23 April, 2011

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

پيش لفظ

تعارف

ڀاڱو ٽيون

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تاريخ طاهري

باب: --

صفحو:8   

ڀاڱو ٽيون

مرزا شاهه حسن جو احوال جنهن 927 هه کان 962 هه تائين پورا پنجٽيهه ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي 

سمن جي هار کان پوءِ مرزا شاهه حسن جنهن کي ڪي ماڻهو شاهه حسن غازي پڻ ڪوٺيندا آهن، حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو، ته ملڪ جي اصلي مالڪن کي اهڙو نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيائين، جو ڄڻ ته سندن وجود ئي ڪو نه هو. سمن مان ڪو به هن ملڪ ۾ باقي نه رهيو (60). مغلن سڄو ملڪ سنڀالي ورتو ۽ فسادي سمن جون پاڙون ئي پٽجي ويون. جنهن به مغلن جي تابعداريءَ کان منهن ٿي موڙيو، تنهن کي جيئرو نه ٿي ڇڏيو ويو ۽ جنهن به ڪو وڳوڙ ٿي ڪيو، تنهن کان هر ڪو پري ڀڄندو ٿي ويو.

هتان جي سردارن توڙي زميندارن سان اهڙيون جُٺيون ٿيون، جو سندن هوش جاءِ تي اچي ويو. ان ڏينهن کان پوءِ سما ترار جي بدران هَر جي چُني هٿ ۾ کڻي پوکي راهيءَ ۾ لڳي ويا. نيزا ڀالا وساري ڏاٽو هٿ ۾ کڻي، ڪانبو ٻڌي گاهه پٺي جي ڪرت ڪرڻ لڳا، گهوڙا ڇڏي، ڍڳا پنهنجي ڪڍ لائي، ائين ته هارپي ۽ ٻئي پورهئي ۾ جُنبي ويا، جو ملڪ جي حڪمرانيءَ واري آڪڙ ئي وٽائن ڇڏائبي وئي.

* ڏسو حواشي ۽ تعليقات

ملڪ ۾ جنهن به ڪر ٿي کنيو، تنهن کي مرزا شاهه حسن سک سان سمهڻ نه ٿي ڏنو. زالن توڙي مردن تي مغلن جي اهڙي هيبت طاري ٿي وئي، جو هيکل  جهنگ ۾ ڪنهن مغل کي ڏسندي چڱن ڀلن جو ساهه سُڪي ٿي ويو ۽ زالن جا ٻار ڪري ٿي پيا. انهيءَ هيبت سان مغل سڄو ملڪ پنهنجي چنبي ۾ آڻي، بي اونا ٿي ويهي رهيا. ٿوري وقت گذرڻ کان پوءِ ماڻهن جي دل وٺڻ شروع ڪيائون ۽ هوريان ڏاڍيان ملڪ آباد ٿيڻ لڳو. جن کي اندر ۾ ڦٽ هئا، تن کي دم دلاسو ڏئي (61)، پنهنجي پاسي ڪري ڇڏيائون، نيٺ سڀني ماڻهن جي دلين تان مڙئي داغ ميساري هر ڪنهن کي اهڙو خوش ڪري ويا، جو ڄڻ ته اهي دوزخ مان نڪري جنت ۾ داخل ٿي چڪا هئا.

هڪ ڏينهن مرزا شاهه حسن سوچ ڪئي، ته هتان جا ماڻهو سياسي انتظام کان پوءِ به اسان جي عدل ۽ مروت جي ڪا به ڄاڻ نه ٿا رکن، هنن کي رڳو اسان جي جنگ ۽ سياسي گرفت جي خبر پئجي سگهي آهي، پر اسان جي انصاف ۽ رحم کان بي خبر رهندا ٿا اچن، تنهن ڪري اڄ به اسان مان ظلم ستم واري جنگي روش ۽ سياسي گرفت جي اميد ٿا رکن. چڱو ائين آهي، ته هاڻ پنهنجي سر هر هنڌ پهچي، ماڻهن جي ذهن تان اهي خوف خطرا دور ڪري ڇڏجن، جيئن وري ملڪي معاملن ۾ ڪو خال نه پئجي سگهي. انهيءَ خيال سان اها رٿ ڪيائين، ته ملتان ۽ ٺٽي جي وچ ۾ ڪڏهن ٻيڙين تي، ته ڪڏهن خشڪيءَ رستي گهمي هر هڪ ڳوٺ ۽ ديهه ۾ پهچي ماڻهن جا مسئلا ٻڌي سندن داد ڪرڻ ۾ اچي، ستت ئي شهرن مان نڪري ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ منزلون ڪرڻ لڳو، تان جو سڀني تائين پهچي، انهن کي پوريون تسليون ڏنائين، تنهن کان پوءِ ارادو ڪيائين، ته سمن جي ساموئي نگر خالي ٿيڻ تي جيڪي ماڻهو اتان ڇڏي وڃي ڪڇ ۾ ويٺا آهن، تن کي به پنهنجي تابعداريءَ ۾ آڻي ڇڏجي، جيئن ڪو ٻاهريون خطرو نه رهي. ان لاءِ ڪڇ جي زميندار راءِ کنگهار سمي (1) ڏانهن خط لکي موڪليائين ته: اسان هن پاسي ڪڏهن کان  اوهان جي ڀائپي وارن جو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آڻي چڪا آهيون، جيڪو هن وقت مڙني ڪکن ڪانڊيرن کان صاف ڏسڻ ۾ پيو اچي. هاڻ اهو اوسيئڙو آهي، ته اوهان کي ڪڏهن ٿي اها ڳالهه ڌيان ۾ اچي، ته اسان هن ملڪ تي ڪيئن قبضو ڪري ورتو ۽ اسان جي جنگي مهم ڪهڙيءَ طرح هتي هڻي ماري هنڌ ڪيو آهي. توهان کي گهرجي، ته هڪدم ڪڇ جا ڀلا گهوڙا (62) مانڊوي (2) بندر رستي ٻيڙين ۾ چاڙهي، اسان ڏانهن ڏياري موڪليو، جن جي هنڌين ماڳ هاڪ آهي. ان سان اهو حڪم به ڏجي ٿو ته اسان وٽ حاضر ٿي تابعداريءَ جو عهد ڪري، اسان جي نائب جي حيثيت ۾ ملڪ پنهنجي هٺ هيٺ رکي، امن امان ۽ آرام سان زندگي گذارڻ جي سوچ ڪريو! ڀلا اها ڪهڙي سورهيائي چئبي، جو اوهان اسان جي پاڙي ۾ رهي، اسان سان ئي سينو ساهي، پاڻ کي هروڀرو ڏاڍو مڙس سمجهي، ايڏي لاپرواهيءَ ٿا ڏيکاريو؟ جيڪڏهن اوهان کي اسان جي ماتحت ٿي رهڻ وارو شرط منظور آهي، ته پوءِ پنهنجي عريضيءَ سان گڏ، قيمتي سوکڙيون اُماڻي ۽ گذريل وقت وارين خطائن جي معافي وٺي، اسان جي قدم بوسي پنهنجي سعادت سمجهي، ملڪ کي محفوظ رکي، پنهنجي ميراث ڪري ڀائيندا، ٻيءَ حالت ۾ آءٌ احمد آباد ۽ گجرات تي ڪاهي وڃڻ جي سانگي سان، جڏهن انهيءَ پاسي آيس، ته هڪ ئي ڌڪ سان اوهان جي ملڪ کي تاراج ڪري، اوهان جون مَتيون مُنجهائي ڇڏيندس.

هن جي انهن ڳالهين جو کنگهار تي جيڪو اثر پيو سو هنڌ رهيو، ماڳهين اهو سڀ ڪجهه مسخري ۽ بڪواس سمجهي، پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ کان ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ويهي رهيو. 

(1 ۽ 2) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

راءِ کنگهار سمي جو شاهه حسن کي جواب موڪلن

راءِ کنگهار سمي جهڙي جاهل ماڻهوءَ شاهه حسن ڏانهن جواب ڏياري موڪليو، ته اسان جابلو ماڻهو پٿر جيان سخت جان آهيون، پاڻ سدائين پهاڙن ۾ گذاري، پنهنجو نانءُ ناموس بچائي، پاڻي ۽ پوکي راهي تي گذر بسر ڪندا رهون ٿا، اوهان جي چوڻ موجب اسان گهوڙا ۽ ٻيون جنسون ڪيئن پنهنجن ماڻهن وٽان اڳاڙي موڪليون؟ اسان جو حال اهو آهي جو پنهنجا ڪي بکيا، اگهاڙا راجپوت (63) ڦُرلٽ جي لاءِ سنڌ ۽ گجرات ڏانهن ٿا اماڻي ڇڏيون، جيڪي پنهنجي ترار جي ضرب ۽ بازوءَ جي زور تي اُتان ڪجهه نه ڪجهه هٿ ڪري ٿا اچن، جنهن تي اسان جو گذارو ٿئي ٿو، هاڻ جيڪو به پنهنجي ننگ ۽ ناموس جي ڪائي کي هنن پاهڻن (راجپوتن) تي اڇلائڻ چاهي ۽ جيڪا به مُڏي موڙي کيس ٻين وٽان هٿ آئي هجي، سان هنن ڌاڙيوالن جي حوالي ڪرڻ گهري، ته سندس مرضي آهي. اسان کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپي، جو خدا گهر ويٺي اهڙي قسم جي روزي رسائي! توهان جيڪڏهن اهڙي مهرباني ڪندا، ته اسان وڏي چاهه سان اوهان جي واٽ نهاريندا رهنداسين.

مرزا شاهه حسن اهو جواب ٻڌي، تپي باهه ٿي ويو ۽ تڙ تڪڙ ۾ گهوڙا سنجي نڪري پيو. آخر رڻ اُڪري ان واتوڙي (کنگهار) جي علائقي ۾ وڃي رسيو، هن پنهنجي جواب دوران، شاهه حسن کي پنهنجيون جيڪي سورهيائيون ڄاڻايون هيون، تن جي باوجود کيس راجپوتن جو لشڪر وٺي ميدان ۾ اچڻ جي همت ئي ڪا نه ٿي، باقي سندس ساٿياري رات جي اونداهيءَ ۾ راتاها هڻي شاهه حسن جي لشڪرين کي خوب تنگ ڪندا رهيا. سڄي تر ۾ جيڪي به پاڻيءَ جا کوهه ۽ تلاءَ هئا تن ۾ مردار ڍورن جا ڍونڍ ۽ ٿوهر جا ٻوٽا اڇلائي هر هنڌ پاڻي گندو ۽ زهريلو ڪري پاڻ وڃي ڪڇ جي پهاڙن ۾ پناهي ٿيا، تنهن هوندي به مرزا جي ماڻهن ۾ ايڏو ته حوصلو هو، جو جتي به کين پاڻيءَ جي گهرج پئي ٿي، اُتي بيلدارن کان جيڪي زمين ته ڇا، ٽڪر به ٽُڪي ٿي سگهيا، نوان کوهه کڻائي ٿي ڇڏيائون.

مرزا شاهه حسن پوءِ سڄي ملڪ جون آباد ٿيل ٻنيون ساڙائي پٽ ڪري، وڃي ان هنڌ پهتو، جتي ڪڇ جي سمي لاکي ڦل جا ٻه طلسمي چشما ”جهرڪ جهرڪي“ جي نالي مشهور ۽ موجود هئا. چون ٿا ته انهن چشمن ۾ لاکي ڦلاڻيءَ طلا پرس (سونو ماڻهو) لڪائي ڇڏيو هو.

مرزا شاهه حسن جو طِلا پرس يعني سوني ماڻهوءَ جي حقيقت کان واقف ٿيڻ، جيڪو لاکي ڦلاڻي ”جهرڪ جهرڪي“ جي نالي ٻن چشمن ۾ لڪائي ڇڏيو هو

سنڌ جي انهن سڄاڻ ماڻهن کان، جيڪي پنهنجي سياڻپ ۽ سيبتائيءَ جي ڪري پنهنجي ٻوليءَ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ آهن، ائين ٻڌو ويو آهي، ته ساموئي نگر جي سمن مان لاکي ڦلاڻيءَ نالي هڪ سورمو ٿي گذريو آهي. اهي سما پنهنجيءَ پَر موجب هندو توڙي مسلمان جي هٿن جو پڪل کاڌو کائڻ ۾ ڪو به عار نه ڪندا هئا. جوڳين جي پوڄا ۽ مٿن حد کان وڌيڪ ويساهه رکڻ به سندن اصلوڪي ريت هئي.

هيءَ تڏهن جي ڳالهه آهي، جڏهن حڪومت جي نوبت انهيءَ قبيلي جي حاڪمن مان ڦرندي ڦل جي پٽ لاکي سمي تائين اچي پهتي هئي. قضا سان

* ڏسو حواشي ۽ تعليقات

انهيءَ زماني ۾ ڪو اهڙو جوڳي پيدا ٿيو، جنهن کي جهنگ جي جڙين ٻوٽين جي خاصيتن جي پوري ڄاڻ هئي. هڪ دفعي هن کي جهنگ ۾ ڦرندي ڪو ڌنار مليو، جنهن اتي ٻڪريون ٿي چاريون. ڪڇ جي انهيءَ جهنگ ۾ جڙيون ٻوٽيون جام ٿينديون هيون. ڌنار سان ڳالهائيندي جوڳيءَ کي هڪ ٻڪري ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي ٻوٿ تي ڪنهن ٻوٽيءَ جي ڳاڙهاڻ لڳل هئي. هن اک وٺي ان ٻڪريءَ جي تاڙ ڪئي. کيس پتو پيو ته اها ٻڪري هڪ اهڙي ٻوٽيءَ تي هريل آهي، جنهن جي کائڻ سان هن جو سڄو وات ڳاڙهو ٿي پوي ٿو، ان کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به ٻوٽيءَ جي ويجهو نه ٿي وڃي. هن اٽڪل سان اها ٻوٽي پاڙون ڪڍي پاڻ وٽ رکي. انهيءَ ٻوٽيءَ ۾ اها خاصيت هئي، ته جيڪڏهن ان کي ڪنهن ماڻهوءَ سان گڏ باهه ۾ ڦٽو ڪيو ٿي ويو، ته اهو ماڻهو سڄو سونو ٿي پئي ويو. انهيءَ سوني ماڻهوءَ جو ڪو به عضوو وڍي الڳ ڪرڻ تي ٻئي ڏينهن اهو وري اڳ وانگي سڄو ٿي ويندو هو. اهو راز رڳو ان جوڳي کي ئي معلوم هو. ٻوٽيءَ مان ڪم وٺڻ لاءِ هن کي ساڳيو ڌنار مناسب نظر آيو ۽ سڌو وڃي ان جو پاسو ورتائين. اها نيت ڪري ته جيئن کيس ريهي ريبي ٻوٽيءَ سان گڏ (65) باهه ۾ اُڇلائي، سولي نموني پنهنجو مطلب پورو ڪري سگهي. آخر ڌنار کي وڪڙ ۾ آڻي کيس چيائين ته آءٌ باهه جو مچ ٻاري پوڄا ڪرڻ ٿو چاهيان، جيڪڏهن تون به مون سان گڏجي پوڄا ڪندين ته تنهنجا پاپ به پُڃ ٿي پوندا.

ڌنار به اتان جي ننڍي وڏي وانگي جوڳين ۾ ويساهه رکندڙ هو، ان ڪري جوڳيءَ جي چوڻ تي ان سان شامل ٿيڻ جي هام ڀريائين. جڏهن مَچ تيار ٿي ويو ته جوڳيءَ ڌنار کي چيو: اچ ته هاڻ ٻئي گڏجي مَچ جي چوڌاري ڦيرا پايون. ڌنار کي پنهنجي نيڪ نيتيءَ جي ڪري اڻ ڄاڻ هوندي به عقل اچي ويو ته جوڳيءَ پنهنجي اندر ۾ متان ڪا سٽ نه سٽي هجي! ان ڪري چڱو ائين آهي ته هي ڀلي اڳ ۾ هلي، آءٌ سندس پويان پيو ڦيرا پائيندس. جوڳي پاڻ اڳيان ٿيو ته ڌنار هڪ ٻن ڦيرن کان پوءِ پنهنجي جان جي خوف کان ان کي ڌڪو ڏئي اڳتي وڌي ويو ۽ هو جڙي ٻوٽيءَ سميت وڃي مَچ ۾ پيو.

ڌنار پوئتي نهاري پڪ ڪئي ته جوڳيءَ جو ورڻ مشڪل آهي، پوءِ اهڙو ته کڙين تي وٺي زور رکيائين جو ڄڻ انهيءَ جوءِ ۾ آيو ئي ڪو نه هو. وري ڪيترن ڏينهن تائين انهيءَ پاسي مال چارڻ ويو ئي ڪين.

نيٺ هڪ دفعي دل ٻڌي جهنگ جو گس ورتائين، جڏهن مَچ واري هنڌ تي پهتو ته اتي رُڳي رک پيل ڏٺائين. دل ۾ چوڻ لڳو: هتي ته سڀ ڪجهه سڙي خاڪ ٿي چڪو آهي. هن وقت هتي ڪو به ڪونهي، تنهنڪري ڇو نه انهيءَ رک مان هڏا ڪڍي ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي پوري ڇڏجن، جيئن سڀاڻي ڪنهن کي به اها ڪَل پئجي نه سگهي ته هتي (66) ڪجهه ٿي چڪو آهي. ائين ڪندي پير سان رک اُٿلائڻ لڳو: ڇا ٿو ڏسي ته ان ۾ هڏن بدران جوڳيءَ جو سچو بُت سونو ٿيو پيو آهي ۽ ڏاڍا جرڪاٽ پيو ڪري! هن کي ڏاڍي حيرت لڳي ته قدرت ڪهڙو نه عجيب ڪرشمو ڪري ڏيکاريو آهي. پر هاڻ جيڪڏهن هي سمورو سون پنهنجي گهر کڻي ويندس ته سڄي ڳالهه ظاهر ٿي پوندي ۽ جي هتي جهنگ ۾ ڇڏي ڏيندس ته ٻئي ڪنهن جي هٿ لڳي ويندو. آخر گهڻي سوچ کان پوءِ پنهنجي ڪهاڙيءَ سان (جنهن کي هتان جا رهاڪو هٿيار طور ساڻ کڻي هلندا آهن) جوڳيءَ جي سوني بُت مان هڪڙو عضوو وڍي گهر کڻي آيو، باقي بُت اٿي ڪٿي ڪنڊ پاسي ٿانيڪو ڪري ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن وري جاچ لهڻ لاءِ اُتي آيو. ڏٺائين ته وڍيل عضوو ساڳيءَ طرح سڄو ٿي ويو آهي جيئن اڳ هو. ڏاڍو اچرج لڳس ۽ دل ۾ چيائين، هيءَ ته ڪالهه کان به وڏي ڳالهه آهي! بهرحال مون کي هن مان ٿورو ڪي گهڻو کُٽائي پڇاڙيءَ لاءِ پاسيرو ڪري رکڻ کپي. پوءِ وري ان سوني بُت مان ٻه ٽي عضوا ٻيا الڳ ڪري گهر کڻي ويو. اهڙيءَ ريت روزانو سون گهر ۾ آڻيندو رهيو، ٿوري وقت ۾ سندس سڄو گهر سون سان ڀرجي ويو. هيڏو سارو سون گهر ۾ ڏسي وري ڳڻتي ورائي ويس. جڏهن ڪو ٻيو چارو نه ڏٺائين، ته لاکي ڦلاڻيءَ وٽ وڃي کيس هن ساري روداد کان واقف ڪيائين. لاکي پهريائين ته ويساهه ئي نٿي ڪيو، پر پوءِ جيئن پڪ ٿيس ته هڪدم پنهنجا ماڻهو ساڻ ڪري اتي اچي پهتو ۽ اهو لقاءُ اکين سان ڏسي ڏندين آڱريون اچي ويس، اوڏيءَ مهل سڄو سونو بُت پنهنجي گهر کڻائي آيو. تنهن ڏينهن کان پوءِ هر روز ان سوني بُت مان هڪڙو عضوو وڍي ڪتب آڻيندو رهيو (67). هن کي يقين هو ته اهو الاهي خزانو کٽڻ وارو ناهي، ان ڪري دل کولي اهو سون خلق جي ڀلائيءَ ۾ خرچ ڪرڻ لڳو. ٿوري وقت ۾ سندس ناماچار انهن راڻن ۽ راجائن کان وڌي وئي، جيڪي هن کان وڌيڪ ناميارا ليکيا ٿي ويا. هيءَ پاڻ کي انهن کان مٿاهون سمجهي، ويتر وڌيڪ خير جا ڪم ڪرڻ لڳو. ايتري قدر جو سج اُڀرڻ سان سوا لک جيترو سون خيرات ڪري، پوءِ ڏندڻ پاڻي ٿي ڪيائين. جيستائين جيئرو هو، تيستائين ائين ڪندو رهيو.

جڏهن سندس هالاڻيءَ جا ڏينهن ويجها آيا ته انهيءَ اَڻ کٽ قدرتي خزاني کي ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪرڻ بدران طلسم ذريعي ”جهرڪ جهرڪي“ نالي ٻه چشما تيار ڪرائي انهن ۾ اهو پُتلو لڪائي ڇڏيائين. اها اوکا پوکا لاهي، پوءِ سڀني کي هدايت ڪيائين ته اها امانت اتي ئي سوگهي رهي جتي رکي وئي آهي ۽ ڪڏهن به ڪنهن ٻئي کي نه ڏني وڃي. هيءُ پاڻ وڏو سخي هو (1)، ان ڪري اهي چشما خدا جي حڪم سان اڃا سوڌا ماڻهن جي هٿ چراند کان حفاظت ۾ رهندا اچن ٿا.

(1) لاکي ڦلاڻي بابت ڏسو حواشي ۽ تعليقات. طلا پرس جي بيان ۾.

مرزا شاهه حسن جڏهن اهو قصو ٻڌو ته (گرڙ وانگي) سندس وات مان گِگَ وهڻ لڳي، هڪدم ڏاڪا ٻڌي انهن چشمن ڏانهن چڙهي ويو ۽ ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته ٻنهي مان هڪڙي چشمي تي (جنهن لاءِ اتان جي ماڻهن کيس پڪ ڏياري هئي، ته انهيءَ ۾ ئي اهو سونو بُت (طِلا پُرس) موجود آهي) نار ٻڌي سمورو پاڻي ٻئي چشمي ڏانهن وهايو ۽ جيئن چشمي جو تَر ُ ظاهر ٿئي ته هڪدم اهو سونو بت ڪڍي وٺجي. ماڻهن چشمي تي نار ٻڌي بيگار وهڻ شروع ڪري ڏني. هڻندي ماريندي جڏهن چشمي جو تر ظاهر ٿيو، ته سوني ماڻهوءَ جو بُت (طِلا پرس) ڏسي هر ڪو خوش ٿيو، پر سج لهڻ ڪري ان کي اُتي ڇڏي مٿان پهريدار بيهاري هليا ويا. ٻئي ڏينهن جيئن ان کي اتان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائون ته طِلا پرس اک ڇنڀ ۾ انهيءَ چشمي مان اڏامي وڃي ٻئي چشمي اندر پيو. ماڻهو وري ان چشمي مان پاڻي ڪڍڻ لڳا، پر جڏهن پاڻي کپي ويو ته طِلاس پرس وري ساڻن اها تعدي ڪرڻ لڳو، هن خالي ٿيل چشمي مان اُڏامي وڃي ڀريل چشمي اندر ٿي گم ٿي ويو. ائين واري واري سان پاڻي ڪڍندا رهيا، ته متان اهو سونو بُت (طِلا پرس) هٿ لڳي وڃي، پر هر ڀيري (68) ساڻن ساڳي ڪار ٿيندي رهي. آخر سڀڪو بيزار ٿي ماٺ ڪري ويهي رهيو.    

مرزا شاهه حسن کي به پَڪ ٿي، ته اهو طلسم آهي ۽ ڪنهن کي به سونو بُت هٿ اچڻو ناهي، تنهنڪري هن به آسرو پلي ڇڏيو ۽ بيگار وارن جي جند ڇڏيائين. هوڏانهن ڪڇ جا سرڪش سما جڏهن شاهه حسن جو مقابلو نه ڪري سگهيا ته صلح جي لاءِ چڱن مڙسن کي وچ ۾ آڻي، هر سال ڏن پهچائڻ جو وعدو ڪيائون ۽ سندن پلوَ آجا ٿي ويا، جيڪا ڪوتاهي بروقت کانئن ٿي چڪي هئي، تنهن جا به ڏنڊ ڏوهه ڀري ڏنائون. اهڙيءَ طرح مغلن جي مارا ماري کان بچي ويا. شاهه حسن پوءِ ٺٽي واپس اچي، وري ملتان تي ڪاهي وڃڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو.

سال 933 هه ۾ شاهه حسن جو ملتان کي تباهه ڪرڻ ۽ مير شمس جو  اتي حاڪم مقرر ٿيڻ

مرزا شاهه حسن کي جڏهن هتان جي باري ۾ هر طرح دلجاءِ ٿي، ته ملتان تي ڪاهي وڃڻ لاءِ سپهه سالارن کي سنڀرائي خشڪي ۽ درياهي رستي پنهنجو لشڪر اڳ ۾ ڪري هليو. انهيءَ وچ ۾ سيوهڻ ۽ بکر تي ڀروسي جوڳا ماڻهو مقامي حاڪمن طور مقرر ڪري ڇڏيا هئائين. هتان روانو ٿي سيت پور پهتو ته اُتان ڀلا گهوڙا هٿ ڪري ۽ ڪيترن ورهين جي ڍل اُڳاڙي، منزلون هڻندو، وڃي ملتان رسيو، جنهن کي ديني بزرگن جو شهر ڪوٺيو وڃي ٿو.

ملتان ۾ داخل ٿيڻ شرط هن ايڏو ته رڻ ٻاري ڏنو (69) جو شهرين تي ڄڻ ڪا آسماني آفت نازل ٿي وئي. رعيت سان گڏ فوجين ۾ به ڪٽڪو پئجي ويو. اهڙي محشر جهڙي ماحول ۾ پيءُ پٽ کان ته ڀاءُ ڀيڻ کان وڇڙي وڃي غنيم جي ور چڙهيو. ائين پيو ڀائنجي ڄڻ ماڻهوءَ جو پاڇو به کانئس بيزار ٿي چڪو هو، جيڪو به پاڻ بچائي ٿي نڪتو تنهن پنهنجي سلامتيءَ کي غنيمت ٿي سمجهيو. اهي زالون جن ڪڏهن به ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جو منهن ته ڇا، پر آواز به ڪو نه ٻڌو هو ۽ سدائين سندن سَتُ سلامت رهندو ٿي آيو، اوپرن جي هٿان قيد ٿي ويون.

جڏهن سڄو ڪم مرزا جي مرضيءَ موجب ٿي چڪو ۽ سندس راهه جون سڀئي رڪاوٽون دور ٿي ويون ته پنهنجي گماشتي مير خواجه شمس کي پنهنجي پاران ملتان جو حاڪم مقرر ڪري واپس ٺٽي هليو آيو. بکر پهچڻ تي محمود خان ولد فاضل خان ڪوڪلتاش کي اتي جو حاڪم ڪري رکيائين ۽ بکر سان گڏ سيوهڻ جي سرحد کان وٺي ملتان، سبي، گنجابي (گندا واهه) تائين سمورا علائقا پڻ ان جي تحويل ۾ ڏنائين. تنهن کان پوءِ ڪجهه وقت اتي رهي، ساڳئي درياهي رستي سان ملڪ جي اندرين حصن ۾ اچڻ وڃڻ جو انتظام ڪرايائين. پوءِ جيئن ٺٽي ڏانهن وريو، ته واٽ تي طغرل آباد وارو قلعو، جنهن کي سما ڄام اڌ ۾ رهائي ويا هئا، مرمت سان مضبوط ڪرائي سڀئي حويليون ارغون اميرن ۾ ورهائي ڇڏيائين. قلعي کي بازار ۽ لشڪر گاهه سان به نئين سر سينگاريائين، جيئن هرڪو اتي امن سان رهي سگهي، تنهن ڏينهن کان پوءِ سندس حڪومت ۾ ڪو به فتور پيدا نه ٿيو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org