جيڪڏهن اوهان ۾ ڪا سچائي آهي ۽ گذريل ڏوهن جي تلافي ڪرڻ چاهيو
ٿا ته انهن ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندن مال
ملڪيت تي قبضو ڄمايو، جن کي اوهان رعيت کان وٺي،
جاگيردارن تائين هر هڪ ديهه ۽ (83) ڳوٺ ۾ ورسائي
ويهاري ڇڏيو آهي. انهن جي قتل لاءِ اوهان کان ڪا
به پڇا نه ڪئي ويندي. قتل کان پوءِ هر هڪ جي سسي
ڌڙ کان ڌار ڪري اسان جي حضور ۾ پيش ڪئي وڃي.
انهيءَ حڪم ملڻ تي موقعي پرستن ۽ اهلڪارن ٻن ڏينهن اندر اهو
انتظام ڪري ورتو، ته فلاڻي رات هر جاگيردار ۽
تحصيلدار کي ٻڌي قتل ڪري صبح تي انهن جون سِريون
لاهي مرزا وٽ پيش ڪيون وڃن، هڪدم ان تي عمل شروع
ٿي ويو. اها دکدائڪ خبر جڏهن بادشاهه تائين پهتي،
ته ڏاڍي مونجهاري ۾ پئجي، شاهه حسن کي بدعا ڪيائين
ته جيئن هن اسان جي ماڻهن کي مڪر ۽ فريب سان قتل
ڪرايو آهي، تيئن سندس قوم ۽ ملڪ ۾ به اهڙو قتل عام
ٿيندو! انهيءَ بد دعا جي اثر کان اڳتي هلي مرزا
باقي ولد مرزا عيسيٰ ترخان ارغونن تي ايڏا ظلم ڪيا
۽ سندن ايڏا ڪوس ڪرايائين، جو انهن جي بيان کان
قلم قاصر آهي. مرزا باقيءَ ارغونن جا ننڍا وڏا ته
ماريا، پر مائن جي پيٽ ۾ پيل ڪچا ٻار به ڇڪي ٻاهر
ڪڍائي، ترارين جي ور چاڙهيائين، جيڪي بچيا اهي نه
گهر جا رهيا نه گهاٽ جا رهيا.
بيشڪ هن خاندان جي ڪرامت ۾ خدا جي ڪرم سان وڏي طاقت رکيل آهي.
جيڪو به سندن دل ۽ نگاهه تان ڪِريو وري نه سگهارو
ٿي سگهندو.
بادشاهه جو خراسان ڏانهن وڌڻ ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جو ساڻس ساٿ
ڏيڻ
جنهن شخص پنهنجي ملڪ ۽ محسن جي ادب اخلاص جو حق ادا نه ڪيو،
جيڪو مٿس واجب آهي، ته اهو ڪڏهن به عزت آبرو وارو
نه ٿيندو. خدايا ! جيڪو پاڻ کي سڀ کان ڏاڍو ۽ وڏو
سمجهي، تنهن کي دولت ۽ رزق کان محروم ڪر، ته جيئن
(84) پاڻ کي سڃاڻي ٻين جو قدر ڪري، اها ئي ان لاءِ
سعادت واري ڳالهه آهي. جنهن پاڻ کي نه سڃاتو، اهو
خدا کي به نه سڃاڻي سگهندو. خدا سان آشنائي دراصل
خودشناسيءَ جي وسيلي ئي ٿئي ٿي. خودشناس ئي انسان
آهي، جيڪو خود شناس ناهي، بلڪل نا – شناس آهي.
آدميءَ کي آدميءَ جي شناس هئڻ کپي – ناشناسي انسان جي خصلت
ناهي، جيڪو آدمي کي نه سڃاڻندو هجي سو ڪڏهن به
انسان ٿي نه ٿو سگهي. نسياني!
پهريان تون پاڻ چڱو ٿي هل، ٻين کي ڇا لاءِ ٿو نصيحتون ڪرين!
هر ڪو پنهنجي چڱائي پاڻ ئي سمجهي ٿو.
بادشاهه جڏهن هتان بد دل ٿي خراسان ڏانهن روانو ٿيڻ لڳو، ته ڳوٺ
علي پوٽي ۽ سلطان اويس وٽان درياهه پار ڪرڻ
چاهيائين. مرزا شاهه حسن ماڻهن کي منع ڪري ڇڏي هئي
ته بادشاهه کي ڪو به درياهه اُڪرڻ لاءِ ٻيڙيون نه
ڏئي. تنهن تي مرزا عيسيٰ ترخان کيس روڪيندي چيو ته
بادشاهه سان اهڙي هلت ڪرڻ انسانيت وٽان نه آهي، ڇو
ته اهي ڳالهيون خود تنهنجي حڪومت جي زوال ۽ خانه
خرابيءَ جو باعث ٿي پونديون.
مرزا شاهه حسن تڏهن به (85) پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز نه آيو،
نيٺ مرزا
عيسيٰ پنهنجي عزت ۽ بادشاهه جي خدمت جو خيال رکندي
اهو ڪي ڪيو، جو بادشاهن جي خيرخواهه بندن کي ڪرڻ
گهرجي. هن ٻيڙيون، اُٺ ۽ ٻيو سامان بادشاهه وٽ
ڏياري موڪليو، کانئس ٻيو به جيڪي پُڳو، تنهن ۾ به
ڪسر باقي نه رهايائين.
بادشاهه جڏهن لشڪر سميت درياهه پار ڪيو، ته مرزا عيسيٰ ترخان تي
ڪيئي نوازشون ڪندي، اهو فرمان عطا ڪيائين ته اسان
تو کي ڇهن پيڙهين تائين هي ملڪ ڏئي ڇڏيو. جيئن ته
هنن دين دنيا جي ڌڻين جي ولايت ۽ پهچ ۾ ڪو شڪ شبهو
ٿي نه ٿو سگهي، تنهنڪري انت ائين ئي ٿيو. مرزا
عيسيٰ جي اولاد، شاهه بيگ ۽ شاهه حسن ارغون جي
ايڪيتاليهن (1) ورهين جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ
ٽيونجاهه سال (2) هن ملڪ تي حڪومت ڪئي. مرزا شاهه
حسن ٿورن ورهين اندر اهڙو عدم رسيد ٿيو، جو ساڻس
گڏ سندس اولاد جو ڪو نالو نشان زماني ۾ ڪو نه
رهيو.
ارغونن کان پوءِ ترخانن جي حڪمرانيءَ جي شروعات
خدا جڏهن ڪنهن جي ڀاڳ کي نڀاڳ ۾ بدلائي ٿو ته اڳ ۾ (86) ان جي
تباهيءَ جا ڪارڻ سندس ئي پرڪارن مان پيدا ڪري ٿو ۽
پوءِ اهو سڀني چڱين عادتن توڙي سعادتن کان محروم
ٿي وڃي ٿو. مرزا شاهه حسن به آخر ائين چڱائين کان
نِرهه ٿي ويو. هن پهريان پنهنجي موروثي مالڪ
(همايون بادشاهه) جي نمڪ جو حق ادا نه ڪيو ۽ ان
سان سچو نه رهيو. پڇاڙيءَ ان جي عتاب کان اونڌي
مُنهن وڃي کڏ ۾ ڪريو. ٻيو ته هن پنهنجي وڏن جي
نيڪنامي وساري
(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات
(2) ڏسو حواشي ۽ تعليقات
ڇڏي، جيڪي ورهين کان نمڪ حلالي جي ڪري، پاڻ کي بادشاهه جو خادم
سمجهندا ٿي آيا.
اها حڪومت جنهن تي هن سدائين غرور ٿي ڪيو، سا ڪجهه عرصي کان
پوءِ پوري ٿي چُڪي ۽ اڃا تائين سندس بي مروتيءَ
جون ڳالهيون هلن پيون. نيٺ ملڪ سندس هٿن مان هليو
ويو ۽ ترخانن ان تي قبضو ڪري ورتو.
مرزا شاهه حسن جي عزيزن، ملڪ ۽ ملڪيت جي تنازعي ۾ هڪ ٻئي سان
سخت وير ويڇا وڌا. ارغون ۽ ترخان جيڪي حڪومت هلائڻ
۾ هن سان شريڪ ۽ سندس ساٿياري هئا،تن کي پاڻ ٿڏي
حڪومت جو سڄو ڪاروبار اهڙن ڪميڻن ماڻهن جي حوالي
ڪري ڇڏيائين، جيڪي سندس حڪومت جي زوال جو باعث
بڻيا. انهن مان اسماعيل بٺارو ۽ عربي ڳاهو (1)
جيڪي سنڌ جي ڳوٺاڻن مان هئا، تن کي خاص مقرب ڪري
رکيائين ۽ سندن ئي اَهاريءَ تي هلندو رهيو. هنن
کيس جيڪي به ڪوڙيون ۽ ڪميڻپ جهڙيون ڳالهيون ٿي
ٻڌايون، تن تي اکيون ٻُوٽي عمل ٿي ڪيائين، ايتري
قدر جو ٻئي ڪنهن جي ڪا چڱي ڳالهه به ڌيان ۾ نٿي
آندائين. هن وٽ انهن ماڻهن کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي
به ڪا عزت ڪانه هئي. ملڪ ۾ جيڪا به چڱي مدي ٿيندي
پئي رهي، تنهن جي ڪا خبرچار ڪا نه ٿي رهي، نه وري
اهڙي ڪا پرواهه ئي هيس. اهي ٻئي اهڙا بڇڙا ماڻهو
هئا جو ڪنهن کي به چڱي نگاهه سان نه ٿي ڏٺائون.
عربي ڳاهي کي هڪ شرابي ۽ بدڪردار پُٽ هو (87).
جڏهن به ديوان خاني ۾ ٿي آيو ته سڀ ڪنهن کي آزار ۾
وجهي ٿي ڇڏيائين. کيس گارگند کان سواءِ ڳالهائڻ ئي
ڪو نه ٿي آيو. سندس وڏائي انهيءَ حد تائين هئي، جو
پٽڪي ٻڌڻ مهل زري توڙي چاندي ڀريل وَرُ وڌي ٿي
ويس، ته ان کي اتان ڦاڙي ڦٽو ٿي ڪيائين.
(1) ڏسو حواشي ۽ متعلقات
اهڙن بڇڙن ماڻهن جو زور ۽ غرور ڏسي، ارغون ترخان سپاهي ۽ شهري
سڀ مرزا کان ناراض ٿي ويا، هن جي قوم جا اهي ماڻهو
جيڪي پاڻ کي رستم اسفند يار سمجهندا هئا، تن فيصلو
ڪيو ته کيس (شاهه حسن کي) تخت تان لاهي، تحت
الثريٰ ۾ اُڇلايو وڃي، جيئن سندس ڪو نالو ئي نه
رهي.
هن جي انهن افعالن کي ڏسي، همايون بادشاهه واري بد دعا سچائي
ثابت ٿي، ارغونن سان جيڪي هَلندي پڄندي وارا هئا،
مرزا عيسيٰ ترخان جو ساٿ ڏيڻ لڳا، جيڪو حقيقي طرح
بادشاهه جي عنايت جو نوازيل هو. سندن صلاح هئي ته
مرزا شاهه حسن جي هٿان هيڏيون ساريون بي عزتيون
برداشت ڪرڻ کان بهتر آهي ته حياتيءَ تان آسرو پلي
ڇڏجي، ڇا لاءِ ته مرزا پاڻ کي ڪن اوباش جي اختيار
۾ ڏئي، ائين ٿو چاهي، ته اسان انهن کي پنهنجي مٿي
جو موڙ سمجهي، سندن حڪم جي پيروي ڪندا رهون.
مرزا عيسيٰ جيتوڻيڪ مرزا شاهه حسن جي معمولي غلامن مان هو ۽
درٻار ۾ سڀني ارغونن ترخانن جي پويان ٿي ويٺو،
تڏهن به سندس بخت ايڏو بلند هو، جو هر روز هن جي
گهر ۾ برڪتون ٿي پيدا ٿيون. هيءُ واپار وڙي ۾ اهڙو
بختاور هو، جو پنهنجي قوت آهر جيڪا به شيءِ مُلهه
ڳنهي ٿي سگهيو، سا خريد ٿي ڪيائين (88). دنيا جي
اهڙي ڪا شيءِ ڪا نه هئي، جيڪا پاڻ وٽ نه رکي
هئائين. سدائين اهڙيون ڪوششون ڪندو ٿي رهيو، جيئن
قيمتي شيون وٽس موجود هجن. هونئن به هن جڳ جو چرخو
اهڙو آهي جو ماڻهو جيستائين جيئرو رهي ٿو،
تيستائين مال ميڙڻ کان پنهنجو هٿ نٿو روڪي ائين سڀ
ڪنهن کي اها لوري لڳي پئي آهي.
هن (مرزا عيسيٰ) کي شاهه حسن کان ناراض ٿيل ارغونن جي صلاح ڏاڍي
وڻي ۽ پنهنجي فائدي جو به فڪر ڪندي، مرزا شاهه حسن
جي تختي اونڌي ڪرڻ ۾ انهن سان شامل ٿي ويو. سڀني
جي اها صلاح هئي ته مرزا شاهه حسن کي ڪنهن نموني
ٺٽي مان سيوهڻ ۽ بکر جي پاسي روانو ڪري، واٽ تي
سندس خاتمو ڪيو وڃي. ايتري ۾ مرزا شاهه حسن پاڻ ئي
بيمار ٿي پيو ۽ هنن منافقن جي چوڻ تي ٺٽي مان نڪري
بکر ڏانهن روانو ٿيو.
هنن بکر جي حاڪم محمود خان ڪوڪلتاش کي اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيو هو، ته
مرزا شاهه حسن کي رڳو هڪ نياڻي آهي سا به مرزا
ڪامران (همايون جي ڀاءُ) سان پرڻائي ڇڏي اٿائين ان
کان سواءِ کيس پُٽيتو اولاد ڪو نه آهي. هتان جي
اميرن آئندي لاءِ جيڪي سوچيو آهي، تنهن لاءِ توکي
به هتي پهچي وڃڻ گهرجي، جيئن سڀني جي صلاح سان،
ملڪ جي قسمت جو فيصلو ڪري سگهجي. مرزا عيسيٰ ته
خاص طور مخفي نموني محمود خان کي لکيو ته ارغونن ۾
نفاق پئجي چڪو آهي، اهي ڪنهن به صورت ۾ مرزا شاهه
حسن جي ماتحتي ڪرڻ لاءِ تيار نٿا ٿين، سندن ويچار
اهو ئي ٿو ڏسجي ته مرزا شاهه حسن جي مرڻ کان پوءِ
مون کي ان جي گاديءَ تي ويهاريو وڃي، پر آءٌ ڀائپي
۽ دوستيءَ جي پراڻي ناتي جي ڪري ائين ڪڏهن به نه
ڪندس. جيڪڏهن مرزا شاهه حسن کان پوءِ اهڙي ڪا
صورتحال پيدا ٿي ته بکر جي سرڪار جو معاملو تو
تائين رهندو، يعني تون ئي اتي حڪمراني ڪندين. آءٌ
هر هر حالت ۾ انهيءَ فيصلي تي قائم رهندس (89).
تون انهيءَ قول اقرار تي اعتبار ڪري، بکر سرڪار جو
سڄو انتظام نئين سر رکي هيڏانهن هليو اچ، ڇا لاءِ
ته ماڻهو هاڻ مرزا شاهه حسن کان بلڪل بيزار ٿي چڪا
آهن ۽ کيس هر حيلي ختم ڪرڻ ٿا چاهين.
محمود خان بکر جو قلعو پنهنجي ڀروسي جوڳن اميرن جي سنڀال هيٺ
ڏئي مرزا شاهه حسن ڏانهن روانو ٿيو، جڏهن ساڻس
گڏجي روبرو سندس بيماري ۽ بدحاليءَ جو عالم ڏٺائين
ته سمجهي ويو ته ٺٽي وارن واقعي هن جو انتظام ڪري
ڇڏيو، هاڻ ته هيءُ ڪنهن به ريت هن مصيبت مان جند
ڇڏائي نه سگهندو. اها پڪ ڪري سوچڻ لڳو: جيتوڻيڪ
مرزا شاهه حسن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ملڪ جو هڪ حصو
مون کي هٿ اچي ويندو، پر خزاني جو مالڪ وري به
مرزا عيسيٰ ٿي ويندو، تنهنڪري جيستائين مرزا شاهه
حسن هي جهان ڇڏي، تيستائين مون کي سندس پاسو ڇڏڻ
نه کپي، هن اڃا اهو پئي سوچيو ته ايتري ۾ ٻئي پاسي
ٺٽي جي ڪن بکين ۽ ڀينگين ارغونن کي چُرچ ڏئي، شهر
۾ فساد شروع ڪرايا ويا.
مرزا شاهه حسن جا جيڪي به نوان مقرب اتي موجود هئا، تن کي
ملازمت مان الڳ ڪري ڇڏيائون. اها خبر جيئن مرزا
شاهه حسن تائين پهتي ته بيماريءَ جي حالت ۾ ئي ٺٽي
ڏانهن واپس وريو. جڏهن ڳوٺ علي پور جي گهيڙ وٽ آيو
(جتان همايون بادشاهه کي درياهه پار ڪرڻ نٿي
ڏنائين)، ته پنهنجن ملازمن هٿان ساڻس به ساڳي ڪار
ٿي . . . اهو حال ڏسي هانءُ لاهي وڌائين ۽ اتي ئي
سندس روح جو پکي پرواز ڪري ويو.
ڪن جو چوڻ آهي ته کيس بيماريءَ ۾ زهر ڏنو ويو. جنهنڪري سندس موت
واقع ٿيو، پر اصل ڳالهه اها هئي ته هيءَ انهيءَ
مرض ۾ مري ويو، جنهن کان بچڻ لاءِ سڄي ڄمار (90)
ٺٽي کان بکر تائين ٻيڙين رستي ڀٽڪندو ٿي رهيو.
بهرحال قدرت کيس انهيءَ ئي ڀڄ ڊُڪ ۾ تخت تان لاهي
تختي ڀيڙو ڪيو. ان کان پوءِ ارغونن جي صلاح سان،
مرزا عيسيٰ کي حڪومت جي گادي نصيب ٿي. محمود خان
ڪوڪلتاش، مرزا شاهه حسن جي بيماريءَ دوران ساڻس گڏ
رهي، جيڪو خزانو هٿ ڪيو تنهن مان اڌ مرزا عيسيٰ جي
حوالي ڪيائين. ملڪ جو هڪ حصو اڳئين قول قرار موجب
محمود خان کي مليو، جو دلجاءِ ڪري بکر ڏانهن روانو
ٿي ويو.
مرزا عيسيٰ پڇاڙيءَ مرزا شاهه حسن جو ميت مڪليءَ جي انهي مقبري
۾ رکايو جيڪو عارضي طور هن لاءِ مخصوص هو. ڪجهه
عرصي کان پوءِ مرزا شاهه حسن جي بيگم جي مرضيءَ
مطابق (جنهن سان پاڻ نڪاح ڪرڻ ٿي چاهيائين، پر وقت
جي مصلحت ڪري ماٺ ۾ هو) مرزا شاهه حسن جو لاش مڪي
شريف موڪلي، پاڻ ملڪ جو حاڪم ٿي ويهي رهيو (1).
(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات
ڀاڱو چوٿون
مرزا عيسيٰ ترخان جو پيرائتو احوال
جڏهن مرزا شاهه حسن ارغون ايڪيتاليهه سال (1) سنڌ تي حڪومت
هلائي، هن جهان مان هليو ويو ته ملڪ جي حڪمرانيءَ
جي واڳ مرزا عيسيٰ ترخان جي هٿ هيٺ آئي، جيڪو مرزا
شاهه حسن جي درٻار ۾ ننڍي درجي وارو ملازم رهندو
ٿي آيو. هيءَ ڏاڍو محنتي نيڪ ۽ زماني شناس هو، پر
وڏي مشڪل کان پوءِ ان رُتبي تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو
هو. رعيت ۽ عزيزن قريبن سان اهڙي سهڻي روش اختيار
ڪيائين، جو ننڍو وڏو کيس دل سان دعائون ڏيڻ لڳو،
پر جيئن ته موروثي طرح حاڪم نه هو، ان ڪري ناڪام
ثابت ٿيو تڏهن به خطرن کان بي خبر ٿي ملڪ هلائيندو
رهيو (91). سندس انتظامي حالت اها هئي، جو جيڪڏهن
اتفاق سان ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪا سزا جوڳي خطا سر زد
پئي ٿي، ته ان تي ڪو به قدم نه ٿي کنيائين. هن جا
اهي پرڪار ڏسي ناميارا ارغون جهڙوڪ: ڪيبڪ فرخ ۽
تيمور وغيره. (جيڪي مرزا شاهه حسن جي دور ۾ ان جي
حڪومت جا ڀرجهلا رهي چڪا هئا ۽ انهن جي ئي مدد سان
هي ملڪ مرزا شاهه حسن جي ڌاڪ هيٺ رهندو ٿي آيو)
اهڙا لاپرواهه ٿي ويا، جو گاهه بيگاهه شراب پي
بدمست ٿي، سندس حويليءَ تي گهوڙا چاڙهي نچندا
ڪڏندا اچي درٻار ۾ ٿي رسيا ۽ هلندي ڪچهريءَ ۾ رڪيب
مان پير ٻاهر ٿي ڪڍيائون.
(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات
اهڙو ڪو ڏينهن نه هو، جو انهيءَ گستاخيءَ سان ڇاتي تاڻي، قرضين
وانگي زور سان سندس در کڙڪائي، کيس اهي اُگرا لفظ
نه پئي چيائون ته . . . جلد ڪر مرزا شاهه حسن وارو
خزانو اسان کي ورهائي ڏي (1).
خدا جنهن انسان کي جيترو دولتمند ۽ ڀاڳوند بڻائي ٿو، تنهن کي
اوترو برد باري به عطا ڪري ٿو. هنن جيئن کيس اڍنگي
نموني ٿي هيسايو ۽ دٻايو، تيئن هي صبر کان ڪم
وٺندو ٿي رهيو. جڏهن سندن اها ارڏائي ۽ بڇڙائي
ليڪا لنگهي ٿي وئي، تڏهن به هي انهن بيهودن،
بيمانن کي دلداريون ڏيڻ ٿي لڳو ته: مون کي مرزا
شاهه حسن جي خزاني جي ڪا به لوڙ ناهي، آءٌ ته پاڻ
اوهان ڀائرن جو خزانچي آهيان، پر ڳالهه ڇاهي ته
جيڪڏهن اڄ ان جي ورهاست ڪئي ويندي، ته هر ڪو
پنهنجو حصو وٺي شراب ڪباب ۽ ٻئي عيش عشرت ۾ ضايع
ڪري ڇڏيندو، تنهن ڪري ملڪ ۽ حڪومت جي مصلحت انهيءَ
۾ آهي، ته هي خزانو هر حالت ۾ محفوظ رکيو وڃي، ڇو
ته پوءِ پرينهن جيڪڏهن ڪو حريف هن ملڪ تي چڙهائي
ڪري آيو، ته اسان لاءِ ويل ٿي ويندو ۽ ڪجهه به ڪري
نه سگهنداسين. هي خزانو ان لاءِ ئي سانڍي رکيو ويو
آهي، ته جيئن آئيءَ ويل ڪم اچي سگهي. اوهان کي اها
خبر هئڻ گهرجي، ته هر نئين پراڻي ملڪ ۽ حڪومت جو
دارومدار خزاني تي رهي ٿو (92)، توهان ڇو ٿا
هروڀرو ان کي برباد ڪرڻ چاهيو! توهان کي چڱيءَ طرح
معلوم آهي، ته هر طرف کان غنيم ۽ نوان پراڻا حريف
اسان ۾ اکيون وجهيو ويٺا آهن ۽ اسان ماڻهو
ڏورانهين ڏيهه کان اچي هتي پنهنجا گهر اڏي ويهي
رهيا آهيون، خدا ڪندو خير، پر جي هتان به اسان جا
پير اُکڙيا، ته هن ملڪ جا رهاڪو اسان جي اهل عيال
سان ڇا ڇا نه ڪري گذرندا !!
(1) مرزا عيسيٰ ۽ سندس حڪومت جي احوال بابت وڌيڪ ڏسو
حوالا ۽ متعلقات
انهيءَ نموني هن هڪ پاسي انهن وڳوڙين سان منهن پئي ڏنو، ته ٻئي
طرف پنهنجي ساک ٿي بچايائين، جيئن وقت اچڻ تي هر
ڪنهن کي پنهنجو حصو ڏئي روانو ڪري ڇڏي ۽ پاڻ به
خيرات سان گذاري سگهي.
ارغونن هن کي ايڏو ته ڪنبائي ڇڏيو هو، جو زماني جي ريت موجب
ڪڏهن شهر ۾ ڪو پڙهو گهمرائي اعلان ڪرائڻو ٿي پيس،
ته ارغونن جي خوشامد ۽ دل وٺڻ لاءِ پڙهي واري کي
سمجهائي ٿي ڇڏيائين، ته انهن جي پاڙن ۾ پڙهو ڏيڻ
وقت حاڪم سان گڏ سندن نالو به ضرور ورتو وڃي، ته
جيئن اهي وري ڪو نئون آزار کڙو ڪري نه ڏين. انهيءَ
اٽڪل سان ملڪ پنهنجي هٿ هيٺ رکي، حڪومت هلائيندو
ٿي رهيو، تان جو سندس اولاد مرزا محمد باقي، مرزا
صالح، مرزا جان بابا ۽ مرزا غالب ڀري ڀاڳي وهيءَ ۾
پير پاتو، جن کي هن پنهنجن ملازمن ملا بهبود،
شيرنگ خان، صالح ۽ فتح خان جي سنڀال ۾ ڏنو. انهن
کانسواءِ ڪي ٻيا ڀروسي جوڳا ماڻهو به هنن جي تربيت
لاءِ مقرر ڪيائين، جيڪي پنهنجي علم ۽ تدبر ۾
لاثاني هئا. هي جڏهن پنهنجين حويلين مان، جيڪي ٺٽي
جي شهر ۾ هيون، گهوڙن تي سوار ٿي والد جي سلاميءَ
تي ٿي نڪتا، ته ارغون جيڪي ڪنهن کي به پنهنجو ثاني
نه سمجهندا هئا، هنن کي ڏسي ڪُرمُش ۾ اچي ٿي ويا
(93) ۽ ڪنهن به قسم جي گستاخي ڪرڻ جي کين همت نه
پئي ٿي. هنن کي پنهنجي انهيءَ بي عقلي ۽ بي همتيءَ
تي ڏاڍا جَک ٿي آيا، جنهن جي ڪري پنهنجي حڪومت پاڻ
ترخانن جي حوالي ڪري ڇڏي هئائون. پر جيئن ته هنن
اها جُٺ پاڻ سان ئي ڪئي هئي، ان ڪري انهيءَ
پشيمانيءَ مان کين ڪا هڙ حاصل نه پئي ٿي، ٻئي
پاسي ظاهر ظهور ته ڪا به اڙانگائي نٿي ڪيائون، پر
اندر ئي اندر انهيءَ وڻ جي پاڙن پٽڻ جا سانباها
ڪندا ٿي رهيا، جيڪو هنن پنهنجي ئي هٿن سان پوکيو
هو. انهيءَ مقصد جي لاءِ ويهن ئي آڱرين جا زور
لاتائون، پر ڪجهه به ڪري نه سگهيا. هوڏانهن ڇا
ٿيو، جو مرزا عيسيٰ جا ازخود ئي پير پختا ٿيندا
ويا. ارغونن جون جيڪي ارڏايون هيون، سي سندس پٽن
جي رعب تاب کان بنهه دٻجي ويون. انهيءَ عرصي ۾ هن
ٺٽي جي قلعي اندر پنهنجي حويلي قائم ڪري ورتي.
سندس پُٽ جيڪي هيلتائين شهر ۾ ڇڙوڇڙ جاين تي رهندا
هئا، تن به انهيءَ حويليءَ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي
۽ ڪاميابيءَ سان زندگيءَ جون منزلون طيءَ ڪندا
رهيا.
مرزا محمد باقي ۽ مرزا محمد صالح جي پاڻ ۾ دشمني پيدا ٿيڻ ۽
وڳوڙ پوڻ *
مرزا عيسيٰ جڏهن اچي پوڙهو ٿيو، ته سندس جوان پٽ حڪومت ۾ دخل
ڏيڻ لڳا، هنن جو مٿو ايڏو ته اچي ڦريو، جو سندن بي
عقليءَ جي حد ئي نه رهي. مرزا صالح ڪڏهن آڪڙ ۾ اچي
اها ٻٽاڪ ٿي هنئي، ته جڏهن به اڪبر بادشاهه پنهنجي
ملازمن ۽ بيگمن سان گڏ شڪار گاهه ۾ ويو، ته کيس
پڪڙي هتي آڻي ڪڍندس. هن احمق کي اها ڪل ئي ڪا نه
هئي، ته انهيءَ شاهي شڪار گاهه جا معمولي هرڻ به
سواءِ ڪنهن ببر شينهن ڪري نه ٿا سگهجن.
اهڙيءَ ريت هن نادان پنهنجي جوانيءَ جي انڌ ۽ حڪومت جي هلڪي
سلڪي ڏڍ تي (94)، پاڻ کي وڏي شيءِ ٿي سمجهيو ۽
اهڙا خيالي پلاءَ پچائي حڪومت پنهنجي هٿ آڻڻ ٿي
چاهيائين. هوڏانهن مرزا باقي به پاڻ کي ملڪ جي
ڏاهن مان سمجهڻ لڳو. هن ته پنهنجي پيءُ جي حڪومت
سان وري اهڙي هٿ چراند لائي ڏني، جو مئي مارائي به
باز اچڻ جي نٿي ڪيائين. هر ڪنهن
* ڏسو حواشي ۽ تعليقات
ڏاڍي کي پاڻ کان هيڻو سمجهي اُڀ ڏارڻ ٿي لڳو. آخر اها ڇڪتاڻ وڃي
انهيءَ حد تائين پهتي، جو جيستائين ڪنهن ٻئي جو ڪو
وارو اچي، تنهن کان اڳ هي ٻئي ڀائر پاڻ ۾ اٽڪڻ لڳا
۽ اهو ڏينهن به اچي ويو، جو تراريون کڻي هڪ ٻئي تي
اُڀا ٿي ويا. مرزا عيسيٰ پنهنجي اورچائيءَ سان
گهڻو ئي کين روڪيو ۽ سمجهايو، پر هي هن مٿي تائين
ڪو نه مُڙيا.
مرزا باقي هر حالت ۾ سياڻو، سچو ۽ کوٽي کري جي پرک وارو هو،
تنهن ڪري پيءُ جي ڌت کان ٻاهر نه ٿي ويو. باقي
مرزا صالح جيڪو نالي ۾ صالح پر اصل ۾ طالح هو،
پنهنجي هلڪڙائي ۽ هوڙهيائيءَ کان ڪا به ڳالهه مڃڻ
لاءِ تيار نه پئي ٿيو. نيٺ پوڙهي پيءُ (مرزا
عيسيٰ) کي هڪڙي ڪنڊ ۾ ويهاري، هٿ ڌوئي حڪومت جي
پٺيان پئجي ويو. سڀ کان اول غالب کي، جيڪو سندس
ننڍو ڀاءُ (1) هو، ٻار سمجهي پنهنجي سنڀال هيٺ
رکيائين. مرزا باقيءَ کي بي دخل ۽ ملڪ بدر ڪري، ڪڇ
جي حاڪم کنگهار (راءِ ڀاري جي پيءُ) ڏانهن تڙي
ڪڍيائين. جان بابا جيڪو سڀني کان وڌيڪ پيءُ کي
پيارو هو ۽ هن کيس پاڻ کان پري ڪرڻ نه ٿي چاهيو،
سو به (95) هن خودسر ڀاءُ جي ظلم ستم کان تنگ ٿي،
پيءُ جو پاسو ڇڏي، پنهنجن ماماڻن سميجن ڏانهن هليو
ويو. ائين هو (مرزا صالح) ملڪ کي ڀائرن کان خالي
ڪري ۽ پيءُ کي پٽن کان ڇِني، جڏو سمجهي، پنهنجي
مرضيءَ موجب ملڪ تي حڪومت هلائڻ لڳو.
جان بابا کي سميجن پاڻ وٽان پرڻايو ۽ پنهنجي وس آهر سندس خدمت
ڪندا رهيا. هن جي انهيءَ گهر مان اڳتي هلي مرزا
عيسيٰ ترخان ثاني پيدا ٿيو.
(1) مرزا غالب، مرزا صالح جو ننڍو ڀاءُ نه پر سندس پٽ
هو جيئن ترخان نامي لکيو آهي: مرزا محمد غالب پٽ
محمد صالح پٽ مرزا عيسيٰ جنهن کي مرزا باقي 979 هه
۾ مارائي ڇڏيو.
ڏسو ترخان نامه ص 61 (مترجم)
مرزا باقيءَ پنهنجا خاص ماڻهو خميسو قاضي، ڇتو جولي، خليل
خدمتگار ۽ مَل هندو ساڻ ڪري، هتان جو هتي دربدر ۽
بدحاليءَ جو شڪار ٿي ويو. هڪ ڏينهن انهيءَ
دربدرائي ۽ بدحاليءَ ۾ بک کان ساڻو ٿي، ڪپڙو منهن
تي وجهي ستو پيو هو، ته سندس ماڻهن کي ڪٿان ڪي
ٻاجهريءَ جا سنگ هٿ اچي ويا، جيڪي ڪچا چٻاڙڻ لڳا،
مرزا هيڻائيءَ مان ڪپڙو منهن تان لاهي کانئن پڇڻ
لڳو، ته ڇا پيا کائو؟ جواب ڏنائون: اسان اها شيءِ
پيا کائون، جيڪا اوهان جي کائڻ لائق ناهي. تنهن تي
پاڻ چيائين، ته اهي ڪهڙيون ڳالهيون پيا ڪريو، مان
ڪو فرشتو ته ناهيان، جو بنا ڪنهن کاڌي پيتي جي
جيئرو رهي سگهندس، توهان وٽ جيڪي به آهي، هيڏانهن
ڪريو ته مان به کاوان! اهڙيءَ طرح ڪيترن ڏينهن جي
بکن کان پوءِ ٻاجهريءَ جا داڻا کيس نصيب ٿيا.
سندس پٽ مظفر ترخان کان هڪ نقل
مرزا باقي دربدري واري دور ۾ جڏهن لاڳيتيون بکون ڪاٽي بيزار
ٿيو، ته پنهنجن ماڻهن کي چوڻ لڳو: هاڻ ته بک ڏاڍو
بيزار ڪري ڇڏيو آهي، توهان هيڏانهن هوڏانهن وڃي
ٽڙي پکڙي هٿ پير هڻي ته ڏسو، متان کاڌي جي ڪا شيءِ
ملي پوي! سندس ماڻهن چارئي ڪنڊون جاچيون، کين ٻيو
ته ڪجهه به هٿ نه آيو، پر قاضي خميسي کي ڪتي جا
اوباريل (96) چانورن ڪڻا هٿ آيا، جن تي ڪتي اُلٽي
به ڪري ڇڏي هئي. هو اهي چانور مرزا باقيءَ وٽ کڻي
آيو ۽ کيس ٻڌايائين، ته هي چانور هيئن هٿ لڳا اٿم،
هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي. مرزا باقيءَ چيو: قسمت جا به
عجب رنگ آهن، پر ڇا ڪجي مجبوري آهي، جلدي ڪريو،
اهي چانور ڌوئي رڌي کڻي اچو، جو هن بک ۾ اهي به
حلال آهن. جڏهن چانور رڌجي تيار ٿيا، ته مرزا باقي
بنا ڪنهن سُونگ جي کائي ڇڏيا. |