23 April, 2011

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تاريخ طاهري

باب: --

صفحو:1   

تاريخ طاهري

(ٺٽي شهر جي تاريخ)

سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي

پيش لفظ

سنڌ جي تاريخ جا ماخذ پنهنجي پنهنجي اهميت جا حامل آهن. سورهين ۽ سترهين عيسوي صديءَ جي حالات مطابق ”تاريخ طاهري“ انهيءَ ڪري نمايان آهي جو  ان ۾ تاريخي واقعات کي قصه خواني جي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي ۽ هي ڪتاب پڙهندڙن لاءِ تجسس ۽ دلچسپي جو سامان مهيا ڪري ٿو.

ٺٽي ننگر جي ويٺل مير طاهر محمد نسياني پٽ سيد حسن سنه 1621ع ڌاري ”ٺٽي شهر جي تاريخ“ جي عنوان سان پنهنجي معلومات قلمبند ڪئي، ان وقت سنڌ جي حڪمراني اڪبر بادشاهه ۽ سندس گورنر ”مرزا غازي بيگ ترخان“ جي هٿ هيٺ هئي.

مرحوم طاهر نسيانيءَ جو جيڪڏهن واقعي حافظو ڪمزور نه هئو ته پوءِ سنن ۽ واقعن کي نه معلوم ڇو جديد تحقيقات جي برعڪس ڄاڻايو آهي. بهرحال جيئن ته سنڌ جي ڌارين حڪمرانن: ارغونن، ترخانن ۽ مغلن کي هو ٽن پيڙهين کان سڃاڻندو هو ۽ سندس بيان ڪيل اڪثر واقعا هُن واسطيدار تاريخي ڪردارن کان ذاتي طور معلوم ڪري لکيا آهن يا سندس اکين ڏٺا واقعا آهن، تنهنڪري سندس تحرير، جيڪڏهن تاريخ نويسيءَ جي قدرن تي پوري نه به اچي تڏهن به چشم ديد همعصر عالم جي هي دلچسپ قصه خواني سنڌ جي تاريخي ماخذن ۾ پنهنجو اعليٰ مقام رکي ٿي.

سنڌي ادبي بورڊ ”تاريخ بلدې جێجۏ، المعروف بۏ تاريخ طاهري“ جو اصل متن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي طرفان 30 صفحن تي مشتمل انگريزي زبان ۾ لکيل مقدمه ۽ حواشي و فهارس جي اضافن سان 1964ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جيڪو اصل مسودو 184 صفحن (3X6 – 12 سٽون) تي مشتمل مڪمل متن ديده زيب نستعليق خوشخطيءَ ۾ رقم ڪيل ۽ پهريون ڀيرو ڇپيل هو. علاوه ازين، ميرن جي شاهي ڪتبخاني جو نسخو 138 صفحه (دفتر) (7X½3 – 16 سٽون) جيڪو مير مراد علي خان سنه 1808ع ۾ ميان محمد خليل والد قاضي محمد کان نقل ڪرايو هو، سو پڻ بنيادي نسخي طور شامل ڪيو ويو ۽ اهڙي بيحد خبرداري ۽ محنت سان هن تاريخي ۽ ادبي سرمايه کي هميشه لاءِ محفوظ ڪيو ويو.

اڳ شايع ڪيل اصل فارسي متن جو سنڌي ترجمو همعصر فاضل مترجم نياز همايوني صاحب جي مهاڳ ۽ حاشين ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب واري اصل انگريزي مقدمي ۽ ان جي سنڌي ترجمي سميت هاڻي شايع ڪيو پيو وڃي.

سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ سڀني طبقن جي ماڻهن لاءِ هي ڪارائتو ڪتاب آهي جيڪو سنڌ جي تاريخ کي نروار ڪرڻ ۽ سنڌ واسين تائين پهچائڻ جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي رهيو آهي. اُميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندو.

     ڄامشورو    حبيب الله صديقي

7 جون 1988ع سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

تعارف

هن تاريخ جي مصنف مير طاهر محمد نسياني بابت گهڻي خبر ته پئجي نه سگهي آهي پر هن ڪتاب ۾ سندس ڏنل سوانحي حوالا مير علي شير قانع جي بيان ڪيل حقيقتن سان گڏي پڙهڻ کان پوءِ سندس خاندان ۽ زندگيءَ بابت هيٺيون حقيقتون ملن ٿيون.

الف –  خاندان: طاهر محمد ٺٽي (سنڌ) جي سيد خاندان مان هو. سندس وڏا استرآباد، ايران مان لڏي آيا هئا. منجهانئن هڪ مير حيدر استرآبادي کي سيد حسين صحرائي نالي پٽ هو، جنهن جي پونيرن تي خانداني نالو صحرائي پئجي ويو. سيد حسين پنهنجي پويان ٻه پٽ، سيد محمد باقر اڪرائي ۽ سيد محمد طاهر دلوال ڇڏيا. وڏن جي نالن جي ورجائپ مان اسان جو اندازو آهي ته اسان جو هي مصنف مير طاهر محمد دلوال جي پونئرن مان هو.

اها خبر ناهي ته اهو خاندان ڪڏهن استرآباد مان لڏي سنڌ ۾ آباد ٿيو، پر اهو پتو پوي ٿو ته ٻئي محمد باقر اڪرائي ۽ محمد طاهر دلوال ٺٽي ۾ اچي آباد ٿيا هئا ۽ سندن حويلي شاهه منبع جي قبر جي اولهه طرف ”ڀائي خان جي پاڙي“ ۾ هئي.

ڪتبن جي حوالي مان اندازو لڳائجي ٿو ته درٻيلو شهر مصنف جي ابن ڏاڏن جو رهائشگاهه هو، اندازو ٿئي ٿو ته گهڻو ڪري سندس پڙڏاڏو يا ڏاڏو درٻيلي ۾ ڪجهه دير لاءِ آباد ٿيو هو، پر سندس ڏاڏو، جو نوڪريءَ ۾ گهڙڻ کان پوءِ شايد هو پنهنجي اباڻي گهر ٺٽي ۾ موٽي آيو هو.

اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته طاهر محمد ۽ سندس والد ٺٽي ۾ پنهنجي آباڻي گهر ۾ ڀائي خان جي پاڙي ۾ رهندا هئا. پوءِ شايد مصنف جا پويان انهيءَ حويلي مان منتقل ٿي ويا، ۽ مير علي شير قانع کان خبر پوي ٿي ته مرزا حسين نالي هڪ شخص ساڳئي هنڌ سندس رهائشگاهه جوڙيو، جيڪو پوءِ برطانوي واپاري مشن جو رهائشگاهه ٿيو. 1181 هجري / 1776ع جي لڳ ڀڳ جڏهن مير علي شير قانع ”تحفته الڪرام“ تصنيف ڪيو، تڏهن مير طاهر محمد جا پويان ماڙيءَ واري عمارت ۾ (ٺٽي ۾) رهندا هئا ۽ باغائي صحرائي سيد سڏبا هئا. ان مان ظاهر آهي ته مصنف جي موت کان پوءِ ۽ 1776ع کان گهڻو اڳ، سندس پٽن يا پوٽن جي مالي حالت بهتر ٿي ويئي هئي ۽ اهي پنهنجي زرخيز باغن جا مالڪ هئا. اهڙيءَ طرح اهي ”صحرائي“ (صحرا جا رهواسي) بدران نئين خانداني نالي ”باغائي“ سان سڏجڻ لڳا. هن وقت باغائي سيد جي سڌيءَ طرح مير طاهر محمد جا پونئير آهن، ٺٽي جي انهيءَ پاڙي ۾ رهن ٿا، جيڪو سندن خانداني نالي پويان ”باغائي محلو“ سڏبو آهي. اهو محلو شاهه منبع جي قبر جي اڀرندي طرف واقع آهي، جتي هو آڳاٽي وقت کان رهندا اچن. انهيءَ مان ظاهر آهي ته اهو خاندان شاهه منبع جي قبر جي الهندي طرف ڀائي خان جي پاڙي مان منتقل ٿي، انهيءَ درويش جي قبر جي اوڀر پاسي موجوده هنڌ تي اچي رهيو، جتي اڃا تائين رهندو اچي.

ب –  پڙ ڏاڏا: هن تصنيف ۾ مصنف جي شروعاتي خاندان جا جيڪي ڀاتي ڄاڻايل آهن، اهي سندس ڏاڏاڻا ۽ ناناڻا آهن. پڙڏاڏو، جنهن جو نالو طاهر محمد نه ڄاڻايو آهي، پر خانداني شجري ۾ عبدالقادر جي نالي سان ڄاڻايل آهي. چيو وڃي ٿو ته ”ارغون – ترخان حاڪمن“ جي نوڪريءَ ۾ هو، هو جيتوڻيڪ عمر ۾ ننڍو هو، پر مصنف جي پڙ ناني (وفات Circa 949 هجري) جو همعصر هو، انهيءَ ڪري هن مرزا شاهه حسن ارغون (وفات 962 هجري/ 1555 عيسوي) ۽ گهڻو ڪري مرزا عيسيٰ ترخان (وفات 973 هجري/ 1556 عيسوي) وٽ نوڪري ڪئي هوندي. عبدالقادر (يا سندس والد) شايد در ٻيلي ۾ ڪجهه وقت لاءِ رهائش پذير هو، جتي هن ڄام عمر شاهه ولد دائود جنهن کي مصنف پنهنجو پڙنانو ڪوٺي ٿو، جي ڌيءَ سان شادي ڪئي.

عمر شاهه سهتا قوم جي ”ڄام“ يا سردار هو ۽ درٻيلي ضلعي جو ارباب يا حاڪم هو. درٻيلي ضلعي جي زرخيز زمين گهڻو ڪري هاڻوڪي نوابشاهه ضلعي جي نوشهروفيروز سب ڊويزن ۾ اچي وڃي ٿي، جيڪا اتر ۾ بکر ۽ ٺٽي جي حدن ۾ ٿي اچي. سڀ طرح هو هڪ اثر وارو ۽ آزاد ذهن جو مالڪ هو. شهنشاهه همايون جڏهن 949 هجريءَ ۾ سنڌ ۾ آيو تڏهن ڏانهس مرزا شاهه حسن ارغون جي سخت نامناسب رويي جي باوجود ڄام عمر شاهه پنهنجي پٽن سان گڏجي شهنشاهه جي بکر پهچڻ تي سندس سلاميءَ لاءِ ويو، جتي هن کيس پنهنجي پرڳڻي ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ شهنشاهه اها مڃي اتي آيو. ڄام عمر شاهه شهنشاهه ۽ سندس ٿڪل لشڪر لاءِ اناج ۽ ٻيو گهربل سامان مهيا ڪيو ۽ ”چوڪي“ جو انتظام ڪيو ويو. شهنشاهه درٻيلي ۾ ڪجهه ڏينهن مهمان ٿي رهيو ۽ پوءِ پاٽ شهر ڏانهن روانو ٿيو. همايون، حاڪم ۽ سندس پٽن جي خدمت مان ايڏو ته خوش ٿيو، جو کين هڪ پروانو ڏنائين، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته بکر جو صوبو جيڪڏهن سندس حڪومت هيٺ آيو ته درٻيلو ضلعو، حاڪم ۽ سندس پوين وٽ بخشش جي طور تي هندو.

عمر شاهه ۽ سندس پٽ، همايون جي اتر سنڌ ۾ ٽڪڻ دوران سندس خدمت ۾ رهيا. جڏهن شهنشاهه سنڌ جي سرزمين مان اسهڻ وارو ٿيو، ته عمر شاهه الور ۾ گذاري ويو ۽ سندس پٽ شهنشاهه کان موڪلائي درٻيلي واپس وريا. سلطان محمود بکر جي گورنر جي اطلاع تي ته ڪيئن حاڪم ۽ سندس پٽن شهنشاهه جي مدد ڪئي، مرزا شاهه حسن ارغونن سندن موت جو پروانو اماڻيو. تعميل ۾ سلطان محمود خان عمر شاهه جا ٻه پٽ دائود ۽ هالا گرفتار ڪيا ۽ بکر ۾ ظالمانه طريقي سان قتل ڪيا. ڪٽنب جا ٻيا ڀاتي عقوبتن جي ڊپ کان، شهنشاهه جي بخشش وارو پروانو مير طاهر محمد جي ڏاڏيءَ (عمر شاهه جي ڌيءَ) جي حوالي ڪري، گجرات ڏانهن ڀڄي ويا، جتي اهي احمد آباد ۾ وڃي رهيا.   

ٻ –  والد: مير طاهر محمد پنهنجي والد جو نالو مسودي ۾، ٽي ڀيرا ”سيد حسن،“ ”ميان حسن“ ۽ ”حسن“ جي نالن سان ڄاڻايو آهي. جيئن اڳي ڄاڻايل آهي، حسن جي والده درٻيلي جي سهتا سردار ڄام عمر شاهه جي ڌيءَ هئي، انهيءَ حوالي مان اندازو ڪجي ته مرزا محمد باقيءَ جي موت (993 هجري/ 1585 عيسوي) جي وقت ۾، هو اڃا جوانيءَ ۾ هو، جنهن مان سمجهجي ٿو، ته ڏهين صدي هجريءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ ڄائو هو. کيس پنهنجي وقت جي بهترين تعليم ملي هئي، جيئن مير علي شير قانع کيس ”بهترين صلاحيتن“ جو مالڪ ڪوٺيو آهي.

سيد حسن جي پنهنجي زباني جنهن جو مصنف حوالو ڏنو آهي، اسان کي سڌ پوي ٿي، ته ملڪ جي نوجوان سپاهيءَ جي حيثيت سان، پنهنجي اعليٰ منصبدارن وٽ خدا ترس، ايمان جو پڪو، ڏينهن جو روزو ۽ رات جو عبادت لاءِ وقف ٿيل ماڻهوءَ جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هو.

لڳي ٿو ته مرزا محمد باقيءَ (973 – 993 هجري/ 1585 – 1565 عيسوي) جي دور حڪومت ۾ سيد حسن فوج ۾ گهڙيو هو. هو ملڪ احمد جي مختصر دور ۾ سپاهي هو. ملڪ احمد، مرزا محمد باقيءَ جو اعتبار جوڳو ساٿي هو، جنهن کي هن پنهنجي مرحوم پٽ شهزادي شاهه رخ (وفات 992 هجري) جي موت کان پوءِ سندس جاءِ تي پنهنجي هٿ هيٺ سڀ کان وڏي عهدي تي ترقي ڏني هئي. جيئن سيد حسن پاڻ لکيو آهي، ته خميس رات 8 شوال 993 هجريءَ (1585 عيسوي) جو جڏهن مرزا محمد باقي خود ڪشي ڪئي هئي، ته هو ملڪ احمد جي چوڪيءَ واري دستي ۾ شامل هو ۽ رات جو چوڪيءَ ۾ قلعي اندر هو. مرزا محمد باقيءَ جي ڪمري ذاتي خدمتگارن جي پاڻ ۾ گوڙ ۽ هل هنگامي تي چوڪيءَ جي دستي ۾ بيچيني پيدا ٿي، ته الائجي ڇا ٿيو! حاڪم جيڪو رتورت ٿيل هو، ملڪ احمد کي گهرائڻ لاءِ چيو. خدمتگارن مان ڪنهن رت سان ڀريل ڪپڙن ۾ ڊوڙي، چوڪيءَ تي وڃي ملڪ احمد کي سڄيءَ روئداد کان واقف ڪيو. ملڪ احمد اندر وڃڻ کان آناڪاني ڪئي، ته متان مٿس قتل جو الزام اچي، پر پوءِ سيد حسن کي پاڻ سان شاهد جي طور تي وٺي اندر ويو. ملڪ جيئن بستري ڀرسان پهتو ته مرڻينگ حاڪم کيس ٻانهون ورائين ڇڏيون ۽ ملڪ جا ڪپڙا رت هاڻا ڪري ڇڏيائين.

مرزا باقي رات جي پوئين حصي ۾ مري ويو، پر جيئن ڀانيو پئي ويو، تيئن ويچارو ملڪ احمد دشمنن جي حملن جو نشانو رهيو. سيد حسن کيس صلاح ڏني ته بي اصول ماڻهن اڳيان پيش نه پوي ۽ بچاءُ جا رستا اختيار ڪري، جيستائين حقيقت قائم ٿئي. بهرحال هن هُن کي نه ٻڌو، جنهن جي ڪري بعد ۾ هن کي ۽ سندن ماڻهن کي زندگي وڃائڻي پئي. بعد ۾ مرزا پائنده محمد نئون حڪمران ٿيو ۽ هن جو پٽ مرزا جاني بيگ نئون سربراهه مقرر ٿيو، ته ملڪ احمد جي قاتلن هن ۽ هن جي ماڻهن خلاف ڪوڙيون ثابتيون گهڙي، هر هڪ کي ماريو ويو. جڏهن سيد حسن جو وارو آيو، ته خليل مهردار (مهر جو رکوالي)، هن جي پاران جاني بيگ کي پارت ڪئي ۽ چيائين: ”هي سيد ڏوهي نه آهي ۽ هن ڪو به ڏوهه نه ڪيو آهي، سواءِ ان جي ته هي ملڪ احمد جي پهري ۾ هو. هيءُ هن سان نه هو، پر رت جا داغ ٻين جي ڪپڙن مان لڳا آهن. هن نوجوان سپاهيءَ جو رحم ۽ خدا ڏانهن لاڙو اهڙو آهي جو سارو ڏينهن روزي سان ۽ رات عبادت ۾ گذاريندو آهي. هڪ ڏينهن هي اوهان لاءِ ڪارائتو ٿيندو ۽ هن کان پوءِ ڪڏهن به هو ڏوهي ثابت ٿيو ته ان لاءِ مان پاڻ ضامن آهيان. خليل جي منٿ ميڙ تي خوش قسمتيءَ سان سندس زندگي بچي وئي. مرزا جاني بيگ ڪهل ۽ همدرديءَ جي ڪري نظرثاني ڪئي ۽ خليل کي حڪم ڪيو ويو، ته هن نوجوان ماڻهوءَ جو چڱيءَ طرح خيال ڪيو وڃي.

اها سيد حسن جي زندگيءَ جي نئين باب جي شروعات ٿي ۽ هو جاني بيگ جي هٿ هيٺ فوجي نوڪري ۾ رهيو. هن جي شايد مختلف ذميوارين جي سٺي پوئواري ڪري ڪجهه سالن بعد هو ڪمانڊر جي عهدي کي پهتو. اهڙيءَ طرح مرزا جاني بيگ ۽ خان خانان جي وچ ۾ وڏي جنگ جيڪا هجري سال 1000 (عيسوي 92 / 1591) ۾ لڳي ان ۾ سيد حسن ٻين ڪمانڊرن قاسم خان ارغون ۽ خسرو خان چرڪس سان گڏ خاص حيثيت سان سڃاتو ويو.

ان وقت هو 40 سالن جي عمر جو هو. ان کان پوءِ خاص حيثيت جو حوالو ڪو نه ٿو ملي، پر اهو معلوم ٿئي ٿو ته مرزا جاني بيگ جي شڪست ۽ 1592 عيسوي صدي ۾ سنڌ کان لاڏاڻي کان پوءِ سيد حسن ملٽري نوڪري مان رٽائرڊ ڪيو ۽ خاموش زندگي گذاري. شايد هو شروعاتي 20 سال 11 هجري صدي (1030 – 1021 هجري / 1621 – 1612 عيسوي) تائين زنده هيو، جڏهن پٽهنس مير طاهر محمد سندس تاريخ لکڻ جي تياري ڪئي. جنهن ۾ مرزا باقي بيگ جي خود ڪشيءَ جا تفصيل ۽ مرزا جاني بيگ ۽ خان خانان جي جنگ جا احوال سيد حسن جا ڄاڻايا ويا آهن.

ڀ – مصنف (ليکڪ): هن پنهنجو پورو نالو: ”طاهر محمد ”نسياني“ پٽ سيد حسن ٺٽي وارو“ لکيو آهي. هو سال 990 هجري/ 1582 عيسوي ۾ پيدا ٿيو ۽ شايد پنهنجي پيءَ جي نظرداري هيٺ پليو. جنهن ڪري پڙهائيءَ سان شوق ۽ مذهب ڏانهن لڳاءُ رهيس.

جيئن ته سندس والد رٽائر ڪيو، ائين معلوم ٿئي ٿو ته مير طاهر محمد تعليم پوري ڪرڻ بعد مرزا غازي بيگ جي نوڪري سال 1011 – 1010 هجري/ 1602 – 1601 عيسوي ۾ شامل ٿيو. تنهنڪري مرزا غازي بيگ جي ٺٽي جي حڪومت جي دور جا واقعا تفصيلي ظاهر ڪيا آهن ۽ اسان کي ٻڌائي ٿو ته ڪيئن سندس درٻار مشهور شاعرن ملا راشدي ۽ ملا مرشد برجردي جو اڏو ٿي پيو. هن ابوالقاسم سلطان جي بغاوت جا تفصيل دهرايا آهن ۽ جيڪي هن گوڙ جي وقت ٻڌو ڏٺو ان جو ذڪر ڪيو آهي. ان وقت هو 23 سال عمر جو هو.

اهو گهڻو ڪري يقيني آهي ته جڏهن مرزا غازي بيگ سن 1013 هجري/ 1604 عيسوي ۾ سنڌ مان شهنشاهه اڪبر جي درٻار ويو، تڏهن هن طاهر محمد کي پاڻ سان وٺي ويو. جڏهن شهنشاهه اڪبر سال 1014 هجري/ 1605 عيسوي ۾ مري ويو، تڏهن طاهر محمد جيڪو شاعري جي ڏات کي پهتل هو. تنهن شهنشاهه جي فوت جو سال ”فوت اڪبر شهه“ ۾ ٺاهي (1014) لکيو آهي. ٻئي سال جڏهن مرزا غازي بيگ قنڌار وڃڻ لاءِ تياري ڪئي، طاهر محمد کائونس اجازت وٺي ٺٽي واپس آيو. اهو لکيل ڪو نه آهي ته هو ٺٽي لاءِ ڪڏهن روانو ٿيو، پر بعد ۾ ٺٽي ۾ تعليم ۽ پوءِ قنڌار لاءِ مسافري ٻڌائي ٿي ته هو شايد مهيني محرم سال 1015 هجري/ مئي سال 1606 عيسوي جي شروعات ۾ لاهور وٽان مرزا غازي بيگ کان ڌار روانو ٿيو.

ٺٽي پهچڻ بعد مير طاهر محمد پنهنجون سموريون مصروفيتون ختم ڪري تعليم کي لڳي ويو. جيئن هو پاڻ لکي ٿوته تمام ٿوري عرصي ۾ هو فارسي جي نظم ۽ نثر ۾ ڀَڙُ ٿي ويو. پهريائين هو آخوند اسحاق بخاري وٽ زير تعليم رهيو، جنهن مرزا غازي بيگ کي پاڙهيو. آخوند پاڻ صوفي هيو ۽ خاص طرح حافظ سعدي، رومي ۽ جاميءَ کان چڱيءَ طرح ڄاڻو هو. مير طاهر محمد سندس هدايت تحت شاعري جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ پاڻ شاعر ٿي پيو. هن مير ظهير الدين پٽ شڪر الله شيرازي کان خاقاني ۽ انوري جا قصيدا پڙهيا؛ تنهنڪري سال جي اندر ڀروسي سان لکڻ شروع ڪيو.

معلوم ٿئي ٿو ته مرزا غازي بيگ هجري 1015 صدي جي رمضان مهيني جي آخر ۾ شاهي فوج جي مک سان لاهور کان قنڌار روانو ٿيو. هو ملتان پهتو ۽ پنهنجي خاندان سان اتي آباد ٿيو. هن کي سنڌ مان جيڪا هن جي جاگير هئي ماڻهن پئسن ۽ سيڌي سامان جي چڱي چوکي مدد جي شايد اميد هئي، پر اها وقت اندر پهچي نه سگهي ۽ مرزا غازي بيگ وڌيڪ ترسي نه سگهيو. هو ٿوري سيڌي سامان سان قنڌار ڏانهن روانو ٿيو. بهرحال هن جي ٺٽي جي عملدارن ڪڻڪ پهچائي جيڪا ٺٽي کان قنڌار ٿي هلي. مرزا غازي بيگ جيڪو اڳ ئي شهر ۾ 12 شوال 1015 هجري (مارچ 1604ع) ۾ پهتو هو ته مصنف هاڻي پنهنجي چالاڪي ۽ طاقت سان قنڌار پهتو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org