23 April, 2011

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تاريخ طاهري

باب: --

صفحو:16  

هوندي هئي، پر ان جي پيداوار مان کيس پائي به پلئه ڪا نه پوندي هئي. هن جا هاٿي گهوڙا ته سدائين بک تي هوندا هئا، پر کيس به پيٽ گذر لاءِ ڪا شيءِ نصيب نه پئي ٿي. سندس پيءُ مرزا جاني بيگ جا پراڻا عملدار جيڪي اڳ کان اها خلاصي واري ملڪيت سنڀاليندا ٿي آيا، انهن هن جي ڪا به گهرج پوري ڪا نه ٿي ڪئي، هيڏانهن وري مرزا غازي بيگ جي نون ۽ خاص ماڻهن جا اهي افعال هئا، جو کين اهڙي همت ئي ڪا نه پئي ٿي ته انهن پراڻن پاپين تي ڪرڙي نظر رکي، انهيءَ ملڪيت جي پيداوار جيئن جو تيئن هٿ ۾ ڪري، امانت با سلامت هن وٽ آڻي پهچائين! نتيجو اهو پئي ٿيو جو اها پيداوار پراڻا عملدار بجاءِ مرزا غازي بيگ جي پنهنجي ذاتي حقداري سمجهي پاڻ ڦٻائي ٿي ويا. سچ چيو اٿن ته جنهن جا وڏا پنهنجي ڪم ڪار ۾ ڪوتاهي ڪندا آهن، تن جي پوين جا اهڙا ئي حال ٿيڻ لڳن ٿا. وري به جيڪڏهن اهي حوصلي کان ڪم وٺي، سڀ ڪم پنهنجي سنڀال هيٺ رکن ته جيڪر انهن جو چڱو بچاءُ ٿي پوي، پر جيڪو ائين ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿو، تنهن جو ارڪو ترڪو ڪُتن ٻِلن جو کاڄ ٿي وڃي ٿو، جيڪي پاڻ کي ڪيهر شينهن جو ڪهول سمجهندا رهن ٿا. ائين ئي ته ڪنهن به ملڪيت جا حقي وارث ٻين جا ڪاڻانڍا ٿي ويندا آهن.

مرزا غازي بيگ فيصلو ڪري چڪو هو ته ڪنهن به تدبير سان ملڪ کي اڳتي وڌڻ جو انتظام ٿيڻ گهرجي. سندس ارادو اهو ئي هو ته ملڪي معاملا اهڙن اعتبار جوڳن جي نظر داري هيٺ رکيا وڃن، جيڪي هر حال ۾ پاڻ کي اهل ثابت ڪري سگهن. ان لاءِ سندس دلي خواهش اها هئي ته هروڀرو پراڻن اميرن جي آسري ۾ رهڻ بجاءِ جن مان ڪو کڙتيل نڪرڻو ناهي، پنهنجي خاص ماڻهن کي اڳ ۾ ڪري، انهن کان اميرن ۽ مدبرن جو ڪم وٺڻ کپي. کيس يقين هو ته ملڪي معاملا اهڙن ماڻهن جي حوالي ڪرڻ سان (210)، جيڪا به هيٺ مٿاهين آهي، اڳي ڪي پوءِ پاڻهين سنوت ۾ اچي ويندي ۽ انهن ماڻهن جي هئي کئي به لهي پوندي، جيڪي هن مٿي تائين کيس ملڪ جو حاڪم تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. هوڏانهن وري اهي پراڻا امير، جن رات ڏينهن ڏڦيڙ ۾ منهن وجهي، هن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي هئي، انهيءَ سوچ ۾ هئا ته هن بي سمجهه ٻار جي بيگر کان بس ڀلي آهي. کين هروڀرو به پڪ هئي ته هي ڪو ٻوٽو ئي نه ٻاري سگهندو. انهيءَ ڪري ئي ته هن کان پري ڀڄندا ٿي رهيا، اهڙا ڪي مثال هت ڏجن ٿا:

هڪ دفعي عرب ڪوڪو پنهنجي سوارن سان گڏ مڪليءَ ڏانهن ٿي ويو ته پريان مرزا غازي بيگ جي سواري ايندي ڏٺائين. هڪدم پاسو ڪري نماز جي بهاني وڃي مسجد ۾ لڪي ويهي رهيو، جيتوڻيڪ مرزا جاني بيگ مرحوم جي مقبري ڏانهن تيار ٿي نڪتو هو. مرزا غازي بيگ پنهنجي ماڻهن کان پڇا ڪئي ته هي ڪهڙا سوار هئا، جيڪي اسان جي سواري ڏسي پاسو ڪري هليا ويا! سندس جاسوسن انهن کي اڳواٽ ئي سڃاڻي ورتو هو. سو کيس ٻڌايائون ته اهي فلاڻا هئا. آخرڪار عرب ڪوڪيءَ کي پنهنجي ڪيتي جي سزا ڀوڳڻي پئي.

ساڳيءَ طرح ڀائي خان، جيڪو دکن مان مرزا جاني بيگ وٽان، مرزا غازي بيگ جو امير مقرر ٿيو آيو هو، پنهنجي منافقيءَ جي ڪري حڪومت جي معاملي ۾ اهڙو لاتعلق پئي رهيو، جو ڪا به دلچسپي نه ٿي ورتائين. اهو سوچيندي ته پنهنجي زندگي ڇا لاءِ هن ڪم عقل ۽ نا تجربيڪار ٻار جي بلي برباد ڪئي وڃي.

ٻئي پاسي احمد بيگ پنهنجي هڪ گماشتي مُهرنگ کي انهيءَ ڪم تي مامور ڪيو ته هو مرزا غازي بيگ جي اڳ پوءِ ۾ رهي، سندس هر ڪا ننڍي وڏي ڳالهه هن تائين پهچائيندو رهي، جيڪڏهن مرزا غازي بيگ ڪنهن به ڪم لاءِ ڪو حڪم جاري ڪري ته هو ان کي هن (احمد بيگ) جي اجازت کان سواءِ عمل ۾ نه آڻي. ڇا لاءِ ته هي صاحبزادو جيڪو اڃا ٿڃ پياڪ ٻار آهي، تنهن کي وڏڙن جي ڪم ڪار جي ڪا به خبر چار ڪونهي، هي جيڪي ڪجهه ڪندو تنهن مان حڪومت يا ملڪ کي خير ڪو فائدو پهچندو. هن احمق کي اها ڄاڻ ئي ڪا نه هئي ته:  بزرگي عقل سان آهي، عمر تي ناهي!

مرزا غازي بيگ جڏهن پنهنجي بلند ڪردار جي ڪري اهڙن ماڻهن سان ائين پڄي نه سگهيو، ته انهيءَ احمد بيگ لاءِ اهو ئي سوچيائين، جيڪو ڪنهن دانشمند جي سوچ وٽان هوندو آهي. جيڪڏهن سندس جاءِ تي ٻيو ڪو هجي ها ته احمد بيگ کي اُماڙيون ڏئي اڳتي لاءِ پنهنجو ويري بڻائي ڇڏي ها، پر مرزا غازي بيگ ڪمال دانشمندي ۽ دليريءَ سان هڪدم هن جي پر پُٺ اهو فرمان جاري ڪيو ته: مون تو کي ملڪي ڪاروبار هلائڻ لاءِ چڱو ماڻهو سمجهي سڀ ڪجهه تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيو، هاڻ تون مڙس ماڻهو ٿي ٻين سان گڏجي اهو ڪارنامو ڪري ڏيکار، جو ڪنهن به موقعي پرست کي تو تي آڱر کڻڻ جي همت نه ٿئي ۽ حڪومت جي ڪاروبار ۾ ڪو به خال يا رخنو نه پوي، خدا ڪندو ته تون جيئن چاهيندين تيئن ٿيندو. پر جيڪي بدخواهه آهن، تن کي وڪڙ ۾ آڻي، اهڙو ٽڪاڻڪو ڪجانءِ جيئن ڳوليائي نه لڀن!

جيئن ته مرزا غازي بيگ جو اهو فرمان بلڪل وقتائتو هو، تنهنڪري احمد بيگ تي جادوءَ وارو اثر ڪري ويو. دل ۾ جيڪا ٻيائي هيس، سا دور ڪري مرزا غازي بيگ کي اها پڪ ڏياريائين، ته جيڪڏهن اوهان جي اقبال جو سايو سلامت رهيو، ته آءٌ ڏينهون ڏينهن اوهان جي هر حڪم جي تعميل ڪندي، سڀئي ڪم اهڙا ته سولا ڪري ڇڏيندس، جو رعيت ۽ سپاهه جي سڌاري سان گڏ ملڪ جي آمدنيءَ ۾ به واڌارو ٿيندو رهندو، پوءِ اوهان پاڻ ئي منصف بڻجي منهنجو داد ڪندا، جيڪو به اوهان جي حڪم کان منهن موڙيندو، تنهن کي اهڙي سزا ڏني ويندي، جو مرڻ گهڙيءَ تائين کيس ياد رهندي، ملڪ ۾ جيڪي به منافق آهن، تن جو اهڙو حشر ٿيندو جو آئيندي لاءِ پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿي ڪنن تي هٿ رکي اوهان جي فرمانبرداريءَ ۾ اچي ويندا ۽ ملڪي معاملا جيئن (212) سهڻي نموني نبيرڻ کپن، تيئن نبيري ٻين لاءِ حيرت ۽ حسرت جو ڪارڻ پيدا ڪيو ويندو. پڇاڙيءَ ۾ چوڻ لڳو: پر هن باري ۾ هڪ خاص عرض آهي، جيڪو به اوهان کي اڄ کان پوءِ منهنجي خلاف ڀڙڪائڻ جي ڪري، تنهن تي ڪو به ڌيان نه ڏجو جيئن مون تي جو به ڪم رکيو وڃي، ان جو حڪم اوهان جي پرواني ذريعي جاري ٿيڻ کپي، جيئن منهنجي ڪنهن به ڪارگذاري ۽ پوئواريءَ ۾ ٻئي ڪنهن جو ڪو دخل داڙي نه رهي.

مرزا غازي بيگ کي ته کپندو به اهو ئي هو. ان ڪري بنا ڪنهن هٻڪ ۽ رنڊڪ جي احمد بيگ جا اِهي شرط قبولي، اڳو پوءِ سڀ ڪجهه ان کي سونپي پاڻ بي اونو ٿي، انهيءَ محلات ۾ وڃي آرامي ٿيو، جيڪو خاص ڪري نئون اڏايو هئائين. جتي سندس دل گهريا دوست، يار ۽ خاص مقرب ساڻس اچي عيش عشرت وارين ڪچهرين ۾ شامل ٿيندا هئا. اهو ڪم ائين ٿي ويو، جو پراڻن اميرن مان ڪنهن کي به ڪل نه پئجي سگهي.

جڏهن ملڪ جا مڙئي معاملا مرزا غازي بيگ جي مرضي ۽ منشا موجب درست ٿي چڪا، ته پنهنجي مُهر سان پراڻن اميرن ڏانهن پروانا جاري ڪندو ويو، جن بگهڙن وانگي ڌنارن کي ڏهڪاءُ ۾ وجهي، پاڻ سڀ شيءِ تي ڌاڪ ڄمائي هئي. انهن جيئن اهي تڪڙا پروانا پِڙهيا، ته ننڊ مان اکيون پٽي عجب ۽ اندوهه ۾ پئجي ويا. ڪيترن ته ٻيو ڪو چاڙهو نه ڏسي صبر کان ڪم ورتو، پر ڀائيخان، جنهن جو اڳ ۾ ئي مٿو ڦريل هو، پيرن کان وٺي چوٽيءَ تائين سڙي پچي سوچڻ لڳو، ته هي ڇا ٿي ويو! هيءُ (مرزا غازي بيگ) ڪالهوڪو ٻار، اڄ اسان کي ٿيڙي، ٻين کي ملڪ جو مالڪ بڻائڻ ٿو چاهي، ته سڀاڻي وڌيڪ طاقت ۾ اچي، اسان کي ويتر مصيبت ۾ وجهي ڇڏيندو! سندس ساٿيارين احمد بيگ ۽ ٻين کي هينئر کان ئي اهڙي مت ڏجي، جو خود سندس سرپرست به سبق سکي وڃي ۽ آئندي لاءِ اهڙو ڪم نه ڪري.

هن نادان کي  اهو پتو ڪو نه هو، ته حڪومت ڪنهن جي ميراث ناهي ۽ ان جي معاملن ۾ دخل ڏيڻ (213) ڪنهن به طرح مناسب ٿي نه ٿو سگهي. ڀلا بزرگ زادن کي پاڻ کان گهٽ سمجهڻ به ڪا سياڻپ آهي! اهو ئي عقلمند ڳڻيو ويندو، جيڪو پنهنجي بزرگ زادي کي پوءِ اهو کڻي ڪيڏي به ننڍي ڄمار وارو ڇو نه هجي، پاڻ کان وڏو تصور ڪندو. جيڪڏهن نه ته ڏاڍي گهاٽي ۾ رهندو ۽ جڏهن پاڻ وڏي ڄمار ۾ ايندو، ته ننڍا ساڻس اهي تعديون ڪندا، جو ٻيا ان مان عبرت وٺندا.

مرزا غازي بيگ جو احمد بيگ کي امير مقرر ڪرڻ

احمد بيگ جڏهن (مرزا غازي بيگ جي فرمان کان پوءِ) سرڪاري ڪاغذ ۽ دستاويز ديوان خاني ۾ کڻي اچي وارد ٿيو، ته سڀئي درٻاري سندس مان ۾ ڪورنش بجا آڻي، وڃي پنهنجي جاين تي ويٺا، ڪچهريءَ ۾ موجود ڀائيخان پنهنجي جاءِ تان ويٺي ئي احمد بيگ ڏانهن منهن ڪري اها ڳالهه وچ ۾ آندي، ته هي سڀ عهدا ۽ ملڪي معاملا جنهن نموني فيصل ٿي چڪا آهن، ڇا تون ٻڌائي سگهندين، ته اُهي ڪهڙا ماڻهو آهن، جيڪي تو وانگر خودسر ٿي اسان جي پڇڻ کان سواءِ، حڪومت جي ڪاروبار ۾ دخل ڏيندا ٿي رهيا ۽ اُهي اڃا تائين تنهنجي نظر ۾ به هوندا ! پر خير، جن ماڻهن ايڏي ارهه زورائيءَ سان اسان سڀني کي نظر انداز ڪري، ٻاريءَ کان ٻاهر سمجهيو آهي، سي نيٺ پنهنجا ڪيتا لوڙي پشيمان ٿيندا.

هو جڏهن پنهنجي دل جي باهه ڪڍي صاحبزادي (مرزا غازي بيگ) تي به ڇوهه ڇنڊي بيٺو، ته احمد بيگ جهڙي لائق ۽ ملڪي معاملن جي مدبر هن کي جواب ڏيندي شرمايو، ته مون هي سڀ ڪجهه پنهنجي حاڪم جي حڪم تي ڪيو آهي، جنهن کان ڪو به شخص ڪنڌ ڪڍائي نه ٿو سگهي، هو جيئن چاهيندو تيئن ئي ڪندو، ڪنهن کي به سندس حڪم تي جيڪڏهن ڪو اعتراض هجي، ته وڏي واڪي چئي ڏي ۽ جي اهڙي ڪا به ڳالهه ڪانهي، ته پوءِ اجائي واويلا مان ڪجهه به نه ورندو. وڌيڪ اهو به کيس ٻڌايائين ته مرزا غازي بيگ ملڪ جو مالڪ آهي، هر ڪم سندس ئي مرضيءَ مطابق پيو ٿيندو. هن اڄ (204) مون کي چيو آهي، ته سڀاڻي اُن کان وڌ جيڪا به چڱي ڳالهه ڏسندو، تنهن لاءِ ٻين تابعدارن ڏانهن به هدايتون جاري ڪندو.

اهو جواب ٻڌڻ سان جيتوڻيڪ ڀائيخان جي هيانوَ تي ڇنڊو پيو، تڏهن به پنهنجي پراڻي عادت موجب (جو ٻئي کي پاڻ جهڙو سمجهندو ئي ڪو نه هو، ايتري قدر جو خود صاحبزادي مرزا غازي بيگ کي به ٻار ڪري ٿي ڀانيائين)، هڪدم چئي ڏنائين، ته مرزا غازي اڃا ڇوڪرو آهي، هن کي ملڪي معاملن جي ڪهڙي ڄاڻ ! اهو ڪم ته اسان ماڻهن جو آهي، هن جي پيءُ (مرزا جاني بيگ) هن سميت، سڄو ملڪ اسان کي سونپي ڇڏيو هو، انهيءَ خيال سان، ته اسان کي جتي به ڪا چڱائي ڏسڻ ۾ اچي، ان مطابق عمل ڪندا رهون. هاڻ اهو ڪيئن ٿو مناسب ٿي سگهي، ته هو ملڪي معاملا پنهنجي اختيار ۾ آڻي ويهي رهي!

احمد بيگ وري ٻيهر ٿڌي سيني سان ڀائيخان کي سمجهايو، ته هيءُ
ملڪ مرزا غازي بيگ جي ميراث آهي، اوهان جو ان ۾ ڪو به واسطو ناهي، هو جنهن کي چاهيندو، تنهن کي ملڪي معاملن تي مامور ڪندو. کيس سڀ ڪجهه معلوم آهي، سڀاڻي جيڪڏهن ڪا چڱي مٺي ڳالهه ٿي، ته هو پاڻهي ان جي سنڀال ڪندو. تنهن تي ڀائيخان خار مان چيو: پر سوال اُهو آهي، ته هن اسان کي معزول ڪري، توکي ڇو مقرر ڪيو آهي؟ احمد بيگ وراڻيو: اهو ته خود مرزا غازي بيگ کان پڇيو وڃي، جنهن وٽان سڄي سُڌ پئجي سگهي ٿي. سياڻپ جي ڳالهه آهي، ته هر ڪنهن کي پنهنجو مان ُ مرتبو سڃاڻي ان جي آڌر پير کڻڻ کپي.

اهي ڳالهيون هلندي ڀائيخان مُولي خدمتگار کي سَڏُ ڪيو، جو مرزا غازي بيگ جي نوازڻ سان دولت راءِ بڻجي چڪو هو. کيس چيائين، ته هي سڀ ڳالهيون وڃي مرزا غازي بيگ وٽ پهچاءِ! مولو ويو ته ٿوري دير کان پوءِ مرزا غازي بيگ اندران چوائي موڪليو: اسان پنهنجي ڪنهن به معاملي ۾ اوهان کي اڳتي آڻي نه ٿا سگهون، جيتوڻيڪ اوهان اسان جي مرحوم پيءُ جي ڪافي خدمت ڪري چڪا آهيو، ليڪن هاڻ اوهان کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجا ٽپڙ ٻڌڻا پوندا. بس، اهو ئي اسان جو حڪم آهي. اسان جنهن کي به ڪنهن عهدي تي رکنداسين، ٻين کي ان جي تابعداري ڪرڻي پوندي. درٻار جي ملازمن کي سواءِ فرمانبرداري ۽ حڪم جي پوئواري جي ڪنهن به حجت يا حيلي کان ڪم وٺڻ نه گهرجي. اسان ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ (215) اهو ئي سوچيو آهي، ته سمورا ملڪي معاملا احمد بيگ جي اختيار هيٺ رهن، توهان کي به ان جو هر حڪم مڃڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته اسان پاڻ ئي ان کي اهڙو اختيار ڏنو آهي.

ڀائيخان کي جڏهن ديوان خاني ۾ اهو جواب اچي پهتو، ته پنهنجي نادانيءَ کان ساڙ ۽ تيسي ۾ پڄرڻ لڳو. اها ڳالهه وري جڏهن انهن تائين وڃي پهتي، جيڪي پنهنجي ڪم عقليءَ جي ڪري اندر ئي اندر صاحبزادي (مرزا غازي بيگ) جي مخالفت ڪندا ٿي آيا، ته هوش کان ڪم وٺي، اها سوچ ڪرڻ لڳا ته اسان کي هن ننڍي ڄمار واري صاحبزادي مان اهڙي قسم جي وڏن واري روش جي اُميد ئي ڪا نه هئي! نيٺ مصلحت جي بنياد تي پنهنجي غرض لاءِ ظاهري تابعداريءَ جو ڍونگ رچائي، باطن ۾ سندس خلاف اهو ڪي ڪندا رهيا، جيڪو سندن بڇڙي ذهنيت وٽان هو. انهيءَ بد انديشيءَ سان، ته جيڪڏهن اڳتي هلي، ڪو نئون فتنو پيدا ٿيو، ته مرزا غازي بيگ جهڙي ڪم عمر ڇوڪري تي اسان جي مدد ۽ مدبريءَ جو رعب ويهي ويندو.

مرزا غازي بيگ پنهنجي مخلص احمد بيگ ۽ ٻين خاص ماڻهن جي مدد سان، جن تي انتظام جو سڄو دارومدار هو، پاڻ سان گڏ انهن جي نيڪ ناميءَ لاءِ، سپاهين توڙي انهن ماڻهن در حق جيڪي نهايت شريف ۽ وضعدار هئا، وظيفا ۽ روزينا جاري ڪيا، جن وري رٿيل منصوبي مطابق اصل رقم کان علاوه اضافي رقم جي رسيد به لکي ڏني. ان مان اصل رقم ته هر ڪنهن کي ملندي رهي، پر اصافي رقم ديوان خاني تي ڄڻ قرض رهندي آئي. جڏهن به مرزا غازي بيگ جا مخالف سندس آڏو ٿي آيا، ته پاڻ سڀئي ڳالهيون سندن اڳيان ٿي رکيائين ۽ کين (216) ٻڌائي ٿي ڇڏيائين، ته سرڪاري ڏيتي ليتيءَ ۾ هيءَ سموري رهت چڙهت ٿيندي رهي ٿي، جنهن جي باري ۾ آءٌ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان. اوهان کي اڳ ۾ ئي سڄي خبر هئي، ته هنن معاملن ۾ منهنجي چوڻ نه چوڻ مان ڪجهه نٿي وريو ۽ منهنجو ڪرڻ نه ڪرڻ ٻئي برابر هئا. توهان ائين پئي ڄاتو، ته سڄو اختيار منهنجي هٿ ۾ آهي، پر هاڻ جيئن اوهان کي سمجهه ۾ اچي تيئن ڪريو!

اهڙيءَ طرح مرزا غازي بيگ وڏي دانائيءَ سان پنهنجي دل تي سڀ ڪنهن سان سنمک ٿيندو رهيو. ٻئي پاسي سڀئي پراڻا پاپي لاجواب ٿي، گوڏن تي هٿ هڻندا رهيا. پنهنجن ماڻهن مان جيڪو به وٽس ٿي ويو، تنهن کي گهرج مطابق ٽن ڏينهن جي اندر سڀ ڪجهه ملي ٿي ويو. نتيجو اهو ٿيو، جو هر ڪو هن ڏانهن رجوع ٿيندو ويو ۽ سندس ٿورن جي ڪري ڪو به پراڻن مخالفن ڏانهن ڪو نه ٿي لڙيو. جيڪي ماڻهو کائنس الڳ ٿي چڪا هئا، هڪ ئي سڳي ڌاڳي ۾ اچي سندس مطيع ٿي ٿي ويا. رهيو کهيو جيڪو به ڏوهه محسوس ڪيو ٿي ويو، سو وڃي مخالفن جي سر تي پيو. مرزا غازي بيگ به انهن مان هر هڪ کي اهڙو خوار خراب ڪيو، جو هو پنهنجي پرائي، سڀني جي نگاهن ۾ اچي، اڪيلا رهجي ويا.

آخرڪار نئين فصل جي پيداوار لٿي، جنهن جو حساب ڪيو ويو، ته اضافي واري رقم جا خود سرڪار مٿان ڪيئي لک چڙهي ويا، پراڻا مخالف پنهنجي دشمنيءَ کان انهيءَ تاڙ توڙ ۾ لڳا رهيا، ته ملڪ ۾ پورو پئسو آهي ڪو نه، ته ماڻهن کي پگهارون وري ڪٿان ملنديون!انهيءَ غلط فهمين ۾ سپاهين کي ڀڙڪايائون، ته (217) هر ڪو وڃي سرڪاري خزاني مان پنهنجون پگهارون طلب ڪري!               

انهن اندرڪارن کي وچ جي اها خبر ئي ڪا نه هئي، ته نيٺ ڪاسائيءَ جو خون ڪاسائيءَ جي ڳچيءَ ۾ ئي پوندو آهي. هيڏانهن مرزا غازي بيگ سياڻپ ڪري جمع خرچ وارا سرڪاري ڪاغذ پاڻ وٽ گهرائي ورتا. پنهنجي مُنشين کي به سمجهائي سڌو ڪيائين، ته هر هڪ جاگير مان پوري وصولي ٿيڻ گهرجي. جيڪا رقم جاگيردارن جي بي ايمانيءَ سان هيٺ مٿي ٿيندي اچي ٿي، سا سموري پنهنجي هٿ آڻي، سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي. ائين ڪرڻ سان سڀ ڪنهن جي دوستي ۽ دشمني، ديانتداري ۽ بدديانتيءَ جو پتو پئجي ويندو.

مرزا غازي بيگ جي منشين جڏهن ڪم جي تعميل ڪئي ۽ پوري

ضابطي سان حساب ڪتاب ٿيڻ لڳو، ته سڄي اڇ ٿي وئي ۽ اها ڳالهه پڻ پڌري ٿي پئي ته پراڻا امير واقعي بي ايماني ڪري، سڀ ڪجهه پاڻ کڻي ٿي ويا ۽ مرزا غازي بيگ کي مانيءَ جو محتاج ٿيڻو ٿي پيو. ٻئي پاسي مرزا غازي بيگ پنهنجي ڪاميابي ڏسي، کين چتائڻ لڳو: هيءَ ڪهڙي مسلماني ۽ ديانتداري آهي، جو اوهان جي زيادتين کان ملڪ جو مالڪ ته مانيءَ جو محتاج رهندو اچي ۽ اوهان دل تي پنهنجا گهر ڀريندا رهو! توهان کي جيڪا مناسب پگهار ملي ٿي، اُها ئي وٺندا رهو، باقي جيڪو بچي، سو سرڪار ۽ سپاهين جي خرچ پکي لاءِ پيو هجي. ان تي هنن پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪيئي بهانا پيش ڪيا، پر سندن چاڙهو نه ٿيو. مرزا غازي بيگ جو اهو ئي جواب هو، ته جنهن کي پنهنجي جاگير مان پيدائش جو ڪو به آسرو نه هجي، سو ڀلي الڳ ٿي وڃي، ان جي خرچ جي پورائي سرڪاري خزاني مان ڪئي ويندي. اها ڳالهه ٻڌي، هو ماٺ ٿي ويا ۽ جاگير جي پيداوار مان سموري پورائي پنهنجي ذمي تي کڻي، اضافي رقم ۽ پگهار کان پوءِ باقي رقم سرڪاري خزاني ۾ پهچايائون.

هتان جا ٻيا پرڳڻا، جيڪي پڻ انهن بدديانت ماڻهن جي هٿ هيٺ هئا، تن جي مٿان به سرڪاري گماشتا ۽ ڪارندا مقرر ڪيا ويا، جنهن ڪري هر هنڌان ڪافي وصولي ٿيڻ لڳي ۽ مرزا غازي بيگ جي دانشمندي، انهن جي لاءِ مصيبت ثابت ٿي، جيڪي پاڻ کي سڄي موڙيءَ جو مالڪ سمجهي، جاوا ڪندا ٿي آيا، انهن جي ڪري ئي ته مرزا غازي بيگ جي گهوڙن ۽ هاٿين جي داڻي جا توبرا بازار يا سندن در تي پيا رلندا هئا. هاڻ ته هي پاڻ خوش ٿي، اڳين کان وڌيڪ سخاوتون ڪرڻ لڳو، ڇو ته سڀ ڪجهه سندس اختيار ۾ اچي ويو ۽ جيڪي ٿي گهريائين، اهو وٽس حاضر ٿيندو پئي رهيو.

هاڻ سڀ ڪنهن کي خبر پئجي وئي، ته مرزا غازي بيگ پنهنجي دور انديشيءَ مطابق احمد بيگ تي اعتبار ڪري، کيس جنهن ڪم سان لڳايو، اهو هن پوري ذميداري سان پورو ڪري، پاڻ کي اهل ثابت ڪيو. بيشڪ ماڻهو ماڻهوءَ کي سڃاڻي، ان کي سندس اهليت موجب ڪم وٺڻ ننڍ وڏائيءَ تي ناهي. ڪيئي ننڍي وهيءَ وارا پنهنجي عقلمنديءَ سان بزرگي ماڻيندا رهن ٿا، ليڪن جن کي پنهنجي حال جي به خبرناهي، اهي زماني جي عياريءَ کان پائمال ٿي، بنا ڪنهن نالي نشان جي ختم ٿي وڃن ٿا ۽ ڪي ننڍا، جيڪي پنهنجي عقل ۾ ڀڙ آهن، همت ڪري هر ڪم ۾ ڪامياب ٿي دنيا ۾ چڱو نالو ڇڏي ٿا وڃن.

مرزا غازي بيگ جيتوڻيڪ ننڍيءَ عمر وارو هو، ته به پنهنجي سمجهه ۽ سياڻپ ۾ وڌيڪ برک ٿيڻ لاءِ، علم عقل وارن سان ناتو رکندو ٿي آيو. ملا رشيدي، جيڪو تنهن  زماني ۾ لاهري بندر کان ٺٽي وارد ٿيو هو (219)، جڏهن وٽس آيو، ته هن پنهنجي جوهر شناسيءَ جي ڪري، ان کي ايڏو نوازيو، جو ٿوري وقت اندر وڏي عزت ۽ مال ملڪيت وارو ٿي ويو (1). ملا رشيدي بعضي ملا مرشد (2) جا شعر مرزا غازي بيگ جي مجلس ۾ پيش ڪندو هو ۽ هي علم دوست هئڻ ڪري، ان جي شعر تي دل کولي داد ڏيندو ٿي رهيو. هڪ دفعي مرزا غازي بيگ انهيءَ ملا رشيدي جي چوڻ تي، پر پٺ راهه خرچ روانو ڪري، ملا مرشد کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، کيس ”خانيءَ“ جو خطاب ڏئي. پنهنجو مقرب بڻايائين. هيءُ بيت سندس ئي آهي:

بخت و دولت بيني ڪ شاهه ڪامران
گاهه خانم مي نويسد گاهه جان.

(1) ڏسو حواشي ۽ متعلقات

(2) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

منهنجا ڀاڳ ڏسو، جو بادشاهه پنهنجي سِر
گهڙيءَ مون کي خان، ته گهڙيءَ جان ٿو ڪوٺي
(3).

مردم شناسي هڪ وڏو ڪمال آهي. مرزا غازي بيگ به اهڙي قسم جو مردم شناس هو، جو سڀ ڪنهن کي نوازي پنهنجي مقبوليت ۾ اضافو ڪندو  ٿي ويو ۽ مٿي بيان ٿي آيل سندس خدمت مان مالا مال ٿيندا رهيا، ته اهڙن ٻين جي  به قدرداني ٿي. هيءُ پاڻ به ننڍي ڄمار ۾ هر هڪ فن ۽ سخن ۾ ايڏو قابل ۽ ڪمال جو صاحب ٿي ويو، جو علم، حلم عدل ۽ انصاف سان گڏ صورت، سيرت، نظم توڙي نثر ۾ پنهنجو ثاني نه ٿي رکيائين. واقعي ڪمال واري وٽ سڀ ڪجهه هوندو آهي ۽ غفلت ڪرڻ وارا ائين ئي رهجي ويندا آهن. خدا سڀني کي علم ۽ هنر جي حصول جي توفيق عطا ڪري ۽ شل ڪو به انهن نعمتن کان محروم نه هجي.

ابوالقاسم سلطان جو پنهنجي ماڻهن جي مدد سان مرزا غازي بيگ کان (220) باغي ٿيڻ

مرزا غازي بيگ کي جڏهن پنهنجي مخلص احمد بيگ جي خيرخواهيءَ جي باري ۾ هر قسم جي خاطري ٿي، ته کيس سلطانيءَ جو خطاب ڏئي، احمد بيگ سلطان ڪري ڇڏيائين، جنهن تان پراڻا مخالف پاڻ کي پنهنجي عزت ۽ عهدي کان الڳ سمجهي، ڪروڌ ۾ اچي ملڪ ۾ وڳوڙ وجهرائڻ جون سازشون ڪرڻ لڳا. محمد علي سلطان ڪابلي جنهن جو پُٽ محمد حسين پنهنجي

(3) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

مامي سبور عليءَ سان گڏ، ان زماني ۾ جڏهن مرزا جاني بيگ جيئرو هو، شطرنج کيڏندي مرزا غازي بيگ تي ترار سان حملو ڪري ڏنو، ته نديم ڪوڪيءَ ۽ قاسم علي ڪوڪيءَ کي وچ ۾ پوڻ سبب زخمي ڪري وڌائون ۽ وڏيءَ دليريءَ سان اتان فرار ٿي ويا، تڏهن ڪنهن کي به ساڻن مقابلي ڪرڻ جي جرئت نه ٿي، آخر جڏهن ٺٽي جي سڄي شهر ۾ گوڙِ مچي ويو ۽ چئني پاسن کان لشڪر گهيرو ڪيو، ته اهي ٻئي پنهنجي حويليءَ جي ڇت تي قتل ٿي ويا. ان تان محمد علي سلطان وڃي مرزا جاني بيگ کي دانهن ڏني، جنهن کيس پرچائي سرچائي بدين صوبي تي حاڪم ڪري رکيو.

جڏهن پراڻن اميرن ملڪ ۾ وڳوڙن جي شروعات ڪرائي، ته سڀ کان اول اهو شخص (محمد علي سلطان) مرزا غازي بيگ کان باغي ٿيو. سندس بغاوت جو سبب اهو هو، ته مرزا غازي بيگ، پنهنجي هڪ ملازم سيد جهنگليءَ هٿان هن کي چوائي موڪليو، ته تو وٽ جيڪو هاٿي موجود آهي، سو اسان ڏانهن ڏياري موڪل ! ان تان هو مورڳو ويڙهه تي سندرو ٻڌي بيٺو ۽ هن (مرزا غازي بيگ جي ملازم) کي چيائين، ته جيڪڏهن هاٿي منهنجي رضا خوشيءَ سان هتان ڪاهي ويندين، ته ڪو به رڳڙو نه ٿيندو، (ٻيءَ حالت ۾) جي تو مرزا غازي بيگ جي حڪم تي هاٿيءَ کي هٿ به لاتو، ته توکي پنهنجو سر وڃائڻو پوندو! سيد جهنگليءَ ڏٺو، ته هن نه رڳو وڳوڙ ۾ منهن وڌو آهي، پر جي پنهنجيءَ تي آيو، ته منهنجو سر وڃائيندي به دير نه ڪندو. لاچار (221) ماٺ ڪري هليو آيو ۽ مرزا غازي بيگ کي اچي سربستي ڳالهه ٻڌايائين.

مرزا غازي بيگ کي اڳ ۾ ئي اهو شڪ هو، ته دربار جي انهن پراڻن اميرن جو مُنهن جهيڙي ۾ رهندو اچي ٿو. هاڻ جو اها پڪ ٿيس، ته دل ۾ سوچيائين جيستائين انهن مان ڪنهن جي به ڪن مهٽ نه ڪئي ويندي، تيستائين سندن فتنا فساد هلندا ئي رهندا ۽ اهي موقعي ملڻ تي، حڪومت جي واڳ کانئس کسي، ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ ڏيندي ويرم نه ڪندا. هن جا جيڪي نوان ۽ ڀروسي وارا ماڻهو هئا، تن سان صلاح ڪيائين. سڀني کيس ٻڌايو، ته مڙني فسادين جي اڳواڻي خسرو خان چرڪس ڪندو رهي ٿو، پهريائين ان کي ڪنهن وڪڙ ۾ آڻجي، پوءِ ٻين سان پُڄڻ سولو ٿيندو. نيٺ اها رٿ ڪئي وئي، ته خسرو خان کي اڪيلي سر خلوت ۾ گهرائي، هڪ ئي وار سان پورو ڪيو وڃي، پر خسرو خان پنهنجي وڏن کان وٺي مرزا عيسيٰ ترخان ثانيءَ سان گهرا لاڳاپا رکندو ٿي آيو، ان ڪري اها خبر جڏهن ان تائين وڃي پهتي، ته هن خسرو خان جو بچاءُ ڪري ڇڏيو.

مرزا غازي بيگ کي مرزا عيسيٰ جو انهيءَ موافقت مان، جا هن خسرو سان ڏيکاري، منافقت جي بوءِ اچڻ لڳي، سمجهي ورتائين، ته اهو به اسان جي خير خواهن مان نه آهي، تنهنڪري ڇو نه پهريان انهيءَ کي ئي ڦاهي چاڙهيو وڃي، جيئن آئندي ڪو به رازدار هتان جي ڳالهه، هُتي پهچائڻ جي همت نه ڪري.

مرزا عيسيٰ  ڪنهن ڪارِوائي ٿيڻ کان اڳ (222)، اتان نڪري وڃي سمن وٽ لڪي ويهي رهيو، جيڪي سندس ناناڻا هئا، انهيءَ اوسيئڙي ۾ ته اڄ نه سڀان، ملڪ وڳوڙن ۾ وٺجي ويندو، جنهن مان پاڻ کي به ڪو نه ڪو هٿ ايندو. هن جي اها سوچ ڪنهن حد تائين صحيح به هئي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مرزا غازي بيگ جا بخت زور نه هجن ها، ته سندس دشمن کيس حڪومت تان هٽائي، مرزا مظفر ترخان يا عيسيٰ ترخان، ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي، ملڪ جو حاڪم بڻائي ڇڏين ها.

حقيقت ۾ انهن کان وڌيڪ ابو القاسم سلطان ولد شاهه قاسم خان ارغون بڇڙائيءَ تي ڀاڙي، پنهنجي تباهيءَ جا ڪارڻ پيدا ڪيا ۽ ٻين جون بلائون پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي مانڌاڻ ٿي مچايائين. نصرپور جو صوبو هن جي حاڪميءَ ۾ هو. اهڙو ڪو به ماڻهو نه ٿي ڏٺو، جيڪو نصرپور تي ڪاهي، ابو القاسم کي شڪست ڏئي سگهي، ڇو ته هي ڪيترا ورهيه هن جي پيءُ شاهه قاسم ارغون جي حڪومت هئي، جنهن جي رسائيءَ جي ڪري، هن تائين ڪنهن پهچڻ جي ڪا نه ٿي ڪئي. هيءُ ايڏو ته سگهارو هو، جو جڏهن کان ترار هٿ ۾ کنئي هئائين، ڪو به کيس مات ڪري نه سگهيو هو. هن ايڏا ڪارناما ڏيکاريا، جو کانئس اڳ ڪنهن به نه ڪيا هئا ۽ ماڻهن کي اهڙو ڪو به واقعو ياد نه هو.

مرزا جاني بيگ جي حياتيءَ ۾، اُمر ڪوٽ جي سوڍن کي شڪست ڏئي، گهر کان بي گهر ڪري، سندن قلعي ۾ گهڙي راجپوتن جا گهر گهاٽ ۽ زالون پنهنجي نوڪرن ۾ ورهائي، انهن جو ايترو چوپايو مال ڪهائي ڇڏيائين جو انهن (هندن) جا سڀئي کوهه ۽ تلاءُ انهيءَ ڪُٺل مال جي ڍونڍ سان ڀرجي ويا. هوڏانهن هو به قلعي کي گهيرو ڪري ويهي رهيا پر هن (ابوالقاسم) کي قلعي مان ڪڍي نه سگهيا. نيٺ سندس پيءُ شاهه قاسم خان ارغون (233)، پنهنجي سر اُتي اچي راجپوتن کي اُتان هٽائي، هن کي قلعي مان ٻاهر ڪڍي، پاڻ سان گڏ نصرپور آندو، ماڻهن جي دل ۾ هن جي ايڏي ته هيبت ويٺل هئي، جو جڏهن به گهوڙي تي چڙهي ڪنهن پاسي رخ ٿي ڪيائين، ته هر ڪو کيس ڏسي ڪرڙي وانگي ڪنبندو ٿي رهيو.

*   ابو القاسم کي عام طور ”اُبُل“ به ڪوٺيو ويندو هو. سندس ڏهڪاءُ بابت اڄ تائين نصرپور جي پاسي هيءَ چوڻي مشهور آهي:

اَبَل جي واري، هڪ هنگي ٻي نِهاري
متان هن کي ڇڏي، مون کي نه ماري
ٽين پئي پير پڇاري، ڀڄو ڙي ڀڄو آبل پيو اچي!

(مترجم) 

هن جي سڳي ڀيڻ مرزا جاني بيگ مرحوم جي گهر ۾ هئي ۽ پنهنجي نياڻي مرزا ابو الفتح جي ڀاڻيجي نالي ڪئي هئائين، پر ان جي فوت ٿيڻ کان پوءِ اها نياڻي مرزا غازي بيگ کي ڏيڻي ڪيائين. انهيءَ ناتي سبب هن خيال ڪيو، ته اسان هيڏي بهادري ۽ سخاوت جي باوجود، مرزا غازي جهڙي نادان ٻار سان نه  ٿا پڄي سگهون! جنهن جو ملڪ سندس غلام ۽ مائٽ پنهنجي تابع رکي، سڀ ڪجهه حرفت سان هڙپ ڪري ٿا وڃن! هاڻي وقت اچي ويو آهي، جيڪڏهن اسان نڪري نروار ٿياسين، ته سڄو ملڪ اسان کي هٿ اچي ويندو. اهو ڪهڙو بهادر آهي، جو اسان جو اڳ جهلي سگهي! مرزا غازي ته اسان جو ٻچو آهي، ان کي ڪي واهڻ جاگير ۾ ڏئي، پنهنجي سنڀال هيٺ رکنداسين، باقي سڀ ڪجهه اسان جي حوالي هوندو. سمورا غلام، مال، ملڪيتون، ۽ حويليون وغيره آءٌ پنهنجي ماڻهن کي ورهائي ڏيندس.

آخر اها چورپچوڙ ڪندي، پنهنجي شورش جي شروعات ڪري ڇڏيائين. سڀ کان اڳ ٺٽي جي ڪپاڊيا چوڌريءَ کي پنهنجي ماڻهن هٿان جهلايائين، جو مال اسباب کڻي جيسلمير ڏانهن وڃي رهيو هو. جلد ئي اها دانهن وڃي مرزا غازي بيگ تائين پهتي، جنهن ابو القاسم کي لکي موڪليو:

امان جي راڄ ۾ اهو ڪيئي اوهان لاءِ مناسب ٿي سگهي ٿو مٽي مائٽي ۽ ميٺ مُحبت هوندي اوهان اهڙا نامناسب ڪم ڪريو، جيڪي (224) اسان لاءِ بدناموسيءَ جو باعث ٿين! جيڪڏهن ٻيو ڪو ماڻهو اهڙو ڪُڌو ڪم ڪري ها، ته اوهان کي خود حڪومت جي خيرخواهي ۽ پٺڀرائيءَ ۾ ان جو خانو خراب ڪرڻ کپندو هو. خير جيڪا ٿي سا گذري. هاڻ انسانيت کان ڪم وٺي، مال مالڪن کي واپس ڪرائي ڏيو، اسان هي ڀيرو اوهان کي معاف ٿا ڪريون، هن کان پوءِ پنهنجي ماڻهن کي اهڙي بڇڙائي ڪرڻ نه ڏيندا، جيڪا هر حالت ۾ نه ٿي جڳائي. ابو القاسم پنهنجي غرور ۽ بدديانتيءَ کان اهو خيال به نه ڪيو، ته هي خط ڪنهن جو آهي ۽ ان ۾ لکيل ڇاهي! سئون سڌو باغي ٿي، مرزا غازي بيگ کي خط جو جواب لکيائين:

ابو القاسم سلطان جو مرزا غازي بيگ ڏانهن جواب لکڻ

ادبن پڄاڻان عرض، ته اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ ريڻ درياهه جو سَنڌو آهي، هُن پاسي اوهان جو حڪم هلندو ۽ هن طرف اسان جي حڪومت هوندي. اڃا به اوهان وڌيڪ ڪجهه ڪُڇيو، ته اسان پنهنجو دنگ علي جان واهه تائين وڌائي ڇڏينداسين.

اهو جواب لکڻ کان پوءِ ڇا ڪيائين، جو انهيءَ علائقي ۾ مرزا غازي بيگ جا جيڪي به تحصيلدار (ڪار مختيار) ۽ شقدار (جاگير سنڀاليندڙ) هئا، تن کي ماري ڪٽي بڇڙو ڪري، مرزا غازي بيگ ڏانهن اُماڻي ڇڏيائين. پوءِ ته ڳالهه جيئن پوءِ تيئن زور ٿيندي وئي. ايتري قدر جو مرزا غازي بيگ جي ماڻهن جون درياهي، توڙي خشڪيءَ واريون راهون بند ٿي ويون. ابو القاسم ايڏو ته اُتامڙيو ٿي ويو جو تير ۽ ترار کان سواءِ ٻي ڳالهه ئي نه ٿي ڪيائين. ماڻهو ڏاڍو ارڏو هو، ننڍي لاءِ کان وٺي اڙٻنگ رهندو ٿي آيو، تنهنڪري ننڍو وڏو شهري توڙي سپاهي، سندس لُٽ ڦُر ۽ مارا ماريءَ کان (225) لاچار ٿي، پنهنجي حال تي ڳوڙها ڳاڙيندو ٿي رهيو. هر ڪنهن کي اهو ڊپ هو ته جيڪڏهن مرزا غازي بيگ جي راڄ ۾ هيءُ ڪاهي پيو، ته ڪو به سندس آڏو نه ايندو. مرزا غازي بيگ جي پراڻن اميرن هن وڳوڙ پيدا ٿيڻ مان ائين ڀانيو، ته اجهو سندن ڏينهن وريا ۽ هاڻ سندن ويهه ئي آڱريون وڃي گيهه م پونديون، هن کان پوءِ پڪ ئي پڪ اسان کي وارو ملي ويندو. مرزا غازي بيگ کي پوري ڪرڻ ۾ هاڻ دير ئي نه لڳندي، پر مرزا غازي بيگ جي قسمت زور هئي. مصلحت کان ڪم وٺي ظاهري طرح انهن کي شرمائڻ لڳو، ته هن وقت اوهان کي هروڀرو جهيڙي وڌائڻ بدران، ايڪي ۽ نيڪ نيتيءَ سان اهڙو اُپاءُ ڪرڻ کپي جيئن هيءَ باهه وسامي وڃي. ٻئي پاسي اندرئين نموني پنهنجي نون ماڻهن کي هدايت ڪري ڇڏيائين ته اوهان مون سان گڏجي حڪومت ۽ ملڪ جي ڪاروبار ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهو ۽ ڪا به گينوارپ نه ڪريو، جيڪي به فتني باز آهن، تن سان اڳتي هلي اهڙي ڪار ڪئي ويندي، جو هي جهيڙو وڃي انهن جي ئي ڳچيءَ ۾ پوندو، هنن جيڪو کوهه کوٽيو آهي، خدا ڪندو ته تنهن ۾ پاڻ وڃي منهن ڀر ڪرندا.

ائين ئي هن سڀني جي ٻڌيءَ سان، پنهنجي لشڪر کي تيار ڪري، ابو القاسم جهڙي سرڪش ماڻهوءَ کي سيکت ڏيڻ لاءِ الهه توهار ڪئي. لشڪر سان گڏ شهر ۽ واهڻ جا ماڻهو پڻ زميندارن سميت هٿ ڪري چڙهي هليو. سندس ماڻهو هر منزل تي کاهيون کوٽيندا، گهيرو ڪندا ٿي ويا، انهي خوف کان ته (226) متان ڪٿي ابو القاسم کي نه کِڙڪ پئجي وڃي ۽ واٽ تي پهچي مٿن راتاهو نه هڻي. هو به واقعي وڏي دٻدٻي وارو ۽ بهادر انسان هو، اهڙا ڪم ته هن جي کاٻي هٿ جو کيل هئا. هن ڌُر جا ڪيئي ننڍا وڏا انهيءَ انديشي ۾ هئا، ته جيڪڏهن ابو القاسم رات وچ اسان تي ڪا چڙهائي ڪئي، ته ڪو به ساڻس منهن ڏئي نه سگهندو. خود مرزا غازي بيگ جي سپاهين جي اها حالت هئي، جو هلڪي سلڪي کڙڪي تي ڇرڪ ڀري هڪ ٻئي جي مٿان ٿي ڪِريا، پر ابو القاسم کي اهڙو ريچڪ نه جاڳيو، ان ڪري هو هن پاسي نه آيو. مرزا غازي بيگ جيڪو ڏسڻ ۾ ننڍو، پر وڏي ڏيا وارو هو، تنهن جا اونڌا ڪم به سنوان پئي ٿيا، مڙئي ڀاڳ جي ڳالهه آهي. هيءُ پنهنجي ڪٽڪ سان منزلون هڻندو، جڏهن نصرپور ۽ ڪاتيار جي ڳوٺ تائين پهتو، جتي وقت جا ڪيئي بزرگ آرامي آهن، ته ابو القاسم اڌ رات جي وڳڙي ۾ پنهنجا ڪي سورهيه جوان ساڻ ڪري سندس ڪٽڪ جي ويجهو اچي واڪو ڪري چوڻ لڳو: فلاڻو (ابو القاسم) اوهان کي دعا سلام پيو رسائي ۽ پڇي ٿو، ته اوهان ڪهڙي نيت سان هتي آيا آهيو؟ توهان کي خبر هئڻ کپي ته ابو القاسم اهڙو وڙان ويل ڪونهي جو اوهان جي ڪٽڪ کان هيسجي اوهان تي راتاهو هڻندو! هيلتائين هن انهيءَ ڪري اوهان تي ڪا چڙهائي نه ڪئي آهي، جو چاهي ٿو ته سُجهندي ڏينهن ۾ جنگ جو ميدان اوهان جي رت سان رڱيو وڃي ڇو ته مُڙس ان کي چئبو آهي.

مرزا غازي بيگ جي پاسي کان کيس جواب مليو: ابو القاسم! تون ته پاڻ ئي پنهنجي جان جو دشمن ٿي پيو آهين، جيستائين پنهنجو خانو خراب نه ڪندين تيستائين توکي قرار نه ايندو. اهي ڳالهيون هلنديءَ سواريءَ ۾ ٿينديون رهيون، تان جو مرزا غازي بيگ جو لشڪر وڃي شاهه ڳڙهه واري قلعي تائين رسيو. اتي ئي منزل ڪري ماڻهن کي حڪم ڏنائين ته هڪدم توبون تيار ڪري، قلعي جون سِرون اکيڙي، ان کي ڌرتيءَ برابر ڪيو وڃي. پوءِ (227) پاڻ به قلعي تي گهيرو ڪري، ان جي بُرجن (ٺُلن) تي توبن ۽ تيرن جا وسڪارا لائي ڏنائين. روزانو سندس جنگي جوان قلعي جي وڏي دروازي تي ڪاهون ڪندا، پنهنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريندا رهيا. هلندي ويڙهه ۾ ڪنهن ڏينهن جنگي خان نالي هڪ افغان، قلعي جي دروازي تي ڪاهي، ان تي ڪهاڙيون وسائي اڃان پوئتي موٽيو ٿي، ته پٺيان قلعي وارن مٿس ايڏا تير ڇوڙيا جو ميدان ۾ ئي ڊهي پيو. ابو القاسم سلطان وري صبح ٿيندي نعرا هڻندو، قلعي جي برج تي چڙهي آيو، شراب جي مستيءَ سان گڏ جوانيءَ جي غرور ۾ پنهنجي ماڻهن سان گنديون سنديون ڳالهيون ڪرڻ لڳو، ته جيڪڏهن مرزا جاني بيگ جي ماءُ پنهنجي ملڪ سميت اسان جي ڪابين ۾ آئي، ته آءٌ سندس نڪاح پنهنجي پيءُ شاهه قاسم سان ڪرائي ڇڏيندس، تنهن کان سواءِ مرزا محمد باقي ۽ ٻين ترخانن جون ڌيئر، جيڪي مرزا غازيءَ جي محلات ۾ ويٺل آهن، تن کي پنهنجي ڀائرن ۽ مائٽن ۾ ونڊي ورهائي ڇڏيندس ۽ هن جون ٻيون مائٽياڻيون به پنهنجن عزيزن قريبن جي حوالي ڪندس. انهيءَ ئي وات سان مرزا غازي بيگ جي خاص ماڻهن جون حويليون ۽ جاگيرون پڻ پنهنجي مائٽن ۾ ورهائڻ جون لٻاڙون ٿي هنيائين. هن کي اها ڄاڻ ئي ڪا نه هئي، ته نمڪ حرام ماڻهو انهن ڪڌائين کان نيٺ اکيون وڃائي انڌا ٿي پوندا آهن . . . نمڪ جو حق آخرڪار ناحق وارن حرامخورن جون اکيون ڪڍي ٿو.

جڏهن ڪيئي ڏينهن انهيءَ جنگي ڇڪتاڻ ۾ گذري چڪا، ته شاهه قاسم ارغون، جيڪو زماني شناس ۽ جهانديده مرد هو، پنهنجي عقلمندي ۽ عاقبت انديشيءَ کان ڪم وٺي، پنهنجي پٽ ابو القاسم جي پرڪارن کي نندڻ لڳو، جنهن صاحبزادي ۽ ولي نعمت (مرزا غازي بيگ) سان اها سرڪشي شروع ڪئي هئي (228). هن جي وڏي ۾ وڏي پريشاني اها هئي، ته جيڪڏهن پُٽ جو پاسو پئي ورتائين، ته دنيا ۾ نڪ حرام ليکيو ٿي ويو، پر جي ائين نه ٿي ڪيائين، ته پاڻ پُٽ جي نگاهه ۾ ڪري ٿي پيو ۽ باوجود ان جي، جو پٽهنس کيس ايڏا آزار ڏنا هئا، جيڪي ليکي ۾ آڻي نه ٿا سگهجن ۽ شايد ئي ڪو پٽ پنهنجي پيءُ سان ائين ڪري، جو وس پُڄندي ابو القاسم پيءُ جي محل . . . توڙي ڀائرن جي حق تلفي . . . ڪندي دير ئي ڪا نه ٿي ڪئي. شاهه قاسم ان جي جان بخشي ۽ صلح جي لاءِ مرزا غازي بيگ سان وڃي ڳالهيون هلايون، جن ۾ پهريون شرط اُهو هو، ته ابو القاسم کي قتل نه ڪيو ويندو؛ ٻيو ته هن جون اڳيون خطائون معاف ڪيون وينديون. اهو اقرار ڀري ڪچهريءَ ۾، قرآن پاڪ وچ تي رکي ڪرڻو پوندو، جتي مرزا غازي بيگ جي درٻار جا سڀئي امير ۽ وزير موجود هوندا.

مرزا غازي بيگ پنهنجي خاص مشيرن جي صلاح سان شاهه قاسم ارغون جا اهي شرط قبول ڪري، کيس اطلاع موڪلي ڇڏيو، پر ڀائيخان (ملا گدا علي)، جيڪو پاڻ کي ملڪ جي سمورن معاملن جو مالڪ سمجهندو ٿي رهيو، تنهن انهيءَ صلح جي سخت مخالفت ڪئي. هن کي وري اچي پنهنجي سر جي لڳي، ته جيڪڏهن اهو وڳوڙ ائين ئي ختم ٿيو، ته (ڪم لهڻ کان پوءِ) مرزا غازي بيگ هن جي ڌُر مان ڪنهن کان به پڇندو ئي ڪو نه ۽ پنهنجي دل ۾ ائين پيو سمجهندو، ته جيڪي آهيان آءٌ ئي آهيان، ٻيا ڪنهن به ڪم جا نه آهن.

مرزا غازي بيگ جي خاص ماڻهن جڏهن صلح ۾ اها آڙ ڏٺي، ته کيس (خود مرزا غازي بيگ کي) انهيءَ ڳالهه تي آڻي بيهاريائون، ته اٽڪل سان ڀائيخان جو خاتمو ڪري ڇڏجي، ته هميشه جي ڪِر ڪِر لهي پوندي. آخر انهيءَ ڪم لاءِ هنن ڪاري نالي ڀائيخان جي نوڪر کي تيار ڪري مرزا غازي بيگ وٽ آندو، انهيءَ دلاسي تي، ته جيڪڏهن تون ڀائيخان جو ڪم پورو ڪندين، ته توکي وڏي منصب سان نوازي، درٻار جي خاص ملازمن ۾ شامل ڪيو ويندو. هن ڪم عقل، بدبخت ۽ نمڪ حرام کي اهو خيال ئي نه ٿيو، ته جيڪڏهن اهڙي ڪميڻپ سان پنهنجي پراڻي مالڪ (229) جو سر کنيائين، ته سڀاڻي کان پوءِ ڪير ڪنهن تي اعتبار ڪري سگهندو! نيٺ نه مُڙيو ۽ مرزا غازي بيگ جي خاص ماڻهن جي چئي تي لڳي، پنهنجي مالڪ ڀائيخان سان نمڪ حرامي ڪري، کيس دوا ۾ فلو زهر (1) ملائي ڏئي ڇڏيائين، جنهن جي اثر کان هو ٿڏي
 

(1)  فارسي ۾ فلونيا، فلونيان، صحيح فلو به نان. يعني مانيءَ ۾ ”فِلو“ فلو – زيتون وانگي وڻ يا ٻوٽي جو قسم آهي، جنهن جا پن ياسمين وانگي ٿين ٿا ۽ ڏاڍا زهريلا هوندا آهن. هن کي ياسمين زمبڪي پڻ چيو وڃي ٿو. المنجد ص – 592  

تحفته الڪرام فارسي ص 170 – مترجم

تي بيمار ٿي پيو ۽ مرزا غازي بيگ کان ٺٽي وڃڻ جي اجازت گهريائين. نتيجو اهو ٿيو، جو بيماريءَ جي حالت ۾ پنڌ هڻي وڃي ٺٽي تائين پهتو مَس، ته سندس حياتيءَ جو حساب چُڪتو ٿي ويو.

ابو القاسم سلطان پنهنجي پيءُ شاهه قاسم سلطان کي ساڻ ڪري، مرزا غازي بيگ وٽ مانائتو ٿيو، پر سندس دماغ ۾ غرور جي جيڪا هوا هئي سا ائين ئي رهي. درٻار ۾ وڃڻ مهل ڪنهن تي به اک نه ٿي ٻڏيس. جڏهن مرزا غازي بيگ وٽان موڪلائي، پنهنجي جاءِ تي آيو ۽ دل ۾ جيڪو موت جو خوف هئس، سو لهي ويس، ته ڪيترن ڏينهن تائين بنا ڪنهن خطري محسوس ڪرڻ جي مرزا بيگ جي درٻار ۾ ايندو رهيو. هن کي اها خبر ئي ڪا نه پئي، ته حريفن هن جي عاقبت لاءِ پنهنجي دل ۾ ڇا سِٽي آهي.

مرزا غازي بيگ جو ابو القاسم کي انڌو ڪرائي ڇڏڻ

دوستو! دنيا جي گذرگاهه ڏاڍي اَڻائي آهي، هتي ڪو اهڙو مرد کپي، جو هن اوکي، اونداهي پيچري تان ائين پاڻ سنڀالي پار نڪري وڃي، جو کيس خواريءَ جي کڏ ۾ منهن ڀر ڪرڻو نه پوي.

ابو القاسم سلطان وڏي مروت مانَ ۽ سورهيائيءَ وارو هو، پر کيس ريل وارن درويشن جي پٽ لڳل هئي (1)، جن کان سندن مال ملڪيت زوريءَ کسي، کين ڀينگ ڪري ڇڏيو هئائين. هو جڏهن وٽس ميڙ کڻي آيا ۽ آزيون نيزاريون ڪيائونس، ته هن کي ڪو به ترس نه آيو. انهيءَ ڏمر کان هنن پاڻ ۾ اهي ٻوليون ڪيون، ته خدا ڪندو هي شخص (ابو القاسم) کي ڪو ازغيبي

(1) ڏسو حواشي ۽ تعلقات

ڪان اچي ڪنڌ تي ڪڙڪندو، پوءِ کيس خبر پوندي، ته قدرت به ڪا شيءِ  آهي. نيٺ انهن جي آه خدائي قهر بڻجي، پنهنجو اثر ڏيکاريو ۽ ابو القاسم جي قسمت اچي ڦٽي!

 مرزا غازي بيگ پنهنجي رازدارن سان صلاح ڪئي ته ابو القاسم کي ڪنهن حيلي سان هٿيڪو ڪري ڪُهي نه ٿو سگهجي، ڇو ته هن جي جان بخشيءَ لاءِ مون قسم کڻي قرآن تي اقرار ڪيو آهي، باقي هن کي انڌو ڪري ٿو سگهجي، ته جيستائين جيئرو هجي، تيستائين اسان سان جيڪي ارڏايون ڪيون هئائين، تن جي اها عبرتناڪ سزا کيس ياد رهي ۽ اسان جا ٻيا حاسد پڻ ان مان سبق وٺن. انهيءَ صلاح سان ابو القاسم جي تاڙ شروع ٿي وئي. ڪنهن ڏينهن مرزا غازي بيگ ڪي خاص ماڻهو ساڻ ڪري، پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، هن پار وڃي واهه جي ڪنڌيءَ وٽ، هڪ ساوڪ واري هنڌ تي لهي ڪچهريءَ جون تياريون ڪرڻ لڳو. سڀني ماڻهن کي سمجهائي ڇڏيائين، ته هر ڪو هٿيارن کان سواءِ هن پاسي اچي، جيئن ڪنهن کي به ڪو شڪ نه پوي. 

پوءِ ابو القاسم ڏانهن نياپو ڏياري موڪليائين، ته پنهنجو ڪتاب چنيسر نامو (1) پاڻ سان کڻي اچي اسان وٽ پهچ، ته اڄ انهيءَ سان مجلس مچائجي. ابو القاسم نياپو ٻڌي، ڪتاب کڻي ڏاڍي شوق سان نڪري هليو. اڃا اڌ پنڌ تي آيو، ته محمد علي سلطان ڪابليءَ (231) جي چٺي اچي کيس ملي، جنهن ۾ سندس گرفتاريءَ جو اطلاع ڏنل هو. تقدير کيس اڳي ئي عقل جو انڌو ڪري ڇڏيو هو، سو اُها چٺي وٺي، چيلهه سان ٻڌي ڇڏيائين، اهو پڙهيائين به ڪين، ته ان ۾ ڇا لکيل آهي. جڏهن ويجهو پهتو، ته چوبدارن ٻڌايس: مرزا غازي بيگ اجهو پريان خاص ماڻهن سان ڪچهري لايو ويٺو آهي، توکي به اڪيلي سر 

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

اوڏانهين وڃڻو پوندو. هن پنهنجي غرور ۾ پرواهه ئي ڪا نه ڪئي، ٿورو ترسي پنهنجي ماڻهن کي چيائين، ته اوهان صفون ٻڌي،هتي ويهي رهو. پوءِ پاڻ هڪ هٿياربند ملازم کي ساڻ ڪري، ڊونڊي (ننڍي ٻيڙي) ۾ چڙهيو، ساڻس گڏ مرزا غازي بيگ جا ڪي ماڻهو به ان ۾ چڙهي ويٺا. جڏهن وچ پاڻيءَ ۾ پهتا، ته باغ علي يساول، جيڪو سڀني ۾ قداور ۽ طاقت وارو مڙس هو، پنهنجي جاءِ تان ٽپ ڏيئي، ابو القاسم سان وڃي وچڙيو ۽ کيس ٻنهي هٿن سان پنهنجي ٻَک ۾ جهلي ورتائين. ابو القاسم تاوڙين اکين سان ڏانهس نهاريو، ته ايتري ۾ ٻئي حريف اڳتي وڌي سندس مٿي تان پڳ لاٿي، پوءِ ته جيڪو اتي موجود هو، سو مٿانئس چڙهي ويو، چوڌاري تراريون ۽ ڀالا اُڀا ٿي ويا. کن پل ۾ کيس جڪڙي قابو ڪري، مرزا غازي بيگ ڏانهن ماڻهو موڪليائون، ته دشمن هٿيڪو ٿي چڪو آهي، هاڻ بس اوهان جو حڪم کپي!

مرزا غازي بيگ جيئن اڳي ئي رٿي ڇڏيو هو، حڪم ڏنائين، ته جتي آهيو اتي ئي باهه جو مچ ٻاري، لوهيون سيخون تپائي، ابو القاسم جي اکين ۾ (232) گهمائي، کيس انڌو ڪري ڇڏيو. گهڙيءَ اندر حڪم جي پوئواري ٿي وئي ۽ ابو القاسم اکين جي نور کان نرهه ٿي ويو. جيڪو ماڻهو اهڙا ڪُڌا ڪم ڪري، جنهن جو خدا ۽ رسول جي حڪم احڪام سان ڪو به واسطو نه هجي، ته غنيم جي ور چڙهڻ کان پوءِ سندس حشر اهو ئي ٿئي ٿو. هن کي اکين کان انڌو ڪري پيرن ۾ پيڪڙا وجهي خوب جڪڙي، سندس سپاهين کي اطلاع ڏنو ويو، ته ساڻس هيءُ تعدي ٿي چڪي آهي. سپاهين هن جي سياست جو چرخو اونڌو ڏسي وَهٽ، سامان، پئسا ڏوڪڙ، اناج ۽ هٿيار پنوهار سڀ هيٺ مٿي ڪري ڇڏيا. جتي به ڪو سردار مرزا غازي بيگ جو حمائتي هو، هٿياربند سوار ۽ پيادا ساڻ ڪري، وٽس اچي حاضر پئي ٿيو ۽ ابو القاسم جي لشڪر جون متيون منجهائي ٿي ڇڏيائين. جيئن ته سڀني جي اچي ڦٽي هئي، ان ڪري ڪو به مقابلي جي جرئت نه ٿي ڪري سگهيو، پر جعفر علي ارغون جيڪو ابو القاسم جي ويجهن عزيزن مان هو ۽ سدائين ترار جا ڪرتب ڏيکارڻ جي لٻاڙ ٿي هنيائين، ويڙهه تي سندرو ٻَڌي، پِڙ ۾ ٽپي پيو ۽ ڪيترن کي زخمي ڪرڻ کان پوءِ گرفتار ٿيو. هن جا ٻيا ساٿاري ڇُڙ ڇُڙ گابي وانگي ڀاڄ ۾ اچي پيا ۽ مرزا غازي بيگ جي انهن ماڻهن وٽ پناهه ورتائون، جن سان سندن ڏيٺ ويٺ هئي.

جڏهن ابو القاسم جو لشڪر ڪُٽجي سَٽجي ۽ لُٽجي ڦُرجي چڪو ۽ هر طرف ٺاپر ٿي وئي، ته مرزا غازي بيگ دلجاءِ ڪري پنهنجي جاءِ تي آيو. لشڪر کي حڪم ڏنائين ته شاهه ڳڙهه جي قلعي تي پهچي، ابو القاسم جي گهر جي ڀاتين کي امانَ ۾ ورتو وڃي، سندس مال ملڪيت قبضي ۾ ڪري، اسان وٽ پهچائڻ ۾ اچي، جيئن (233) ان جي پنهنجي ماڻهن ۾ ورهاست ڪئي وڃي. اهو ڪم اُڪلائي، ابو القاسم ۽ سندس ساٿياري جعفر عليءَ کي چوکنڀو ٻَڌرائي، ٻيڙيءَ ۾ ڦٽو ڪرائي، عرب ڪوڪيءَ جي ملازم دريا خان سان ٺٽي ڏانهن اُماڻيو ويو، ته جيئن وڃي کين عرب ڪوڪيءَ جي حوالي ڪري. محمد علي سلطان ڪابليءَ واري چٺي، جيڪا سپاهين ابو القاسم وٽان هٿ ڪئي هئي، سا مرزا غازي بيگ تائين پهچائي وئي. ابو القاسم کي اهڙو ته جُم اچي ويو، جو هيلتائين جيڪي خرمستيون ڪيون هئائين، تن سڀني جون ڪسرون منجهانئس نڪري آيون. مرزا عيسيٰ خان ترخان، جيڪو انهيءَ فساد مان پنهنجي فائدي جي اُميد رکيو ويٺو هو، مايوس ٿي شاهي درٻار ڏانهن هليو ويو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org