مرزا غازي بيگ سڄي اوکا پوکا لاهي، ٺٽي واپس آيو. جن ماڻهن کيس
کنگهيو ئي نه ٿي. انهن جو آرام ڦٽي ويو. هن جي
انهن تي ايڏي دهشت ويهي وئي، جو ملڪي معاملن ۾ دخل
ڏيڻ کان ماڳهين توبهه ڪري ڇڏيائون.
انهن ئي ڏينهن ۾ بابا طالب (اڪبر جو ايلچي) (1) آگري مان سنڌ
اچي رسيو. هتان جا سڀئي معاملا معلوم ڪري بادشاهه
تائين اطلاع پهچائڻ لڳو. هن کي يقين هو ته هتي جون
حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن، تڏهن
به مرزا غازي بيگ جو لحاظ پئي رکيائين، ڇو ته ڪنهن
به صورت ۾ هن کي معزول ڪرائڻ جي حق ۾ نه هو.
مرزا غازي بيگ پيءُ جي وفات کان پوءِ ٻن سالن جي عرصي ۾ (234)
ملڪ کي اهڙو ٺاهي ورتو، جو سنڌ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن
جا اولائي لهي ويا. هيءُ پاڻ رات جو چمڙا پوش ڪري،
شهر ۾ گهمي ڦري، ماڻهن سان حالي احوالي ٿيندو
رهيو، جيڪا چڱي مٺي ٿيندي پئي آئي، تنهن جي سُڌ
سنڀال پوندي ٿي رهيس.
ايتري ۾ ڄام هالي گهوريي (ڄام ڏيسر جي پُٽ) کٽراڳ ۾ اچي منهن
وڌو، هي ٺٽي جي ڄامن مان ڪڪرالي جو زميندار ۽ ٽڪي
(تلڪ) وارو هو. اهو علائقو ٺٽي ۽ ڪڇ جي وچ تي گهڻي
عرصي کان الڳ رهندو ٿي آيو. انهيءَ زميندار سان
مرزا غازي بيگ جا ڪي جاگيردار به ساٿ ڏئي رهيا
هئا. مرزا غازي بيگ پنهنجي لشڪر کي انهن جي مٿان
مقرر ڪيو، جيئن ته سوڀ آخر سندس ئي ٿيڻي هئي،
تنهنڪري ڄام دائود ۽ ٻين جي مدد سان ڄام هالي کي
هڪالي ڪنڌ ڪلائي (؟) جي پاسي هڪالي ڪڍيائين ۽ هن
جي والاريل ايراضي پنهنجي قبضي ڪري ويو. انهيءَ
چڪريءَ کان پوءِ ڄام هالي جي ڌيءَ جو سڱ، جيڪو
پنهنجي ذات وارن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ
تيار نه هو، مرزا غازي بيگ کي ڏئي، پنهنجي
زمينداري بحال ڪرائي. هن حڪم ڪيو، ته ان ايراضيءَ
مان هڪ حصو ڄام هالي جي حوالي ڪري باقي حصا سندس
حضور جي حساب ۾ رکيا وڃن.
اڃا ڪجهه وقت مس گذريو، ته وري اڪبر درٻار مان سعيد خان جي اچڻ
جو
هاواڻو ٿيو. هر ڪنهن اهي ڳالهيون ٿي ڪيون، ته هي
مرزا غازي بيگ جي گرفتاريءَ لاءِ مقرر ٿي آيو آهي.
جيڪڏهن هتان جي ڇيڙي نبيري هن جي مرضيءَ موجب ٿيڻ
لڳي، ته ملڪ ۽ ماڻهن جو بچاءُ ٿيندو، جي نه ته ٻئي
شاهي لشڪر جي لتاڙ هيٺ اچي ويندا. ويچارو مرزا
غازي بيگ ڏاڍو حيران ٿي ويو.
آگري وڃڻ لاءِ مرزا غازي بيگ جو پنهنجي خاص ماڻهن سان مشورو ڪرڻ
سعيد خان جي اوچتي اچڻ جو ٻڌي مرزا غازي بيگ پنهنجي اميرن کي
سڏائي، ساڻن صلاح ڪئي، ته هن حالت ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي!
جيڪڏهن توهان جو خيال هجي، ته آءٌ به پنهنجي والد
مرحوم وانگي سعيد خان جون ڳالهيون رد ڪري، ڪو ٻيو
قدم کڻان. پوءِ به جيڪڏهن ڪنهن ٺاهه جون ڳالهيون
ٿيون ته ڏٺو ويندو. منهنجو ارادو آهي، ته لڪيءَ
واري جبل تي مضبوط قلعو تيار ڪرائي، اتان جنگ جي
شروعات ڪرڻ ۾ اچي! پر سڄو دارومدار خزاني تي آهي،
جنهن جو هن وقت هٿ اچڻ ڏاڍو ڏکيو پيو لڳي، تنهن
کان ڇو نه آگري وڃي بادشاهه جي قدمبوسي ڪجي. آخر
اها ئي صلاح سڀني کي وڻي.
ان کان پوءِ خسرو خان چرڪس، عرب ڪوڪي ۽ ٻين کي ٿوري لشڪر سان
ٺٽي ۾ رهائي سڀ ڪم سندن حوالي ڪري ڇڏيائين. شهباز
خان، احمد بيگ سلطان، لطف الله سلطان ۽ (1)
”ڀائيخان“ خواجه امير بيگ بخشي ۽ ٻين خاص ماڻهن کي
ساڻ ڪري بکر وڃي سعيد خان سان مليو. هن کي نياز
منديءَ واري نموني سڀئي ڳالهيون سمجهايائين، جيڪي
ملڪي وڳوڙ ۽ ماڻهن جي سرڪشيءَ جي باري ۾ هيون.
سعيد خان به هن کي پنهنجي اولاد وانگي
(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات
سمجهي ساڻس اهڙي مهر ۽ محبت سان پيش آيو، جو مرزا غازي بيگ جي
دل ۾ جيڪي به خوف خطرا هئا، اُميدن آسرن ۾ بدلجي
ويا. هن پنهنجي پُٽ سعد الله کي ستوهه ڀريو، ته
تون مرزا غازي بيگ کي پنهنجو ڀاءُ ۽ دوست سمجهي،
ائين پيو هلجانءِ، جو کيس ڪو به مونجهارو نه ٿئي.
ٻئي جيڏا سرتا هڪ ٻئي جا گهاٽا يار ٿي، شڪار ۽ ٻيون تفريحون
ڪندا رهيا، انهيءَ سانگي سان مرزا غازي بيگ هنن
ٻنهي (پيءُ پٽ) جي مدد سان، سال 1012 هه ڌاري آگري
وڃي اڪبر بادشاهه جي دربار ۾ پهتو، بادشاهه هن کي
پنهنجو مخلص ۽ وفادار سمجهي اعزاز طور کيس شاهي
ترار عطا ڪئي. مٿس ايڏو ته مهربان ٿيو جو مرزا
جاني بيگ واري منصب سان سرفراز ڪري، اڳئين دستور
مطابق سنڌ جو صوبو سندس جاگير ۾ ڏنائين. مرزا غازي
بيگ ڪيترا ڏينهن بادشاهه جي خدمت ۾ رهي پيو (237)
(1).
(1) هي تڏهن جون ڳالهيون آهن جڏهن مير ابو القاسم خان
نمڪين اڪبر بادشاهه پاران بکر جو حاڪم هو، پر هتي
ان جو احوال ائين درگذر ڪيل آهي، جيئن خان خانان ۽
مرزا جاني بيگ واري جنگ ۾ مير معصوم جو نالو ڪٿي
به (طاهري) ۾ نه ٿو ملي. حالانڪ صاف ڄاڻايل آهي
ته:
اڪبر بادشاهه (بغاوت جي شڪ ۾) مرزا غازي بيگ کي سيکت ڏيڻ لاءِ
سعيد خان کي بکر ۽ سبيءَ جي جاگير ڏئي سنڌ ڏانهن
اُماڻيو، ٻئي پاسي مير ابو القاسم خان کي به حڪم
ٿيو ته پنهنجي سر وڃي مرزا غازي بيگ کي مڃائي ٺٽي
مان شاهي درٻار ۾ آڻي حاضر ڪري. حڪم موجب ابو
القاسم خان لشڪر سنبرائي اهو ارادو ڪيو ته سعيد
خان جي پهچڻ کان اڳ ٺٽي پهچي مرزا غازي بيگ کي
سمجهائي آگري وٺي وڃي. هن پنهنجي ملازمن مان عطاء
الله مشهريءَ کي ايلچي ڪري اڳيان ڏياري موڪليو.
مرزا غازي بيگ کي جڏهن خبر پئي ته چوائي
موڪليائين، مون شاهي حڪم جي آڻ مڃي آهي، توهان ڀلي
واپس هليا وڃو، آءٌ به اوهان جي پٺيان اچي رهيو
آهيان. مير ابو القاسم خان موٽ کائي سيوهڻ ۾ آيو.
سندس پويان مرزا غازي بيگ به اتي پهچي ويو.
(حاشيه ڏسو صفحو 248)
اهي مڙئي مولا جا احسان هئا، جنهن مرزا جاني بيگ کان پوءِ ان جي
پٽ مرزا غازي بيگ کي ساڳئي منصب ۽ مرتبي سان
نوازيو ۽ بادشاهه جي نظر عنايت مرزا غازي بيگ سان
شامل حال رهي.
اڪبر بادشاهه جي رحلت (1) کان پوءِ جڏهن جهانگير تخت تي ويٺو
تڏهن مرزا غازي بيگ کي ڪن بدخواهن اچي ڀڙڪايو. کيس
اها صلاح ڏنائون ته شاهي دربار مان نڪري ٺٽي پهچي
پنهنجي حڪومت تي قابض ٿي وڃ! پر الاهي رضامنديءَ
موجب مرزا غازي بيگ شاهي خاندان سان مخلص ۽ وفادار
رهندو ٿي آيو، تنهنڪري ائين نه ڪيائين.
هاڻ جهانگير پاران مرزا غازي بيگ کي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ جو سڏ
ٿيو. حڪم موجب اتي پهچي، پنهنجي جان نثاريءَ جي
ساک ڏنائين. مٿس بي ديانتيءَ ۽ منافقيءَ واريون
جيڪي ملامتون ۽ ميارون هيون اُهي دفع ٿي ويون.
انهيءَ زماني ۾ جهانگير جي شهزادي خسرو فساد کڙو ڪيو ۽ پنهنجي
ڪن مددگارن سان ملي شاهي درٻار سان بغاوت ڪيائين.
جنهن کي جاگير جي قهر دربدر ڪري ڀڄائي ڪڍيو.
جهانگير هر طرف کان هن تي حملا شروع ڪرايا. مرزا
غازي بيگ به ٻين شاهي ملازمن وانگي وس پُڄندي
بادشاهه جو ساٿ ڏنو (238). انهيءَ خدمت ۽ خلوص جي
ڪري آخر هيءَ وڏي مان مرتبي کي رسيو. جنهن جو
احوال اڳتي اچي رهيو آهي.
ابو القاسم خان هن سان گڏجي سعيد خان وٽ آيو، پوءِ ٽيئي
ڄڻا گڏجي آگري روانا ٿيا. تفصيل جي لاءِ ڏسو:
مرزا عازي بيگ او اسڪي بزم ادب – ص 52 – 53.
تاريخ مظهر شاهجاني سنڌي ترجمو ص 199 کان ص 205.
(مترجم)
(1) اڪبي بادشاهه 1014 هه ڌاري 14 جمادي الثاني تي فوت ٿيو،
جهانگير 27 جمادي الثاني ساڳي سال تخت تي ويٺو.
تاريخ جهاني.
(مترجم)
ابو القاسم جو بنديخاني ڪال ڪوٽڙي مان ڀڄڻ
مصنف (نسياني) پاران عرض ته ڪنهن به معاملي کي پوريءَ طرح گرفت
(پَڪڙ) ۾ آڻڻ ڪو سولو ڪم ناهي، ويسر ڀولي واري
انسان کي ڪهڙي مجال آهي، جو ملڪن جي تاريخ جا
واقعا، جيڪي مصنف لکي ڇڏي ويا آهن، نئين سر قلمبند
ڪري سگهي.
جيتوڻيڪ هي ڳالهيون پوري ڌيان سان لکيون وڃن ٿيون، تڏهن به ڪا
ڀُل چُڪ ٿي هجي ته اُها مهينن يا ورهين جي تفاوت
جي صورت ۾ گذر ڪئي وڃي. هيءَ سڄي يادداشت مرزا
شاهه محمد بيگ عادل خان جي راز ۽ رضا موجب لکي وئي
آهي، جنهن تاريخي واقعن کي اهم سمجهندي مون کي حڪم
ڪيو، چيو ڪو نه اٿن ته:
جيستائين سخن جي فرمائش نه ٿئي، ماٺ ۾ رهڻ گهرجي، هروڀرو موتيءَ
کي تيشيءَ سان ڀڃڻ جي ڪوشش نه ڪجي!
هيءُ عاجز جيڪڏهن پنهنجي مُحسن جي آگاهه ڪرڻ سان، بي وفا زماني
جي چڱائي مندائيءَ کان روشناس نه ٿئي ها، ته هيئن
هتان هُتان جي واقعن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۽ مئلن ۾
ساهه وجهڻ جي ڪا به ضرورت نه پوي ها! خدا کيس ۽ هن
بندي کي خير سان نوازي، جو ان جي ئي همٿائڻ سان
پڙهندڙن کي ڪن بزرگن جي ڪارنامن کان واقف ڪرڻ جا
هي سڀ حيلا ڪيا ويا آهن.
ابو القاسم کي (239) عرب ڪوڪيءَ جي حويليءَ ۾ قيد ڪري، مٿس ان
جي ملازم دريا خان کي سندس ماڻهن سميت نگهبان مقرر
ڪيو ويو. هي جنهن جاءِ تي قيد هو، تنهن جون هيٺيون
مٿيون ڪوٺيون، توڙي دريون دروازا، سڀ اندران
ٻاهران سوگها هئا، ۽ چپي چپي تي چوڪيدارن جي کيپ
ويٺل هئي.
ابو القاسم کي ايڏيون رعايتون مليل هيون، جو ڪنهن به وقت انڌي
هئڻ جي باوجود، ڪو به مرد يا عورت طلب ٿي ڪيائين،
ته ان کي هن وٽ حاضر ڪيو ٿي ويو، جيتوڻيڪ اکين کان
انڌو ٿي قيد ۾ پيو هو ته، ته به جيڪو عيش ڪرڻ ٿي
چاهيائين، سو دل تي ڪندو ٿي رهيو. هر جمعي جي رات
هن جي ڀيڻ شاهه بيگم (مرزا جاني بيگ جي بيگم) کاڌي
لاءِ کيرڻي ۽ ٻيا طعام تيار ڪرائي ڏانهنس موڪليندي
هئي.
هن هڪ وڏو منصوبو سِٽي پنهنجي ماڻهن کي سنبرائي ڇڏيو هو، ته
درياهه جي ڪنڌيءَ سان پنئي واري واهيءَ جي ڳوٺ
ٻيڙي تيار ڪري بيهاري ڇڏجو! اُتي پنهنجا ٻيا ماڻهو
به هڪيا تڪيا موجود هجن، آءٌ جيئن ڪنهن اٽڪل سان
هتان نڪري اتي پهچان، ته اڳتي الهه توهار ٿي وڃي.
اها ڳالهه ته ڪنهن جي به وهم گمان ۾ ڪا نه هئي، ته هيءُ انڌو
اڪيلي سر ايڏا لڪ لتاڙي، حويليءَ مان ٻاهر نڪري
سگهندو. اها حويلي جا آسمان تائين چوٽ چڙهيل هئي ۽
ان جا بادبان وري اهڙا سوڙها هئا، جو ماڻهو ته ڇا،
ٻلي به اُتان ٻاهر اچي نه ٿي سگهي. نيٺ جمعي سندي
رات ٿي ته کيرڻي ۽ کاڌي جا خونچا ڍڪجي ٺهي آيا.
انهن مان هڪ وڏو خونچو، جنهن جي دسترخوان هيٺان
ريشمي رسي ويڙهي رکي هئي، ابو القاسم پاڻ ڏانهن
سيري، ٻيا خونچا ٻين کي ڏئي ڇڏيا. جڏهن هر ڪو کائي
پي وڃي پنهنجي جاءِ تي اهليو، ٻه خدمتگار (240)،
هڪ محرم ٻيو هندو، جيڪي ڏاڍا چالاڪ ۽ سندس (ابو
القاسم جي) ڀر ۾ ستل هئا، کونگهرا هڻڻ لڳا، ته ابو
القاسم جا ماڻهو، منصوبي مطابق جاءِ جي پٺئين پاسي
کان اچي پهتا، جن سُرٻاٽ ڪيو، ته درياهه تي ٻيڙي
تيار بيٺي آهي ۽ پنهنجا ماڻهو پڻ اُتي ويهاريا ويا
آهن. احو سُر ٻاٽ ٻُڌي، ابو القاسم دل وڏي ڪري هٿ
پير هڻڻ لڳو. اندران جاءِ جون ڀتيون ڪاشيءَ ۽ گچ
جي ڪري ايڏيون ته لسيون هيون، جو انهن تان مک به
ترڪي ٿي وئي. هي ڀت سان کٽ اُڀي ڪري مٿي چڙهيو،
وري اڳيان وڪڙ کائي ڏاڪڻ رستي بالاخاني تائين
پهتو، جڏهن ٽماڙ تي آيو، ته ان کان مٿي ٻي جاءِ ڪا
نه سُجهيس، اُتان ئي آڌيڙا کائي سوڙهو بادبان ڳولي
ورتائين.
هڪ انڌو ٻي اڌ رات، تنهن هوندي به ريشمي رسي ڪِليءَ ۾ اٽڪائي،
ان جو ٻيو پاسو ٻاهر اُڇلائي، پنهنجي ڪِرت کي لڳي
ويو. ڪمال آهي هيڏو ٿلهو ٿنڀرو ماڻهو هٿوراڙيون
ڏيندو مٿي چڙهيو ۽ ايڏي زور سان انهيءَ سوڙهي
بادبان وچان، هُن ڀر لنگهي ويو، جو بدن تان کَل ئي
رهڙجي لهي پيس، ته به ائين نڪتو هليو ويو، جيئن
سُئيءَ مان سڳو پار ٿي ويندو آهي. پوءِ رسيءَ ۾ هٿ
ڦٻائي، پيرن جون آڱريون انهيءَ جي ڳنڍين ۾
ڦاسائيندو، هوريان هوريان ڪري هيٺ لهي ويو، جو
اکين وارن کي به جيڪر عبرت وٺي وڃي.
هن جا ماڻهو جيڪي ٻاهر بيٺا هئا، تن سان ملي، اُتان ٻيءَ
حويليءَ ۾ ٽپي ويو، جتي سندس ساٿي جعفر علي ارغون
قيد هو. ان کي به ساڻ کڻي، سڌو اچي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو
۽ شهر وارو گهاٽ اُڪري، اُٺ تي چڙهي، ڪوهستان پاسي
سومرن ڏانهن روانو ٿي ويو (241).
صبح جو ڪو هندو ان جي حويليءَ وٽان اچي لانگهائو ٿيو، ڏٺائين ته
ڊگهي رسي بادبان ۾ ٻڌي پئي آهي، جنهن جو مُڍو زمين
سان پيو گسي. سمجهي ورتائين، ته اندر ابو القاسم
قيد هو، اهو ٽڪساٽ به ان کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪيل ٿو
ڏسجي، هڪ ئي ساهيءَ ۾ ڊوڙي وڃي عرب ڪوڪيءَ کي
اطلاع ڏنائين. جيستائين هو ڪجهه ڪري تيستائين ابو
القاسم جا ٻئي خدمتگار محرم ۽ هندو به دروازو کولي
نڪري هليا ويا. چوڪيدار جو آيا، ته جاءِ ۾ سواءِ
کَٽ جي، جيڪا ڀِت سان اُڀي ٿيل هئي، ٻيو ڪو به نه
هو.
مرزا غازي بيگ تڏهن فتح باغ ۾ سعيد خان وٽ ترسيل هو، تنهن ڪري
هر ڪو پاڻ کي اڪيلو سمجهي، ايڏي ڏهڪاءُ ۾ اچي پيو،
جو سپاهين کان وٺي، شهرين تائين ٿرٿلو مچي ويو.
ائين ٿي ڀانيائون، ڄڻ اجهو ٿو ابو القاسم جو لشڪر
شهر ۾ ڪهڙي ڪاري قيام ڪري ڏيکاري.
ابو القاسم کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هر طرف سپاهه روانو ٿيو. دريا
خان، جيڪو هن جي مٿان نگهبان مقرر ڪيل هو، تنهن
پنهنجي موت ۽ تباهيءَ جي ڊپ کان سڀني گسن گهاٽن تي
پڙهو ڏياريو، ته اڄ رات ابو القاسم قيد مان ڀڄي
نڪتو آهي، جنهن کي به ان جو ڌپو پوي، هڪدم اسان کي
خبردار ڪري. پوءِ پاڻ ساموئي پهچي، ستن نياڻين
واري گهاٽ (1) وٽان پتڻ وارن کان پڇا ڪيائين، جن
کيس ٻڌايو، ته برابر صبح جو سوير هتان هڪ ڊونڊي
(ننڍي ٻيڙي) لنگهي هئي، جنهن ۾ ڪي اڇن ڪپڙن وارا
ماڻهو چڙهيل هئا، پر اها خبر ڪا نه پئجي سگهي، ته
اهي ڪير هئا؟ اُتان ئي پنهنجي همراهه ۽ گهوڙي
سميت ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پريان ويو، جتان پڇا ڳاڇا ڪندي
معلوم ٿيس، ته هتان چار ماڻهو ٻيڙيءَ مان لهي اُٺن
تي چڙهي (جيڪي ڪالهه کان هتي پئي چريا)، ڪي پيادا
پٺيان لائي (242) پنهنجي مُنهن روانا ٿي ويا.
اها خبر پوندي، اتان جا ڪي ماڻهو مدد لاءِ ٻين پاسن ڏانهن روانا
ڪري، پاڻ ابو القاسم جي پُٺ ورتائين. جڏهن ڪي ڪوهه
گهوڙي تي پري نڪري ويو ته اهي ماڻهو، جيڪي ابو
القاسم سان گڏ پئي ويا، کيس ڏسڻ ۾ آيا. خدا جو شان
ڏسو، ته ڪيڏو نه مشڪل آسان ڪندڙ ۽ عاجز نواز آهي،
جو ويچارو دريا
(1) ڏسو حواشي ۽ متعلقات
خان، جيڪو انهيءَ ٻُڏ تَر ۾ هو، ته جيڪڏهن کيس ابو القاسم هٿ نه
آيو، ته ٻارن ٻچن کان ته ويندو پر، پنهنجو سِر به
وڃائڻو پوندس. مون (نسياني) پاڻ اُن ڏينهن شهر جي
ماڻهن کان ٻُڌو، ته اجهو ٿو ابو القاسم هن جوان
(دريا خان) کي ماري بگهڙن جي اڳيان اُڇلائي. اهو
چوٻول ايڏو وڌي ويو، جو جنهن کي جيئن ٿي آيو، تيئن
ٿي چوندو رهيو، پر جڏهن دريا خان، ابو القاسم کي
هٿ ڪيو، ته ساڳيا ماڻهو وري سندس ساراهه ڪرڻ لڳا،
چي، هي ڪيڏو نه بهادر آهي، جو ابو القاسم جهڙي اڻ
جهل آفت کي به زير ڪري ڇڏيائين! بيشڪ عزت ۽ ذلت
خدا جي وس آهي، جيڪو پل ۾ ذليل کي عزت وارو ڪري ٿو
۽ عزت واري کي ذليل بڻائي ٿو ڇڏي، هن سان ڪنهن جي
جاءِ ناهي.
دريا خان جڏهن ابو القاسم ۽ سندس ماڻهن کي ڏٺو، ته گهوڙي تان
لهي، ان جا تنگ ڇڪي سڪ ڪري وري سوار ٿي پنهنجي
سپاهين کي واڪا ڪرڻ لڳو، جن مان ڪو هڪڙو به موجود
ڪو نه هو. ابو القاسم ۽ سندس ماڻهن جي ڪَن تي جيئن
اهو پڙلاءُ پيو، ته اچي کپڙتال ۾ پيا، ته اجهو ٿا
موت جا مارو اچي مٿان پون. حقيقت ۾ دريا خان جيڪي
ٿي ڪيو، سو سڀ سانگ هو، تڏهن به هنن تي ايڏو رعب
ويجهي ويو، جو رستو ڇڏي جهنگ ۾ ڪاهي پيا. ٻئي اُٺ،
جن مان هڪڙي تي هو انڌو (ابو القاسم) چڙهيل ۽ ٻئي
تي جعفر علي (243)، اتي ئي رهجي ويا. هي پنهنجي سر
جي خوف کان ائين ٿي ڀڄندا ويا، جو کين به پتو نه
ٿي پيو. ابو القاسم هر هر ٿاٻڙجي وڃي جعفر علي جي
مٿان پئي ڪِريو. دريا خان جيئن هن جي مٿان آيو، ته
سندس گهوڙي جي دُونار ۾ اهڙا ڌڪ وهائي ڪڍيائون جو
هو سندن ويجهو نه ٿي آيو، ٻه ٽي ڀيرا پاڻ ۾ ٽڪرجي
هڪ ٻئي تي حملا ڪندا رهيا.
انهيءَ وچ ۾ جيڪڏهن ابو القاسم جا اهي همراهه، جيڪي ٿوري دير اڳ
رستو ڇڏي جهنگ ۾ ڪاهي پوڻ وقت کانئس وڇڙي ويا هئا،
واپس اچي وڃن ها ته هن (دريا خان) کي جيڪو بلڪل
اڪيلو هو، ٽڪر ڳڀا ڪري ڇڏين ها. پوءِ ته ابو
القاسم ۽ جعفر عليءَ جي گرفتار ٿيڻ جو ڪو سوال ئي
پيدا نه پئي ٿيو، پر جيئن ته مرزا غازي بيگ جا ڀاڳ
ڀلارا هئا. جعفر علي وچ ۾ ئي قتل ٿي ويو. ابو
القاسم جيڪو ٻنهي کي ويڙهه ۾ ڇڏي ٿاٻا کائيندو پٿر
ميڙي پاسيرو ٿي ويٺو هو. دريا خان کي آسرا ڏيئي
ريهڻ ريبڻ لڳو ته: جيڪڏهن مون کي ڇڏي ڏيندين ۽
هتان واپس وٺي وڃڻ جي بدران جتي وڃڻ چاهيان ٿو،
اُتي پهچائيندين، ته توکي تنهنجي مرضيءَ تي آڏي
ڇڏيندس.
دريا خان جنهن هيڏي خواريءَ کان پوءِ پنهنجي ساک بچائي هئي،
ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو. جيڪي دل ۾ آيس زبان مان
ڦهڪائيندي ابو القاسم کي اک ڏيکاريائين، ته خبردار
جو پنهنجي جاءِ تان چُريو به آهين، يا وڌيڪ ڪجهه
ڪڇيو اٿئي، ته هڪ ئي ڌڪ سان سسي ڌڙ کان ڌار ٿي پئي
هوندءِ! جيستائين منهنجو لشڪر جيڪو جبل ۾ پکڙيو
پيو آهي، هتي اچي هيڪاندو ٿئي، تيستائين اتي ئي
ماٺ ڪري ويٺو هج.
حالانڪ هن وٽ ڪو به لشڪر ڪو نه هو، تڏهن به ابو القاسم تي اهو
رعب ويهاري، پاڻ انهيءَ اُٺ جي ڳولا ۾ نڪتو، جيڪو
ابو القاسم کان وڇڙي چڪو هو، ان لاءِ ته جيئن هن
انڌي کي ان تي ويهاري واپس وٺي وڃي، پر (244) اُٺ
هن کي هٿ نه آيو. وري جنهن رستي سان آيو هو، سو
وٺي پوئتي ڊوڙيو، ته متان اچڻ مهل جيڪي ماڻهو
چوڌاري موڪليا هئائين، تن مان ڪو سوار يا پيادو
اچڻ وارو هجي. اڳڀرو ويو ته انهي تَر َ جو هڪ مقدم
۽ سندس ماڻهو ساڻس اچي مليا جن کي اها خوشخبري
ٻڌائي واپس ورڻ جي ڪيائين، پر رستو ڀلجي وڃڻ ڪري
گهڻي ڳولا کان پوءِ به ويڙهه واري هنڌ جو (جتي ابو
القاسم هو) انهن مان ڪنهن کي پتو نه پئجي سگهيو.
هن سان جيڪو مقدم ساڻ هو، تنهن پنهنجي سياڻپ سان چيو: جنهن
هنڌ ڪانگن جو لُڙ بکيڙو ڏسڻ ۾ اچي اوڏانهن هلڻ گهرجي، ڇو ته جتي
ڪو لاش پيل هوندو آهي، اتي اهو لُڙ بکيڙو ضرور
ٿيندو آهي. نيٺ اها ووڙ ڪندا اچي ان هنڌ پهتا، جتي
ابو القاسم ويٺو هو. جعفر عليءَ جي سسي لاهي ابو
القاسم سان گڏ اُٺ تي رکي شهر ۾ آيا، جتي ان سسيءَ
کي نيزي ۾ ٽنبي ابو القاسم کي سڄي بازار گهمائي
انهيءَ هنڌ تي آندائون، جتان ڀڄي نڪتو هو. پڇاڙيءَ
وڃي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ پيو. جعفر عليءَ جي سسي وچ
بازار ۾ لڙڪائي وئي. هن جي موت کان پوءِ سندس ڪتي
ساڻس ڏاڍي وفاداري ڏيکاري بازار ۾ جتي جعفر عليءَ
جي سِسي ٽنگيل هئي، ٻه ٽي ڏينهن اتي ويٺو رهيو.
جڏهن اها اتان لاهي دفن ڪري ڇڏيائون، تنهن رات
ڏينهن ان جي مٿان پهرو ٿي ڏنائين. اها عجيب واردات
ڪيترن ماڻهن پنهنجي اکين سان ڏٺي هئي (1).
مرزا غازي بيگ کي جڏهن ابو القاسم جي ڀڄڻ ۽ ٻيهر گرفتار ٿيڻ
جي خبر ملي، ته سندس پريشاني دور ٿي ۽ دل جاءِ ڪري
عرب ڪوڪيءَ کي گهوڙو ۽ وڳو انعام ڏنائين. دريا خان
کي به خلوت سان نوازي، سندس منصب ۾ واڌارو ڪري،
کيس پراڻي مالڪ کان ڇڏائي پاڻ وٽ رکيائين. هن جان
نثار جي وٽس ايڏي پذيرائي ٿي، جو ٿوري ئي وقت ۾
وڏي رتبي ۽ نالي وارو ٿي ويو (2).
خسرو خان چرڪس جي چرچ تي ارغونن، ترخانن جو وڳوڙ ۾ منهن وجهڻ
(245)
مرزا غازي بيگ ملڪي توڙي مالي معاملن ۾ (ڪيترن تلخ تجربن کان
(1) فارسيءَ ۾ عبارت گنجريل هئي، ڪتي جي بدران بعضي
نوڪران لکيل هو. اها درستي تحفته الڪرام سنڌي ص
(208) جي روشنيءَ ۾ ڪئي وئي آهي.
(2) ڏسو حوالا ۽ متعلقات
پوءِ)، پنهنجي پيءُ مرزا جاني بيگ جي اميرن مان مطمئن نه هو، ان
ڪري شاهي درٻار ڏانهن اُسهڻ مهل اهو ارادو ڪيائين،
ته خسرو خان چرڪس کي به پاڻ سان گڏ اوڏانهن وٺي
وڃڻ کپي، جيڪو تمام چالباز ۽ چالاڪ ماڻهو آهي، هن
جو هر نئين پراڻي ماڻهوءَ سان واسطو رهندو اچي ٿو،
جيڪڏهن هن کي هتي پنهنجي جاگير ۾ رهايو ويو، ته
اسان جي پر پُٺ ڪنهن به حڪم جي پوئواري شايد نه به
ڪري، ڇو ته اسان جي هوندي به سڀ ڪم پنهنجي مرضيءَ
تي ڪندو رهي ٿو، پوءِ ته ان کان به وڌيڪ
اڙانگوڙيون ڏيکاريندو، جيتوڻيڪ اڃا اهو راز ڪنهن
سان به ظاهر نه ڪيو هئائين ته به خسرو خان اڳواٽ
سندس رخ مان سهي ڪري ورتو ۽ ڪن وچ وارن ماڻهن کان
مرزا غازي بيگ کي سفارشون ڪرائڻ لڳو، جيئن کيس سنڌ
کان ٻاهر نه ڪڍيو وڃي.
احمد بيگ سلطان، جنهن کي مرزا غازي بيگ جو جانشين سمجهيو ٿي
ويو، تنهن پنهنجي عقلمنديءَ سان سوچيو: جيڪڏهن پاڻ
کي مرزا غازي بيگ جي غير موجودگيءَ ۾ ٺٽي ۾ رهي،
سڄو انتظام سنڀالڻو پيو، ته اتي ڏاڍي خواري
خرابيءَ سان منهن ڏيڻو پوندو، ڇا لاءِ ته اتي سڀئي
ماڻهو خسرو چرڪس سان ٻڌل آهن، ٻيو ته مرزا غازي
بيگ جي عاقبت جي به پوري خبر ناهي، ته ڪٿي پهچي
دنگ ڪندي! تنهن ڪري پنهنجي ڀلائي ان ۾ آهي، ته پاڻ
کي مرزا غازي بيگ کان الڳ ٿيڻ نه گهرجي. هن اهو
پئي سوچيو، ته هوڏانهن مرزا غازي بيگ ويچار ڪيو،
ته احمد بيگ سلطان ۽ شهباز خان ٻئي ڀروسي وارا
ماڻهو آهن، ٻئي پاسي خسرو چرڪس هروڀرو مٿي تي
چڙهندو پيو وڃي، سو ان کي ويتر ڪا به هٿي ڏيڻ وڏي
ڀُل ٿيندي. آخر هنن (احمد بيگ سلطان ۽ شهباز خان)
کي ٺٽي موڪلي، خسرو چرڪس کي چوايائين ته ملڪ جا
مالي معاملا هي ٻئي سنڀاليندا، توکي رڳو فوجداري
ڪم سنڀالڻا آهن، انهيءَ سان گڏ لشڪر جو انتظام به
اٺن مهينن تائين ڪري ڇڏيائين.
جڏهن احمد بيگ سلطان ۽ شهباز خان ٺٽي پهتا، ته خسرو خان پنهنجي
عاقبت خوار ٿيڻ جي خدشي کان (246)، شيخ بهاو الدين
ملتانيءَ جي پوٽي ۽ پنهنجي ناٺيءَ ڪالي (1) ۽ قاسم
چرڪس کي وڃي اها ڏاهه ڏني، ته اجهو ملڪ پنهنجي هٿن
مان پيو وڃي، هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي! هو وڏا سياستدان
(چالاڪ) هئا، خسرو خان کي چيائون، ته تون ڪا به
ڳڻتي نه ڪر، رڳو هنن کي اچڻ ڏي، پر جي هتي پهچي
چڪا آهن، ته ٻنهي کي بڇڙو ۽ بي عزتو ڪري، سڌو مرزا
غازي بيگ ڏانهن روانو ڪري ڇڏ، ته جيئن ان کي به
پتو پئجي وڃي، ته آئيندي هن کان به ڪجهه وڌيڪ ٿي
سگهي ٿو! اميد ته وري ٻئي دفعي ڪنهن ماڻهوءَ کي
حڪومت جي هوس ۾ هن پاسي اچڻ جي همت ئي ڪا نه
ٿيندي.
اهي ڳالهيون ڪري، راتو رات ارغونن، ترخانن کي پاڻ وٽ گهرائي اهي
لالچون ڏنائون، ته جيڪڏهن اوهان کي هن ملڪ ۾
مالڪاڻي نموني رهڻو آهي ۽ ملڪي معاملا پڻ پنهنجي
هٿ هيٺ رکڻ ٿا چاهيو، ته جيئن اسين چئون، تيئن
اوهان کي ڪرڻو پوندو، ان جي عوض اوهان کي هر ڪنهن
جاگير مان چوٿون حصو پهرين اٺن مهينن کان پوءِ
سالياني ۽ ڇَماهي حساب سان خالصي طور (ذاتي طور)
مقرر ڪري ڏنو ويندو، پر شرط اهو آهي، ته صبح ڪي سج
۾ سڄي ملڪ اندر اهڙو مانڌاڻ مچايو وڃي، جيئن
اقتدار جي ڪرسي ازخود اسان جي قبضي ۾ اچي.
ٻئي ڏينهن خسرو خان سڌو احمد بيگ سلطان ۽ شهباز خان وٽ ويو ۽
قسم ساک تي سندن پٺڀرائي ڪرڻ لڳو، ته اوهان کي
جيئن مرزا غازي بيگ جو حڪم آهي، تيئن ڪندا رهو،
جيڪو به ڪا بد خواهي ڪندو، سو پنهنجي جان جو دشمن
پاڻ هوندو.
(1) ڏسو حوالا ۽ متعلقات
هيءُ ته هنن کي ڏٽا ڏيئي واپس آيو، ٻئي ڏينهن جيئن احمد بيگ ۽
شهباز خان گڏجي، مرزا غازي بيگ جي والده وٽان
سلامي ڀري، ديوان خاني ۾ آيا، اڃا سرڪاري لکپڙهه
جا هڪ – ٻه ڪاغذ مس اُٿلايائون، ته ڪي بدمعاش
سپاهي ۽ شهري، جوابدارن ۽ فريادين جي بهاني، رڦندا
بَڪندا اندر ڌوڪي پيا ۽ بنا ڪنهن ساهيءَ جي
تراريون ڪڍي، هنن کي وڪوڙي ويا. پوءِ ته اهڙو عالم
اچي ٿيو، جو ديوان خانو، جتي سدائين امن امان جي
وائي هوندي هئي، اتي موت، هلاڪت جي خطري جو گهر
بڻجي پيو (246). ويچاري احمد بيگ ڏاڍا وس ۽ واڪا
ڪيا، ته هي ڇا ٿي رهيو آهي! ۽ جنهن جي چُرچ تي
هيڏو سارو دنگل کڙو ڪيو پيو وڃي، تنهن جي آخر ڪهڙي
منشا ٿي سگهي ٿي! پر اهو گهمسان ويتر ويو وڌندو.
اتي خيال ڪيائين، ته هاءِ گهوڙا مان ڪجهه نه
ورندو، پنهنجو بچاءُ ضروري آهي، ٻيءَ حالت ۾ جيڪو
ماڻهو هٿ ڌوئي، اسان جي ڪڍ پيو بڇي، سو چُپ رهڻ
وارو لڳي ئي ڪو نه ٿو، تنهن ڪري جلد هتان نڪري،
مرزا غازي بيگ ڏانهن لکيو وڃي، ته حياتي آهي، ته
وري ڪڏهن ملڻ ٿيندو، نه ته پرتاسين پنهنجي رب کي!
پوءِ ديوان خاني مان نڪري، پنهنجي جاءِ تائين آيو. پٺيان وڳوڙي
به ڊنباڙو ڪندا آيا، پر هي پنهنجي سپاهين جي پهري
۾ هئڻ ڪري بچي ويو. جڏهن گوڙ ٿورو ڍرو ٿيو، ته
سپاهين کي اچي ساهه جي لڳي، چي: جيڪي ٿي گذريو،
تنهن جو مرزا غازي بيگ اڳيان ڪهڙو جواب ڏئي
سگهنداسين! هي سڀ خسرو خان جي اشاري تي ئي ٿيو
آهي، جنهن جي زور تي هيڏا سارا ماڻهو ڇڙواڳ وهڙن
جيان ٺينگ ٽپا ڏيندا ڪاهي آيا. انهيءَ خار ۾ وڃي
ارغونن جو در جهليائون، ته اجهو اسان به ٿا شهر کي
تاراج ڪريون. هنن جو اهو
تاءُ ڏسي، خسرو خان ڦڪو ٿيو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو: هي سڄو فتنو اسان
جو ئي پيدا ڪيل هو، پر پنهنجو ڪم ٿي ويو، هاڻ وڌيڪ
ڪجهه ڪرڻ پاڻ ڦاسائڻ برابر ٿيندو. انهيءَ ڳڻ سان
جيڪا باهه ڀڙڪائي چڪو هو، سا ڍري ڪري ڇڏيائين.
پوءِ وڃي هنن ٻنهي سان صلح جون ڳالهيون ڪيائين، جن
کي هيڏي خواري ۽ خجالت جي ٻُوهي ۾ آڻي چڪو هو. هن
ته گهڻي ئي تال پخال ڪيا، پر احمد بيگ سلطان راضي
نه ٿيو. کيس تريون ئي ٽي هنيائين. احمد بيگ جنهن
مهم سان ٺٽي آيو سا پوري نه ٿي، ته وڌيڪ ترسڻ
مناسب نه سمجهي، شاهه قاسم ارغون کي ساڻ ڪري، مرزا
غازي بيگ ڏانهن روانو ٿيو (248). شاهه قاسم نصرپور
مان ساڻس گڏجي آيو هو. هي روانو ٿيو ته پٺيان
ارغون ۽ ترخان پڻ مڇريل ڏينڀن جيان ڀون ڀون ڪندا
نصرپور تائين هلندا آيا، پر شاهه قاسم جي ڪري،
ڪنهن کي به سامهون اچڻ جي طاقت نه ٿي. |