23 April, 2011

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تاريخ طاهري

باب: --

صفحو:2   

مير طاهر علي ڪاهه دوران پنهنجا تجربا چٽيءَ طرح بيان ڪيا آهن. قنڌار ۾ ان وقت ڏڪار هو ۽ ماڻهن کي جيڪا شيءِ هٿ ايندي هئي اها کائي ڇڏيندا هئا. مصنف سان جيڪي ٻيا ساٿي هئا ان مان هڪ محمد هاشم به هو جنهن سان سموري سامان مان مسافري دوران حصي پتي ڪئي جيستائين قنڌار پهتا جتي گڏ رهيا. هنن جو کاڌي جو سيڌو سامان پورو ٿيو ۽ هو مشڪل سان کاڌي جو سامان خريد ڪري ٿي سگهيا جيڪو تمام مهانگو هو. محمد هاشم جنهن کي گيهه جو هڪ ڊٻو هو هاڻي پاڻ کي مير طاهر محمد کان ڌار رکيو. هو ڪوشش ڪري پنهنجي ساٿين کان به لڪي اڪيلو کائيندو هو، ويندي غسلخاني تائين. هڪڙي ڀيري کيس پڪڙيو ويو ۽ سندس نالائق حرڪتن تي ڇينڀيو ويو پر هن اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. ڪڏهن ته ماني جو ٽڪرو هنڌ جي هيٺان لڪائي ڇڏيندو هو ۽ جڏهن هو ننڊ ڪندو هو ته کائي ڇڏيندو هو. هڪڙي ڀيري فيصلو ڪيو ويو ته کيس خوار ڪجي سو سندس ساٿين مان هڪڙو يوسف علي نالي هو جو هنڌ کڻي ڀڄي ويو ۽ ٻيا وري ماني گوشت کسي ويا جيڪو هاشم لڪائي کائي رهيو هو، ۽ هنن هاڻي سندس آل ”هاشم سگ“ (هاشم ڪتو) رکيو. مختصر ته مرزا غازي بيگ جي ماڻهن ڏاڍيون تڪليفون ۽ سور سٺا. هي اهو وقت هو جڏهن ٻه مشهور شاعر طالب علومي ۽ شمس قنڌار پهتا هئا ۽ درٻار ۾ شامل هئا. قنڌار ۾ ڏڪار جي حالتن ڪري شهنشاهه مرزا غازي بيگ کي اجازت ڏني ته هو پنهنجو هيڊ ڪوارٽر بکر ڪري، هو هتي آيو ۽ پنهنجي ڪئمپ ڪافي عرصي تائين رکي.

اهو معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن مرزا غازي بيگ کي بعد ۾ حڪم ٿيو ته هو شهنشاهه جي درٻار ڏانهن روانو ٿئي ۽ هو بکر ڇڏي لاهور روانو ٿيو. مير طاهر محمد سندس لاءِ اجازت ورتي ۽ ٺٽي ڏانهن واپس ٿيو. يا ٿي سگهي ٿو ته هو هن سان گڏ لاهور ويو ۽ جڏهن مرزا غازي بيگ قنڌار جو ٻيهر گورنر مقرر ٿيو ۽ هو بکر، ملتان طرف روانو ٿيو. مير طاهر محمد اتان بکر ڏانهن روانو ٿيو. اهو وقت شايد هجري سنه 1018 هجري/ عيسوي سنه 1609 هو جنهن بعد مير طاهر محمد ٺٽي ۾ رهيو، انهيءَ ڪري سنڌ ۾ سنه 1010 – 1012 هجري ۾ جيڪي واقعا ٿيا انهن کي تفصيلي طرح بيان ڪري ٿو. خسرو خان چرڪس جيڪو مرزا غازي بيگ جو ٺٽي جو انتظامي عملدار هو، علحده اڳواڻ ٿيڻ جي ڪوشش ۾ هو، سرڪاري رقم ۾ خردبرد ڪرڻ ۽ اهم عهدن تي پنهنجي خاندان جا ۽ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيا. انهن ماڻهن کي انصاف لاءِ ٿورو به خيال ڪو نه هو تنهنڪري سموري ملڪ ۾ ناراضگي هئي، تنهنڪري مرزا غازي بيگ هندو غريه کي ”سائيڏنو هندو خان“ جو خطاب عطا ڪري ٺٽي جو سردار مقرر ڪيو ۽ خسرو خان کي قنڌار ڏانهن گهرايو ويو. هندوخان شايد هجري سنه 1020 ۾ نصرپور پهتو. احڪام جاري ڪرڻ بعد ٺٽي روانو ٿيو، خسرو خان کي ڪڍي نيون مقرريون ضلعي کان ٻاهر ڪيون. پوءِ خسرو خان پنهنجي پٽن سميت قنڌار روانو ٿيو ۽ هالاڪنڊي پهچڻ تي مرزا غازي بيگ جي موت جي خبر پئي. مير طاهر محمد بظاهر ٺٽي ۾ هو جتي مرزا غازي بيگ جي قنڌار ۾ (هجري 1021) موت جي خبر انهن کان پئي جيڪي فوتي وقت اتي موجود هئا.

مير طاهر محمد کي يقينن مرزا غازي بيگ جي موت جو صدمو پهتو هوندو، هن نه فقط پنهنجو مالڪ پر هڪ سرپرست به وڃايو. مير طاهر محمد ان وقت ايڪٽيهن سالن جو نوجوان هو پر خسرو خان جيڪو ٺٽي واپس آيو. هن جو زيردست ٿي رهڻ جي مرضي نه هئي يا جو – کائتي سياسي حالتن ڪري ٺٽي ۾ رهڻ لاءِ به تيار نه هو. انهن خدشن ڪري هو درٻيلي هجرت ڪري ويو ۽ پنهنجي ساڳي خانگي زندگي ڇهن ستن سالن (1021 – 1027 هجري) لاءِ گذارڻ لڳو. درٻيلو سندس ناني سردار عمر شاهه جو گهر هو، جنهن جا پويان احمد آباد کان شايد واپس ٿيا هئا يا مير طاهر محمد کي پنهنجي ڇڏيل ملڪيت سنڀالڻ لاءِ چيو ويو هو. هن پاڻ به شايد ورثي ۾ مليل ملڪيت تي نگهباني ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي هئي،

گهڻو وقت خاموش زندگي گذارڻ ڪري هن کي ڪجهه لکڻ پڙهڻ جو موقعو مليو. هن شايد ”عمر مارئي“ آکاڻي کي فارسي نثر ۾ ان دور اندر تاليف ڪيو. سنه 1021 هه ۾ مرزا غازي بيگ جي موت کان پوءِ مير طاهر محمد ارغونن ۽ ترڪن جي سنڌ تي حڪومت جي دور بابت تاريخ لکڻ جي لاءِ سوچيو ۽ ان جي سرپرست ۽ اسپانس جي ڳولا هئي ۽ هن ڏٺو ته هر هڪ مصنف لئي سرپرست هئڻ گهرجي. هن ڏٺو ته شاهه محمد بيگ عادل خان ئي هو جيڪو ان دور جو لائق ۽ فاضل عالم هو. ٻيو ته هو ارغون خاندان جو هو. ڪجهه سچار ارغون ۽ ترخان سردار شاهه بيگ ارغون سان گڏ سنڌ ۾ آيا ۽ ٻيا وري بابر ۽ هن جي پونيرن سان رهيا، انهن پونيرن مان هڪ شاهه بيگ خان پٽ ابراهيم بيگ جرجڪ ارغون جي پيڙهي مان هو جيڪو مرزا جاني بيگ جي فوج سان هجري سنه 1000 ۾ سنڌ جي لڙائي ۾ خان خانان جو سپهه سالار ٿي ڪم ڪيو هو. جيئن ته اسان جي مصنف جي پيءَ سيد حسن، مرزا جاني بيگ جي سپهه سالارن مان هو، ممڪن آهي ته سيد حسن ۽ شاهه بيگ جي صلح ٿيڻ بعد ملاقات کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. بعد سنه 1015 هجري ۾ جڏهن مرزا غازي بيگ شاهي فوج سان گڏ قنڌار روانو ٿيو، جتي شاهه بيگ خان قلعي اندر گهيري ۾ هو، اسان جو مصنف ٺٽي مان ڪمڪ پهچائڻ وارن مان هڪ هو، جيڪي 12 شوال تي قنڌار پهتا، جنهن وقت مرزا غازي بيگ شهر اندر پهتو. ممڪن آهي ته طاهر محمد، شاهه بيگ خان جي وڏي پٽ شاهه محمد سان اتي مليو. اهي واسطا وڌيڪ مضبوط ٿيا ۽ چوڏهن سال بعد ۾ مير طاهر محمد سندس عملي ۾ شامل ٿي ويو.

شعبان هجري سنه 1028 بمطابق ڊسمبر 1618ع شاهه بيگ خان جيڪو ٺٽي جو گورنر هيو. شھنشاهه جهانگير کان وڏي عمر هئڻ ڪري رٽائر ٿيڻ جي منظوري ورتي ۽ شهنشاهه خشب ضلعي جي آمدني سندس سموري عمر لاءِ پينشن مقرر ڪئي ۽ هن جي ٽنهي پٽن کي سرڪاري عهدا ڏنا. سندس وڏي پٽ  شاهه محمد کي هڪ هزار واڌو ڇهه سو گهوڙي سوارن جو عهدو ڏنو. مٿيون عهدو ملڻ بعد شاهه محمد معلوم ٿئي ٿو ته لاهور جو حقيقي سرڪاري عهدو هجري سنه 1028 جي آخرين ۾ يا هجري سنه 1029 جي شروعات ۾ سندس پرڪشش ۽ ذاتي نالي ”شاهه محمد بيگ عادل خان“ جي لقب سان سنڀاليو. اها چڱيءَ طرح اسان کي پڪيءَ طرح خبر نه آهي ته طاهر محمد ڪڏهن شامل ٿيو پر هو اڳيئي سنه 1029 هجري ۾ ساڻس لاهور ۾ شامل هو.

اسان مصنف کان ٻڌو ته هو مرحوم آصف خان جي ڀاءُ ”ضيا ملا“ جي لاهور واري رهائشگاهه ۾ ترسيل هو. تنهن بعد هو پنهنجي پٺ ڀرو ساٿين سان خانڳڙهه ويو، جتان هن کي موڪل وٺڻي پئي ته جيئن گهرو مسئلن کي منهن ڏئي سگهي. تنهنڪري هو پنهنجي ناناڻي گهر درٻيلو واپس ٿيو. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندس خاندان اتي هو ۽ هو اتي شاهه محمد بيگ عادل خان جي درٻار ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ اتي رهندو هو. هڪ سال گذرڻ بعد هو وري هجري سنه 1030 بمطابق 1621 – 1620 عيسوي ۾ پنهنجي مربي سان لاهور ۾ وري شامل ٿيو. جڏهن شاهه محمد بيگ عادل خان کي پنهنجو هي اڳلو عهدو ڇڏي نئون عهدو قنڌار ۾ وٺڻو هو، هو پنهنجي مربين سان ڪجهه وقت لاهور ۾ هو ۽ پوءِ ساڻن گڏجي ملتان ويو، جتي هو ڪجهه مهينا ترسيو. جڏهن شاهه محمد بيگ عادل خان ملتان ڇڏي قنڌار روانو ٿيو، مير طاهر محمد کائونس اجازت وٺي وري درٻيلي واپس ٿيو.

مصنف جو درٻيلي پهچڻ بعد سندس ڪنهن به مشغوليءَ جو ڪو به حوالو نه ٿو ملي. هو هاڻي 40 ورهين جو برجستو ۽ نئين ڪم لاءِ ٺيڪ هو. سندس بيان مطابق ته هو ٻيا سڀ واسطا ٽوڙي پنهنجن مربين سان ملي ويو ته جيئن تاريخ لکي ۽ کيس اميد هئي ته اها آخرين تياري ڪري پنهنجن مربين کي پيش ڪري ته جيئن سندس فياضي ۽ مدد جي ڪنهن کي به وڌيڪ ضرورت نه پوي. بهرحال هو خاموش طبعيت ۽ عبادت ڏانهن راغب ماڻهو هو ۽ هو درٻاري گفتگو جي آدابن کان ڀُليل ڪو نه هو، هو پنهنجن مربين جي نوڪري ڇڏي رٽائر ٿيو ۽ خاموشيءَ جي زندگي ڪنڊ ۾ گذارڻ لڳو، پنهنجي شهنشاهه ۽ مربي لاءِ دعاگو رهيو ۽ پر اميد هو ته خدا کيس شهنشاهه وٽ اهڙي وڏي حيثيت وارو ڪندو جو کيس (مصنف کي) ٻئي ڪنهن وٽ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.

اهو مصنف جو پنهنجي لاءِ ۽ آئينده لاءِ آخرين بيان هو ۽ اهو ظاهر هو ته هن کي پنهنجو آئيندو روشن نظر پئي آيو ته جڏهن آخرين تيار ڪيل ڪتاب جي ڪاپي پنهنجي مربي کي ڏيندو ۽ جيڪڏهن خدا چاهيو ته شهنشاهه سندس مربي کي ترقي ڏيندو.

اهو به فرض ڪجي ته درٻيل ۾ مير طاهر محمد پنهنجي ماماڻي ملڪيت ۽ پنهنجي ملڪيت جيڪا کيس ورثي ۾ ملي هوندي جي سارسنڀال ڪئي، پڻ اتي هن ڪيل ڪم جي به نظرثاني ڪئي هوندي ته جيئن پنهنجي مربي کي پيش ڪري سگهي. پر حالتون ٻڌائين ٿيون ته هن جي مربي شاهه محمد بيگ عادل خان زماني جي الٽ سلٽ ۽ ٿوري وقت رهڻ ڪري ۽ شايد وڌيڪ عرصي نه رهڻ ڪري وڏي عهدي تي نه رسي سگهيو. جيئن اسان مصنف کان ٻڌو آهي، هو پنهنجي مربي سان خانڳڙهه ۾ هجري سنه 1029 ۾ ساڻ هيو، اهو شوال سنه 1029 هجري ۾ هوندو، جڏهن شاهه محمد بيگ عادل خان شايد ڪڻڪ وٺي لاهور کان خانڳڙهه پهتو، جا ان وقت شاهي فوج جي گهيري ۾ هئي، جيڪا عبدالعزيز خان جي نگراني ۾ هئي. وري ٻيهر مصنف کان ٻڌو ته شاهه محمد بيگ عادل خان جو جلد ئي سنه 1030 هجري ۾ عهدو گهٽايو ويو ۽ کيس نئين مقرري قنڌار واري شهر ۾ ڪئي وئي. حالتون ٻڌائين ٿيون ته اها وري زيردستيءَ واري نوڪري هئي. سنه 1025 هجري ۾ بهادر خان قنڌار جي گورنر شهنشاهه جهانگير کي عرض ڪيو ته کيس قنڌار جي گورنري تان رخصتي ڏني وڃي، تنهنڪري عبدالعزيز خان نئون گورنر مقرر ڪيو ويو. شايد 14 شوال 1030 هجري ۾ بادشاهه عبدالعزيز خان کي نئين مقرر جي عيوض ٽن هزارن (هزاري) جو عهدو ڏنو. شام محمد بيگ عادل خان کي شايد سندس زيردست عملدار ڪري قنڌار موڪليو ويو. اهڙيءَ طرح مصنف جو سرپرست شاهه محمد بيگ عادل خان وري نه عهدي ۾ ترقي ڪئي ۽ سنه 1030 هجري ۾ قنڌار کان اچڻ بعد نه وڌيڪ زندهه رهيو. ”معاثر العمر“ جي مصنف مطابق مرزا شاهه محمد (شاهه محمد بيگ عادل خان پٽ شاهه بيگ خان) هڪ هزار (هزاري) جي عهدي تي پهچڻ بعد ستت گذاري ويو. شايد اهو ئي سبب هجي ته مصنف هميشه لاءِ خانگي زندگي اختيار ڪئي.

اهو معلوم نه آهي ته مير طاهر محمد در ٻيلي ۾ ڪيترو عرصو ترسيو پر ٿوري عرصي اندر ئي ٺٽي ۾ واپس آيو. اهو شايد هجري سنه 1037 مطابق عيسوي سنه 28 – 1627 هجي، جڏهن ترخان خاندان جو نونهال مرزا عيسيٰ ٻيو (پٽ جان بابا پٽ مرزا عيسيٰ پهريون) کي شهنشاهه جهانگير ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو. بهرحال غير يقيني طرح چئي سگهجي ته مصنف شايد سنه 1015 هجري مطابق 1641 عيسوي ۾ ٺٽي ۾ انتقال ڪيو ۽ مڪلي ۾ دفن ڪيو ويو. عبدالله شاهه جي مقبري ڀرسان بگهائي سيدن جي خانداني قبرستان جي قبي مان هيٺيان اکر مليا آهن جن کي مصنف جي موجوده پونيرن تسليم ڪيو آهي ته اهو تاريخ طاهري جي مصنف مير طاهر محمد جو مقبرو آهي.

مير طاهر محمد يا سندس والد ۽ ٻين بابت حوالا ڏسڻ سان ظاهر ٿئي ٿو ته

هو حليم، حيادار، سچار ۽ مذهبي ماڻهو هئا. هو سنئون سڌو سچو ماڻهو هو ۽ ڪوڙي ساراهه نه وڻندي هيس. اهلبيت جو قدر شناس ۽ ناشائستگيءَ کي ننديندو هو. پوءِ اهو ماڻهو ڪهڙي به حيثيت جو هجي. هو دلير ماڻهو هو ۽ مخالف حالتن ۾ به ڪم دل سان ڪندو هو. سندس دور جا ٽي رخ نمايان هئا، فوج ۾ سپاهي جي حيثيت ۾ نوڪري ۾ ديانتداري، سرڪاري نوڪري ۾ مرزا غازي بيگ جي عملي جو پهريون ماڻهو هو ۽ تنهن کان پوءِ شاهه بيگ محمد عادل خان جو ۽ فاضل جي حيثيت ۾ انهن جي سڃاڻپ لاءِ ڪوشش ڪئي. هو خاص ڪري فارسي شاعري پڙهي ۽ پاڻ شاعر ٿي ويو. هن جي تاريخ جي ديباچي واري ڀاڱي جي سمجهاڻي به سندس مصرعن ۾ آهن. هن ڪتاب جو نالو ”نسياني“ لکيو. مير علي شير قانع مقالا
ې الشعرا ۾ مير طاهر جو ذڪر هيٺين مضمون ۾ ڪيو آهي.

مرزا غازي بيگ جي موت تي هن جا تاريخي مرثيه جيڪي صفحي 17 تي سندس لکيل ڪتاب ۾ آهن، هڪ يادگار آهن. مير طاهر کي مقالاې الشعرا ۾ مير علي شير قانع خراج تحسين پيش ڪئي آهي.

فاضل ماڻهن جا حوالا ۽ مرثيه ۽ شعرن مان سمجهجي ٿو ته مير طاهر جو عالم طبقي ڏانهن رجحان هو. سندس شروعات ”وقاري“ (مرزا غازي بيگ) جي حوالي سان ڪئي. جنهن جا مرثيه (صفحي 13) ۾ حوالو ڏنو آهي. هن آخوند اسحاق بکري ۽ سيد ظهير الدين شيرازي بابت (صفحي 14) شاعر مقيم (صفحي 36) بابت لکيو آهي. يار علي خان جنهن جا مرثيه (صفحي 54) ملاشيڪبي (صفحي 207) ملا راشدي (صفحي 224) ملا مرشد برجودي (صفحي 324) طالب عمولي ۽ شاعر شمس (صفحي 258) جي مرثين جا حوالا ڏنا آهن. اهي حوالا جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي ڏنل آهن، پر اهو بعد جي ليکڪن لاءِ حقيقي معلومات جو ذريعو ٿيو آهي. مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب ”مقالاې الشعرا“ ۾ حوالا ڏنا آهن. اسان کي مصنف کان معلوم ٿو ٿئي ته هن پڻ ”عمر ماروي“ جي ڪهاڻي (فارسي) نثر ۾ ناز و نياز جي نالي سان لکيو آهي، پر مير محمد طاهر پنهنجو پورو ڌيان تاريخ ڏانهن ڏنو، جيڪو سندس خاص ڪارنامو آهي، جنهن ڏانهن اسين حوالو ڇڪايون ٿا.

2 –  هيءَ تاريخ مير طاهر محمد گهڻيئي حوالا ڏنا آهن، ته هُن ڇو، ڪڏهن ۽ ڪهڙيءَ طرح هيءَ تاريخ لکي آهي.

(الف) هن تاريخ لکڻ جا اسباب: پهريائين ته سندس چوڻ مطابق ڪنهن به ان وقت تائين عام طرح سنڌ جي ۽ خاص طرح ارغون ۽ ترخان جي شاهي خاندان جي تاريخ ڪا نه لکي هئي. ٻيو ته جيئن ته سندس پيءُ ۽ ڏاڏو حاڪمن وٽ نوڪريءَ ۾ رهيا هئا ۽ هو پاڻ مرزا غازي بيگ جي سرپرستي هيٺ رهيو هو، ان ڪري منتظر هو ته پنهنجن مرحوم سرپرستن جي تاريخ لکي سندن احسان منديءَ جو قرض ادا ڪري. ٽيون ته هن هي تاريخ خاص ڪري ان ڪري به لکي جو مرزا شاهه محمد بيگ عادل خان جي سرپرستي هئي، جنهن هن کي تاريخ لکڻ لاءِ همت افزائي ڪئي ۽ ان ۾ هو خاص چاهه به وٺندو رهيو. ان کان سواءِ مصنف جي اها به حقيقي خواهش هجي ته هو پنهنجي سرپرست کان انعام وٺي ۽ حيثيت جي سڃاڻپ ڪرائي جيڪا شهنشاهي ۾ به سڃاتي وڃي ۽ پنهنجو سٺو نالو ڇڏي وڃي.

(ب) تاليف جي تاريخ: مير طاهر محمد اسان کي ٻڌائي ٿو ته نون سالن تائين هجري سنه 1020 جي شروع کان سنه 1030 هجري تائين هو اهڙي ماڻهوءَ جي ڳولا ۾ هو جيڪو هن ڪم جو بارو کڻي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته گهڻي وقت کان هن سوچيو پئي ته پنهنجي سرپرست مرزا غازي بيگ جي شڪر گذاري لاءِ هو ارغونن ۽ ترخان حڪمرانن جي تاريخ لکي. جيئن ته مرزا غازي بيگ 11 صفر هجري سنه 1021 ۾ انتقال ڪري ويو، اسان انومان ڪڍيو آهي ته مير طاهر محمد هي تاريخ لکڻ لاءِ انهيءَ تاريخ (15 اپريل 1612) بعد سوچيو هوندو تنهن وقت کان شايد هن پنهنجي والد ۽ ٻين کان معلومات حاصل ڪرڻ جون ڪوششون سنه 1029 هجري تائين ڪيون ۽ معلوم ٿئي ٿو ته هن ڪافي مواد هٿ ڪيو ۽ دل و جان سان ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي سرپرستيءَ لاءِ منتظر هو، جنهن جي نظرداري هيٺ هي ڪم ڪري سگهي. انهيءَ کان پوءِ هن شاهه محمد بيگ عادل خان جي نوڪري ڪئي ۽ سندس مکيه مقصد تاريخ لکڻ هئي.

سندس مربيءَ جي همت افزائي ۽ مدد سان مصنف ”تاريخ بلده ٺٽه“ (تاريخ تختگاهه شهر ٺٽه) جي لکڻ شروع ڪئي. جيڪو سندس ڪم جو سرنامو سمجهيو وڃي ٿو. بعد ۾ کيس سندس نالي پويان ”تاريخ طاهري“ سڏيو وڃي ٿو. هن قطعاً پهريون حصو آئينا ملاجي وٽ لاهور ۾ سندس جاءِ تي لکيو ۽ پنهنجي مربيءَ کي ڏيکاريو. مرزا شاهه محمد سندس همت افزائي ڪئي ته ڪم جاري رکي حالانڪ ڪيترن ماڻهن جيڪي اظهار ڪرڻ وقت موجود هئا، ناجائز تنقيد ڪئي هئي. انهيءَ ديباچي جي پهرين حصي ۾ هن پنهنجي مربيءَ جي پيءُ جو حوالو مرحوم نواب شاهه بيگ جي نالي سان ڏنو آهي، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته هن لکڻي جي شروعات شاهه بيگ خان جي موت بعد ڪئي آهي (هجري سنه 1028 جي پڇاڙي يا هجري سنه 1029 جي شروعات) ۾. اڃا هن تمهيدي حصو پورو ئي نه ڪيو ته هو پنهنجي مربيءَ سان خانڳڙهه روانو ٿيو ۽ واپس درٻيلو (سنڌ) پهتو، جتي بهرحال هو وڌيڪ ڪم ڪري نه سگهيو ۽ اهو نامڪمل رهيو.

سنه هجري 1030 ۾ هو وري پنهنجي مربي مرزا شاهه محمد عادل خان سان لاهور ۾ شامل ٿيو، جتي هن کان پڇيو ته آيا هو ڪم کي شروع ڪري؟ جڏهن ساڳيو سوال ملتان ۾ اٿيو ته شاهه محمد بيگ عادل خان همٿ افزائي ڪئي ۽ چيو ته ڪم جاري رکي. تنهن کان پوءِ مصنف جوش و خروش سان ڪم شروع ڪيو ۽ ”اٽڪل ڪجهه مهينن ۽ ڏينهن بعد هن ڪجهه مسودا تيار ڪيا، جيڪي پنهنجي مربي وٽ پيش ڪيا.“ اهي شايد مختلف حادثات جا تفصيل هئا جي ڪجهه خامين جا باوجود انهن کي پنهنجي مربي جي هدايت تي سڌاري ڪري تاليف ڪيو. انهيءَ ڪري اهو سمجهيو وڃي ٿو ته مصنف شروعاتي تمهيد ڪم مسودي جي شڪل ۾ هجري سنه 1030 ۾ ملتان ۾ ڪيو هو. انهيءَ وقت فقط ٻن همعصرن جا حوالا سندس ڪم ۾ ملن ٿا، هڪ ”مرزا مظفر ترخان جيڪو ڪڇ وارو“ ۽ ”مرزا بهرام (پٽ مرزا محمد امان ترخان) جيڪو ان وقت بادشاهه (جهانگير) جي نوڪريءَ ۾ آهي.“ پر انهيءَ وقت انهن ماڻهن جو وڌيڪ تفصيل نه هئڻ ڪري انهن بابن جي مصنف جي لکڻ جي تاريخ جي خبر نه ٿي پوي.

تنهن بعد مرزا شاهه بيگ محمد عالم خان ملتان کان قنڌار روانو ٿيو ته مصنف مسوده جي ڪاپي سندس اجازت سان ورتي جيڪا کيس ڏني وئي هئي ته جيئن ان جي صاف ڪاپي تيار ڪري. اسان کي اها خبر آهي ته مصنف بعد ۾ صاف ڪاپي (پيش) ڪئي پر شايد معمول مطابق هو درٻيلي واپس آيو ۽ هن صاف ڪاپي اتي تيار ڪئي هوندي.

(ت) جا، ڪم پورو ڪري (تاريخ) مڪمل ڪئي. مٿي ذڪر ڪيل مسوده ۽ صاف ڪاپي جي لاءِ سمجهيو وڃي ٿو ته مصنف ته اهي مٿيان باب ۽ ڀاڱا مختلف حادثن جا تفصيل ڌار ڌار لکيا آهن. سموري مواد کي گڏ ڪري هڪ ڪتاب جي صورت ۾ نه آندو ويو هو جيئن مصنف بعد ۾ چوي ٿو ته ”اها اميد ٿو ڪري ته خدا چاهيو ته مرتب شده ڪرڻ بعد پنهنجي آقا جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ بعد سندس سڀ اميدون ۽ خواهشون پوريون ٿينديون.“ پر جيئن ته سندس آقا شاهه محمد بيگ عادل خان ٿورو وقت (زندهه) رهيو ۽ زماني جي الٽ سلٽ ڪري نظر اچي ٿو ته مصنف پنهنجي مقصد ۾ دل شڪستو ٿي پيو ۽ وڌيڪ تيار ڪيل مسودي کي مڪمل تاليف نه ڪيو. ڪتاب مان به انهن اندروني حالتن جي تصديق ٿئي ٿي ته:

مير طاهر محمد پاڻ لکي ٿو ته جڏهن هن ملتان ۾ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو ۽ مختلف مسوده (ظاهر آهي ته مختلف واقعن جا تفصيل) آقا جي هدايتن مطابق درستي ڪري وري لکي آقا وٽ پيش ڪيا. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته اهو ڪم تڙتڪڙ ۾ ڪيو ويو. شايد ان ڪري جو هن سوچيو ته بعد ۾ وقت ڪڍي آخرين طرح سڌاريندو.

انهيءَ تڪڙ ڪري ڪيترن واقعن کي گڏي ڇڏيو آهي، پر تاريخوار نه ڪيا آهن. مير طاهر محمد انهيءَ کان باخبر آهي ۽ آخر ۾ ان لاءِ معافي گهري آهي. انهيءَ خامين جو تدارڪ ٿي ٿي سگهيو جيڪڏهن مصنف پوءِ نظرثاني ڪري لکڻ جي ڪوشش ڪري ها، پر موجوده متن مان اسين آساني سان سمجهي سگهون ٿا ته پهريان واقعا آخر ۾، ۽ پويان واقعا شروع ۾ ڏنل آهن. سڀني کان مشهور مثال آهي ته حاڪم جي ملتان جي فتح اڳ ۾ ڏيکاريل آهي ۽ مرزا شاهه حسن ارغون جو ڪڇ تي حملو بعد ۾ ڏيکاريل آهي، ۽ ٻيو پورچوگيز جو ٺٽي تي گهيرو جيڪو مرزا عيسيٰ جي حڪومت (هجري سنه 963) پهرين سال ۾ ٿيو جيڪو حڪومت جي دؤر جو واقعو آخرين ۾ ڏيکاريل آهي.

شاهي خاندان جي حڪومت جي واقعن ۽ تفصيلن جون ڪيتريون تاريخون غلط ڏنل آهن. مصنف جي دعويٰ آهي ته ڪنهن ۾ به هڪ سال جو تفاوت نه آهي، پر ڪٿي مهينن جو فرق هجي ته کيس مياري نه ڪجي. هيٺين واقعن مان ڏسجي ٿو ته سندس چوڻ صحيح نه آهي.  

 

صفحو

 

ڪتاب ۾ ڏيکاريل

برابر

 

24

سومرن جو دور

700 – 843 هه

450 – 750 هه

 

51

سمن جو دور

849 – 927 هه

749 – 927 هه

 

90

ارغونن جو دور

41 سال

35 سال

 

90

ترخونن جو دور

53 سال

38 سال

 

56

ڄام نظام الدين جو دور

72 سال

47 سال

 

95

مرزا شاهه حسن جو دور

41 سال

24 سال

 

ڪن واقعاتن باب جيڪي مصنف جي دور جي قريب جا هئا جيڪي ڏهه سال پوءِ ڏيکاريل آهن. اهڙيءَ طرح مرزا جان بابا جي مرزا محمد باقي سان ملاقات 986 هه ۾ ڏيکاري وئي آهي، جنهن جو تقريبن وڌيڪ برابر سنه 976 هه آهي ۽ خان خانا جو سنڌ تي حملو 1009/ 1010 هجري سنه ڏيکاريل آهي جيڪو 999 هجري سنه آهي. اهي تاريخون سندس قلمي ڪتاب تاريخ طاهري مان هڪجهڙيون ملن ٿيون جيڪي مصنف جي اصلي مسعودن ۾ ساڳيون ڏيکاريل آهن. پويون ٻه تاريخون ٿي سگهي ٿو تڪڙ ۾ ڏنل هجن يا لکڻ ۾ مصنف کان غلطي ٿي هجي ۽ اهي درست ٿي سگهيون ٿي جيڪڏهن مصنف نظرثاني ڪري مسودن کي درست ڪري آخرين ڀيرو لکي ها.

منڍ ۾ مير طاهر محمد چوي ٿو ته هن تاليف ڏهن ڀاڱن (طبقن) ۾ ڪئي
آهي، پر تاريخ طاهري جي اصل مسودي جي ڪاپين مان فقط چار ڀاڱا مليا آهن، يا پنجن حصن (ڀاڱن) ۾ ڌار ڪري انهيءَ کي الڳ طبقا شمار ڪري سگهجي ٿو. ٻن قلمي مسودن جيڪي هن ڇاپي ۾ آهن، انهن کي الڳ پنجن طبقن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.

صفحو 32

طبقو (ڀاڱو) پهريون

سومرا

صفحو 51

طبقو (ڀاڱو) ٻيو

سما

صفحو 63

طبقو (ڀاڱو) ٽيون

مرزا شاهه حسن

صفحو 95

طبقو (ڀاڱو) چوٿون

مرزا عيسيٰ ترخان

صفحو 210

طبقو (ڀاڱو) پنجون

مرزا غازي بيگ

پر انهن ٻنهي قلمي مسودن مان اسان کي هڪ ٻيو باب طبقي چوٿين ۽ طبقي پنجين مان ملي ٿو جيڪو هيٺين طرح هجڻ گهرجي.

”طبقو مرزا پائينده محمد خان پٽ مرحوم مرزا محمد باقي“

حالانڪ اهو باب سلسليوار شمار ۾ ڪو نه آهي، پر انهيءَ طبقي جي داخلا مان معلوم ٿئي ٿو ته ممڪن آهي ته مصنف پنهنجي رٿيل ڏهن طبقن بابت پنهنجي ذهن ۾ ٻيا باب به رکيا هجن جن کي هن ڪاپي ۾ طبقو چيو آهي، پر هن نظرثاني ڪري آخرين طرح تاليف نه ڪيو ان ڪري اهي اصلي حالت ۾ رهيا جنهن ۾ هئا.  

اوچتو ڪم بند ڪرڻ ئي سبب ٿي سگهي ٿو ته هن ڪم مڪمل ۽ آخرين شڪل ڪانه ڏٺي. سنه 1021 هجري مرزا غازي بيگ جي موت بعد ٺٽي جي واقعن جي مد نظر مير طاهر محمد اوچتو ڪم بند ڪيو. جيئن هن 1030 هجري ۾ لکيو آهي ۽ اهو محسوس ڪجي ٿو ته هن پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪم پورو ڪيو ۽ شايد هڪ ڀاڱو وڌيڪ هجري سنه 1021 کان 1030 هجري سنه جي واقعات بابت شامل ڪرڻ ٿي چاهيو، جيڪو شايد سندس ڏهون طبقو هجي. حالانڪ سندس موجوده ڪم ڏهن ڀاڱن ۾ آسانيءَ سان ورهائي سگهجي ٿو.

(ث) طريقي ڪار: هن تاريخ لکڻ وقت مير طاهر محمد کي ذهن ۾ فقط سنڌ جو لاڙ وارو حصو هجي، جتي سومرن ۽ سمن حڪومت ڪئي ۽ جتي ديول بندر ۽ ٺٽي جي خاص تاريخي حيثيت هئي. وڌيڪ ته هن ارغونن ۽ ترخونن جي دور حڪومت بابت لکڻ ٿي چاهيو. سندس خيال مطابق ته سندس کان اڳ ڪنهن به سومرن ۽ سمن جي تاريخ ڪا نه لکي آهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن لکي به آهي ته اها مڪاني زبان (هندي) ۾ آهي، جنهن جي کيس ڄاڻ نه آهي. جيتوڻيڪ ارغونن ۽ مغلن جي دور ۾ نثر ۽ نظم ڪتابي صورت ۾ ظاهر ٿيا، پر هن بابت ڪجهه به لکيل نه آهي، نه ته جيڪر ضروري اختصار ڪڍي معلومات ۾ فائدو رسي ها، تنهنڪري مير طاهر محمد جو هٿ ڪيل مواد لوڪ ڪٿائون، ٻڌل قصا ۽ ڪجهه عيني مشاهدن جي حوالن تي مبني آهي، جيڪو سمورو ڪم هنن صفحن تائين مشتمل آهي.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org