23 April, 2011

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تاريخ طاهري

باب: --

صفحو:14  

جڏهن صادق محمد خان ڪنهن به حيلي، پنهنجي لشڪر کي قلعي جي برج (ٺل) تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو، ته پنهنجي ماڻهن کي قلعي سان لاڳيتن گهرن مان لڪي ڇپي کاٽ هڻڻ جو حڪم ڏنائين، جن هڪدم زمين هيٺان قلعي جي ڪنڌي کوٽڻ شروع ڪئي، اتان جيڪا مٽي نڪري آئي اک وٺي درياهه ۾ اُڇلائيندا ويا، جيئن ٺل تي ويٺل قلعي جي چوڪيدار کي ڪا به سُڌ نه پوي ۽ هي سولائيءَ سان کوٽيل هنڌ تي بارود ڀري، ان کي باهه ڏئي قلعي جي ڪنڌي ڪيرائي اندر داخل ٿي وڃن، پر مرزا جاني بيگ جا ماڻهو اڳواٽ ئي خبردار ٿي قلعي جي اندرين پاسي ٻي ڪنڌي تيار ڪري بي اُونا ٿي ويهي رهيا (1). 

(1)  ترخاني دور ۾ ٻه ڀائيخان ٿي گذريا آهن، هڪ ملا گدا علي ڀائيخان مهتر (بابل) جو پُٽ، جنهن کي مرزا جاني بيگ ڀائيخان جو لقب ڏئي، ملڪ جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻائي ڇڏيو. ٻيو ڀائيخان خسرو چرڪس جو پُٽ، جنهن کي وري مرزا غازي بيگ اهو لقب عطا ڪيو. مرزا غازي بيگ جيسين جيئرو هو، هي ساڻس گڏ رهيو، جڏهن مرزا غازي بيگ فوت ٿيو، ته کيس زهر ڏيڻ جو الزام لطف امر ڀائيخان تي مڙهيو ويو. 

ڏسو تحفته الڪران فارسي ص 216.

پڻ مڪلي نامه ص 529.  (مترجم)

(1)  ڏسو مترجم جو مهاڳ

صادق محمد خان جي ماڻهن جڏهن پنهنجو ڪم پورو ڪري کاٽ ۾ بارود ڀري باهه جي تياري ڪئي ۽ خود صادق محمد خان به مٿان اچي ڪن کڙا ڪري اُڀو ٿي بيٺو ته اجهو ٿي قلعي جي ڪنڌي ڦاٽ کائي ۽ سندس اٽالو قلعي اندر داخل ٿئي. ايتري ۾ بارود ٻريو جنهن مان ايڏو دونهون نڪرڻ شروع ٿي ويو، جو سج به ڍڪجي اکين کان غائب ٿيڻ لڳو. بارود جي ٺڪاءُ ٿيڻ تي قلعي جون وڏيون وڏيون ڇپون سروٽن جي ٽوٽن ۽ چوڪيدارن سميت جيڪي ڪنڌيءَ اندران قلعي جي سنڀال ڪري رهيا هئا، طوفاني هوا ۽ سٽيل جهرڪين وانگي اُڏامي، سيوهڻ کان ميل کن پرتي وڃي پيا، جيئن دونهون ڍرو ٿيو ۽ ٿوري دير ۾ سڀ اَڇ ٿي وئي ته صادق محمد خان جا ماڻهو قلعي جي اندران ٻي ڪنڌي تيار ٿيل ڏسي جَک کائيندا رهجي ويا. هنن کي عجب اهو پئي ٿيو ته اها ڪنڌي ايتري ۾ پگهريل شيهو پلٽي ٺاهي وئي يا ڪنهن طلسم سان تيار ٿي هئي! هاڻ کين پڪ ٿي ته اهڙين بلائن سان پڄڻ (167) سندن ڀيڻي ناهي.

مرزا جاني بيگ کي جڏهن اطلاع مليو ته مخالفن قلعي کي گهيري ۾ آندو آهي، ته يڪدم مغلن، سنڌين، شورن، سميجن، سومرن، ڪيهرن، نڪامرن، پليجن ۽ دلن مان ماڻهو گڏ ڪري، پوري تياريءَ سان سيوهڻ روانو ٿيو. قلعي وارا به تيستائين اها مڙسي ڪندا رهيا، جو حوصلي کان ڪم وٺي، سنڌين کي اهڙي طرح رات جو مخالفن مٿان راتاهي ڏيڻ لاءِ هڪلي ٿي ڏنائون، جو اهي هر رات غنيم جو سامان ۽ وهٽ، اُٺ، گهوڙا خچر وغيره جيڪي ٿي هٿ لڳن، ڪڍي ڪاهي هليا ٿي ويا، جنهن کي ڪٿي غافل ٿي ڏٺائون، تنهن کي قتل ڪري ٿي ڇڏيائون. صادق محمد خان به وسان ڪين گهٽايو پر ويهن اڱرين جا زور لائي به ويڙهه ۾ ناڪام ٿيندو رهيو. ايتري ۾ مرزا جاني بيگ جي پهچڻ جي خبر مليس، جيڪو ٺٽي مان وڏو ڪٽڪ وٺي هن ڏانهن ڌوڪيندو پئي آيو.

هيڏانهن حالت آخر اها اچي ٿي، جو صادق محمد خان جو لشڪر لهندي سج وانگي لانجهو ٿي هانءَ لاهي چڪو هو، تنهن ڪري هو پاڻ به هير دل ٿي ميدان ڇڏي ائين ڀڳو جو وٺ وٺان ۾ سندس ماڻهو هاٿيءَ سان ٻيڙي ٻڌي، کيس اُتان ڪڍي ويا. ساهه جي ڊپ کان رات ڏينهن کاڌو پاڻي پاڻ تي حرام ڪري، اهڙو ته اُتان نڪتو جو وري ڀُلجي به بکر جي سرحد ڏانهن منهن نه ڪيائين. پشيمانيءَ ۾ هر گهڙيءَ هن کي اهي ڳالهيون ياد ٿي آيون، جيڪي جنگ کان اڳ مرزا جاني بيگ ساڻس ڪيون هيون (1).    

مرزا جاني بيگ جو مرزا شاهه رخ کي اڪبر جي درٻار ڏانهن اُماڻڻ

مرزا جاني بيگ پوري صدق سان بادشاهه جي تابعداري قبولي، پاڻ کي شاهي دربار جو پرستار سمجهي، مرزا شاهه رخ کي پنهنجي عريضيءَ سان جهان پناهه جي حضور ۾ ڏياري موڪليو ته (168): اسان ٻهاريدارن کي پنهنجي وڏن کان وٺي، بادشاهه جي فرمانبرداريءَ کان سواءِ ڪو به ڪم نه رهيو آهي. اسان پاڻ هن ڪنڊ ۾ ارغونن جي غلاميءَ بدران، آزاد نموني وڏي آرام سان، حڪومت  جي گاديءَ تي ويٺا آهيون. اها به حضرت جنت مڪاني (همايون بادشاهه) جي 

(1)  صادق محمد خان 994 هه – 1585ع ۾ شاهي حڪم مطابق سنڌ تي لشڪر ڪاهي آيو. آخر مرزا جاني بيگ کيس موتائي ڇڏيو.

لب تاريخ سنڌ ص 75.  مترجم

ڀلائي هئي، جنهن عهدنامي ذريعي هن ملڪ جي حڪومت اسان کي ڏياري. اسان خدا جي توڪل تي هميشه اهي دعائون گهرندا رهون ٿا، ته جيستائين اُڀ تي ستارا  چمڪن پيا، تيستائين اسان کي شاهي درٻار جي بندگي نصيب هجي. جيئن ته هتان جا ماڻهو ڏاڍو فتني باز ۽ موقعي پرست آهن، ان ڪري انهن جي ڏچي کان اسان کي شاهي درٻار ۾ حاضر ٿي، قدمبوسيءَ جو شرف حاصل ڪرڻ جي مُهلت ڪانه ملي سگهي، سو پنهنجي بدران پنهنجي ڀاءُ (سوٽ) مرزا شاهه رخ کي اُماڻيو وڃي ٿو. انهيءَ سان گڏ اسان کي اميد آهي، ته صادق محمد خان به پنهنجي صدق سان ساڳيو احوال درٻار ۾ پيش ڪري چڪو هوندو (169)، جيڪو هن جي هتي اچڻ سان اسان ۾ پريندي ئي  ساڻس اوريو هو. اسان جي ڀاءُ مرزا شاهه رخ جو درٻار ۾ اچڻ به اسان جهڙو سمجهيو  ويندو، جيتوڻيڪ شاهي جلال واري بحر ۾ اهو قطرو به نه هئڻ برابر ليکي  سگهجي ٿو. اسان کي هر صورت ۾ خداوند پرستيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نٿو سُجهي. آسرو آهي، ته هيءُ تابعدار پنهنجي مجازي خدا جي خدمت ۾ قبوليت ۽ پذيرائي حاصل ڪري رهندو.

ان کان پوءِ ڇا ٿيو جو:

مرزا جاني بيگ شرافت جا ليڪا لتاڙي رذالت ۾ کڻي منهن وڌو، کيس اغلام بازيءَ جي اهڙي پِٽ اچي پئي، جو انهي عياشيءَ لاءِسهڻا ۽ ڳڀرو ڇوڪرا پاڻ وٽ ويهاريائين. انهيءَ شوق ۾ چڱن ڀلن خاندانن، بلڪ سيدن جي ٻارن تائين ڪو نه مڙيو. ڇورن کي زنانا زيور ۽ ويس وڳا پهرائي، زالن بدران پنهنجي خلوت جي زينت بڻايائين، جا ڳالهه ڪنهن کان به لڪل نه هئي. اهڙيون علتون حاڪمن جي شان وٽان نه هونديون آهن. جنهن به هن جو اهو حال ڏٺو، ڪنن تي هٿ رکي توبهه ڪرڻ لڳو ۽ اچرج مان ڏندين آڱريون اچي ٿي ويس. سڀ ڪنهن ائين پئي چيو، ته اجهو ٿو ملڪ جو خانو خراب ٿئي ۽ مرزا جاني بيگ عزت ۽ حڪومت ٻنهي کان محروم ٿي ٿو وڃي (1).

حقيقت هينءَ آهي، ته جڏهن به ڪو شخص چڱايون ڇڏي بڇڙائين جي پويان لڳي ٿو ۽ سڌي واٽ کان (170) ٿِڙي، ڏنگي رستي هلڻ جي ڪري ٿو، ته اهو ڪيڏو به کڻي معتبر ڇو نه هجي، پنهنجو ڀاڳ پنهنجي هٿن سان ئي ڦٽائي ٿو ڇڏي،  گمراهيءَ جي اوڙاهه ۾ وڃي پوي ٿو. جيڪڏهن ڪو شخص جوَ پوکي ڪڻڪ لڻي ها، يا ڪنڊا پوکي گل ميڙي ها، ته دنيا ۾ جيڪر چڱن ماڻهن جو نالو ئي ڪو نه رهي ها. جنهن جو ڀاڳ ڦٽي ٿو، ته چڱا ڪم ڇڏي، پاڻ کي ڪين جهڙو ڪري ٿو.

مرزا جاني بيگ جڏهن حڪومت مان ڍائجي چڪو، ته پيٽ ڍاوائي کان اهڙا پرڪار پسائڻ لڳو، جن جو نموني طور مٿي ذڪر ڪيو ويو. سياڻن سڄڻن کي اهڙي اڍنگي راهه تي پير ڌرڻ سان کڏ ۾ ڪرڻ جو خدشو رهي ٿو. انهيءَ پٿراهين گس تان ائين پار ٿيڻ کپي، جو پير ۾ ڪو پٿر نه چُڀي ۽ نانءُ ناموس جو ڪائو ڀڄي ڀورا ٿي نه پوي!      

بهادر ۽ دانا دوستو!

جيستائين اوهان کان پڄي سگهي، پنهنجي نفس کي نهي (نهڪر) ۽ ناحق وارن ڪمن کان ائين روڪيو، جو حساب واري ڏينهن اوهان کي اوهان جي ئي گناهن کان لڄي ٿيڻو نه پوي! دنيا ڏاڍي حيلي باز آهي، پهريائين اوهان جي

(1)  ميان طاهر محمد نسياني ولد سيد حسن. علم فضل جي زور تي هڪ ئي وار ۾ پنهنجي پيءُ جي محسن مرزا جاني بيگ سان حلال نمڪي ۽ اڪبر بادشاهه سان نمڪ حلاليءَ وارو ڪرتب ڏيکاري، اڪبر پاران سنڌ تي چڙهائيءَ جو جيڪو سبب پيدا ڪيو آهي، تنهن تي پڙهندڙن کي فردوسيءَ جي شاهنامي وارو ”چرخ گردان“ ضرور ياد اچڻ کپي. وڌيڪ ڏسو حوالا ۽ متعلقات – مترجم.

وڏن کي پالي تاتي، وري ڪُهي ڇڏيائين، هاڻ اوهان لاءِ ساڳيا سانگ رچائيندي پئي وتي. يقين ڪريو ته هيءَ نڀاڳي ڪنهن کي به ڇڏڻ واري نه آهي. چڱو ائين آهي، ته پنهنجي عملن جي پاڻ سنڀال ڪندا رهو ۽ سوڙ کان ٻاهر پير نه ڊگهيڙيو، جو انهن ئي اُبتن پيرن مرزا جاني بيگ کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو (171). اڪبر جون فوجون اهڙيءَ طرح اوچتو اچي هن جي مٿان ڪڙڪيون، جو سندس دماغ مان هوا نڪري وئي.

خان خانان جو سنڌ تي ڪاهڻ ۽ مرزا جاني بيگ کي شڪست ڏيڻ

خداوند ڪريم جيڪو هر ڪنهن کي عيب گناهه جي سزا ڏيندڙ ۽ غيب جو ڄاڻيندڙ آهي، تنهن دين ۽ دنيا جي جلال اڪبر جي دل ۾ جيڪا الاهي اسرار جي گذرگاهه هئي (1)، اها ڳالهه وڌي، ته هو پنهنجن بندن (گماشتن) مان هڪ اهڙي بندي (گماشتي) کي جيڪو سيف (ترار) ۽ قلم، جو ڌڻي، حيدر (حضرت علي) واري دل ۽ مسيح (حضرت عيسيٰ) وارو دم رکندڙ ۽ زخم رسائڻ سان گڏ، مرهم جو ڪم پڻ ڏيندڙ هجي، تنهن کي سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ موڪلجي، جيڪو ان کي غلام بڻائي، ان جي حاڪمن کي اڪبر جي درٻار جو ٻهاريدار ڪري ڇڏي . . . . ! جيئن ته خدا جي مرضي به اها ئي هئي، ته انهيءَ کيپ کٽڻ جي پڳ انهيءَ ئي مهانڊي کي ٻڌائي ۽ ٻڌرائي وڃي، ان ڪري بادشاهه سلامت جنهن جي منزل عرش کان به اتاهين آهي، سال 1010 هه (1) ۾

(1)  ڏسو حوالا ۽ متعلقات

(1)  ڏسو حوالا ۽ تعليقات

پنهنجي گماشتي خان خانان کي وڏو لشڪر ساڻ ڪرائي، سنڌ جي مهم سر ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. جيتوڻيڪ روءِ زمين جي خاقان جلال الدين اڪبر جو اقبال هر گهڙيءَ خان خانان جو مددگار هو، تڏهن به سندس دل گائون مائون پئي ٿي، ته هن اوکي آڻائي مُهم کي منهن ڏيڻ لاءِ (172)، خدا جي تائيد ۽ خدا وارن جي مدد کان سواءِ چاڙهو مشڪل آهي، سو انهيءَ آنڌ مانڌ ۾ جتي به ٿي پهتو، ته اوليائن جا ڏس پتا ٿي پڇيائين ۽ جيئن ماڻهن ٿي ٻڌايس تيئن تيئن وڏي ويساهه سان انهن جي چائٺ ڏانهن ڊوڙندو ٿي ويو. هر هنڌ پنهنجي مشڪل آسان ڪرائڻ لاءِ باس ٿي باسيائين (2) جڏهن اهي خبرون وڃي مرزا جاني بيگ تائين پهتيون، ته ننڊ مان سجاڳ ٿي، ڪن مان ڪپهه ڪڍي، ملڪ جي مدبرن سان مشورا ڪرڻ لڳو ته شاهي لشڪر ڪاري قيام جيان سر تي اچي ڪڙڪيو آهي، ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪو نه ڪو اُپاءُ ٿيڻ کپي.

مُنڍ ۾ سڀني کيس اها صلاح ڏني ته روءِ زمين جي بادشاهه جي فرمانبرداريءَ کان منهن موڙڻ سراسر گمراهي ٿيندي، سياڻپ ڀري ۽ چڱائيءَ واري ڳالهه اها آهي ته مرحوم مرزا باقيءَ جي نياڻي سنڌي بيگم، جيڪا اڪبر بادشاهه جي حرمن (بيگمن) مان آهي، تنهن کي عهدنامن جي فرمانن سان گڏ، شاهي لشڪر جي اڳواڻ (خان خانان) ڏانهن بکري ڏياري موڪلجي، اُن سان گڏ کيس سڄي حقيقت کان پڻ آگاهه ڪيو وڃي ته اسين اصل کان بادشاهه سلامت جي تابعداري ڪندا اچون ٿا (173)، هي علائقو جيڪو ڪن پيڙهين کان اسان جي ميراث آهي، سو به جنت مڪاني (همايون بادشاهه) جي ظاهري ۽ باطني عنايتن جو نتيجو آهي، جنهن زماني ۾ مرزا باقيءَ وڏي فخر سان پنهنجي نياڻي بادشاهه جي خدمت ۾ ڏياري موڪلي هئي، تڏهن اها درخواست ڪئي هئائين

(2)  خان خانان ڪيئن پير ڀيٽيا ۽ پيرن ڪهڙا ڦاڙها ماريا. 

ڏسو حوالا ۽ متعلقات

ته اسان کي به ٻين تابعدارن وانگي شاهي درٻار جو تابعدار تصور فرمائي، هي ملڪ اسان جي ميراث طور اسان لاءِ رهايو وڃي. ان تي بادشاهه سلامت (خود اڪبر) پاڻ ان (مرزا باقي) جي درخواست منظور فرمائي، هي ملڪ پنهنجي بيگم (سنڌي بيگم) جي بِلي ڪري ڇڏيو هو. اوهان (خان خانان) چڱي خانوادي مان آهيو، انهيءَ واسطي سان اسان جو ننگ رکڻ اوهان کي سونهين ٿو. جيڪڏهن هي گذارشون پنهنجي زباني شاهي درٻار تائين رسائيندا ته اسان هميشه لاءِ اوهان جا ٿورائتا رهنداسين.

پنهنجي صلاحڪارن کان اهي ڳالهيون ٻڌي، مرزا جاني بيگ ذاتي بلند هستي ۽ مردانگيءَ کان اهو قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيو ته نالي ماتر مرد ٿي سورهيائي ۽ سخاوت واريون دعوائون ڪرڻ ۽ زالن جي اوبر کائڻ ڪهڙي زندگي آهي. ملڪ جي ٽڪري لاءِ جيڪو ڪڏهن به ڪنهن هڪڙي جو نه ٿيو آهي ۽ پنهنجي جان جي آسائش لاءِ، جنهن ڪڏهن به جٽاءُ نه ڪيو ۽ بيوفا بيوه دنيا لاءِ اهو لعنت ۽ خواريءَ وارو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو وڃي، ته ترخانن مان فلاڻي (مرزا جاني بيگ) مڙساڻا ارڪان ڇڏي، عورت ذات (سنڌي بيگم) جي دامن ۾ پناهه وٺي، پاڻ بچائڻ جي ڪئي. اهڙو ڪڌو ڪم ڪڏهن به سياڻو ۽ چڱائي وارو ٿي نٿو سگهي. توهان کي به تاڪيد ڪجي ٿو ته اڄ کان پوءِ اهڙي ڪا به اُگري ڳالهه منهنجي اڳيان نه چوري وڃي، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ (177) زندگي رڳو نيڪ ناميءَ لاءِ آهي، جيئن خدا گهريو ٿيئن ٿيندو، جيڪا بدنامي پاڻ تي کڻي ويا، تن وانگي پاڻ کان ڪڏهن به ائين ڪين پُڄندو! اسان وٽ جيڪا به جنگي قوت موجود آهي، سا بنا ڪنهن ڊاڙ ٻٽاڪ جي پاڻ کي ڪتب آڻڻ کپي. جيستائين ٿي سگهيو، پنهنجي بچاءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو ويندو، ان ۾ ڪا به گهٽتائي ٿيڻي ناهي، جيڪي قسمت ۾ لکيل آهي، سو ڪنهن به چال يا چالاڪيءَ سان پاڻ تان ٽرڻو ناهي، ليڪن پريندي ئي زالن جي پاند ۾ پناهه وٺڻ ۽ انهيءَ صلاح تي ڀاڙي ويهي رهڻ، انهيءَ خوف کان ته جنگ ۾ هزارين ماڻهو مرندا ۽ سوين زخمي ٿيندا، تنهن جي ڪري ماڳهين جنگ ئي نه ڪرڻ گهرجي، بلڪل اجائي ڳالهه آهي.

پڇاڙيءَ چيائين ته اوهان مان جنهن شخص کي به پنهنجي جان ۽ اولاد جي سر جو ڊپ هجي، ان کي اڳواٽ ئي الڳ ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي، جيڪي وٽس هجي سو به پاڻ سان کڻي جيڏانهن وڻيس تيڏانهن هليو وڃي.

هن (مرزا جاني بيگ) جي صلاحڪارن وري به کيس سمجهايو ته اسان جي ننڍڙي ملڪ ۾ مُٺِ جيتري لشڪر جي هيڏي ساري شاهي لشڪر سان جاءِ ناهي، تنهن کان سواءِ مرزا شاهه حسن ارغون جو خزانو، جيڪو مرزا باقيءَ کان هيستائين سلامت رهندو ٿي آيو، سو به مرزا جاني بيگ تِل ڦُل ڪري، پنهنجي خاص ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيو هو سو ٻي سگهه به نه ٿي ساري سگهيا، جنهن جي آسري گوڏا کوڙي شاهي لشڪر سان پُڄي سگهن ها. اهي سڀئي ڳالهيون ويچاري هن کي چيائون، ته خان خانان ايڏي ساري اَڊنبر ۽ اميرن سردارن جي ميڙاڪي سان (175) هيڏانهن ڪاهيندو پيو اچي، جن مان هر هڪ امير ۽ سردار جي جاگير پنهنجي ملڪ سنڌ کان ڪيئي حصا وڌيڪ آهي ۽ هندستان جو لشڪر ته وري ايڏو وڏو آهي، جو قيامت تائين کٽڻ جو ئي ناهي، سڀ ڪنهن جي دل وسهي پئي ته قدرت به اڪبر بادشاهه جي مدد ۾ آهي، سو ان کان جنگ کٽڻ ڪو سولو ڪم ناهي.

مرزا جاني بيگ جي ماڻهن جنگ کان ڪناري ڪرڻ تي زور پئي ڏنو. سندن مرضي هئي، ته اهڙو ڪو طريقو اختيار ڪرڻ کپي، جيئن پنهنجو ملڪ جنهن مَس مَس سک سانت وارا ڏينهن ڏٺا آهن، تنهن ۾ وري خون خرابي جي مصيبت پيدا نه ٿئي، پر مرزا جاني بيگ انهن جي هر سوال جو اهو جواب ڏيندو رهيو، ته بيشڪ آءٌ به ڀلائي انهيءَ ۾ ٿو سمجهان ۽ اها به ڄاڻ اٿم، ته هن وقت دنيا ۾ ڪنهن کي به اها طاقت ناهي، جو اڪبر بادشاهه سان جنگ جي همت ڪري سگهي، پر اها ڳالهه ڪنهن به حالت ۾ مڙسيءَ  وٽان نه آهي، ته هي ملڪ مفت ۾ ڪنهن غنيم جي حوالي ڪري ڇڏجي. ماڻهن جي زبان بند ڪرڻ محال آهي، متان پوءِ پرينهن مون کي ڪو ماڻهو اهڙي ڪميڻپ ۽ ڪانئرائپ سان ياد ڪري، ته هن گهراڻي مان هڪ اهڙو ڪپوت به پيدا ٿيو، جنهن محض پنهنجي جان جي خوف کان، پنهنجو موروثي ملڪ پنهنجي هٿان وڃائي ڇڏيو. مرزا جاني بيگ جي انهيءَ جوانمردي موجب انت اهو فيصلو ٿيو، ته جنگ هر حالت ۾ ڪرڻي پوندي. فيصلي جي دير هئي. سڀ کان اول سنڌ جو لشڪر، جنهن ۾ هر قسم جا سورهيه ۽ سگهارا جوان موجود هئا، مرزا جاني بيگ جي اڳواڻيءَ ۾ نصرپور صوبي جي بُوهري ڳوٺ وٽ پهچي مورچا ٻڌي ويهي رهيو (1).

دستام بيگ جي پيءُ رستم بيگ کي مرزا جاني بيگ پنهنجو خير خواهه سمجهي، لشڪر سان گڏي سيوهڻ جي قلعي ڏانهن ڏياري موڪليو. کيس سمجهائي ڇڏيائين، ته پنهنجي ماڻهن هٿان قلعي کي سوگهو رکي اهڙي نگهباني ڪجانءِ، جو ڪو به شخص قلعي جي ڪنڌيءَ سان گهمي ڦري نه سگهي. قلعي جي آسپاس جيڪي به گهر هجن، تن کي ڊهرائي پَٽ ڪرائي ڇڏجانءِ، ڇا لاءِ ته جنگ ۾ اهي حڪمت عمليون وڏو ڪم ڏين ٿيون. رستم بيگ سيوهڻ پهچڻ شرط اهي طريقا اختيار ڪيا، جيڪي مرزا جاني بيگ کيس سمجهائي ڇڏيا هئا، پوءِ خان خانان جي اچڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو.          

(1)  ڏسو حواشي ۽ تعليقات

خان خانان جو سيوهڻ پهچي، لڪي جبل وارو گهٽ ڏسي، اچرج  ۾ پئجي وڃڻ *

خان خانان جڏهن بکر ٽپي سيوهڻ ڏانهن آيو، ته قلعي تي گهيرو ڪري، ان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي، وري اڳتي وڌڻ جو خيال ڪيائين، پر سوچڻ لڳو، ته جيستائين گاديءَ جو هنڌ ٺٽو ۽ ملڪ جو حاڪم هٿ نه اَچن، تيستائين هن مٽيءَ جي ڍير ۾ ڪهڙي ٻڌ – ڇوڙ ٿيندي، جيڪي آهي اصل معاملي ۾ ئي آهي، ٺيڪ ائين ٿيندو، ته هتي ڪي ماڻهو ڇڏي پاڻ اڳيان وڌجي. وٽس جيڪو لشڪر هو، تنهن مان ڪجهه حصو ٻيڙين سميت اُتي ڇڏيائين، جيئن اهو اتي ئي قلعي وارن سان منهن ڏيندو رهي، پوءِ هڪيو تڪيو مرزا جاني بيگ ڏانهن روانو ٿيو.

جڏهن لَڪي جبل وٽ آيو، جنهن کي ملڪن جا مدبر ۽ جنگي دور انديش، سنڌ ملڪ جو اصل دروازو سڏين ٿا. ڏٺائين ته سنڌو درياهه وٽان جبل جو اولاهيون پاسو چوٽي ڪڍيو بيٺو آهي ۽ ان جي مٿان وار کان به سنهي واٽ هن پاسي پئي وڃي، جنهن تان رڳو ڪولين وانگي قطار ٻڌي ڪَڻو ڪَڻو ٿي، پرينءَ ڀر وڃي سگهجي ٿو. جيڪڏهن انهيءَ هنڌ مرزا جاني بيگ پاران رڳو ڏهه ماڻهو ويهاريا وڃن ها ته شاهي لشڪر ڪڏهن به هتان هن ڀر نه پهچي سگهي ها (177). وڌيڪ اهو به معلوم ٿيس، ته لڪيءَ واري جبل سان گڏ جيڪي ٻيا جبل آهن تن ۾ بلوچ، نومڙيا، جوکيا، جَت ۽ ٻين قومن وارا رهن ٿا، جن جي دنگ ڪيچ مڪران تائين آهي. هيڏانهن وري درياهه جي اورائين پاسي کان عمر ڪوٽ جي ڀٽن تائين سميجن جا علائقا آهن، جن ڪڏهن به ڪنهن حاڪم جو منهن ڪو نه

*  ڏسو حواشي ۽ تعليقات

ڏٺو آهي. ان حالت ۾ هتان ٻنهي پاسن کان لشڪر جو اڳتي وڌڻ ڏاڍو ڏکيو هو. اهي حقيقتون ڪجهه پنهنجي اکين سان، ته ڪجهه اُتان جي ماڻهن واتان ٻڌي، خان خانان ويتر حيران ٿي ويو. دل ۾ چيائين: جيڪڏهن مرزا جاني بيگ جو لشڪر هن جاءِ تي اسان جا گهٽ سوگها جهلي لڪي ويهي رهي ها، ته اسان اتان ئي پويان پير ڪري واپس هليا وڃون ها. بيشڪ هي اوکو ۽ اڻائو لنگهه هن ملڪ جو ڳجهو دروازو آهي!

اتي ئي ٿورو ترسي، چوڌاري جاچ ڪرايائين، ته متان ڪٿي ڪنهن ڪُنڊ پاسي مرزا جاني بيگ جو لشڪر تاڙ ۾ ويٺل هجي ته اول انهيءَ سان هڪا هڪ ڪري، پوءِ ٺٽي جو گس ورتو وڃي. جاچ کان پوءِ جڏهن خبر پيس، ته مرزا جاني بيگ جي لاپرواهيءَ کان هن پاسي ڪو به لشڪر لاڙي موجود ناهي، ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ واڪو ڪري چوڻ لڳو، ته اهڙي افعالين اجهو ٿي ترخان گهراڻي جي حڪومت ختم ٿئي، ڇو ته جبل جو هي سوڙهو ۽ سوگهو گهٽ به هنن کان سنڀاريو نه ٿيو، هاڻ پڪ آهي ته هي ملڪ هنن جي هٿان ويو ڪي ويو.

اها روداد جڏهن مرزا جاني بيگ تائين رسي، ته پنهنجي تدبير خطا ٿيڻ کا ڏاڍو پڇتايائين. جيڪي امير وزير وٽس موجود هئا، تن کي به ڏاڍو ڏک ٿيو، ته واقعي سپاهيگريءَ جي لحاظ کان اها سندن وڏي ۾ وڏي ڀل هئي، جا کانئن سرزد ٿي چڪي. خان خانان جبل پار ڪري، پنهنجي مرضيءَ سان هلندو مرزا جاني بيگ تائين آيو ۽ سندس مقابلي لاءِ سامهون اچي کاهيون کوٽائي (178) انهن ۾ ٻيو جنگي سامان رکائي ڇڏيائين. رات ڏينهن ٻنهي پاسن کان جنگي جوان ڇاتيون ٺوڪي هڪ ٻئي کي پنهنجي جهلڪ فلڪ پسائيندا رهيا. خان خانان جي ڪوشش هئي ته جيئن سيوهڻ جي قلعي ۽ مرزا جاني بيگ تي گهيرو قائم ٿي چڪو آهي (1)، اهڙيءَ ريت ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن به لشڪر موڪلي وڌيڪ گهيرا قائم ڪرايا وڃن. انهيءَ ارادي سان شاهه بيگ خان کي نصرپور ۽ شاهه ڳڙهه (2) واري قلعي کي گهيري ۾ آڻڻ لاءِ اُماڻيائين، جتي مرزا جاني بيگ پاران ابو القاسم سلطان مقرر ٿيل هو. ٻيو لشڪر وري نيرون ڪوٽ ڏانهن موڪليائين. ائين هر صوبي تي پنهنجا ماڻهو مقرر ڪندي ويو، پر انهن جي اها مقرري رڳو زباني هئي، انهيءَ چتاءُ سان ته وقت اچڻ تي اهي هڪدم ڄاڻايل هنڌن ڏانهن وڃي پنهنجي ڪرت کي لڳي ويندا.

مرزا جاني بيگ به پنهنجي لشڪر کي هدايتون ڏئي ڇڏيون هيون ته غنيم جي لشڪر مان جيڪو به ڪنهن جي سسي لاهي اسان وٽ آڻيندو ته ان کي پنج سو ڪبر (3) (جنهن مان هر هڪ ڪبر ۾ ٻارهن ميريون ٿين ٿيون، جن کي مرزا جاني بيگ جي زماني ۾ پوستي ڪوٺيو ٿي ويو ۽ تنڪي ۾ ٻه پوستيون هونديون هيون) انعام ڏنو ويندو. سنڌ جا غريب ماڻهو جيڪي پنهنجي حاڪم مرزا جاني بيگ مٿان پنهنجو سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئا، انهي ٿوري انعام پر گهڻي احسان تي راضي رهي، هر روز مخالف ڌر جي ماڻهن مان ڪنهن نه ڪنهن جي سسي لاهي آڻيندا رهيا. انهيءَ مارا ماريءَ ۾ سندن سر به ڌڙ کان ڌار پئي ٿيندا ويا. اهي ٻيگهي ڪيئي مهينا هلندي رهي. مرزا جاني بيگ جو خزانچي گريو هندو، جيڪو سندس حال ۽ مال کان چڱيءَ طرح واقف هو. پنهنجي دورانديشيءَ کان انهيءَ انعام ۾ ڪتر وجهندو، پنج سو ڪبر کان پنجاهه ڪبر

(1)  ڏسو حواشي ۽ تعليقات

(2)  ڏسو حواشي ۽ تعليقات

(3)  سيوهڻ جي قلعي تي قبضو ڪرڻ ۾ خان خانان کي ست مهينا لڳي ويا. تاريخ تمدن سنڌ ص 378. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مرزا جاني بيگ ڪيڏي همت سان غنيم جو مقابلو ڪندو رهيو.                                                                                          (مترجم)

تائين اچي بيٺو (179). تڏهن به مسڪين ماڻهو انهن ڏوڪڙن تي ڀاڙي، اهي جَهُول جا ڪم ڪندا رهيا.

انهيءَ وچ ۾ مرزا جاني بيگ جا ڪيترا ماڻهو قتل ٿي ويا. خزاني ۾ به کوٽ اچي پئي ته ملڪي معاملن خراب ٿيڻ سان گڏ ماڻهن ۾ به تباهيءَ جا آثار پيدا ٿيڻ لڳا. مرزا جاني بيگ هڪ هنڌ ڄمي جنگ ڪرڻ ۾ پنهنجو فائدو نه سمجهي، سڄي لشڪر کي چوڌاري ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو. اچانڪ کيس خبر ملي ته خان خانان جو خزانو خشڪيءَ رستي اچي رهيو آهي ته ابو القاسم ولد شاهه قاسم ارغون کي پنهنجي جوانن سان جن ۾ مغل ۽ سنڌي ٻئي شامل هئا. خان خانان جي خزاني پويان بڇي ڇڏيائين. ابو القاسم پنهنجي حاڪم مرزا جاني بيگ جي حڪم سان روانو ٿي اڌ رات جي وڳڙي ۾ وڃي خزاني وارن جو گس جهلي بيهي رهيو. پنهنجا ڪي ماڻهو اڳواٽ ڏياري موڪليائين. جن غنيم تي ڇاپو هڻي لُڙ بکيڙو ڪيو، جيڪي اتي موجود هئا تن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي. ايستائين جو ابوالقاسم مٿن حملو ڪري سڄو خزانو پاڻ سان کڻي هليو آيو. انهيءَ حملي ۾ خان خانان جا ڪيئي ماڻهو مارجي ويا.

ٻئي طرف خسرو چرڪس ٻيڙين جي جنگ شروع ڪري ڏني، هن طريقي سان ته لشڪر مان ڪي ماڻهو ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي جنگ لاءِ روانا پئي ڪيائين ته ڪن کي خشڪيءَ رستي انهن جي پٺيان ٿي لاتائين، جيئن وقت سر هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهن. ساڳئي وقت هوڏانهن خان خانان به انهيءَ نموني پنهنجي لشڪر جو انتظام ڪري ڇڏيو، جيئن هنن جي هر حملي جو مقابلو ڪيو وڃي. جڏهن ٻنهي لشڪرن جي روانگي ٿي، ته مرزا جاني بيگ جي منافق اميرن جيڪي پنهنجي ۽ سندس ڀلي ۾ نه هئا. خشڪيءَ رستي خان خانان جي لشڪر پويان پنهنجي لشڪر موڪلڻ کان لنوائي ويا. عين موقعي تي ٻنهي طرفن کان ٻيڙين جي جنگ هلي ته توبن، تفنگن مان باهه جون ڄڀيون نڪرڻ لڳيون (280). بارود جي دونهين کان چوڌاري اوندهه ٿي وئي، ايتري قدر جو ٻنهي ڌرين جون ٻيڙيون هڪ ٻئي سان ٽڪرجڻ لڳيون ۽ بارود ڦاٽندو رهيو. جيڪا ٻيڙي پاڻيءَ مان مٿي نڪري ٿي آئي، سا ماڻهن جي رت سان ڀريل هئي. خان خانان جو لشڪر، خشڪيءَ واري لشڪر جي مدد سان سوڀارو ٿيو، جنهن کي مرزا جاني بيگ جي اميرن جي منافقي سبب رستي ۾ روڪڻ وارو ڪو به ڪو نه هو. اهڙيءَ طرح مرزا جاني بيگ کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. خسرو چرڪس جنهن جي ٻيڙي جنگ ۾ هلندي ٻين سان گڏ ٻوهي ۾ اچي چڪي هئي ۽ انهن مان هڪڙي تي پرونه جرگس (1) چڙهيل هو. هن هڪ ٻيڙي ڇڏي، ٻيءَ ۾ ٽپ ڏئي باهه کان ته پنهنجي جان بچائي، پر جنگ جي جُٺ کان نه بچي سگهيو. ٻنهي جو ٻيڙو ائين ٻڏي ويو (2).

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org