اها تنگي مرزا باقيءَ تي ته ڇا، پر ڪيترن بزرگن تي به اچي چڪي
آهي، هن فقير (نسياني) پنهنجي وس آهر هر ڪا ڳالهه
ور ور ڪري ماڻهن جي واتان ٻڌي، پوءِ هتي درج پئي
ڪئي آهي، ٻيو ته هتي بيان ڪيل هر اها ڳالهه جنهن
جو ڪنهن سان لاڳاپو آهي ته ان جي واسطيدار مٽ مائٽ
وغيره کان پڇي پڪ ڪري پوءِ لکي وئي، اڳتي به ائين
ئي ڪرڻ ۾ ايندو. هن باري ۾ جيڪڏهن ڪٿي به ڪا گهٽ
وڌائي نظر اچي، ته اها اصل بيان ڪرڻ واري کان
سمجهي وڃي.
آءٌ ٽن پيڙهين کان ارغون ترخان گهراڻن سان لاڳاپو رکندو اچان
ٿو. مون کي هنن جي ننڍي وڏي هر ڪا ڳالهه چڱيءَ طرح
معلوم آهي. انهن ڳالهين جي آڌار تي ئي آئون هن
ڪتاب جي تياريءَ جو سوٺو سر تي کڻي چڪو آهيان.
ٻڌندڙن کي به عرض آهي، ته جيڪڏهن هتي بيان ڪيل
ڳالهين کان وڌيڪ وٽن ڪا ڳالهه هجي ته هن ڪتاب ۾
شامل ڪري ڇڏين، جو حاجتمندن جي باغ ۾ وڻ پوکڻ سان
ڦل کائڻ جي اميد رکي سگهجي ٿي.
مرزا باقي (جيئن مٿي بيان ٿي چڪو) پرائي ملڪ ۾ ڀٽڪندي (97) بکن
وگهي ڏاڍين ڏکيائن ۾ اچي ويو. هڪ رات سندس
ساٿيارين مان ڇتي جوليءَ ڪا ٻڪري ڪٿان چورائي
آندي، جنهن کي ڪُهي وڍي ٺاهي باهه تي پچائڻ لڳا،
ته ايتري ۾ ٻڪريءَ جو مالڪ به سندن پيرو کڻي اچي
اتي پهتو ۽ سڀني کي سڳ سوڌو اڳ ۾ ڪري، اتان جي
حاڪم کنگهار وٽ وٺي ويو.
کنگهار پريندي ئي مرزا باقيءَ کي سڃاڻي ورتو، سندس بڇڙا حال ڏسي
ڏاڍو افسوس ڪيائين. پوءِ سندس مدد ڪري، کيس عزت آب
سان پاڻ وٽ رهايائين، تنهن کان سواءِ ٻين ماڻهن به
مرزا باقيءَ جي چڱي دل جوئي ڪئي. صاحب نالي (1)
سمن جي چڱي مڙس، مَهري جاڙيجي پنهنجي ڌيءَ ٻائي
جاڙيجيءَ جو سڱ سندس نڪاح ۾ ڏنو، جنهن کان پوءِ
مرزا مظفر ڄائو، جيڪو هاڻ ڪڇ جي پاسي رهي ٿو.
مرزا باقي ڪيترا ڏينهن سمن ۾ رهي زماني جي رولڙن کان آجو ۽
آسائتو ٿيو ته سندس سهرو ڪڇ مان راجپوتن سمن جو
لشڪر سنبرائي، هن سان گڏجي سنڌ ۾ آيو. اهو ارادو
ڪري ته جيئن ترار جي زور تي مرزا عيسيٰ جي ماڻهن
کان بدين ۽ چاچڪان وارا علائقا کسي مرزا باقيءَ کي
ڏياري. هن اهو به سوچي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن مرزا
صالح انهيءَ ويڙهه ڌاري وچ ۾ ٽپي پيو ته ان سان
منهن ڏنو ويندو. اهڙيءَ ريت هن مرزا باقي جي مدد ۾
وسان ڪين گهٽايو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو ۽ مرزا
صالح هٿان، جنهن جو انهيءَ جنگ ۾ ٽپي پوڻ يقيني
هو، هار کائي ڏاڍي ڦڪائيءَ سان واپس هليو آيو
(98).
مرزا عيسيٰ ترخان جي جيئري ملڪ ۽ ملڪيت جي ڦڏي تان مرزا باقي ۽
مرزا صالح جي وچ ۾ جنگ لڳڻ
خدا جيستائين ڪنهن کي هيٺاهينءَ مان مٿاهينءَ تي نه ٿو آڻي،
تيستائين اُن کان ڪجهه به نه ٿو پڄي، ڇاڪاڻ ته هر
ڪنهن چڱي مُٺي جي قسمت جو فيصلو قادر جي هٿ ۾ آهي.
انهيءَ جي نوازش کان سواءِ ڪو به اگهو
(1) صاحب سمي نالي جاڙيجي قوم جي هڪ معزز فرد پنهنجي
نياڻي مرزا باقيءَ کي (نڪاح ۾) ڏني هئي جنهن مان
مظفر پيدا ٿيو. صاحب سمو سمن جي هڪ شاخ جو به نالو
آهي. مڪلي نامو ص
557.
(مترجم)
ڪڏهن سگهو نه ٿو ٿئي، جي اهو ڪنهن کي بچائڻ ٿو گهري ته ان کي ڪو
به ماري نه ٿو سگهي.
مرزا باقي آخر پاڻ ڪڇ جي راجپوتن جو لشڪر ساڻ ڪري وڏي ڏيل سان
ريڻ * (جُوڻ) رستي سنڌ ۾ داخل ٿيو. هوڏانهن مرزا
صالح به زخمي بگهڙ وانگي سندس ويري ٿيو ويٺو هو،
جيئن راجپوتن جي لشڪر جي ڏاهه پسيو، تيئن ان جي
مقابلي لاءِ ٺٽي مان مغلن جو لشڪر تيار ڪرايائين،
جنهن ۾ سندس پيءُ مرزا عيسيٰ جي ماڻهن سميت سنڌ
مان هن جا ٻيا ساٿياري به شامل هئا. آخر انهيءَ
هام سان جنگ جي ميدان ۾ ڌوڙيا وسايا ويا، ته ٻنهي
ڀائرن مان ڪنهن هڪ کي ضرور ڀاڳ ڀڙائيندو ۽ ڪو ته
ڪنهن تي سوڀارو ٿي رهندو!
جنگ شروع ٿي ته مغلن جي لشڪر اٿندي ئي ڪم ڪري ڏيکاريا. هوڏانهن
مرزا باقيءَ جي سپاهه ڪو خاص ٻوٽو ڪو نه ٻاريو.
نيٺ هٿين پئين لڙائي شروع ٿي وئي، ته به مغل سرسي
ڪندا رهيا. راجپوت پنهنجي ريت موجب گهوڙن تان لهي
پنهنجن سندرن جا پلاند هڪ ٻئي سان ٻڌي وڙهڻ لڳا ته
به ڪا غذا نه ڪيائون.
مغلن جي توبچين جيئن توبون ٿي ڇوڙيون ته ڌڌڪي تي راجپوتن جا ڪڇي
گهوڙا جن اڳ ۾ اهڙو لقاءُ گهٽ ڏٺو هو، پڇ پٽائي
ڀڄڻ لڳا. ويڙهه هلندي هڪڙي ڀيري مرزا باقيءَ جي
سُهري دل جهلي مرزا صالح تي وار ڪيو، سندس نيزو
گهوڙي جي زين مان پار ٿيندو وڃي مرزا صالح تائين
رسيو، پر هو زخمي ٿيندي به پاڻ بچائي، هن جي ٻئي
وار کان اڳ اُتان پاسيرو ٿي ويو.
مرزا باقي لاچار ٿي جاڙيجن سان گڏ سِر بچائي ميدان مان نڪري
ويو. جڏهن (99) ڪو آسرو نه ڏٺائين، ته پنهنجي
سُهري کان موڪلائيندي کيس چوڻ لڳو:
اوهان پنهنجي همت ۽ مڙسيءَ سان منهنجي چڱي مدد ڪئي، جنهن جي
اوهان کي آفرين هجي، اوکيءَ ويل پنهنجن عزيزن ۽
دوستن مان اها اميد رکي سگهجي ٿي. هاڻ پنهنجي الهه
واهي آهي، توهان کي به خدا جي حوالي ڪجي ٿو، پٺيان
گهر ٻار جي پارت هجيوَ، آءٌ هڪ ڀيرو بکر وڃي محمود
خان وٽان مدد وٺي وري اچي مرزا صالح جو مقابلو
ڪندس. ائين چئي بکر روانو ٿي ويو (1).
محمود خان اڳ ۾ ئي سڄي ماجرا معلوم ڪري چڪو هو، تنهن هوندي به
مرزا باقي زور ڪري ڪڇ جي راجپوتن جي سورهيائيءَ کي
ساراهڻ لڳو، انهيءَ خيال سان ته جيئن محمود خان به
جوش ۾ اچي ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي، پر هن کيس کُتو
جواب ڏنو، ته تنهنجي پيءُ مرزا عيسيٰ ۽ سندن وچ ۾
هڪ ٻئي جي علائقي تي چڙهائي نه ڪرڻ جو معاهدو ٿيل
آهي، جنهن موجب آءٌ تنهنجي ڪا به مدد ڪري نه ٿو
سگهان.
مرزا باقيءَ ڄاتو ٿي، ته هو کيس اهڙو ئي جواب ڏيندو، سو اڳواٽ
ئي سوال سوچي آيو هو. محمود خان کي چيائين، ته ڀلا
ٻيو ڪجهه نه، ته به آءٌ جنهن صورت ۾ توکي پنهنجي
پيءُ جي جاءِ تي سمجهي تو وٽ لنگهي آيو آهيان، ڪو
اهڙو رستو کڻي ٻڌاءِ، جو هن ڏوجهري کان جند ڇٽي
پوي، نه ته جيڪي ٿي چڪو آهي، تنهن جي شرمساريءَ
کان دل چوي ٿي، ته جيڪر پاڻ کي پورو ڪري ڇڏجي.
محمود خان اڳ پوءِ سوچيندي، هن کي اها صلاح ڏني، ته مون توکي
پنهنجو حال ٻڌائي ڇڏيو. تون ڪجهه وقت ترس، ته
حالتن جي ٺيڪ ٿيڻ تي آءٌ توکي اڪبر بادشاهه جي
درٻار ڏانهن اُماڻيندس، خدا ڪندو ته مڙئي سَڻائي
ٿي پوندي، تون پاڻهين ڏسندين ته ڇا ٿو ٿئي.
(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات
جيستائين آسمان جي گردش ڪجهه ڪري يا غيب جي پردي مان مشڪل آسان
ٿيڻ جو ڪو امڪان پيدا ٿئي، تيستائين ته ڪجهه به
ڪري نه ٿو سگهجي، مرزا باقي اهي ڳالهيون ٻڌي، هيڻ
دل ٿي پنهنجي هيڻي حال تي رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو.
کيس انهي اورا کورا اچي ورايو، ته هن کان پوءِ به
الاجي ڪهڙا ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پون. سندس پُٽ مرزا
مظفر کان نقل آهي، ته جڏهن اسان جي مرزا کي محمود
خان وٽان اهو جواب مليو، ته پاڻ اونڌي منجي ڪري
پئي رهيو ۽ رات ڏينهن انهيءَ جهوريءَ ۾ جهرڻ لڳو،
ته هي مصيبتون الائي ڪٿي پهچي دنگ ڪنديون.
انهن ڏينهن ۾ مل هندو جيڪو مرزا باقيءَ سان گڏ رهندو ٿو آيو، هڪ
ڏينهن قضا سان سانجهيءَ مهل (100) جهنگ جو خيال
ايندي درياهه جي ڪناري ڏانهن ٿي ويو، ته واٽ تي
مهاڻن جون ٻه زالون ڏٺائين، جيڪي جهنگ جي خيال سان
ٻوڙن ۾ ويٺيون ڳالهائي رهيون هيون. هڪڙي ٻيءَ کي
چوڻ لڳي: محمود خان اڄ نه سڀاڻي مرزا باقيءَ کي
اڪبر بادشاهه ڏانهن اُماڻڻ جا اجايا پَهه پيو
پچائي. هن ويچاري جو ته اوڏاهين داڻو پاڻي لکيل ئي
ڪونهي، جيڪڏهن ويو به ته سگهو پنهنجي مُلڪ موٽي
ايندو، ڇو ته سندس ڀاءُ مرزا صالح کي ڪالهه ٻنپهرن
جو مريد نالي هڪ بلوچ ديوان خاني ڏانهن ويندي قتل
ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته ان جي مائٽن کي هن قيد ۾
وجهي ڇڏيو هو، اجها ٿي اها خبر مرزا باقيءَ تائين
پهچي!
مل هندو جيڪي هنن جي واتان ٻڌو، تنهن سندس ڪپاٽ کولي ڇڏيا،
زالون اُتان اٿي هلڻ لڳيون، ته هيءُ به انهن جي
پويان هلندو، سندن گهر تائين آيو، جڏهن پَڪ ٿيس ته
اهي اتي ئي رهن ٿيون، ته سڌو مرزا باقيءَ وٽ وڃي
پهتو ۽ کيس سڄي ڳالهه ٻڌايائين. مرزا باقي ايڏو ته
حيران ٿي ويو، جو ان تي اعتبار نه ٿي آيس. چي،
ائين ٿيڻو ئي ناهي، جيستائين پاڻ اکين سان نه
ڏسجي، يا وري انهن زالن کي گهرائي اهو واقعو سندن
واتان نه ٻڌجي، ڇو ته جي حڪمت جي ڳالهه خود لقمان
حڪيم جي زباني ٻڌي ويندي، ته وڌيڪ مزو ايندو. نيٺ
مل هندو کيس پڪ ڏيارڻ لاءِ انهن زالن ڏانهن ويو ۽
کين چيائين، ته فلاڻي هنڌ اوهان جيڪي ڳالهيون ٿي
ڪيون، اهي مون ٻڌي ورتيون آهن، اها خوشخبري خود
مرزا باقيءَ کي ٻڌائي اٿم، جنهن تي خوش ته ڏاڍو
ٿيو آهي، پر (101) وري به سڄي حقيقت اوهان جي
زباني ٻڌڻ ٿو چاهي. جيڪڏهن اهي ڳالهيون برابر
سچيون آهن، ته بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي هلي مرزا
باقيءَ جي روبرو بيان ڪريو. هو اوهان کي چڱو انعام
ڏيندو، ان سان گڏ کين اها دلجاءِ به ڏنائين، ته
اهو راز فاش نه ڪيو ويندو. مرزا باقيءَ جو خيال
آهي ته جيڪڏهن ائين هجي، ته پوءِ سڀاڻي محمود خان
کان موڪل وٺڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏجي ۽ هن خبر جي
آسري تي ويهي رهجي. زالن پهريائين ته لنوائڻ جي
ڪئي ۽ دهمان ٻڌڻ لڳيون، ته اسان کي غيب جي ڪهڙي
خبر، تو هروڀرو اسان کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، پر
پوءِ هلڻ لاءِ تيار ٿيون ۽ مل هندو سان گڏجي مرزا
باقيءَ وٽ ويون، جنهن کي سڄي ڳالهه ٻڌائي چوڻ
لڳيون، ته اوهان اهو سڀ ڪجهه پنهنجي دل ۾ رکجو، ٽن
ڏينهن کان پوءِ اهو ئي ٿيندو، جيڪو اسان بيان ڪري
چڪيون آهيون، ثبوت لاءِ ٽئين ڏينهن وچينءَ جي نماز
مهل پاڻهين رت لڳل چولو اوهان وٽ پهچي ويندو.
مرزا باقيءَ ان ڏينهن کان پوءِ ٻيا ڪم ڇڏي، انهيءَ اوسيئڙي ۾
رهندو آيو، آخر ٽئين ڏينهن ساڳئي وقت تي سندس سڳي
ڀيڻ (جيڪا کيس گهڻو ڀائيندي هئي) قاصد هٿان مرزا
صالح جو رت لڳل چولو ڏياري موڪليس. هيءَ ڀيڻ هونئن
به هن جو گهڻو خيال رکندي هئي، ايڏي پريشاني ۽
دربدريءَ واري دور ۾ بندوقن جي ڪندا ڪن ۽ حويليءَ
ڏانهن موڪليل تيل جي دٻن کي خالي ڪري، انهن ۾
اشرفيون ۽ سون ڀري مرزا صالح ۽ مرزا عيسيٰ کان لِڪ
چوري هن ڏانهن موڪليندي ٿي رهي (103).
مرزا صالح جي قتل واري روئداد به هن ئي مرزا باقيءَ ڏانهن لکي
موڪلي هئي ته: بلوچ قوم مان مريد جت نالي هڪ شخص،
پنهنجي مائٽن جي وير وٺڻ لاءِ، جن کي مرزا صالح
لٽي ڦري قيد ڪري ڇڏيو هو، هن جي قتل جو قسم کڻي،
پنهنجي قوم ۽ قبيلي وارن اڳيان وڏي واڪي هام هڻندو
ٿي رهيو، ته جيستائين مرزا صالح کي ديوان خاني در
وٽ، ماڻهن جي ميڙ ۾ قتل نه ڪيو اٿم، تيستائين مٿي
تي پڳ ڪو نه ٻڌندس. انهيءَ نيت سان هو جهنگ ڇڏي
شهر ۾ آيو ۽ چرين وانگي گهٽين بازارين ۾ گهمندو ۽
وڦلندو ٿي وتيو. هن جي هٿ ۾ وڏي ڇُري هئي، جنهن کي
دڪانن جي دڪيءَ تي گسائي تکو ڪندو، ائين چوندو ٿي
رهيو: ها ڇُري ٻڌاءِ ڀلا ! منهنجو ڪم ڪندينءَ يا
نه؟ هان، اي دل! تون به همت ٻڌي مڙس ٿي رهجانءِ،
متان ڪانئرائپ ڪرين! مون اوهان جي ئي آسري تي هيڏن
سارن ماڻهن جي مُچي ۾، هن ڏکئي ۾ ڏکئي معرڪي سر
ڪرڻ جو سانباهو ڪيو آهي. هن جي اها وڦل سپاهين
توڙي شهرين سڀني ٿي ٻڌي ۽ ٻار چٻرا ڪڍي کيس
چيڙائيندا ٿي رهيا، هر ڪنهن ائين ٿي ڀانيو، ته ڪو
چريو کريو هوندو، پر اهو ڪو نه ٿي ڄاتائون، ته هي
چريو به پنهنجي ڪم ۾ هوشيار هو.
هڪ ڏينهن مرزا صالح، جيئن ديوان خاني وٽان گهوڙي تي سوار ٿي محل
ڏانهن وڃڻ لڳو، ته مريد وجهه وٺي ڇُري ڪاغذ ۾
ويڙهي، انصاف انصاف پُڪاريندو اڳتي وڌيو. مرزا
صالح جي چوبدارن جڏهن کانئس ڪاغذ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي،
ته هن ڪڙڪو ڪري چيو: آءٌ پاڻ ئي ٿو هي ڪاغذ سندس
هٿ ۾ ڏيان، اوهان پري ٿيو! مرزا صالح جنهن جي سر
تي اجل اچي چڪو هو، قاتل کي سڏي (103) ڪاغذ پيش
ڪرڻ لاءِ چيائين. هو جڏهن سندس ويجهو آيو، ته هڪدم
ڇُري ڪاغذ مان ڪڍي اندر جي باهه مان هڪل ڪري مرزا
صالح جي پيٽ ۾ وهائي ڪڍيائين، ته ٿڏي تي سندس آنڊا
ٻاهر نڪري آيا، نيراني جيڪا رٻ کاڌي هئائين، سا به
ٻاهر نڪري آيس. مرزا جي ماڻهن هن کي سوگهو جهلي
اُتي ئي پورو ڪري ڇڏيو (1).
مرزا عيسيٰ ترخان جو مرزا باقيءَ کي بکر مان گهرائڻ
دوستو! دنيا جي ڪنهن به شيءِ تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي! پنهنجي
آسائش ۽ حڪومت تي به وڏائي ڪرڻ اجائي آهي، ڇو ته
اسان هن زماني جي حاڪمن کي محڪم ۽ طاقت وارن کي
ڪمزور ٿيندي ٻڌندا ۽ ڏسندا اچون ٿا. پنهنجي
بيڪسيءَ تي پڻ هيانءُ نه هارڻ کپي. خدا جڏهن به
چاهي، ته کن پل ۾ ڏک سکن ۾ بدلائي سگهي ٿو. جيئن
هنن ٻنهي ڀائرن مرزا صالح ۽ مرزا باقيءَ جي حال ۽
مثال مان ظاهر ٿي چڪو آهي.
ٿورن ڏينهن اندر مرزا صالح جي قتل واري ڳالهه هر هنڌ هُلي وئي.
مرزا عيسيٰ پنهنجي پٽ مرزا باقيءَ کي پاڻ پٽ
گهرائڻ لاءِ محمود خان کي لکي موڪليو، ته انهيءَ
کي ٻئي ڪنهن پاسي دربدر ٿيڻ بدران هيڏانهن روانو
ڪيو وڃي. ساڳئي وقت مرزا باقيءَ کي به لکيائين، ته
آءٌ تو جهڙي يوسف پٽ جي ديدار لاءِ حضرت يعقوب
جهڙي پيءُ وانگي بيتاب آهيان (94)، هاڻ بنا ڪنهن
دير جي هيڏانهن هليو اچ! تنهنجو بگهڙ جهڙو ڀاءُ
(مرزا صالح) نيٺ انهيءَ کوهه ۾ وڃي پيو، جيڪو ٻين
جي لاءِ کوٽيو هئائين. هن وقت تو سڀاڳي پٽ جو دور
آهي. آءٌ هونئن به ٻڍڙو ٿي چڪو آهيان، هي ملڪ جنهن
جي حڪمراني تو کي ئي سونهي ٿي، تنهنجي حوالي ڪري
ڇڏيم، تون ئي ٻين کان وڌيڪ ان جو حقدار آهين:
(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات
جيڪڏهن مٿي ۾ ميٽ پيل هجئي ته هتي اچي ڌوءُ!
جيڪڏهن ڪجهه چوڻو اٿئي، ته به هتي اچي چئو!
مرزا باقيءَ کي جڏهن اها خوشخبري ملي، ته ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيو.
محمود خان به جيڪي پڳو سو انسانيت ۽ مردانگي سان
پورو ڪري مرزا باقيءَ کي بکر جي سرحد تان ٽپائي،
وڏي شان مان سان سندس پيءُ ڏانهن روانو ڪيائين. هي
زماني جو ستايل پنهنجي مراد موجب سڄو پنڌ جهاڳي
پنهنجي پيءُ وٽ اچي پهتو، جنهن سندس ڦٽن تي مرهم
رکيو. پيءُ جي هوندي پاڻ حڪومت ۾ اهڙو هٿ وڌائين،
جو ڄڻ ته ملڪ جو دارومدار ئي مٿس هو. هر ڪنهن کي
پنهنجي سياڻپ ۽ ماڻهپي سان پنهنجو ڪندو ويو. پر
ارغون اهڙائي نٺر رهيا، جهڙا اڳ ۾ هئا. هنن اڃا
تائين مرزا شاهه حسن جي خزاني جي پچار ٿي ڪئي ۽ ان
جا پٽڻ پٽيندا ٿي رهيا. ان لاءِ هر وقت اها تاڙ
ڪندا ٿي آيا، ته ترخانن ۾ ڪو ڦيٽاڙو پوي (105)،
جيئن سندن حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، پاڻ ملڪ جا
مالڪ بڻجي وڃن، انهيءَ ئي ڪروڌ ۾ اٿندي ويهندي،
مرزا عيسيٰ سان پڻ گوڙ وڳوڙ ڪندا ٿي رهيا، پر هن
مڙئي ٿي هنن کي ٽارڻ جي ڪئي ۽ حڪومت ۾ ڪو رخنو
وجهڻ نه ٿي ڏنائين. هنن ۾ جيڪي چونڊ وڳوڙي هئا، تن
کي اٽڪل سان حڪومت کان الڳ ڪري ڇڏيو هئائين، ته به
ٺاپر ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي آئي.
فرنگين جي ٺٽي تي چڙهائي، شهر ساڙڻ ۽ ڦُرلُٽ مچائڻ *
مرزا باقي پنهنجي پيءُ جي آڀل ۾ پنهنجون پاڙون پختيون ڪري ويو،
کيس چڱي مٺي جي حال ۽ چال جي پوري پروڙ هئي. دل ۾
سوچ ڪيائين ته ڇو
* ڏسو حواشي ۽ تعليقات
نه هن پوڙهي شينهن (مرزا عيسيٰ) جي جيئري ئي محمود خان سان
سرحدن جو نبيرو ڪيو وڃي، متان سڀاڻي سندس فوت ٿيڻ
کان پوءِ ارغون وجهه وٺي محمود خان سان ملي ملڪ ۾
ڪو مهيلوڙ نه مچائي وجهن! نيٺ سندس صلاح سان مرزا
عيسيٰ پنهنجي عمر جي پڇاڙيءَ 973 هه ۾ مرزا باقيءَ
سان گڏجي بکر روانو ٿيو. هي ٻئي جڏهن درٻيلي پر
ڳڻي ۾ پهتا ته محمود خان خبر ملڻ تي بکر واري قلعي
کي سوگهو ڪري، پنهنجو لشڪر هنن ڏانهن چاڙهي
موڪليو. کين چوايائين ته اوهان آخر ڪهڙي نيت سان
معاهدو ٽوڙي هيڏانهن چڙهائي ڪري آيا آهيو؟ مرزا
باقيءَ جو ارادو هو، ته درٻيلي وارو پرڳڻو، بکر
سرڪار کان کسي، سيوهڻ جي سرڪار ۾ شامل ڪيو وڃي، پر
ائين ٿيڻ مشڪل هو، ڇو ته هن پاسي محمود خان جو
لشڪر وڌيڪ طاقتور هو. نيٺ ٻئي ڌريون جنگ لاءِ تيار
ٿي ويون.
اوچتي هنن کي خبر ملي، ته فرنگي لاهري بندر ٽپي ٺٽي پهتا (1)،
اوهان کي جلد واپس اچڻ کپي. جيڪڏهن نه ته حريف زور
آهي (106)، پاڻ اچي ساڻس منهن ڏيو. اها خبر ٻڌي هي
اڳتي ڪو نه وڌيا ۽ سرحد جو جهڳڙو ڇڏي، هڪدم پويان
پير ڪيائون. هنن جي پهچڻ کان اڳ فرنگين سڄي شهر کي
لُٽي ڦري، باهيون ڏئي ڪيئي ماڻهو قتل ڪري ڇڏيا،
ڪيترا شهري ڀڄي وڃي مير فرخ ارغون جي جامع مسجد ۾
لڪي ويهي رهيا، جڏهن مرزا جي اچڻ جي خبر ٻڌائون
تڏهن ٻاهر آيا.
فرنگين جي اچڻ جو واقعو هن ريت هو ته: ٺٽي ۽ لاهري بندر جي وچ
تي خشڪي ۽ درياهي رستي ٻن ڏينهن جي پنڌ جو فاصلو
ٿيندو. ان کان پوءِ سمنڊ تائين هڪ منزل ٿيندي.
اتان نار نالي هڪ سوڙهو واهه نڪري بندر تائين اچي
(1) ڏسو حوالا ۽ متعلقات
(2) ڏسو حواشي ۽ تعليقات
ٿو، جنهن جي ڊيگهه ڪٿي ڏهه طناب (3) ته ڪٿي وڌيڪ ٿيندي، پر
انهيءَ واهه جي اونهائي گهڻي آهي. درياهه جي وچاڳ
(سون مياڻي) ۾ ٻي ڪا به آبادي ناهي. اتي مير بندر
جي چوڪي آهي، جنهن ۾ هڪڙي توب تيار رکي وڃي ٿي.
جڏهن ڪا به ٻيڙي سمنڊ مان اچي ان واهه تائين پهچي
ٿي ته توب ڇوڙي ٿي وڃي، جنهن مان چوڪيدارن کي خبر
پوي ٿي ته سمنڊ مان ٻيڙي واهه ۾ داخل ٿي رهي آهي.
جواب ۾ هيڏانهن به توب ڇٽي ٿي، جنهن جو آواز بندر
تائين پهچي ٿو ۽ اها ڄاڻ پوي ٿي ته نئين ٻيڙي اچي
رهي آهي، پوءِ سڄو تفصيل ٺٽي جي سوداگرن ڏانهن
موڪلي چوڪيدار پاڻ ننڍين ٻيڙين ۾ چڙهي، نار جي
منهن وٽ پهچي جاچ ٿا ڪن ته اها ٻيڙي ڪنهن جي آهي.
جنهن جي به ٻيڙي هوندي، ان جي ڄاڻ ٻين واسطيدارن
ڏانهن پهچائيندا، جيڪي وري (107) غوراب ۾ چڙهي،
سڌو اتي هليا ايندا. پوءِ جيڪڏهن ٻيڙي پنهنجي بندر
جي هوندي ته ان کي نار ۾ لاهي لاهري بندر تي لنگر
هڻائيندا، پر جي ٻئي ڪنهن بندر جي هوندي ته ان کي
اتي ترسائي، سڄو سامان غوراب ۾ ڀري شهر ڏانهن
آڻيندا.
جڏهن فرنگي انهيءَ رستي سان هن پاسي آيا، کين خبر پئي ته ملڪ جو
والي گهڻو پري نڪري ويو آهي، پويان ڪو به اهڙو
مضبوط ماڻهو موجود ڪونهي، جيڪو منهن ڏئي سگهي ۽
جيئن اڳتي وڌيا ته مير بندر هنن کي روڪڻ جي ڪئي،
پر فرنگين وٽس ماڻهن جو زور نه ڏسي، جواب ڏنو ته
اسان کي بندر تي ترسڻو نه آهي، جن غورابن تي آيا
آهيون، انهن سوڌا ٺٽي هليا وينداسين، جتان گهمي
ڦري خريداري ڪري وري اجهو ٿا واپس اچون، جيڪو
محصول مڙو هوندو سو اتي ڏئي ڇڏينداسين.
(3) طناب زمين جي ماپ ڪرڻ لاءِ سِڻيءَ مان وٽيل سٺ وال
ڊگهي توڙي جيڪا اڪبر جي زماني ۾ رائج هئي. آئين
اڪبري ابو الفضل ج 2 ص 5، 6 .
(مترجم)
بندر وارا هنن جي اڳيان ايڏو سَت نه ساري مجبوريءَ کان ماٺ ٿي
ويا، هي بندر مان لنگهي، پنهنجا غوراب مٺي پاڻيءَ
مان هڪالي، ٺٽي ڏانهن ڌوڪيندا ويا. واٽ تي جيڪا به
آبادي ڏٺائون، تنهن ۾ ڦُرلُٽ مچائي ڏنائون. ملڪ ته
اڳئي نڌڻڪو هو، ان ڪري ڪنهن کي به هنن جي اڳ جهلڻ
جي سگهه ڪا نه ٿي ۽ هي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي شهر ۾
ڪاهي پيا.
مرزا جو جيڪو لشڪر ٺٽي ۾ رهيل هو، تنهن هيڪر مڙسي ڪري درياهه جا
پاسا جهليا، پر پوءِ (108) پُڄي نه سگهيو. هنن
(فرنگين) کي جيئن وڻيو، تيئن هاڃا ڪري ڇڏيائون،
جڏهن پتو پين، ته ملڪ جو مالڪ زور آور لشڪر سان
بکر کان موٽ کائي اچي رسيو آهي، ته لُٽ ڦُر جو
سامان غورابن ۾ هڻي ويندا رهيا (1). مرزا جيتوڻيڪ
هن کان اڳ ارغونن جي خطري سبب قلعي کي مضبوط ڪرائي
ڇڏيو هو، ته به هاڻ وڌيڪ خطرو سمجهي، پنهنجي حويلي
۽ شهر جي چوڌاري وڏو ڪوٽ ڏياري ڇڏيائين. جڏهن سندس
عمر جا پويان ڏينهن آيا، ته 984 هه ۾ حڪومت مرزا
باقيءَ جي آسري ڇڏي الهه واهي ڪيائين (2).
مرزا باقي ۽ ترخان گهراڻي جو تفصيلي احوال
جڏهن آسمان جو چرخو ڦِريو ۽ سنڌ سان گڏ سنڌ وارن تي به ڏکيا
ڏينهن اچي ويا. مرزا عيسيٰ ترخان جيڪو دادگر، دين
پرور ۽ جنت آشياني همايون
(1) اصل ۾ مرزا عيسيٰ پاڻ ئي پورچو گيزن کي دعوت ڏئي
پنهنجي مدد لاءِ گهرايو هو. محترم مولائي شيدائي
لکي ٿو: سلطان محمود (بکر جي حاڪم) خلاف مرزا
عيسيٰ پورچوگيز حاڪم کان مدد گهري هئي. سندس غير
حاضريءَ ۾ پورچو گيزن جو ٻيڙو (1555ع) ڌاري لاهري
بندر کان ٺٽي پهچي ويو. جنت سنڌ ص 406.
(مترجم)
(2) ڏسو حواشي ۽ تعليقات
بادشاهه جو نمڪ خوار، سپهه سالار ۽ رعيت نواز هو، حڪومت جو تختو
ڇڏي تابوت جي تختي ۾ ويو. مرزا باقيءَ جي مرضي ٿي،
ته پراڻي رسم موجب پاڻ ائين حڪومت جو تخت ماڻي، جو
ملڪ جا مڙئي ننڍيرا توڙي وڏيرا کيس پنهنجو اڳواڻ
مڃي ماٺ ڪري ويهي رهن.
ڪيترا ارغون، جيڪي اڳ ۾ ئي پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿي وري وڳوڙ ۾
منهن وجهندا ٿي رهيا، ان ڳالهه تي زور ڏيڻ لڳا، ته
ملڪ جي حڪومت توڙي ملڪيت سندن ئي ميراث آهي، جيڪا
پنهنجن رڳڙن جي ڪري مرزا باقيءَ جي پيءُ مرزا
عيسيٰ وٽ امانت رکي هئائون (109). هو جيئن ته سڀني
جو وڏو ۽ وڏيءَ ڳڻ ڳوت وارو هو، تنهن ڪري پاڻ
هروڀرو بيحيائيءَ تي چڙهي، پنهنجي امانت ان کان
واپس وٺڻ نه ٿي چاهيائون، پر اها ريت مرزا باقيءَ
سان رکڻ نه ٿا گهرون. اسان پنهنجي برادريءَ مان
جنهن کي به لائق سمجهيو، اها امانت ان جي حوالي
ڪنداسون.
اهي ڳالهيون ڪندي، مرزا باقيءَ کان پڇڻ لڳا: هاڻ تون پاڻ ئي
انصاف ڪر ته اسين جيڪي چئون ٿا، سو برابر آهي يا
نه؟ جيڪڏهن اسان سچا آهيون، ته توکي سنئين سڌي
جواب کان ڪيٻائڻ نه گهرجي، پر جي تون اسان کي ڪوڙو
ٿو سمجهين، ته پوءِ اسان تي به ڪا ميار ناهي!
مرزا باقي اهي ڳالهيون ٻڌي، عقلمند ۽ تجربيڪار هوندي به منجهي
پيو. سندس دل گواهي ڏيڻ لڳي، ته هي جيڪي ڪجهه چئي
رهيا آهن، سو برابر سچ آهي. اصل ۾ ملڪ انهن جي
ميراث هو، پر هاڻ ڪا اهڙي ٽل ڪرڻ گهرجي، جيئن ملڪ
۽ ملڪيت، ٻئي پنهنجي هٿ ۾ رهن. آخر وڏي سوچ کان
پوءِ هنن کي پاڻ وٽ گهرائي چيائين: اوهان جو سوال
بلڪل صحيح آهي، ايتري قدر جو انهيءَ جي لاءِ ڪنهن
به جواب جي جاءِ ناهي، پر توهان پاڻ ويچار ڪريو ته
اسان کي هن مان مرتبي تي اوهان ئي رسائي چڪا آهيو
ته پوءِ وري ڪيئن ٿا اسان کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش
ڪريو؟ اهي تڪرار ڪنهن به صورت ۾ ٺيڪ نه آهن. اسان
جو والد (مرزا عيسيٰ) به اوهان جي پرهه مان هو،
آءٌ به اوهان مان آهيان ۽ اها اميد پيو ڪريان ته
جي پنهنجي والد جي گادي وسايم ته اوهان کي پهتل
سڀني نقصانن جي تلافي ڪري ڇڏيندس. هن ملڪ ۽ سموري
ملڪيت جا مالڪ اوهان ئي آهيو، ڀلي جنهن کي وڻيو
تنهن کي ڏئي ڇڏجو! آءٌ ڪا به اڙي يا اڙانگوڙي ڪا
نه ڪندس، پر مون کي پڪ آهي ته اوهان جيئن منهنجي
پيءُ کي حڪومت جي گاديءَ تي ويهاري (110)، پنهنجو
حاڪم بڻايو هو، تيئن مون سان به اهڙو ساٿ ڏئي
پنهنجي چڱمڙسي موکيندا، مون کي هر حال ۾ اوهان جي
آڀل جي ضرورت آهي. جيڪو خزانو منهنجي پيءُ پاڻ وٽ
رکي ڇڏيو هو، سو حاضر ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پوءِ
جيڪا به اوهان جي مرضي ۽ صلاح ٿي تيئن ڪري رهجو!
جيڪر مون کي به انهيءَ صلاح مشوري ۾ شامل ڪندا، ته
اوهان جي وڏي مهرباني ٿيندي. آءٌ چاهيان ٿو ته اهو
خزانو اوهان جي ئي هٿان سڀني ڀائرن ۾ ورهايو وڃي.
شهر جا جيڪي چڱا مڙس سيد علي شيرازي، شيخ عبدالوهاب پوراني ۽
ٻيا اُتي موجود هئا، تن کي به مرزا باقي ستوهه
ڀريو، ته ارغونن کي سمجهايو ته حڪومت کي مضبوط
بڻائڻ ۾ مددگار ٿين، جيئن هي ملڪ پنهنجي هٿن مان
نڪري نه وڃي. ڪي ارغون مرزا باقيءَ جي انهيءَ مڪر
فريب ۾ اچي مٿس ترس ڪري ماٺ ٿي ويا، ته هي ويچارو
واقعي پنهنجو خير خواهه آهي، ته ڪي ڪروڌ ۾ اچي
چوندا رهيا، ته اسان پنهنجي وڏن جي ميراث ڪنهن ٻئي
جي حوالي ڪرڻ لاءِ هرگز تيار نه آهيون.
مرزا باقيءَ جڏهن ڏٺو ته هاڻ هنن جون هڪ مان ٻه ڌريون ٿي چڪيون
آهن
۽ ڪو به ڪنهن سان نه ٿو ٻَڌجي، تڏهن سندن نفاق کي
غنيمت سمجهي، پنهنجن نَون پراڻن ۽ ننڍن وڏن موافقن
کي چوڻ لڳو: خدا جو شڪر آهي جو وري به حڪومت جي
واڳ اسان جي ئي هٿن ۾ آئي.
ارغونن مان جيڪي هن سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا هئا، تن کي (111)
ڳُجهيءَ طرح ملڪ ۾ خزاني جي ورهاست جو عهدنامو لکي
ڏياري موڪليائين، جنهن ۾ اها ڳالهه به هئي، ته
اوهان جهڙي مڙسي ڪري، منهنجي مرحوم پيءُ جو سندس
حياتيءَ ۾ ساٿ پي ڏنو، تيئن منهنجي مدد به ڪندا
رهندا. انهيءَ عهدنامي ملڻ کان پوءِ ارغونن مان
ڪيئي ناميارا هن جي طرفداري ۾ اچي ويا ۽ جيڪي هن
سان نه ٿي ٺهيا، تن کي توڻي تپائي ڏنائين. آخر اهي
خوار خراب ٿي، ڪنهن پاسي وڃي ماٺ ڪري ويهي رهيا.
مرزا باقيءَ پنهنجي خواهش موجب جيئن گهريو ٿي، تيئن حڪومت جي
گادي هٿ ڪيائين ۽ پنهنجي ڀاڳ سڀاڳ سان پيءُ جو
جانشين بڻيو. هن ارغونن جون اکيون ڏسي ڇڏيو هيون.
ان ڪري پنهنجي ماڻهن ۽ خاص ملازمن کي نوازڻ شروع
ڪيائين. انهن مان قاضي خميسي، ڇتي جولي ۽ مل هندو
کي اهڙي تربيت ڏنائين، جو پنهنجي ناقابلي ۽ ڪم
عقليءَ جي هوندي به (جن مان ڪن جو بيان اڳتي اچڻو
آهي) ڏاڍا هوشيار ٿي پيا. هي پاڻ انهي اَت ڀَو کان
ارغونن کي اک ۾ رکندو ٿي آيو، جو هن کي دل ۾ اهو
وسي چڪو هو، ته اهي موقع ملڻ تي سندس سر وڃائڻ ۾
ڪا ويرم نه وجهندا ۽ واقعي هنن جو اهو ئي ارادو
هو. جيتوڻيڪ مرزا مرحوم جو اڃا تائين مرزا شاهه
حسن ارغون جيڏو ادب ۽ لحاظ ڪندا ٿي آيا، تڏهن به
ٻيائيءَ کان سواءِ رهي نه ٿي سگهيا، بلڪ مرزا
باقيءَ کي ڄاڻي ٻُجهي پاڻ کان بنهه گهٽ سمجهڻ ٿي
لڳا، ايتري قدر جو گهوڙن سوڌا ديوان خاني ۾ ڌوڪي
اچي اتي رڪيب مان پير ڪڍي، ساڻس گڏ مسند تي اچي ٿي
ويٺا، ته ڪڏهن شراب پي کيس منهن تي گارگند ٿي
ڏنائون ۽ (112) اها بڪ ٿي ڪيائون، ته مرزا شاهه
حسن جو خزانو اسان کي ورهائي ڏي. پاڻ هر روز ڪا نه
ڪا اٽڪل ڪري هنن بيوقوف بهادرن کي ڏٽي پتي ۾
رهائيندو ٿي آيو، پر سندس ساهه انهيءَ پکيءَ وانگي
ٿي سُڪيو، جيڪو باز جي ڀَو کان آکيري ۾ لڪي ويٺو
هوندو آهي. انهيءَ آزار کان دل ۾ رٿي ڇڏيائين، ته
ڪنهن نه ڪنهن طرح هنن جو ٻوٽو گار ڪرڻ کپي.
مرزا باقيءَ جو ارغونن کي فريب سان قتل ڪرائڻ
مرزا باقيءَ جي تخت نشيني کان پوءِ، ارغون هوريان ڏاڍيان پاڻ ۾
ٻَڌي ڪري، مٿس لشڪر چاڙهي آيا ۽ کيس ڌمڪايائون ته
جيڪڏهن مرزا شاهه حسن جو خزانو اسان جي حوالي ڪرين
ٿو ته واهه نه ته اڄ توکي ڌرتيءَ داخل ٿيڻو پوندو.
جڏهن هنن جي انهيءَ ارڏائيءَ آڏو ڪو حيلو بهانو
هلندو نه ڏٺائين، ته اٽڪل ڪري کانئن مهلت گهري
وعدو ڪيائين، ته فلاڻي ڏينهن سڄو خزانو اوهان کي
ورهائي ڏنو ويندو.
ارغونن سان جنهن ڏينهن جو وعدو ڪيل هو، تنهن ڏينهن مرزا باقيءَ
پنهنجي خاص ماڻهن حبش خان، شيرنگ خان، ملا صالح ۽
ٻين کي سمجهائي تيار ڪري ڇڏيو، ته اوهان مان هر ڪو
ٻه چار بهادر ۽ آزمودي گار جنگي جوان ساڻ ڪري
تهخاني ۾ وڃي لڪي ويهي رهي ۽ قاضي خميسو الڳ
پنهنجو ڪٽڪ وٺي ديوان خاني ۾ موجود هجي. اهو
انتظام ڪري پاڻ وڃي ديوان خاني جي انهيءَ ڇڄهريءَ
هيٺان بيٺو، جتان ماڻهن کان سلامي وٺندو هو. جڏهن
سڀ ڪجهه ٺيڪ ڏسي دلجاءِ ڪيائين، ته واڪو ڪري
خزانچين کي چوڻ لڳو: خزاني جون سڀئي پيتيون (113)
ڪڍي اچو، انهن ۾ جيڪو اڇو ڪارو مال (سون چاندي)
موجود آهي، هڪ ٻئي مٿان دڙو ڪري ڇڏيو!
پوءِ ارغون جيئن اچي ڪانڀ ڪڍي ويٺا، ته انهن ڏانهن منهن ڪري
چيائين: اوهان جو جهيڙو ختم ڪرڻ لاءِ مون خزاني
تان دل کڻي ڇڏي، جنهن جي ڪري ڀائرن سان دشمني ڪرڻي
ٿي پوي، هاڻ سڀئي ننڍا وڏا مِڙي اچو ته اهو خزانو
(جنهن اوهان ۽ اسان ۾ دشمني پيدا ڪئي آهي) ورهايو
وڃي.
اهو سڏ ٻڌي اَجل رسيل ارغون، مال ميڙڻ جي هٻڇ ۾ چور ٿي پنهنجن
ويسن وڳن ۾ ٻهڪندا ۽ ڪڇي گهوڙا ڪُڏائيندا، قاضي
خميسي وٽ اچي ديوان خاني ۾ گڏ ٿيا. مرزا باقي مٿان
ڇڄهريءَ مان اهو تماشو ڏسندو ۽ مشڪندو رهيو، دل ۾
پئي چيائين اجهو ٿي سندن عاقبت پڌري ٿئي.
جڏهن سڀئي ارغون هڪڙي هنڌ ڪٺا ٿي چڪا ته مرزا باقيءَ مٿان چوائي
موڪليو: هن وقت جڏهن اوهان سڀئي هتي اچي گڏ ٿيا
آهيو ۽ خزاني جي ورهاست ۾ به ڪا دير ناهي ته آءٌ
اڪيلي سر هتي ويٺو آهيان، توهان به مٿي هليا اچو،
جيئن خزاني ورهائڻ کان پوءِ قسم ساک تي هڪ ٻئي سان
عهد انجام ڪريون ته آئندي اسان سڀئي هڪ ٻئي جا
ڀائر ٿي رهنداسين.
ارغون پنهنجي سُڀاءُ موجب آڪڙ ۾ ڦونڊجي مرزا باقي کي هيچ سمجهي
۽ هيڪل ڏسي، ائين مٿي چڙهي ويا ڄڻ چو ته هڪيا تڪيا
غسل خاني ڏانهن ٿي ويا، جڏهن مرزا باقيءَ اڳيان
ڪُنرو ڪري ويٺا ته وري چوڻ لڳو: مون پاڻ کي اڪيلو
۽ بي وسيلو ڄاڻي خزاني تان ارواح کڻي ڇڏيو آهي
(114)، جيڪڏهن اوهان وانگي منهنجا ڪي سڳا ڀائر هجن
ها ته خدا جو سُنهن آءٌ ڪنهن کي به ڪاري پائي نه
ڏيان ها. هن مهل هي خزانو ورهائي اوهان کي پنهنجو
ڀاءُ بڻائڻ ٿو چاهيان. پاڻ چڱيءَ طرح اهو ڄاڻي
سگهو ٿا ته هي ڏينهن به ڪهڙو نه سدورو ۽ سڀاڳو
ڏينهن آهي، هيءَ زر وري اهڙي ندوري، نڀاڳي شيءِ
آهي، جو پيءُ کي پٽ سان ته ڀاءُ کي ڀاءُ سان
ويڙهائيندي دير نه ٿي ڪري! اهو خيال ايندي منهنجو
ساهه مُٺ ۾ اچي ٿو وڃي، سو توهان جي اجازت سان آءٌ
هتان اُٿي وڃي پرڀرو ٿو ويهان، متان گوڙ گهمسان ۾
مون تي ڪا مصيبت نه نازل ٿئي! اهو چئي پاڻ اٿيو ۽
نوڪرن چاڪرن کي سڏ ڪيائين ته خزاني جي ورهاست شروع
ڪئي وڃي. هنن اڃا پيتين جا تالا مس کوليا ۽ سون
ٻاهر نڪتو ئي ڪو نه ته اڳواٽ ٿيل منصوبي مطابق
جنگي جوان تهخاني مان نڪري نروار ٿيا. پوءِ جيئن
مرزا باقيءَ کين حڪم ڏئي ڇڏيو هو، تيئن ارغونن جو
اهڙو ڪوس شروع ٿي ويو جو ڪو هڪڙو به منجهائن سلامت
ڪو نه رهيو. پڇاڙيءَ هنن جي حويلين ڏانهن ماڻهو
ڇڏيا ويا، جن سندن بُڻ ٻچو باقي نه ڇڏيو (110).
ائين کن پل ۾ ارغونن جو خاتمو ٿي ويو. جيڪي بچيا
اهي ڀاڄڙ ۾ پئجي وڃي درياهه ۾ ٻڏي مئا، اڃا به
جيڪو رهجي ويو، تنهن کي ماڻهن واٽ ويندي ماري
ڇڏيو. ڪي وري هندستان پاسي جلاوطن ٿي گجرات ۽ ٻين
علائقن ڏانهن نڪري ويا. شاهه قاسم ارغون ۽ علي
شير ارغون سميجن ۾ وڃي پناهي ٿيا. غرض ته اهڙي ڪا
به مصيبت نه هئي، جيڪا ارغونن جي سر تي نه آئي.
علي شير جي پُٽ کان درياهي ارغون جي زباني اها
دردشا ٻڌڻ ۾ آئي ته انهيءَ ڪهرام ۾ گهر کان بي گهر
ٿيڻ وارن عزيزن جا آخر اهي حال وڃي ٿيا جو ويچارن
کي نه ته کائڻ لاءِ ڪٿان ڪجهه ٿي مليو نه وري اوڍڻ
لاءِ ڪو اوڇڻ تي هٿ آين. وٽن ڏٻري گهوڙي، ڪٽ کاڌل
ترار، پراڻي مياڻ ۽ ڇڳل ڇنل ڪمان کان سواءِ ڪا
موڙي ئي ڪا نه رهي هئي. شهر ڇڏي جهنگ ۾ شڪار ڪندا
۽ پيٽ پاليندا ٿي رهيا. سندن ٻار ٻچا هڪ پاسي، ته
پاڻ ٻئي پاسي رُلي پني حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪرڻ
لڳا.
مرزا باقيءَ جو پنهنجي ماڻهن کي نوازڻ
مرزا باقي پنهنجي مرضيءَ موجب ارغونن کي ماري مڃائي ۽ گهر کان
بي گهر ڪري، نيٺ سک جو ساهه کنيو. جنهن اُلڪي سندس
حياتي حرام ڪري ڇڏي هئي ۽ کاڌو پيتو وساري ڇڏيو
هئائين، تنهن کان مس وڃي جند آجي ٿيس. انهيءَ
فراغت کان پوءِ پنهنجي خاص ماڻهن جي تربيت ڏانهن
توجهه ڏنائين (116). هر هڪ کي ارغونن جي خالي ٿيل
جاءِ تي رکي عهدا ڏئي دلجاءِ ڪري ويٺو. خسرو چرڪس
جيڪو سندس پيءُ مرزا عيسيٰ جو پٽيلو هو ۽ جنهن کي
ڏاڍي چاهه سان مُلا جاني (1) بندري وٽان هٿ ڪري،
پنهنجو مقرب بنايو هئائين تنهن کي پرڳڻن جي
عملداري ملي وئي.
قاضي خميسي کي جيڪو اَڙيءَ اُڌيءَ سندس ساٿ ڏيندو ٿي
آيو، پنهنجي حضور جو امير خان (ڪُل تي حڪم
هلائيندڙ) ڪري رکيائين. هي پوءِ انهي اوج تي وڃي
رسيو، جو ڪيئي هزار پيادا ۽ سوار سندس حڪم ۾ رهڻ
لڳا. وٽس هڪ ئي رنگ وارن ڪيترن گهوڙن جا ڪيئي
طنبيلا هوندا هئا، جن ۾ انهن جون عراقي، ڪڇي،
ترڪي، تازي، زهري ۽ ڪوهي جنسون موجود هونديون
هيون. ايڏي اوج هوندي به سندس اخلاقي حالت اها هئي
جو هڪ ڏينهن شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ سيد علي
شيرازي، ڪن ٻين بزرگن سان گڏجي هن جي جاءِ تي ويا،
ته بنا ڪنهن آڌرڀاءُ جي کين ٽوڪيندي چوڻ لڳو: اچو
مُلؤ! ڪيئن آيا آهيو؟ اها بي مروتي هنن ڀلارن کي
ڏاڍي ڏکي لڳي ۽ پنهنجي اچڻ تي پشيمان ٿيڻ لڳا.
قاضي نعمت الله جيڪو هنن مان تمام تيز طبيعت وارو
هو اها بي عزتي سهي نه سگهيو، هڪدم چئي ڏنائينس،
ته قاضي! سلامت هجين
(1) ڏسو حوالا ۽ متعلقات
(117). اسان کي مهرباني ڪري مُلا جي معنيٰ ته ٻڌاءِ؟ جيڪڏهن
سوال جو پورو جواب مليو، ته اسان کي ڏاڍو فائدو
رسندو! هو (قاضي خميسو) جيئن ته اهڙين عقل وارين
ڳالهين جي لائق ئي نه هو ۽ ڪنهن به شيءِ جي پرک
پروڙ نه هيس، جواب ڏيندي چيائين: اسان اڻ پڙهيل
آهيون، جيڪڏهن توهان کي پنهنجي سوال جو جواب نه
مليو، ته ڪا اربع خطا ناهي، آءٌ ته خود اوهان کان
سوال پڇڻ چاهيان ٿو، جنهن جو جواب اوهان سڀني کي
ڏيڻو پوندو. هنن وراڻيو ڏاڍو چڱو، اها ته پاڻ اسان
لاءِ وڏي سعادت ٿيندي. سندن خيال هو ته هي ضرور ڪو
علمي، عقلي بحث ڪندو، جيڪو اسان جي سمجهه ۾ اچي
سگهندو ۽ اهو بحث به هن جي ئي عقل مطابق هوندو.
جڏهن سڀئي سندس سوال ڏانهن ڌيان ڏيڻ لڳا، ته هن
پنهنجي آڱر سان زمين تي اِڻ ونگڻ ليڪا پائي کانئن
پڇيو: ٻڌايو ته هي ڇا آهي؟ سڀئي عقلمند ۽ عالم
سندس اهڙي حماقت ڀرئي ڪارنامي تي وائڙا ٿي، هڪ ٻئي
جي منهن ڏانهن نهارڻ لڳا. نيٺ هن کي چيائون، ته
اسان هيءَ عمر علم جي تحصيل ۾ آندي آهي، پر تو
جهڙو ڪامل ۽ قابل استاد گڏيو ئي ڪو نه هو، نه وري
هن سوال جو جواب ڏيڻ وارو ڪو سياڻو سمجهو ڪٿي
سُجهي ٿو! هاڻ تون پاڻ ئي استادي ڪري خدا جي ڏني
مان اسان کي ڪجهه سمجهاءِ، جيئن چيو اٿن ته:
جيستائين ٻڍڙو ٿئين، تيستائين ڪجهه نه ڪجهه سکندو
رهه. قاضي خميسي ٻوڪڙ ڪندي چيو: اڙي مُلؤ! هيءَ
ماني جي شڪل آهي ...
شيخ سعدي سچ چيو آهي ته:
ڪميڻي کي جڏهن ڀاڳ لڳي ٿو، ته عقل وارا به لاچار ٿي ان جون بي
عقليءَ واريون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ تيار ٿا ٿين.
هن جو اهو جواب ٻڌي سڀئي کيس آفرين چوڻ لڳا، ته هي نه ته عقل جو
کيڏو آهي، نه وري ان کي ڪو علم چئي سگهجي ٿو، بلڪ
سئون سڌو معجزو آهي !! ان کان پوءِ کيس چيائون، ته
جيڪڏهن اڃا به ڪو ٻيو ڪمال اوهان کي ايندو هجي، ته
اهو به ڪري ڏيکاريو، جيئن اسان ان مان به ڪجهه
پرائڻ جهڙا ٿيون. قاضي خميسي وري آڱر زمين تي ڦيري
هڪ شڪل ٺاهي ۽ هنن کي چيائين: هي ته ان کان به
سوَلي شيءِ آهي. هو وري ساڳي حرڪت ڏسي حيران ٿيا،
پر پاڻ سنڀالي جواب ڏنائون: اسان علم هيئت، حڪمت،
رياضي، ڪيميا، ريما، سيميا، توحيد ۽ تسخير سڀ پڙهي
چڪا آهيون، پر هن جهڙي ئي شڪل ڪٿي به ڏسڻ ۾ ڪا نه
آئي، شڪ ناهي ته هي ڪو غيب جو علم آهي، هڪ دفعو
ٻيهر عنايت فرمائي ٻڌايو، ته هي ڇا آهي، جيئن اسان
اهو فيض به حاصل ڪري ڇڏيون. قاضي خميسي رعبدار
آواز ۾ چيو: اوهان هيستائين ڍڳي جو پيشاب به ڪو نه
ڏٺو آهي؟ هنن وراڻيو: اجهو هاڻ ڏٺوسين! ائين چئي
اٿڻ لڳا، ته قاضي خميسي ڦِڪائيءَ مان معافي وٺي،
کانئن اچڻ جو ڪارڻ پڇيو، پوءِ جنهن ڪم سان آيا
هئا، اهو پورو ڪري وڏي عزت سان کين وڃڻ ڏنائين. |