23 April, 2011

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تاريخ طاهري

باب: --

صفحو:6   

بادشاهه کي عدل ڪرڻ گهرجي، جئن ملڪ آباد ٿئي،
خدا ڪري شال ظالم حاڪم ملڪ کان پراهون هجي.
 

بادشاهه کي اهڙو عادل هئڻ کپي، جو ان جي عدل سان،
ظالمن جي بربادي ٿئي ۽ مظلوم سدائين آباد رهن.
 

جنهن جي ڏينهن لاءِ برات واري رات جي گهرج ناهي،
تنهن جا ڏينهن ۽ راتيون سج چنڊ هوندي به اونداها آهن.
 

جيڪو ان کي پنهنجي ساهه کان ويجهو نه ٿو سمجهي،
سو ڪيڏو به چڱو هجي، ته به کانئس ڪوهين ڏور رهي ٿو.
 

مون به اهڙن ڀلارن، دين جي بزرگن، سچارن، سخن فهم ۽ سخندانن وٽان، مٿي ڄاڻايل ڄمار ۾، هڪ سال جي عرصي اندر تعليم جي تحصيل ڪئي ۽ لکڻ پڙهڻ لائق ٿيس، پر افسوس جو اهو صاحب فاضل، اهل نواز ۽ حاتم همت (مرزا غازي) دارالفنا مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿي ويو، هن خادم جنهن جلد آئين جي خدمت جي شوق ۾ علم جي فضيلت حاصل ڪئي، سو (16) قضا الاهي گذر ڪري ويو، پر چون ٿا ته جنهن رات هن هي جهان ڇڏيو، ماڻهن جي وات اها وائي هئي، ته سندس موت قدرتي طرح نه پر زهر ملڻ سبب ٿيو. اهو زهر کيس پنهنجي خانداني خادمن * مان ئي ڪن نمڪ حرامن ڏئي، پاڻ تي بدناميءَ جو ٽڪو لاتو هو. انهيءَ سچي بيان جي بنا تي ڪي شعر سندس وفات بابت ادا ٿيا آهن:

 

افتخار آل ترخان ميرزا غازي ڪ خلق

خواند اورا آفتاب آبر ڪف دّرياه دلڪش
 

از خرد مندي جهان را داد و داد بُرد

بهر تحويل زبان تحصيل گشته حاصلش
 

ڪرد تنخواه آنچه تحويل قدر بوده بر او

چون قضا افگند پاي زندگاني دربگش
 

زهر در ڪامش غلامان ريختند از بهر آن

تا بگيرند جاي او آيند اندر منزلش
 

سال تاريخ وفاتش خواستم گفتا خرد

برڪشيدند ڪينه دادند زهر قاتلش
 

(1021 هه) *

*  ڏسو حواشي ۽ تعليقات 

*  ڏسو حواشي ۽ تعليقات  

ترجمو:

مرزا غازي جيڪو ترخان گهراڻي جو نڪ هو،

تنهن کي هر ڪو آبر ڪف آفتاب ۽ درياهه دل سڏي ٿو.

هن دانائيءَ سان دنيا کي داد ڏنو ۽ داد مليس،

جنهن جي آس ڪيائين، سو کيس هڪدم حاصل ٿيا.

جنهن جي جهڙي حيثيت هئي، ان کي اوترو نوازيائين،

ايستائين جو قضا کيس ڌرتيءَ جي گود ۾ سُمهاريو.

هن کي پنهنجي چاڪرن ان ڪري زهر ڏنو جو،

سندن خيال هو ته ائين ڪرڻ سان هن جي جاءِ والاريندا.

هن جي وفات جي تاريخ جو سال گهريم ته عقل چيو:

کيس قاتل زهر ڏئي، نمڪ حرامن پنهنجو ساڙ پورو ڪيو.

 

معنائن جي لال ڪنوار کي سينگارڻ واري طبيعت، پنهنجي اقبال آثار جي ارمغانيءَ لاءِ تڪميل تي پهچي تيار ٿي، انهيءَ ابد سان  لائون لهندڙ ڳڀرو ۽ ڳاڙهي گهوٽ کي پنهنجي مسيح صفت قلم سان خضر وانگي قيامت جي ڏينهن تائين سدا حيات بڻائي ڇڏيندي. اهو سورهيه جيڪو درماندن جي دستگيري ڪندڙ ۽ پنهنجي طبقي جو سورمو هو پر ڪم ظرف زماني جي ستم ظريقيءَ کان حڪمرانيءَ واري مسند ڇڏي وڃي پنهنجي مالڪ سان مليو آهي، (17)

 

قلم جي امرت سان جيڪو جيئرو رهيو، سو ڪڏهن
مرڻ وارو ناهي، اهو ئي شخص جيئري مئل ليکيو
ويندو، جنهن لاءِ ڪجهه به نه لکيو ويو هجي،
 

اچ ته اي نسياني! پنهنجي حياتي بخشيندڙ سخن سان عادل خان جهڙن ٺٽي، ديبل بندر ۽ ساموئي ننگر * جي گذاري ويل سورمن جي سار لهجي، جيڪي ارغون، ترخان گهراڻن مان هئا، جن مان اٺن لاکڻين هستين پورا پنجانوي سال (927 – 1022 هه) هڪ ٻئي پٺيان حڪومت هلائي ۽ اڄ انهن مان ڪو به باقي نه رهيو آهي. خدا جي حڪم سان جيڪو ارڏن جي مٿي مان هوا ڪڍي، کين اهڙيءَ ريت تخت تان لاهي تختي ڀيڙو ڪري ٿو، جو ڄڻ ته هئا ئي ڪين! بيشڪ جيڪو ماءُ جي پيٽ ۽ پيءُ جي پٺ مان ٻاهر اچي ٿو سو موت جي وِههُ چکڻ کان بچي نه ٿو سگهي. جيڪو به هن پراڻي سراءِ ۾ جا بنا خار جي گل نه ٿي رکي ۽ جنهن سواءِ خزان جي بهار نه ڏٺو آهي، اچي ٿو ۽ ان جي ٿڻن مان ٿڃ ٿو چوسي، تنهن جي رت وهائڻ مان کيس ڪير ٿو جهلي پلي سگهي! هيءَ ماءُ جيڪا بي مهر ۽ اولاد خوار آهي، تنهن ڪنهن کي کير پياري وري ان جو رت نه پيتو آهي! اهو ڪير ٿي سگهي ٿو، جنهن سندس ٿڃ ڌائي پاڻ نه ڪهايو هجي! هن جي عادت ئي اها آهي ته جنهن کي پالي تاتي، تنهن کي ئي جان کان بيجان ڪري، جيستائين هن جي پيڙهه پختي آهي (18) ڪو به هن وٽان سلامت نه لنگهي سگهندو ۽ اها ڳالهه ڏاڍي آڻائي پئي لڳي.

تون جيڪڏهن عقل وارو آهين، ته هن ڪلراٺي ٻنيءَ مان ڪنهن مٺي ميوي جي اميد نه رک. هي اهو دڪان آهي، جتي ماکيءَ جي طلب بيڪار ليکجي ٿي، پر جي تون هتي هلي آيو آهين، ته پنهنجو دامن گناهن جي ڪنڊن ۽ ڪوڙن مدعين کان سلامت رکي، ائين منزل مقصود تائين (موجودات جي وعده گاهه آهي) پهچڻ جي ڪر، جو توکي پڇاڙيءَ شرمسار نه ٿيڻو پوي. ٻئي پاسي توکي هن لا حاصل دنيا مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. تون ان جي هئڻ تي

*  ڏسو حواشي ۽ تعليقات.

جيڪا رڳو ڪِن ڏينهن  تائين آهي، ڪو ڀروسو نه رک، نه ته توکي خوار خراب ٿيڻو پوندو. هن ڪرندڙ ڪوٽ واري سراءِ تي جيڪي آسرا اڏيا اٿئي، تن تان اهو کڻ، ڇو ته هيءَ تنهنجي ڪم جي نه آهي، انهيءَ شيءِ جي آڀل ئي نه وٺ، جيڪا اڄ نه سڀان جُهري ۽ ڀُري ويندي.

 

جيڪو هن جهان ۾ آيو آهي،

هفتي کان وڌيڪ هتي نه رهندو،

پراڻي سراءِ ۾ ڪنهن کي به پناهه نه ملي،

ڀل ته محفلون مچاءِ ۽ محل بڻاءِ.

جڏهن چور تو ڏانهن هٿ وڌايو،

ته تو وٽ ڪا به موڙي نه رهندي.  

جيئن توکي نفعي نقصان جو چٺو مليو،

تيئن تو کي سڀ ڪجهه معلوم ٿي ويندو.

 

سبحان الله! انسانيت، اهليت، شجاعت ۽ سخاوت جي اهڙي خاندان مان، جنهن کي اقبال ۽ دولت جي آڌار تي هر طرح جي نيڪ ناميءَ  جو لحاظ هو، ڪو به هن جهان ۾ نه رهيو، جو ڪنهن عالم، فاضل، سخندان ۽ سخن فهم کي هٿ ڪري، انهيءَ سخن سنجيءَ سان، جا جڳ جي جهريلن لاءِ ڪائنات جو درجو رکي ٿي، زنده ڪري ايامن تائين عالم آشڪار بڻائي ڇڏيا ها.

هي فقير (19) پورا نو ورهيه (1021 هه کان 1030 هه) انهيءَ جاکوڙ ۾ هو، ته ڪو (19) اهڙو ماڻهو ملي وڃي جيڪو هن خير جي ڪم ۾ مون خاڪسار جو ٻانهن ٻيلي ٿي ڪري اهل دين بڻجي چڱن جو نالو ۽ پنهنجو مقصد ڌيان ۾ رکي، انهن سورمن جو احوال قلمبند ڪرڻ ۽ مددگار ٿئي، جيڪي سورهيائي جا اهي ڪارناما سرانجام ڏئي ويا آهن، جن کان ڪو به واقف ناهي.

خدا وند ڪريم هن عاقل، فاضل * ۽ عامل کي، ٻنهي جهانن ۾ ڪامياب ۽ ڪامران بڻائي، جنهن هن بندي کي محض انهيءَ لاءِ پنهنجي نوازش سان (جيڪا ڀوتار پنهنجي تابعدارن تي ڪندا آهن) اها فرمائش ڪئي، ته ٺٽي جي تاريخ لکي پوري ڪر! خدا ڪندو ته اتان ئي تنهنجي من جون مرادون پوريون ٿينديون. جيئن ته پاڻ قول جو ڌڻي هو، تنهنڪري سندس زبان مان نڪتل اکر مالڪ در قبول پيا، بلڪ بعض اوقات مون جڏهن انهن مُلڪ جي مالڪن جو ذڪر دل وندرائڻ جي خيال سان سندس مجلس ۾ ٿي شروع ڪيو، ته پاڻ هن زرخريد غلام کان پڇا پئي ڪيائين، ته فلاڻي ڳالهه ڪيئن آهي؟ جڏهن مون اها ڳالهه کيس پيرائتي پئي ٻڌائي ۽ دل سان تي لڳس ته خوش ٿي ٻين کي بيان ڪري ٿي ٻڌايائين، ته هن (نسياني) اسان وٽ رهي ارغونن، ترخانن جي تاريخ ترتيب ڏني آهي. آءٌ سندس نمڪ حلاليءَ جو سُنهن کڻي ٿو چوان، ته مون انهيءَ اقبال جي صاحب جي اهڙي ذره نوازي ڏسي، هيءَ تاريخ قلمبند ڪئي آهي ٻي صورت ۾ ٻي ڪا به نظم نثر ۽ تصنيف ڪا نه ڪئي هئي.

جنهن وقت (مرزا شاهه محمد بيگ عادل خان) منهنجي ايڏي قدرداني ڪئي (جو پاڻ وڏي فخر سان هن ڪتاب جي تياريءَ بابت ٻين کي ٻڌائيندو هو) ته خوشيءَ مان منهنجي ڏاڙهيءَ جا وار اُڀا ٿي ويا ٿي – ڪنهن ڏينهن هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو (20) لاهور پهچي آصف خان جي ڀاءُ مُلا * جي حويليءَ ۾ ملاخظي لاءِ کيس پيش ڪيم، ته مجلس ۾ موجود ڪن بي محابي دوستن کي اها ڳالهه نه وڻي، سو منهنجي دل شڪني ڪرڻ لڳا، پر رب پاڪ انهن صاحبن کي سندن انصاف جي نظر تي دين دنيا ۾ وڏو اجر عطا ڪري، جيڪي هر حالت ۾ انصاف کي هٿان وڃڻ نه ٿا ڏين، نه وري هنن اهڙو ڪَسو ڪم ڪيو آهي. سو

*  ڏسو حواشي ۽ تعليقات.

*  ڏسو حواشي ۽ تعليقات.

پاڻ جڏهن منهنجي ڪتاب مان ڪي عبارتون ٻڌڻ فرمايائين، ته داد ڏيندي مون تي هيڪاري وڌيڪ مهربان ٿيو، جنهن کان منهنجي فضيلتن ۾ واڌارو ٿيو.

 

قدر وارن جو مان ُ هر حالت ۾ مٿاهون آهي،
موتين جو پتو انهن کي ئي پوندو جيڪي پارکو آهن.
 

جنهن شخص کي چڱي مَٺي جي پروڙ ڪانهي،
تنهن مان چڱائيءَ جي اميد رکڻ اجائي ٿيندي.
 

اڃا اهو معاملو ايستائين هو، ته بي همت آسمان هن بندي کي پنهنجي مالڪ کان ائين جدا ڪيو جيئن ڪنهن جو ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪيو ويندو آهي، يعني پاڻ لاهور کان ڪانگڙي روانو ٿي ويو، جتي کيس ملڪي مهم سر انجام ڏيڻي هئي. ان ڪري مون کي واپس پنهنجي اباڻي مسڪن ”در ٻيلي“ ۾ اچڻو پيو، جو ريل وارن بزرگن جو ماڳ آهي. انهيءَ وچ ۾ مون کان اهو ڪو نه پُڳو، ته هن اڌوري ڪم کي پورو ڪري پاڻ بار لاهي ڇڏيان ها، ان ڪري اها ڳالهه اتي ئي رهجي وئي.

وري هڪ سال جي عرصي کان پوءِ جڏهن کيس 1030 هه ڌاري بادشاهه وٽان ڪانگڙي کان قنڌار وڃڻ جو حڪم مليو، ته لاهور وڃي هيءُ ڪتاب سندس خدمت ۾ پيش ڪيم، (21) مون نه ٿي چاهيو، ته اهڙي جوهر شناس جي قدردانيءَ کان محروم رهجي وڃان. هن زماني ۾ جيڪو ڪوڙ تي ڀاڙي چڱائيءَ بدران مندائتيءَ تي مدار رکي ٿو، اها روش عام آهي، ته ڪن سنگدل ماڻهن جي هٿان سچارن کي بيمانو ٿيڻو پوي ٿو. ڪو به نه ٿو ڄاڻي ته هن بازار جا ڀلارا جيستائين ڪنهن شوقين خريدار تائين پهچي نه ٿي سگهيا، پنهنجي نظم نثر جا شهڪار ڪڇ ۾ ڪري دربدر ڀٽڪندا ٿي رهيا، يا وري ماڳهين پنهنجا سونهري سخن صحيفي جي صفحي تي آڻڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيا. هي عاجز پڻ ان جي باوجود پنهنجي جهول ۾ ڪچڪول کنيو ٿي هليو. نيٺ ٻئي ڀيري پنهنجي مربيءَ جي حضور ۾ وڃي عرضدار ٿيو، ته جيڪڏهن اوهان جو حڪم هجي، ته هن اڌوري ڪم کي اُڪلائي ڇڏجي! ايتري ۾ پاڻ سفر تي اُسهيو ۽ آءٌ به ساڻس گڏجي ملتان تائين آيس، جتي هڪڙي رات ڪچهري ڪندي مون کي عنايت سان ارشاد فرمايائين، ته اهو خير جو ڪم جاري رکيو وڃي:

خير جي ڪم لاءِ ڪنهن استخاري جي ضرورت ناهي!

هن ٻانهي جڏهن خريدار جو اتساهه ڏٺو، ته قلم کڻي پنهنجي ڪم کي لڳي ويو. آخر ڪيترن ڏينهن ۽ مهينن جي محنت کان پوءِ سڄو مسودو تيار ڪري وٽس کڻي ويس، جو نوازش سان منظور فرمائي مون کي مانائتو ڪيائين. (22) جڏهن پاڻ قنڌار ڏانهن روانو ٿيو، ته آءٌ کائنس موڪلائي پنهنجي ڳوٺ درٻيلي هليو آيس ۽ پاڻ سان آندل مسودو نئين سر بياض تي نقل ڪيم – الاهي عنايت مان اها اميد اٿم، ته جڏهن اهو مسودو صاحب موصوف وٽ رسايم، ته پنهنجي دل جي مراد، جيڪا مربي ڪنهن مصنف جي پوري ڪندا آهن، ضرور حاصل ڪري وٺندس. هر مصنف جو هڪ مربي ٿيندو آهي ۽ هي اهل انصاف جي قدمن جي خاڪ هن قحط الرجال جي زماني ۾ منظوم منشور معنائن جي ڪنوار کي سينگاري انهيءَ همت، سخاوت، شجاعت ۽ انسانيت جي مجسمي کي سونپي، مضمونن جا گوهر انهي الفاظ ۽ معانيءَ جي جوهر شناس جي ثنا جي سيراهي سان ڪري، پوئي، سِڪي ۾ ڪم آندل پنهنجي سون ۾ کوٽ ڀري، چانديءَ کي سندس صفت ۽ شڪراني سان کرو ڪري، اميد رکي ٿو، ته انهيءَ اهل شناس صاحب جي اڪيچار احسانن سان، جيڪو پاڻ سخندان آهي هن بي مروت ۽ نالائق زماني ۾ ڪامياب ۽ ڪامران ڪندو، ته جيئن ان کان پوءِ هيءُ مسڪين ڪنهن ٻئي جي ڪاڻ نه ڪڍي، ڇاڪاڻ ته هاڻ مون جهڙي بي حوصلي شخص جي تنگدستي، بادشاهن جي خدمت جو وڌيڪ بار برداشت ڪري نه سگهندي.

خدا شاهد آهي ته آءٌ اهڙي اهل دوست صاحب جي ملازمت ۾ دنيا جي لاڳاپن کي درگذر ڪري، رڳو هن ڪتاب جي خاطر هن وٽ حاضريون ڀريندو ٿي رهيس. منهنجي حالت اها هئي، جو خانداني ريت مطابق پنهنجي پَت رهائڻ لاءِ، ڀرم جي بک ڀلي سمجهي، پيٽ کي پتيون ٻڌي پئي گذاريم ۽ بکن ۾ پاهه ٿي، راتيون جاڳي ڏينهن ٿي ڪيم (23) مون شاهي نديمن جي شڪار موجب شاهاڻي مجلس ۾ پنهنجي زبان سوال جواب کان بند پئي رکي، اهو ئي سبب هو جو آءُ ان نوڪر نواز جي چاڪريءَ کان محروم ٿي ويس ۽ خدا تي ڀروسو رکي، هن بي توشي واري گوشي ۾ ويهي رهيس ۽ اڃا تائين بادشاهه سلامت ۽ پنهنجي محسن جي سر کي دعائون ڪندو رهان ٿو، آسرو اٿم ته مولا سائين منهنجي مربيءَ کي شاهي حضور ۾ شانائتو ڪندو ۽ پوءِ مون کي ڪنهن ٻئي جي ڳيجهو ٿيڻو نه پوندو.

جيڪڏهن دل سچي آهي.

ته دعا ضرور ڌڻيءَ جي در اگهامندي.

انهن ديد وارن کان، جيڪي هر ڪنهن جو عيب ۽ عار پنهنجي بصارت واري ديد سان ڍڪيندا رهن ٿا، اميد ٿو رکان، ته جيئن عين ناقص نوازيءَ سان درستي ۽ راستيءَ لاءِ جتن ڪندا ٿا رهن، تيئن منهنجون گهٽ وڌايون به پنهنجي اصلاح سان سنوارڻ فرمائيندا. هن فقير ۽ حقير موت جي خوف کان چند ڏينهن جي جياپي کي غنيمت سمجهي، تڙ تڪڙ ۾ هيءَ راهه طئي ڪري قلم واري مسيح جي دم سان (ارغون ترخان گهراڻي) جي سورمن کي سدا حيات ڪري ڇڏيو آهي:

لکندڙ جي زبان ۾ ميسحائي اثر آهي،

جيڪو قلم وسيلي مئن کي جيئاري ٿو.

فردوسي به محمود غزنوي کي جيئرو نه ڪري ها ته،

سندس نالو اڄ ڪنهن جي به زبان تي نه هجي ها.

اهل سخن ۽ نڪته دان دوستن جي خدمت ۾ هيءُ التماس آهي، ته مون هي ڪتاب ڏهن ڀاڱن جي رنگين مضمونن سان سنواري، اوهان جي آڏو رکيو آهي. اهي مضمون هن کان اڳ ۾ پيش ڪيل نه آهن. ڀلائي ڪري ان جي نازڪ نڪتن جي چاشني چکي، پوءِ گهرج آهر اصلاح ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي. (1)

مصنف (نسياني) ديباچي جي پڇاڙيءَ ۾ دلوراءِ ۽ سندس ڀاءُ ڇُٽي اُماڻي جو احوال شامل ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي (طبقي) جي شروعات ٿئي ٿي. اهو احوال هن هيٺ ڏنو وڃي ٿو:            (مترجم)

هن ملڪ جي وڏڙن وٽان ائين ٻڌو ويو آهي، ته (24) سومرن 700 هه کان 843 هه تائين هڪ سو ٽيتاليهه سال هن ملڪ تي حڪومت ڪئي، اهي سومرا هندو ڌرم وارا هئا (1) اهو هنڌ جيڪو اڃا سوڌو پڌرو ڏسڻ ۾ پيو اچي، ان جا ويراني سنڌو ندي، يعني پنجاب واري درياهه جي پاڻيءَ جي گهٽتائي کان شروع ٿي هئي (2) اهو درياهه (سنڌو ندي) بکر کان هيٺ تي انهيءَ پنجاب واري درياهه جي نالي سان سڏجي ٿو. ان پاسي پوکن کي آباد ڪندڙ پاڻيءَ جو وهڪرو بلڪل گهٽ هو.

(1)  ڀاڱن جي تفصيل بابت ڏسو حواشي ۽ تعليقات

(1)  کان (2) ڏسو حواشي ۽ تعليقات.

سومرن جي گاديءَ  وارو هنڌ محمد طور (ماهم تور) (1) جيڪو اڄڪلهه ويران آهي ۽ درڪ (2) پرڳڻي مان ليکيو وڃي ٿو، اهو نه رڳو راقم (نسياني)، پر انهيءَ پاسي جي ڪيترن ٻين ماڻهن به پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، سڀ ڪنهن کي ان جي پوري ڄاڻ آهي. ان جي ويران ٿيڻ کان پوءِ هتان جا رهاڪو لڏي پلاڻي وڃي ساڪري (3) واري پرڳڻي ۾ اجها اڏي ويٺا، جيڪو سمن ڄامن جو آباد ڪيل هو. ان کي به ساڳئي نالي محمد طور سان سڏيو وڃي ٿو.

هتان جا ننڍا وڏا خدا جا پيارا ۽ ڀلارا ماڻهو آهن، جيڪي خليفا سڏائين ٿا ۽ مڙئي ملتاني پير بهاو الدين جا مريد آهن. (4) ملا خليفو سنڌي، (5) جنهن جي هندستان ۾ گهڻي هاڪ آهي، هن ئي علائقي سان لاڳاپو رکي ٿو. هي شهر ۽ هتان جا ڳوٺ، جيڪي هڪ هزار ورهين جي عرصي کان آباد رهندا ٿي آيا، تن جي تباهيءَ جو ڪارڻ اهو آهي ته پنجاب جو ٽن نالن (هاڪڙي، واهند ۽ واهڻ) (6) سان مشهور درياهه اروڙ (7) کان اڳتي وڌي پوکون آباد ڪندو سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو (25) هتي ڪڏهن دلوراءِ (1) جي حڪومت هوندي هئي، جيڪو ايڏو ته ظالم ۽ زاني (2) هو، جو هر رات هڪ سهڻي ڇوڪري پاڻ وٽ ٿي رهايائين“.

هندستان جا سوداگر جڏهن ٻيڙيءَ ۾ هتان اُڪريندي ديبل بندر ڏانهن وڃڻ جي ڪندا هئا ته دلوراءِ جي حڪم مطابق راهداريءَ جي بهاني انهن کان زوريءَ مال جو اڌ وصول ڪيو ويندو هو. انهيءَ زيادتيءَ جي ڪري سوداگر ڏاڍي

(1)  کان (4) ڏسو حواشي ۽ تعليقات.

 (5)  ڏسو حوالا ۽ متعلقات.

(6 ۽ 7) ڏسو حواشي ۽ تعليقات.  

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات.

(2)  ڏسو حوالا ۽ تعليقات.

آزار ۾ هوندا هئا. هڪ ڀيري ڏيساور مان ڪو وڏو واپاري پنهنجو مال کڻائي اچي هتي پهتو، جڏهن انهيءَ سان به اهڙي ڪار ٿيڻ لڳي، ته هو ارمان ۽ اچرج ۾ پئجي ويو. دلوراءِ جي ڪارندن جڏهن وٽس گهڻي انداز ۾ قيمتي مال ڏٺو، تڏهن ائين ڀانيائون، ته هيءُ ڪنهن ڏورانهين ڏيهه تان پيو اچي؛ پوءِ ته هيڪاري وڌيڪ ان کي وڪوڙي ويا. انهيءَ واپاريءَ سان سندس بديع الجمال (1) (نهايت حسين) ڌيءَ به ساڻ هئي، جنهن پنهنجي سونهن سان سج چنڊ کي به لڄائي ٿي ڇڏيو. اها خبر جڏهن عدل، مروت کان بي خبر ۽ بيدادگر دلوراءِ تائين پهتي، ته هڪدم ان کي پاڻ وٽ حاضر ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. واپاري خدا پرست ۽ داناءُ هو. سو هڪ دم سهي ڪري ويو، ته هن ظالم وٽان سواءِ خواري ۽ سڃائيءَ جي ڇوٽڪارو ملڻو ناهي، تنهن هوندي به همت نه هاريائين، دل ۾ چوڻ لڳو: جيڪڏهن خدا سگهه ڏني، ته هن جابر سان اها جُٺ ڪندس، جو قيامت تائين هر ڪو پيو ياد ڪندو. اهو سوچي مال جي محصول ۽ ڌيءَ موڪلڻ لاءِ ٽن ڏينهن جي مُهلت گهريائين، جا کيس ملي وئي. پوءِ هڪدم دولت جي زور تي اهڙا ڪاريگر گهرائي ورتائين، جيڪي فرهاد وانگي هٿن تي پرتا ڏيکاري اک ڇنڀ ۾ نهر جاري ڪرڻ ۽ سڪندر واري ٻنڌ ٻڌڻ ۾ اڳرن کان اڳرا هئا.  

انهن رات وچ ۾ اروڙ هيٺان درياهه تي بند ٻڌي، ان کي لڪي ۽ سيوهڻ ڏانهن وهائڻ شروع ڪيو. خدا جي قدرت سان پاڻيءَ ۾ ايڏو ته زور پيدا ٿيو، جو واپاري ٻيڙيون ۽ سڄو مال انهيءَ بدڪار حڪمران وٽان بچائي نڪري ويو. صبح جو جڏهن دلوراءِ جا ڪارندا اتي آيا، ته پاڻيءَ جي اڇلان ڏسي دنگ رهجي ويا. اها خبر وڃي دلوراءِ تائين پهتي، ته اجهو واپاري هيئن اٽڪل ڪري ٻيڙي سير تي چاڙهي هليو ويو آهي. جواب ۾ هنن کي حڪم ڪيائين، ته ڏسو متان

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات ۽ پڻ حوالا ۽ متعلقات.

ناري ۾ پاڻي رهيل هجي، پر اهو نارو ڀلا پاڻيءَ جي ڇا سَٽ جهلي سگهيو ٿي، جنهن جو کيس آسرو هو. آخر ڏاڍا جڪ کائڻ لڳو، پر وريس ڪي به ڪو نه:

او بيوقوف!

جڏهن ڪو به ڪم هٿن مان هليو وڃي،

ته پڇتاءُ مان ڪجهه به ورڻ اڻائو ڄاڻ.

ڪنن مان ڪپهه ڪڍي، سڌير ۾ آءُ،

جو غفلت ۾ گهارڻ چڱو نه آهي.   

اهڙيءَ ريت درياهه جي رخ بدلائڻ (27) زمين آباد ٿيڻ کان رَهت ٿي وئي ۽ ملڪ ۾ ڏُڪار اچي منهن ڪڍيو، جنهن کان ماڻهن توڙي مِرُن ۾ موت ڪاهي پيو، پر ظالم دلوراءِ پنهنجي ظلم ستم کان باز نه آيو. نتيجو اهو نڪتو، جو هن جي بڇڙائين کان بابن واهه * برباد ٿي مٽيءَ ۾ ملي ويو.

هي داستان پڻ آڳاٽي دور جي ماڻهن کان ٻڌل آهي، ته انهيءَ دلوراءِ جو هڪ ڀاءُ ڇُٽو اُمراڻي هو، جنهن کي خدا ننڍپڻ کان وڏي توفيق عطا ڪئي هئي. هن پنهنجي ڀاءُ کي سندس بڇڙاين کان باز رکڻ لاءِ گهڻيئي نصيحتون ڪيون، پر هو ڪو نه مڙيو، نيٺ بيزار ٿي پنهنجو ملڪ ڇڏي وڃي ڪنهن هنڌ قرآن پڙهڻ لڳو. جڏهن سڄو قرآن ياد ڪري واپس آيو، ته مائٽن کيس شاديءَ لاءِ زور ڀريو، پر هن سندن بڇڙا پرڪار ڏسي انڪار ڪري ڇڏيو. تڏهن ڪنهن کيس چيڙائيندي چيو، ته تون شايد مسلمان ٿي ڪعبي ڏانهن هليو ويندين ۽ اُتان فلاڻي بزرگ جي ڌيءَ سان نڪاح ڪري ايندين!      

هن (ڇُٽي امراڻي) جا ڀاڳ ڀلارا هئا ۽ سندس نيت به سچي هئي، اهي ڳالهيون ٻڌي گهر ڇڏي ڪعبي جي طواف لاءِ سندرو ٻڌي نڪتو. جڏهن اتي

*  ڏسو حواشي ۽ تعليقات

پهتو، ته هڪڙي هنڌ ڪنهن زال کي ڏٺائين، جا ماني پچائيندي قرآن جي تلاوت ڪري رهي هئي. ان جو آواز ايڏو ته مِٺو هو، جو هيءُ ڪا گهڙي ڪن ڏئي اتي بيٺو رهيو (28). آخر مائيءَ کيس ڏسي ورتو پڇيائينس، ته ڪير آهين، هتي ڇا پيو ڪرين؟ هن وراڻيو: مسافر آهيان، دل ٿي چويم، ته تو وٽان قرآن پڙهان! مائيءَ جواب ڏنس ته هتي فلاڻي بزرگ جي ڌيءَ اسان کان وڌيڪ قرآن جي قارياڻي آهي ۽ ڪيترين ڇوڪرين کي قرآن پڙهائي ٿي، جيڪڏهن تون واپس بدلائي اُن وٽ ويندين، ته تنهنجي مراد پوري ٿي ويندي. ڇُٽي امراڻي چيو: اهو ڪم به تو وٽان ٿيندو، جو ملڪ تنهنجو آهي. اهو ٻڌي ان زال هن جي مدد ڪئي ۽ هيءُ زالاڻو ويس ڪري وڃي بزرگ جي ڌيءَ وٽ قرآن پڙهڻ ويٺو.

هڪ ڏينهن ڪا مائي انهيءَ قرآن پڙهائڻ واريءَ وٽ آئي ۽ کانئس سوال ڪيائين، ته اسان جي گهر ۾ جواڻ جماڻ ڌيءَ ويٺل آهي، جنهن جي فلاڻي ڪي فلاڻي هنڌ شادي ڪرڻ ٿا چاهيون، ڀلائي ڪري ٻڌائي، ته اهو سڱ مناسب ٿيندو يا نه؟ جيڪڏهن مناسب هجي ته واهه، نه ته وري ڪنهن ٻئي هنڌ ڪا ڳَڻ ڪجي. ان تي قرآن پڙهائڻ واريءَ، جنهن قرآن جي تعليم سان گڏ علم نجوم جي تحصيل به ڪئي هئي، ڦار وجهي سوال ڪرڻ واري مائيءَ کي مناسب جواب ٻڌايو جا دلجاءِ ڪري هلي وئي.

ڇُٽو امراڻي، جيڪو زالاڻي ويس ۾ بزرگ جي ڌيءَ وٽ قرآن پڙهي رهيو هو ۽ هن ويچاريءَ کي انهيءَ راز جي ڪا به خبر نه هئي، ته هي ڪير آهي، اهو تماشو ڏسي ڇوڪريءَ کان پڇڻ لڳو: تون ٻين جي قسمت جو حال ته ڄاڻين ٿي، پر پنهنجي باري ۾ به ڪا ڦار وجهي ڏس، ته تنهنجو لکيو ڪهڙي هنڌ آهي! هن جواب ڏنو: تو ڳالهه ته وقتائتي ڪئي آهي، پر مون ان بابت ڪڏهن سوچيو ئي ناهي. ائين چئي پنهنجي نالي جي ڦار وڌائين. کيس پتو پيو ته ڇُٽي نالي ڪو شخص سنڌ مان ايندو، جنهن سان پاڻ شادي ڪندي. اها ڳالهه زالاڻي ويس پهريل ڇُٽي سان ڪيائين، ته هن وري پڇيس: ڀلا اهو شخص جيڪو تون ٻڌائين ٿي، پنهنجي ملڪ مان روانو به ٿيو آهي يا نه؟ ڇوڪريءَ چيو: ها، اهو شخص هن شهر ۾ پهچي چڪو آهي. ڇُٽي پڇپيو؛ سمجهين ٿي ته ڪٿي هوندو؟ قرآن پڙهائڻ واري چوڻ لڳي: اهو اتي ئي منهنجي گهر ۾ موجود آهي ۽ تون ئي آهين. (29).

ان ڏينهن کان پوءِ ڇٽي هن جي گهر ۾ اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو. ڇوڪريءَ اها ڳالهه پنهنجي ماءُ سان ڪئي، جنهن تي سندس گهر جا سمورا ڀاتي راضي ٿي ويا ۽ هن جو نڪاح ڇُٽي اُمراڻيءَ سان پئجي ويو. (1). ڇُٽو ڪجهه وقت کان پوءِ اتان موڪلائي زال سوڌو برهمڻ آباد اچي پهتو، جتي سندس ڀاءُ دلوراءِ جي حڪومت هئي ۽ اهو شهر سندس گاديءَ جو هنڌ هو، ڇُٽي جي زال فاطمه، جنهن کي هن حق پرستيءَ جي خيال کان پردي اندر ويهاري ڇڏيو هو، دلوراءِ جي سامهون نه ايندي هئي، پر ٻئي لڪي ڇپي هڪ ٻئي کي ڏسندا هئا. هڪ ڏينهن دلوراءِ پنهنجي ڀاءُ ڇُٽي کي ڪنهن ڪم جي بهاني ٻاهر موڪليو ۽ پاڻ ان جي زال جو منهن ڏسي دل خوش ڪرڻ جا جتن ڪرڻ لڳو. اتفاق سان هوءَ پاڪدامن زال غسل ڪري رهي هئي. دلوراءِ وجهه وٺي هن جي اُگهاڙ ڏسي ورتي. اها خبر فاطمه پنهنجي مڙس کي ٻڌائي، جنهن کي سخت غيرت آئي ۽ ٻئي زال مڙس پنهنجا مِٽ مائٽ ڇڏي، شهر مان نڪري هليا، ٿورو پرتي وڃي ماڻهن کي واڪو ڪري ٻڌايائون، ته جيڪو به هن شهر ۾ هوندو، سو گهڙيءَ کان پوءِ تباهه ٿي ويندو.

هي جنهن ڏينهن شهر مان نڪتا، تنهن رات ئي شهر تي مصيبت نازل ٿيڻ

(1)  ڏسو حوالا ۽ تعليقات

واري هئي، پر اها ان لاءِ ٽري وئي، جو هڪ رن زال سڄي رات چرخو ڪٽيندي رهي. ٻيءَ رات به ڪنهن ڀلاري جي محابي شهر کي خدا پناهه ڏني، پر ٽين رات جيڪا هنن نڀاڳن جي تباهي واري رات هئي، اک ڇنڀ ۾ سڄو شهر ماڻهن سميت ائين ڌرتيءَ جي پيٽ ۾ داخل ٿي ويو، جو ڄڻ ته دنيا جي تختي تي هو ئي ڪو نه! هاڻ هڪ منارو وڃي رهيو آهي، جيڪو شهر جي برباديءَ تي ماتم ڪندو رهي ٿو (1).

ڇُٽو امراڻي پنهنجي زال فاطمه کي ساڻ ڪري، سيوهڻ جي شهر ۾ وڃي ويٺو، جتي خدا جي عبادت ۾ مشغول رهي خير جو وقت گذارڻ لڳو. جڏهن دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين، ته جيئن حياتيءَ ۾ وڏي پهچ وارو وليءُ هو، تيئن مرڻ کان پوءِ به کيس اهڙو ئي مان مرتبو نصيب ٿيو. جيڪو به پنهنجي مراد کڻي سندس مزار تي وڃي ٿو، ته ان جي مراد پوري ٿئي ٿي. اها مزار سيوهڻ جي شهر ۾ آهي، جتي جمعي واري ڏينهن تي ڪيئي عقيدتمند ويندا رهن ٿا.

(1)  ڏسو حواشي ۽ تعليقات

ڀاڱو پهريون

سومرن جي باري ۾ اوائلي راوين کان ٻڌل احوال

سومرا  اڻپڙهيل ۽ هندو هئا (1). هي پاڻ کي راڄ ڀاڳ جو اڳواڻ ۽ سرواڻ سمجهندا ۽ سڏائيندا ٿي رهيا. سندن هڪ سرواڻ عمر سومرو به هو، جنهن جي حڪمرانيءَ جي عرصي بابت پوري ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي، پر اڳ ۾ بيان ٿي آيل انگن اکرن موجب اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته هي به انهيءَ سموري دور (800 هه کان 843 هه) اندر پنهنجي وقت جو وڏو حاڪم (2) ۽ ٽڪي (خاص نشاني) (3) وارو هو. سندس باري ۾ مشهور آهي، ته راڄ جون زالون زوريءَ کڻائي، پنهنجي محل ۾ ويهاري ٿي ڇڏيائين. چون ٿا ته مارئي نالي (4) هڪ سهڻي، سُلڇڻي ۽ پرڻيل  زال کي سندس (ماروئڙن) مان کڻائي، عمر ڪوٽ جي

(1)   ڏسو حواشي ۽ تعليقات

(2)  عمر سومرو ٻيو جنهن 793 هه/ 1390ع ۾ سنڌ جي ڏاکڻين ڀاڱي تي 35 ورهيه حڪومت ڪئي. سندس گاديءَ جو هنڌ ٿر پارڪر ضلعي جي هاڻوڪي شهر عمرڪوٽ ۾ هو.  

(3)  ڏسو حواشي ۽ تعليقات پڻ حوالا ۽ متعلقات ماثر الامر جي حوالي سان

(4)  ڏسو حواشي ۽ تعليقات  

تاريخ سنڌ اڙدو اعجاز الحق قدوسي ص 434

مرڪزي اردو بورڊ لاهور

جنت السنڌ سنڌي رحميداد خان مولائي شيدائي ص 316

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد                                                                                           (مترجم)

جي محل ۾ آڻي رکيائين، جنهن کي نيٺ وڏي ڇڪتاڻ کان پوءِ مائٽن ڏانهن اُماڻي ڇڏيائين. اهو قصو هن ريت آهي ته: مارئي نالي هڪ ڇوڪريءَ کي پنهنجي مائٽن ننڍي لاڪر ڦوڳ نالي هڪ ذات واري سان مڱايو هو. (31) پر اها جڏهن وهيءَ ۾ آئي، ته کيس ڦوڳ سان پرڻائڻ بدران ٻئي هنڌ اُٿاري (شادي ڪرائي) ڇڏيائون. ان تان ڦوڳ ڪروڌ ۾ اچي ويو ۽ دل ۾ چيائين، ته جيڪڏهن مارئي مون کان وئي، ته مائٽن ۾ به رهي ڪا نه سگهندي. اهو پهه ڪري عمر ڏانهن دانهين ٿي ويو. هن کي اها لالچ ڏنائين، ته هيلتائين مون مارئي کي پنهنجي وني ڪري ٿي سمجهيو، پر هاڻ آسرو پلي ڇڏيو اٿم ۽ اها توکي پرتي، ڇو ته اهڙي ملوڪڙي زال تنهنجي محل ۾ سونهي ٿي، ائين چئي وري وڌيڪ پڪ ڏيارڻ لاءِ عمر کي ٻڌايائين ته: مارئي ڪا جهڙي تهڙي شيءِ ناهي، آءٌ ساک سان ٿو چوان، ته جيڪڏهن تو ڀلجي به هڪ ڀيرو ان کي ڏٺو، ته ٻيهر سندس پچرئي نه ڇڏيندين.

اهي ڳالهيون ٻڌي عمر اکيون ٻوٽي ڦوڳ جي ڦندي ۾ ڦاسي ويو ۽ ويس بدلائي مهري اُٺ تي چڙهي وڃي مارئيءَ جي ماڳ رسيو. ڏينهن ٻه تاڙ ۾ رهي جيئن مارئي کي ڏٺائين، ته مٿس موهت ٿي پيو، نيٺ موقعي ملڻ تي هن کي کنڀي اُٺ تي چاڙهي، عمر ڪوٽ آڻي ڪڍيائين. محل ۾ پهچڻ کان پوءِ ڏاڍا وس ڪرڻ لڳو، ته مارئي سندس سَڌ پوري ڪرڻ لاءِ راضي ٿئي، پر آفرين هجي ان ستيءَ جنهن شاهي محل ۾ رهڻ ۽ عيش ڪرڻ واري آڇ کي ٿڏي ڇڏيو ۽ پنهنجي دامن کي داغ دار ٿيڻ نه ڏنائين. هر ڀيري عمر کي اهو جواب ڏيندي رهي، ته اها روش ڪهڙي قوم ۽ مذهب جي ريت موجب جائز ٿي سگهي ٿي، ته آءٌ تنهنجي چئن ڏيهاڙن جي حڪومت ۽ دولت دلبي تي لڳي، مڙس جو حق ڀڃي، ان جو ڏوهه پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي پاڻ کي ڏسي واسي ڦڪائي ۾ آڻيان، نيٺ مون کي هي جهان ڇڏي اڳتي هلڻو آهي ۽ ان حال ۾ ڀلا  اتي ڪهڙو منهن کڻي هلنديس؟

هن جي آزين نيزارين جو عمر جي دل تي گهڻو اثر پيو وري به کيس سال کن پاڻ وٽ اها ئي، جڏهن کيس پاڪ دامنيءَ جي پڪ ڪيائين، ته هن جي مڙس کي پاڻ وٽ گهرائي، مارئي کي مال ملڪيت سميت سندس حوالي ڪري ڇڏيائين. مارئي جو مڙس کيس واپس ته وٺي ويو، پر سندس شڪ دل تان لهي نه سگهيو. انهيءَ ساڙ کان هو مارئيءَ جو پاسو ڇڏي، کائنس پرانهون رهڻ لڳو. جڏهن به وجهه مليس ٿي، ته هن ويچاري تي تانن تڪن جا تير ٿي وسايائين. هوريان ڏاڍيان اهي ڳالهيون وڃي عمر جي ڪن تائين پهتيون (32)، سو مارئي جي ست ۽ پنهنجي پت ثابت ڪرڻ لاءِ لشڪر چاڙهي وڃي مارن جي ماڳ تي ڪڙڪو ڪيائين. اهو حال ڏسي ويچارا مارو وڏي ڏهڪاءُ ۾ اچي ويا، نيٺ پتو پيو، ته عمر مٿن ان ڪري ڏمرجي آيو آهي جو مارئي جو مڙس پنهنجي زال کي شڪ جو شڪار بڻائي هر گهڙي آزار ڏيندو ٿو رهي. اهڙيءَ ريت عمر جهڙي زورآور حاڪم کي به خوار پي ڪيائين.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org