سنڌ جي تاريخ (تاريخ معصومي) تاليف مير محمد معصوم بکري (1009
هه) ۽ بيگلارنامه تاليف ادراڪي بيگلاري (1017 هه)
کان پوءِ هيءَ (تاريخ طاهري) سنڌ جي تاريخ تي ٽيون
ماخذ آهي، جنهن کي يارهين صدي هجريءَ جي شروعات ۾
قلمبند ڪيو ويو.
مڪليءَ جي مقام ۾ مولف (مرحوم) جي مزار جي پيڙاهين ڦرهيءَ تي
جيڪا عبارت اُڪريل آهي، ان جي پڙهڻ مان پتو پوي ٿو
ته مير طاهر محمد سال 1051 هه ڌاري فوت ٿيو هو:
سندس پويان اڃا تائين ٺٽي ۾ موجود آهن.
سنڌ يونيورسٽي
نبي بخش بلوچ
حيدرآباد
مترجم جو مهاڳ
تازه خواهي داشتن گر داغهاي سينه را
گاه گاهي باز خوان اين قصاي پارينه را
تاريخ بهرحال تاريخ آهي، جنهن کي پنهنجي افاديت جي اعتبار کان
ادب جي هر صنف تي ترجيح ڏني وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان ۾
گذريل دور جي انسان ۽ ان جي زمان مڪان جي صحيح
تصوير چٽيل هوندي آهي. علامه ”نياز“ فتح پوري چوي
ٿو: ادب مان مراد صرف شاعري يا افسانه نويسي نه
آهي، بلڪ هڪ قوم جو اهو ڪارنامو، جيڪو تحريري مواد
جي صورت ۾ اڳين وٽان پوين جي لاءِ ڇڏيل هجي، جنهن
مان ان قوم جي عروج ۽ زوال واري داستان جو اڀياس
ڪري سگهجي. آءٌ سمجهان ٿو ان باري ۾ تاريخ کي
اوليت حاصل ڪري.
تاريخ طاهري هڪ اهڙي دور سان تعلق رکي ٿي، جنهن ۾
هڪ ئي مسلڪ جا دعويدار ساڳئي مسلڪ وارن کي پنهنجي
اقتدار جي هوس جو هدف بڻائي مٿن آپيشاهيءَ واري
حڪومت مڙهي ٿا ڇڏين ۽ تاريخ نويسن جي مهربانيءَ
سان ان پراڻي روايت کي هٿي ملي ٿي، ته هڪڙي طبقي
جي جنگ ٻئي طبقي جي عاقبت سڌارڻ لاءِ ضروري تصور
ڪرڻ کپي – حالانڪ تاريخ ۾ اهڙي قسم جي هر ڪا جنگ
طاقتور طبقي طرفان ڪمزور طبقي کي غلام بنائڻ لاءِ
لڙي وئي آهي؛ پر اسان جا تاريخ نويس ان حالت ۾
جڏهن هڪڙي درٻار جا منصبدار، ته ٻي دربار جي احسان
جا اميدوار رهندا ٿي آيا، تنهنڪري انهن کي وقت جي
رائج ڪيل روايت ڪيئن به ڪري برقرار رکڻي هئي.
سنڌيءَ ۾ هن کان اڳ تاريخ طاهري جو انتخاب شايع ٿيو هو جنهن جي
خبر چار ڏيندي پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو:
سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب تاريخ طاهري جيڪو اصل مير
طاهر محمد نسياني سترهين صديءَ (1621ع) ڌاري
فارسيءَ ۾ لکيو هو، ان جو نچوڙ خان بهادر محمد
صديق ميمڻ ”انتخاب تاريخ طاهري“ جي نالي 1928ع ۾
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد جي پاران ڇپرايو
هو. تاريخ طاهريءَ جو اهو انتخاب خان بهادر محمد
صديق ميمڻ حقيقت ۾ سرهنري ايلئيٽ جي انگريزي ڪتاب
”هسٽري آف انڊيا“ تان ترجمو ڪيو هو. سنڌي نثر جي
تاريخ (ص 335)، اڄڪلهه اهو انتخاب اڻلڀ ٿي چڪو
آهي.
مغربي تاريخ نويسن کي جڏهن پنهنجي سرڪار جي درٻار جو حق نمڪ ياد
آيو، ته ان جي بقا لاءِ مشرقي تاريخ نويسن جي قائم
ڪيل روايت جي بنياد تي اها ئي تاريخ ترتيب ڏيئي ان
تي
(As Told by its Own Historians) جو ليبل چنبڙائي ڇڏيائون، جيئن سَنَد رهي ۽
ضرورت مهل ڪم اچي سگهي.
مولانا حسين احمد مدني پنهنجي سوانح ۾ لکيو آهي: انگريزن
هندستان اندر فرقيوار ڇڪتاڻ وسيلي پنهنجي اقتدار
کي محڪم رکڻ لاءِ جيڪي حيلا هلايا هئا، تن جو ثبوت
سر جان ميلڪم جي بيان مان ملي ٿو، جنهن جو چوڻ آهي
ته: هندستان جي هيڏي وڏي ملڪ ۽ اسان جي غير معمولي
قسم جي حڪومت جو انحصار انهيءَ اهم معاملي تي آهي
ته اسان جي عملداريءَ ۾ جيڪي به رعيتي راڄ آهن، تن
کي جدا جدا ٽڪرن يعني مختلف ذاتين، قومن ۽ فرقن ۾
تقسيم ڪيو وڃي. ان لاءِ جيستائين اهي سڀئي هڪ ٻئي
کان وٿيرڪا هوندا، تيستائين اسان جي خلاف ڪا بغاوت
اُڀري نه سگهندي ۽ اسان نهايت آرام ۽ اطمينان سان
هنن تي حڪومت هلائيندا رهنداسين.
انهيءَ مقصد لاءِ اهڙيون تاريخون لکرايون ويون، جيڪي ماڻهن جي
ذهن ۾ فتور پيدا ڪري سگهن. انهن مان مشهور تاريخ
سر هنري ايلئيٽ جي تاريخ هند ”هسٽري آف انڊيا“
آهي. سرهنري ايلئيٽ هندستان ۾ ڪيترن سرڪاري عهدن
تي رهي چڪو هو، پڇاڙيءَ ۾ هندستان سرڪار جي پر
ڏيهي کاتي جو سيڪريٽري ٿيو. سندس لکيل ڪتاب تاريخ
هند جو پهريون ڀاڱو 1749ع ۾ شايع ٿيو. انگريزن جي
حڪومت پاران، ان جا ديسي ٻولين ۾ ترجما ڪرائي، عام
اسڪولن ۾ پڙهائڻ لاءِ رکيا ويا، جنهن جي ذريعي
هتان جي ماڻهن ۾ باهمي نفاق، نفرت، عصبيت ۽ عداوت
جو ٻج ڇٽيو ويو. نقش حيات جلد پهريون (ص 299).
اهڙيءَ ريت سيد محمد الحسيني لکي ٿو: سرهنري ايلئيٽ جنهن جو اٺن
جلدن ۾ لکيل ضخيم ڪتاب تاريخ هند گذريل مُني صديءَ
کان ننڍين وڏين تاريخن جو ماخذ رهندو اچي ٿو، تنهن
اوائل ۾ انگريز سرڪار کي لکيو هو، ته جيڪڏهن
منهنجو ترتيب ڏنل ڪتاب ”تاريخ هند“ شايع ڪيو ويو،
ته هندستان جون سموريون قومي تحريڪون ازخود پوين
پساهن ۾ اچي وينديون (سيرت مولانا محمد علي).
ايتري تفصيل پيش ڪرڻ جي باوجود ان جو مطلب اهو
ناهي، جيڪو عام طرح سان سمجهڻ گهرجي. هر ڳالهه جا
ٻه پهلو ٿين ٿا، ٻنهي ۾ آولايون سولايون هونديون
آهن، اهو پڙهندڙ تي ڇڏيل آهي، ته انهن مان ڪهڙو
نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو.
اسان جي ڪيترن مورخن تاريخ طاهري بابت پنهنجا خيال ظاهر ڪيا
آهن، جن مان مرحوم مولائي شيدائي ۽ سيد سليمان
ندوي به آهي. سيد صاحب لکيو آهي: تاريخ طاهري جي
مولف گهڻو ڪري افسانا ۽ داستان قلمبند ڪيا آهن.
عرب و هندڪي تعلقات (ص 365). جواب ۾ مولائي شيدائي
لکي ٿو: ان لاءِ تاريخ طاهري تي ڪو به ڏوهه مڙهي
نه ٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته جنهن زماني ۾ اها تاريخ لکي
وئي، تنهن زماني جا مورخ لوڪ روايتن کان ئي روشني
وٺندا هئا، جنت سنڌ (ص 323). حيرت جي ڳالهه آهي ته
جنهن ڪتاب ”تاريخ طاهري“ کي سيد سليمان ندوي جهڙو
عالم ۽ مورخ خيالي افسانن ۽ داستانن تائين محدود
سمجهي ٿو، ان مان (مشرق جي ٻين تاريخن سميت) مغربي
مورخن کي ايڏو مواد ملي ٿو وڃي، جو هو ان کي
انگريزي شاهيءَ جي مستقل مفاد کي مستحڪم رکڻ لاءِ،
پوري اعتماد سان استعمال ڪري، پنهنجو ڪم ڪڍي سگهن
ٿا. اسان کي سيد صاحب جي انهيءَ خيال مان به دال ۾
ڪجهه ڪارو نظر اچي ٿو والله اعلم!
ان باري ۾ جناب پير حسام الدين راشديءَ جي راءِ وڏو وزن رکي ٿي
ته: جيتوڻيڪ تاريخ طاهريءَ جون عبارتون ڪٿي ڪٿي
ضميرن جي ڦير گهير سبب ڏاڍيون منجهيل آهن، تنهن
هوندي به واقعات جي لحاظ کان ان جي اهميت غير
معمولي آهي، ڇو ته ان ۾ مرزا باقيءَ جي خودڪشي،
خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ جي جنگ کان وٺي، مرزا
غازي بيگ جي قنڌار واري دور ۽ وفات جي معاملي ۾
ڪيترين ڳالهين ۽ اکين ڏٺن احوالن جي وضاحت ڪيل آهي
۽ اهي ڳالهيون ڪنهن ٻيءَ تاريخ ۾ ڪو نه آيون آهن.
مرزا غازي بيگ ترخان اور اسڪي بزم ادب (ص 286 –
287).
انهيءَ سان گڏ جيڪڏهن تاريخ طاهريءَ تي وڌيڪ ويچار ڪيو ويندو ته
اهي حقيقتون به واضح ٿي وينديون ته تاريخ طاهري
اصل ڪهڙي مقصد سان قلمبند ڪئي وئي، سومرن جي
تباهيءَ جا اصل ڪارڻ دلوراءِ جي ڪارنامن کان سواءِ
ڪي ٻيا به هئا: سمن ڪيئن ارغونن هٿان شڪست کاڌي:
مغل سلطنت سنڌ سان ڪهڙا ڀال ڀلايا ۽ ورهين تائين
سنڌين تي ڇا وهيو واپريو! تاريخ طاهري، مغل سلطنت
جي توسيع پسنديءَ واري اصول کي تقويت پهچائڻ لاءِ
لکي وئي، جنهن ۾ مولف جي ذاتي مفاد جي حصول جي
ڪوشش به شامل هئي. سومرن ورهين جا ورهيه سنڌ تي
حڪومت ڪئي. انهيءَ وچ ۾ کانئن ڪيئي حصا وڌيڪ ۽
تمام وڏيون طاقتون ساڻن چڪريون ڏينديون آيون پر هي
وڏي دانائيءَ ۽ دليريءَ سان انهن جو مقابلو ڪندا
آيا. پڇاڙيءَ ۾ به غزنوين جهڙن ارڏن حڪمرانن سان
بغاوت ڪري پنهنجي جند سان گڏ سنڌ کي به آجو
ڪرايائون، پر جڏهن انهن سورمن جي پوين جو پيٽ
ڀريو، تڏهن پاڻ جهڙي سگهاري ۽ سدائين ساٿ ڏيڻ واري
سمن جي محب وطن قبيلي سان ڦٽائي، پنهنجو تختو
اونڌو ڪرائي ڇڏيائون.
سمن ڄام نندي ۽ دريا خان تائين هر معاملي ۽ مرحلي
تي چڱو پاڻ ملهايو. پر ڄام فيروز جهڙي عياش ۽ نا
عاقبت انديش هٿ وٺي پنهنجو ٻيڙو ٻوڙائي ڇڏيو. هن
پنهنجي نادان دوستن جي گمراهه ڪندڙ صحبتن ۾ دانا
دشمن لاءِ راهه هموار ڪئي. نتيجي ۾ کيس اگهاڙين
پيرن پنهنجو ملڪ ڇڏڻو پيو ۽ سنڌ جون سڌون ڪندي
ائين مغلن هٿان مارجي ويو، جو پورو ڪفن به نصيب ڪو
نه ٿيس. پاڻ کي ته ماريائين پر پنهنجي حمائتي
(سلطان بهادر گجراتي) جو به سر ڪٽايائين. بابر،
همايون ۽ اڪبر، هن ملڪ ۽ ماڻهن کي بيگناهيءَ جون
جيڪي سزائون ڏنيون، تن جي نتيجي ۾ صدين تائين ساوا
وڻ سڪي ويا. بابر قنڌار مان ارغون کي تڙي اهڙو
المناڪ سبب پيدا ڪيو جو هتان جي ماڻهن جي زندگي
زهر ٿي وئي. همايون شير شاهه سوريءَ کان هار کائي
جڏهن شاهي لشڪر سان هن ملڪ تي آسماني آفت ٿي اچي
ڪڙڪيو، ته سندس لشڪرين ٻه ٽي سال سانده مرن وانگي
مڇرجي سڄي سنڌ ڀيلي ناس ڪئي، انهيءَ رولڙي ۾ اڪبر
هتي پيدا ٿيو، جنهن سامائيندي اهي سنگ ڪڍيا جو
سندس ئي جنم ڀومي سورن ۾ اچي وئي. سرهي کهي ڪسر
وري ارغونن ۽ ترخانن پوري ڪري ڇڏي.
منهنجي خيال موجب مٿين ڳالهين جي روشنيءَ ۾ تاريخ طاهري هڪ اهم
تاريخي دستاويز آهي، جنهن جو مطالعو ڪندي هر
معاملي ۽ مسئلي جي منظر توڙي پس منظر مان ڪيئي
معنائتا سوال اسان جي ذهن ۾ اُڀري اچن ٿا، انهيءَ
اهميت کي ڌيان ۾ رکندي ڪوشش ڪري ترجمي جون سڀئي
تقاضائون پوريون ڪيون ويون آهن. وڌيڪ کوٽ جي،
حواشي ۽ تعليقات جي پويان حوالا ۽ متعقات ڏئي،
پورائي ڪيل آهي. ان کان مٿي بار کڻڻ جي سگهه
پنهنجي قلم توڙي ڪتاب ۾ ڪا نه هئي، ان ڪري
ايستائين دنگ ڪرڻو پيو.
نياز
همايوني
2 نومبر 1980ع
حيدرآباد سنڌ
مصنف جو مهاڳ
انهيءَ سونهاري جي ساراهه، جيڪو پاڻ سهڻو آهي ۽ سونهن کي پسند
ڪري ٿو. اهڙي اهڃاڻ سان هو هڪ پاسي انهن سهڻن کي
حال وارن مَٿان حڪم هلائڻ لاءِ سونهن ۽ سيبتائيءَ
جي گاديءَ تي ويهاري ٿو، جيڪي پنهنجي سونهن جي ساک
سان ورهه ويچاريندڙن کي وصل جي واٽ ۾ نيزاريءَ سان
نروار ڪري مٿاهين ماڳ تي پهچائين ٿا، ته ٻئي پاسي
پاڻ انهن پرت جي پانڌيئڙن کي، جيڪي سدائين ڪنهن
ڳالهه جي ڳولا ۾ رهندا ٿا اچن، پنهنجي ڳانڍاپي
واري ڳاراڻي ۾ حال کان بي حال ڪري سڌير ۾ آڻي، وري
بي سُڌ بڻائي ڇڏي ٿو:
اُهو ئي آهي، جيڪو سهڻن جو مانُ وڌائي ٿو
اُهو ئي آهي، جيڪو گلزارن ۾ رنگينون اُپائي ٿو.
جيڪڏهن هو سهڻن کي مانائتو نه ڪري ها
ته ويچارن عشق وارن جو ٻيڙو ڪيئن تري ها.
جيڪڏهن پاڻ، باغن، بهارن ۾ گل پيدا نه ڪري ها
ته پرهه ڦٽيءَ جو ڪير بربلين جا داستان ٻڌي ها.
بتخاني ۾ بتن کي، ان کان ئي رونق مليل آهي
مسجد توڙي مندر ۾ سندس ئي سڄو راز رکيل آهي. (1)
(1) ڇپيل نسخي ۾ اهل عدل لکيل هو، حالانڪ قلمي مسودي ۾،
اهل حال لکيل آهي، ان ڪري اهو ئي قائم رکيو
ويو.
(مترجم)
اهو يگانو، جنهن جي اڪيلي پاڪ ذات اُڀ ۽ ڌرتي اُپائيندڙ پڻ انهن
کي زينت بخشيندڙ آهي، اهو فرزانو، جيڪو پنهنجي
مشتاقن کي وحدت جي جام مان محبت جي مئي پياري
مستيءَ ۾ ٿو آڻي، اهو هادي جيڪو پنهنجي هدايت سان
جاهلن ۽ گمراهن کي خجالت جي اوڙاهه مان ڪڍي منزل
مقصود ڏانهن رهوار ڪري ٿو، اهو قادر، جيڪو پنهنجي
قدرت سان ماءُ جي رحم (ڳڀيرڻ) ۾ چئن عنصرن جي خمير
مان عجيب شڪليون ۽ هاٺيون پيدا ڪري، منجهن روح
ڦوڪي کين عدم منجهان وجود ۾ آڻي ٿو. اهو حڪيم،
جنهن جي حڪمت اڳيان زماني جي حڪيمن جون حڪمتون ڪا
حيثيت نه ٿيون رکن، نه وري دنيا جي دانشمندن جو
ذهن ۽ خيال ان جي رُتبي ۽ بزرگيءَ تائين ڪا رسائي
ڪري سگهي. اهو داناءُ، جنهن کان ڪنهن ننڍي وڏي،
چڱي مَٺي ۽ ڏنگي سِڌي جو ڪو به راز لڪل نه ٿو رهي.
اهو ڄاڻو جيڪو پولار کان پاتال تائين اَڇي ڪاري،
هيکلي نويڪلي مهلي ڪُمهلي ۽ اورين پَرين جي سڄي
ڄاڻ رکي ٿو، اهو ڏسندڙ، جيڪو غيب جي پردي مان بنا
ڪنهن ظاهري ديد جي ڪائنات جي (2) سموري مخلوق جي
احوال کان آگاهه رهي ٿو:
خدا کي جيتوڻيڪ تو مون وانگي اکيون ڪين آهن
تڏهن به ان کان ڪا ڳالهه ڳجهي رهي نه ٿي سگهي.
هو اکين کان سواءِ ئي سڀ ڪجهه ڏسندو رهي ٿو
۽ ڳالهائڻ کان اڳ، هر ڳالهه سمجهي وٺي ٿو.
هن کي نه زبان آهي نه اکيون نه وري ڪن آهن
تنهن هوندي به ڏسي ۽ ٻڌي ٿو پر تو ليکي ڄڻ ماٺ آهي
اهو قهار، جنهن جي قهر کان ڪيئي ڪِويسر هڪ ئي اشاري سان هوش مان
نڪري، تخت تان اُٿل کائي تحت الثريٰ ۾ وڃي ٿا پون،
اهو بخشڻهار جيڪو ڏُتڙيل، ڀٽڪيل، اُڀاڳن نڀاڳن،
عيبدارن، گنهگارن ۽ بدڪردارن کي پنهنجي ٻاجهه
سٻاجهه سان سڀ ڪجهه معاف ڪري ٿو ڇڏي، اهو ڪريم،
جيڪو پنهنجي مهر ڪرم سان ڏڏن کي نوازي، پنهنجي
پرائي، آياڻي سياڻي، متئي بي متئي کي لاڀ ۽ ڀاڳ
ڀيڙو ڪري ٿو:
هيءَ ڌرتي ڄڻ ان جو دسترخوان آهي
خلق تي هن خالق جا اڪيچار احسان آهن
هن جي مهربانين سان هر ڪو فائدو وٺي ٿو
ايتري قدر جو شيطان به کانئس نراس نه آهي
بيحساب درود پيدائش واري بحر جي يگاني گوهر، ڏات ۽ ڏاهپ وارن
آسمانن جي سڀاڳي سج، ساهه جي سرور، اکين وارن جي
اکين جي نور، سُمجهائيءَ جي سَر چشمي، پيغمبر، خير
البشر، نبين جي سرتاج، حق جي حبيب، مراد پڄائيندڙ،
حاجت روا ڪندڙ ۽ قيامت جي ڏينهن پار اُڪائيندڙ
حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي ذات
بابرڪات تي (3):
جيڪو زمين توڙي زماني جو ضامن آهي
سُڄاڻ ماڻهن جي اکين جي ماڻڪي آهي
انهيءَ لاءِ ئي سارو جهان پيدا ڪيو ويو
اهو ئي مغز، باقي مڙئي کل سمان آهي
صَلواتون ان جي پوين تي، جيڪي شريعت جي ملڪ جا
مالڪ، نبوت جي ڏيهه جا والي، دين جي ولايت جا وارث
مجلس جا مُهندار، عزت ۽ اڳواڻيءَ ۾ ڀلئون ڀل، آڀرن
جي اَڀل، انسان عين ۽ عين انسان، جيڪي ڏوهين کي
توبهه جو ڏُڍُ ڏيندڙ، مايوسن جي مدد ڪندڙ ۽
ڀٽڪندڙن کي پنارو ڏياريندڙ آهن. انهن مان هر هڪ جو
نالو بنا ڪنهن بيان ۽ ترجمان جي پڌرو آهي. انهن کي
ئي پيشوائي، ڪشور ڪُشائي، مٿاهن تي مٿڀرائي ۽
مظلومن جي پٺڀرائي سونپيل رهي آهي.
رحمتون، ان جي ڀلارن صحابن تي، جيڪي شريعت جي اڏاوت جا ٿنڀا،
طريقت جي ڇت جا ڀرجهلا، حقيقت جي هدايت جا هادي،
معرفت واري معرڪي جا مَهدي، رسالت جي چمن کي تازگي
رسائيندڙ، ڪفر جو ٻوٽو گار ڪندڙ ۽ گمراهيءَ جي پاڙ
پٽندڙ آهن. انهن جي ئي جَتن ۽ جُهد سان اڄ سوڌو
اسلام جو اساس ۽ دين جو بنياد هنڌين ماڳين مضبوط ۽
محڪم رهندو اچي ٿو:
شريعت واري ڇت ۾ ڪو به جهول پَوڻو ناهي
جيڪڏهن ان جا چارئي ٿنڀا پڪا پختا آهن
جيڪي هڪ ئي گهر ۾ رهندڙ ۽ گڏ اُٿڻ ويهڻ وارا هجن
تن کي ڪڏهن به هڪ ٻئي کان الڳ ليکي نه ٿو سگهجي
صحابن جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي وٿِي ڪانهي
اها سُڌ تڏهن پوندي جڏهن اندر مان مير ڪڍيو ويندو (4)
”عام دستور مطابق صحابن جو هڪ ٻئي پٺيان ۽ خاص ترتيب سان بيان،
انهيءَ لاءِ نه ڪيو ويو ته جيئن تعصب جو امڪان
باقي نه رهي.“ |