وانگي مشهور معروف ٿيو. 1 هه مير علي شير قانع جي لکيل شڪر
الاهي خاندان جي نسب نامي ۾ مير موصوف جي نسب جو
سلسلو هن ريت ملي ٿو: مير ظهير الدين عرف جادم بن
سيد قاضي شڪر الله بن سيد وجهه الدين سيد نعمت
الله بن سيد عرب شاهه بن امير نسيم الدين محمد
معروف بن مير ميرڪ شاهه بن امير عطاء الله جمال
الدين محدث بن فضل الله بن عبدالله الحسيني دشتڪي
شيرازي.
اهو زهر کيس پنهنجي خادمن ڏنو. مير علي شير قانع لکي ٿو ته
ڀائيخان ولد خسرو خان نمڪ حرامائي ڪري عبد اللطيف
(*) نالي هڪ گهرو غلام هٿان، ڪي چون ٿا گهٽا ڏيئي،
ڪن جو چوڻ آهي، ته زهر ڏئي هن (مرزا غازي بيگ) کي
مارايو (1). مولف به هتي ص . . . تي وضاحت ڪئي
آهي، ته مرزا غازي بيگ کي زهر ڏئي ماريو ويو هو.
سندس وفات جي تاريخ: برڪشيدند ڪينه و دادند زهر قاتلش 1021.
(دادند زهر قاتلش
=
1106 جنهن مان 85 ڪينه لاءِ ڪڍيا وڃن) مان نڪري
اچي ٿي.
مير علي شير قانع مقالات الشعراء ۾ لکيو آهي ته 1021 هه ۾ مرزا
غازي بيگ کي زهر ڏنو ويو (2). سندس وفات جي تاريخ
جي قطعات ۾ نسياني جي اها ڳجهارت پڌري ڪندي وڌيڪ
لکي ٿو، ته ٻئي شاعر به سندس وفات جي تاريخ هن ريت
لکي هئي.
(1) تحفته الڪرام فارسي جلد 3، ص 193 – 195.
(2) مقالات الشعراء قانع ص 385 ۽ تحفته الڪرام فارسي جلد 3، ص
87.
از دست غلام گل برون رفت دريخ (1).
انهيءَ مصرعي مان پڻ 1021 (غلام
=
1071 جنهن مان 50 گل لاءِ ڪڍيا
وڃن) ته مرزا غازي بيگ جي وفات جي تاريخ نڪري
ايندي.
بيگلارنامي وارو اڪيلو مولف آهي، جنهن مرزا غازي بيگ جي وفات جي
تاريخ مهيني ۽ سال سميت هن ريت لکي آهي: تاريخ 11
صفر 1021 هه (2).
ٺٽي ديبل بندر ۽ ساموئي نگر، تاريخي لحاظ کان ٺٽو، ديبل بندر ۽
ساموئي، اهي ٽئي الڳ الڳ شهر آهن. ديبل بندر، جيڪو
سنڌ جو آڳاٽو بندر هو، 93 هه ۾ ڌارين مان سڀ کان
اول محمد بن قاسم قبضي هيٺ آندو. اهو ديبل بندر
تاريخي اُهڃاڻ ۽ آثار قديمه وارن جي کوجنا موجب
ڪراچيءَ کان پنجٽيهه ميل ڏکڻ – اوڀر پاسي، ڀنڀور
جي نالي دڙن دڪن جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن کي
ديبل سڏي سگهجي ٿو (3).
ساموئي کي سمن اٺين صدي هجريءَ ۾ آباد ڪيو، جنهن جا نشان ٺٽي
کان ٽي ميل پرتي، اُتر طرف مڪليءَ جي ٽڪريءَ جي
هيٺالي ۾ موجود آهن. ٺٽو به ستين صدي هجريءَ جي
پڇاڙيءَ يا اٺين صدي هجريءَ جي پهرئين اڌ ۾ هڪ
ديهه وانگي وجود ۾ آيو، جنهن کي اڳتي هلي سمن ڄامن
پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو، جيڪو اڃان تائين آباد
آهي.
مصنف تاريخي سلسلي جي ڪري ٺٽي کي ديبل ۽ ساموئي وارو ماڳ ليکيو
آهي، جيئن هن کان اڳ هڪ عبارت ۾ تاريخ سنڌ يعني
ديبل
(1)
مقالات الشعراء.
(2)
بيگلارنامه، سنڌي ادبي بورڊ، ص 21.
(3) ديبل جي باري ۾ ڏسو ڊاڪٽر بلوچ جو مقالو اسلامڪ ڪلچر
حيدرآباد دکن، جولاءِ 1952ع واري پرچي ۾.
بندر ليکي چڪو آهي، جنهن مان تاريخي تاويل ڏانهن اشارو ڪيل آهي،
پر حقيقت ائين ناهي.
اٺن هستين: (1) شاهه بيگ ارغون، (2) مرزا شاهه حسن ارغون، (3)
محمود خان ڪوڪلتاش بکر جو حاڪم (4) مرزا عيسيٰ
ترخان ٺٽي جو حاڪم (5) مرزا محمد باقي (6) مرزا
پائنده محمد ترخان (7) مرزا جاني بيگ ۽ (8) مرزا
غازي بيگ.
عاقل ، فاضل، عادل. مرزا شاهه محمد بيگ عادل خان مصنف جو مربي.
هي ڪتاب ڏهن طبقن (ڀاڱن)، تاريخ طاهريءَ جا جيڪي به قلمي نسخا
(1) دستياب آهن، تن ۾ ڪتاب جا چار يا پنج حصا طبقن
جي عنوان سان ملن ٿا. هي ڇپيل متن، جيڪو ٻن قلمي
نسخن تان ڀيٽيل هو، پنجن طبقن ۾ ورهايل آهي (2)،
البت هن ۾ هڪ وڌيڪ عنوان تي طبقه مرزا پائنده محمد
ترخان ڏنل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو، ته مصنف
طبقن جي پوري ورهاست ڪا نه ڪئي هئي.
هن وقت تاريخ طاهريءَ جا جيڪي نسخا موجود آهن، ائين سمجهيو وڃي
ٿو، ته اهي سڀئي اصل ۾ مصنف جي هڪڙي ئي مسودي تان
اُتاريل هئا، جيڪو مڪمل ٿي نه سگهيو هو. اهو
مسودو، جيڪو مصنف نئين سر بياض تي نقل ڪيو هو،
گهڻو ڪري وٽائنس وڃائجي ويو يا ائين ئي ناقص رهيو.
بهرحال اسان جيڪڏهن چاهيون، ته ڪتاب ۾ شامل موضوعن
کي هيٺين ريت ڏهن طبقن ۾ ورهائي سگهون ٿا:
(1) قلمي نسخا جيڪي سر ايڇ. ايم ايلئيٽ
(Sir H. M. Elliot)
کي هٿ آيا تن ۾ چار طبقا هئا. ڏسو:
“Elliot and Dowson, The History of India as told
by its own Historians Vol 1, London, 1867, P.
255.”
(2) پڻ ڏسو ص 32، 51، 95 ۽ 210.
طبقو پهريون |
: |
سومرن حاڪمن جي احوال بابت |
طبقو ٻيون |
: |
سمن ڄامن جو بيان |
طبقو ٽيون |
: |
شاهه بيگ ارغون جي آمد ۽ سنڌ غضب ڪرڻ بابت |
طبقو چوٿون |
: |
مرزا شاهه حسن ارغون جو احوال |
طبقو پنجون |
: |
ارغونن کان پوءِ سنڌ تي ترخانن جي حڪومت |
طبقو ڇهون |
: |
مرزا عيسيٰ ترخان جو احوال |
طبقو ستون |
: |
مرزا محمد باقي جو احوال |
طبقو اٺون |
: |
مرزا پائنده محمد ترخان بابت |
طبقو نائون |
: |
مرزا جاني بيگ بابت |
طبقو ڏهون |
: |
مرزا غازي بيگ ۽ ترخان جي حڪومت جي خاتمي بابت |
سن 700 هه کان 843 هه تائين سومرن هن ملڪ تي حڪومت
هلائي، جيڪي هندو ڌرم وارا هئا. سومرن حاڪمن بابت
مصنف ڪن صدري روايتن تي ڀاڙيو آهي، جن ۾ سچائي
بلڪل نه هئڻ برابر آهي، ان ڪري جو اهري قسم جون
روايتون رڳو ڏند ڪٿائن جي حيثيت رکن ٿيون. سومرن
به سنڌ جي ٻين قبيلن وانگي اصل هندو يا ٻُڌ ڌرم
وارا هئا، جڏهن محمد بن قاسم ثقفي 93 هجريءَ ۾ سنڌ
تي قبضو ڪيو، ته هتي اسلام جو اثر وڌڻ لڳو، جنهن
کان سما، سهتا، لوهاڻا وغيره عرب عملدار ۽ حڪمرانن
جي لهه وچڙ ۾ (93 هجري کان چوٿين صديءَ هجريءَ جي
پڇاڙيءَ واري عرصي تائين) مسلمان ٿيندا ويا. سومرن
به انهيءَ عصري ۾ اسلامي تبليغ جو اثر قبول ڪيو،
يعني پاڻ حڪومت قائم ڪرڻ کان اڳ مسلمان ٿي چڪا
هئا. ان کان پوءِ اسلامي بادشاهن وارا لقب اختيار
ڪيائون، جهڙوڪ: عصام الدين ڀونگر ۽ سنان الدين
چنيسر وغيره. ان حالت ۾ مصنف جو اهو لکڻ، ته سومرا
هندو ڌرم وارا حڪمران هئا، تاريخي گواهين ۽ صدري
روايتن جي آڌار تي (جيڪي اڃا تائين سنڌ ۾ رائج
آهن) حقيقت جي ابتڙ آهي. مصنف سومرن جي دور حڪومت
بابت جنهن جي حد هڪ سو ٽيتاليهن ورهين تائين
ڄاڻائي ٿو، وڏي غلطي ڪري چڪو آهي. تاريخي مناسبت
سان اهو نتيجو نڪري ٿو، ته سومرن چوٿين صدي هجريءَ
جي اڌ کان سياسي اقتدار حاصل ڪري، پنجين صديءَ جي
اڳياڙيءَ ۾ منصوره تي قبضو ڪيو هو، جنهن تي عربن
جي عملداري هئي، ڇو ته 416 هه ۾ جڏهن محمود غزنوي
سومناٿ هٿ ڪرڻ کان پوءِ منصوره آيو هو، ته اتي
خفيف سومري جي حڪومت هئي. هي نالو اڃا تائين مشهور
آهي ۽ سومرن ۾ ڦرندو اچي ٿو. هوريان هوريان ڏاڍيان
ڏاڍيان سومرن زور ورتو، ته پهريائين سنڌ جي
هيٺاهين حصي تي قابض ٿيا، تنهن کان پوءِ سڄي سنڌ
سندن ڌاڪ هيٺ آئي.
مير معصوم سومرن جي حڪومت جي شروعات (لاڳيتو تسلط) عبد الرشيد
غزنويءَ جي زماني (441 – 444 هه) تائين ليکي ٿو.
هن جو چوڻ آهي، ته ان زماني ۾ سومرا ٿريءَ جي آس
پاس مان نڪري آيا ۽ سومري نالي هڪ شخص کي پنهنجو
حاڪم چونڊيائون (1). انهيءَ روءِ سان سومرن جي
حڪومت جي شروعات اصل ۾ پنجين صدي هجري جي وچ کان
تصور ڪرڻ کپي.
معاصرانه تاريخي ماخذ موجب، سومرا خاندان جي حڪومت، اٺين
(1) تاريخي معصومي ص 60. اصل عبارت هن ريت آهي: محمود
غزنويءَ جي مرڻ کان پوءِ جڏهن ان جي بادشاهت سندس
اولاد ڏانهن منتقل ٿي، ته حڪومت ۽ بادشاهت جو وارو
عبدالرشيد بن سلطان مسعود کي مليو. هو عيش عشرت ۾
مشغول رهڻ لڳو، جنهن ڪري سندس ماتحت حاڪم (سومرن
سميت) بغاوت ڪري آزاد ٿي ويا. ص 78، مترجم.
صدي هجريءَ جي وچ کان پوءِ واري عرصي ۾ ختم ٿي هئي، جنهن جو سبب
دهليءَ جي سلطانن جي سنڌ تي سياسي ڇڪتاڻ ۽ سمن جي
وڌندڙ طاقت هئي. محمد بن تغلق جي زماني ۾ سنڌ جو
اتريون حصو دهليءَ جي ماتحتيءَ ۾ اچي چڪو هو. ان
جي پاران ملڪ رتن 724 هه ۾ سيوهڻ جو عامل هو، جيڪو
انهيءَ سان ٻن اميرن، امير قيصر رومي ۽ ڄام انڙ
سمي هٿان قتل ٿيو هو. اهي ٻئي امير سلطان جي درٻار
سان لاڳاپيل هئا. مشهور سياح ابن بطوطه انهيءَ
واقعي کان ٿورا ڏينهن پوءِ سيوهڻ آيو هو ۽ ان بابت
جيڪي ٻڌو يا ڏٺو هئائين، پنهنجي ڪتاب ”رحلة“ ۾ درج
ڪري چڪو هو (1).
سال 752 هه ۾ محمد بن تغلق، طغي نالي هڪ باغيءَ جو پيڇو ڪندي،
گجرات کان ٺٽي ڏانهن وڌي، سنڌ جي هيٺاهين حصي تي
چڙهائي ڪئي. سنڌ جي سومرن انهيءَ طغيءَ کي پنهنجي
سام ۾ آندو هو. معاصر مورخ ضياء الدين برني (2)،
ان باري ۾ سومرن سان گڏ سمن ڄامن جو ذڪر پڻ ڪري
ٿو. ان مان ظاهر ٿو ٿئي، ته هي ٻئي (سما ۽ سومرا)
هڪ ٻئي جي ٻڌيءَ سان طغيءَ جي حمايت ڪري رهيا هئا.
ان حقيقت مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته سما پڻ 752 هه ڌاري
طاقتور قبيلي جي حيثيت سان سنڌ جي سياست ۾ حصو وٺي
رهيا هئا. ان کان پوءِ ويتر وڌيڪ طاقت ۾ اچي، سنڌ
جي وچولي، خاص ڪري سيوهڻ ۽ ٺٽي وارن پرڳڻن جي
حڪومت هٿ ڪري ورتائون ۽ سومرا بلڪل بي دخل
(1) تحفته النظار ”رحله ابن بطوطه“ پيرس 1893ع، 1922ع ج
3 ص 105 – 108 اب بطوطه امير ونار سامري ۽ امير
قيصر رومي لکيو آهي. ونار کان مراد انڙ کان سواءِ
ٻيو ڪو نه آهي. سمن جي نسب مان پڻ ثابت ٿئي ٿو ته
اهو انڙ سمن جي ڄامن (سردارن) مان هو.
(2) تاريخ فيروز شاهي، ضياء الدين برني 758 هه ڪلڪتي مان ڇپيل
1862ع، ص 523.
ٿي ويا. 752 هه کان پوءِ سومرن جي باقي قوت ۾ به ڪمي اچي وئي ۽
دودي جو پُٽ همير هنن جو آخري حاڪم هو، جيڪو
دهليءَ جي سلطاني عاملن جي مدد سان ڪي سال هتان جو
حاڪم رهيو.
عين الملڪ ماهرو، جيڪو سلطان فيروز شاهه طرفان (1351 – 1388ع)
تائين ملتان جو عامل هو، پنهنجي هڪ خط ۾ جيڪو
(1352 – 1365ع) واري عرصي ۾ لکيو هئائين، سنڌ جي
باري ۾ ٻڌائي ٿو، ته همير دودي جي وجود وارو سَلو،
جيڪو حادثن جي تکين هوائن سبب ڪومائجڻ تي هو،
بادشاهي شفقت جي (مٺي پاڻيءَ واري) ڇنڊي سان نئين
سر وڌڻ ويجهڻ لڳو، پر ڄام ڀاڀيڻي فساد ۽ بغاوت جي
شروعات ڪري، قبله (بادشاهه) جي اطاعت کان منهن
موڙي، ملڪ ۾ وڳوڙ پيدا ڪرڻ ۽ مغلن کي آڻڻ پنهنجي
عادت ڪري ڇڏي آهي. انهيءَ عادت سان هڪ ڀيري مغلن
جا ڪٽڪ پنجاب تي چاڙهي آيو، جنهن جي وڌندڙ فتني کي
ٽارڻ لاءِ بادشاهه سلامت همير دودي جي سک ۽
سلامتيءَ ڏانهن ڌيان ڏيڻ فرمايو آهي (1).
ڀاڀيڻو تڏهن سمن جي قبيلي جو سردار هو. هي اهو ئي ڀاڀيڻو آهي،
جيڪو ڃام انڙ سمي جو پُٽ هو ۽ ملڪ رتن کي (734 هه،
34 – 1333ع) ڌاري سيوهڻ ۾ قتل ڪيو هئائين. عين
الملڪ همير دودي جي سلي جي چڱي چيٺ ڪئي، پر وريس
ڪي به ڪين. سمن هڪ ئي چڪريءَ ۾ چڙهي، همير کي شڪست
ڏئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڄام ڀاڀيڻي کي (1365ع) ۾ يا ان
کان اڳ سنڌ جو حاڪم چونڊيائون. سلطان فيروز شاهه
انهي ئي سال دهليءَ مان هلي ٺٽي تي ڪاهيو، پر سمن
جي طاقت اڳيان لئيم ٿي ويو، انت انهن سان صلح ڪرڻو
پيس.
(1) انشاءِ ماهرو ڇپايل شعبه تاريخ علي ڳڙهه يونيورسٽي
(ڀارت) ص 87.
هاڻ اها ڳالهه ٿانت ٿي چڪي، ته سومرن (اندازي طور) پنجين صدي
هجريءَ جي اڌ کان وٺي اٺين صدي هجريءَ جي اڌ تائين
آزاديءَ سان حڪومت ڪئي. انهيءَ مطانق هنن جي
حڪمرانيءَ جو عرصو لڳ ڀڳ ٽن صدين تائين پهچي ٿو.
(سومرن جي قوميت جي باري ۾ ڏسو حوالا ۽ متعلقات – از مترجم)
سنڌو ندي يعني پنجاب: مصنف جي لکت موجب اتر کان بکر تائين (هن
وقت روهڙي ۽ سکر) سنڌو نديءَ کي پنجاب جو درياهه ۽
بکر کان هيٺ سنڌو ندي سڏيو وڃي ٿو. اها رڳي مصنف
جي ذاتي راءِ آهي. آڳاٽي زماني کان هن پراڻي ۽ وڏي
درياهه جو سنڌ جي اُتر کان ڏکڻ تائين اهو ئي نالو
سنڌو ندي هو، جنهن کي مٺي پاڻي وارو درياهه به
ڪوٺيو وڃي ٿو. اٺين صدي عيسويءَ جي اوائل ۾ عربن
ان کي مهراڻ جي نالي سان مشهور ڪيو. مهراڻ اصل
فارسي لفظ آهي جيئن ياقوت (حموي) لکي ٿو، ته اهو
نالو عجمي (غير عرب) آهي، حمزو اصفهاني به ائين ٿو
ڄاڻائي، ته اهو درياهه فارسي ۾ ”رود مهراڻ“ سڏجي
ٿو (1). پراڻي ايران جي روايتن ۾ وري ايتري تائين
لکيل آهي، ته مراڻ انهن ستن درياهن مان هڪڙو
درياهه آهي، جيڪي جمشيد کوٽايا هئا (2).
مصنف کان چار صديون اڳ پنجاب جي پاسي هي درياهه سنڌو نديءَ جي
نالي مشهور هو، جنهن جو پتو تاريخ جهان ڪشا ۽
تاريخ طبقات ناصريءَ مان پوي ٿو، ته سلطان جلال
الدين منڪبرني خوارزم شاهي چنگيزيءَ حملي جي
شروعات (618 هه) ۾ سنڌو ندي پار ڪئي هئي. اڃا
تائين اٽڪ کان اتر ڪوهستان تائين پٺاڻ قومون
پنهنجي ٻولي ”پشتو“ ۾
(1) ڪتاب البلدان (مهراڻ جي سري هيٺ) جلد 4 ص 297 اوربا
ڇپيل.
(2) ڪتاب البدء والتاريخ ڇپيل اوربا ص 60.
هن درياهه کي ”آياسين“ سڏين ٿيون، جنهن جي معنيٰ سنڌ جو درياهه،
جيڪو شفيق پيءُ (اَبا) جيان پاڻي رسائي ٿو. اهو پڻ
ممڪن آهي، ته اباسين کان مراد سون سڌو آب سنڌ (سنڌ
جو درياهه) هجي، جيڪو عوام ۾ انهيءَ آواز ۽ انداز
سنا رواج ۾ اچي چڪو آهي.
پنجاب ۾ پنج درياهه آهن: ستلج، راوي، چناب بياس ۽ جهلم. ان حالت
۾ سنڌ نديءَ کي پنجاب جو درياهه سمجهڻ حقيقت کان
بعيد ڳالهه آهي.
محمد طور هن شهر جا آثار اڇا تائين شاهه ڪپور جي ديهه لڳ (تعلقي
ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾) موجود آهن.
درڪ پرڳڻو هن پرڳڻي ۾ اهو علائقو اچي ٿي ويو، جيڪو اڄ ڪلهه
تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺتي جي حدن اندر آهي.
پرڳڻو ساڪرو هن وقت تعقلو ميرپور ساڪرو سڏجي ٿو، جيڪو پڻ ٺٽي
ضلعي ۾ آهي.
مخدوم شيخ بهاء الدين زڪريا ڪامل ولي ۽ سنڌ ۾ سهروردي طريقي جو
پهريون علم بردار، جيڪو ملتان ۾ دفن ٿيل آهي.
اروڙ ڇهين صدي عيسويءَ کان 711ع تائين سنڌ جي گاديءَ جو شهر
(راءِ ۽ برهمڻ دور تائين) رهندو آيو. اڄ به انهيءَ
نالي سان هڪ ڳوٺ جي صورت ۾ روهڙيءَ کان ڏکڻ اوڀر
پاسي انهيءَ پراڻي هنڌ تي آباد آهي.
هاڪڙو، واهند ۽ واهٽ مصنف صحيح چوي ٿو ته اهي ٽئي نالا هڪڙي ئي
درياهه جا آهن. رياست بهاولپور جي پاسي هي آڳاٽو
درياهه انهن ئي سڏجي ٿو، پر سنڌ جي هيٺاهين حصي
اُٻاوڙي ۽ ميرپور ماٿيلي طرف ان کي ڳورهيلو، ريڻي،
گسڻپرو، مورياري، پينگارو ۽ کيروڻي ڪوٺيو وڃي ٿو.
ڪي پراڻا مورخ هن کي سرسوتي پُڻ سڏين ٿا، ليڪن ان
کي پنجاب وارو درياهه سڏڻ، جيئن مصنف لکي ٿو، غلط
آهي.
هتي ڪڏهن دلوراءِ جي حڪومت هوندي هئي، يعني اروڙ ۽ محمد طور جي
وچ تي – مصنف پڻ ٻڌائي ٿو، ته دلوراءِ جي گاديءَ
جو هنڌ شهر بابن واهه هو. بابن واهه شادي بانبراهه
جي بدليل صورت آهي، جنهن کان مراد ٻانڀڙاهه (برهمڻ
آباد) هجي، جو عوام ۾ ائين مروج هو. مصنف وري لکي
ٿو، ته بابن واهه جي آثار مان هڪ منارو اڃا تائين
سر زمين تي موجود آهي. اهو منارو برابر اڃا سوڌو
منصوره جي ڦٽل ماڳن مان شهداد پور ضلعي سانگهڙ کان
اٺ ميل ڏکڻ – اوڀر پاسي باقي آهي. اهي آثار جيڪي
اصل ۾ منصوره شهر جا آهن، عوام ۾ بانبراهه (برهمڻ
آباد) جا آثار ليکيا وڃن ٿا. دلوراءِ بابت ڏسو
حوالا ۽ متعلقات
بديع الجمال، هن جو قصو سنڌ جي عام ماڻهن ۾ سيف الملوڪ ۽ بديع
الجمال نالي مشهور آهي. مصنف پهريون شخص آهي، جنهن
انهيءَ قصي جي روايت اهڙي نموني بيان ڪئي آهي.
سنڌ ۾ انهيءَ قصي بابت ٻه روايتون موجود آهن: هڪڙي
اها جيڪا مصنف بيان ڪري ٿو ۽ ٻي جيڪا هند سنڌ جي
ساعرن نظم جي صورت ۾ لکي آهي. پوئين روايت موجب
سيف الملوڪ، عاصم شاهه يا هاشم شاهه نالي هڪ پريءَ
جي تصوير تي عاشق ٿي، سندس ڳولا ۾ نڪتو ۽ ڪيترن
ڪشالن کان پوءِ آخر يمن وڃي پنهنجي محبوبه سان
مليو. (هن باري ۾ وڌيڪ ڏسو حوالا ۽ متعلقات).
ڇُٽو اُمراڻي، ڇُٽي اُمراڻي ۽ دلوراءِ جو داستا
اڃا سوڌو سنڌ ۾ مشهور آهي. شيخ ڇُٽي جي مزار پڻ
سيوهڻ جي ڏاکڻئين پاسي موجود آهي، جتي ماڻهن جي
رجوعات رهي ٿي، ان جي مٿان هڪ سهڻي عمارت، وڏي
دروازي سان اڏيل آهي، جيڪا شاهجان بادشاهه اڏائي
هئي. مرزا جي اُتر ۾ هڪ مسجد به آهي، جيڪا 1042 هه
۾ نواب ديندار خان شاهجان جي دور ۾ جوڙائي هئي،
جنهن تي هي ڪتبو لڳل آهي:
بدور شهنشاهه شاهه جهان
چو خلد برين روضه شاهه چهته |
خديو خرد مند صاحب قران
بنا ڪرد نواب ديندار خان
|
ز سال بنانش طلب دانشتند
”بهشتي به روي زمين“ گفت عثمان
(1042 هه)
لب تاريخ سنڌ جي هڪڙي قلمي نسخي جي پڇاڙيءَ ۾ شيخ ڇُٽي
اُمراڻيءَ جو ذڪر اختصار طور هن ريت آيل آهي:
مخدوم شيخ ڇُٽو اُمراڻي، جنهن جي پيءُ جو نالو
عمران هو (؟)، ان ڪري پاڻ عمراڻي مشهور ٿيو. عمران
ٿهيم قوم جي حاڪمن مان برهمڻ آباد جو حاڪم هو،
جنهن کي سنڌ ۾ ڀانڀر واهه ڪوٺيو وڃي ٿو. (ان کان
پوءِ هو ”لب تاريخ سنڌ جو مصنف“ ساڳيو تاريخ طاهري
وارو بيان دهرائي ٿو) – چون ٿا ته هي مخدوم لال
شهباز کان اڳ ۾ ٿي گذريو هو. پهرين هن جي قبر تي
ننڍڙو قبو هو، پوءِ ڪنهن شخص وڏو قبو اڏايو، ان
سان گڏ مسجد، خانگاهه، اڱڻ ۽ ويڪرو دروازو به
تيارر ڪرايائين، جن کي ڪاشيءَ سان سينگاريو ويو ۽
خانگاهه جي اڱڻ ۾ به فرشبندي ڪرائي وئي (1).
راقم (ڊاڪٽر بلوچ) کي سيوهڻ ۾ هڪ مهر ڏيکاري وئي، جنهن تي هيءَ
عبارت اُڪريل هئي:
(1) لب تاريخ سنڌ، خداداد خان تصحيح ڊاڪٽر بلوچ، سنڌي
ادبي بورڊ، 1378 هه – 1959ع، ص 315 – 316.
”حضرت قطب رباني، غوث صمداني جناب شيخ شاهه چهوته نسبا عمداني
مرقده يوسفاني قدس سره الاقدس سنه 305 هه.“
هاڻ هڪ منارو وڃي رهيو آهي، يعني بابن واهه جي شهر ۾ - ماڻهن کي
انهيءَ مناري بابت شڪ آهي، ته اهو بانبراهه،
بانبناهه (ٻانڀڻاهه) ”برهمڻ آباد“ آهي، پر تاريخ
جي مطالعي ۽ آثار قديمه جي کوجنا موجب ان جا آثار،
جيڪي شهداد پور ضلعي سانگهڙ کان اٺ ميل اوڀر تي
موجود آهن، اصل ۾ منصوره سان تعلق رکن ٿا، جنهن کي
عمرو بن محمد بن قاسم سن 111 – 112 هه ڌاري حڪم بن
عوانه ڪلبي جي حڪومت دوران تعمير ڪرايو هو. ان کان
پوءِ اهو شهر سنڌ ۾ نئين برهمڻ آباد نالي مشهور
ٿيو. آڳاٽو برهمڻ آباد جو شهر (منصوره) کان ٻه
مرسخ (1) پرتي هو، جنهن جا آثار منصوره کان
اوڀاريائين پاسي آهن. اڄ ڪلهه ان کي ڏيپر گهانگهري
وارو ڦٽل ماڳ ڪوٺيو وڃي ٿو (2).
سومرا بي علم ۽ غير مسلم، اهو رڳو مصنف جو وهم آهي، جنهن جي ڪا
به تاريخي حيثيت ناهي، ڏسو حاشيه.
ٽڪي، (خاص نشان) وارو سردار ۽ حاڪم. ٽڪي لڳائڻ جي
رسم هند توڙي سنڌ ۾ پراڻي زماني کان هلندي ٿي آئي.
جنهن شخص کي تخت جو مالڪ يا سردار تسليم ڪيو ٿي
ويو، تنهن کي ڪنواريون ڇوڪريون تخت تي ويهڻ
(1) فرسخ، ٽي ميل. ميل ۾ چار هزار وال ۽ ڇهن مُٺين
برابر. فيروز اللغات فارسي، ح 2، ص 188 (مترجم).
(2) چچ نامو تصحح ڊاڪٽر بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، ترجمه اردو حاشيا
18/ (15)، ض 385 – 389.
يا پڳ ٻڌڻ مهل نرڙ تي ٽڪو (تلڪ) لڳائينديون هيون. ان بابت اڳتي
ڏسو حوالا ۽ متعلقات. از: مترجم.
مارئيءَ نالي سهڻي، سلڇڻي ۽ پرڻيل زال. عمر مارئيءَ جو قصو،
هتان جي لوڪ داستانن مان آهي. سنڌ ۾ ان جي اڄ سوڌي
هاڪ رهي ٿي. ڪيترن شاعرن ان کي بيتن ۾ بيان ڪيو
آهي. مارئي پالڻيءَ نالي هڪ هاريءَ جي گود ورتل
ڌيءَ هئي، پر چيو وڃي ٿو، ته اصل ۾ همير سومري جي
ڌيءَ ۽ عمر جي ڀيڻ هئي. هن بابت شاهه لطيف جيڪي
اشارا ڏنا آهن، تن مان وسهجي ٿو، ته ماروئي مسلمان
هئي.
ڳائڻن جي هڪ ٽولي، ان کان مراد اهي پيشه ور ڳائڻا،
جن کي ايران ۾ لوليان ۽ هند سنڌ ۾ دوم (ڏوم) سڏيو
وڃي ٿو. انهن جا ٻيا ٽولا: ڀَٽ، ڀان، مڱڻهار ۽
چارڻ مشهور آهن.
مارئي ڳائڻ، هن حوالي مان ظاهر آهي، ته انهيءَ زماني ۾ ڀَٽ ۽
چارڻ وغيره مارئيءَ کي خاص سُر ۾ ڳائيندا هئا، اهو
سر يا راڳ سنڌ اندر ٻارهين صدي هجريءَ تائين مشهور
۽ مقبول هو. جيئن شاهه عنايت رضوي متوفي 25 – 1130
هه ۽ شاهه لطيف متوفي 1165 هه جي رسالي ۾ سُر
مارئي موجود آهي. اڄ تائين ڀٽ جي جيڪي راڳ جون
ڪچهريون، خاص ڪري اربع جي رات ٿينديون آهن، تن ۾
مارئي ڳائي ويندي آهي.
مقيم شاعر، مير علي شير قانع مقالات الشعراء ۾ تاريخ طاهريءَ جو
اهو نقل سندس لاءِ بيان ڪيو آهي ۽ لکي ٿو، ته هي
شعر سندس آهي:
سخن مدان که بخائيدن دو لب ز آيد،
سخن همانست که اندر کتابها بايد.
مير معصوم بکري، هن امير ڪبير شاعر ۽ مورخ جو احوال تاريخ ۽
تذڪري وغيره جي ڪيترن ڪتابن ۾ اچي چڪو آهي. نشتر
عشق جي مصنف خاص طور هن جو احوال تفصيل سان ڏنو
آهي. لکي ٿو ته: مير معصوم خان بن مير سيد صفائي
تخلص نامي 1015 هه رسمي علمن، علم طب ۽ شعر سخن ۾
مهارت حاصل ڪرڻ کان پوءِ، اڪبر جو درٻاري ٿيو، جتي
هن جي چڱي عزت هئي. 1012 هه ۾ اڪبر پاران شاهه
عباس ڏانهن ايلچي ٿي، تبريز (ايران) ويو. موٽ تي
اصفهان آيو، جتي حڪيم شفائي، محمد رضا فڪري ۽ تقي
اوحدي جهڙن وڏن شاعرن سان سندس ملاقات ٿي. اڪبر
بادشاهه پڇاڙيءَ تائين هن جو رتبو وڌائيندو رهيو.
جهانگير جي زماني ۾ پڻ کيس چڱو نوازيو ويو. سندس
ڪتابن مان تاريخ ۽ طب نامي، مثنوي (يوسف زليخا جي
بحر ۾) ۽ ديوان مشهور آهن. 1015 هه ۾ جهانگير وٽان
موڪلائي بکر آيو ۽ انهيءَ ئي سال وفات ڪيائين.
سندس تاريخ وفات ”بود نامي صاحب ملڪ سخن“ مان نڪري
ٿي. هن جي رباعين مان هي رباعيون پيش ڪجن ٿيون:
نامي ز غم فراق محزون مي گشت،
درباديه اي که باد مجنون مي گشت
خورشيد اگر پاءِ نهادي آن جا
سر تابه قدم آبله و خون مي گشت
در عشق بتان عشق جنون بايد ڪرد
جان را به فراق رهنمون بايد ڪرد
جون شيشه تمام پر ز خون بايد شيد
وانگه زره ديده بردن بايد ڪرد (1).
(مير معصوم بابت وڌيڪ ڏسو حوالا ۽ متعلقات)
حسن و ناز، مير معصوم جي خمسي مان ٻي مثنوي آهي. سندس پُٽ مير
بزرگ جي ڪتيي (سال 1013 هه ناگور) مان ثابت ٿئي
ٿو، ته اهو خميسو پنجن مثنوين تي مشتمل هو، جيڪي
هي آهن: معدن الافڪار، حسن و ناز، اڪبر نامه، راي
صورت ۽ خمسه متحيره. مير معصوم شايد پهريون شاعر
آهي، جنهن سسئي پنهونءَ جو داستان نظم ۾ لکيو،
جنهن تي مثنوي حسن و ناز جو نالو رکيائين. جناب
پير حسام الدين راشدي تاريخي ثبوت موجب، هن نتيجي
تي پهتو آهي ته مثنوي حسن و ناز سال 1002 هه ۾
تاليف ٿيل آهي. باقي چار بيون مثنويون 1005 کان
1013 هه جي وچ ۾ تاليف ٿيل آهن. تقي ڪا شي جي چوڻ
مطابق انهن سڀني مثنوين ۾ ڏهه هزار بيت هئا (2).
ٻيو شاعر جنهن ۾ مير معصوم جي نقش قدم تي سسئي
پنهونءَ جو داستان فارسيءَ نظم ۾ آندو آهي، سو
حاجي محمد رضا رضائي ٺٽوي هو، جنهن سال 1053 هه ۾
مثنوي زيبا نگار لکي هئي، جنهن جا ٻه بيت هيٺ ڏجن
ٿا:
دلم را داستان ها همت معلوم
زهر شهد و زهر ملڪ و زهر بوم
(1) تذڪره نشتر عشق نسخه قلمي مڪتبه عاليه، رامپور
ڀارت.
(2) مقالات الشعراء ص (حاشيه) 800 – 801.
هم از ايران و توران وهم ازهند
ولي يڪ سرگذشتي گوبم از سند (1)
تفصيل لاءِ ڏسو حوالا ۽ متعلقات (مقالات الشعراء قانع جي حاشي ۽
حوالي سان).
ليلا چنيسر جو داستان مثنوي چنيسر نامه فارسي جنهن ۾ ليلا چنيسر
جو داستان منظوم ٿيل آهي. مصنف ص . . . تي پڻ
چنيسر نامه فارسي، حقيقت ۾ مشهور شاعر ۽ مورخ
ادراڪيءَ جي تصنيف آهي، جنهن جو تخلص بيگاري هو.
ابو القاسم سلطان ۽ سندس پيءُ شاهه قاسم خان ارغون
ٻئي ان جا ممدوح هئا. مير علي شير قانع مقالات
الشعراءُ ۾ صاف لکيو آهي ته منتخب التواريخ جي
مولف چنيسر نامي کي ابو القاسم سلطان جي تصنيف
ظاهر ڪيو آهي. اها ئي غلطي مير محمد طاهر نسيانيءَ
وٽان ملي ٿي، مگر مون جڏهن چنيسر نامو ڏٺو ته ان
جو مصنف ادراڪي تخلص بيگاري ثابت ٿيو، جيڪو بيگلار
قبيلي مان هو ۽ ابو القاسم سلطان ان جو ممدوح آهي.
1 هه (3) البت اهو چئي نه ٿو سگهجي، ته ادراڪي
سندس نالو يا تخلص هو؟ گهڻو ڪري ته هن جو نالو
ادراڪي هو. هن جا مٿي بيان ڪيل ممدوح ارغونن جي
هڪڙي خاندان بيگلار مان هئا، تنهن ڪري ادراڪي پاڻ
کي بيگلاري ٿي سڏايو ۽ سندس تخلص پڻ بيگلاري هو.
جيئن چنيسر نامه ۾ چوي ٿو:
که تا نقش سخن از بيگلاري -
بماند در جهان اين ياد گاري
(1) ڏسو پنجابي قصا فارسي زبان ۾ جلد 2 ص 1 – 14. پنجابي
ادبي اڪيڊمي لاهور 1960ع
(2) مقالات الشعراء قانع ص 117 – 118، مقدمه، تصحح
حواشي سيد حسام الدين راشدي ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ
1987ع.
غرض نقشه که ماند يادگاري-
که باشد اين کتاب بيگلاري
ان واقعي بابت ٻيو بيان هن گنگا عمر سومري ۽ علاء الدين جو
احوال شامل آهي، جنهن عمر ٿهيم جي فرياد تي سومري
کي دهليءَ گهرائي قيد ۾ وجهي ڇڏيو هو. هي بلڪل
ڪوڙو قصو آهي جيڪو پهرين مصنف (نسياني) آندو پوءِ
مير علي شير قانع تحفته الڪرام ۾ نقل ڪيو. ان باري
۾ لوڪ داستان جي ڪيترن راوين کان پڇا ڪرڻ ۾ آئي،
پر ڪنهن به مصنف جي هن قصي جي ڪا تصديق نه ڪئي.
سومرن جي دور واريون سموريون روايتون رڳو عمر
مارئي جي داستان سان ملن ٿيون، جيڪو اڄ به سنڌ ۾
جٿي ڪٿي هلندو اچي ٿو. جيئن مصنف خود بيان ڪري چڪو
آهي.
سومرن جي دور جو جنگي داستان، جيڪو دودي ۽ چنيسر بابت آهي،
(اختصار طور) هن ريت هو، ته ڀونگر سومري جي وفات
کان پوءِ سندس ٻن پٽن دودي ۽ چنيسر جو (گاديءَ تي)
تڪرار ٿي پيو. چنيسر دهليءَ دانهن کڻي ويو، علاء
الدين دودي کي گهرايو، پر هن انڪار ڪيو. علاء
الدين سنڌ تي لشڪر چاڙهي آيو. دودو ۽ سندس ساٿي
دليريءَ سان جنگ ڪندي ميدان ۾ مارجي ويا. دودي جنگ
کان اڳ ۾ پنهنجو اهل عيال ڪڇ جي ابڙي ابڙاڻي ڏانهن
سام ڪري موڪليو هو، جنهن جو ذڪر مصنف ڪيو آهي.
دودي سومري جي جنگ جو داستان (علاء الدين جي لشڪر
سان) اڃا تائين سنڌ ۾ ڳايو وڄايو وڃي ٿو.
انهن حقيقتن جي موجودگيءَ ۾ يقين سان چئي سگهجي ٿو، عمر ۽ گنگا
وارو قصو محض خيالي افسانو آهي، جنهن کي مصنف
لاڳيتن روايتن ۾ دهرائي ٿو. |