23 April, 2011

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تاريخ طاهري

باب: --

صفحو:15  

جڏهن ٻئي ڌريون هڪ ٻئي ۾ هڻندي ماريندي، ڏئي وٺي بيٺيون، ته هر ڪو ٿڪجي واپس منهنجي ماڳ اچي ملم پٽي کي لڳي ويو. ٻئي ڏينهن شروع ٿيندڙ جنگ لاءِ آخر اهو فيصلو ٿيو، ته هن گهل گينداڙ کان اڳو پوءِ سنئين سڌي جنگ ڪئي وڃي، جيئن ٻنهي پاسن جا جوڌا جوان پنهنجا جوهر ڏيکاري سگهن.

خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ درميان دوبدو جنگ

اُها رات جيڪا رات جنگ جو ميدان سنواريندڙ هزارين سوڍن ۽ سورهين جي آخري رات هئي، جنهن جو صبح قيامت واري ڏينهن کان ڪنهن به حالت ۾

(1)  پروانه جرگس سوداگر هو، جيڪو هر سال هرمز (ايران) مان ٺٽي ايندو ٿي رهيو.

(2)  ڏسو حواشي ۽ متعلقات

گهٽ نه هو، جنگي جوانن انهيءَ سوچ ۽ ڳڻتيءَ ۾ گذاري، ته فجر ٿيڻ تي شايد پنهنجو وجود هن دنيا ۾ ئي نه هجي ۽ سڀ ڪجهه مٽيءَ ۾ ملي هڪ ٿي وڃي. سڀني موت جو ڀيانڪ منظر تصور ۾ آڻيندي، هڪ ٻئي کان ڏوهه گناهه ٿي بخشايا، ته سڀاڻي هر ڪنهن کي هلڻو پوندو، جوانن جون اهي هاٺيون، جيڪي ايندڙ ڏينهن تي رت ۾ رڱجڻ واريون هيون، سڄي رات انهن کي سنوارڻ جي ٿي ڪيائون. هر ڪنهن کي اها لوري لڳل هئي، ته پنهنجي شهادت ۽ نمڪ حلاليءَ سان سندس حاڪم جي ننگ ۽ ناموس جي ساک پَتِ رهائي ويندي. جيئن جيئن رات پاسا ورائيندي ٿي وئي، تيئن تيئن هنن هرڪا گهڙي زندگيءَ جي پياري ۽ پوئين گهڙي غنيمت سمجهي ٿي گذاري. اها گهڙي ڏاڍي گهائيندڙ ۽ روئاڻيندڙ هئي، جنهن هيڪر هر ڪنهن جي دل ٿي ٻڌائي، ته ٻيهر سڀني جي اکين ۾ پاڻي آڻي ٿي ڇڏيو. نيٺ سندن روئيندڙ چهرن تي صبح جو مرڪندڙ سج اُڀري آيو. جيئن جنگ جا نغارا وڳا، ته هر ڪنهن جي بدن مان سيسراٽ اڀرڻ لڳا (182). ويرم ئي نه گذري، ته جنگ جو ميدان سورهين جي سٿ سان سنوارجي ويو.

خان خانان جي لشڪرين هڪ ٻئي جي سڃاڻپ لاءِ پنهنجي ٽوپين ۾ تير ٽنبيا، ته مرزا جاني بيگ جي سپاهين وونڻن جون سايون ٽاريون، پنهنجي مٿي سان ٻڌيون. ٻئي لشڪر ڇوليون هڻندڙ سمنڊ جيان زمين آسمان هڪ ڪري هڪ ٻئي مٿان ڪاهي پيا. جنگ جي انڌڪار ۾ چوڌاري بارودن جون باهيون وڄ جيان چمڪاٽ ڪرڻ لڳيون، ته تيرن جا وسڪارا مندائتي مينهن جا ڪڙڪندا رهيا (183).

جنگ ۾ پهريائين مرزا جاني بيگ جو پاسو زور رهيو. خان خانان جو لشڪر لانجهو ٿي آسرو پلڻ تي هو، ته پاڻ خدا جي ازغيبي امداد ۽ بادشاهي اقبال جي اَڀل ساري الاهون ڪرڻ لڳو: خداوند! (اڪبر بادشاهه) اسان هن ڏکئي وقت ۾ ڪجهه به ڪري نه ٿا سگهون، پاڻ وٽ جيڪا مڙسي هئي، سا ڏيکاري چڪاسون، هاڻ اوهان پنهنجي اقبال جو ڀرم رکندي ظاهري ۽ باطني امداد عطا ڪريو، جو غنيم (مرزا جاني بيگ) ڏاڍو ڏکيو پئجي رهيو آهي.

اڃا هن جون اهي الاهون جاري هيون، ته سندس حق ۾ بادشاهه سلامت جون ٻه ڪرامتون ظهور ۾ آيون، هڪڙي اها ته مرزا جاني بيگ جو هاٿي انڌ ۾ اچي، پنهنجي لشڪر ۾ وڃي پيو، سندس سپاهين ائين سمجهيو، ته شايد هي به غنيم جي پاران ڪا مصيبت اچي سر تي ڪڙڪي آهي (184)، ٻي ڪرامت اها، ته جنگ هلندي جيڪو واءُ مرزا جاني بيگ جي پاسي کان گُهلندو، خان خانان جي لشڪر  تي ڌوڙ وسائيندو ٿي رهيو، اهو ڦري وري مرزا جاني بيگ جي لشڪر تي ڌوڙيا وسائڻ لڳو . انهيءَ اوچتي صورتحال کان مرزا جاني بيگ جو لشڪر اوندهه ۾ بد حواس ٿي موت ۽ شڪست جي مامري ۾ اڙجي ويو. ايتري ۾ دلپت جو پُٽ دائود ترار ۽ جهنڊو هٿ ۾ ڪري، مرزا جاني بيگ جو نالو وٺندو، سندس لشڪر ۾ ڌوڪي آيو. مرزا جاني بيگ، عرب ڪوڪيءَ کي پنهنجي جاءِ تي جهنڊي هيٺان بيهاري پاڻ پريان وڃي، سپاهين جي وچ ۾ بيٺو، جتي لشڪر کي هدايتون ٿي ڏنائين. عرب ڪوڪي،

مرزا جاني بيگ جي ورڻ کان اڳ، دلپت جي ڦَر دائود کي جواب ڏنو، ته مرزا جاني بيگ اجهو آءٌ آهيان، هليو اچ! جڏهن ٻئي هڪ ٻئي سان وچڙيا ته عرب ڪوڪيءَ هن کي ڪاري زخم رسائي ڇڏيا. هوڏانهن مرزا جاني بيگ به واپس پنهنجي جاءِ تي اچي ويو ۽ پير پختا ڪري بيٺو، پر مٿين واقعن (هاٿيءَ جي ڌوڪي پوڻ ۽ مخالف هوا لڳڻ) سبب انت سندس لشڪر کي هٿيار پنوهار ڇڏي ڀڃڻو پيو. پاڻ پڇاڙيءَ يارهن سوارن سان جن ۾ (185) شاه قاسم ارغون، خسرو چرڪس، عرب ڪوڪو، ملامحمد فراخي (1) علي سلطان ۽ ٻيا شامل هئا، ميدان ۾ باقي رهيو.

اهو حال ڏسي خسرو چرڪس، شاهه قاسم ارغون ۽ سيد حسن (نسياني جو والد جنهن اهو واقعو پاڻ بيان ڪيو هو) جنگ جي ميدان ۾ وڃي، سنڌي، فارسي ۽ هندي زبانن ۾ پنهنجي لشڪر جي دل ٻڌرائڻ لاءِ ائين چوندا ٿي رهيا ته: هيءَ مهل ڀڄڻ جي نه آهي، هر ڪنهن کي بيهي منهن ڏيڻ کپي، جيئن سڀاڻي اوهان جا پويان هندستاني لشڪر هٿان قيد نه ٿي وڃن! پر هنن جي انهيءَ همت افزائيءَ مان به ڪجهه ڪين وريو، سڄو ميدان زخميل ۽ مري ويل سپاهين سان سَٿيل ڏسي، خان خانان جو لشڪر پاڻيءَ جي ڇَرَ جيان اُٿلي پيو. مرزا جاني بيگ واري ڌُر جو وڃي اهو حال ٿيو، جو عرب ڪوڪي، شهبازيءَ کي (جنهن کي جهنڊو هٿ ۾ هو) چوڻ لڳو: هڪدم جهنڊو هيٺ ڪري ڇڏ، متان حريف جو لشڪر هيڏانهن نه ڪاهي اچي، پر آفرين هجي شهبازيءَ کي جنهن جهنڊو هيٺ نه ڪيو. اچانڪ خان خانان جو لشڪر اچي نڪتو. مرزا جاني بيگ وڏي جرائت ۽ غيرت سان پنهنجي ماڻهن کي چيو، ته جيڪڏهن هتان پاڻ بچائي سڀني کي ڀڄڻو پيو، ته حياتيءَ ۾ ڪهڙو منهن کڻي هلڻو پوندو! تنهن تي شاهه قاسم ارغون کيس چوڻ لڳو: اسان جو سمورو لشڪر ميدان ڇڏي چڪو آهي، اسان مان هاڻ ڇا وري سگهندو (186)، جو هيڏي ساري شاهي لشڪر سان منهن ڏيڻ جي ڪريون. سپاهگري جي مصلحت اها نه آهي، ته پاڻ کي هروڀرو ائين غنيم هٿان مارائجي، جيڪڏهن اوهان جا سِر سلامت آهن، ته اهي جنگيون وري سر ڪري سگهجن ٿيون. ائين چئي مرزا جاني بيگ کي زوريءَ اُتان ڪڍي درياهه جي ڪناري ٻيڙيءَ وٽ اچي رسايائين. ٻيڙيءَ تائين پهچڻ پاڻ اهو لقاءُ ڏٺائون، ته

(1) تحفته الڪرام فارسي ۾ ص 148 تي فراخي ۽ ص 283 تي فراصي لکيل آهي.

(مترجم)

سندن لشڪر مان جيڪي جنگ جو ميدان ڇڏي ڀڳا هئا تن وٽ جيڪو رَهيو کُهيو سامان، يا ڪو هٿيار هو، سو ٻيڙيءَ جي ڀاڙي ۾ ڏئي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، پنهنجي سر جي خوف کان جيئن ٻيڙيءَ وارن کي خان خانان جي لشڪر جو ڊپ ٿي ڏياريائون ته ٻيڙيءَ وارن وري بجاءِ ان جي جو هڪدم ٻيڙي هڪالي هن ڀر ڪڍي وڃن، اٽلندو پنهنجي جان جي خطري کان ساڳين هٿيارن سان هنن وار ڪري، کين درياهه داخل ڪري ٿي ڇڏيو. جيڪي پاڻ بچائڻ لاءِ جنگ جي ميدان مان ڀڄي نڪتا، تن کي پنهنجي ئي هٿيارن سان وچ درياهه ۾ موت اچي ورايو ۽ ائين ئي ضايع ٿيندا ويا. ٻئي پاسي جيڪي سپاهي خشڪيءَ رستي ڀڄڻ لڳا، اهي مقامي ماڻهن ۽ زميندارن هٿان لُٽجي ڦرجي قتل ٿي ويا.

هاءِ هاءِ! جنهن جي حڪومت زوال ۾ اچڻ لڳي ٿي ۽ سندس ڀاڳ ڦٽي ٿو، ته ان بدنصيب جا اهڙا ئي حال ٿين ٿا. هيڏانهن مرزا جاني بيگ، پنهنجي ساٿين سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڪنهن بچاءُ واري هنڌ ڏانهن روانو ٿيو، ته هوڏانهن خان خانان جو لشڪر وحشين ۽ درندن جيان جنگ جي ميدان ۾ ٽپي مرزا جاني بيگ جي لشڪر مان مئلن جا لاش لتاڙيندو زخمي ۽ مرڻينگ سپاهين کي بيدرديءَ سان قتل ڪري، مرزا جاني بيگ جي ووڙ ۾ نڪتو، جيئن ان جون به کنڌيون کنيو وڃن.

 

مرزا جاني بيگ جو ٻيهر جنگ ۾ ٽپي پوڻ ۽ خان خانان جو کيس گهيرو ڪرڻ

جڏهن پهرين سَٽ ۾ مرزا جاني بيگ کي ڀاڳ نه ڀَڙايو ۽ خان خانان هٿان هار کائي، ٻيڙيءَ ۾ چڙهي موت جي منهن مان نڪري وچينءَ مهل انڙپور پهتو، ته وري کيس کٽيءَ کنيو ۽ سوچيائين، ته ڇو نه هتي کاهيون کوٽائي (187) ٻيهر پنهنجا پير پختا ڪري ويهي رهجي، جيئن ڇڙوڇڙ ٿيل لشڪر کي هيڪاندو ڪري، وري غنيم جو مقابلو ڪيو وڃي. انهيءَ نيت سان ڏاڍا حيلا هلايائين، ته دشمن (خان خانان) جي پهچڻ کان اڳ، سمورو انتظام ڪري ڇڏجي، پر ائين ڪو نه ٿي سگهيو. هڪ ته اتان جي زمين وارياسي هئي، ٻيو وري بيلدار وغيره به کيس هٿ نه اچي سگهيا، جيئن کاهين کوٽڻ ۾ ڪا مدد ڪن ها. تڏهن به تڙ تڪڙ ۾ هتان هُتان تڏا، توريون، ٻوريون ۽ ٻيڙين جا سڙهه پيدا ڪري، انهن مان ڳوٿريون تيار ڪرائي، واريءَ مان ڀرائي، ماڻهوءَ جي قد تائين هيٺ مٿي رکرائي، مورچا ٻڌرائي، منجهن ماڻهو ويهاري ڇڏيائين. ايڏي پورهئي کان پوءِ به ٽڙيل پکڙيل لشڪر مان ڪو به وٽ واپس ڪو نه آيو. سندس سپاهي دربدري ۾ جان جي خوف کان ائين ته وٺي ڀڳا، جو ٺٽي ڏانهن ويندڙ چئن ڏينهن جو پنڌ رات ڏينهن ۾ پورو ڪري قاصدن کان به اڳ شهر ۾ پهچي، جنگ جي شڪست جون خبرون مرزا پائنده بيگ ۽ مرزا جاني بيگ جي پوين تائين پهچائي ڇڏيائون.

خان خانان جيڪو مرزا جاني بيگ جي ڳولا ۾ مينهن واءُ هڪ ڪندو ٿي آيو، سو به نيٺ اچي مرزا جاني بيگ تائين رسيو ۽ انڙپور ۾ سندس دوبدو کاهيون کوٽائي توبن تفنگن جي جنگ شروع ڪري ڏنائين. انهيءَ جنگ اهڙو خطرناڪ رخ اختيار ڪيو، جو مرزا جاني بيگ جو ڪو به سپاهي اندران ٻاهر يا ٻاهران اندر اچي وڃي نٿي سگهيو. سندن راهون ئي رد ٿي ويون. اتي مرزا جاني بيگ کي سخت ڳڻتي ۽ مونجهاري اچي ورايو ۽ پنهنجي آئندي جو سوچي، مرزا پائنده بيگ (سندس والد) کي تڪڙي قاصد ذريعي ٺٽي چوائي موڪليائين ته:

اسان پنهنجي جنگي مُهم هيستائين رسائي نهايت مايوس ٿي چڪا آهيون، ته اڳتي الائي ڇا ٿيندو. هاڻ مصلحت اها آهي، ته سڄو ملڪ ويران ڪرائي ڇڏجي، جيئن دشمن کي وڌيڪ موقعو نه ملي. توهان پنهنجي مائٽن ۽ ماڻهن سميت شهر مان نڪري ڪلان ڪوٽ (تغرل آباد) ڏانهن هليا وڃو، جيڪو، انهيءَ ئي مقصد لاءِ اسان مضبوط ڪرائي ڇڏيو هو (188). جيئن ئي شهر ماڻهن کان خالي ٿي وڃي، ته ان کي جتان ڪٿان ڳلين، ڳٿن ۽ پاڙن پَنبن مان باهيون ڏياري ساڙي رک ڪرايو وڃي، ساڳئي نموني ٻيا پرڳڻا به ڳوٺن ۽ واهڻن سميت ساڙائي ڀينگ ڪرائي ڇڏجن. ان لاءِ پڙهي وارن کي حڪم ڏنو وڃي، ته ٽن ڏينهن تائين هر هنڌ پهچي، اهو اعلان ڪندا رهن. رعيت مان هر ڪو پنهنجا ڪچا پڪا فصل ناس ڪري چٻري وانگي سُڃ ۾ ڪن ڪڍي ويهي رهي. جنهن وٽ جيڪي ڪجهه هجي، سو پاڻ سان کڻي ڪنهن نه ڪنهن پاسي نڪري وڃي، ڪٿي نه ڪٿي پناهه وٺي، نه ته شاهي لشڪر هٿان لُٽجي ڦُرجي ويندو.

انهن ٽن ڏينهن ۾ ماڻهن ويچارن کان جيڪي پڳو پاڻ سان کنيائون. جيتوڻيڪ پنهنجي مَڏي کڻڻ ۾ ڪنهن به وَسان ڪين گهٽايو، پر سڄي ڄمار جي ميڙي چونڊي هن وٺ پڪڙ ۾ کڻي ڀڄڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. انهيءَ ڪري ماڻهو سڀ ڪجهه ڪندي به ڪجهه نه کڻي سگهيا. حالت اها هئي جو هر ڪنهن تي پنهنجو پاڇو بار هو. اهڙي عالم ۾ ڪيئن ٿي ايڏو سامان گهلي گهرن مان ڪڍي سگهيا ! جن ماڻهن سامان ٿي ڍويو، تن جي وري اهڙي ته اچي ٻيگهي مَتي جو هر ڪنهن سامان تان ٽيون چوٿون حصو يا سئون سڌو اڌ طلب ٿي ڪيائون. انهن سورن کان گهڻن ماڻهن گهرن ۾ کوهه کوٽي پنهنجو سامان پوري ڇڏيو. جڏهن پڙهي وارن جي اعلان مطابق ٽي ڏينهن پورا ٿيڻ تي آيا ته انهن ئي ماڻهن پنهنجي هٿن سان ٺٽي شهر کي باهيون ڏنيون، جن پاڻ وڏين اميدن سان اهو شهر آباد ڪري، ان ۾ پنهنجا گهر گهاٽ ۽ ماڙيون محلاتون اڏي ان کي شهرن جو شهر بڻائي ڇڏيو هو. سڄو شهر جيئن ته ڪاٺ مان اڏيل هو ان ڪري پورو مهينو سڙندو رهيو، اهو شهر جنهن جي سونهن ورونهن جي هنڌين ماڳين هاڪ هئي!

تن ڏينهن ۾ ٻيو ته سڀ ڪجهه ڀينگ ٿي ويو، پر امن امان جو به اهو حشر ٿيو، جو رهزن حرام خور ماڻهو موقعي ملڻ تي ماڻهن جي مال ملڪيت لٽڻ سان گڏ کين قتل ڪرڻ کان به ڪين ٿي ٽريا. جنهن به پنهنجو ٿورو گهڻو سامان باهه جي اڙاهه مان ڪڍي ٻاهر ٿي آندو، سو انهن چورن بدمعاشن جي ور چڙهندو ٿي ويو. انهي ڦُرلُٽ ۽ مارا ماريءَ ۾ ڪيئي شاهوڪار نادار، ته ڪيئي نادار شاهوڪار ٿي ويا (189).    

جيڪي ماڻهو شهر ڇڏي قلعي ۾ اچي ويٺا، تن جيتوڻيڪ ان پاڻيءَ جي اتي سخت اَڻاٺ ڏٺي ۽ حالت اها هئي جو ڏهن ڀاتين سوڙهه سنگهوڙ سان هڪڙي ئي رلهيءَ ۾ گذارو پئي ڪيو، ان هوندي به قلعي اندر پهچڻ کان پوءِ انهن مان ڪنهن به ٻاهرين ماڻهن وانگي ڦُرلُٽ ڪا نه ٿي ڪئي. ٻاهر ته اهو عالم هو، جو چورن ۽ ڦورن پنهنجي پاڙيسرين کي به ڪو نه ٿي ڇڏيو. هر ڪو ڏاڍو هر ڪنهن هيڻي تي هٿ هلائي ڦرمار ڪندو ٿي رهيو. ٺٽي مان نڪرڻ مهل ماڻهن پنهنجي گهرن ۾ جيڪا موري مَڏي کوهن اندر پوري ڇڏي هئي، سا به چورن ۽ ڌاڙيلن لوهين سيخن سان ٻرندي باهه مان ڪڍي وڃي پنهنجا گهر ڀريا.

خان خانان کي جڏهن اها خبر پئي ته مرزا جاني بيگ هن نموني پنهنجي هٿن سان ملڪ جو خانو خراب ڪري چڪوآهي، ته انهن منصبدارن کي جن کي
اڳواٽ ئي زباني طور هر صوبي جو حاڪم مقرر ڪيو هئائين، حڪم ڏنائين ته:

جيئن اسان مرزا جاني بيگ کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي، ملڪ جو هي پاسو ڀينگ ڪرايو آهي، تيئن اوهان به سڀني صوبن ۾ پهچي، اُتان جي ماڻهن کي ماري ڪُٽي باندي بڻائي، ان پاڻيءَ کان نرهه ڪري ڇڏيو ۽ ذري پُرزي جي خبرچار موڪليندا رهو!

مرزا جاني بيگ ٺٽي وارن کي تاڪيد ڪري ڇڏيو ته هر ڪو پنهنجي ماڳ رهي قلعي جي نگهباني ڪري، ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ٿيڻ نه کپي، هر ڪو پنهنجي ذميداري محسوس ڪري پنهنجو ڪم پاڻ ڪندو رهي، اهڙيءَ طرح جيئن سندس خلوص ۽ بهادريءَ جي ساک قائم رهي، جڏهن سڀ لُڙ لهي ويا ته هر ڪنهن جي سارسنڀال لڌي ويندي ۽ (190) سڀني کي دل تي ورساريو ويندو.

ان کان پوءِ ڪهڙيون صورتون پيدا ٿيڻ لڳن ٿيون تن بابت نسياني لکي ٿو ته:

نيرون ڪوٽ جي قلعي تي مرزا جاني بيگ طرفان محمد امان ترخان حاڪم ۽ قاسم علي سلطان ان جو وزير مقرر ٿيل هو. جنگ دوران محمد امان ترخان ڪنهن ضروري ڪم لاءِ مرزا جاني بيگ ڏانهن روانو ٿيو. شراب پيئڻ ڪري هن جا حوصلا جاءِ تي نه هئا، جيئن ٻيڙيءَ ۾ ٿي چڙهيو ته پير تختي تان ترڪي ويس ۽ وڃي درياهه ۾ ڦهڪو ڪيائين، جيستائين کيس ٻاهر ڪڍيو وڃي، تنهن کان اڳ پاڻيءَ اندر ئي پساهه پورا ٿي ويس. مرزا بهرام ترخان جيڪو هن وقت بادشاهه سلامت جي ملازمت ۾ رهي ٿو. انهيءَ محمد امان ترخان جو پٽ آهي، جيڪو ساڻس گڏ نيرون ڪوٽ ۾ رهندو هو. محمد امان ترخان جي مرڻ کان پوءِ هن جو وزير قاسم علي سلطان سندس جاءِ تي نيرون ڪوٽ ۾ رهيل هو. انهيءَ ئي شهر ۾ نصر الله نالي هڪ عرب سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو، جنهن کان سواءِ اوسي پاسي ٻيا به ڪيترا عرب سرڪاري نوڪرين ۾ رهندا هئا. جڏهن خان خانان جو لشڪر انهي پاسي وڃي پهتو، ته انهيءَ نصر الله عرب شاهي درٻار مان منصب حاصل ڪرڻ جي لالچ تي خان خانان جي ماڻهن سان ملي، قاسم سلطان کي فريب ڏئي وچ نماز ۾ قتل ڪري ڇڏيو.

قاسم علي سلطان جون عورتون مرداڻي ويس ۾ گهران نڪري وڏي همت ۽ بهادريءَ سان ٺٽي هليون آيون. پويان شاهي لشڪر انهن جي حويليءَ ۾ داخل ٿيو. جيڪڏهن ٿوري به دير ٿئي ها، ته اهي عورتون ڌارين جي لشڪر هٿان قيد ٿي وڃن ها.

شاه قاسم ارغون جي پُٽ ابو القاسم سلطان کي شاهه بيگ خان شاهه ڳڙهه جي قلعي ۾ بند ڪري، اهڙو ته تنگ ۽ عاجز بڻائي ڇڏيو، جو هو نيٺ مجبور ٿي، پنهنجي بهادريءَ جو ڀرم رکڻ لاءِ منجهند جي مهل قلعي مان نڪري، هن جي لشڪر مٿان وڃي ڪڙڪيو. شاهه بيگ خان جا ماڻهو شڪار تي ويل هئا، پاڻ اڪيلو هو، تنهنڪري ابو القاسم وجهه وٺي اها ڪاهه ڪئي، پر جلد ئي واپس قلعي ۾ وڃي پهتو. سندس ماڻهو اتي ئي رهجي ويا.

خان خانان جي پاران بدين ۽ چاچڪان جي پاسي جيڪي منصبدار مقرر ٿيل هئا، انهن جي اُتان جي اميرن، اربابن کان اطاعت قبول ڪرائي ورتي. جڏهن هر هنڌ هن جا ڪارندا ڪامياب ٿيا (191) ۽ مرزا جاني بيگ کي به پتو پوندو رهيو، ته پنهنجي مهم ۾ هر قسم جون ڪمزوريون، ڪوتاهيون ڏسندي دل من هڻڻ لڳو. ايتري ۾ کيس پنهنجي پيءُ مرزا محمد پائنده بيگ ۽ پٽ مرزا ابو الفتح جي موت جي خبر ملي، تنهن ويتر هن کي جهوري ڇڏيو. چئني پاسن کان خان خانان جو مٿس گهيرو هو، جنهن مرزا جاني بيگ جي اندر ٻاهر اچ وڃ جا مڙئي رستا روڪي ڇڏيا هئا. سندس لشڪر وٽ سواءِ پنهنجي رت پيئڻ جي ٻيو ڪي به نه رهيو هو. وٽس جيڪي وهٽ هئا، اُهي به گاهه پَٺي نه هئڻ ڪري، هڪ ٻئي پويان مرندا کپندا ويا.

ملڪ ۾ ايڏي سُڃائي ڪاهي پئي جو ڪنهن بني بشر جي گهران باهه جو دونهون ڪو نه ٿي نڪتو، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي، ته هتي به ڪي اَن داڻا رڌا پيا وڃن، پر توبن ۽ بندوقن مان دونهن ۽ باهين جا دوڌاڻ پئي نڪتا. اناج ته رهيو پنهنجي ماڳ، ماڻهن کي لوڻ جي لَپَ به ڪٿان هٿ نه ٿي آئي، ماني جنهن جو نالو، سا جان کان وڌيڪ ليکي ٿي وئي. حڪومت جا خزانا ئي خالي ٿي ويا. آقي باقي ڪن ماڻهن وٽ وڃي ڪجهه سون بچيو هو، جنهن مان سڄي پورت ڪئي ٿي وئي.

اهڙي موتمار ڏُڪار ۾ آفرين بلڪ هزار آفرين (192) هجي مرزا جاني بيگ جي همت، بردباري، بهادري ۽ سخاوت تي، جيڪو پنهنجي پيرن تي پورو بيٺو هو، هوڏانهن جنگ جي نوبت ايستائين وڃي پهتي، جو خان خانان جو لشڪر مرزا جاني بيگ واري ڌُر کي ويجهو پوندو ويو، ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ رڳو ايترو فاصلو وڃي بچيو، جو سپاهي هڪ ٻئي سان ڏند ڏيندا هڪ ٻئي تي پٿر، ڀتر اُڇلائڻ لڳا. خان خانان جي سپاهين ڏينهن ڏٺي جو مرزا جاني بيگ جي مورچن کي واريءَ سان ڀري ٿي ڇڏيو، ته مرزا جاني بيگ جي ماڻهن رات وچ ۾ خان خانان جون کوٽايل کاهيون مٽيءَ سان لٽي پئي ڇڏيون. ٻئي ڌُريون انهي اڻ نبرندڙ ويڙهه مان ايتري قدر ته اچي بيزار ٿيون، جو ٻنهي پاسي صلح ڪرڻ جي پچار پئي هلي. انت خان خانان پنهنجو ايلچي مرزا جاني بيگ ڏانهن روانو ڪيو.

خان خانان پاران مرزا جاني بيگ جي پاسي صلح جي لاءِ ايلچي موڪلڻ  *

هر ڪو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، ته جنگ توڙي صلح جو دارومدار وقت تي آهي. انهن مان ڪا به ڳالهه بي وقت ٿي نٿي سگهي. ڌڻيءَ جي مرضي پڻ اها هئي، ته هي ٻئي ڌريون دشمني ڇڏي، هڪ ٻئي سان کير کنڊ ٿي وڃن. خان خانان آخرڪار تقدير جو آسرو ڇڏي، تدبير تي ڀاڙي مرزا جاني بيگ ڏانهن ايلچي هڪليو،انهيءَ نياپي سان ته: اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ اڄ کان نه پر اصل کان (193) عزازت ۽ ڀائپيءَ وارو رستو هلندو پيو اچي. اسان هڪ ئي بادشاهه جا درٻاري ۽ دعاگو آهيون. عجب ناهي جيڪڏهن زماني جي گردش کان ٻن ڏينهن لاءِ هڪ ٻئي جو دشمن ٿيڻو پيو. تڏهن به سڀ ڪنهن ڏٺو ته انهيءَ ويڙهاند ۾ ٻنهي ڌُرين چڱي بهادري ڏيکاري. اهي اوهان ئي هئا جن ايترو وقت پير پختا ڪري، شاهي لشڪر جو مقابلو ڪيو. هن وقت چڱائي انهيءَ ۾ آهي ته اوهان پنهنجي ملڪ کي وڌيڪ تباهه ۽ برباد ٿيڻ کان بچايو! پاڻ چڱي طرح سمجهي سگهو ٿا، ته شاهي لشڪر هندستان جي چئني پاسين موجود آهي. ستن ولايتن جا حڪمران، جيڪي بختاوري ۽ ملڪ گيريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، هن ئي درگاهه جي پناري ۾ رهن ٿا، هر ڪو ائين ٿو چاهي ته هروڀرو جنگ ۾ هيترا ماڻهو نه ماريا وڃن.

برابر هو به ائين، مرزا جاني بيگ جو لشڪر مري ويل ساٿين جي ماتم ۾ ڪارا ويس ڪري ٿي هليو. هن جي انهيءَ بيوسيءَ تي دشمن به رت جا ڳوڙها ٿي ڳاڙيا. ايڏي بي ڪسيءَ هوندي به مرزا جاني بيگ، خان خانان جي ايلچيءَ تي

* ڏسو حواشي ۽ تعليقات

رعب وجهڻ لاءِ، اهڙيون ڪيتريون شيون (194) گهرائي پنهنجي ڪچهريءَ ۾ رکايون، جيڪي خان خانان جو ايلچي پڻ اچرج ۾ اچي سوچڻ لڳو، ته مرزا جاني بيگ وٽ اڃا ڪافي مال متاع موجود آهي. هروڀرو سندس حال هيڻا ڪو نه ٿيا آهن. شايد هي وقت اهڙو هو، جو هن کي پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن تي رحم اچي ويو، جنهن ڪري کيس صلح لاءِ اَتو ٿيڻو پيو.

مرزا جاني بيگ جي اميرن وزيرن اڳ ۾ ئي خان خانان ڏانهن، چٺيون چَپاٽيون ڏياري موڪليون هيون، ته ڪنهن به صورت ۾ صلح ٿيڻ گهرجي. هاڻ جو ان جو ايلچي اها آڇ کڻي وٽس لنگهي آيو، ته مرزا جاني بيگ اندر ۾ راضي هئڻ جي باوجود منهن جي پڪائي سان هن کي هاڪار ڪئي. پوءِ پنهنجي خاص مقرب محمد علي سلطان ڪابلي کي خان خانان جي ايلچيءَ سان گڏي ڏانهنس اُماڻيائين. ان خيال سان ته جيڪڏهن انهيءَ (صلح واري آڇ) ۾ ڪو به ڦند ڦير ناهي، ته هي پاڻ به صلح ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهي. محمد علي سلطان جڏهن خان خانان سان مليو، ته کيس معلوم ٿيو ته هي واقعي صلح چاهي ٿو، هن لاءِ انهيءَ ۾ ئي عاقبت جي ڀلائي ۽ خلق جي چڱائي آهي. آخر صلح جون ڳالهيون هلي يڪي پايي تي پهتيون. ٻنهي ڌُرين هڪ ٻئي ڏانهن دوستيءَ جا تحفا ڏياري موڪليا، ٻنهي پاسن کان اهو به فيصلو ٿيو، ته هڪ ٻئي جا سپاهي دلين مان ڪدورت ڪڍي، دشمني بدران دوستيءَ جو رستو اختيار ڪري، پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي وڃن (195). جڏهن سڀ خوف خطرا دور ٿي ويا ۽ جنگ جو امڪان ئي نه رهيو، ته هر ڪنهن لاءِ ڄڻ عيد ٿي وئي، جن کي پنهنجي عزيزن قريبن جي موت جو غم هو، سو انهيءَ خوشيءَ ۾ ختم ٿي ويو.

خان خانان جا ماڻهو هر صوبي ڏانهن روانا ٿي ويا. مرزا جاني بيگ به هر صوبي جي حاڪم ڏانهن لکيو، ته اُتان جي قلعي جون ڪنجيون انهن جي حوالي ڪري پاڻ واپس وٽس (مرزا جاني بيگ ڏانهن) هليو اچي. سڀ کان اول سيوهڻ وارو قلعو خان خانان جي ماڻهن، مرزا جاني بيگ جي ماڻهن کان هٿ ڪيو. جتي به خان خانان جو زباني شاهي فرمان پهتو، اُتي ان جي پوئواري ٿيڻ لڳي. مرزا جاني بيگ ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو، ته خان خانان به سندس پويان هلندو آيو. جڏهن ٻئي جوئبار (1) وٽ پهتا، جيڪو (جاگرافي جي لحاظ کان) سنڌ جو دُن آهي، تڏهن فيصلو ٿيو، ته ٻئي  سربراهه پاڻ ۾ ملاقات ڪري، جنگ وارو بغض دلين مان ڪڍي ڇڏين ۽ هڪ ٻئي سان روبرو ٿي دوست بڻجي وڃن.

 

خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ جو پاڻ ۾ صلح ڪرڻ

خدا جي قدرت به عجيب آهي، جيڪا هڪ کي هار ته ٻئي کي سوڀ پلئه وجهي ٿي، هڪڙو پنهنجي گادي ڇڏي هيٺ لهي ٿو اچي، ته ٻيو اها ئي گادي پنهنجي لاءِ والاري ٿو. انهي الاهي امر کان منهن موڙڻ جي ڪنهن کي به طاقت ناهي. هن بي پرواهه کي ڪنهن جي ڪاڻ ڪانهي، جيئن ٿو وڻيس تيئن ٿو ڪندو رهي. ڪڏهن سليمان کي ڪوليءَ کان وڌيڪ ڪمزور ٿو ڪري، ته ڪڏهن نمرود کي مڇر کان ٿو مارائي! هن جي حڪمت اڳيان ڪنهن به حڪيم کي هام هڻڻ جي مجال ناهي.

مرزا جاني بيگ، جيڪو پنهنجي نادانيءَ کان هن ويراني (سنڌ) کي ڪا شيءِ سمجهي رهيو هو ۽ نافرمانيءَ وارو ڪم ڪندو ٿي رهيو، آخر انهيءَ ئي هنڌ جتي آڪڙجي پنهنجون مُڇون ٿي وَٽيائين، ڦِڪو ٿي ملڪ ڦٽائي (شاهي گماشتي) خان خانان جي پيش پيو. انهيءَ ويچار سان جيڪڏهن اڃا به جنگ

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

هلي ته سندس عاقبت الاجي ڪهڙي ٿئي! ٻئي پاسي خان خانان سان به سندس پُڄڻ محال هو. هاڻ ته ان جو هر حڪم کيس اکين تي رکڻو پوندو، پر دل ۾ چيائين: جيڪڏهن گهوڙي تي سوار ٿي وٽس ويس ته اها ڳالهه کيس پسند اچي يا نه ۽ جي پيرين پنڌ هلڻ جي ڪندس تڏهن به ڳالهه نه ٺهندي. پنهنجي عزت آبرو بچائڻ جي انهيءَ اُميد ۽ خوف کان سندس هيانوَ ۾ وڍ پوندا ٿي رهيا. نيٺ اهو وقت به آيو، جو ٻئي پنهنجي خاص ماڻهن سان لشڪر کان الڳ ٿي مُنهان منهن ٿيا. ڪن جو چوڻ آهي ته مرزا جاني بيگ گهوڙي تان لهڻ جي ڪئي پر خان خانان کيس جهليو ۽ ٻئي گهوڙن جي پٺيءَ تان ئي هڪ ٻئي سان مليا، پر اصل ڳالهه اها آهي ته مرزا جاني بيگ جيئن پنهنجي گهوڙي تان لٿو، ته خان خانان به پنهنجي گهوڙي تان لهي آيو، ٻئي هڪ ٻئي سان ملي پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ لڳا. ٿوري دير کان پوءِ اهو فيصلو ڪري هڪ ٻئي کان موڪليائون ته مرزا جاني بيگ تغرل آباد جي قلعي ڏانهن هليو ويندو ۽ خان خانان ٺٽي جي شهر ۾ داخل ٿي، ماڻهن تي هٿ ڦير ڪري سندن دل وٺندو، جيڪي جنگ دوران دربدر ۽ خاڪ بسر (197) ٿي چڪا هئا. ان کان پوءِ ٻنهي خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ کي گڏجي اڪبر جي درٻار ڏانهن روانو ٿيڻو پوندو.

جڏهن ٻئي سڄو انتظام ڪري فارغ ٿيا، ته خان خانان پنهنجي جاءِ تي دولت خان لوڌيءَ (1) کي هتان جو حاڪم مقرر ڪري، مرزا جاني بيگ سان گڏ اڪبر جي درٻار ڏانهن روانو ٿيو.

خان خانان سڄي واٽ پنهنجي کيپ کٽڻ جي خوشيءَ ۾ ايڏو ته مسرور پئي ٿيو، جو سندس هڪڙي واڇ ٻي واڇ سان نه پئي ملي. پنهنجي مرڪ ۾

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

(گوبيءَ جي) گل کان به گوءِ کڻي ٿي ويو. مرزا جاني بيگ جنهن پنهنجي پيءُ مرزا محمد پائنده بيگ مرحوم کان پوءِ يارهن ڏينهن به مس حڪومت ڪئي (2)، ملڪ پنهنجي هٿان وڃائي نهايت غمگين حالت ۽ ڦٽيل دل سان رت جا ڍُڪ ڀريندو ٿي ويو. کيس هاڻ انهيءَ ڳڻتيءَ ٿي ڳاريو، ته هتي هيءَ حالت ٿي چڪي آهي، ته اڳتي وري الائي ڇا ٿي رهندو! نيٺ پنهنجي ۽ ملڪ جي ڀلائي همايون بادشاهه جي انهيءَ فرمان ۾ سمجهيائين، جيڪو سندس وڏن کان وٽس موجود هو.

بادشاهه وٽ پهچڻ کان پوءِ مرزا جاني بيگ تي اُهي نوازشون ٿيون، جو سندس خواب خيال ۾ ئي نه هيون (198). خان خانان جي سفارش هن جون مڙئي خطائون معاف ڪرائي ڇڏيون. همايون بادشاهه وارو جيڪو فرمان هن وٽ هو، تنهن کيس ۽ سندس ملڪ کي امان ڏياري. بادشاهه حڪم ڪيو ته سنڌ سواءِ لاهري بندر (ديبل بندر) ۽ سيوهڻ صوبي جي جيڪي مضبوط ۽ پناهه وارا هنڌ آهن، مرزا جاني بيگ جي نالي ڪئي وڃي، پر هي پاڻ هتي ئي رهي ۽ پنهنجا ماڻهو سنڌ ڏانهن ڏياري موڪلي، جيڪي ملڪ جو ڪاروبار هلائي، ضروري خرچ شاهي درٻار ڏانهن اُماڻيندا رهن. انهيءَ سان گڏ اهو به حڪم ٿيو ته مرزا جاني بيگ جو حرم دولت خان جي نظرداريءَ ۾ هيڏانهن ڏياري موڪليو وڃي جيئن نوروز جي موقعي تي ٻين اميرن جي عيال وانگي، اهو به هتي حاضر هجي (1).

مرزا جاني بيگ اهو حڪم ٻڌي، هڪو ٻَڪو ٿي ويو ڇو ته هن کي بادشاهه مان اها اميد ئي ڪا نه هئي. پاڻ غيرت مان نانگ وانگي وٽجڻ سٽجڻ لڳو،

(2) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

(1) بادشاهه سلامت ”جلال الدين اڪبر“ آخر ته عمر ڪوٽ جي پيدائش هو، ان ڪري ئي کيس اهو فرمان جاري ڪرڻو پيو.                                                                                              (مترجم)

گهڙيءَ گهڙيءَ سندس وات مان اهي لفظ ٿي نڪتا ته: اسان کي اهڙي بي عزتيءَ کان موت قبول آهي. آخوند جمال الدين کي جيڪو پراڻن ماڻهن مان سندس حال ڀائي هو، چيائين ته: جيڪڏهن پئسي ڏوڪڙ سان ڪو چاڙهو ٿي سگهي ته واهه، نه ته هن بي عزتيءَ سهڻ جي پاڻ ۾ سگهه ڪانهي، جو ارغونن ترخانن جون مائر ڀينر، جن ڪڏهن به ڪنهن اوپري ماڻهو جو منهن نه ڏٺو آهي، هتي اچن ۽ بادشاهه جا ڦر (شهزادا) منجهن اکيون وجهن ۽ ساڻن ڏند ٽيڙ ڪن! اهڙيءَ بي عزتيءَ واري حياتيءَ کان موت ڀلو آهي (199). آءٌ سڄي ڄمار سنڌ ۾ رهي پنهنجي نانءُ ناموس لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيس، مون کي اهڙي ڪا خبر ڪا نه هئي، ته قسمت مون سان اهو ڪيس به ڪندي! جنهن جي نتيجي ۾ منهنجي اهل عيال کي هيئن خوار خراب ٿيڻو پوندو! جيستائين زندگي آهي ۽ جيڪو وس هليو، پنهنجي ننگ ناموس جي بچاءَ جا جتن ڪندو رهندس، پر جڏهن پاڻي مٿان وري ويو ته به مولا مالڪ آهي.

آخوند جمال الدين مرزا جاني بيگ جو اهو حال ڏسي، نمڪ حلاليءَ جي تقاضا موجب خان خانان سان وڃي مليو. کيس ٻڌايائين، ته مرزا جاني بيگ سنڌ ۾ پورو هڪ سال (1) وڏي دليريءَ سان جنگ جوٽيندو آيو، جنهن ۾

(1) خان خانان 1591ع ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ سنڌ جو لشڪر 1592ع تائين پورو سال برابر هن سان وڙهندو رهيو. جيڪڏهن عمر ڪوٽ جا سوڍا اڪبر جو طرف نه وٺن ها، ته اها جنگ اڃا به اينگهه ڪري ها. مرزا شاهه حسن ارغون عمر ڪوٽ جي سوڍي جي پيءُ کي مارايو هو، تنهن ڪري خان خانان کي اڪبر جيسلمير ۽ عمر ڪوٽ رستي لشڪر ۽ سامان موڪليندو رهيو. انهن سوڍن، همايون کي عمر ڪوٽ جي قلعي ۾ پناهه ڏني هئي.

تاريخ تمدن سنڌ موالائي شيدائي ص 378   

سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد

شاهي لشڪر سان گڏ شاهي خزانو به خوب ضايع ٿيندو رهيو، توهان صلح کان پوءِ هن کي انهيءَ آسري تي هتي وٺي آيا هئا، ته شاهي درٻار ۾ تنهنجي هر طرح عزت افزائي ڪئي ويندي، جا ڪنهن حد تائين ٿي به چڪي آهي، پر هن حڪم کان پوءِ اوهان کي مرزا جاني بيگ جهڙي غيرت مند ۽ بهادر هستيءَ جي اندر جي پڻ پوري ڄاڻ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن سندس اهل عيال اڄ ڪي سڀاڻي هتي اچي به ويو، ته هو غيرت مان پاڻ کي پاڻ قتل ڪري ڇڏيندو. سڀاڻ ائين نه ٿئي، جو اها تهمت وري ڪنهن ٻئي تي مڙهي وڃي!  

خان خانان جواب ۾ چيو:

هي شاهي فرمان آهي، جيڪڏهن بادشاهه کي ان جي انحرافيءَ جي خبر پئجي وئي، ته پاڻ مرزا جاني بيگ کي منافق شمار ڪندو. کيس ٻڌايو وڃي، ته بادشاهه جي حڪم کان نابري وارڻ جي نه ڪري (200). ان صورت ۾ جڏهن ملڪ جا ٻيا سردار ۽ سلطان، بادشاهه سلامت جي حڪم تي هلي هر قسم جو عيش ڪندا رهن ٿا. جنهن جو به شاهي درٻار سان تعلق آهي، سو اهڙين . . . ڳالهين کي ڪنهن به حالت ۾ خراب نه ٿو سمجهي، سڀئي انهيءَ معاملي کي چڱو ڄاڻي، پنهنجا اهل عيال هتي حاضر ڪندا رهن ٿا.

آخوند جمال وري خان خانان کي چيو:

مون مرزا جاني بيگ کي گهڻو ئي سمجهايو آهي، پر هو اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهي، توهان پاڻ جيڪڏهن بادشاهه جي ڌيان تي آڻيو، ته ٺٽي کان لاهور تائين ست سو پنجاهه (750) ڪوهن جو پنڌ آهي ۽ نوروز ۾ باقي وڃي ڪي مهينا بچيا آهن. مرزا جاني بيگ جي اهل عيال کي هيستائين آڻڻ ۾ گهڻو عرصو لڳي ويندو، ڇو ته اهو پنڌ به ڪيترا مهينا وٺندو، تنهنڪري هن نوروز تي هن جو هتي پهچڻ مشڪل آهي، ليڪن ان کان پوءِ واري نوروز تي (ايندڙ سال)، مرزا جاني بيگ جو اهل عيال، ڪنهن به حالت ۾ هتي پهچي قدمبوسيءَ جو شرف حاصل ڪري سگهندو.

اهو ٻڌي خان خانان آخوند جمال الدين جي ڏاهپ تي آفرين ڪندي چيو: بيشڪ سج جو ڪو جواب ٿي نه ٿو سگهي، توهان جيئن هتي اهو سياڻپ وارو دليل پيش ڪيو آهي، تيئن ساڳي ڏاهپ سان مرزا جاني بيگ کي وڃي سمجهايو، ته ڪا به ڳڻتي نه ڪري (201)، خدا گهريو ته جهڙيءَ ريت ٻيون پريشانيون سندس دل تان دور ٿي چڪيون آهن، تيئن هيءَ مشڪل به آسان ٿي پوندي. آخوند جمال الدين اها خوشخبري مرزا جاني بيگ کي اچي ٻڌائي. ڏينهن ٻن کان پوءِ خان خانان به اها ڳالهه اڪبر بادشاهه تائين پچهائي. مرزا جاني بيگ جي اهل عيال گهرائڻ وارو حڪم لئي مٽي ڪرائي ڇڏيو.

مرزا جاني بيگ جي خاص ماڻهن جو ٺٽي روانو ٿيڻ ۽ سندس اهل عيال کي بکر مان واپس ڪرڻ مرزا جاني بيگ، خان خانان جي مهربانيءَ سان اڪبر بادشاهه جي حڪم ٽري وڃڻ کان پوءِ پنهنجي خاص ماڻهن: شاهه قاسم ارغون، خسرو خان چرڪس، ڀائيخان (ملا گدا علي)، عرب ڪوڪي ۽ آخوند جمال الدين کي پنهنجي لشڪر سان هيٺين هدايتن هيٺ سنڌ ڏانهن روانو ڪيو ته: مرزا غازي بيگ جي چڱيءَ طرح پرورش ڪئي وڃي. صبح جي نماز کان فارغ ٿي، منجهند تائين پنهنجي استاد کان تعليم حاصل ڪري، پوءِ اسان جي بدران حڪومت جي گاديءَ تي ويهي، جنهن کي لائق سمجهي ته ويهي رهڻ جو حڪم ڪري ته ٻين کي پنهنجي پنهنجي جڳهه تي بيهاري ڇڏي. جيئن اسان جو دستور هو. شام جو روز تير اندازيءَ جي تربيت وٺندو رهي، تنهن کان پوءِ ڪن چڱن ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ سرڪاري ڪاروبار ۽ عام فيصلا  اُڪلائي، پڇاڙيءَ ۾ ٿورو وقت آرام ڪري وري چوگان بازي (202) ۽ گهوڙي سواريءَ جي شغل ۾ گذاري. سڄو ڏينهن ائين پورو ڪري، اڱاري ڏينهن جيڪو سڄي هفتي جو وچ آهي، پنهنجي ماڻهن سان گڏجي شڪار لاءِ روانو ٿئي. ان سان گڏ خاص ماڻهن کي به پابنديءَ سان هي ڪم ڪرڻ گهرجن. صبح جو گهران نڪري والده جي دعا کان پوءِ مرزا غازي بيگ جي سلاميءَ تي وڃن، ٻپهريءَ جي نماز تائين، ديوان خاص ۾ ويهي، ملڪي معاملا اهڙي نموني نبيرين، جو غريب غربا کانئن راضي رهن. ملڪ ۾ لشڪر گرديءَ جي ڪري جيڪا بربادي ٿي چڪي آهي، تنهن کي نئين سر آباد ڪرڻ لاءِ، انهن ئي غريبن کي همٿايو وڃي، ائين نه ٿئي جو انهن جي اُبتي روش کان ناراض ٿي پِٽ پاراتا ڏيڻ لڳن، جيئن گذريل دور ۾ ائين ٿيندو پئي رهيو، هن وقت به جيڪڏهن خان خانان اسان جي خانداني ننگ ناموس جي نگهباني ۽ پنهنجي نيڪناميءَ لاءِ ڪوشش نه ڪري ها، ته اسان جيڪي ڪُڌا ڪم ڪيا هئا، تن جي اسان کي الائي ڪهڙي سزا ملي ها! شڪر آهي جو خداوند ڪريم اسان کي هر طرح پنهنجي امان ۾ رکيو.

خان خانان واقعي مرزا جاني بيگ جي مدد لاءِ ڀرپور ۽ ڪامياب ڪوشش ڪري، هڪ ته سندس جان بچائي، کيس گهڻين مصيبتن مان ڇڏائي پنهنجي مڙسي ڏيکاري، جيئن ملاشڪيبي (1) خان خانان لاءِ لکيل ساقي نامي ۾،

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

جيڪو بکر کان ڏياري موڪليو هئائين، اهي حقيقتون پيش ڪري (203) ٻارنهن سو رپيا انعام حاصل ڪيو هو. جنهن ۾ هي بيت خاص ڪري وڏي اهميت رکي ٿو، جو مرزا جاني بيگ بابت آهي ته:

هماي ڪ بر چرخ ڪردي خرام،
گرفتي و آزاد ڪردي ز دام.

(هماءُ پکي ”مرزا جاني بيگ“، جيڪو عرش تي پئي اُڏاڻو، تنهن کي تو (خان خانان) هيڪر ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائي وري آزاد ڪري ڇڏيو).

سبحان الله! انهيءَ مردن واري مردانگي ۽ ڪريمن واري ڪرم جي ڪهڙي ساراهه ڪجي، جنهن جو نالو نشان هميشه لاءِ حڪومت جي عهد ۾ يادگار رهڻ وارو هجي! جيڪڏهن اهڙي عنايت واري نظر هن مسڪين (نسياني) تي به بادشاهه سلامت طرفان ٿيڻ لڳي، ته اها عنايت انهيءَ ملڪ گيري ۽ اهل نوازيءَ واري خصوصيت کان به وڌيڪ يادگار رهڻ لائق ليکي وڃي، بلڪ ائين ڪرڻ سان، شاهي سخاوت ۽ بلند همتي وڌ ۾ وڌ واکاڻ جوڳي ٿي پوي. خدا گهريو ته هن دعاگوءَ جو بخت ضرور مددگار ٿيندو ۽ هيءَ عاجز پنهنجي حال مطابق، شاهي حضور مان فيض ياب ٿي رهندو.

مرزا جاني بيگ جا امير جڏهن بکر اچي پهتا، ته ڇا ٿا ڏسن، ته دولت خان لوڌيءَ، بادشاهه جي پهرئين حڪم موجب، مرزا جاني بيگ جي اهل عيال کي ٺٽي مان ڪڍي، ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ بکر تائين آندو آهي. هنن وٽ ارغون ترخان گهراڻن مان ڪنهن به ملازم يا واسطيدار کي ڪو نه رهايو ويو هو. تڏهن هڪدم نئون فرمان ڏيکاري، دولت خان لوڌيءَ کي بي دخل ڪري شاهي درٻار ڏانهن واپس اُماڻي ڇڏيائون، پوءِ هر ڪنهن پنهنجا اباڻا ڪک وسائي، سڙيل گهرن ۽ ڦٽل حويلين کي نئين سر اڏي، مرزا جاني بيگ جي حڪم موجب ملڪ جي پرگهور لهڻ شروع ڪري ڏني.

مرزا جاني بيگ اَٺ هزاري منصب سان، اٺن سالن (1008 هه) تائين، شاهي درٻار ۾ رهيو (204). سندس پر پُٺ مرزا غازي بيگ پنهنجي اميرن وزيرن سان گڏجي سنڌ تي حڪومت ڪئي. جڏهن مرزا جاني بيگ جي حياتيءَ جون آخري گهڙيون آيون، ته اسير قلعي واري مهم تي وفات ڪيائين (1). شاهي حڪم مطابق خواجه محمد قدر بيگي، هن جو لاش ٺٽي کڻائي آيو. هتان جا شهري توڙي سپاهي، جيڪي اڃا گذريل حادثن جي غم ۽ فڪر ۾ مبتلا هئا، هي المناڪ حالت ڏسي ڏاڍي مونجهاري ۾ پئجي ويا. کين خطرو اچي ٿيو، ته متان هن کان پوءِ وري ڪا ٻي مصيبت نه اچي ملڪ تي نازل ٿئي، انهيءَ خيال کان هر ڪنهن مرزا جاني بيگ جي موت کي پنهنجو موت ڪري ٿي سمجهيو، ڇو ته جيتوڻيڪ ارغون، ترخان گهراڻن مان هي رڳو يارهن ڏينهن ملڪ جو حاڪم رهيو، پر ننگ ناموس جي لحاظ کان، رعيت توڙي سپاهه جي باري ۾ به هن جيڪي سختيون سٺيون ۽ ملڪ کان ٻاهر رهي، جيڪي ذهني اذيتون برداشت ڪيائين، اهي آسانيءَ سان وسارڻ جهڙيون نه هيون. نيٺ انهن ئي ڏکن سُورن ۾ خزاني جيان زمين اندر جائيتو ٿي ويو.

خدا کيس ٻنهي جهانن ۾ سرخرو ڪري! جنهن جي رعايا جي خواهش موجب هن حقير (نسياني) سندس درد ڀريو داستان ۽ نيڪيءَ وارو نالو نشان، جيڪو گهڻن ڪو نه ٻڌو هوندو، هن ڪتاب ۾ درج ڪري کيس هميشه لاءِ يادگار بڻائي ڇڏيو آهي.

(1) ڏسو حواشي ۽ تعلقات

ڀاڱو پنجون

مرزا غازي بيگ ولد مرزا جاني بيگ ترخان ۽ سندس خاندان جي پڄاڻيءَ جو تفصيلي احوال

اي قلم ! اچ ته ساڳي سيبتائيءَ سان  هن ڪتاب جا ورندڙ ورق (205)، ٺٽي شهر جي ساراهه سميت، انهيءَ صورت ۽ سيرت جي صاحب (مرزا غازي بيگ ترخان) جي واکاڻ سان وسن جهڙا ڪيا وڃن، جيڪو ننڍي وهيءَ هوندي وڏو اورچ، وڏي ظرف وارو، روشن ضمير، دانائن جو دوست، بي مرادن جو داد ڪندڙ ۽ هنرمندن کي پنهنجي احسان سان نوازيندو هو. خدا جنهن کي ڀاڳ ۽ بزرگي عطا ڪري، سو ڄمندي ڄام ٿئي ٿو. جڏهن مرزا جاني بيگ هي فاني جهان ڇڏي، هميشه لاءِ وڃيِ قبر ۾ قراري ٿيو ته سندس پٽ مرزا غازي بيگ سورهن ورهين تائين، اُن جي گادي وسائي پڇاڙيءَ پنهنجي مالڪ سان وڃي مليو.

جيڪي ماڻهو هن کي پنهنجي پيءُ مرزا جاني بيگ ۽ ڀاءُ مرزا ابو الفتح (1) جي زماني ۾ نفرت ۽ حقارت جي نگاهه سان ڏسندا هئا، اهي هن ننڍي

(1)  مرزا جاني بيگ کي ٻه پٽ ۽ چار ڌيئرون هيون: (1)مرزا غازي بيگ (2) مرزا ابو الفتح اول جنهن 1001 هه – (1592ع) ۾ وفات ڪئي. هي امير شاه قاسم خان زمان جي نياڻيءَ مان هو. (3) (پيچه يادگار بيگم وفات 14 رمضان 960 هه (1554ع) (4) چوچڪ بيگم وفات 26 شعبان 1011 هه (1603ع) (5) لطيف بيگم وفات 14 ذوالقعد 1024 هه (1615ع) ۽ (6) هڪ ڌيءَ جيڪا جهانگير جي پٽ خسرو کي ڏنل هئي.

              ڏسو ترخان نامه: مرزا عيسيٰ ترخان اول جو شجرو.

وهيءَ مگر وڏيءَ ڏات واري حاڪمزادي کي حڪومت هلائڻ لائق نه سمجهي، سندس خلاف سازشون ڪندا آيا، انهن جي اها تنگ دل تڏهن پڌري ٿي پئي، جڏهن مرزا غازي بيگ هڪ ڏينهن پنهنجي وڏي ڀاءُ سان سواريءَ ۾ گڏ هو، هنن وڏي ڀاءُ جي ته ڏاڍي عزت ڪئي، پر هن ويچاري کي ڪنهن ڳڻ ۾ ئي نه آندائون، سندن اها ٻه اکيائي ۽ مسهائپ ڏسي، مرزا غازي بيگ پنهنجي ماڻهن کي چوڻ لڳو: جيڪڏهن خدا مون کي (206) پنهنجي مهربانين سان نوازي حڪومت هلائڻ جي توفيق ڏني آهي ته هنن اندرڪارن کي ڇا لاءِ ٿي باهه وٺي. بهرحال انهن جي اها هلت منهنجي برداشت کان ٻاهر آهي.

جيئن ته خدا خود ائين ٿي چاهيو، ان ڪري مرزا غازي بيگ پنهنجي مخالفن در حق جيڪي ٿي گهريو، سو ئي ٿيو. ترخان گهراڻي جي عروج جو سڄو دارومدار آخرڪار هن ئي بلند همت ۽ بلند ڪردار حاڪم جي ذات تائين محدود رهيو، اهي ماڻهو جن ڪڏهن هن کي ليکي ۾ ئي نه ٿي آندو، نيٺ مصلحت کان ڪم وٺي، ظاهر ۾ دوستي، ته باطن ۾ دشمنيءَ واري چالبازيءَ سان سندس تابعداريءَ ۾ لڳي ويا خاص ڪري يعقوب علي ڪوڪو، جيڪو مُعلمي واري زماني ۾ هن (مرزا غازي بيگ) کي ڏاڍو رنجائيندو هو، ايتري قدر جو جيڪا به پوشاڪ يا ٻي شيءِ شگل وٽس ٿي آئي، سا ٻين کي ٿي ڏئي ڇڏيائين. جيڪڏهن مرزا غازي بيگ انهن شين ڏانهن نهارڻ جي به ڪئي ٿي، ته ان جي ڪا به پرواهه نه ٿي ڪيائين ساڳيءَ طرح انعام اڪرام مان پڻ هن کي ڏهين پتي مس ڏيندو هو.

مرزا غازي بيگ اقتدار ۾ اچڻ سان، جيئن ٻين ماڻهن کي سيکت ڏيڻ شروع ڪئي، ته سڀ کان اول انهيءَ يعقوب علي ڪوڪيءَ کي پنهنجي عهدي تان هٽائي، سندس جاگير کسي ملا يعقوب جي حوالي ڪئي، جيڪو پڻ ننڍپڻ واري زماني ۾ هن جي مڪتب جو پيش امام هو. تنهن کان سواءِ ڪن ٻين کي به انهيءَ جاگير مان ڪجهه حصو ڏياريائين.

پاڻ ٻين منصبدارن جي ملازمتن ۾ به ڦيرگهير ڪرڻ ٿي چاهيائين، پر جيئن ته اڃا سندس حڪومت ايتري مضبوط نه هئي، تنهنڪري ٿوري وقت لاءِ اهو خيال دل تان لاهڻو پيس، اهي ملڪي ڪاروبار هلائيندا ٿي آيا، تيئن کين پنهنجي حال تي رهڻ ڏنائين ڇو ته هروڀرو مُهڙ ۾ ئي ساڻن مهاڏو اٽڪائڻ مناسب نه هو. اهي ماڻهو هونئن به وڏي رسائي رهائيءَ وارا هئا. ٿي سگهيو ٿي، ته ساڻن ڦيٽاڙي ڪرڻ جي صورت ۾ ماڳهين اهي ئي ڦري هن کي هٽائي سندس جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي ويهاري ڇڏين ها. سو بردباريءَ کان ڪم وٺي ڪو وقت اندرئين توڙي ٻاهرين خاني ساڻن خلوص ۽ رواداريءَ واري روش اختيار ڪندو آيو.

جڏهن انهن جي اصليت سندن ئي پرڪارن مان پڌري ٿي پئي ته مرزا غازي بيگ وڏڙن وانگي سوچي ويچاري سندن خبرچار وٺڻ شروع ڪئي. انهن مان هر ڪنهن کي ٽيڙي پکيڙي پنهنجي ماڻهن جي سارسنڀال ڏانهن ڌيان ڏيڻ لڳو، جيڪو جنهن لائق هو، تنهن کي تهڙي عهدي تي رکندو ويو، پر پراڻن مان اڃا به ڪي اهڙا عهديدار هئا، جيڪي پنهنجي مرضيءَ تي ملڪي معاملا هلائيندا ٿي رهيا. مرزا غازي بيگ وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي ڳُجهه ڳُجهه ۾ انهن کي هٽائي سندن جاءِ ڀرڻ لاءِ پنهنجي ماڻهن کي تيار ڪندو ويو. اهو ڪم ائين ٿيندو رهيو جو انهن مُدي خارج پراڻن پاپين کي ڪا سمڪ ئي ڪا نه پئجي سگهي ته سندن پڇاڙي ۽ پڄاڻيءَ بابت اندر ئي اندر ڪهڙا گهاٽ گهڙيا پيا وڃن. هن ننڍڙي نينگر جي اها ئي ته وڏي عقلمندي هئي.

هوريان ڏاڍيان پنهنجي ڀروسي وارن ماڻهن کي اڳتي آڻي، انهن جي دل وٺندو ويو. سڀني سان ايڏيون ڀلايون ڪيائين، جو سخت ۾ سخت مزاج ماڻهو به ميڻ وانگي نرم ٿي پيا. ٿورن ڏينهن پڄاڻان سڀني کي پاڻ وٽ سڏائي سمجهايائين ته؛ اسان وٽ اصل کان اها ريت هلندي پئي اچي، ته هر ڪو حاڪم پنهنجي حڪمرانيءَ دوران پنهنجن ماڻهن کي نوازڻ ۽ خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، آءٌ به انهي خيال جو آهيان ته پنهنجن ماڻهن تي هٿ رکڻ کپي. اهي ماڻهو جيڪي ڪنهن به حال ۾ مون کان پري وڃي نه ٿا سگهن، تن کي آءٌ پنهنجو عزيز ڪري سمجهان ٿو (208)، جيڪڏهن اوهان سڀني جي صلاح هجي، ته ڪي نوان ماڻهو نئين سر حڪومت جي مختلف عهدن تي مقرر ڪيا وڃن. اهو ٻڌي پراڻن ماڻهن کي پڪ ٿي، ته هاڻ مرزا غازي بيگ اسان مان کٽو ٿي چڪو آهي ۽ آئندي لاءِ کيس اسان جي ڪا به گهرج نه رهندي، تنهن هوندي به پنهنجن عُهدن تان هٿ کڻڻ تي تيار نه پئي ٿيا. هنن اهو نه ٿي ڄاتو، ته اهو سڀ ڪجهه ڇا لاءِ ڪيو پيو وڃي.

اصل ۾ مرزا غازي بيگ انهيءَ بهاني پراڻن عملدارن کي ريٽي، انهن جي جاءِ تي پنهنجي خاص ماڻهن شهبازي ۽ ٻين کي مقرر ڪرڻ ٿي گُهريو، جيئن وٽس ڀروسي جوڳن ماڻهن جي ڪا به کوٽ نه رهي ۽ ملڪي ڪاروبار به سهڻي نموني هلائي سگهجي.

مرزا غازي بيگ جو مصلحت جي خيال کان پنهنجي خاص ماڻهن کي نوازڻ

مرزا غازي بيگ هر صورت ۾ پنهنجي ماڻهن کي نوازڻ ٿي گهريو، جيئن سندس پراڻا عهديدار ڪَکُ پَن ُ ٿيندا ويا، تيئن خاص ماڻهن کي اڳتي آڻي سندن حيثيت آهر، کين عهدا ۽ اڳيان پويان ماهوار وظيفا ڏئي خوش ڪندو ويو. ڪيترن کي سلطاني خطاب سان نوازي هميشه لاءِ پنهنجي احسان جو اميدوار بڻائي ڇڏيائين، شهبازيءَ کي جنهن جو اڳ ۾ نالو اچي چڪو آهي، تنهن جو حال اهو هو، پهريائين ڪتن ۽ ڪبوترن جي چيٺ چاڪري ٿي ڪيائين پوءِ وري ڪڪڙن جي ٽنڊوالي سنڀاليائين، ان کي خانيءَ جو خطاب ڏئي، شهباز خان بڻايائين ۽ هي اک ڇنڀ ۾ اڇي ڪاري جو مالڪ ٿي ويو. انهيءَ نوازش جو وري نتيجو اهو نڪتو جو شهباز خان پاڻ کي ارغون سڏائي ٽانءِ ۾ ڀرجي ڌڌڙ ۾ پير هڻڻ لڳو، ڏيتي ليتي، توڙي اُٿڻي ويهڻيءَ ۾ ماڻهو ڪماڻهوءَ جي شناس ئي نه ٿي ڪيائين. مرزا غازي بيگ هن کي جنهن اُميد آسري تي ايڏو اتاهون ڪيو، سا اتي ئي رهجي وئي (209). ڪيترا ڏينهن ملڪي ڪاروبار ۾ سندس عمل دخل رهيو، پر پنهنجي مهربان حاڪم جي خواهش موجب ڪا به ڳالهه ڪري نه سگهيو. نيٺ هو به منجهانئس اچي بيزار ٿيو. هن جي ڪوشش اها هئي، ته ڪو اهڙو هوشيار ماڻهو هٿ اچي وڃي ته ان کي پنهنجي مرحوم پيءُ (مرزا جاني بيگ) وٽان ورثي ۾ مليل ملڪ جي ڪاروبار هلائڻ تي مقرر ڪري، پراڻن بگهڙن کان پنهنجي جند آجي ڪري، ڇاڪاڻ ته اهي هن کي پنهنجي ڪم عقليءَ کان ننڍي وهيءَ وارو سمجهي ڳڻ ۾ ئي نه آڻيندا هئا.

هن جي انهيءَ ڪوشش جو ڪڏهن ڪنهن نا اهل ماڻهوءَ کي فائدو ملي ٿي ويو جيئن شهبازيءَ جي باري ۾ بيان ڪيو ويو ته ڪيئن هو هيٺاهينءَ مان مٿاهينءَ تي آيو، پر جيئن چوندا ته ڪلرٻاري ڪانه سو هن مان به ڪي ڪين وريو.

مرزا غازي بيگ وٽ خالصي (1) طور ذاتي خرچ پکي لاءِ الڳ ملڪيت

(1) خالصو – خلاصو يا نجو، پراڻي اصلاح ۾ جاگير جي ضد طور استعمال ٿيندو آهي، هي پرڳڻو خلاصو آهي، معنيٰ اهو رڳو ملڪ جي وائيءَ جو آهي، ٻئي ڪنهن جي جاگير ناهي. حاشيه تحفته الڪرام ج 3 – ص 180

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org