23 April, 2011

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تاريخ طاهري

باب: --

صفحو:22  

حوالا ۽ متعلقات

مرزا شاهه محمد بيگ، ماثر الامراء جلد 2 ۾ هن جو نالو ٻن هنڌن تي اصل نالي شاهه محمد بيگ سان گڏ غزنين خان جي عرف سان آيل آهي. هڪ هنڌ ص 394 تي دبستان جي حوالي سان لکيل آهي، ته شاهه بيگ خان دوران جي پُٽ مرزا شاهه محمد بيگ عرف غزنين خان کان ٻڌو ويو، جيڪو هيئن چوندو هو، ته مون مرزا عزيز ڪوڪيءَ کان پڇيو، ته اڪبر بادشاهه جي ننڍپڻ ۾ ڳالهائڻ بابت ماڻهن جو ڪهڙو خيال آهي؟ جواب ۾ هن چيو، ته منهنجي ماءُ چوندي هئي، ته اها ڳالهه صحيح آهي.

ٻئي هنڌ ص 645 تي لکيل آهي: هن (شاهه بيگ خان دوران) جي پُٽن مان مرزا شاهه محمد عرف غزنين خان وڏي ڪمال وارو ۽ دانشمند ماڻهو هو. هڪ هزاري منصب تائين پهچي ختم ٿي ويو. سندس ٻيو ڀاءُ يعقوب، جيڪو مرزا جعفر آصف خان جو ڄاٽو هو، گهٽ حيثيت وارن ماڻهن جي پرورش ڪرڻ سبب ترقي ڪري نه سگهيو.

خان دوران نواب شاهه بيگ خان، سال 1026 هه – 1617ع ڌاري، هن کي جڏهن ٺٽي جو صوبيدار مقرر ڪيو ويو، ته اوڏانهين وڃڻ کان اڳ، آصف جاهيءَ کان موڪلائڻ لاءِ آيو، جنهن کيس ملا محمد ٺٽويءَ جي ڀائرن جي سفارش ڪئي، جيڪو سندس مصاحب رهي چڪو هو. شاهه بيگ کي خبر هئي، ته ملا محمد جا ڀائر، آصف جاهيءَ جي حمايت سبب وقت جي حاڪمن کي ڌيان ۾ ڪو نه آڻيندا آهن، سو آصف جاهيءَ کي جواب ڏنائين، ته جيڪڏهن هو سڌري ويا، ته واهه، نه ته سندن کَل لهرائي ويندي. ان تي آصف جاهيءَ کي ڏاڍي خار لڳي ۽ هن جو سڄو ڪم ڦٽائي ڇڏيائين. نيٺ هيءُ منصب  ۽ جاگير کان محروم ٿي وڃي گهر ويهي رهيو.

هيءُ هر وقت نشي ۾ رهندو هو ۽ شراب جي سرائي سندس آڏو هوندي هئي. چون ٿا ته شراب ۾ ڀنگ، آفيم ۽ ڏوڏيون ملائي پيئندو هو، جنهن جو نالو چار لغزا رکيو هئائين. ان ڪري شاهه بيگ ڪور (انڌو) چار لغزا خور مشهور هو (ماثر الامراج 2، ص 645).

سندس علمي ذوق بابت چيو وڃي ٿو ته: وڏو علم دوست امير هو. مير محمد قاسم اسيري (اسير الحيران) قهستاني ۽ ڪيئي ٻيا شاعر هن جي درٻار ۾ هوندا هئا. مير محمد قاسم جامع حيثيت جو مالڪ ۽ رسمي علمن جو ماهر هو. قصيدي ۽ مثنويءَ ۾ ملڪ الڪلام جون سڪون ٿي لاٿائين. ڪيئي ڀيرا ايران کان هندوستان ايندو رهيو. پڇاڙيءَ شاهه بيگ ”خان دوران“ جي خدمت ۾ رهڻ لڳو. هيءُ شعر سندس آهي:

بر دولت جهان چه نهم دل که در جهان
يکه صبح بي زوال  و مساي نيافتم.

مرزا غازي اور اس کي بزم ادب، ح – ص 581    

شيخ اسحاق بکري، مرزا غازي بيگ جو اُستاد هو. شروعاتي زندگي سلطان محمود بکريءَ جي ملازمت ۾ گذريائين. تحفته الڪرام جي مولف مير قانع جو قول آهي، ته هي فضيلت ڀريو، سلطان محمود جي ملازمن مان هو. پڇاڙيءَ ۾ مرزا غازي بيگ جو استاد مقرر ٿيو. قانع اها ڳالهه تاريخ طاهريءَ تان ورجائي آهي، ته هن پاڻ (نسياني) انهيءَ خضر طبيعت استاد مولانا اسحاق بکريءَ  کان تعليم حاصل ڪئي، جيڪو محمود خان جو ملازم هو، پوءِ مرزا غازي جو استاد ٿيو.

مير معصوم جيڪو شيخ اسحاق جو هم وطن، هم سبق ۽ ساٿي هو ۽ گجرات ۾ به ساڻس گڏ رهيو، تنهن سلطان محمود بکريءَ سان لاڳاپو رکندڙن مان هن جو ڪو به ذڪر نه ڪيو آهي. سلطان محمود بکريءَ سان هن جو جيڪو تعلق هو، سو تڏهن خرم ٿي چڪو آ، جڏهن 982 هه ۾ سلطان وفات ڪئي ۽ سندس تحريڪ تي اڪبر طرفان مغلن جي ٻن سردارن بکر تي اچي قبضو ڪيو ۽ سنڌ جو اهو حصو مغل شاهيءَ جو جزو بڻجي ويو.  

شيخ اسحاق لاءِ پنهنجي سرپرست جي وفات کان پوءِ ٻيو چارو ڪو نه هو، سواءِ ان جي ته هو مغلن سان لاڳاپجي وڃي. معلوم ٿئي ٿو، ته شيخ اسحاق بکر ڇڏڻ کان پوءِ گجرات هليو ويو، جتي طبقات اڪبريءَ جي مولف خواجه نظام الدين هروي سان، جيڪو ان وقت گجرات جو ديوان ۽ بخشي هو، تعلق پيدا ڪيائين ۽ ان جو وڪيل مطلق العنان بڻيو. شيخ بکري ذخيرې الخوانين جو مولف، جيڪو اسحاق جو ڀائيٽو هو، تنهن پنهنجي ڪتاب ۾ هن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ته پهريون ڀيرو ڪيئن مير معصوم بکري گجرات پهتو ۽ شيخ اسحاق جي مدد سان، خواجه نظام الدين تائين سندس رسائي ٿي. وڌيڪ لاءِ ڏسو . . .

مرزا غازي اور اس کي بزم ادب، ص . . . 183، سيد حسام الدين راشدي.

حسين خان شاملو کي – ناڪام ٿي ڀڄڻو پيو، دراصل ڳالهه هيئن هئي، ته هرات جو حاڪم حسين کي شاملو، اڪبر جي وفات ۽ شهزادي خسرو جي بغاوت جو ٻڌي، فرات ۽ سيستان جي حاڪمن جي همراهيءَ ۾، خراساني لشڪر سان قنڌار تي چڙهي آيو ۽ قلعي کي گهيري ۾ آندائين. شاهه بيگ

 

*   اقبالنامه جهانگيري، ص 12 – 13. تصنيف مرزا محمد عرف معتمد خان بخشي، جامعه عثمانيه حيدرآباد دکن، 1928ع.

خان دوران، وڏي همت ۽ ثابت قدميءَ سان ان جو مقابلو ڪندو رهيو. اها خبر جڏهن جهانگير تائين پهتي، ته پنهنجي اميرن ۽ منصبدارن جي هڪ جماعت، جنهن ۾ قراخان ترڪمان، پخته بيگ ڪابلي (سردار خان) شامل  هئا، مرزا غازي بيگ سان گڏي، شاهه بيگ جي مدد لاءِ ڏياري موڪليائين. اتفاق سان شاهه عباس (ايران جي بادشاهه) کي انهن سرحدي اميرن جي قنڌار تي چڙهائي ۽ قلعي کي گهيري ۾ آڻڻ جو اطلاع ملي ويو، جنهن هڪدم خط اُماڻي، انهن کي اُتان واپس ڪرائي ڇڏيو. اهڙيءَ ريت مرزا غازي بيگ جي قنڌار پهچڻ کان اڳ، مخالف ميدان خالي ڪري چڪا هئا.

مرزا غازي بيگ جو موت، هن بابت هيءَ ڳالهه به مشهور آهي، ته پاڻ گهڻي شراب پيئڻ ڪري فوت ٿيو هو.  اقبالنامي وارو لکي ٿو: مرزا غازي بيگ ولد مرزا جاني بيگ جي تقدير دنيا ۾ چڱي چمڪي، ايتري تائين جو هڪ ئي وقت ٺٽي ۽ قنڌار جو حاڪم ٿيو، جيستائين جيئرو رهيو، هر ڪنهن آئي وئي سان سٺو سلوڪ ڪيائين. نيڪناميءَ ۾ سندس وڏي شهرت هئي، هڪ نيڪ نهاد شخص ۾ جيڪي خوبيون هئڻ کپن، سي منجهس هيون، اهل سخن ۽ طبيعت دار ماڻهن سان صحبتون رهيون. پاڻ به موزون خبع جو مالڪ ۽ معياري شاعر هو. ”وقاري“ تخلص هئس، پر شراب جو حد کان وڌيڪ شوقين هو. آخرڪار سندس موت به انهيءَ شوق (ڪثرت شراب نوشي) ۾ واقع ٿيو (1).

آقا ملا، آصف خان ثالث (مرزا اقوام الدين جعفر بيگ متوفي 1021 هه، جو ڀاءُ، جنهن جي حويليءَ ۾ نسيانيءَ پنهنجي مربي شاهه محمد بيگ عادل خان جي خدمت ۾ تاريخ طاهريءَ جو پهريون ڀاڱو پيش ڪيو (2). شاهه

(1)   اقبالنامه جهانگيري، ص 46.

(2) مرزا غازي بيگ اور اس کي بزم ادب ص 585.

بيگ خان دوران جو ٻيو پُٽ يعقوب بيگ مرزا جعفر آصف خان جو ڄاٽو هو (1)، انهيءَ رشتي جي ڪري شاهه بيگ جي هن خاندان سان اچ وڃ هئي.

ملا  خليفو سنڌي، اصل سومرن جي شهر محمد طور (ماهم تور) جو مکيه رهاڪو هو، جيڪو درڪ پرڳڻي ۾ هو، سمن جي ڏينهن ۾ اچي ساڪري ۾ آباد ٿيو. شيخ بهاء الدين ملتانيءَ جي پاران مريد ڪندو هو. پنهنجي وقت جو وڏي ۾ وڏو ڪامل بزرگ ۽ ڪمالات ۾ وڏي شرف جو مالڪ هو (2).

دلوراءِ سومرن جي هڪڙي حاڪم دلوراءِ کي تاريخ ۾ وڏو ظالم ۽ بدڪردار حاڪم ڪري ليکيو ويو آهي، جيتوڻيڪ سومرن حاڪمن جي شجري ۾ ڪٿي به هن جڳ مشهور راجا جو نالو موجود ناهي، ڪيترن جو خيال آهي، ته هيءُ 1212ع ۾ ٿي گذريو هو ۽ ارڙو ۾ سندس حڪومت هئي. ڪي چون ٿا، ته دلوراءِ نالي ٻه حاڪم ٿي گذريا آهن، جن مان پهريون 729ع ۾ سنڌ جي ڪنهن حصي تي حڪمران هو.    

ٻيءَ روايت موجب انهيءَ دلوراءِ جي حڪومت جي حد اتر ۾ موجوده ديري غازي خان ۽ ڏکڻ ۾ هاڻوڪي حيدرآباد (سنڌ) تائين ٻُڌائي وڃي ٿي. سندس گاديءَ جو هنڌ اروڙ هو. عام اندازي مطابق هيءُ ڀونگر ٻئي جي زماني ۾ انهيءَ علائقي تي قابض ٿيو هو.

سنڌ جي هڪ عوامي شاعر سمنگ چارڻ جو هڪ بيت پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ هو همير سومري لاءِ سندس ارڏائين جي ڪري پاراتو ڏيندي چوي ٿو:

 

(1) ماثر الامراء ج 2 ص 645

(2)   تحفته الڪرام سنڌي ص 620.

 ستينءَ هو سوجهرو، اٺينءَ  ٿي اُوندهه
هميراڻي باهه، وساڻي ورهين کي
 

يعني، پهرين پڳ دلوراءِ اول کان وٺي ڀونگر ٻئي تائين ته ست ئي راڄ روشن هئا، پوءِ اٺينءَ پڳ راءِ همير ته اچڻ سان ئي اوندهه ڪري ڇڏي آهي، سو وري ڪهڙي ٻاريندو؟

سنڌ جي اوائلي شاعري، مضمون پروفيسر محرم خان سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽي جي مخزن ”پورب“ سال 68 – 1969ع ص 106.

ان مان ظاهر ٿئي ٿو، ته يا ته دلوراءِ جو وجود ئي ڪو نه هو، يا وري جو هو موجود هو، ته انهن حالتن ۾ سندس ظالم ۽ بدڪردار هئڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.     

بديع الجمال، هن بابت بنا تبصري جي ٻه روايتون هتي ڏجن ٿيون، جن مان هڪ روايت موجب هوءَ پنهنجي پيءُ سان ۽ ٻيءَ روايت موجب پنهنجي مڙس سان سفر ڪندي اچي ارڙو ۾ پهتي هئي.

سنڌ جي مقامي روايت (تاريخ طاهري) موجب، بديع الجمال جو داستان دلوراءِ جي دور ۾ سنڌو درياهه جي اروڙ وٽان وهڪري بدلائڻ سان تعلق رکي ٿو. ان روايت مطابق دلوراءِ جي حڪومت واري دور ۾ هڪ سوداگر ٻيڙيءَ ۾ سفر ڪندي اچي اروڙ وٽ لنگر انداز ٿيو. بديع الجمال نالي هڪ سهڻي ڌيءَ ساڻ هيس. دلوراءِ دستور موجب حڪم ڪيو، ته سوداگر پنهنجي ڌيءَ بديع الجمال کي شاهي محل ڏياري موڪلي.

مقدمو، مشهور سنڌي قصا 7 ص 25 سنڌي ادبي بورڊ.

دلوراءِ جو دستور هو، ته هندستان مان جيڪو به سوداگر هن پاسي ٿي آيو، تنهن کان محصول جي بهاني زوريءَ اڌ مال ڦري ٿي ورتائين، تنهن کان سواءِ هن جي سهڻي زال به کسي وٺندو هو. هڪڙو عزت وارو سوداگر سيف الملوڪ حج جي ارادي سان مڪي ڏانهن ويندي، دلوراءِ جي ملڪ مان اچي لنگهيو، ته ساڻس گڏ بديع الجمال نالي سهڻي زال هئي، تحفته الڪرام ج 3 ص 113 – 114.     

ڇُٽي امراڻي ۽ فاطمه جو احوال تاريخ طاهريءَ جي بيان موجب، دلوراءِ جو ننڍو ڀاءُ ڇُٽو امراڻي، ننڍي لاءِ کان اسلام ڏانهن مائل هو، آخرڪار حج جي ارادي سان مڪي ويو، جتي فاطمه نالي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪيائين. سندس فاطمه سان شادي ڪرڻ جو واقعو عجيب و غريب افسانوي انداز ۾ ڏنل آهي. جنت سنڌ ص 251.     

ٽڪي (تلڪ) لڳائڻ جو رواج. ٽڪي لڳائڻ جو رواج مغلن جي دور ۾ به هو. جهانگير جي زماني ۾ اڪبري درٻار جي هڪ ملازم راءُ سنگهه جي مرڻ کان پوءِ، ان جي ٻن پُٽن دلپت ۽ سور سنگهه جو گاديءَ تي تڪرار ٿي پيو، جنهن ۾ اصل حقدار دلپت هو، پر سور سنگهه اها حجت پيش ڪئي ته سندس پيءُ پنهنجي جيئري کيس ٽڪو (تلڪ) لڳائي، پنهنجو جانشين مقرر ڪري ويو هو، ان تي جهانگير چيو: چڱو، جي ائين آهي، ته پوءِ آءٌ ٿو دلپت کي تِلڪ لڳايان. پوءِ پنهنجي هٿ سان ان کي تِلڪ لڳائي، سندس پيءُ جي گاديءَ تي ويهاريائين (1).

سومرن جو ڪردار، سومرن پنهنجي دور ۾ وطن دوستيءَ  جي جن عظيم ڪارنامن سان عظيم الشان ڪردار ادا ڪيو، تنهن کي مسخ ڪرڻ (ميسارڻ) لاءِ، هر ڪو پيو سندن ذات بابت عجيب فتوائون جاري ڪري ته: سومرا هندن مان مسلمان ٿيل آهن (تاريخ راجستان مصنف عبد الله ص

 

(1)   ماثر الامرا ج 2، ص 156. جهانگير نامه جي حوالي سان.   

95)، سومرا اصل ۾ عربي نسل جا آهن (تاريخ راجستان، مصنف عبد الله ص 92). جواب ۾ اسين به ائين چئي سگهون ٿا، ته سومرا حقيقت ۾ سميري هئا، جيئن جناب مخدوم امير احمد مرحوم تحفته الڪرام جي حاشئي صفحي 93 تي لکي ٿو: سمن خواه سومرن جي قوميت متعلق هڪ ٽين راءِ به ٿي سگهي ٿي، جنهن ڏانهن ڪنهن جو خيال نه ويو آهي، اها هيءَ ته ٻئي قومون ايشيا جي مشهور سميرن جي قوم مان آهن، جن کي عربيءَ ۾ سامي سڏيو وڃي ٿو. پراڻي زماني ۾ هيءَ قوم تمام وڏي ۽ طاقتور قوم هئي، جنهن جو وچ ايشيا ۾ تمام گهڻو اثر رسوخ هو. ٿي سگهي ٿو، ته انهيءَ جو ڪو حصو تنهن زماني ۾ سنڌ ڏانهن آيو هجي ۽ سنڌ کي هنن پنهنجو گهر بڻايو هجي.

ان باري ۾ ٻيو حوالو هي آهي: مشهور يورپي محقق پروفيسر ايڇ. آر. هال پنهنجي ڪتاب “Ancient History of the Near East” ۾ لکي ٿو، ته عراق جي دجلي ۽ فرات واري ماٿريءَ ۾ تهذيب تمدن جو ٻج ڇٽڻ وارا حقيقت ۾ سنڌ جا ئي رهاڪو هئا. سندس عبارت هيءَ آهي:

“The Sumerians were an Indian race which passed, certainly by land perhaps also by sea, through Persia to the valley of the two Rivers. It was in the Indian Home (Perhaps the Indus Valley) that we suppose for them that their culture developed.”

يعني سميري هڪ هندستاني قوم هئا، جيڪي خشڪيءَ رستي يا سمنڊ رستي ايران کان ٿيندا، ٻين ندين (دجلي ۽ فرات) واري ماٿريءَ ۾ وارد ٿيا هئا. اهو سندن هندستاني گهر (مهراڻ جي ماٿري) هو، جتي اسين هنن جي ثقافت کي عروج تي ڏسي چڪا آهيون.

پڙهندڙن کي عجيب لڳندو، ته سومرن جي ذات (سومري) ۽ خاص نالو ”دودو“ سميرين جي تذڪرن ۾ ڪيترن هنڌن تي آيل آهن (1). تنهن کان سواءِ خود سمير ۽ سمراهه جا نالا اسان وٽ موجود آهن. چچ نامي جي ص 496 تي حاشيءَ ۾ لکيل آهي ته: سمير جو ڍورو شهداد پور تعلقي جي هڪ ديهه ڪلريءَ کان ڏکڻ طرف هو، جتي پوءِ سمراهه ٿيو – ڪلري ۽ سمير بابت ماموئي جي بيتن مان هيٺيون قديم سنڌي بيت ملي ٿو:

سمير ۾ نه ساريون ٿينديون، ڪاريءَ ۾ نه ڪماند،

 

هاري، هر ۽ ڏاند، ڪڄاڻا ڪيهيءَ ويا. (2)

 

ان هوندي به اها ڳالهه ايڏي فخر لائق نه ٿي سمجهي وڃي، ته سومرن کي سنڌي قوم بدران سميري قوم سڏي، پوءِ مٿن ناز ڪرڻ کپي، جيئن عام طرح ڪيو وڃي ٿو.

اسان جي خيال ۾ اهي ڪوششون سومرن جي عظيم ڪارنامن ۽ سندن عظيم الشان ڪردار کي مسخ ڪرڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن، ته جيئن سندن اهو شان مان، جيڪو کين قومي سورمن جي حيثيت ۾ حاصل آهي، ذات جي بحث ۾ زائل ٿي وڃي. 

ديبل بندر، ديبل جي اصلي ماڳ جو نالو، آڳاٽي زماني ۾ سڀ کان اول آرميني تاريخ نويس ۽ جاگرافيءَ جي ماهر موسيٰ خوريني جي جاگرافيءَ تي لکيل هڪ رسالي ۾ ملي ٿو. هيءُ عالم چوٿين – پنجين صدي عيسويءَ ۾

 

(1)  ڏسو الواح سومري.

(2)  چچ نامو سنڌي، ص 496. حاشي ۾.

ٿي گذريو آهي. ساساني حڪومت جي سياحي ورهاست (277 – 273ع) جو بيان ڪندي، هن ڏاکڻين علائقن مان مڪران ۽ سنڌ سان گڏ دي بول  (ديبل) جو به ذڪر ڪيو آهي. ان مان اهو نتيجو نڪري ٿو، ته اهو نالو عربن جي سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ کان گهڻو اڳ مشهور هو.

چيني جاگرافي دان ڪياتان، جنهن جا سفرناما (785 – 805ع) جي وچ ڌاري ترتيب هيٺ آيا، ڪئنٽن کان وٺي ايراني نار تائين، مختلف جاين ۽ بندرن جي ڳڻپ ڪندي، تي – يو جو ذڪر ڪري ٿو، ته هيءُ هڪ ملڪ آهي ۽ منجهس وڏو درياهه مئلان (مهراڻ) وهي ٿو. اهو چيني اُچار ”تي – يو“ پڻ آرميني جاگرافي دان جي ڏنل نالي دي – بول جي ويجهو پيو لڳي ۽ سندس انهيءَ بيان جي پڻ تصديق ٿئي ٿي، ته اهو ديبل هڪ الڳ علائقو هو.

عرب جي مشهور شاعر ابن الاعرابي (767 – 845ع) ۾ پنهنجي هڪ شعر ۾ ديبل کي ٻن ديبلن جي روپ ۾ هڪ ٿلهي ۽ ڪاري شخص سان مشابهت ڏني آهي، جن مان ٻن ديبلن جو قديم ۽ واضح ثبوت ملي ٿو:

ديبل تي وڌيڪ کوجنا ڪرڻ کان اڳ مٿي ڄاڻايل قديم حوالن جي اُڌار تي چئي سگهجي ٿو ته اصل ۾ اهو نالو هڪ علائقي، ملڪ يا بادشاهت جو هو، جتي ڀلا چراگاهه هوندا هئا ۽ ٻه هنڌ (بندر يا شهر) ملڪ جي نالي سڏيا ٿي ويا.

سنڌو درياهه جي ڪيٽيءَ جي بلڪل ڏاکڻئين پاسي کي مغرب وارا ايراني، سندن پاڙيسري آرميني ۽ عرب پنجين صدي عيسويءَ کان ديبل ڪري سمجهندا هئا. انهيءَ ملڪ جي مخصوص ضرورتن جي ڪري اتي ٻه بندر هوندا هئا، هڪ سامونڊي بندر جيڪو درمياني بندر جو ڪم ڏيندو هو، ٻيو درياهي بندر جنهن کي واپار جي مرڪز طور ڪتب آندو ٿي ويو. درياهه جي لَٽ جي ڪري انهن بندرن جي اصل ماڳ ۾ فرق هو.

ديبل جي علائقي تي عربن جا پهريان حملا سامونڊي ڪناري ۽ ان جي بندر تائين محدود هئا، جنهن ڪري هنن کي گهڻو نقصان ٿي پهتو، ڇاڪاڻ ته بچاءُ ڪندڙ سنڌين جي اصل طاقت ملڪ اندر ٻئي بندر ۾ موجود هئي، جيڪو ديبل جي کاري – مٺي واري سنڌي وٽ واقع هو.

عربن جي ڪاهه وقت ديبل جو سامونڊي بندر يا بحري ديبل، بشاريءَ جي مقدسي جي لفظن ۾ ڀنڀور واري هنڌ تي هو، جيئن آثار قديم جي کوٽائيءَ مان آخرڪار ثابت ٿي چڪو آهي. عربن پوءِ درياهي بندر گهڻو مٿي آڳاٽي برهمڻ آباد ويجهو تعمير ڪرايو، پر انهيءَ بندر کي قائم رکڻ لاءِ ضروري هو ته نئين کوٽائل واهه ۾ درياهه جي رو کي رهڻ نه ڏنو وڃي، جيڪو عربن جي دور کان پوءِ واري زماني جي مشڪل حالتن ۾ ناممڪن هو، تنهن ڪري ٺٽو هڪ ڀيرو وري درياهي بندر ۽ تجارتي مرڪز جي حيثيت ۾ اوج تي پهتو ۽ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ٿيو. انهيءَ زماني تائين ڀنڀور جي حالت به ابتڙ ٿي چڪي هئي. جنهن ڪري ان جي بدران لاهري بندر کي استعمال ڪيو ويو، جيڪو هڪ ننڍو شهر يا بشاريءَ جي لفظن ۾ هڪ سوء ڳوٺن تي مشتمل مرڪزي شهر هو، جنهن جي چوڌاري ديبل جو سامونڊي بندر اچي ٿي ويو، پر ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ لاهري بندر پنهنجي پاڙيسري بندر شاهه بندر جي ڀيٽ ۾ ڦٽي ويو. تڏهن به ان سموري وچئين دور ۾ ٺٽو قائم رهندو آيو.   

شاهه بيگ ارغون جي سنڌ تي چڙهائي. ڏهين صدي هجريءَ ڌاري ايران ۽ سنڌ ۾ هڪ ٻئي پٺيان ڪيئي انقلاب آيا. انهيءَ صدي جي شروعات ۾ وچ ايشيا مان ئي وڏيون طاقتون اڀريون، جن چو طرف سياسي وڳوڙ پکيڙي ڇڏيا. هڪ پاسي کان شاهه اسماعيل صفوي مذهبي مصلي تان اُٿي، اچي شاهي تخت تي ويٺو، ۽ ٻئي پاسي کان محمد خان شيباني، خوني خنجر سان نروار ٿيو، جنهن شهر ڦريا، قتل ڪيا ۽ سڄو چرخو ڦيرائي ڇڏيائين.

ساڳي وچ ايشيا ۾ تيمورين جي وڏي سلطنت هرات جي بادشاهه سلطان حسين بايقرا (912 هه) جي مرڻ کان پوءِ زوال ڏانهن رُخ رکيو، جنهن ڪري تيموري شهزادا اهڙي ڦڙ ڦوٽ ۾ اچي ويا، جو مٿي لڪائڻ جي جاءِ به نه لهي سگهيا. انهن مان اڪيلو بابر اهڙو مرد هو، جنهن ايڏي وڏي ڇڪتاڻ ۽ ڇت ڪُتائيءَ ۾ به چتاءُ ڪيو ۽ ٽين طاقت جي صورت ۾ ڪنڌ کڻي مقامي تاريخ سان ڪلهو ملايائين.

بابر مٿي ذڪر ڪيل بن وڏين طاقتن جي باوجود اڪيلي سر نه صرف وچ ايشيا ۽ افغانستان جو حڪمران رهيو، بلڪ هندستان ڏانهن به راهه هموار ڪيائين، جتي سندس هٿان عظيم مغل سلطنت جو پايو پيو.

مرزا شاهه حسين بايقرا جي زماني ۾ هن جي پاران امير ذوالنون ارغون قنڌار جي حڪومت ۽ ان سان ڳنڍيل علائقن تي نائب هو، جڏهن بايقرا رحلت ڪئي، ته امير ذوالنون تيموري شهزادن جي حڪومت ۽ خاندان جي بچاءُ ۽ بقاءُ لاءِ وڏي دل ڌاري محمد خان شيبانيءَ سان وڙهيو. ايستائين جو محرم 913 هه ڌاري جنگ ۾ قتل ٿي ويو. جڏهن بايقرا جيئرو هو، تڏهن توڙي سندس وفات کان پوءِ به امير ذوالنون قنڌار ۾ اڌو گابري آزاديءَ سان پنهنجي حڪومت جي شروعات ڪري چڪو هو. بايقرا جي موت کان پوءِ جڏهن سمورا تيموري شهزادا ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ هرات ۾ سلطنت جي مرڪزيت نه رهي، ته امير ذوالنون جو پُٽ شاهه بيگ ارغون پنهنجي پيءُ جي گاديءَ تي ويٺو جنهن ان جي اڌو گابري آزاديءَ واري حڪومت کي خومختار حڪومت جو رنگ ڏنو. شاهه بيگ بهادر ۽ دانشمند هو، ايتري قدر جو زماني ۾ سندس نظير مشڪل نظر ٿي آيو. پر جنهن دور ۾ هو حڪمران هو، حالتون ايڏيون خراب ٿي چڪيون هيون، جو هن لاءِ پنهنجي آزادي برقرار رکڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه ٿي پئي، ڇو ته قنڌار ۽ ڪابل شاهه اسماعيل صفوي، محمد خان شيباني ۽ بابر جي گهيري ۾ هئا ۽ شاهه بيگ جو ٽن طاقتور حريفن سان مهاڏو هو، جن کيس ٻُڏتَر ۾ آڻي ڇڏيو، ان هوندي به ڪيترا ورهيه جٽاءُ ڪيائين. آخرڪار قنڌار جي حڪومت بابر جي قبضي ۾ آئي. جنهن کان پوءِ هيءَ شال (ڪوئيٽا) ۽ سبيءَ ڏانهن تاگهيندي، سنڌ تي ڌاڪ ڄمائڻ جا پهه پچائڻ لڳو. هيڏانهن سنڌ ۾ پڻ ڪيئي انقلاب ڪر کڻي چڪا هئا. 914 هه ۾ سنڌ جو سلطان ڄام نظام الدين دنيا ڇڏي ويو، جنهن پنهنجي حڪومت جي ڊگهي عرصي ۾ پنهنجي ملڪ کي هر طرح خوشحال ۽ خودمختار بڻايو هو، پر جڏهن پاڻ هليو ويو، ته سندس پويان اهي ڳالهيون به هليون ويون ۽ هن جا پونير تخت تاج تي هڪ ٻئي جي ڏاڙهي پٽ ۾ پئجي ويا. ان حد تائين جو عرش تائين دانهوڙ پئجي وئي، ڏهه ٻارهن سال انهيءَ خانداني کچر کلي ۾ گذريا، جنهن سڄو ملڪ ڀينگ ڪري ڇڏيو.

شاهه بيگ ارغون، جنهن سبيءَ ۾ ويٺي ڏينهن پئي ڳڻيا ۽ سنڌ غصب ڪرڻ جا خواب ٿي لڌائين، نئين سر پنهنجي ڪارِواين ۾ لڳي ويو، جيئن پنهنجي خواب جو تعبير پورو ڪري سگهي. انهيءَ گهرو جهڳڙي ۾ هڪ طرف کان ڄام نظام الدين جو پُٽ فيروز، جيڪو تخت ۽ تاج جو اصلي وارث هو، رُڌل رهيو، ته ٻئي پاسي کان هن جو هڪڙو مائٽ ڄام صلاح الدين هو، جنهن وري پاڻ کي حڪومت جو حقدار ٿي سمجهيو. ٻئي 914 هه کان 927 هه تائين ڇتا ٿي، هڪ ٻئي جي پٺيان پيا، ايتري قدر جو پڇاڙيءَ  جو ارغونن کي اڻ پڇئي وارو مليو.

صلاح الدين گجرات جي حاڪمن کان مدد وٺي، سنڌ تي لاڳيتا حملا ڪندو ٿي رهيو، پر سنڌ جو سورمو (وڏو وزير ۽ سپهه سالار) دريا خان هر ڀيري وڏي اورچائيءَ سان ساڻس منهن ڏيندو ٿي آيو، جنهن ڪري هو ناڪام ٿي، واپس هليو ٿي ويو. جيڪڏهن فيروز عقلمند حڪمران هجي ها، ته صلاح الدين جي پاڙ پٽجي وڃي ها، پر هيءُ (پنهنجي عاقبت کان بي خبر ٿي) خود دريا خان جهڙي بهادر سپهه سالار جي خلاف ٿي بيٺو، جيڪو سندس سلطنت جي بچاءُ جو در حقيقت وڏي ۾ وڏو وسيلو هو. هن دريا خان کي لاهي، شاهه بيگ ارغون کان فوجي مدد گهري، جيڪو شال سبيءَ ۾ پاڻ کي حڪمران بڻائي ويٺو هو. ڄڻ پاڻ ئي هن کي سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو موقعو ڏنائين! شاهه بيگ، جنهن اڳ ۾ ئي اها تاڙ پئي ڪئي، هڪدم سنڌ تي قهري ڪٽڪ چاڙهي آيو. جيستائين فيروز اک پٽي، وقت جي نزاڪت جو ڪو احساس ڪري، تنهن کان اڳ، سندس رقيب شاهه بيگ، بکر ۽ سيوهڻ پنهنجي گوڏي هيٺان آڻي، ٺٽي جي مٿان اچي ٺڪاءُ ڪيو.

فيروز عين موقعي تان پاڻ سنڀالڻ جي ڪئي ۽ دريا خان کي پرچايائين. هن وطن دوست سپهه سالار وري ساڳيءَ دليريءَ سان ترار هٿ ۾ کنئي، ٺٽي جي قلعي مان نڪري ارغونن سان وڃي دوبدو ٿيو، 11 – محرم 927 هه تي پوري قوت سان مقابلو ڪندي، شهيد ٿي ويو. هن جانباز جي جهان ڇڏڻ کان پوءِ شاهه بيگ سوڀارو ٿي ٺٽي ۾ داخل ٿيو. اهڙيءَ طرح سنڌ ارغونن جي حڪومت هيٺ آئي. انهيءَ واقعي جي تاريخ خرابي سنڌ (927 هه) مان ڪڍي وئي. ان زماني ۾ ارغونن کي ايڏي طاقت نه هئي، جو شال ۽ سبيءَ ۾ ويهي سنڌ تي حڪومت هلائي سگهن ها، تنهنڪري شاهه بيگ سيوهڻ کان سبيءَ تائين ملڪ پنهنجي قبضي ۾ رکي، باقي حصو فيروز جي حوالي ڪيو.

ڄام صلاح الدين هڪ دفعو ٻيهر گجرات مان ڏهه هزار لشڪر آڻي، 927 هه جي پڇاڙيءَ ۾ سنڌ تي چڙهائي ڪئي. هاڻ دريا خان ڪو نه هو، جيڪو سنڌ جو ساڻي ٿئي ها، ٻيو ته ارغون اڌ سنڌ تي قبضو ڪري چڪا هئا. فيروز وٽ ايتري طاقت نه هئي، جو ڄام صلاح الدين سان هٿ اٽڪائي ها، ان ڪري وري شاهه بيگ محرم 928 هه ڌاري وري سنڌ ۾ آيو. جڏهن جنگ هلي ته صلاح الدين شڪست کائي قتل ٿي ويو، پر شاهه بيگ واپس سبيءَ ڪو نه ويو ۽ سنڌ جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ورتائين. آخر 22 شعبان 1928 هه ۾ سندس لاڏاڻو ٿيو. سندس جاءِ تي شاهه حسن ارغون حڪمران ٿيو.   

شاهه حسن فيروز جي پاڙ پٽڻ ۽ سڄي سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ ٺٽي تي چڙهائي ڪئي، جنهن ۾ 928 هه جي پڇاڙيءَ يا 929 هه جي اڳياڙيءَ ڌاري پوئين، پر ڏاڍي رتو ڇاڻ واري ويڙهه سان، جنهن ۾ ٻنهي پاسن کان ويهه هزار ماڻهو مارجي ويا، سنڌ هٿ ڪئي. فيوز شڪست کائي وڃي گجرات ۾ پناهه ورتي. شاهه حسن سڄيءَ  سنڌ تي قابض ٿي ويو. پنهنجي حڪومت جو مرڪز شال ۽ سبيءَ مان ڦيرائي ٺٽي ۾ ڪيائين. جيڪو خواب سندس پيءُ ڪابل ۽ قنڌار ڇڏڻ کان پوءِ لڌو هو، تنهن جو تعبير ان جو پُٽ پورو ڪيو. ارغون سڄي سنڌ جا مالڪ بڻجي ويهي رهيا.

ڏهين صدي هجريءَ جي شروعات ۾ جيڪو سياسي سيلاب وچ ايشيا ۾ آيو هو، سو ائين ختم ٿي ويو. محمد شيباني قتل ٿيو، شاهه اسماعيل صفوي سڄي ايران جي بادشاهت ماڻي، بابر به شاهه بيگ ارغون کي ڪابل ۽ قنڌار مان ڪڍي، پهريان انهن علائقن تي قبضو ڪيو، پوءِ هندستان ڏانهن وڌندي، دهليءَ جو تخت هٿ ڪيائين. هتي سنڌ ۾ وري شاهه بيگ ارغون ڄام صلاح الدين کي پورو ڪيو، ته پٽهنس شاهه حسن فيروز کي سنڌ مان تڙي ڪڍيو ۽ پاڻ سڄي سنڌ جو حڪمران ٿي ويو (1).   

شاهه بيگ ارغون کي ڇڏي، ڪيترا مغل ڄام فيروز جي نوڪريءَ ۾ اچي داخل ٿيا. ڄام فيروز ٺٽي جي شهر ۾ هڪڙو خاص محلو انهن مغلن جي رهڻ لاءِ مقرر ڪيو هو، جو مغل واڙو سڏجي ٿو. ڄام فيروز هاڻي بي اونو ٿي حڪومت ڪرڻ لڳو، پر کيس اچي ڊپ جاڳيو، ته دريا خان ڪنهن وقت کيس تخت تان لاهي نه ڇڏي، تنهن ڪري ان جي زور ڀڃڻ لاءِ ڪيبڪ ارغون کي همراز بڻائي، انهيءَ تجويز تي خوش ٿيڻ لڳو، پر اها هن جي وڏي غلطي هئي، ڇاڪاڻ ته اهي مغل ظاهري طرح دريا خان جي ڪمن تي چوڪسي رکندا هئا ۽ اندروني طور شاهه بيگ سان مليل هئا. آخر انهن مغلن جي ترغيب تي ئي مرزا شاهه بيگ سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ اچي سمن جي حڪومت جو خاتمو ڪيائين (1).  

ڄام فيروز. فيروز نا پيروز اگهاڙين پيرين وٺي گجرات ڏانهن ڀڳو.

مرات سڪندري (انگريزي ترجمو 162) طبقات اڪبري (ج 3 ص 211) ظفر الواله بمظفر و آله (ص 138) سڀئي متفق آهن، ته ڄام فيروز ارغون جي غلبي کان لاچار ٿي 935 هه جي وچ ڌاري، سلطان بهادر ولد مظفر گجراتيءَ (932 – 943ع) وٽ وڃي پناهه ورتي. سلطان ڄام فيروز جي دلجوئي

(1)  مقدمه مثنوي مظهر الاثار جهانگيري هاشمي. پير حسام الدين راشدي. 

(1)  جنت سنڌ ص 368.

ڪندي ٻارهن لک تنڪا سندس ذاتي خرچ لاءِ مقرر ڪيا ۽ کيس وعدو ڏنائين ته تنهنجو موروثي ملڪ توکي مغلن کان ڇڏائي ڏيندس. 939 هه ۾ ڄام فيروز پنهنجي نياڻي، سلطان بهادر کي ڏني، انهيءَ لاڳاپي جي ڪري، هن جي سنڌ فتح ڪرڻ واري لالچ کي ٽيڪ آئي، پر همايون بادشاهه جي گجرات تي چڙهائيءَ سبب سلطان کي ڄام فيروز جي حال ڏانهن توجهه ڏيڻ جو موقعو ئي نه مليو. ظفر الواله (ص 138) 942 هه ۾ جڏهن سلطان بهادر همايون بادشاهه کان شڪست کاڌي، تڏهن ڄام فيروز سپاهين هٿان گرفتار ٿي قتل ٿي ويو (1).   

روايت آهي ته ڄام فيروز گجرات وڃڻ کان پوءِ اُمر اُمراڻيءَ جي مدد سان، پنجاهه هزار جاڙيجن جو لشڪر گڏ ڪري، مرزا شاهه حسن تي چڙهي آيو. جڏهن ٻئي ڌُريون جنگ جي ميدان ۾ لٿيون ته جاڙيجن مرزا شاهه حسن کي چوائي موڪليو ته اسان پنهنجي پراڻي ريت موجب گهوڙن تان لهي جنگ ڪرڻ ٿا چاهيون، اوهان کي به اهڙيءَ ريت ميدان ۾ اچڻ گهرجي. مرزا شاهه حسن خوشيءَ  سان اهو شرط قبولي ”الحرب خدعته“ جنگ سراسر دوکو آهي جي اصول تي ڀاڙي بيٺو. جڏهن جاڙيجا گهوڙن تان لهي پنهنجي چولن جا پلو هڪ ٻئي جي چولن سان ٻڌي الا توهار ڪرڻ تي آيا ته مرزا شاهه حسن جا ماڻهو ڊوڙائي وڃي مٿن پيا. نتيجو اهو ٿيو جو جاڙيجن کي هزارين ماڻهو مارائي ميدان ڇڏڻو پيو (2) ۽ آمر به قتل ٿي ويو.

ڄام فيروز ارغونن هٿان شڪست کائڻ کان پوءِ ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو، جتان پنجاهه هزار پيادن ۽ سوارن جو لشڪر ساڻ ڪري ٺٽي تي ڪاهڻ آيو. چاچڪن جي ڳوٺ ۽ رهمڪي بازار جي وچاهين پٽ ۾ ڪاري ڪاٻاريءَ

(1)  تاريخ معصومي ص 376، طبقات اڪبري جي حوالي سان.

(2)  بيگلارنامه ادراڪي بيگلاري ص 13. سنڌي ادبي بورڊ 1980ع

وٽ – ماموئي جي ٽئين درويش جي اڳڪٿيءَ موجب: ڪاري ڪاٻاري، جهيڙو لڳندو ڇهه پهر.

تيرن ۽ ترارين جي سخت جنگ لڳي. ڄام فيروز ڏهه هزار ماڻهو مارائي مايوس ٿي واپس هليو ويو ۽ 1523ع ۾ سمن جي صاحبي ختم ٿي (3).

همايون جو سنڌ ۾ اچڻ. همايون 913 هه مطابق 1507ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 963 هه مطابق 1556ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ 937 ڌاري تخت تي ويٺو. شير شاهه سوريءَ شڪست کائي سنڌ ۾ 947 هه کان 950 هه تائين ڀٽڪي پڇاڙيءَ قنڌار هليو ويو. هتي جيڪي ڏينهن گذاريائين، تن جو تفصيل هن ريت آهي:

همايون

آگري مان سرهند پهتو

17 صفر 947 هه

=

لاهور اچي بيبي حاج جي مقبري ۾ ترسيو

1 ربيع 947 هه

=

راوي ٽپيو

جمادي ال آخر جي پڇاڙي 947 هه

=

سنڌ ڏانهن ڪوچ ڪيائين

1 رجب 947 هه

=

اُچ ۾ آيو

شعبان جي پڇاڙي 947 هه

=

روهڙيءَ رسيو – (ٻٻرلوءِ ۾)

28 رمضان 947 هه

(26 جنوري 1541ع)  

=

بکر کان سيوهڻ روانو ٿيو

1 جمادي الاول 948 هه

=

پاٽ ۾ حميده بانو سان نڪاح ڪيائين

سومر جمادي الاول 948 هه

(29 آگسٽ 1541ع)

 

(3)  جنت سنڌ مولائي شيدائي ص 368.

 

گلبدن بيگم همايون نامي ۾ لکي ٿي ته، چاليهن ڏينهن کان پوءِ، پاٽ ۾ سومر ڏينهن جمادي الاول 948 هه ڌاري بادشاهه سلامت مير ابو البقا کي گهرائي نڪاح پڙهڻ لاءِ چيو. نڪاح کان پوءِ ٽي ڏينهن اتي رهي بکر ڏانهن اُسهيو.  

=

پاٽ کان روهڙيءَ روانو ٿيو

جمادي الاول 948 هه

(2 سيٽمبر 1541ع)

=

روهريءَ پهتو

4 سيٽمبر 1541ع

=

روهڙي کان سيوهڻ ڪوچ ڪيائين

22 سيٽمبر 1541ع

=

سيوهڻ کي گهيري ۾ آندائين  

17 رجب 948 هه

6 نومبر 1541ع

=

سيوهڻ کان بکر روانو ٿيو

17 ذوالقعد 948 هه

(4 مارچ 1542ع)

=

بکر کان اُچ ڏانهن ٽپڙ ٻڌائين  

21 محرم 949 هه

(7 مئي 1542ع)

=

اُچ کان مالديو ڏانهن هليو

13 ربيع الاول 949 هه

=

دلاور جي قلعي (بهاولپور) ۾ پهتو

14 ربيع الاول 949 هه

=

بيڪانير کان ٻارهن ڪوهه ٻاهر منزل ڪيائين

17 ربيع الاول 949 هه

=

جيسلمير ۾ آيو

1 جمادي الاول 949 هه

=

جيسلمير کان عمر ڪوٽ پهتو

1 جمادي الاول 949 هه

=

عمر ڪوٽ کان سنڌ ڏانهن

1 رجب 949 هه

(11 آڪٽوبر 1542ع)

=

عمر ڪوٽ کان 15 ڪوهه پرتي منزل ڪيائين

4 رجب 949 هه

(14 آڪٽوبر 1542ع)

=

اڪبر پيدا ٿيو

آچر 5 رجب 949 هه

(15 آڪٽوبر 1542ع)

=

حميده بانو عمر ڪوٽ مان رواني ٿي

11 شعبان 949 هه

(18 نومبر 1542ع)

=

حميده بانو جوڻ ۾ آئي

20 شعبان 949 هه

(26 ڊسمبر 1542ع)

 

بيرم خان گجرات کان جوڻ ۾ آيو

7 محرم 950 هه

(1543ع)

 

همايون جوڻ واري پُلهه ٽپيو

7 ريبع الثاني 950 هه

(جولاءِ 1543ع)

 

جوڻ کان قنڌار روانو ٿيو

9 ريبع الثاني 950 هه

 

مستونگ کان ٿيندو قنڌار ۽ ايران ڏانهن وڌيو 

16 رجب 950 هه

مقالات الشعراء  مير علي شير قانع                                                                   حاشيه ص 863 کان 865.

نوٽ: همايون 950 هه برابر 1543ع.

سنڌ مان قنڌار ڏانهن ويندي، شڪارپور جي پريان مشهور ڳوٺ همايون ۾ پڇاڙيءَ واري منزل ڪئي هئي (1)، جتي اڃا تائين شهر جي ٻاهران ريلوي ۽ شاهي روڊ جي وچ تي ”پڙاءُ“ مشهور آهي. همايون ڳوٺ تي تڏهن کان اهو نالو پيو. – مترجم   

(1)  لب تاريخ سنڌ ص 69.

ريڻ (ص). مهراڻ درياهه جي شاخ هئي، جا 1758ع کان اڳ نصرپور کان هيٺ مهراڻ مان نڪري، ٽنڊي محمد خان جي اڀرندي طرف کان وهي، فتح باغ ۽ جوڻ کي آباد ڪندي، بدين جي ڏکڻ ۾ ڪوري کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. جوڻ جي ڏکڻ ۾ هن شاخ مان گونگڙو، پٽيهل ۽ جهول ساخون نڪرنديون هيون، گونگڙو نهر کورواهه جي اُتر کان لنگهي محمد طور (ماهم تور) جي اترئين ڪناري وٽان ور کائيندي، مغلڀين شهر جي اولهه واري ڀر کان لنگهي، سير کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. هن کي ڪارو گونگڙو به چوندا هئا. محمد طور کان هيٺ اولهه طرف ٽن ميلن تي پڃاري واهه هن (گونگڙي) ۾ اچي ڇوڙ ڪندو هو. گونگڙي جا نشان اڃا تائين سلامت آهن، انهيءَ ڪري ريڻ شاخ چاچڪان ۽ ديرڪ پرڳڻي کي آباد ڪندي رهي.

جڏهن مهراڻ 1758ع ۾ نصرپور وٽان پنهنجو وهڪرو ڦيرايو، تڏهن ريڻ شاخ به سڪي وئي، جنهن ڪري گونگڙو به پڇاڙيءَ جي ڇوڙ کان مٿيرو ويران ٿي ويو. انهيءَ تبديليءَ جو اثر اهو ٿيو، جو حيدرآباد کان مٿي اُتر طرف درياهه مان (گهلين جو بند وٽ) ڦليلي شاخ نڪتي ۽ قديم گاجيا وارو وهڪرو وٺي، پڃاريءَ ۾ اچي پوندي هئي. 1837ع ۾ ڦليليءَ جي وهڪري ۾، هيٺ ڏکڻ طرف تبديلي آئي. قديم وهڪري مان سڌريڻ جي ٺُل جي ويجهو هڪ شاخ نڪتي، جا اوڀر طرف وهي، پراڻ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي، پر اها خبر نه ٿي پوي، ته گاجيا واهه پنهنجي اهابگڙيل صورت ڪڏهن ورتي هئي.                                                       لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ

ڊاڪٽر غلام علي الانا، ص 384 – 385

فتح باغ. جُوڻ ۽ فتح باغ، ٻئي شهر هاڻوڪي ڦليليءَ جي انهيءَ حصي واري ڪَپ تي هئا، جيڪو هن وقت ريڻ درياهه جو ڦِٽو (ڍانڍو) سڏجي ٿو، ٻئي شهر هڪ ٻئي کان ٽن ڪوهن جي فاصلي تي هئا. جُوڻ ڪپهه جي واپار ڪري ۽ فتح باغ ميون کان مشهور هو، هتان ٺٽو ڇهن ميلن جي مفاصلي تي ٿيندو. همايون  بادشاهه جڏهن 940 هه ڌاري سنڌ ۾ آيو، تڏهن ٻئي شهر اوج تي هئا. هنن کي ريڻ درياهه جو پاڻي آباد ڪندو هو. هيءُ شهر مدد پٺاڻ 1780ع ڌاري لاڙ جي ٻين شهرن وانگي تباهه ڪري ڇڏيا (1).

فتح باغ ۽ جُوڻ جا شهر ڪڏهن سرسبز ۽ شاداب هئا، جن جي گواهي هيٺين چوڻيءَ مان ملي ٿي، جا (1521 – 1555ع) جي نثر جو لاثاني مثال آهي:

 

نِرت نورائي، نار نصرپور، ڦل فتح باغ،

هلو ڏسون جوڻ، جتي ڪپهه جو واپار   (2).
 

شاهه حسن ارغون جي تاريخ وفات:

چون شاهه حسن بادشهه – ارغوني
زين بحر برآمد چو در مکنوني
تاريخ وفاتش زخرد جستم گفت
 

دردا که برون رفت شهه ارغوني (962 هه).

ارغوني (1267) مان شهه (305) جا عدد ڪڍيا ويندا، ته حاصل 962 ٿيندو، جيڪو شاهه حسن جي وفات جو سال آهي. هيءَ تاريخ وفات روضته السلاطين (سنڌي ادبي بورڊ) جي شايع ٿيڻ کان پوءِ جناب پير حسام الدين راشديءَ (مواد التاريخ، ص 281) تان هٿ ڪري، سماهي مهراڻ 4 – 1968ع جي مضمون (سنڌ جي تاريخ جا چند واقعا) ۾ درج ڪئي آهي.

(1)  جنت سد، ص 385 – 394.

(2)  سنڌ جي نثر جي تاريخ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ص 6.

عربي ڳاهو. پوئين دور ۾ شاهه حسن جو ارغون ۽ ترخان اميرن سان سخت اختلاف پيدا ٿي پيو. ارغونن، ترخانن شاهه حسن کي بيمار سمجهي ۽ معذور تصور ڪري، کانئس ملڪي انتظام کسڻ ٿي گهريو، تنهن ڪري هن لاچار ٿي مقامي ماڻهن (سنڌين) تي اعتبار ڪري، انهن کي پنهنجي پشت پناهيءَ ۾ آڻڻ گهريو. سندس انهيءَ عمل کي مورخن سخت ننديو آهي، سو مقامي ماڻهن کي ذليل ۽ ڪميڻو شمار ڪندي، هن قسم جون عبارتون لکيون اٿئون:

اڪثر مردن اوباش و ارزال و اجلاف به محرميت و قرب او اختصاص يا فتند و مردم مغول و ارغون و ترخان و سائر ايماق از ملازمت او محرمم گرديده به منازل خود مي بودند – و ڪار مردم او باش روز بروز در ترقي بود – ازين معز مردم ارغون و ترخان مدتي حيرت زده درتهته مغعوم مي بودند.

ترخان نامه، ص 36 – 37.

غلامانه ذهن جا تصورات هميشه انهيءَ قسم جا ٿيندا آهن. ٻاهرين کي بالاتر، مقامين کي نا اهل، ارزال ۽ بيڪار سمجهيو ويندو آهي. عهدا ۽ اميريون ٻاهريون ماڻهن جو حق سمجهيا ويندا آهن ۽ ملڪي ماڻهن لاءِ غلاميءَ جي خواري، خجالت ۾ رهڻ مناسب خيال ڪيو ويندو آهي. بهرحال شاهه حسن ارغون پنهنجي قبيلي خواهه ترخانن ۽ مغلن جي مقابلي ۾، جڏهن ٺٽي جي اربابيءَ جو سوال آيو، ته هن هڪ مقامي ماڻهوءَ عربي ڳاهو کي، منتخب ڪيو ۽ حڪومت جي ٻيءَ  ڪاروبار هلائڻ لاءِ، اسماعيل ٻهاري کي مقرر ڪري، پاڻ پنهنجي علاج معالجي پويان وقت صرف ڪرڻ لڳو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org