڪرڻ کان پوسو ڪجو، ڇو ته اسان گذريل ٻن ٽن ورهين کان ڏاڍي محنت ۽ جان فشانيءَ سان هي ملڪ ٺاهي هن حال تي رسايو آهي (1). اوهان جتي آهيو اتي ئي ترسو، جيئن اسان دل جي صدق ۽ خلوص سان اوهان وٽ پهچي بندگيءَ جا آداب بجا آڻيون. ان سان گڏ اهي تحفا ۽ نذرانه به پيش ڪريون، جيڪي شاهي شان شوڪت وٽان آهن. اسان پنهنجي ڀاءُ مرزا شاهه رخ بن شاهه رخ (2) کي اوهان ڏانهن اُماڻي رهيا آهيون. جيڪا به خدمت اسان جي لائق هجي، حڪم ڪندا، ته ان جي پورائي ڪرڻ ۾ اچي. توهان ڀلارن جي ڀلائيءَ مان اها اميد رکجي ٿي، ته اسان جي ڀاءُ کي شاهي  درٻار مان بارياب ڪري، اسان جي اهڙي امداد فرمائيندا، جو اسان جي دل اوهان کي آفرين ڪرڻ لڳي. اهو نه صرف اوهان جو اسان تي احسان ٿيندو. پر اوهان جي پڻ سرخروئي ٿيندي.

انهيءَ (ميڙ منٿ) کان پوءِ جيستائين مرزا جاني بيگ جو ڀاءُ اوستائين پهچي، تنهن کان اڳ صادق محمد خان (شاهي هُشڪر تي) سيوهڻ وڃي، تيرن     

(1)  ڏسو حوالا ۽ متعلقات

(2) شاهه رخ بن شاهه رخ غلط آهي. انهيءَ نالي سان به شخص ٿي گذريا آهن. شاهه رخ پهريون مرزا باقيءَ جو پُٽ هو ۽ سندس پاران نصرپور جو حاڪم هو. وفات 992 هه مڪليءَ تي دفن ٿيل. ٻيو شاهه رخ ولد مرزا محمد پائنده بيگ جنهن کي مرزا جاني بيگ اڪبر جي درٻار ڏانهن اماڻيو هو.

ڏسو تحفته الڪران فارسي سلسله ترخان سنڌ (بي) مقابل ص 131.

پڻ مڪلي نامه ص 529.  (مترجم)

تفنگن جي جنگ جا ڌوڙيا لائي ڏنا. بلبل خان (مهر بلبل)، ملا گدا علي ڀائيخان (1) سندس پٽ، مهتو ۽ ڪڙيو لهاڻو (لوهاڻو) جيڪي سڀئي ترخان گهراڻي جا پراڻا ملازم ۽ (166) قلعي اندر  موجود هئا. اهڙي سگهائي ۽ سورهيائيءَ سان منهن ڏيڻ لڳا، جو ڪو به مغل تير ۽ تفنگ جي زور تي قلعي جي ڪنڌيءَ وٽان نه ٿي لنگهي سگهيو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org