23 April, 2011

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تاريخ طاهري

باب: --

صفحو:24  

سندس وفات بابت ڪي چون ٿا، ته 1030 هه ۾ موڪلاڻي ڪيائين، پر اها ڳالهه غلط آهي، ڇاڪاڻ ته هن 1031 هه ۾ شاهجهان جي عشرت خاني جي تاريخ لکي هئي. ان جو مطلب ته هيءَ گهڻو پوءِ گذاري ويو هو.

شاعريءَ ۾ مرشد جو درجو هر لحاظ کان بلند هو. هن جا ڪيئي قصيدا، مثنويون، غزل ، قطعا، رباعيون سندس قلمي ديوان ۾ موجود آهن، ان جو هڪ نسخو پنجاب يونيورسٽيءَ جي ڪتب خاني ۾ محفوظ آهي. ديوان جي مطالعي مان سندس زاتي رجحان، پسند نا پسند ۽ ٻين نفسياني ڪيفيتن تي روشني پوي ٿي!

 

نسيم بوي گل آورد بلبلان مردي
که آه گرم نفس درگلوي من بگداخت
 
تاز هفتاد دو مات نگريزي مرشد
نشوي بهر ور از مزهب و از ملت ما

شکوه از دشمني طالع و بي لطفي يار
نيست در مذهب ما ورنه سخن بسيار است
 

مشهد از مکتب موي تو چنان مشکين شد
که صبا بوي گل از کوچه و بازار گرفت
 

ديگر به طوف کعبه و ديرش چه احتياج
بيچاره اي که از سر سود و زيان گذشت
 

طالع برگشته مارا، سر به صحرا داد و چرخ
تهمت آوارگي بر منزل و فرسنگ بست
 

اگر به ناله چراغي ز دل بر افروزي
هم از شب تو کشايند بد رخت در صبح
 

کار مرشد بجز دعاي تو نيست
خود ازين خوبتر چه کار کند
 

صبا چو در طلبت بي قرار بر خيزد
بهر زمين که نهد پا شرار بر خيزد
 

در نشيشه جرعه اي شراب شبانه ماند
اسباب فتنه باز به دست زمانه ماند
 

از وطن آواره ثمر مرشدي در کيش وفا

زندگي زندان بود بي روي جانان زيستن (1).
 

انهيءَ وچ ۾ طالب آملي ۽ شمس قنڌار پهچي، مرزا غازي بيگ جي خدمت ۾ آيا. طالب آملي (978 هه – 1036 هه) ڪيئن ۽ ڪڏهن مرزا غازي بيگ

(1)  مرزا غازي بيگ ترخان اور اس ڪي بزم ادب، سيد حسام الدين راشدي ص 473 کان 560،  انجمن ترقي اردو ڪراچي 1970ع.

وٽ پهتو ۽ سندس ملازمت اختيار ڪيائين، ان باري ۾ اصل حقيقت هن ريت آهي:

جهانگير 1014 هه ۾ تخت نشين ٿيو، ته سندس پُٽ شهزادي خسروءَ ساڻس بغاوت ڪئي. جهانگير انهيءَ فتني ٽارڻ لاءِ پنهنجي فوج کي ميدان ۾ آندو. آخر وڏي خونريزيءَ کان شهزادي شڪست کاڌي ۽ جهانگير کيس قيد ڪري سندس اکيون ڪڍرائي ڇڏيون. هندستان جي انهيءَ اندروني فساد جي ڪري، خراسان جي سرحدي اميرن موقعي جا فائدو وٺي، قنڌار تي ڪاهيو ۽ قلعي جو گهيرو ڪري ويهي رهيا. اتان جي حڪمران شاهه بيگ ”خان دوران“ جڏهن ٻي ڪا واهه نه ڏٺي، ته جهانگير کان مدد گهريائين، جنهن جي پاران پاڻ قنڌار ۾ نائب هو.

جهانگير هڪدم سنڌ جي حاڪم مرزا غازي بيگ کي پنهنجي لشڪر سان قنڌار ڏياري موڪليو. ايتري ۾ خراساني اميرن قنڌار جي پچر ڇڏي ۽ واپس هليا ويا. مرزا عازي بيگ انهيءَ ڪاميابي کان پوءِ 1016 هه تائين قنڌار ۾ رهي پيو. (انهي وچ  مرزا غازي بيگ هيڏانهن اچي وري ٻيهر قنڌار ويو هو). اتفاق سان انهيءَ زماني ۾ طالب آملي چوويهن ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي وطن (مرو) مان نڪري هندستان جي سفر تي روانو ٿيو. جيئن ته قنڌار ايران ۽ هندستان جي دڳ تي هو، تنهن ڪري هيڏانهن ايندڙ ايرانين  کي قنڌار وٽان ئي لنگهڻو ٿي پيو ۽ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هر ڪو ٿورا گهڻا ڏينهن قنڌار جي شهر ۾ رهي پوءِ اڳتي ٿي وڌيو. طالب آملي پڻ ٿَڪ ڀڃڻ جي آزادي سان انهيءَ شهر ۾ رهي پيو. سندس همعصر تذڪره نويسن جي بيان موجب اتي مرزا غازي بيگ جي واکاڻ ٻڌي وٽس لنگهي ويو، پر سُتت ئي هيٺين حالتن جي ڪري، مرزا غازي بيگ کي ڇڏي، هندستان ڏانهن رخ رکيائين:

خراساني اميرن جي ڏچي کان قنڌار ۾ سخت ڏُڪار بڻجي چڪو هو. نوبت وڃي ايستائين پهتي، جو خود مرزا غازي بيگ جا سپاهي، روزانو ڦُرلٽ ڪري، ملڪ ۾ تباهي مچائيندا ٿي رهيا.

 

مرزا غازي بيگ جنگ جي ارادي قنڌار ويل هو، اتي هن جي ڪا به جاگير نه هئي، ان ڪري سپاهين وانگي سادي سودي زندگي بسر ٿي ڪيائين. وٽس اميراڻا ٺٺ ٺانگر ڪين هئا، سو ويچاري طالب آمليءَ جي ڪا به پذيرائي ٿي نه سگهي.

مرزا غازي بيگ جا مقرب مرشد بروجردي ۽ ملا  اسد قصه خوان پنهنجي روزيءَ تي لت اچڻ جي ڊپ کان مرزا غازي بيگ جي درٻار ۾ داخل ٿيندڙ ڪنهن به نئين شخص کي ڪين سهندا هئا، خاص ڪري اديبن، شاعرن کي ايڏو تنگ پئي ڪيائون، جو اهي هنن جي آزار کان ازخود ملڪ ڇڏي ٿي ويا.

طالب آملي به مرزا غازي بيگ جي درٻار ۾ پهچي، مٿين مقربن جي ور چڙهي ويو، جن هن کي وَيل ۾ وجهي ڇڏيو. مرشد بروجردي * مرزا غازي بيگ جو مهردار ۽ ملڪ الشعراء  هو. ملا  اسد جي به گهڻي قدر هلندي پُڄندي هئي، ٻنهي جي سازش طالب جو ويهڻ وِههُ ڪري ڇڏيو. تڏهن به هي مڙئي سڀ ڪجهه برداشت ڪندو رهيو. انهيءَ آسري تي، ته انت مرزا غازي بيگ کيس مهر جي نظر سان نوازيندو ۽ هي ٻئي (اسد ۽ مرشد) ماٺ ٿي ويندا. اهو خيال دل ۾ رکي، مرزا غازي بيگ کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين:  

*  مرشد بروجردي به انهي رمين ۾ شعر چيو آهي – ڏسو مرشد جي احوال ۾ - مترجم

شوق مي داند که دور از قبله اي ترخانيان
بود بي جان زيستن مارا به ايران زيستن
 

ان هوندي به قسمت هن ساٿ نه ڏنو ۽ مقربن جي حسد کان بيزار ٿي، قنڌار مان ٽپڙ کنيائين. ان کان اڳ حڪيم فغور لاهيجانيءَ سان به ساڳين مقربن اهڙيون تعديون ڪيون هيون، جنهنڪري هو به مرزا غازي بيگ جي دربار ڇڏڻ تي مجبور ٿيو هو.  

هندستان پهچڻ کان پوءِ طالب 1020 هه تائين هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين  ڀٽڪندو رهيو. سرهند، ملتان، لاهور، آگرو، دهلي ۽ ٻيا هنڌ ووڙيندي ڇيهه ڪيائين، پر ڪٿي هن کي ڪو منهن مانُ ڪو نه مليو، جنهن جو ڏک ڪندي چوي ٿو:

در هند شد واڙونه کان از واڙگون بختي مرا

پڇاڙيءَ لاهور جي پيرن فقيرن شاهه شمس قادري (1) ۽ شاهه ابو المعالي (2) جي درگاهن تي وڃي مٿو ٽيڪيائين، جيئن سندس قصيدي مان ظاهر ٿئي ٿو:

خوشا لاهور و فيض آب لاهور
به طاعت ميل شيخ و شاب لاهور
 

نيا بي زاهل هندستان گروهي
بدل نزديکي احباب لاهور
 

همه الات لهو آلات دهلي
همه اسباب عيش اسباب لاهور
 

(1)  متوفي 1021 هه

(2)  متوفي 1025 هه – تذڪره اولياء لاهور مترجم. 

بود لاهور شهري جلد آرام
نابي مضطرب سيماب لاهور

ليڪن (درٻارين مان مايوس ٿيڻ کان پوءِ درگاهن جي قصيده خواني مان به طالب جي دل جي مراد پوري ٿي نه سگهي) جتي به ٿي ويو، اتي ناڪامي هن جي پٺيان هلندي ٿي آئي. سندس شاعري هندستان جي ڪنهن به امير توڙي بزرگ وٽ اگهامي نه سگهي. جنهن جي هن کي پاڻ وٽ ٿي رهايو، تنهن شانائتي نموني سندس عزت افزائي نه ٿي ڪئي، انهن ڏوجهرن کان دانهون ڪندو رهيو ته:   

 

طوطي نخو رد خون دل ما چه توان کرد
در هندز بخت بد ما قحط شکر بود
 

هيءُ انهيءَ دربدريءَ ۾ هو، ته (1017 هه) ۾ قنڌار جو حاڪم سردار خان فوت ٿيو. جهانگير جنهن کي ڪنهن ڪارائتي ماڻهوءَ جي گهرج هئي، تنهن جي نگاهه وڃي مرزا غازي بيگ تي پئي، جيڪو سال کن اڳ قنڌار مان سنڌ ۾ وارد ٿي، ملڪي ڪاروبار هلائيندو ٿي رهيو. جهانگير قنڌار کي سنڌ جي حڪومت سان ڳنڍي، مرزا غازي بيگ جي سنڀال هيٺ رکيو.

مرزا غازي بيگ هاڻ هڪ حڪمران جي حيثيت ۾ ڏاڍي شانَ مانَ سان وڃي قنڌار وسايو. اها خبر جڏهن طالب آمليءَ تائين پهتي، ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اڳئين ناتي جي واسطي سان هي قصيدو لکي سندس خدمت ۾ موڪليائين:

 

چو گل تکيه بد بستر خار دارم
نگاهي ز حسرت گر انبار دارم
 

همه شب ز کيفيت باده اي غم
سر مست و مڙگان هشيار درام
 

در اين و حشت آباد ٿي روي ماندن
نه سامان يڪ گام رفتار دارم
 

نرانم چرا يارب اينسان خرابم
چو لطيف خداوند معمار دارم
 

صف آراي تيغ و قلم خان غازي
که لب در شنايش گهر بار دارم
 

جد از آستانش ز اشک دما دم
سر آستين رشک گلزار دارم.
 

مرزا غازي بيگ پاڻ به شاعر ۽ سخن فهم هو، ساڳئي وقت موسيقيءَ سان به گهڻي دلچسپي هيس، سندس درٻار ڪيترن اديبن شاعرن سان سنواريل هئي، جهڙوڪ: مرشد برو جردي، محوي ارد بيلي، سروري يزدي، ملا  اسد قصه خوان، مير الاهي اس آباد، مير نعمت الله وصلي شمس زرين رقم عيد عبدالباقي قصه خوان وغيره.هن جيئن طالب آمليءَ جو قصيدو پڙهيو، ته هڪدم کيس دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرايائين. طالب آملي تڏهن آگري ۾ هو. مرزا غازي بيگ جو خط ملندي ئي قنڌار روانو ٿيو. انهيءَ سفر ۾ کيس جيڪي دقتون درپيش آيون، تن جو ذڪر قصيدي جي صورت ۾ مرزا غازي بيگ اڳيان بيان ڪيائين.

زهي بزلف تو ناموس ڪفر ارزاني
بلند از نگهت صيت نا مسلماني
 

نهاني از نظر م گرچه همچو نور بصر
درون چشم منت جلوه هاسق پنهاني
 

به جستجوي تو کر ديم پاي ديده فگار
من و خضه دو پريشان روي بياباني
 

دراين سفر که نصيبم مباد ديگر بار
به گونه گونه غمم بود و محنت جاني
 

ز آگره به خيابان گلشن لاهور
رفيق بودم با ابر هاي باراني
 

چو بخت يافت به ملتان سلامتم از رشک
چهار ماه درآن قلعه داشت زنداني
 

کنون که آمده ام – چشم آنم هت
که چشم تربيت از بخت من نگر دني
 

مرزا غازي بيگ هن تي ايڏيون عنايتون ڪيون، جو حياتيءَ تائين هو جو ئي ٿي ويو. پهرين مرزا غازي بيگ سان عقيدت ٿي رکيائين، جنهن جي اثر ۾ چوي ٿو:

 

بستيم عهد با گل بستان تازه اي
گشتيم عندليب گلستان تازه اي
 

از ميرزاي غازي و طالب زمانه يافت
ممدوح تازه اي و ثنا خوان تازه اي
 

پر اڳتي هلي عشق جي حد تائين مرزا غازي بيگ جي ثنا خواني ڪرڻ لڳو:

 

برون از مجلس اوگر چراغ بزم خورشيدم
خس و خار از پر پروانه سازيد و بسوزيدم
 

فورغ چهره اي خورشيد دولت ميرزا غازي
که ماه نکته سنجي را بردي مدح او ديدم
 

تکلف نيست معشوق من است و نيست ممدوحم
ازان اين شعر عشق آميز در مدحش سرائيدم
 

مرزا غازي بيگ جي عشق ۾ سندس مرشد ۽ طالب آمليءَ لاءِ محبت لائق ليکجڻ ۾ ٿي آئي، جيئن مرزا غازي بيگ جي گهوڙي جي تعريف ۾ چوي ٿو:

 

لو حمش الله زان سحر تن پاره، شب دست و پاي
کز بياض آئينه صبحش در خشد بر جبين
 

همچو عاشق که ورد معشوق خويش اندر کنار
بادو دست تنگ تنگش در بغل بگرفته زين
 

چون هلال نعل نور الفشان کند، گردد مگر
سطح ميدان هوا نقش سم – اورا نگين!
 

مرزا غازي بيگ 1021 هه ۾ هي جهان ڇڏيو ته قنڌار جون ادبي مجلسون ويران ٿي ويون. طالب، مرزا غازي جي غم ۾ بلڪل بي جان ٿي ويو:

به تن هر مسوي طالب را سيه پوش
به مرگ نکته دان هر غازي است

انهيءَ سانحي کان پوءِ طالب آملي واپس آگري هليو آيو، جتان پشاور جي حاڪم قليچ خان جي خدمت ۾ وڃي رهيو، پر اتي به قسمت ڪو نه ڀڙ آيس. قليچ خان خانداني اختلافن جي ڪري پريشان ٿي آخر گذاري ويو. طالب وري آگري ۾ اچي ڏکيا ڏينهن گذارڻ لڳو. نيٺ خواجه قاسم عرف ديانت خان جي مدد سان (1025 هه) ۾ جهانگير جي درٻار تائين رسائي ڪري ورتائين، جتي سڄي ڄمار عيش آرام ۾ گذاري وڏي عزت ۽ شهرت جو مالڪ ٿي دنيا مان موڪلائي ويو (1).   

شمس زرين رقم، هيءَ به مرزا غازي بيگ جو مداح ۽ درٻاري شاعر هو. مرشد بروجردي جي ذريعي مرزا غازي بيگ وٽان سدائين انعام اڪرام حاصل ڪندو رهيو. مرزا غازي بيگ جڏهن پهريون ڀيرو قنڌار ويو، ته هي طالب آمليءَ سان گڏجي وٽس ويو ۽ سندس ملازمت اختيار ڪيائين، جيئن طاهريءَ ۾ ڄاڻايل آهي. خير البيان جو مصنف ملڪ شاهه حسين سيستاني لکي ٿو:

شمساي (شمس) زرين رقم لاهيجاني هو. شروعات ۾ تهران جي حاڪم مهيب خان تڪلو وٽ رهيو، تنهن کان پوءِ گيلان ۽ مازندران جي

(1) زندگي نامه و ڪارنامه طالب آملي. مضمون داڪٽر فرامرز گود رزي مجله هنرو مردم شماره 160 تا 165. تهران ايران.

اميرن ۽ بادشاهن جي خدمت ۾ گذاريائين، جتي به رهيو همت ۽ نمڪ حلاليءَ سان رهيو. خط نسخه ۽ نستعليق ۾ وڏي مهارت ٿي رکيائين. موسيقي ۾ به ماهر هئڻ ڪري هر قسم جي ساز وڄائڻ ۾ ڪمال حاصل هئس.

مرزا عازي بيگ جنهن زماني ۾ قنڌار جو حاڪم ٿيو، ته هيءُ ان جي پاران سيستان جي حاڪمن وٽ سفير ٿي ويو. ٻئي ڀيري ابو نبي بهادر خان اوزبڪ ڏانهن وڃي سفارتي فرائض انجام ڏنائين، نهايت خوش نقل، شيرين بيان ۽ اهم حيثيت وارو هو.

مرزا غازي بيگ جي وفات کان پوءِ ڪجهه عرصو ابو نبي وٽ رهي، وري هندستان وڃي جهانگير جي درٻارين ۾ شامل ٿيو، جتي بادشاهه هن جي وڏي قدرداني ڪئي. کيس شاعريءَ سان به دلچسپي هئي، سندس هڪ شعر آهي:

گشته ام سر تا سر ميدان سر بازان عشق

جز دم تيغ محبت آشناروي نبود (1)
  

مرزا غازي بيگ کان پوءِ

مرزا غازي بيگ جڏهن 1021 هه ۾ فوت ٿيو، ان وقت مغل سلطنت کي مشڪل  اها درپيش آئي، ته سنڌ تي نئون حاڪم ڪير موڪلجي، جيستائين ڪو فيصلو ٿئي، تنهن کان اڳ خسرو چرڪس، انهيءَ خاندان جي هڪ ڪمسن شهزادي عبدالعلي ولد مرزا فرخ ولد مرزا شاهه رخ متوفي (993 هه) ولد مرزا باقيءَ کي تخت تي وهاري، جهانگير جي حضور ۾ سندس لاءِ عريضو ڏياري موڪليو، ڇو ته سنڌ جي جاگيردار جي

(1) مرزا غازي اور اس ڪي بزم ادب، ص 291 – 203.

مقرري خسرو چرڪس جي هٿ ۾ ڪا نه هئي، بلڪ بادشاهه جي حڪم تي ٿيندي هئي.

جهانگير انهيءَ خطري سببان، ته متان خسرو چرڪس شهزادي عبدالعليءَ جي نالي ۾، سرحدي حڪومتن کان مدد وٺي، سنڌ کي ماڳهين مغل سلطنت کان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪا بغاوت ڪرائي وجهي، مرزا علي ترخان ثانيءَ کي سنڌ ڏانهن موڪلڻ جو فرمان جاري ڪيو، جيڪو مرزا غازي بيگ جي ناراضگي کان سنڌ ڇڏي شاهي درٻار مان اچي منصب حاصل ڪري چڪو هو. هوڏانهن مرزا عيسيٰ به دکن کان اچي درٻار ۾ حاضر ٿيو. انهيءَ وچ ۾ ڪن عرضمندن ان جي لاءِ به بادشاهه جا ڪن ڀريا، ته، هيءُ ڪيتري وقت کان وٺي، سنڌ جي حڪومت جو شائق ۽ آرزومند رهيو آهي. پاڻ وڏو عقلمند ۽ اونهو آهي، ممڪن آهي، ته وطن پهچي آبائي حڪومت جا خواب ڏسي خود مختيار ٿيڻ جي ڪوشس ڪري ۽ حڪومت لاءِ درد سر جو سبب بڻجي! بادشاهه کي اهو به خطرو هو، ته متان ڪيچ مڪران ۽ هرمز جي حاڪمن ذريعي ايران جي بادشاهه کان به هيءُ ان سلسلي ۾ ڪا مدد وٺي.

بادشاهه جي دل ۾ اها ڳالهه ويهجي وئي، جنهن ڪري مرزا رستم صفويءَ کي سنڌ جي حڪومت جو پروانو ڏنائين ۽ جيستائين مرزا رستم صفوي تيار ٿي، ٺٽي پهچي، ان کان اڳ بادشاهه وري مير عبدالرزاق معموريءَ کي ٺٽي روانو ڪري ڇڏيو، پر مرزا رستم صفوي به هن جي پويان (10 محرم 1522 هه) اچي پهتو. شاهي حڪم مطابق مرزا رستم ٺٽي پهچي، عبدالعليءَ کي معزول ڪري، کيس خسرو چرڪس ۽ ترخان جي سموري اهل عيال سميت مير عبدالرزاق سان گڏي درٻار ڏانهن ڏياري موڪليو.

مير عبدالرزاق انهيءَ سڄي لڏي کي وٺي، اجمير جي منزل تي وڃي بادشاهه وٽ حاضر ٿيو. بادشاهه انهيءَ ڪاميابيءَ تي کيس مظفر خان جو خطاب عطا ڪيو – پوءِ خسرو چرڪس ۽ عبدالعليءَ کي قيد ۾ وجهي ڇڏيائين. خسرو چرڪس قيد خاني ۾ فوت ٿي ويو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ عبدالعليءَ کي نورجهان بيگم جي سفارش تي بادشاهه آزاد ڪري، سندس روزينو مقرر ڪري، آصف خان جي سنڀال ۾ ڏئي ڇڏيو. هيءَ جڏهن جوان ٿيو، تڏهن سندس جزوي منصب مقرر ٿيو.

جهانگير ترخانن جي باقي بچيل اهل عيال کي، مرزا عيسيٰ ترخان ثانيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن نهايت فراخدليءَ سان سڀني جي نگهداشت ۽ پرورش ڪئي.

عبدالعليءَ آخرڪار 1049 هه ۾ انتقال ڪيو ۽ مڪليءَ جي پهاڙيءَ تي مرزا باقيءَ جي قبرستان ۾ کيس دفن ڪيو ويو (1).  

خسرو چرڪس جو مدفن:

معلوم ٿئي ٿو ته مرزا خسرو چرڪس اجمير ۾ پهچڻ بعد نظر بند يا آزاد رهي، پنهنجي زندگي اتي پوري ڪئي ۽ وفات کان پوءِ دفن به اتي ئي ٿيو. سندس قبر اڄ تائين اجمير ۾ موجود آهي. خواجه معين الدين اجميريءَ جي مقبري ويجهو خواجه نظام الدين محبوب الاهي دهلويءَ جي حجري سان لڳ خسرو چرڪس جو مدفن آهي، پڪي پختي قبر تي چئن ٽڪرن ۾ تاريخي ڪتبو لڳل آهي، جنهن تي هيٺيان شعر اُڪريل آهن:

آن خسرو خان که دست جودش
از دل غم فقر فاقه مي شست
 

(1) حواشي مڪلي نامه – سيد حسام الدين راشدي. مهراڻ  4 – 1956ع

از خطه سند بود، عمر ڪاش
بس گوهر عدل و داد را سفت
آخر بگذاشت اين جهان را
خود رفت و به عالم بقا خفت
از دل جستم جو سال فوتش
 

ابش به بهشت، هاتفم گفت 1021 هه    

مرزا خسرو پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو مدفن مڪليءَ تي (ٺٽي ۾) جوڙايو هو، جيڪو هن وقت ست چڙهي جي نالي سان مشهور آهي، ليڪن خدا جو شان آهي، اتي کيس مٽيءَ پتوڙو به نصيب نه ٿيو (1).

سنڌ تي جڏهن مغل سلطنت جي پهرين صوبه داري براه راست قائم ٿي، تڏهن ارغونن ۽ ترخانن جي سمورن پسماندن (پونيرن) کي سنڌ مان ڪڍي هندستان روانو ڪري، سنڌ مان سندن ٻوٽو گار ڪيو ويو. ذخيرې الخوانين جي مولف نهايت عبرتناڪ انداز ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي لکي ٿو: انهن گهراڻن جو نالو نشان ته ٺهيو، پر ڪا بوءِ بڻانس به سنڌ ۾ ڪا نه رهي. جيڪڏهن اتفاق سان انهن مان ڪو جيئرو هوندو به سهي، ته به اهڙو جو مئن برابر، اهڙي حياتيءَ کان هن لاءِ موت بهتر هوندو.

ٻنهي قبيلن سنڌ مٿان هڪ صدي حڪومت ڪئي. هنن جي سنڌين سان سڱا بندي به ٿي، پر انهن سڀني حالتن هوندي به هو پاڻ کي ملڪي بڻائي نه سگهيا، جڏهن ختم ٿيا ته سندن زوال ۽ زبونيءَ تي ڪنهن جي اک آلي ڪا نه ٿي. سڱا بندي ڪرڻ ۽ ڪنهن به ملڪ ۾ سو ورهيه رهڻ سان ڌاريو پنهنجو ٿي ڪو نه پوندو آهي. هو ڌاريا هئا ۽ محض حڪومت

(1) سنڌ جي تاريخ جا چند واقعا – مضمون سيد حسام الدين راشدي مهراڻ  4 – 1968ع.

ڪرڻ لاءِ هتي آيا هئا، تنهنڪري پڇاڙيءَ تائين ڌاريا رهيا. سندن تهذيب، تمدن الڳ ۽ زبان مختلف هئي، سو ورهيه رهيا، پر نه ذهنيت بدلائي سگهيا، نه فڪري هم آهنگي پيدا ڪري سگهيا. ان حالت ۾ سنڌين کي سندن زوال ۽ زبونيءَ تي مرثيه خواني ڪرڻ جو ڪو سوال ئي پيدا ڪو نه پئي ٿيو (1).   

(1) مڪلي نامه ص  339 – 24 سيد هسام الدين راشدي.  

 

ماڻهن ۽ قومن جا نالا

 

]اشارا: (1)ڪتاب جي تعارف وارن صفحن کي ت حرف سان نروار ڪيو ويو آهي، يعني ت حرف کان اڳ آيل صفحا تعارف جا آهن. (2) صفحن جي وچ ۾ ’ڪاما‘ جي بدران ننڍي ليڪ (–) واري نشاني مان ’کان‘ جو اشارو سمجهڻ گهرجي، مثلن 207 – 210 ته اهي 207 کان 210 لاڳيتا صفحا سمجهڻ گهرجن.[ 

(الف)

آخوند جمال الدين: 24 ت، 152، 154، 157، 167، 207 – 210

آخوند محب سنڌي: 342

آخوند اسحاق بکري: 14 ت، 1، 7، 14، 22، 280

آرميني: 353

آصف جاهي: 344 – 345

آصف خان: 11 ت، 28، 204

آصف خان ثالث (آقا ملا): 347

ابڙو ابڙاڻي (سمو): 57، 297

ابڙو سمو: 57

ابن العربي: 352

ادراڪي بيگلاري: 20 – 23، 25 ت، 2، 295 – 296، 337، 374

اُڍو پٽ اوڍار: 311

ارباب عمر شاهه: ڏسو عمر شاهه

ارغون: 10، 15، 20 – 21، 23 – 26 ت، 18، 16 – 18، 20، 26، 28، 84، 86، 88، 91، 98 – 103، 106 – 107، 118 – 119، 122، 124 – 128، 131 – 134، 156 – 157، 189 – 160، 180، 207، 256، 258 – 259، 264، 268، 278، 284، 296، 306 – 307، 316 – 317، 338، 356 – 358، 360، 364، 366، 368، 378، 405

ارغون – ترخان: 2 ت

ارغون گهراڻو: 32، 110، 212

اسفند يار: 100، 154

اسماعيل ٻهارو: 365

اسماعيل بٺارو: 99

اعجاز الحق قدوسي: 39

افغان: 266

اڪبر: ڏسو اڪبر بادشاهه

اڪبر بادشاهه: 7، 25، 27 ت، 8 -9،

ابن بطوطه:  286، 301، 369

ابو الفتح: 158

ابو الفضل: 120، 328

ابو الفضل ۽ فيضي: 335

ابو القاسم سلطان: 6، 21 – 22 ت، 44، 189 – 190، 200، 231، 233 – 244، 249 – 256، 272، 296، 327، 328، 336 – 337

احمد بيگ: ڏسو احمد بيگ سلطان

احمد بيگ سلطان: 221 – 222، 224 – 226، 229، 231، 246، 256 – 260، 265، 339

21، 43 – 44، 85، 94، 107، 114، 120، 146 – 151، 154، 157، 179، 182 – 183، 185 – 186، 206، 209 – 210، 247 – 248، 277، 294، 313 – 314، 234، 237، 344، 346، 396، 371 – 372، 374 – 387، 391

امام حسن: 56

امام حسين: 56

آمر اُمراڻي: 310، 359 – 360

امر پٽ ڪابو (يا کانيو): 309

امير خاقاني: 22

امير خسرو دهلوي: 305

امير ذوالنون ارغون: 354 – 355، 366

امير قيصر رومي: 286

انڙ، ڄام (سمو): 300 – 301

انڙ پٽ لاکو گوراڙو: 297، 310 – 311

انگريز: 5

انوري (شاعر): 7 ت، 1

اوٺو پٽ رتو: 309

اوڍار پٽ نوتيار: 311   

ايڇ. آر. هال، پروفيسر: 351

ايڇ. ايم. ايلئٽ: 283

(ب)

بابا طالب (ايلچي): 244

بابر بادشاهه: 10 ت، 8، 86، 308، 354 – 355، 358

باغائي سيد، ٺٽوي: 2، 13 ت، 1

باغ علي يساول: 242

بختاور خان: 280

بختاور بيگ: 381 – 382

بديع الجمال: 26 ت، 34، 290، 349

برطانوي واپاري مشن: 2 ت

برهمڻ گهراڻو: 20 ت

بشاري مقدسي: 353 – 354

بلبل خان (مهتر بلبل): 177

بلوچ: 187

بلوچ، ڊاڪٽر (نبي بخش خان): ڏسو ڊاڪٽر بلوچ 16، 318

بهادر خان: 13 ت

بهادر خان ترين: 381

بهادر سلطان: 160

بهڻ (وهڻ يا وهان) پٽ ڳاهو: 309

بيربل: 385

بيرم خان: 362

بيروني: 312

بيگلار، قبيلو: 296

(ٻ)

ٻائي جاڙيجي: 111

 

(ڀ)

ڀان: 293  

ڀائي خان: 220، 223 – 226

ڀائي خان (ملا گدائي علي): 210، 239 – 240

ڀائي خان  (چرڪس): 268، 281

ڀائي خان خواجه امير بخش بخشي 246

ڀائي خان لطف الله: 266، 343

ڀٽ: 57، 293

ڀرڪيو، درويش: ڏسو شيخ ڀرڪيو 370

ڀونگر ٻيو: 348

ڀونگر سومرو: 297

ڀيمجي پٽ امر: 309 ڀيم سنگه: 387

(ت)

تانسين: 384، 385

ترخان: 13، 15، 20 – 21، 23 – 27 ت، 9، 16 – 18، 26 – 28، 84، 86، 88، 92، 96، 98 – 100، 106، 118، 159 – 160، 207، 256، 258 – 259، 264، 267 – 268، 284، 338، 364 – 365، 393، 403، 405  

ترخان گهراڻو: 1، 23، 110، 122، 177، 188، 212، 215، 316 

ترڪ: 10 ت

ترلو چن داس (تانسين): 385

تقي الدين مرزا: 330

تقي اوحدي: 294

تقي ڪاشي: 295

تنگر بردي: 307

تو ڏرمل: 381 – 382

تيمور، ارغون امير: 104، 322

تيموري شهزادا: 354 – 355  

(ٿ)

ٿهيم، قوم: 45، 291  

 

(پ)

پالڻو: 393

پٺاڻ: 288

پخته بيگ ڪابلي (سردار خان): 340، 346

پرونه جرگس (فرنگي): 191، 329

پلي پٽ رانڌن: 309، 311

پليجا: 178

پورچو گيز: 18 ت، 122، 319 – 320، 329

پيچه يادگار بيگم: 214

پيدرو بريٽو روليم: 320

پير پٺو: 305

پير حسام الدين راشدي: 7، 295، 364 365، 378

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org