23 April, 2011

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تاريخ طاهري

باب: --

صفحو:21  

مرزا شاهه حسن جو احوال، جنهن 907 کان 922 هه تائين پورا پنجٽيهه ورهيه (؟) سنڌ تي حڪومت ڪئي. صحيح عبارت 928 هه کان 962 هه هئڻ کپي. ان ڪري جو شاهه بيگ شعبان جي 22 تاريخ 928 هه ۾ فوت ٿيو هو ۽ سندس پُٽ مرزا شاهه حسن جي حڪومت جو دور اتان ئي شروع ٿيو هو.

مانڊوي (Mandvi)، جيڪو اڃا تائين ڪڇ جو بندرگاهه آهي.

راءَ کنگهار سمي ڏانهن خط، ڪڇ جي زميندار ۽ راءِ کنگهار سمي ڏانهن مرزا شاهه حسن جو خط روانو ڪرڻ. راءِ کنگهار کان مراد جو پريو مڙس يا سردار. همير جو پُٽ کنگهار 1537ع تائين ڪڇ جو راءُ هو. مصنف (نسياني) جي انهيءَ حوالي مان ظاهر ٿو ٿئي، ته ان زماني ۾ راءَ کنگهار جي حيثيت هڪ زميندار جيتري هئي. راءُ کنگهار جو پُٽ راءُ ڀارو ڪڇ جي رائن مان پهريون راءَ هو، جنهن اُتي حاڪم ٿي حڪومت هلائي. ان ڪري ئي هن جهانگير جي اڳيان آڻ مڃي هئي. وڌيڪ لاءِ ڏسو مٿي ڏنل راءُ ڀارو وارو حاشيو.

ڪڇ جو هر ڪو راءُ جاڙيجن سمن جي خاندان مان هو، جن جي مائٽيءَ جي لِڇَ اچي ساموئي وارن سمن ڄامن سان لڳي ٿي. سمن جي انساب وارين روايتن مطابق، جيڪي ڪڇ جي پاسي هلنديون اچن ٿيون. جاڙيجن سمن جو وڏو لاکو عرف جاڙو هو (1)، جيڪو وري ساموئي جي سمن ڄامن جي هڪ شخص لاکي گوراڙي جي پُٺ مان چيو وڃي ٿو. راءَ کنگهار جو نسب نامو پڻ ان ريت لاکي گوراڙي سان وڃي ملي ٿو:

(1) لاکو پنهنجي ڀاءُ لکدير سان گڏ جاڙو ڄائو هو، تنهن ڪري جاڙو سڏجڻ ۾ آيو. ڪن روايتن ۾ لاکو پٽ جاڙو آيل آهي، جو صحيح ناهي.

کنگهار پُٽ همير پُٽ ڀيمجي پُٽ آمر پُٽ ڪابو (يا کانيو) پُٽ مارو (يا مالو يا مولو) پُٽ بهڻ (يا وهڻ يا وهان) پُٽ ڳاهو پُٽ اوٺو پُٽ رتو پُٽ رانڌن (رتو رانڌڻ) پُٽ لاکو (عرف جاڙو، جيڪو جاڙيجي سمي جو ڏاڏو هو) (1) پُٽ ويرو پُٽ ساند پُٽ پلي پُٽ، رانڌن پُٽ ڪاڪو پُٽ سمو پُٽ اُنڙ (2) پُٽ لاکو گوراڙو، جيڪو 1250ع ڌاري ”ڄام“ ساموئيءَ جو سمو سردار هو.  

راءُ کنگهار سمي شاهه حسن کي جواب موڪلڻ، مصنف راءُ کنگهار جي تنازعي کي، شاهه حسن جي ملتان تي چڙهائيءَ کان اڳ لکي، واقعن جي سلسلي ۾ نقص پيدا ڪيو آهي. مرزا شاهه حسن ملتان هٿ ڪرڻ کان پوءِ، 933 هه جي وچ ڌاري ڪڇ تي ڪاهي ويو هو. جيئن مير معصوم لکي ٿو: مرزا شاهه حسن ملتان تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ بکر پهتو، جُتي ٺٽي جي اميرن وٽان کيس اطلاع پهچايو ويو، ته راءُ کنگهار ٺٽي تي چڙهائي ڪرڻ وارو آهي. مرزا شاهه حسن هڪدم يلغارون ڪندو اچي ٺٽي رسيو. ايتري ۾ کنگهار جو ايلچي مرزا شاهه حسن وٽ آيو ۽ کيس ٻُڌايائين، ته آمر اُمراڻي (راءُ کنگهار جو ڀاءُ) اوهان جي هٿان قتل ٿي چڪو آهي، جنهن جي وير وٺڻ لاءِ، اسان سڀئي هتي اچي گڏ ٿيا آهيون. هن کان اڳ، جيئن ته مرزا شاهه حسن ملتان تي ڪاهي ويو هو، ان ڪري ان جي پر پُٺ سندس اهل عيال جي عزت جو لحاظ ڪندي، چڙهائي نه ڪئي وئي. هاڻ يا ته اسان سان صلح ڪرڻ

 

(1) ڪن روايتن ۾ لاکو پٽ جاڙو پٽ ساند پٽ تماچي پٽ اُنڙ اچي ٿو، ته ڪن ۾ پلي پٽ راندر، پٽ ساند پٽ ڪاڪو پٽ سمو پٽ اُنڙ آيل آهي.

(2) ڏسو ساڳيو جاڙيجن جو نسب نامو. بمبئي صوبي جو گرٽيئر، ج 5، (ڪُڇ پالڻ پور ۽ ماهي ڪانتا) ڇپيل سال 1880ع، ضميمو ص 252؛ ڪڇ بابت مختلف اطلاع تاليف او جيلوي (Ojuluy) 17 نومبر 1850ع حڪومت بمبئي جو رڪارڊ ”و“ ڪڇ جي آثار قديمه بابت رپورٽ تاليف دي. پي ککڙ (Khakhar)، بمبئي 1879ع.

ڪرڻ ۾ اچي ۽ ان موجب سنڌ مان ڪو ٽڪرو اسان کي ملڻ کپي، يا وري جنگ جي تياري ڪئي وڃي (1).   

مرزا شاهه حسن جو طولا پرس، يعني سوني ماڻهوءَ جي حقيقت کان واقف ٿيڻ، جيڪو لاکي ڦُلاڻي جهرڪ جهرڪيءَ جي نالي، ٻن چشمن ۾ لڪائي ڇڏيو هو. ”تورا“ ](= تله پراڪرت) = [طلا يا سون + پرس = ماڻهو. طولا پرس جو قصو ته لاکي ڦُلاڻيءَ پنهنجي مرڻ کان اڳ ان کي جهرڪ جهرڪيءَ نالي ٻن چشمن ۾ طلسم وسيلي لڪائي ڇڏيو هو، لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪيترن قصن مان هڪڙو آهي، مير طاهر محمد پهريون شخص آهي، جنهن اهو قصو ماڻهن جي واتان ٻڌي قلمبند ڪيو. ان کان پوءِ مير علي شير قانع ان کي تحفته الڪرام ۾ نقل ڪيو (2). اهي ٻئي چشما (تلاءَ) جهرڪ جهرڪيءَ جي نالي اڃا سوڌا ڪاري ڏونگر ”جبل“ کان اولهه تي ڪڇ جي پڇم پرڳڻي ۾ موجود آهن ۽ هندو هر سال اتي وڃي ميلو لڳائيندا آهن، جيڪو ڪُنبڙ جي ميلي سان مشهور آهي.

ڦُل جو پُٽ لاکو، جيڪو انهيءَ پيءُ واري نسبت سان لاکو ڦُلاڻي به سڏجي ٿو. سمن جي سياڻن ۽ شهسوارن مان هو، جنهن جي سورهيائي ۽ سخاوت جي هنڌين ماڳين هاڪ هوندي هئي. پيءُ جي وفات کان پوءِ هي ڪڇ جو والي ٿيو ۽ کيرا ڳڙهه قلعو تيار ڪرايائين، جنهن کي گاديءَ جو هنڌ بڻائي ويهي رهيو.

سمن جي انساب وارين روايتن مطابق لاکي جو نسب نامو هيئن ليکجڻ ۾ اچي ٿو:

 

(1) تاريخ معصومي ص 160.

(2) تحفته الڪرام فارسي ص 60.

 لاکو پُٽ ڦُل پُٽ ساهڙ پُٽ مُهڙ پُٽ ويرو پُٽ ساند پُٽ پلي پُٽ رائڌن پُٽ ڪاڪو پُٽ سمو پُٽ انڙ پُٽ لاکو پُٽ لاکيار پُٽ اُڍو پُٽ اوڍار پُٽ نوتيار پُٽ نيٽ.

لاکي ڦلاڻي جي حڪومت ۽ حياتيءَ بابت جيڪي روايتون اسان تائين پهتيون آهن، تن ۾ گهڻو اختلاف آهي. ڪي لاکي کي ڏهين صدي عيسويءَ ۾، ته ڪي ٻارهين، تيرهين يا چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ ليکين ٿيون. گمان ان تي آهي، ته هي ٻارهين صدي عيسوي جي ماڻهن مان هو. هن جا ٻه داستان ”لاکي جي مهر راڻيءَ سان شادي“ ۽ ”لاکي جو اوڏن سان عشق“ مشهور آهن (1).   

سال 933 هه ۾ شاهه حسن جو ملتان کي تباهه ڪرڻ ۽ مير شمس جو اتي حاڪم مقرر ٿيڻ (ص . . .) مير محمد معصوم جي لکت موجب، هڪ سال جي گهيري کان پوءِ ملتان 11 ربيع الثاني 933 هه ۾ شاهه حسن جي قبضي ۾ آيو، جتي ٻه مهينا رهي، پاڻ وري بکر ڏانهن روانو ٿيو. پويان دوست مير آخور ۽ خواجه شمس الدين ماهونيءَ کي ٻن سون سوارن هڪ سو پيادن ۽ هڪ سو تو بچين سان ملتان جو حاڪم مقرر ڪري ويو.       

طفرل آباد وارو قلعو (ص . . .). ڏسو هن کان اڳ آيل حواشيو تغرآباد.

لاهري (ديبل بندر) تائين (ص . . . . ). مصنف لاهري بندر کي ديبل بندر سمجهي وڏي غلطي ڪئي آهي. ديبل سنڌ جي قديم بندرن مان هو، جو 711ع ڌاري محمد بن قاسم ثففي جي قبضي ۾ آيو. هي تاريخي بندر

 

(1) لاکي ڦُلاڻيءَ جي سوانح بابت ڏسو ڊاڪٽر بلوچ جو لکيل ڪتابڙو ”لاکو ڦلائي“ ڇپايل سنڌي مجلس، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد 1958ع ۽ سندس انگريزي مقدمو سنڌي داستانن بابت جلد پهريون لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب 29 ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1964ع.  

چوڏهين  صدي عيسويءَ جي اوائل ۾، يا ان کان اڳ بلڪل برباد ٿي چڪو هو. لاهري بندر گهڻو ڪري ڏهين صدي عيسويءَ جي اڳياڙي ۾ آباد ٿيو، جنهن جي خبر بيرونيءَ  وٽان ملي ٿي.

ديبل انهيءَ هنڌ واقع هو، جتي اڄڪلهه ڀنڀور جا آثار آهن. لاهري بندر جا آثار وري ديبل (ڀنڀور) کان اٺ ميل ڏکڻ تي اڃا تائين موجود آهن (1).

سال 948 هه ڌاري همايون بادشاهه جو بکر پهچڻ، (ص . . .) اصل 947 هه هئڻ کپندو هو. جيئن مير معصوم تاريخ معصوميءَ ۾ تفصيل سان لکيو آهي ته: همايون ماٿيلي مان نڪري خميس ڏينهن 28 رمضان 947 هه ڌاري روهڙيءَ  اچي رسيو (2). تفصيل ڏسو حوالا ۽ متعلقات.

ارباب عمر شاهه ۽ دائود جو همايون وٽ اچي حاضر ٿيڻ (ص . . .). عمر شاهه (پُٽ دائود) سهتو ۽ سندس پُٽ دائود درٻيلي پرڳڻي جي اربابن مان هئا. مير معصوم لکي ٿو ته: همايون بادشاهه ٿورن مهينن کان پوءِ بکر مان نڪري درٻيلي آيو (3). سمجهيو وڃي ٿو ته، بادشاهه حقيقت ۾ عمر شاهه ۽ سندس پُٽ دائود جي دعوت ۽ عقيدت موجب درٻيلي آيو هو، جتان ٿورن ڏينهن کان پوءِ پاڻ هليو ويو (4).

واٽ تي اڪبر عمر ڪوٽ ۾ پيدا ٿيو (ص . . .). مصنف همايون جي پنڌ کي بکر کان عمر ڪوٽ تائين بي ترتيبيءَ سان بيان ڪري واقعن کي گنجرائي

 

(1) تاريخ معصومي ص 159 – 160.

تفصيل لاءِ ڏسو ڊاڪٽر بلوچ جو انگريزي مقالو ديبل جي اصلي ماڳ بابت ”اسلامڪ ڪلچر حيدرآباد دکن جولاءِ 1952ع واري پرچي ۾“.

(2) تاريخ معصومي ص 169 – 170.

(3) تاريخ معصومي ص 171.

(4) تاريخ معصومي.

 ڇڏيو آهي. مير معصوم جي لکت موجب (ا)، همايون روهڙيءَ کان ٻٻر لوءِ پهتو، جتي پنج ڇهه مهينا ترسي، وري درٻيلي هليو آيو، جتان وري ڪن ڏينهن کان پوءِ پاڻ اچي پهتو ۽ شيخ علي اڪبر جاميءَ جي ڌيءَ حميده بانو سان نڪاح وڌائين. ٿوري وقت گذرڻ کان پوءِ پاٽ مان هلي واپس بکر آيو. اتان سيوهڻ پهتو ۽ اٺن مهينن کان پوءِ سيوهڻ جي قلعي جو گهيرو ڇڏي روهڙي وڃي رسيو. جتان وري ڪوچ ڪري اُچ، بيڪانير، پهلودي، ساتلمير ۽ جيسلمير کان ٿيندو 10 جمادي الاول 949 هه ڌاري عمر ڪوٽ آيو، جتي آچر 5 رجب (مير معصوم ۽ طبقات اڪبري ج – 1 ص 55) ۽ 4 رجب (گلبدن بانو بيگم جي چوڻ مطابق) (2)، اڪبر بادشاهه پيدا ٿيو.

ٺٽي مان نڪري ريڻ درياهه جو پاسو ورتائين. (ص . . .) ريڻ درياهه (ريڻ بارگاهه) سنڌونديءَ مان نڪتل ڍورو، جنهن جي وهڪري جا آثار اڃا تائين ٽنڊي محمد خان ماتلي ۽ بدين جي تعلقن ۾ موجود آهن.

فتح باغ (ص . . .) هن جا آثار پراڻي ريڻ درياهه جي ڪنڌيءَ تي اٽڪل اٺ ميل ماتليءَ کان پرتي اڄ تائين موجود آهن. وڌيڪ ڏسو حوالا ۽ متعلقات.

هڪ کي جُوال ۾ سبرائي (ص . . .) عمر شاهه جي ٻن پُٽن کي اهڙيءَ ريت قتل ڪرايو ويو. (عمر شاهه ان کان اڳ انهن ڏينهن ۾ جڏهن بادشاهه اروڙ ۾ هو) وفات ڪئي هئي.

مير معصوم لکي ٿو ته: مرزا يادگار ناصر، جيڪو بادشاهه جي خاص ماڻهن مان هو، مرزا شاهه حسن جي ٺڳيءَ تي محرم جي اڳياڙيءَ ۾ 949 هه ۾ بادشاهه کان ڦري ويو هو. بادشاهه 21 محرم 949 هه تي روهڙيءَ کان اُچ

(1) تاريخ معصومي ص 169 – 177.

(2) همايون نامه لنڊن 1902ع.

ڏانهن لڏو کنيو. مرزا يادگار، مرزا شاهه حسن سان وفاداري ڏيکارڻ لاءِ توبون ۽ ٻيو جنگي سامان جيڪو وٽس هو، قلعي اندر موجود مرزا شاهه حسن جي اميرن ڏانهن موڪليو. ان سان گڏ هالي ۽ عمر شاهه کي جيڪي بادشاهه جا خير خواهه هئا، قلعي ۾ اُماڻي ڇڏيائين. مرزا شاهه حسن 24 محرم 949 هه بکر پهتو ۽ قلعي اندر داخل ٿيو. سلطان محمود خان ۽ ٻين اميرن تي ڇوهه ڇنڊڻ لڳو ته اوهان ڇو همايون بادشاهه جي مدد ڪري کيس اناج موڪليندا رهيا. ملا درويش محمد انباردار کي سوريءَ تي چاڙهيو ويو. هالي ۽ عمر شاهه کي سکر واري دروازي وٽ دسي سندن کل لهرائي وئي (1). جيئن ته ارباب عمر شاهه مولف (نسياني) جو نانو هو، ان ڪري هن باري ۾ مولف جي راءِ مير معصوم جي راءِ کان وڌيڪ وزندار سمجهي. اهي ٻئي ڄڻا عمر شاهه جا پُٽ چئي سگهجن ٿا، جو مولف چوي ٿو ته هڪ دائود ۽ ٻيو هالو هو جن لاءِ مير معصوم لکيو آهي ته دائود ۽ هالي کي قتل ڪيو ويو.   

اسان توکي ڇهن پيڙهين تائين هي ملڪ ڏئي ڇڏيو (ص . . .) ڇهه پيڙهيون مرزا عيسيٰ جي دور حڪومت سميت: مرزا عيسيٰ سندس پُٽ مرزا محمد باقي سندس پُٽ مرزا پائنده محمد سندس پُٽ مرزا جاني بيگ جن آزاديءَ سان حڪومت هلائي.

جڏهن مرزا جاني بيگ جي زماني ۾ سنڌ تي اڪبري گماشتا قابض ٿيا، ته مرزا جاني بيگ جي وفات کان پوءِ هي ملڪ سندس پُٽ مرزا غازي بيگ کي جاگير ٿي مليو ۽ سندس حيثيت هڪ نواب جي وڃي رهي. البت مرزا عيسيٰ جي وفات کان پوءِ، هن جي ٻن پٽن محمد باقي ۽ جان بابا پيءُ جي گادي لاءِ، ڪجهه وقت هڪ ٻئي سان جنگ جوٽي، ايستائين جو جان

(1) تاريخ معصومي – ص 177 – 178.

بابا قتل ٿي ويو. جيڪڏهن جان بابا ۽ مرزا غازي بيگ ٻنهي کي به ڳڻيو وڃي ته پوءِ برابر ڇهه پيڙهيون ٿين ٿيون.

شاهه بيگ ۽ شاهه حسن ارغون جي ايڪيتاليهه ورهين جي حڪومت (ص . . .)، شاهه بيگ ارغون 927 هه ۾ سنڌ غصب ڪئي، سندس پُٽ مرزا شاهه حسن 962 هه ۾ مُئو، انهيءَ حساب سان هنن جي حڪومت ايڪتاليهن ورهين بدران پنجٽيهه سال ليکڻ کپي.

ٽيونجاهه سال هن ملڪ تي حڪومت ڪئي (ص . . .) مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سندس اولاد ارغونن کان پوءِ سنڌ تي ايترو وقت حاڪم رهيا، پر اها ڳڻپ صحيح نه آهي. مرزا عيسيٰ ترخان مرزا شاهه حسن جي وفات (12 ربيع الاول 962 هه) کان پوءِ ٺٽي ۾ گاديءَ تي ويٺو ۽ ترخان گهراڻي جو پويون حاڪم مرزا جاني بيگ (محرم سن 1000 هه) ۾ خان خانان هٿان شڪست کائي، حڪومت ان جي حوالي ڪئي. انهيءَ آڌار تي ترخان گهراڻي جي حڪومت جو زمانو 38 سال ٿئي ٿو.

مرزا شاهه حسن جو ميت مڪليءَ جي انهيءَ جي انهيءَ مقبري ۾ رکيائين (ص . . .) مرزا عيسيٰ پاڻ شاهه حسن جي ميت  سان گڏ ڪو نه آيو، بلڪ سيوهڻ جو قلعو هٿ ڪرڻ لاءِ اوڏانهن چڙهي ويو. مير معصوم لکي ٿو ته: ماهه بيگم، شيخ عبدالوهاب پوراني، مرزا قاسم بيگلار ۽ خواجه محمد حسين تي مرزا شاهه حسن جي ميت نيڻ جو ذمو رکيو ويو، جو ٺٽي پهچي پهريان ان کي مير احمد جي حويلي ۾ جيڪا دريا جي ڪنڌ تي هئي امانتي طور دفن ڪيو، ان کان پوءِ اها عمارت، جيڪا مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي خاص انهيءَ لاءِ تيار ٿي هئي، ٽن مهينن کان پوءِ جڏهن مرزا عيسيٰ  واپس آيو، ته مرزا شاهه حسن جو مڙهه وري ان ۾ دفنايو ويو. پڇاڙيءَ ٻن سالن کان پوءِ ميت کي مڪي کڻائي ويا ۽ سندس پيءُ شاهه بيگ جي قبر جي ڀر ۾ پوريائون ۽ مٿس عمارت اڏي وئي، جيڪا مشهور عمارتن مان آهي (1). ترخان نامه جي مصنف جي قول موجب ماهه بيگم ۽ سيد علي شيرازي ٺٽوي، مرزا شاهه حسن جي ميت سان گڏ مڪي ويا هئا.

جڏهن مرزا شاهه حسن ارغون ايڪيتاليهه سال مرزا شاهه حسن اصل ۾ 34 سال (928 هه کان 962 هه تائين) حڪمراني ڪئي.  

مرزا محمد باقي ۽ مرزا محمد صالح جي پاڻ ۾ دشمني، مير معصوم جي بيان مطابق 967 هه جي اڳياڙيءَ ۾ هي ٻئي ڀائر پاڻ ۾ ٽڪريا. مرزا عيسيٰ، مرزا صالح جي طرفداري ڪئي. مرزا باقي گهڻي رتو ڇاڻ کان پوءِ هار کائي، سوڍن جي ماڳ ونگيءَ پاسي هليو ويو، جيڪي ارغون ساڻس گڏ هئا، عمر ڪوٽ هليا ويا ۽ پاڻ جيسلمير کان ٿيندو بکر آيو ۽ سلطان محمود خان سان اچي مليو (2).  

ائين چئي بکر روانو ٿي ويو. مير معصوم لکي ٿو، ته مرزا محمد باقي 918 هه ڌاري بکر پهتو (3).

مرزا صالح جو قتل ٿيڻ، 970 هه ۾ هيءُ واقعو ٿي گذريو. مير معصوم ٿو لکي، ته مرزا صالح مريد نالي هڪ بلوچ هٿان قتل ٿيو، جنهن جي پيءُ کي پاڻ مارائي چڪو هو (4).بيگلارنامي جو مصنف لکي ٿو، ته مرزا صالح ترخان 910 هه ۾ هڪڙي جَت هٿان قتل ٿيو (5). اها ڳالهه مولف جي ڳالهه سان ٺهڪي اچي ٿي، ته مرزا صالح مريد نالي جَتَ (بلوچ) هٿان شهيد ٿيو.

(1) تاريخ معصومي، ص 193 – 194.

(2) تاريخ معصومي، ص 208.

(3) تاريخ معصومي، ص 224.

(4) تاريخ معصومي، ص 208.

(5) تاريخ معصومي، ص 50.

ترخان نامي جو مولف سيد جمال (1015 هه) مرزا صالح جي قتل جو بيان هن ريت ڪيو آهي، ته مرزا صالح مريد بلوچ جي اهل عيال کي سندس قبيلي سميت، هڪ ڌاڙي جي سزا ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو هو. مريد بلوچ درخواست ڏيڻ جي بهاني مرزا صالح جو دڳ جهلي بيهي رهيو. مرزا پاڻ هن کي سڏ ڪيو ۽ گهوڙي تان لهي جيئن کائنس درخواست وٺڻ ٿي گهريائين، ته مريد هڪدم سندس سيني ۾ خنجر وهائي ڪڍيو ۽ مرزا ٿڏي تي فوت ٿي ويو (1).   

هن باري ۾ اسان (ڊاڪٽر بلوچ) سنڌ جي ڪن بلوچ قبيلن کان پڇا ڪئي، معلوم ٿيو، ته مريد خان رجيرن جي قبيلي مان هو، جيڪو ڪرمتي ٻروچن جو هڪ قبيلو آهي. ڪِن چيو، ته هو لاشاري قبيلي مان هو، پر اها ڳالهه ڪنهن به قبول نه ڪئي، ته هو برابر جَت قوم مان هو. انهيءَ تنازعي جو اصل سبب راوين هيئن ڄاڻايو آهي، ته مرزا صالح بلوچن مان ڪا ڇوڪري پنهنجي نڪاح ۾ آڻڻ ٿي گهري، پر ڇوڪريءَ جي پيءُ انهيءَ سڱابندي کان صاف نهڪر ڪري ڇڏي. مرزا صالح خار ۾ اچي ٻروچن سان ظلم ڪرڻ تي لهي آيو. مريد خان تڏهن گجرات ۾ هو، جتان ٻروچن جي حمايت لاءِ هيڏانهن هليو آيو ۽ مرزا صالح کي قتل ڪري، پنهنجي قوم جو ننگ بچايائين. سنڌيءَ ۾ چيل هيءُ بيت، جيڪو مريد خان ڏانهن منسوب آهي، اڃا تائين ميرپور ساڪري وارن ڪرمتي ٻروچن جي روايتن ۾ محفوظ آهي:

 

گهگهيلي جي گار تان، ڪريان ڪٽاري گهاء،
مرزا صالح ماريان، ٻي نه ڪريان ڪاء.

(1) ترخان نامه ايلئيٽ ۽ دائوسن جي تاريخ ۾ آيل اقتباس، ج 11 ص 324 – 325.

مرزا صالح جي قبر تي لڳل پٿراهين ڪتبي مٿان (مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي) جيڪا تاريخ اُڪريل آهي، تنهن مان پتو پوي ٿو ته پاڻ ڇنڇر 23 شعبان 970 هه ڌاري، خنجر لڳڻ سان فوت ٿيو.     

فرنگين جي ٺٽي تي چڙهائي، مصنف پهريون مورخ آهي، جنهن انهيءَ حادثي جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. ٻئي پاسي مير معصوم ان بابت ڪجهه به نه ٿو ٻڌائي، البت بيگلارنامي وارو چوي ٿو ته: مرزا عيسيٰ 963 هه ۾ وير پاڙڻ ۽ ملڪ وٺڻ لاءِ بکر جي حاڪم محمود خان تي ڪاهي ويو. پاڻ اڃا قلعي تي قبضو ڪرڻ وارو هو، ته ايتري ۾ ٺٽي کان کيس خبر ملي، ته فرنگي جن کي مدد لاءِ گهرايو ويو هو، بڇڙي نيت سان ٺٽي ۾ داخل ٿي، شهر کي باهيون ڏئي چڪا آهن. مرزا عيسيٰ  اها خبر ٻڌي، تڪڙو ٺٽي ڏانهن وريو (1).

ان حقيقت موجب فرنگين جو ٺٽي کي لُٽڻ وارو زمانو 963 هه درست ناهي.

اُهي فرنگي دراصل پورچوگيز هئا، جيڪي سورهين صدي عيسوي ۾ هندستان، ايران، عرب ۽ آفريقا جي بندرن کي باهيون ڏيئي، ڪيئي قتل ڪري چڪا هئا. اهڙيءَ ريت هتان جي ماڻهن کي به ڦري لُٽي قتل ڪندا ويا. ٻاهرين ماخذ وٽان ٺٽي جي انهيءَ ڦُر لُٽ بابت هيٺين ڄاڻ ملي ٿي (2)،

(1)  بيگلارنامو، 40 – 42 ترخان نامه جي لکت موجب، جيڪو تاريخ طاهريءَ کان پوءِ 1065 هه ۾ تصنيف ٿيو، مرزا عيسيٰ محرم 962 هه ۾ بکر پهتو. (ايلئيٽ ۽ دائودسن جا اقتباس، ج 1، ص 324)، پر سال 963 هه صحيح آهي، جنهن لاءِ هن حاشي جي پڇاڙيءَ ۾ ڏسڻ گهرجي.

(2)  Danvers frederick charles. The Porotuguese and India etc: London 1 x 94, vol: 1, P. 508

جنهن مان بيگلارنامي جي تصديق ٿئي ٿي، ته مرزا عيسيٰ خود پورچوگيزن کي پنهنجي مدد لاءِ گهرايو هو.

1556ع ۾ سنڌ جي حاڪم جو سفير بسين شهر ۾ پورچوگيزن جي عامل وٽ پهتو، جنهن پنهنجي دشمن خلاف جيڪو سدائين کيس آزاريندو ٿي رهيو، مدد طلب ڪئي. سياسي حڪمت عملي موجب، ته سنڌ جي حاڪم کي انهيءَ مدد وسيلي پنهنجو محتاج بڻائڻ لاءِ اها مدد ضرور موڪلڻ گهرجي، هن ڏانهن اٺاويهه فوجي ٻيڙا پيڊرو بريٽو روليم (Pedro Barreto Rolim) جي سپهه سالاريءَ ۾ موڪليا ويا. اهي سڀئي ٻيڙا سلامتيءَ سان وڃي ٺٽي تي پهتا، جيڪو سنڌ جي حاڪم جي گاديءَ جو هنڌ هو. ٺٽي ۾ موجود مرزا عيسيٰ  جي پُٽ بريٽو سان ملاقات ڪئي ۽ ان جي اچڻ جو اطلاع پنهنجي پيءُ ڏانهن اُماڻيائين، جيڪو لشڪر سميت ٻاهر ويل هو. پريٽو ڪجهه وقت ٺٽي ۾ ترسيو. انهيءَ وچ ۾ خبر ٻڌايائين، ته ٺٽي جو حاڪم پنهنجي دشمن سان صلح ڪري، واپس اچي رهيو آهي. پوءِ ته مرزا عيسيٰ جي پُٽ کي خرچ ڀري ڏيڻ لاءِ مٿس زور وڌائين، جنهن جو هتان جي سفير ساڻس وعدو ڪيو هو. جنهن تان هن کي خرچ ڀري ڏيڻ کان انڪار ڪيو. جنهن تان هن پنهنجا ماڻهو شهر ۾ ڇيڪ ڇڏي ڏنا، جن انڌ ۾ اچي اٺ هزار ماڻهو قتل ڪيا ۽ لکن جون ملڪيتون ساڙي ڇڏيائين. پوءِ ڦُر لُٽ جي مال مان ٻيڙين کي ايڏو ته ڀريائون، جو ايشيا ۾ ڪنهن به ايڏي مَڏي هٿ نه ڪئي هوندي. انهيءَ حملي ۾ بريٽو جو ڪم هڪڙو ماڻهو به قتل نه ٿيو هو. هيءُ سڄو هفتو ٺٽي ۾ رهيو. درياهه جي ٻنهي پاسين جيڪا آبادي هئي، برباد ڪرائي ڇڏيائين. بندر جي قلعي جا جيڪي محافظ سندس مقابلي لاءِ اُٿيا، تن کي به ماري ڪُٽي قلعي کي ڊهرائي پَٽ ڪرايائين.

هن اقتباس مان پتو پوي ٿو، ته پورچوگيز 1556ع ۾ ٺٽي آيا. اسان کي خبر آهي، ته اهي 963 هه ۾ ٺٽي کي تباهه ڪري ويا. ان ڪري جو سال 963 هه تاريخ 3 نومبر 1556ع تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ حقيقت موجب پورچوگيزن جي ‎ٺٽي تي چڙهائي ان کان اڳ ليکڻ کپي. مير علي شير قانع لکي ٿو، ته فرنگي گوا بندر کان هلي اچي لاهري بندر ۾ داخل ٿيا، ملڪ کي بنا ڪنهن ڌڻي سائينءَ جي ڏسي ڦُرلٽ تي لهي پيا. جمعي جي ڏينهن جيڪي ماڻهو نماز جي پقت جامع فرخ ۽ ٻين هنڌن ڏانهن ڀڳا، تن کي قتل ڪيائون.

اُهي ساڳيا فرنگي هئا، جن کي مرزا عيسيٰ پاڻ مدد لاءِ گهرايو هو ۽ هنن کيس موجود نه ڏسي اها ڪاروائي ڪئي (1).    

فرنگين ٺتي جي مسجدن ۾ جيڪي قتل ڪيا تن جون ڳالهيون اڃا تائين ماڻهن کان نه وسريون آهن. مير طاهر محمد جو اهو لکڻ ته ڪيئي شهري مير فرخ ارغون جي مسجس ۾ پناهي ٿي پاڻ بچائي ويا، مڃڻ کان ٻاهر آهي.

مير فرخ ارغون جي جامع مسجد، مير فرخ پُٽ امير محمد بيگ ارغون (2).ارغون امير جيڪو شاهه بيگ سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو. مير فرخ مرزا شاهه حسن جي زماني ۾ فوجي مقدم ۾ مرزا جو خاص ماڻهو هو. مرزا شاهه حسن، ڄام فيروز، اُچ جي لانگاهن ۽ ڪڇ جي راءَ کنگهار سان جيڪي جنگيون ڪيون، تن ۾ هن وڏا ڪارناما ڪري ڏيکاريا. مرزا شاهه حسن کيس درٻيلي وارو علائقو ڏئي ڇڏيو هو. جنهن زماني ۾ همايون بادشاهه سنڌ ۾ آيو، مير فرخ، مرزا شاهه حسن کي منع ڪئي، ته پنهنجي لشڪر کان

 

(1) تحفته الڪرام ج 3، ص 67.

(2) ان ڪتبي مطابق، جيڪو سندس قبر تي لڳل آهي. 

سواءِ توکي شاهي لشڪر ڏانهن نه وڃڻ گهرجي ۽ جڏهن مرزا ڪامران ڪابل مان سنڌ ۾ آيو، ته مرزا شاهه حسن، مير فرخ کي منهن ڏيڻ لاءِ پاٽ روانو ڪيو هو (1).   

ارغوني امير، مير فرخ، مير عليڪ، ڪيبڪ ۽ تيمور * ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪري چڪا هئا. مير فرخ اتي ئي مرزا شاهه حسن جي دور (938 هه) ۾ مسجد تيار ڪرائي، جنهن جو پتو، انهن پٿرن جي لکت مان پوي ٿو، جيڪي پاڪستان عجائب گهر ڪراچيءَ ۾ رکيل آهن.

 

به دور شاهه عادل آن حسن خلق حسين آئين
که آمد خنک گردون، باوجود سرڪشي رامش
بناي مسجد جامع شد از دريا دلي واقع
که دارد عالمي را شاد و خرم فيض انعامش
بگرماي قيامت گر پناه – او نخواهد شد
پناه – فرخ از بهر – چه شد تاريخ اتماش

مير علي شير قانع، جنهن 1182 هه ۾ تحفته الڪرام تاليف ڪيو، انهيءَ مسجد بابت لکي ٿو:

 

(1)   تاريخ معصومي، ص 143 – 144 – 1256 – 162 – 164 – 169 – 182.

*    انهن اشرافن جو اڳ به هن ڪتاب ۾ ذڪر خير ٿي چڪو آهي ته: ڪيبڪ، فرخ ۽ تيمور وغيره، جيڪي مرزا شاهه حسن جي دور ۾ ان جي حڪومت جا ڀرجهلا هئا ۽ انهن جي ئي مدد سان هي ملڪ مرزا شاهه حسن جي ڌاڪ هيٺ رهندو ٿي آيو (مرزا عيسيٰ ترخان جي زماني ۾) اهڙا لاپراوهه ٿي ويا، جو گاهه بيگاهه شراب پي بدمست ٿي، سندس حويليءَ تي گهوڙا چاڙهي، نچندا ڪڏندا اچي درٻار ۾ ٿي رسيا. مترجم 

از آثارش جامع بزرگ فرخ يادگار که تعمير ثاني اش به عهد شاهجان و قوع يافته و بناي حال مشعر دو قطعه اساس زمان قريب هم ازان قرار صورت ظهور دارد (1).

فرنگين جي فتني ڀيري مير فرخ ارغون اڃا جيئرو هو، جو سال اڳ (962 هه) ۾ سندس ۽ ٻين ارغوني اميرن جي حمايت سان مرزا عيسيٰ ترخان ٺٽي ۾ حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو (2).

984 هه ۾ حڪومت مرزا باقيءَ جي آسري ڇڏي، 80 جي بدران 70 هئڻ کپي، اها غلطي ڪاتب جي ٿي ڏسجي. مير معصوم لکي ٿو، ته 974 هه ۾ مرزا عيسيٰ طبعي موت مئو (3)، ليڪن مرزا عيسيٰ جي قبر تي لڳل پٿراهين ڪتبي جي عبارت مان معلوم ٿئي ٿو، ته هن 973 هه ۾ وفات ڪئي هئي:

 

وفات يافت حضرت ميرزا بنده آل محمد
عيسيٰ بن عبداللعلي ترخان 973 هه.
 

پيءُ جي تعزيت لاءِ 986 هه ۾ مرزا باقيءَ وٽ لنگهي آيو. اهو 987 هه پڙهڻ گهرجي، جڏهن مرزا جان بابا ظاهريءَ طرح پيءُ جي تعزيت لاءِ پنهنجي ڀاءُ مرزا باقيءَ وٽ آيو هو. جيئن ته پڻس 973 هه ۾ فوت ٿيو، ان ڪري 976 هه ۾ هن جو اچڻ قياس جوڳو ٿي سگهي ٿو، بلڪ هن جي اچڻ جو سال 975 هه کان اڳ ليکڻ کپي، جيئن ترخان نامي جو مولف لکي ٿو، ته مرزا جان بابا

(1)   تحفته الڪرام فارسي متن جلد 3، ص 90.

(1) تحفته الڪرام ج 3، ص 65.

 (2) تاريخ معصومي، ص 210.

975 هه ۾ مرزا شاد مان ۽ سلطان (؟) سان گڏ حڪومت جو دعويدار ٿي پنهنجا ماڻهو وٺي مرزا باقيءَ جي مقابلي لاءِ اٿي کڙو ٿيو.       

ڪوڻيءَ (نيلوفر) جو ٻج، جنهن کي ناپو سڏيو وڃي ٿو (ص . . .). ناپو اصل ۾ نيلوفر جو ٻج ناهي، ڪوڻيءَ جا ٻه قسم مِٺال ۽ ڪڙال سنڌ جي ڍنڍن ۾ پيدا ٿين ٿا. مٺال مان نيلوفر جو گل ٿئي ٿو. ان جي پاڙن ۾ گول قسم جو تخمدان هوندو آهي، جيڪو ڪُم سڏجي ٿو. ڪُم ۾ داڻا هوندا آهن جن کي گبو مٺال چون ٿا. ڪَڙال مان به گل پيدا ٿئي ٿو، جيڪو گل نيلوفر کان ٻئي قسم جو هوندو آهي. سنڌيءَ ۾ ان کي ڪُوڻيءَ جو گل سڏيندا آهن. ڪڙال جي پاڙن مان شاخون پوٽن ٿيون، جن جي پڇڙيءَ  ۾ گول تخمدان ٿئي ٿو، ان کي به ڪُم سڏيندا آهن. فرق هي آهي ته ڪُڙال جو ڪُم وڏو ۽ مٺال جو ڪُم ننڍو ٿيندو آهي. ڪڙال واري ڪُم اندر ڪارا ٻج ٿين ٿا، جن کي ناپو سڏيو وڃي ٿو. اڳئين زماني ۾ غريب هاري ناري ناپي کي ان وانگي گڏ ڪري ان مان مانيون پچائي کائيندا هئا.

هندن هوڻ شروع ڪيو (ص . . .) فارسيءَ ۾ اهو لفظ اتي ۽ ٿورو اڳتي هوم لکيل آهي، جو سنڌيءَ ۾ هوڻ مشهور آهي. ”هوڻ ڪرڻ“ هندن جي هڪ رسم آهي، جا عبادت وقت تيل جا ڇنڊا باهه تي هڻي ادا ڪئي وڃي ٿي.

سندس پياري پُٽ ۽ نصرپور جي حاڪم مرزا شاهه رخ وفات ڪئي (ص . . .). بيگلارنامي جي مصنف لکيو آهي ته 989 هه ۾ مرزا باقيءَ کي مرزا شاهه رخ جي وفات جي خبر ملي (1)، پر هن جي قبر تي لڳل ڪبي مان (مڪليءَ جي ٽڪري تي واقع) معلوم ٿئي ٿو ته 992 هه ۾ فوت ٿيو هو.  

(1)  بيگلار نامو ص 218.

 مرڻ واري رات (ص . . .) مرزا باقي جي مزار (مڪليءَ تي) لڳل ڪتبي مان ثابت ٿئي ٿو، ته مزار محمد باقي خميس ڏينهن 8 شوال 993 هه مري جهان ڇڏيو.

صادق محمد خان جو سنڌ ۾ اچڻ وري هندستان ڏانهن واپس وڃڻ (ص . . .). مير معصوم لکي ٿو ته (اڪبر جو ڇاڙتو) اڱاري ڏينهن 12 ربيع الاول 994 هه بکر پهتو ۽ حج واري مهيني ۾ ساڳئي سال سيوهڻ روانو ٿيو. انهيءَ روانگيءَ کان اڳ، سندس لشڪري هڪ ٻه ڀيرا پاٽ جي شهر ۾ وڃي مرزا جاني بيگ جي ماڻهن سان چڪريون کائي چڪا هئا، جن ۾ هنن جي سوڀ ٿي هئي. جڏهن صادق محمد خان سيوهڻ ڏانهن اُسهيو ته سبحان قلي ارغون جيڪو مرزا جاني بيگ جي لشڪر جو اڳواڻ هو. درياهه جي ڪنڌيءَ تي ڪوٽ اڏي ٻيڙين جي جنگ ڪرڻ لڳو، تڏهن به صادق محمد خان جي ماڻهن جي سوڀ ٿي. صادق محمد خان خوش ٿي وڃي سيوهڻ جي قلعي کي گهيرو ڪيو، پر (مولف جي بيان موجب) کيس ڪاميابي حاصل نه ٿي. انهيءَ وچ ۾ مرزا جاني بيگ بري ۽ بحري لشڪر سان سيوهڻ کان ڇهه ڪوهه اورتي مهراڻ جي سامهون اچي پهتو. صادق محمد خان قلعي جو گهيرو ڇڏي، مرزا جاني بيگ سان منهن ڏيڻ جي ڪئي. جڏهن ٻئي اچي لَڪي جبل وٽ پهتا ته مرزا جاني بيگ جي ٻيڙين صادق محمد خان جي لشڪر تي توبن بندوقن جا ڌوڙيا لائي ڏنا. اهو مهاڏو ڪيترن ڏينهن تائين هلدنو رهيو. ايتري ۾ شاهي فرمان آيو ته مرزا جاني بيگ شاهي درٻار ۾ آڻ مڃي، پنهنجا پلو آجا ڪرايا آهن. اهو ٻڌي صادق محمد خان واپس بکر آيو ۽ ٿورن ڏينهن کان پوءِ شاهي درٻار ڏانهن رخ ڪيائين. 1 – هه (1).  

 

(1)  تاريخ معصومي ص 247 – 249.

بيگلارنامي وارو لکي ٿو، ته سبحان قلي ارغون جي شڪست ۽ مرزا جاني بيگ جي سيوهڻ اچڻ کان اڳ مرزا باقي فوت ٿيو (1).

جيئن ته مرزا محمد باقيءَ جو موت 8 شوال 993 هه ثابت ٿئي ٿو، ان ڪري صادق محمد خان بابت چي سگهجي ٿو ته هو 993 هه ڌاري سنڌ ۾ آيو. 

سال 1010 هه ۾ (ص . . .) خان خانان 1010 هه ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي. مولف هتي به سن لکڻ ۾ سهو ڪئي آهي. اصل ۾ 1010 هه بدران 959 هه پڙهڻ گهرجي.

مير معصوم جيڪو پاڻ به انهيءَ ڪاهه ۾ خان خانان سان گڏ هو، لکي ٿو ته خان خانان پهريان 22 شوال 998 هه خريف جي وچ ڌاري بکر ۾ اچي جنگي مهم ۾ مشغول ٿيو. ان کان پوءِ تاريخ 14 صفر 999 هه ۾ مير معصوم پاڻ به بکر آيو ۽ خان خانان به اُتي (2) هو.   

نصرپور صوبي جي بوهري ڳوٺ وٽ پهچي (ص . . .) بيگلارنامي جي مصنف بوهري جهيجه (جهيجن واري بوهري) لکيو آهي. بُهري يا کهري حقيقت ۾ انهيءَ ڍنڍ کي چيو وڃي ٿو، جا ٻوڏ جي پاڻيءَ مان درياهه ڪنڌيءَ لڳ تيار ڪئي ويندي آهي. جهيجن جي ڳوٺ هن وقت اڏيري لال جي ڳوٺ نالي سان مشهور آهي. بوهري جنهن کي بوهريون به چون ٿا، اڏيري لال لڳ حيدرآباد ضلعي ۾ آهي.  

بيگلارنامي جو مصنف لکي ٿو ته: خان زمان (شاهه قاسم خان) امير خسرو، شيخه سلطان، قاسم علي سلطان ۽ ٻين اميرن کي ساڻ ڪري بوهريءَ وٽ اچي جائتيا ٿي ويٺا جنهن جي هڪڙي پاسي درياهه، ٻئي طرف

(1)  بيگلار نامو ص 224 – 225.

(2)  تاريخي معصومي 250 – 251.

جتان دشمن جي لشڪر جو دڳ هو، اهڙي ڌٻڻ هئي، جو انهيءَ کي ان پاسي اچڻ جي همت نه هئي، ڇو ته اتي جنهن به پير ٿو رکيو، سو ڳچي تائين دٻڻ ۾ هليو ٿي ويو. امير خسرو اها جاءِ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ لشڪرين کي شاباس ڏنائين، ته کاهي توڙي ڪوٽ جي لاءِ هن کان وڌيڪ ڪا ٻي جاءِ  ٿي نه ٿي سگهي. بر وقت کاهي لاءِ کڏ کوٽڻ جو حڪم ڏنائين، جنهن سان گڏ سندس لشڪرين ٺُل ۽ ڪونگرن سان هڪ ڪوٽ اڏيو، جيڪو ٿوري ئي عرصي ۾ تيار ٿي چڪو هو. پوءِ نصرپور مان سڄو لشڪر ان قلعي ۾ اچي آرامي ٿي ويهي رهيو (1).

شاهه بيگ خان کي نصرپور ۽ شاهه ڳڙهه واري قلعي کي گهيري ۾ آڻڻ لاءِ اُماڻيائين. شاهه قاسم خان بيگلار قلعي جي صورت ۾ تعمير ڪرايو، جنهن تي سندس نالو پيل هو. بيگلار نامي مان معلوم ٿو ٿئي، ته 993 يا 994 هه جي پڇاڙيءَ ۾ سبحان قلي ارغون، نواب صادق محمد خان هٿان هار کائي، شاهه قاسم ارغون سان اچي مليو. ٻئي ڪناد ڳوٺ ۾ هئا، ته شاهه قاسم سبحان قلي کي اتان مرزا جاني بيگ ڏانهن اُماڻيو ۽ پاڻ نصرپور پهچي، شاهه ڳڙهه مرزا جاني بيگ ڏانهن اُماڻيو ۽ پاڻ نصرپور پهچي، شاهه ڳڙهه وارو قلعو تعمير ڪرايائين (2).     

خان خانان جي حملي دوران، ابو القاسم سلطان ولد شاهه قاسم خان هن قلعي ۾ اچي ويٺو ۽ ان کي مضبوط ڪرايائين. ان کان پوءِ به ابو القاسم انهيءَ قلعي ۾ رهندو آيو، جنهن ڪري اهو قلعو هتان جي ماڻهن ۾ سندس نالي مشهور ٿيو، جنهن کي عام طرح اَبل جو ڪوٽ سڏيو وڃي ٿو. هن جا آثار اڄ تائين انهيءَ نالي سان نصرپور کان ست ميل اوڀر تي باقي آهن.

(1)  بيگلار نامو ص 232.

(2)   بيگلار نامو ص 227.

بيگلارنامي جو مصنف شاهه ڳڙهه قلعي جي گهيري بابت لکي ٿو: شاهه بيگ خان جيڪو پنهنجي لشڪر جو اڳواڻ هو، شاهه ڳڙهه جي قلعي وٽ پهچي، ان جي سڌ ۾ کاهي کوٽائي، منجهس لشڪر ٿمائي ويهي رهيو. سندس لشڪر ڏهاڙي ڦُرلُٽ جي نيت سان پاسي اوسي پئي ويو ۽ جتان ڪٿان ماڻهن جو مال متاع ڦُري لُٽي ٿي آندائين. ابو القاسم سلطان قلعي جا دروازا بند ڪرائي، لشڪر جي زور ۽ پنهنجي همت سان اندر ويٺو رهيو. کيس دشمن جي لشڪر جو ڪو به ڊپ ڊاءُ ڪو نه هو. هڪ ڏينهن دليري ڪري، پنهنجي ماڻهن سان قلعي کان ٻاهر آيو ۽ شاهه بيگ خان سان، جيڪو وقت جي بهادرن مان هو، چڪري ڏيئي ڪيترن کي زخمي ڪري ۽ ڪيترن کي ماري، مال اسباب لُٽي مُڙسان مُڙسيءَ قلعي ۾ واپس هليو آيو (1).

مير طاهر محمد نسيانيءَ، شاهه بيگ خان جي حمايت ۾، جيڪو سندس پيءُ جو مربي هو، هن واقعي بيان ڪرڻ ۾ ابو القاسم سلطان سان انصاف نه ڪيو آهي، جيئن لکي ٿو ته: ابو القاسم کي شاهه بيگ خان، شاهه ڳڙهه جي قلعي ۾ بند ڪري ايڏو ته لئيم بڻايو، جو هو انهيءَ بي تابي ۽ بي طاقتيءَ ۾ به نامور ٿيڻ جي شوق تي ڪاهي آيو، جنهن جا ماڻهو شڪار تي ويل هئا. جڏهن هو اڪيلي سر ساڻس منهن ڏيڻ لاءِ اُٿيو، ته ابو القاسم قلعي ۾ ڀڄي آيو ۽ سندس ماڻهو اُتي ئي رهجي ويا.

پنج سو ڪبر، ڪبر اصل ۾ ڪير آهي، جيڪو انهيءَ زماني ۾ هلندڙ سڪو هو. ابو الفضل آئين اڪبريءَ ۾ ٻڌائي ٿو، ته هڪ ابراهيمي سِڪو چاليهن ڪبيرن جي برابر هو ۽ چوڏهن ڪبير هڪ اڪبر شاهي رپئي جي برابر هئا  (2).

(1)  بيگلار نامو ص 237.

(2)  آئين اڪبري ج 3، ص 56.

سنڌ ۾ تڏهن ميري يا پوستني ۽ تنڪو (ٽڪو) اهي سڪا رائج هئا. مولف چواڻيءَ ٻارهن ميريون هڪ ڪبير جي برابر هيون ۽ ٻاهتر ميريون (يا پوستني) هڪ سنڌي ٽڪي جي برابر هيون، انهيءَ حساب سا ڇهه ڪبير هڪ سنڌي ٽڪي جي برابر هئا ۽ ٽڪو ٽي ڀاڱي ست اڪبر شاهي رپئي جي برابر هو. هوڙي والا لکي ٿو، ته اهو ٽڪو شاهرخي يا مثقالي وارو سڪو هو، جيڪو اڪبر شاهيءَ جي ٻه ڀاڱي پنج رپين جي برابر ليکيو ٿي ويو (1).  

پرونه جرگس فرنگي سوداگر، جيڪو هر سال (هُرمز) ايران مان ٺٽي ايندو هو. مير معصوم، جيڪو پاڻ شاهي لشڪر انهيءَ جنگ ۾ شريڪ هو، لکي ٿو: ڪي ٻيڙا جن ۾ جنگ ڪندڙ فرنگي ۽ ڪي سپاهي هئا، شاهي لشڪر کي هٿ لڳا (2). ذخيرې الخوانين جو مصنف لکي ٿو: ست ٻيڙا شاهي لشڪر کي هٿ آيا، باقي ٻيا هارائجي ويا. اها جنگ 6 محرم 1000 هه ۾ لڳي هئي، 1 هه (3) اهي فرنگي اصل ۾ پورچوگيز هئا، جيڪي انهيءَ زماني ۾ عرب، هند جي ڪن بندرن تي قبضو ڄمائي، اُتي ويهي رهيا هئا. هرمز بندر ايران جي ساحل تي، انهن جي قبضي ۾ هوندو هو، جتان هر سال پنهنجو ايلچي سنڌ ڏانهن ٿي موڪليائين. پورچوگيزي زبان ۾ ايلچي کي فيتر “Feitur” چوندا آهن. فارسي عبارت ۾ پرونه جرگس دفتر لکيل آهي، دفتر مان مراد فيتر سمجهڻ کپي. پرونه جرگس دفتر دراصل Brown jurgis feitur آهي (4).

 

(1)      Studies in Indo Muslim History

(2)  تاريخ معصومي ص 253.

(3)  ذخيرې الخوانين ج 1، ص 53. Bomby 1938, P. 122 – 123

(4)      Studies in Indo Mulim History P. 123

ٻنهي جو ٻيڙو ٻڏي ويو، يعني خسرو چرڪس ۽ جرگس فرنگي، پر اها هنن جي غلطي آهي خسرو چرڪس سلامتيءَ سان نڪري ويو ۽ ان کان پوءِ به جيئرو هو ۽ ايترا ڪارناما ڪيائين جو خود مصنف بيان ڪري چڪو آهي.

ڪلان ڪوٽ (تغرل آباد).

خان خانان جي پاران مرزا جاني بيگ ڏانهن ايلچي موڪلڻ اهو اظهار هڪ خط ۾ ڪيل هو، جيڪو خان خانان مرزا جاني بيگ ڏانهن موڪليو. انهيءَ خط جو متن تاريخ معصوميءَ  جي هڪ قلمي نسخي جي حاشئي تي، جيڪو به برٽش ميوزم ۾ محفوظ آهي (1)، هن طرح دستياب ٿئي ٿو.    

خط جو مسودو جيڪو خان خانان انڙ پور جي قلعي تي گهيري وقت مرزا جاني بيگ ڏانهن لکيو: اهي بي خبر ۽ بي فڪر جن جو رت اچي تتو آهي ۽ سندن حياتيءَ  جي خبر ناهي، جيڪي مجبوريءَ ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ قلعي اندر بند آهن.

سندن ايلچيءَ کي اجازت ڏيڻ کان پوءِ لکيو ويو ته: بادشاهه سلامت لاهور جي شهر ۾ اچي منزل انداز ٿيو آهي. انهيءَ ويجهڙائيءَ ۾ اوهان کي سرڪشيءَ بدران، شاهي دربار جي سلاميءَ تي اچڻ کپندو هو، پر توهان ڪن لاٽار ڪري ڇڏي ۽ اهڙي آڪڙ ۾ اچي پيا، جو اوهان کي ڪنهن به ڳالهه جو ڌيان نه رهيو، ايتري تائين جو جنگ ۽ گهيري کان پوءِ وري شيخ عبدالڪريم کي اُماڻيو ويو. جيئن ته اوهان ظاهري طرح مسلمان ڏسڻ ۾ ٿي آيا، ان ڪري مهرباني ۽ مروت کان ڪم وٺي، سيوهڻ جي شهر وٺڻ تي اڪتفا ڪئي وئي، پر ان مان ڪو فائدو نه ٿيو. نيٺ نتيجو اهو نڪتو، جو سڀ ڪنهن کي سُڌ پئجي وئي. توهان خشڪي توڙي درياهي فوجن جي

(1)  شمارو 700، 16Add    فهرست روبوج 1 ص 292 الف ورق A   187 ۽ B  187.

جنگ ڏٺي ۽ اوهان کي هر ڳالهه جو آزمودو ٿيو. انهيءَ وچ ۾ وري مولانا مرزا عليءَ کي موڪلي، اوهان آزين نيزارين سان گڏ سيوهڻ ڏيڻ قبوليو، اسان اوهان جي گوهين ۽ اڙ انگوڙي هوندي به، سيوهڻ ۽ ٻيڙن وٺڻ تي راضي ٿياسون ۽ اسان جو اوهان سان صلح ٿيو. اوهان کي شاهي درٻار ڏانهن هلڻ لاءِ تياري جي مهلت ڏني وئي . . . جيڪا به ميڙ منٿ ٿي . . . (2).

تقي الدين محمد ۽ مرزا علي بهادر کي (صلح جي معاهدي جي پڪ ڪرڻ لاءِ) موڪليو ويو، جن کي اوهان جي ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جي سڄي خبر پئجي وئي. اهي ڳالهيون ڪو به عقلمند گوارا ڪري نه ٿو سگهي، اوهان پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ اهڙي قسم جي مڪر ۽ حيلي واري هلت اختيار ڪري، ٻن ڏينهن جي هلايل ڳالهين دوران پاڻ کي جنهن حماقت ڀري چالاڪيءَ سان مڪار ۽ عيار ثابت ڪري چڪا آهيو، تنهن مان اوهان جي اصليت پڌري ٿي چڪي آهي. هاڻ سنئين سڌي ڳالهه اها آهي، ته جيڪڏهن اوهان (مرزا جاني بيگ کي) معافي وٺڻ ۽ ڏوهه گناهه بخشائڻ لاءِ ترار ۽ تيردان ڏوهين وانگي ڳچيءَ سان ٻڌي، شاهي  درگاهه جي ٻڌي ٻانهي (خان خانان) وٽ پيش ٿي، بادشاهه سلامت جي حاضريءَ لاءِ تيار ٿيو، جيڪو هر مشڪل آسان ڪري سگهي ٿو. ان کان مٿي ڪا به ڳالهه ڪرڻ ٿڌي لوهه ڪُٽڻ ۽ سنداڻ پٽڻ برابر ٿيندي، اڃا توبهه جا دروازا کليل آهن، اوهان (مرزا جاني بيگ) کي پاڻ سان گڏ پنهنجي اولاد ۽ مسلمانن تي رحم ڪرڻ کپي، پاڻ جهالت تي هلڻ بدران جيڪي به ڪرڻ چاهي ٿو، تنهن جي بڇڙائي ڀري عاقبت تي ويچار ڪري، نه ته اڳتي هلي قيد، قتل، ڦرلٽ ۽ آبرو ريزيءَ جا جيڪي واقعا رونما ٿيندا، تن جو وبال سندس ئي سر تي هوندو. هن

(2)  رويو گراف ۾ ڪي اکر نه اچي سگهيا آهن.

کان پوءِ اوهان جي خيرخواهي ۽ عاجزيءَ مان ڪجهه به نه ورندو. ٻيو ته آئندي جيڪو خط پٽ لکيو ويندو، سو ليکي ۾ نه ايندو. هاڻ ڪنهن به خط يا پيغام جي ضرورت ناهي، اڄ کان اهو رستو بند سمجهندا. جيڪڏهن انهيءَ مقصد لاءِ اوهان وٽان ڪو به ماڻهو اسان ڏانهن آيو، ته اهو قتل ٿي ويندو. اوهان جيئن لنوائڻ جي ڪندا تيئن مصيبت جون سنگهرون وڌنديون وينديون ۽ اوهان جون گردنون سوگهيون ڪري ڇڏينديون. هوشيار ٿيو هاڻ مصيبت اچي اوهان جي سر تي ڪڙڪي آهي. جهل جي انڌ ۾ ڪنهن چڱي جي صلاح نه وٺڻ جو نتيجو اهو ئي نڪري ٿو، جيڪو اوهان ڏسي رهيا آهيو. اسان مڙئي عهدا ذما پورا ڪري ڇڏيا، هاڻ اسان تي خدا ۽ خلق جو ڪو به عتاب ڪو نه رهندو، جيڪي ٿيندو تنهن جو وبال جاهلن جي گردن تي هوندو. خدا پنهنجي پيارن کي بيوقوفن جي صحبت ۽ دوست نما دشمنن جي آشنائي ۽ سندن ڪوتاهين کان امان ۾ رکي. جيڪو چڱائيءَ کان ٿڙي وڃي، تنهن کي ان جو اهڙو ئي نتيجو ڏيکاري وڌيڪ لکڻ بيڪار آهي!

چڱائي تي هلڻ واري انسان لاءِ.

سعديءَ جو هڪڙو ئي حرف ڪافي آهي.            

سڀ کان اول سيوهڻ وارو قلعو خان خانان جي ماڻهن مرزا جاني بيگ جي ماڻهن وٽان هٿ ڪيو. مير معصوم لکي ٿو: مرزا جاني بيگ جو چوڻ هو، ته آءٌ ٽيهه ٻيڙا ۽ سيوهڻ جو قلعو اوهان (خان خانان) جي حوالي ڪريان ٿو. پاڻ وري ٺٽي پهچي اتي اوهان سان ملندس. خان خانان آبڪلاڻيءَ واري موسم سن ۾ گذاري، سياري جي شروعات ۾ ٺٽي روانو ٿيو. جڏهن فتح تائين پهتو، ته پريان مرزا جاني بيگ به ظاهر ٿيو ۽ ٻئي پاڻ ۾ اچي گڏيا (1).

(1)  تاريخ معصومي ص 256.

 خان خانان پنهنجي جاءِ تي دولت خان لوڌيءَ کي هتان جو حاڪم مقرر ڪري مير معصوم چواڻيءَ خان خانان دولت خان لوڌي ۽ خواجه مقيم کي بندوبست لاءِ نائب مقرر ڪري، شاهي فرمان موجب مرزا جاني بيگ سان گڏجي شاهي درٻار ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪئي (1).   

مرزا جاني بيگ، جنهن پنهنجي پيءُ مرزا محمد پائنده بيگ مرحوم کان پوءِ يارهين ڏينهن به مس حڪومت ڪئي تي پڻ مصنف لکي ٿو ته مرزا جاني بيگ رڳو يارهن ڏينهن ازاديءَ سان حڪومت ڪئي. مير علي شير قانع به تاريخ طاهريءَ جي حوالي سان مرزا جاني بيگ جي حڪومت صرف يارهين ڏينهن لکي ٿو (2).

ملا شڪيبي حسام الزمان ملا محمد رضا شڪيبي صفاهاني مير علي شير قانع هن جي تذڪري هيٺ مقالات الشعراء ۾ پڻ تاريخ طاهريءَ جو حوالو ورجائي ٿو (3).

شيخ فريد بکري لکي ٿو ته خان خانان جي نوڪر شاعر ملا شڪيبي ٺٽي عصب ڪرڻ تي، خان خانان جي شان ۾ قصيدو لکيو، جنهن جو هڪ بيت هي آهي:

هماي که بر چرخ کردي خرام-
گرفتي و آزاد کردي زم دام
 

هما پکي (مرزا جاني بيگ) جيڪو عرش تي ٿي اُڏاڻو
تنهن کي تو (خان خانان) هٿ آڻي وري آزاد ڪري ڇڏيو
 

(1)  تاريخ معصومي ص 256.

(2)  تحفته الڪرام ج 3 ص 26.

(3)  مقالات الشراء قانع شڪيبي جي تذڪري هيٺ تفصيل جي لاءِ ڏسو تعليقات ص 341 – 345. سيد حسام الدين راشدي.

 خان خانان انهيءَ قصيدي جي صلي ۾ هزار اشرفيون پنهنجي نوڪر شاعر ملا شڪيبيءَ کي ڏنيون. مرزا جاني بيگ به اهو چئي، ان کي هزار اشرفيون ڏنيون، ته خدا جي مٿس رحمت هجي مون کي هماء (مبارڪ) پکي لکيائين، پر جي گدڙ لکي ها ته کيس ڪير جهلي سگهي ها. 1 هه (1).   

مرزا جاني بيگ اٺ هزاري منصب سان، اٺن سالن تائين شاهي درٻار ۾ رهيو. مير علي شير قانع تاريخ طاهريءَ جي استفادي سان تحفته الڪرام ۾ لکي ٿو: مرزا جاني بيگ ۽ خان خانان جي وچ ۾ 1000 هه ڌاري صلح ٿيو. مرزا جاني بيگ ان کان پوءِ اٺ سال 1008 هه تائين شاهي درٻار ۾ رهيو (2).

بيگلارنامي جو مصنف لکي ٿو: خان خانان، مرزا جاني بيگ ۽ ٻين اميرن کي ساڻ ڪري، 1000 هه ۾ هندوستان روانو ٿيو، سندس امير شاهه قاسم خان ۽ خسرو خان هڪ ٻئي جي رفاقت سان 1001 هه ۾ سنڌ ڏانهن واپس هليا آيا (3). ان موجب مرزا جاني بيگ 1000 – 1001 هه ڌاري اڪبري درٻار ۾ پهتو هو. ماثر رحيمي مرزا جاني بيگ جي اڪبري درٻار ۾ پهچڻ جي تاريخ 24 جمادي الثاني 1001 هه لکي آهي.

مرزا جاني بيگ جي وفات بابت مير معصوم لکي ٿو: اڪبر بادشاهه جڏهن پاڻ دکن ۾ هو ۽ احمد نگر سان گڏ اسير قلعو به فتح ٿي چڪو هو، تڏهن مرزا جاني بيگ تاريخ 27 رجب 1008 هه ڌاري، سر سام جي مرض ۾ فوت ٿيو (4). مير قانع چوي ٿو: مرزا جاني بيگ برهانپور ۾ سر سام جي بيماريءَ وگهي فوت ٿيو. بادشاهه جي حڪم موجب سندس

(1)  ذخيرې الخوانين ج 1، ص 30.

(2)  تحفته الڪرام ج 3، ص 76 – 71.

(3)  بيگلار نامو ص 242 – 245. ماثر رحيمي، ڇاپو ڪلڪتو 1910 – 1925ع. ج 2، ص 376.

(4)  تاريخ معصومي ص 257.

لاش خواجه محمد قور بيگي کڻائي، مڪليءَ ۾ آڻي، انهيءَ قبي اندر دفن ڪرايو، جيڪو مرحوم مرزا جاني بيگ پنهنجي حياتيءَ ۾ تيار ڪرايو هو (1).

مرزا جاني بيگ جي وفات جي تاريخ بابت لکندڙن جو اختلاف آهي. مولف جي عبارت مان اٺ سال 1008 هه تائين، مير علي شير قانع جي قول موجب اٺ سال 1008 هه تائين مرزا جاني بيگ اڪبر جي درٻار ۾ رهيو. اتان اهو گمان پيدا ٿئي ٿو، ته مرزا جاني بيگ 1008 هه ۾ فوت ٿيو. تاريخ معصومي 1008 هه ۽ 1011 هه جي اختلاف سان (2)، شيخ فريد بکري وري 1008 هه مرزا جاني بيگ جي وفات جو سال لکيو آهي (3). سيد جمال ترخان نامي ۾ رجب 1011هه ماثر رحيمي جو مولف 28 رجب 1001 (4) لکي ٿو. هوڙيوالا پهريون محقق آهي، جيڪو ابو الفضل ۽ فيضي سرهنديءَ جي شهادتن سان دليل ڏئي، انهيءَ اختلاف جو ازالو ڪري ٿو. هو لکي ٿو، ته ابو الفضل آئين اڪبري ۾ مرزا جاني بيگ جي وفات جي تاريخ 13 بهمن 45 جلوس اڪبري، مطابق 25 رجب 1009 هه آهي. فيض سرهندي پڻ مرزا جاني جي وفات جي تاريخ 1 – شعبان 1009هه لکي ٿو. انهن ٻنهي مورخن.

(1)  مقالات الشعراء قانع، ص 141. تحفته الڪرام ج 3، ص 77.

(2)  اهو نسخو جيڪو ماليٽ (G. M. Malet) وٽ هو، تنهن ۾ 1008هه ليکل هو، جنهن ڪري ماليٽ پاڻ به انگريزي ترجمي ۾ 1008هه لکيل هو. ڊاڪٽر دائود پوٽي پنهنجي متن ۾ به 1008هه لکيو (متن فارسي ص 257)، البت حاشيئي ص 257 تي لکيائين، ته اصل متن ۾ 1011هه ۾ لکيل هو.  

(3)  ذخيرې الخونين ج 2، ص 180.

(4)  مائر رحيمي ج 2، ص 349.

جي لکت موجب مرزا جاني بيگ جي وفات جي تاريخ 1009 هه سمجهڻ کپي (5)

ان باري ۾ بيگلارنامي جي مصنف صاف لکيو آهي، ته قضا سان نواب (مرزا جاني بيگ) بيمار ٿي پيو ۽ 1009هه ڌاري هيءُ فاني جهان ڇڏيائين (1). مرزا جاني بيگ جي مزار (مڪلي) جي محراب تي هيءُ ڪتبو لڳل آهي: تاريخ وفات مرزا جاني بيگ 27 – رجب 1009هه. انهيءَ ڪتبي مطابق يقين سان چئجي ٿو، ته مرزا جاني بيگ جي وفات 27 – رجب 1009هه ۾ ٿي هئي.       

ملا مرشد ، مير علي شير قانع مقالات الشعراء ۾ لکي ٿو (2): طالب آملي ۽ ملا مرشد بروجردي پهرين مرزا غازي بيگ وقاري وٽ هئا. ملا  اسد قصه خوان ۽ مير نعمت وصلي سندس مقرب هئا. وقاري شاعر، موسيقيءَ جو ماهر ۽ طنبوري وڄائڻ ۾ بي نظير هو. ملا  مرشد هن لاءِ هيءَ رباعي لکي هئي:

 

گر نغمه اي سازت به سڪون مي آيد –
رمزبست بگويمت که چون مي آيد،
از بسڪ بگرد زخمه ات مي گردد –
پيچيده ز طنبور برون مي آيد.
 

وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو حوالا ۽ متعلقات.

مرزا عيسيٰ ترخان يعني مرزا عيسيٰ ترخان ثاني بن مرزا جان بابا ڏسو حاشيو.

 

(5) Studies in Indo Muslim History P. 114 – 115

(1) بيگلارنامو ص 20. 

(2)  مقالات الشعراء وقاري جي عنوان هيٺ ص 830 – 831.

مرزا جاني بيگ، مرزا جاني بيگ (وفات 1099 هه) خان خانان جي سفارش تي ابو القاسم کي لکيو هو، ته مانسنگهه کي عمر ڪوٽ جي قلعي ۾ رهائي ڪشنداس کي سمجهايو وڃي، ته هن سان ڪو به جهڳڙو نه ڪري (1)، انهيءَ حڪم جي پوئواريءَ لاءِ ابو القاسم عمر ڪوٽ پهتو ۽ اهي ڪارناما ڪري ڏيکاريائين، جن جو تفصيل بيگلارنامي ۾ آيل آهي (2).        

ريل وارا درويش تنهن زماني ۾ ريل واري ايراضي سيوهڻ جي پسگردائيءَ ۾ هئي. ريل جو ڳوٺ اڃا تائين سيوهڻ تعلقي ۽ دادو ضلعي ۾ موجود آهي، جتي ريل وارا بزرگ رهندا هئا. مير علي شير قانع ٻارهين صدي هجريءَ جي پڇاڙي ۾ لکي ٿو: ريل واري ايراضيءَ ۾ اولياء رهن ٿا، جيڪي ريل وارا درويش مشهور آهن (3). البت اها خبر ڪا نه پوي، ته ڪهڙن درويشن ابو القاسم کان رنج ٿي، کيس پاراتو ڏنو هو!

چنيسر نامو، چنيسر نامو ادراڪي بيگلاريءَ جي تصنيف آهي، ڏسو حاشيو.

مرزا عيسيٰ خان ترخان، يعني مرزا عيسيٰ ترخان ثاني پُٽ مرزا جان بابا پُٽ مرزا عيسيٰ ترخان اول (متوفي 974 هه) جيئن مصنف لکيو آهي: مرزا عيسيٰ ثاني سنڌ مان نڪري شاهي درٻار ڏانهن ويو. ترخان نامي جي لکت موجب 1012 هه ۾ اڪبر بادشاهه وٽ حاضر ٿي، اميريءَ جو منصبن ماڻيائين. جهانگير ۽ شاهجان جي زماني ۾ به وڏن منيبن تي رهيو. خاص ڪري شاهجان جي دور ۾ هن گهٽ ترقي ڪئي. گجرات جي جاگير کان ڍٽي جي صوبيداري ۽ هڪ هزاري منصب تائين سرفراز ٿيو. ان کان پوءِ کيس گجرات جي صوبيداري ملي. پنجانوي ورهين جي ڄمار ۾ 1062هه

 

(1)  بيگلارنامو ص 251.

(2)  بيگلارنامو ص 751 – 260.

 (3) تحفته الڪرام ج 3 ص 143. 

ڌاري وفات ڪيائين. سندس لاش مڪليءَ تي آڻي، انهيءَ  رانڪ ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪا پنهنجي حياتيءَ ۾ تيار ڪرائي هئائين. اها رانڪ جنهن ۾  وڏو ونگ، اڱڻ ۾ وچ تي وڏي قبي سان آهي، مرزا عيسيٰ جي رانڪ سڏجي ٿي، جيڪا اڏاوت جي ڪاريگريءَ جي زماني جي عجائبن مان آهي. لڳ ڀڳ ٻه صديون اڳ هڪ شاعر ”طاهر ٺٽوي“ هن رانڪ جي ساراهه ۾ چيو هو (1):

رانکه مرزا عيسيٰ اندر کوه مکلي طرفه جا است
دربهاران گوثيا سر چشم اي نور خدا است
در صفايش هر که بگمارد نظر بي شکه وريب
ديده ديده باليقين ميگويد اين جاي هدا ست
بي تکلف گر کند ناگه گذر رضوان در و
در غلط افتاده گويد آنکه فردوس علا  است
چار دبوارش اگر از شش جهت اندر صفا
باج گيرد درد و چشم منصفان الحق بجا است.
 

هن وقت پاڪستان جي حڪومت هن رانڪ کي قديم تهذيبي آثار مان شمار ڪري، رانڪ جي تصوير ڏهين رُپين واري نوٽ تي ڇپائي آهي. مرزا عيسيٰ جي رانڪ ۾ ڏهه قبرون چار اولهه پاسي، پنج اوڀر طرف آهن، جن جي وچ ۾ مرزا عيسيٰ جي مزار آهي. ان مزار تي هي ڪتبو نظر اچي ٿو:

 

چو رحلت کرده از دار الفنا آن سرور ترخان
به بستان جنان آسوده در شد الامير اعلا
 

(1)  مقالات الشعراء (414 ظاهر) ص 830 – 831.  

بپر سيدم چو سال رحلت او گفت از فردا
نموده مرزا عيسيٰ به گلزار ارم ماوا
 

1062 هه

ايتري ۾ ڄام هالي گهوريي (ڄام ڏيسر جي پُٽ) ڪڪرالي وارو پرڳڻو انهيءَ ايراضي ۾ هو، جتي اڄ ڪلهه شاهه بندر ۽ جاتي (ٺٽي ضلعي ۾) واقع آهن، گهوريو سمن جو هڪ قبيلو آهي، جنهن جو سردار پڻ ڄام سڏجي ٿو، جيئن سمن جي ريت آهي.  

مير علي شير قانع جنهن ڪيترا واقعا تاريخ طاهري تان نقل ڪيا آهن، هن بابت لکي ٿو: ڄام هالو ولد ڄام ڏيسر (ڪڪرالي جو حاڪم)، مرزا غازي بيگ جي ڪيترن جاگيردارن کي قتل ڪري، شورش شروع ڪئي، جنهن تي مرزا غازي بيگ چڙهائي ڪئي. ڄام هالي جي مائٽ ڄام دائود پنهنجي نياڻي مرزا غازي بيگ کي ڏئي، انهيءَ علائقي جي زمينداريءَ جي گهر ڪئي، جا سندس سهڻين خدمتن جي ڪري قبول ڪئي وئي. ملڪ جا ٽي حصا ڪري، هڪ حصو ڄام دائود کي ڏئي، ٻه حصا مرزا غازي بيگ جي خلاصي ۾ شامل ڪيا ويا. ڄامن اها مائٽي خاص طور مرزا غازي بيگ سان ڪئي. جيتوڻيڪ ان کان اڳ ارغون ترخان اهڙي مائٽي لاءِ ڪوشش ڪري چڪا هئا، پر کين ڪاميابي ڪا نه ٿي هئي. 1 – هه (1). بيگلارنامي پڻ ڪڪرالي جي ڄامن جو ذڪر ڪندي ڄام دائود جو نالو ورتو آهي، جيڪو 980 هه تائين جيئرو هو، ان ڪري انهيءَ صفحي تي ڄام مان مراد ڄام دائود سمجهڻ کپي.

 

(1)  تحفته الڪرام ج 3  ص 81.  

لطف الله سلطان ڀائيخان ۽ خواجه امير بيگ بخشي مير علي شير قانع جي بيان موجب لطف الله سلطان خواجه امير بيگ بخشي ۽ ڀائيخان ولد خسرو خان (1)، ليڪن اهي نالا هن تاريخ طاهري ۽ ترخان نامي تان ورتا آهن. هن لطف الله سلطان ۽ ڀائيخان کي به جدا شخص سمجهيو آهي، لطف الله  سلطان خسرو خان جو پُٽ ڀائيخان جو لقب سان هو. جيئن ترخان نامي جي مصنف لکيو آهي ته لطف الله پُٽ خسرو خان جيڪو ڀائيخان سڏجي ٿو.

شهباز خان ۽ احمد بيگ شيخ فريد بکري لکي ٿو: مرزا غازي بيگ پنهنجي امير خسرو خان چرڪس سان گڏ بکر جي پسگردائي سيٺارجن ۾ اچي سعيد خان سان مليو (2)، پر مصنف جو چوڻ صحيح آهي ته مرزا غازي بيگ خسرو خان کي ٺٽي ۾ ڇڏي، پاڻ ٻين ماڻهن سان گڏجي روانو ٿيو. بيگلارنامي وارو پڻ ان جي تائيد ڪري ٿو (3). هو لکي ٿو ته: مرزا غازي بيگ پنهنجن اميرن سان گڏ ٺٽي مان روانو ٿيو. جڏهن ”ڪجرن“ جي ڳوٺ وٽ پهتو ته خان زمان ۽ خسرو خان کي سنڌ ۾ مقرر ڪري موڪل ڏنائين ۽ پاڻ شوال 913 هه ڌاري بکر ۾ اچي سعيد خان سان ملاقات ڪيائين.  

جعفر عليءَ جي نوڪرن مان (ص . . .)، يعني جعفر عليءَ جو ڪتو. مير علي شير قانع جي عبارت هن ريت آهي: چون ٿا ته جعفر عليءَ جي ڪتي ساڻس عجيب قسم جي وفا ڏيکاري. پورا ٻه ڏينهن جيستائين ان جي مالڪ جي سِسي بازار جي چونڪ تي لڙڪيل هئي، تنهن کان جدا نه ٿيو. جڏهن اها

(1)  بيگلار نالو ص 207.   

(2)  ذخيرې الخوانين ج ١ ص 190.

(3)  بيگلارنامو ص 21.

سِسي اتان لاهي وڃي پوريائون، ته به ماڻهن ڪيترا ڏينهن ڪتي کي اتي ويٺل ڏٺو (1).

آخرڪار شاهي دربار مان مرزا غازي بيگ ترخان ۽ سردار خان جهانگير ۽ توزڪ جهانگير ۾ مرزا غازي بيگ جي قنڌار تي تقرر بابت جلوس اول 9 – محرم 1015 هه کان پوءِ جي واقعي ۾ لکي ٿو:    

مرزا غازي بيگ جي سرداري ۽ ٻين اميرن قرابيگ، خطاب قراخاني ۽ پخته بيگ، خطاب سردار خاني جي همراهيءَ ۾ قنڌار تي چڙهائي لاءِ تيار ڪيو ويو. مرزا غازي بيگ کي پنج هزاري ذاتي منصب ۽ سوارن سان سرفراز ڪري کيس نقارو ڏنو ويو.

مرزا غازي بيگ ولد مرزا جاني بيگ ترخان، جيڪو ٺٽي جو حڪمران هو، عرش آشياني (اڪبر) جي زماني ۾ عبدالرحيم خان خانان جي ڪوشش سان ملڪ هارائي ويٺو. آخرڪار ٺٽو سندس جاگير ۾ ڏنو ويو ۽ هو (مرزا جاني بيگ) پنج هزاري ذاتي منصب ۽ سوارن سان مانائتو ٿيو. ان جي وفات کان پوءِ سندس پُٽ مرز غازي بيگ کي ساڳيو منصب عطا ٿيو. هنن جا وڏا سلطان حسين مرزا باقي (*) خراسان جي واليءَ جا امير هئا. ان ڪري کين انهي (صاصبقراني) سلسلي جي اميرن مان شمار ڪيو وڃي ٿو.

مرزا غازي بيگ جي لشڪر لاءِ (جيڪو قنڌار وڃڻو هو) خواجه عاقل

(1)  تحفته الڪرام جلد 3 ص 82.

(*) نقدي بيگ – ايرانين ۾ اهڙي قسم جا ڪيئي نالا ملن ٿا جن مان هڪڙو مشهور نالو قصري يا نقدي بيگ کوسه جو ملي ٿو جيڪو مصور ۽ نقاش ٿي گذريو آهي.                                                                                                                             (مترجم)

عالم آر اي عباسي ص 177

کي ميرنشي ڪري رکيو ويو. ٽي هزار رپيا مدد خرچ، قراخان پندرهن هزار رپيا نقدي بيگ (*) ۽ قليچ بيگ کي، جيڪي مرزا غازي بيگ جي همراهيءَ ۾ هئا، تن کي ڏنا ويا (1).       

جوهر جلال الدين عبدالله سلطان، مير عبد الله سلطان پٽ مشهور خان پٽ سيد ابو المڪارم سيوهاڻي پُٽ سيد غياث الدين محمد عرف سلطان رضائي العريضيءَ، جيڪو سلطان جُنيد صفوري جو ڏهٽو هو. مير علي شير قانع هن کي شاعرن مان ڳڻي مقالات الشعراء  ۾ سندس ذڪري ڪندي چوي ٿو: جهانگير جي زماني ۾ مرزا غازي بيگ سان گڏ هو، جڏهن مرزا غازي بيگ بادشاهه پاران قنڌار ۽ ٺٽي جو جاگيردار ٿيو ته عبدالله سلطان کي ايران جي بادشاهه ڏانهن سفير ڪري موڪليائين. اتان واپس اچڻ کان پوءِ، جڏهن مرزا غازي بيگ 1021 هه ۾ فوت ٿيو ته هن کي ٺٽي تي مقرر ڪيو ويو، پر شاهجهان، شريف خان ڪاڻي کان وير وٺڻ لاءِ (جو هن شهزادگيءَ واري زماني ۾ ساڻس بي ادبي ڪئي هئي) ٺٽي تي چڙهائي ڪري هن کي به نوڪريءَ تان لاهي، شاهي عتاب هيٺ آڻي ڇڏيو. آخرڪار آخوند محب علي سنڌيءَ جي سفارش تي پنجاهه هزار

 

(*)  ابو الغازي سلطان حسين مرزا پٽ منصور پُٽ بابقرا ولادت هرات ۾ محرم 842 هه جون 1438ع هرات ۾ 10 – رمضان 873 هه ڌاري تخت تي ويٺو. محمد خان شيباني سان جنگ جي تياري ڪندي ڳوٺ بابا الاهي ۾ سومر 11 – ذوالحج 911 هه ۾ وفات ڪيائين ۽ هرات ۾ دفن ٿيو.                                                                                  مثنوي مظهر الاثار سيد جهانگير هاشم

هاشيه ص 112. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد                                                                                               (مترجم)

(1)  توزڪ جهانگير ص 33 – 34.

هن جي گذاري لاءِ تنخواه طور مقرر ٿيا. هن 16 – شعبان 1054 هه ڌاري وفات ڪئي (1).      

شاهه قاسم خان ارغون جي پُٽن جي حڪومت شاهه قاسم خان هن کان اڳ فوت ٿي چڪو هو ۽ سندس پُٽن نصرپور تي حڪومت ٿي ڪئي. شاهه قاسم خان 14 – رمضان ڇنڇر جي شام جو 1019 هه ۾ فوت ٿيو، جيئن سندس قبر تي لڳل ڪتبي مان ظاهر ٿئي ٿو (اها قبر ميان ونهين جي مقام تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ آهي). ان موجب هندو خان رمضان 1019 هه کان پوءِ نصرپور آيو هوندو.  

مقيم سلطان جا ڪيئي ماڻهو ماري ڇڏيائين، مير علي شير قانع لکي ٿو ته شاهه قاسم خان ارغون جو ڄاٽو شير بيگ پنهنجي ماڻهن سميت مارجي ويو (2). شير بيگ جي قبر تي لڳل ڪتبي مان (گورستان ميون ونهيون) پتو پوي ٿو ته مير شير بيگ ارغون سومر ڏينهن منجهند جو 11 – رمضان 1020 هه تي قتل ٿيو.   

مرزا غازي بيگ جي موت جو ڪارڻ هن کان اڳ واري حاشيءَ ۾ تفصيل سان لکيو ويو آهي ته مرزا غازي بيگ کي (1021 هه ۾) ماريو ويو هو.

ترخان نامي جو مصنف لکي ٿو: مرزا غازي بيگ 1020 هه ۾ وفات ڪئي. اهو ڏينهن جمعي جو ۽ صفر جو مهينو هو. هن جي عمر ستاويهه سال هئي ۽ ڏهه ورهيه حڪومت هلايائين جن مان ٽي سال ٺٽي ۾ ۽ ست سال

(1)  مقالات الشعراء ص 435 – 436.  

(2) تحفته الڪرام ج 3 ص 86.  

خسرو خان چرڪس جي پُٽ باغي (لطف الله) ڀائيخان، مرزا غازي بيگ جي  لاڏاڻي کان پوءِ، هن جي گاديءَ تي ويهڻ جي نيت ڪري جنگ لاءِ تيار ٿيو، جنهن ڪري ماڻهن مٿس تهمت مڙهي، ته هن نمڪ حرامي ڪري پنهنجي حاڪم کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو.

والله اعلم با الصواب

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org