مير طاهر محمد جي لکڻ مان ظاهر آهي ته هن وٽ اڳ لکيل مواد جو
حوالو ڪونهي. هن کان اڳ هجري سن 613 ۾ علي ڪوفي جو
ترجمو ڪيل فتحنامو (چچنامو) هو، جنهن ۾ مسلمانن
کان اڳ جي راءَ ۽ برهمڻ بادشاهي جي دور جا حوالا
ڏنل آهن ۽ انهي ۾ عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ ۽ خاص ڪرڻ
خاص طرح ديبل بندر جو حوالو، جنهن کي مير طاهر
محمد ٺٽي سان ملائي منجهائي ڇڏيو آهي. مير محمد
معصوم پاڻ ”تاريخ سنڌ“ جيڪا اٽڪل 1000 هجري سنه ۽
ادراڪي بيگلاري پنهنجي بيگلارنامي هجري سنه 1017 ۾
واضح ۽ تفصيلي حوالا ڏنا آهن. پهريون ڪتاب 21 سال
۽ پويون ڪتاب 13 سال اڳ مير طاهر محمد جي لکيل
تاريخ کان اڳ جا لکيل آهن. وڌيڪ ٻيو ته انهن ٻنهي
ڪتابن ۾ ارغونن ۽ ترخونن جي حڪومت جي دور جا واضح
۽ تفصيلي احوال ڏنل آهن. جيڪڏهن مير طاهر محمد
سچيءَ دل سان لکيل دستاويزن جي ڳولها ڪري ها ته
کيس خبر پئجي وڃي ها.
هاڻي سوال ٿو اٿي ته آيا مير طاهر محمد کي واقعي
خبر هئي يا هن مير معصوم جي ”تاريخ سنڌ“ ۽ ادراڪي
جي بيگلارنامي کي خود استعمال ۾ آندو آهي. واقعاتي
شهادتون ٻڌائين ٿيون ته هن کي همعصرن جي ٻنهي
ڪتابن جي ڄاڻ هئي. مير طاهر محمد 25 سالن جي عمر
جو هو، جڏهن مير معصوم هجري سنه 1015 ۾ گذاري ويو.
هو مير معصوم جي علمي خدمتن کان واقف هو. هن پڻ هن
ڪتاب ۾ ”سسئي پنهون“ جي ڪهاڻيءَ جو حوالو ڏنو آهي،
جنهن جي تصديق مير معصوم ”حسن ناز“ جي نالي سان
ڪئي آهي. هن مير معصوم کي ”مرحوم و مغفور“ ادب
سان سڏيو آهي. جنهن مان سمجهجي ٿو ته کيس ذاتي طرح
سڃاڻندو هو. انهيءَ کان سواءِ شايد مير طاهر، مير
بزرگ پڻ مير معصوم کي به ذاتي طرح سڃاڻندو هو،
جنهن جو پڻ ذڪر ڪيل آهي. تنهنڪري اهو ممڪن نه ٿو
لڳي. مير معصوم جي لکيل تاريخ سنڌ جي کيس خبر نه
هجي. ساڳي طرح ادراڪي بيگلارنامو جنهن شاهه قاسم
خان (موت 1019) جي آتم ڪهاڻي آهي، جنهن جي مصنف کي
ڄاڻ آهي، ڇاڪاڻ ته هن شاهه قاسم خان پٽ عبدالقاسم
سلطان جي بغاوت تان تفصيل، جيڪا مرزا غازي بيگ جي
خلاف هئي جا ڏنا آهن. انهيءَ ساڳئي ڪتاب ۾ چنيسر
نامي جو پڻ ذڪر ڪيل آهي. انهيءَ پيار محبت جي
تصديق ادراڪيءَ ڪئي آهي ۽ ابو القاسم سلطان سان
منسوب ڪئي آهي.
انهيءَ ممڪنات جي جواب ۾ ائين به چئي سگهجي ٿو ته مير طاهر محمد
هڪ سنئون سڌو، سچار، ذهين ۽ ايماندار ماڻهو هو.
جيڪڏهن هو مير معصوم جي تاريخ بابت پنهنجي ڄاڻ
لڪائڻ چاهي ها ته هو هن جو ڪو به حوالو نه ڏئي ها
يا سندس ڪمن بابت ڪو به احوال نه ڏئي ها. مير
معصوم هن کان گهڻو اڳ ”حسن و ناز“ ڪتاب لکيو هو،
جيڪو شايد هجري سال 1002 کان اڳ هو. ان ڪري هن کي
ڪافي شهرت ملي هئي. مير طاهر محمد کي ڄاڻ هئي، پر
تاريخ هجري سال 1009 کان پوءِ مڪمل ٿي هئي ۽ کيس
ٻاهرين حالتن جي ڪافي عرصي تائين ڄاڻ نه پئي هجي.
ادراڪيءَ جو بيگارنامو جيتوڻيڪ تقريبن 1017 هجري ۾
لکيل آهي، پر معلوم ٿئي ٿو ته مصنف وٽ گهڻو عرصو
ائين پيو هو جو ان ۾ ڪيترن واقعن جا حوالا ڏنا ويا
آهن، جيڪي 1032 ۽ 1033 هجري سنه ۾ ٿيا هئا. يعني
هجري سنه 1030 کان بعد جا حوالا آهن: جڏهن مير
طاهر محمد هيءَ تاريخ لکي آهي. هو ادراڪيءَ جي ڪم
کان واقف ڪو نه هو. جيڪو هن مان ظاهر آهي ته هن
”چنيسر نامو“ ابو القاسم سلطان جو لکيو آهي، جيڪو
اصل ۾ ادراڪيءَ جو لکيل آهي. آخرين سندس ڪيل ڪم جي
صفحن جي خبرداري سان جاچ ڪرڻ تي ڏسجي ٿو ته مير
طاهر محمد، مير معصوم جي تاريخ سنڌ يا بيگلارنامي
مان ڪجهه به نه ورتو آهي. جيتوڻيڪ هن کي مٿين
ڪتابن جي کڻي ڄاڻ به هئي، تڏهن به هن انهيءَ کي
پاڻ استعمال نه ڪيو آهي.
ائين کڻي اعتبار ڪجي ته ڪنهن به هن کان اڳ ان موضوع تي ڪو نه
لکيو آهي ته مير طاهر محمد سڀئي حوالا زباني طور
جيڪي ملي سگهيا هٿ ڪري گڏ ڪيا آهن. ڪو به کيس
سومرن جي حڪومت جي دورن کان اڳ جا واقعا ٻڌائي ڪو
نه ٿي سگهيو، جيڪو ممڪن ڪو نه هو. ان ڪري هن ڪو به
احوال مسلمانن بابت يا سنڌ تي عراق جي حڪومت بعد
جو ڪو نه ڏنو آهي. سومرن ۽ سمن بابت ٿوريون ڪٿائون
لکيون آهن، جيڪي هن جهونن ماڻهن کان يا آکاڻيون
ٻڌائيندڙ ماڻهن کان هٿ ڪيون آهن. سنڌ جي اڳوڻي دور
جي حالتن جي مد نظر ڏسجي ٿو ته سنڌ اندر خاص قسم
جا چارڻ (شاعر ۽ ڀٽ) هئا، جيڪي پراڻن عشقي ۽
تاريخي روايتن کان باخبر هئا ۽ مير طاهر محمد پڻ
انهن جي ذهانت کي خراج تحسين ڏئي ٿو. اسين ان ڪري
ان راءِ جا آهيون ته هن لوڪ ماڻهن جي روايتي
احوالن کي مڪمل ۽ ٺيڪ پيش ڪيو آهي. هن فقط هر هڪ
جو ترجمو ڪيو آهي جيڪو هن کي هٿ ٿيو آهي، جنهن ۾
هن پنهنجي طرفان ڪجهه نه لکيو آهي، ان ڪري هن جون
سومرن ۽ سمن جي بابت ڏنل روايتون تصديق شده هجن.
سما حڪمرانن جي سترهين حاڪم ڄام تغلق جو نالو بعضي
غلط نالو ڄام تغرر ڄاڻايو آهي، ڄام نظام الدين عرف
ڄام نندو جيڪو سما حڪمرانن جو آخرين حاڪم هو (866
– 914 هجري بمطابق 1460 – 1508 عيسوي) بابت خاص
تاريخي احوال نه آهي سواءِ ان جي ته سندس دريا خان
ڏانهن اطلاع جيڪو مير معصوم جي لکيل تاريخ ۾ يا
ادراڪيءَ جي بيگلار ۾ يا لوڪ روايتون جيڪي هن وقت
تائين ملن ٿيون انهيءَ ساڳي ماڻهو بابت ڏنل تاريخي
احوالن سان ٺهڪي نه ٿو اچي.
ترغون ۽ ترخان جي حڪمرانن بابت ڳالهه پڻ مير طاهر محمد جي زباني
روايتن تي مبني آهي ۽ لکيل مواد تي ڪا نه آهي،
حالانڪ هن خاطري ڪرڻ بعد اهي احوال ڏنا آهن جيڪي
هڪ کان وڌيڪ ماڻهن کان تصديق ٿيل آهن. ان بابت
وڌيڪ هن جيڪو مرزا مظفر پٽ مرزا محمد باقي کان ٻڌو
ته مرزا محمد باقي جو ڪڇ ۾ رلڻ (سندس ڀاءُ مرزا
محمد صالح جي شڪست بعد) هن هيٺيون خاص احوال لکيو
آهي ته هن ترغون ۽ ترخان جي دور جا ڪيترا واقعا
جيڪي هن کي هٿ آيا آهن ڪيئن لکيا آهن.
”جيڪو به هن مسڪين خدمتگار هيستائين لکيو آهي يا جيڪو لکندو اهو
خدا شاهد آهي ته بار بار ٻڌڻ تي مبني آهي. لازمي
آهي ته جيستائين مصنف وري وري نه ٻڌندو تيستائين
اعتبار نه ڪندو جيڪو هن تاريخ ۾ لکيو ويو آهي ان
جي دوستن، انهن ماڻهن جي ڀاتين ۽ پوئين کان
(ترخونن ۽ ارغونن ٻنهي جي) کان چڱيءَ طرح خاطري
ڪئي وئي آهي. ڪنهن به احوال ۾ غلط بياني جي سچ کي
موڙي پيش ڪرڻ جي جوابداري خابرو جي آهي. ليکڪ جي
پنهنجي حيثيت انهن (ارغون – ترخون) بابت اها آهي
ته سندس ڏاڏو، پيءُ ۽ هو پاڻ ٻن شاهي خاندانن
ارغونن ۽ ترخونن وٽ ٽن پيڙهين تائين خدمتگار رهيا
۽ سندن زندگيءَ ۾ ساڻس رهيا ان ڪري مڪمل تفصيلن جي
خبر آهي. اهو ئي بنياد هو جنهن جي آڌار تي مصنف
تاليف ڪرڻ جي جرئت ڪئي آهي. پڙهندڙن کي پڻ گذارش
ڪئي آهي ته جيڪڏهن کين ٻيو خيال يا سٺو خيال ليکڪ
کان آهي ته اهي مهرباني ڪري صحيح نالي سان لکن.
اهو بيان ترخون جي شاهي گهراڻي بابت برابر آهي، پر اهو ارغون
شاهي گهراڻي بابت ڪري نه سگهيو آهي. مير طاهر محمد
جي شاهه بيگ ارغون جي سنڌ جي فتح ۽ بعد ۾ مرزا
شاهه حسن جي حڪومت بابت گهڻو احوال مشهور روايتن
تي مبني آهي سواءِ سندس ناني ۽ چاچن (وڏو عمر شاهه
۽ سندس پٽ) جي شهنشاهه همايون سان ملاقاتون بنسبت
وڌيڪ موثر آهن، جيڪي سندس خانداني احوال کيس معلوم
آهن. مرزا عيسيٰ ترخان جي حڪومت جو احوال به ٻڌل
ڳالهين تي مبني آهي سواءِ هڪ جي ته مرزا محمد باقي
جو رلڻ، جيڪو سڌو احوال مرزا مظفر پٽ مرزا باقي
کان مليو آهي.
مصنف مرزا محمد باقي جي بادشاهي جي واقعن جا تفصيل اکين ڏٺئي
شاهد جا ڏنل آهن، جن مان دريائي ارغون، آخوند جمال
الدين ۽ سندس والد سيد حسن جا نالا ڏنل آهن. مرزا
پائنده محمد جي بادشاهي جا واقعا جڏهن هن جو پٽ
مرزا جاني محمد حڪمران هو جا تفصيل مصنف جي پيءَ
سيد حسن جي احوال تي مبني آهن. مرزا غازي بيگ جي
حڪومت جا احوال گهڻو ڪري مصنف جا پنهنجا آهن جيڪا
هلت لازمي طرح خاص هوندي ۽ ان ۾ سمورو (احوال)
ناممڪن آهي.
(ٺ) هن ڪم جي حيثيت: جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي، هن جي ڪم ۾ ظاهر
آهي ته ڪي اوڻايون ٽن سببن ڪري آهن: مصنف اڳ موجود
مواد جو مطالعو نه ڪيو. هن سومرن ۽ سمن جي اڳ واري
دور جي لوڪ روايتن بابت مختلف معتبرن وٽان تصديق
نه ڪئي. گهڻو ڪري آخرين طرح سڌارو ڪري مڪمل نه
ڪيو، ان جي باجود هن جي لکت جي پنهنجي خوبي آهي ۽
ڪيترو اصل مواد موجود آهي جيڪو ٻئي ڪنهن هنڌ لکيل
ڪو نه آهي.
فتح نامه سنڌ (چچنامه) تاريخ سنڌ (تاريخ معصومي) ۽
بيگلارنامي، کان پوءِ تاريخ طاهري سنڌ جي تاريخن ۾
چوٿون نمبر حيثيت رکي ٿي. فتح نامو عربن جي سنڌ
فتح بابت مڪمل احوال ڏئي ٿو جيڪو 711 عيسوي صدي
تائين آهي ۽ مختصر احوال مڪاني بادشاهن جو جيڪو ان
وقت کان اڳ هو ڏنل آهي. مير معصوم تاريخ سنڌ ۾ فتح
نامي کان اڳ جو احوال ڏنو آهي ۽ ويندي هجري سنه
1000 تائين ڏنو آهي جڏهن ترخان حڪمران مرزا جاني
بيگ کي مرزا عبدالرحمان خان خانا شڪست ڏني ۽ سنڌ
مغل شهنشاهن جو حصو بنيو. تاريخ طاهري هجري سنه
1030 ۾ تاليف ٿي جنهن ۾ مدلل تفصيل اڳلي تاريخ جا
ڏنل آهن، پر گهڻا ۽ وڌيڪ تفصيل ارغونن جا (927 –
962 هجري بمطابق 1520 – 1555 عيسوي سنه تائين ۽
ترخان 963 – 1000 هجري بمطابق 1556 – 1592 عيسوي)
تائين ڏنل آهن. مير طاهر محمد جي خاص لکتون
پراڻيون تاريخي منظر 1000 هجري کان پوءِ جا آهن
جتي مير معصوم پڄاڻي ڪئي آهي، جنهن کي هن هجري سنه
1021 تائين آندو آهي. جڏهن مرزا غازي بيگ انتقال
ڪيو آهي، اهڙيءَ طرح هن جو ڪم تقريبن 11 هجري صدي
جي پهرين چوٿائي تائين آهي، جنهن دوران مرزا جاني
بيگ ۽ سندس پٽ مرزا غازي بيگ سنڌ تي اڪبر ۽
جهانگير جي طرفان جاگيردار ٿي ڪري حڪومت ڪئي.
تاريخ طاهري جي مقابلي وارو ٻيو بيگلارنامو آهي
جيڪو ادراڪي بيگلاري (1017 – 1033 هجري سنه) جو
لکيل آهي جيڪو پڻ ارغون ۽ ترخان جي دور بابت آهي،
پر ان جي مرڪزي حيثيت سوانح عمري آهي جيڪا مصنف
پنهنجي سرپرست شاهه قاسم خان ارغون (1019 هجري
بمطابق 1610 عيسوي) جي ڪيل ڪمن بابت ترخان جي دور
جي لکي آهي. بيگلارنامي ۾ اندروني معاملات بابت
ٿوري روشني وڌل آهي، خاص ڪري مرزا محمد باقي جي
بادشاهي جا واقعا جيڪي تاريخ طاهري ۾ ملن ڪو نه
ٿا.
جيستائين مير طاهر محمد جي ڪم جو واسطو آهي هي لوڪ ڪٿائون ماڻهن
کان ٻڌل ۽ اکين ڏٺل شاهدن جا بيان ڪيل احوال آهن
جيڪي اصلوڪي حيثيت رکن ٿا. سومرن ۽ سمن بابت تفصيل
اڳ جي واقعن تي مبني روايتن متعلق آهن جيڪي
دلوراءِ ۽ اولياءُ ڇٽو عمراڻي ۽ مشهور لوڪ ڪهاڻيون
”بديع الجمال“، ”عمر مارئي“، ”سسئي پنهون“، ”ليلا
چنيسر“ ۽ مشهور لوڪ ڪٿا هيرو لاکو ڦلاڻي ۽ مشهور
جنگنامي دودو سومرو ۽ سلطان علاءُ الدين جو تفصيل
ڏنل آهي، انهيءَ لوڪ ڪهاڻين جي ڪري سومرن جي طاقت
۾ اچڻ يا سمن ۽ سومرن جي حڪومت ۾ اچڻ بابت جهڳڙو
سومرن جي اقتصادي بربادي جا سبب ۽ سمن جي سنڌ مان
ڪڇ ۾ آمد ۽ اتي حڪومت تي قبضو ڄمائڻ بابت تاريخي
بي خبري جا حادثات آهن جيڪي تاريخ کان علحده آهن.
ان جي ابتڙ سومرن ۽ سمن جي دور بابت لوڪ ڪهاڻين جو زور ۽ ترخان
شاهي گهراڻي جي پوئين دور جا احوال مير طاهر محمد
جا معتبر ۽ تصديق ٿيل حوالا آهن.
ارغون شاهي گهراڻي بابت حوالا مير طاهر محمد جا ڪجهه مشهور
تاريخي روايتن تي ۽ ڪجهه ٻڌل احوالن تي مبني آهن،
پر همايون جي سنڌ ۾ آمد بابت تفصيل ۽ شهنشاهه جا
مصنف جي نالي ڄام عمر شاهه درٻيلي جي حاڪم سان
گڏجاڻين جا تفصيل شايد تصديق ٿيل خانداني حوالا
آهن، خاص طرح شهنشاهه همايون جي حاڪم عمر شاهه سان
شرطي مدد وارو دستاويز تمام قيمتي آهي، جيڪو فقط
هن ۾ ئي يادگار آهي.
ترخان جي بادشاهي بابت مير طاهر محمد جا حوالا
همعصر عيني شاهدن تي ۽ سندس ذاتي تجربي ۽ مشاهدي
تي مبني آهن. اهو هن جو خاص ڪم آهي، جيڪو تقريبن
هن جي جملي ڪم جو ٻه ڀاڱي ٽيون حصو آهي. ترخانن جي
55 ورهين جي دور کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. پهريون
38 سال (962 – 1000 هجري سنه) خود مختياري واري
حڪومت ۽ پويون 21 سالن وارو جڏهن مرزا جاني بيگ ۽
سندس پٽ مرزا غازي بيگ جنهن ٺٽي کي ورهايو، (جنهن
۾ چار حصا ٺٽي جي سرڪاري، چکي، نصرپور ۽ چڪرهالا)
جو هو، جي مرڪزي مغل حڪومت اڪبر ۽ جهانگير جي هٿ
هيٺ جاگير هئا. مير معصوم پڻ پوين 30 سالن جي دور
جو احوال تاريخ ۾ ڏنو آهي. جيڪو مير طاهر محمد جي
انهيءَ وقت جي حوالن سان ٺهڪي ٿو، پر هو سنڌ جي
حوالن کي مٿاڇرو پيش ڪري ٿو ۽ خاص طرح دهليءَ جي
نقطه نگاهه کان ڏنل آهي. مير طاهر محمد مڪاني
تاريخ لکي آهي. اندروني مدنظر تي لکي آهي، جنهن ۾
اندروني احوال تفصيلي ڏنل آهن، جيڪي مير معصوم جي
”تاريخ سنڌ“ ۾ نٿا ملن. مير طاهر محمد جا هن دور
بابت گهڻا واقعا ۽ احوال تفصيلي ڏنل آهن، جيڪي
طروات ڏيندڙ آهن.
جيستائين پوئن وقت 21 سالن جي دور جو واسطو آهي، جڏهن مرزا جاني
بيگ ۽ مرزا غازي بيگ جن ٺٽي جا جاگيردار هئا، مير
طاهر محمد نهايت تفصلي احوال ڏنا آهن، جنهن ڪري
اهو پوءِ جي ليکڪن لاءِ اصلي (تاريخ) جو ذريعو
ٿيو. ”ترخان نامه“ ۽ ”تحفته الڪرام“ جي مصنفن
انهيءَ دور جي واقعن جو تفصيل اکر به اکر هن کان
(مير طاهر محمد) کان ورتو آهي.
3 –
هي ڇاپو
تاريخ طاهري جي لکڻي بابت گذريل صديءَ جي وچ ڌاري سر هينري اليٽ
چيو آهي ته ”هي ڪم سنڌ کان ٻاهر اڻلڀ آهي ۽ هتي
بنا ڪنهن گهڻي تڪليف جي ملي ٿو. خيرپور جي اميرن ۽
ٺٽي جي سيدن وٽ ڪاپي آهي. مون کي هندستان ۾ ٻي ڪٿي
هٿ نه آئي آهي ۽ مون کي يقين آهي ته يورپ ۾ به
ڪاپي ڪا نه آهي.“ هاڻي حالت گهڻو ڪري برعڪس آهي ۽
ملڪ کان ٻاهر هڪ کان وڌيڪ لائبريرين مان ملي
وينديون ۽ سنڌ ۾ ڪجهه ڪاپيون موجود آهن.
هن ڇاپي لاءِ جڏهن تاريخ طاهري جي قلمي ڪتاب لاءِ جاچ ڪرائي سين
ته سنڌ مان فقط ٽي ڪاپيون لڀيون، جنهن مان پراڻي
هجري سنه 1223 (عيسوي سنه 1808) ۾ نقل ڪيل هئي،
جيڪا رايل لائبريري سنڌ جي امير حيدرآباد واري وٽ
رکيل هئي. گهٽ ۾ گهٽ ست ڪاپيون سنڌ کان ٻاهر آهن،
جنهن مان هڪ رائل رامپور لائبريري هندستان ۾ پيل
آهي (ڪئٽلاگ ۾ داخلا فارسي تاريخ نمبر 104 آهي)،
جيڪا سڀ کان اوائلي آهي. اها سنه 1121 هجري بمطابق
1796 هجري ۾ نقل ڪيل آهي، جيڪو نقل غلام حسين سبز
پوش جو آهي، ظاهر آهي ته اهو ٺٽي ۾ ڪيل آهي،
حالانڪ ڪتاب تي شهر جو نالو لکيل نه آهي. انهيءَ
لائبريري ۾ اڃا ٻه وڌيڪ ڪاپيون آهن، جن مان هڪ جي
داخلا ”فارسي تاريخ نمبر 520“ آهي، جيڪا محمد
مجاور درگاهه جو نقل، جمادالثاني هجري سنه 1245
بمطابق 1829 ۾ ڪيل آهي ۽ ٻئي جي داخلا ”فارسي
تاريخ نمبر 104“ آهي، جيڪا حاجي محمد اسرائيل جي
آهي، جنهن جو هجري سنه 1340 بمطابق 1922ع آهي. هڪ
ڪاپي بانڪي پور لائبريري (پٽنا هندستان) ۾ رکيل
آهي، جيڪا هجري سنه 1223 ۾ نقل ٿيل آهي ۽ ساڳيو
سال آهي، جڏهن امير حيدرآباد جي رائل لائبريري ۾
نقل ٿيل آهي. ٽي ڪاپيون (ڇاپو 23 – 888، ڇاپو 23 –
414 ۽ 1685) سڀئي نقل 19 – صدي جا آهن، جيڪي
برطانوي عجائب گهر ۾ موجود آهن.
رامپور ۽ بانڪي پور وارا قلعي نسخا گهڻي اهميت وارا آهن، پر
پنهنجي پهچ کان ٻاهر رهيا آهن. جيئن ته سنڌي ادبي
بورڊ پاران ڇپائي جي ڪم ۾ جلدي هئڻ ڪري فقط هيٺيان
ٻه مڪاني قلمي ڪتاب استعمال ڪري سگهيو آهيان.
(الف) هڪ ڪاپي جيڪا امير حيدرآباد جي رائل لائبريري ۾ موجود
آهي، جيڪا مير نور محمد خان ۽ سندس ڀائرن جي قبضي
۾ آهي. جيڪا مڪمل بنا ڪنهن خال جي 138 ورقن ۾ (2 /
1 – 3 + 7، 16 سٽن ۾) ۽ سٺن اکرن ۾ لکيل آهي. اهو
نقل ٽالپر حڪمران مير مراد علي خان (عيسوي 1833 ۾
انتقال ڪيو) جي حڪم تي، محمد خليل پٽ مرحوم قاضي
محمد (عيسوي 1808 ۾ انتقال ڪيو) 16 صفر 1223 هجري
سنه ۾ مڪمل ڪيو. ان جو بنياد اصلي قلمي ڪتاب تي
آهي ۽ صفحي جي حاشي تي ”ن“ جي نشاني آهي.
(ب) سنڌي ادبي بورڊ وٽ موجوده ڪاپي به بنا ڪنهن خال جي مڪمل
ڪاپي آهي. اها 184 صفحن تي (3
X
6 – 12 سٽن تي) مشتمل آهي ۽ سٺن اکرن ۾ لکيل آهي،
ڪتاب جي تاليف جي تاريخ ڏنل نه آهي، پر سمجهجي ٿو
ته 19 صديءَ ۾ نقل ٿيل آهي. ڪتاب جي صفحي جي حاشي
تي ”سن“ جي نشاني آهي.
هن ڇاپي منتهي جي ڇپائي ڪراچيءَ ۾ ٿي هئي، تنهن لاءِ ڇپائيندڙ
کي هن مسودي کي آخر ۾ درست ڪرڻ جو موقعو نه مليو.
جنهن جي ڪري ڪي اوڻايون رهيل آهن، جنهن جو ازالو
آخر ۾ ڏنل ڀلنامي ۾ ڏيکاريل آهي. چونڊ شرحون
(فارسي ۾) آهن، جنهن ۾ ڪجهه نقطن جون سمجهاڻيون
ڏنل آهن، جنهن ڪري ڪجهه جڳهين ۽ ماڻهن جي نالن جي
سڃاڻپ به آساني سان ٿئي ٿي.
ڪيترين اوڻاين جي باوجود هي شمارو فائديمند آهي، هن ۾ تاريخ
طاهري جو مڪمل متن آهي، جيڪو پهريون ڀيرو ڇپيو
آهي. سنڌ جي تاريخ بابت سيد جمال پهريون شخص هو
جنهن پنهنجي ڪتاب ترخان نامي (هجري سنه 1068
بمطابق سنه 1654 عيسوي) ۾ تاريخ طاهري جو ذڪر ڪيو
آهي. ان بعد مير علي شير قانع ”مقالات شعرا“ ۾
(هجري 1174 بمطابق عيسوي 1760) ۾ حوالو ڏنو آهي ۽
بعد ۾ چڱيءَ طرح ”تحفته الڪرام“ (هجري 1181 بمطابق
68 – 1767 عيسوي) ۾ استعمال ڪيو آهي. ٻاهرين عالمن
۽ فاضلن مان سر هينري اليٽ پهريون عالم هو جنهن
ڌيان ڏنو ۽ انهيءَ جا اختصار ترجما ڪري پنهنجي
ڪتاب هندستان جي تاريخ جي پهرين ڀاڱي ۾ شامل ڪيا
آهن، جيڪو پهريون ذريعو اصلي ڄاڻ جو آهي. سال
1925ع ۾ مرحوم سنڌي فاضل عالم محمد صديق ميمڻ
حيدرآباد واري تاريخ طاهري مان چونڊ ٽڪرا (حصا)
سنڌيءَ ۾ ڇپايا، پر اهي چونڊ ترجما اصل حالت ۾ هن
مهل تائين نظر مان نه گذريا آهن.
هن ڇاپي جي تياري لاءِ مخدوم امير احمد پرنسپال اورينٽل ڪاليج
حيدرآباد جي مدد جو شڪر گذار ۽ ممنوع آهيان هن
قلمي ڪتاب جي پڙهڻ، ڀلنامي جي ڇاپي جي مسودي جي
درستي ۾ مدد ڪئي. مان پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ
خان سنڌ يونيورسٽي ۾ اردو شعبي جو سربراهه ۽ صلاح
مشوري لاءِ خاص طرح مير طاهر محمد جي قبر تان مليل
ڪتبه ۽ تاريخي نقشن کي کولي پڙهڻ ۾ مدد ڏني.
سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد
اين
. اي . بلوچ
11 ڊسمبر 1964ع
مصنف ۽ سندس ڪتاب بابت
سيد طاهر محمد ولد سيد ميان حسن سيدن جي خاندان مان هو، جيڪي
صحرائي، آسترآبادي، پوءِ باغائي ٺٽوي سڏجن ٿا،
سندس ولادت 990 هجري ڌاري ٺٽي ۾ ٿي هئي. سندس پيءَ
ميان حسن وڏي ڪمال وارو بيان ڪيو وڃي ٿو. پاڻ ٺٽي
جي حاڪم مرزا محمد باقي ترخان (973 – 979 هه) جي
درٻارين مان هو. سندس پٽ طاهر محمد، مرزا غازي بيگ
”وقاري“ (ولد مرزا جاني بيگ ولد مرزا پائنده محمد
بيگ ولد مرزا محمد باقي) وٽ ملازم هو. پنجويهن
ورهين جي ڄمار ۾ جڏهن (1015 هه) مرزا غازي بيگ
شاهي فرمان موجب نواب شاهه بيگ خان ترخان جي مدد
لاءِ قنڌار جي مهم تي روانو ٿيو ته هيءَ ان کان
موڪلائي ٺٽي آيو، جتي مولانا اسحاق بکري ۽ سيد
ظهير الدين (اول) شڪر الاهي شيرازي وٽ انوري ۽
خاقائيءَ جا قصيدا پڙهي ٿوري عرصي ۾ شعر جي فن ۾
ماهر ٿيو ۽ ”نسياني“ تخلص اختيار ڪيائين، جنهنڪري
مير طاهر محمد نسياني ٺٽوي مشهور آهي.
ان کان پوءِ هو پاڻ وڃي مرزا شاهه (محمد) بيگ عادل خان ولد نواب
شاهه بيگ خان ترخان جو مصاحب ٿيو. سندس چوڻ آهي ته
هو 1021 کان 1030 هه تائين ترخان گهراڻي جي تاريخ
لکڻ لاءِ سوچيندو رهيو. آخرڪار مرزا شاهه محمد بيگ
عادل خان جي ترغيب تي ڪتاب جو مسودو تيار ڪري
(1030 هه ۾)، پنهنجي مربي اڳيان لاهور ۾ حاضر ڪري
کيس التماس ڪيائين: جيڪڏهن حڪم ٿئي ته هي ناقص
مسودو درست ڪرڻ ۾ اچي. انهيءَ خيال سان لاهور کان
ملتان تائين ساڻس گڏيو آيو. رستي ۾ ڪٿي رات جو
ڪتاب جي ڳالهه نڪتي، ته مسودي جي مڪمل ڪرڻ جو حڪم
ڏنائين. نيٺ ڪيترن سالن ۽ مهينن جي محنت کان پوءِ
نئين سر مسودو ترتيب ڏئي وٽس پيش ڪيو ويو، ته خدا
جي فضل سان ڪيترين گهٽ وڌائين جي باوجود منظور
فرمائي ان کي پنهنجي خاص اصلاح سان زينت بخشيائين.
جڏهن پاڻ وري لاهور روانو ٿيڻ لڳو، ته مولف وٽائنس
موڪلائي ٺٽي هليو آيو ۽ جيڪو مسودو پنهنجي محسن وٽ
پيش ڪيو هئائين، سو سندس اجازت سان واپس وٺي، ان
کي ٻيهر بياض تي لکيائين. انهيءَ اميد سان ته وري
جڏهن اهو (مرزا شاهه محمد بيگ عادل خان) وٽ پيش
ڪيو ويندو ته ضرور قبول پوندو. (ص 23).
گمان آهي ته مولف تجويز ڪيل ترتيب کي تڪميل تي نه پهچايو هو. يا
هو نسخو ئي هن وٽان وڃائجي ويو جيئن (ص 24) تي
ٻڌائي ٿو ته هي نسخو ڏهن طبقن تي مشتمل آهي پر متن
۾ صرف پنجن طبقن جي نشاندهي ڪري ٿو. ان سان گڏ سن
۽ واقعا به غلط لکجي ويا آهن.
مولف جو سڄو ڀروسو ٻڌل سُڌل ڳالهين تي وڌيڪ هو جن
کي ڪنهن به صورت ۾ صحيح تصور ڪري نه ٿو سگهجي،
البت اهي روايتون جيڪي اکين ڏٺين شاهدين سان
لاڳاپا رکن ٿيون، خاص ڪري اهي روايتون، جن جو تعلق
مرزا محمد باقيءَ جي دور سان آهي، نهايت اهم
سرمايي جي حيثيت رکن ٿيون، ڇاڪاڻ ته اهي مولف کان
سواءِ سندس ڪنهن به معاصر هيڪانديون نه ڪيون آهن.
ساڳيءَ طرح مرزا غازي بيگ جي حڪومت وارو دور به
پاڻ اکين سان ڏسي، ان جا اهم واقعا تفصيل سان بيان
ڪري چڪو آهي. |