23 April, 2011

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تاريخ طاهري

باب: --

صفحو:5   

هزار آفرين بادشاهه، ولايت پناهه، قدوسي ڪرامت واري درياهه جي موتي، رعيت پرور، سپاهه نواز، عدل ساز، رستم انداز، داد ڪندڙ داور، جڳ تي سوڀ پائيندڙ، هندستان جي ولايت جي ڪامگار والي، زماني وارن جي مٿاهين مهندار، ديني خليفن جي پشت پناهه، عرب حجم وارن مڙني بادشاهن جي بادشاهه، مئن توڙي جيئرن حاڪمن ۽ حڪمرانن جي سرتاج ۽ سرواڻ، سڪندر جو دٻدٻو ۽ مسيح جو دم رکندڙ، پريشان رهڻ وارن کي راحت بخشيندڙ، بادشاهه عالم پناهه ابو المظفر نور الدين جهانگير جهڙي غازي بادشاهه تي، جيڪو آدم کان هن دم تائين بادشاهه جو پٽ بادشاهه ليکجي ٿو، اهو ئي ناڪامن لاءِ مشڪل ڪشا، مايوسن جو ٻيڙو پار ڪندڙ، هِن مٿي کان هُن مٿي تائين حڪم هلائيندڙ، بدعت جا فتنا ٽاريندڙ، باطل جا بُت ڀڃندڙ، ايمان وارن لاءِ افتخار، خدا جي فيض جو، مظهر عرب ايران جي تاجدارن جي مٿي جو موڙ آهي، انهيءَ جي ئي عدل ۽ رحم واري بهار مُحابي دنيا جو گلشن ستم جو خزان ۽ غم جي جهولي کان محفوظ رهي طراوت، خوشي، خوشحالي، بي فڪري، ڪاميابي ۽ ڪامراني حاصل ڪري ٿو:

 

آسمان جو تخت ماڻيندڙ، جهانگير جي عدل سان
پوڙهو جهنُور زمانو به ٻيهر جوان نظر پيو اچي
 

هر هڪ خار مان مکڙيءَ منهن ڪڍيو آهي (5)

خدا ڪري انهيءَ نوبهار تي خزان جو وار نه ٿئي
 

جهان جو باغ به، شال نه ڪا خزان ڏسي
جيستائين جهانگير جي بادشاهي قائم آهي
 

هن بادشاهه پنهنجي رعيت، توڙي دنيا جهان ۾ رهندڙ اورين پرين جو سينو ڏکن جو دز ۽ انڌيرن جي ڌوڙ کان عدل ۽ احسان واري رواتيءَ سان اهڙو ته اڇو اجرو ڪري ڇڏيو آهي، جو ڳڻتين جي مينهن جي ڪا هلڪي بوند به جيڪڏهن سندن ذهن تي پوي ٿي، ته مجال آهي جو ان جو اڻلکو اولڙو به سندن چهري مان بکندو هجي، انهيءَ اُهڃاڻ مان ئي سندن سَرهائي جي ساک ملي ٿي:

هن جي عدل واري رواتيءَ سان هر هڪ سينو
ڏکن جي ڪَٽ کان آرسيءَ وانگي صاف آهي
 

ڪنهن جي به  هيانوَ تي غم جو غبار نه ٿو ڏسجي
ڇو ته اهو هاڻ، آئيني جيان اُجرو ٿي چڪو آهي
 

سڀني جا اندر ڏکن سورن کان آجا ٿي ويا آهن جنهن جو پَتو، ماڻهن جي منهن ڏسڻ مان پوي ٿو

شهزادا جيڪي فرشتن جي خصلت رکندڙ، اصل نسل ۽ پاڪ بنياد وارا، دين جي پناهه، خدا پرست، بادشاهه جي اُميد، خوشدليءَ ۽ رضامنديءَ سان سرفراز ٿيل آهن، جن کي بادشاهه جي مهر عنايت سان هر قسم جون نعمتون نصيب ٿينديون رهن ٿيون، شال خدا جي فضل ۽ شاهي عدل جي برڪت سان وفادار وزيرن، دانا دوستن، فيض رسائيندڙ عالمن، مدبرن ۽ شهسوارن سميت، مَڪارم اخلاق، خوش خصال، اقبال اَثار، عالي قدر، نامدار حضرت شهريار جي اعتماد ۽ اطمينان جي دولت سان ابد تائين شال ۽ آباد رهن: (6)

جيستائين گل ڦل جهان ۾ هجن
۽ تازگي باغن ۾ موجود رهي
 

جيستائين بتن وٽ، برهمڻ جي لاءِ
الماس جا تير ڪمان ۾ تاڻيل هجن

تيستائين شهزادا بادشاهه جي اکين آڏو هجن
۽ بادشاهه سلامت پنهنجي تخت تي فائز هجي
 

عنايت جي نگاهه، انهيءَ نيڪيءَ جي درياهه، روشن دل، حقيقي مجازي گوهر، الاهي فيض جي مجسمي، سنجيدگيءَ جي سر چشمي، فطرت ۽ جوانمرديءَ  جي نظير، حاتم جهڙي همت، رستم جهڙي جرات، سڪندر جهڙي حشمت رکندڙ، خوشيءَ واري باغ جي سدا بهار گل، رات جاڳندڙن جي شبستان جي شمع، منظور نظر، فيض اثر، زماني جي خاقان، وزارت جي شان، سخن فهم، سخندان، جنگ جي ميدان جي ساک، محفل جي سونهن مرزا شاهه محمد بيگ عادل خان تي*:       

دنيا ۾ جيڪو به ٻار پنهنجي جيجل جي پيٽان ڄمي

خدايا، اهو هن وانگي سخاوت ۾ ساراهيل هجي،

سندس سخاوت جو طوفان ايڏي اوج تي آهي،

جو آسمان سندس جهڙو ڪو ٻيو نه ڏٺو هوندو،

هزارين آفرينون هجن انهيءَ پيءُ تي،

جنهن مان هي روشن ڏيئو جوهر جيان جَرڪيو،

جيتوڻيڪ موتي درياهه جي پيدائش آهي،

تڏهن به درياهه پاڻ هن موتيءَ جي داڻي تي ناز ڪري ٿو،

پٽ به اهو چڱو جيڪو سڀاڳو هجي،

موتي پڻ اهو ڀليرو، جنهن تي درياهه پاڻ فخر ڪري،

گل به اهو سهڻو جنهن کان باغ هاڪارو هجي،

شراب پڻ اهو شاندار، جيڪو ساقيءَ جي واکاڻ ڪرائي،

جيڪو ساقيءَ جو نالو مشهور نه ڪري، سو شراب ڪهڙو!

اهو گل به ڪهڙي ڪم جو، جيڪو باغ جو شان نه وڌائي!

 

* ڏسو حواشي ۽ تعليقات پڻ حوالا ۽ متعلقات، ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾.

جيڪڏهن ٻار سڀاڳو ناهي، پڪ ڄاڻجي،

ته اهو وڏن جو نانءُ ناموس ٻوڙي ڇڏيندو.

 

سندس والد ماجد خان دوران نواب شاهه بيگ خان عاقل، فاضل، افضل، اهو روشن چراغ، جنهن کي قصور توڙي فتور وارو ڪو به اڻائو واءُ اجهائي نه ٿو سگهي، مرحوم مغفور پنهنجي سر صف شڪن، ولايت گهير ۽ ارغون ترخان اميرن جو افتخار هو. ان جي ئي دستگيريءَ سان هي خاڪسار، انصاف وارن جي پيرن جي پڻي ۽ ظالمن جي اکين جو ڪنڊو طاهر محمد نسياني ولد سيد حسن ٺٽوي عروج تي پهتو ۽ سندس پاران شاهي درٻار ڏانهن عريضي نويسيءَ تي مامور ٿيو. نواب موصوف اهل علم ۽ صاحب ذوق هو. هن پنهنجي آستان جي خاڪ جي ذري کي نوراني نگاهه سان نوازي، فرش کان عرش تائين رسائي حڪم فرمايو، ته ڪيئي ارغون ۽ ترخان گوشي نشينيءَ ۾ گذاري هن جهان مان هليا ويا آهن، جن جو احوال ڪنهن به قلمبند نه ڪيو آهي. جيڪو ورهين تائين يادگار هجي. هاڻ اهو ڪم توتي رکيو وڃي ٿو. تون انهيءَ آباد خاندان (8) جو جنهن کي دنيا جي حادثن هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو تذڪرو لک جي انهن ناميارن جو نالو باقي بچيل ڀلارن جي نالي جيان هن مٿي تائين جيئرو رهي! ۽ توکي پڻ هرڪو هن زماني جي اُتاهين هستين مان شمار ڪري.

ان باري ۾ ماضيءَ جي مهندارن جو جيڪو حق ٿي سگهيو ٿي اُن جي ادائي لاءِ مون پريشان دل پورهيت، انسانيت جي ڀاڱي، هيءُ اڻائو بار ڪلهن تي کنيو، ڇاڪاڻ ته جنهن معرفت جي چراغ مون کي فضليت جي هدايت ڪئي ۽ منهنجي ضمير جو زنگ پنهنجي سخاوت جي سونهن سان صاف ڪري برڪت

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات پڻ حوالا ۽ متعلقات * ڏسو جناب ڊاڪٽر بلوچ جو مهاڳ 7 ڏسو حواشي ۽ تعليقات

ڀرئي احسان سان، سندم دل ۾ معنائن جون مشعلون ٻاريون تنهن جي امر کان  انڪار ناممڪن هو. مون نه ٿي چاهيو ته هن جي حڪم کان نابري واري هڪ پاسي جواهرن جي خريدار آڏو نظم نثر جا جواهر ڀيٽڻ کان محروم ٿيان ته ٻئي پاسي پنهنجي انهن شهپارن کان، جيڪي عالمن جي اصلاح موجب املهه ماڻڪ بڻجي ٿا سگهن، ماڳهين پاڻ کي نرهه ڪرڻو پويم، ان ڪري قلم هٿ ۾ کڻي ڪتاب جي شروعات ڪري ڇڏيم:

لکڻ وارن جون لکڻيون،

مري ويلن جو نالو جيئارين ٿيون.

مون جيڪي ڪجهه به لکيو،

تنهن ۾ منهنجي مُحسن جي مهر شامل هئي.

ڪيترا مئل جيئاري ڇڏيم،

۽ ڪيترن بي روحن ۾ روح وڌو اٿم.     

 

گهڻي وقت کان منهنجي من جي اها آرزو هئي، ته ڪنهن آرام ۽ واندڪائي ملڻ تي (9) پنهنجي حاڪم مغفرت پناهه مرزا غازي بيگ ”وقاري“ جهڙي ماضيءَ جي مور، حور قصور جي همدوش، شراب طهور جي ساقي، حضوري شهيد، حسن، حسين جي هم نشين، ارغونن، ترخانن جي افتخار جي نمڪ حلاليءَ سان سندس ڪٽنب ۽ ٻين سردارن بابت جيڪي ان کان اڳ ملڪ جا مهندار هئا، ڪجهه نه ڪجهه لکي پاڻ کي سخن سنواريندڙ دوستن جي لڙهه مان ڳڻائجي. ڪهڙو عجب آهي، جيڪڏهن انهيءَ وسيلي آءٌ پنهنجي اصل مقصد جي ماڳ، يعني عرش عظمت حضرت بادشاهه جي بارگاهه تائين رسائي ڪري هن زماني جي ڏکن سورن کان، جيڪو ڪمينن کي نوازيندڙ ۽ دغابازن مان آهي، اَمان ۾ رهي، حياتيءَ جا پڇاڙيءَ وارا ڏينهن سک سانت سان گهاري سگهان! جيئن ته هر ڳالهه جو پنهنجو وقت ٿيندو آهي، تنهنڪري مون هن کان اڳ به گهڻا حيلا هلايا، پر فرصت نه ملي سگهي، ته توڙ تائين پهچي وڃان، آخر ڪار هيءَ گهڙي ئي منهنجي واسطي سجائي ٿي:

هر خواهش پنهنجي موقعي تي مدار رکي ٿي
ان کان سواءِ ڪا به خواهش پوري ٿيڻي ناهي
 

وڻ کڻي ڪيڏو به سرسبز ڇو نه هجي
ته به موسم کان سواءِ ميوو نه ٿو ڏئي
 

سِپَ ته سدائين پاڻيءَ ۾ رهي ٿي
پر مينهن جي بوند بنا موتي نه ٿي اُپائي
 

خدا جو شڪر آهي، جو مون ان کان جيڪي گهريو، سو مون کي عطا ڪيائين. هن وقت  پنهنجي آس پوري ٿيندي ڏسي، ڌرتي ۽ اُڀ جي اُپائيندڙ اڳيان، جيڪو ساري مخلوق کي روزي (10) رسائيندڙ آهي، التجا ٿي ڪجي، ته سڀني انسانن جي دلين جون مرادون پوريون ٿين:

مون پنهنجي موليٰ کان جيڪي گهريو،
سو مون کي گهرج مطابق ملي ويو.
 

مون پنهنجي خواهش تي ايڏو ڀروسو رکيو،
جو مَن جون مرادون پوريون ٿي ويون.
 

جيڪڏهن تون به پورو يقين نه رکندين
ته ڪڏهن به ڪا مراد ماڻي نه سگهنديين.
 

جيڪڏهن طلب ڏانهن وِکَ نه وڌائيندين،
ته ڪو به مطلب حاصل ڪري نه سگهندي!
 

بيشڪ اهو ئي شخص ميدان ملهائيندو،
جيڪو هر وقت مقصد جي ڳولا ۾ هوندو.
 

جيئن ته هي عاجز، بي زبان، گهٽ حوصلي وارو، يارن جي جُتيءَ جي جاءِ والاريندڙ، بي انصاف، خود غرض ۽ پاڻ پڏائيندڙ ناهي، تنهن سان گڏ هميشه پنهنجي دل ۾ درست اعتقاد رکندڙ آهي، ان ڪري پنهنجي منزل مقصود تي پهچي اها اميد ٿو ڪري، ته جڏهن هيءَ سڄي ڪمائي ڪنهن سياڻي، سُڄاڻ ۽ پارکوءَ جي نظر مان گذري ۽ منجهس اصلاح لائق ڪو به عيب ڏسڻ ۾ اچي ته ان کي سُڌاري هن مسڪين جي خام خياليءَ کي پختگيءَ ۾ بدلائڻ جي نوازش فرمائي. اهڙيءَ تربيت مان اهو نتيجو نڪرندو، جو اڳتي هلي آءٌ هن کان وڌيڪ سرهاڻ ڀريا گل پيش ڪرڻ جهڙو ٿي سگهندس.

راوين ۽ دانشمندن اڳيان اها حقيقت پڌري آهي، ته هن ملڪ (سنڌ) جي ماضي ۽ حال واري احوال خرابي سنڌ (ارغوني دور) کان وٺي مغلن جي زماني * تائين (11)، لکڻ جو اصل ڪارڻ اهو آهي، ته هتي جا رهاڪو، چوندا آهن، ته هر ڪو حڪمرانن جي دين تي هلي ٿو، مُلڪي حاڪمن جي تابعداريءَ ۾ هئا. آڳاٽن سومرن ۽ سمن سردارن جو تعلق هندو ڌرم سان هو. جيڪڏهن انهن جي ايامڪاريءَ ۾ ملڪ جو احوال لکيو وڃي ها، ته اهو ضرور هندي ٻوليءَ ۾ ئي هجي ها، جيڪا هتي ايتري مشهور ڪا نه هئي.

ان کان پوءِ جڏهن وري مغلن، ارغونن جي حڪومت آئي، ته نثر کان وڌيڪ نظم کي وارو مليو، ان ڪري ڪنهن به سنڌ جي تاريخي يعني گاديءَ جي هنڌ

* ڏسو حواشي ۽ تعليقات.

ديبل بندر ۽ ٺٽي ننگر وغيره بابت ڪو تفصيلي احوال قلمبند نه ڪيو، جنهن مان ڪي خاص ڳالهيون انتخاب يا اقتساب طور کڻي، هتان جو احوال تحرير يا ترجمي ذريعي تڪميل تي پهچايو وڃي ها. حقيقت ۾ اهڙيون ڳالهيون عام طرح چرچي يا چريائي برابر سمجهيون ٿي ويون. ان ڪري به ڪنهن لکندڙ هن پاسي ڌيان نه ڏنو، ته متان ڪٿي کلڻ هاب نه ٿيڻو پوي. ٻيو ته هندي ٻوليءَ ۾ لکڻ سان ڪنهن کي ڪا به پروڙ پئجي نه سگهي ها، بلڪ اها سوچ ئي گهٽتائيءَ واري هئي. ٻئي پاسي سچ ائين آهي، ته ملڪ ۽ حاڪم جي احوال کان واقف ٿيڻ ۽ چڱي مٺي جي پرک ڪرڻ به پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو ڪارنامو آهي. جيڪڏهن ڪي سڄاڻ هن علم جا خواهان نه هجن ها ۽ قلم ڪار به ڪجهه لکڻ نه چاهين ها، ته آدم کان هيستائين هن جهان ۾ جيڪي ڪجهه به وهيو واپريو آهي، تنهن جي ڪنهن کي ڪهڙي ڪَل پئجي سگهي ها!

واضح رهي ته هتان جا خاص عام نهايت وضعدار، شريف النفس ۽ شعر شاعري سان دلچسپي رکندڙ هئا. (12) ثبوت لاءِ مرزا غازي بيگ ترخان تلخص ”وقاري“ * جو هڪ شعر نموني طور هتي پيش ڪجي ٿو، جيئن ان دور جي ادب دوستيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي:

 

من خسم برسر ديبا نتوانم آسود
بستر شعله بگستر ڪ به صد ناز اُفتم
 

آءٌ ڪک آهيان، ڪيمخواب تي ليٽي نه سگهندس، مون لاءِ ڄڀين جو هنڌ وڇاءِ سرهو ٿي سمهان. اهو ئي ڪارڻ هو، جو هن خاندان جو سڄو احوال پردي ۾ رهندو آيو، ڇو ته هر ڪو فراغت جي خيال کان نثر ڇڏي نظم ڏانهن مائل ٿي چڪو هو. سپاهي توڙي شهري، شعر تي انعام ملڻ جي لالچ ۾ شاعر ٿيندا ويا،

* ڏسو حواشي ۽ تعليقات.

ڪو به انهي سولي ڌنڌي کي ڇڏي، ڪنهن آڻائي ڪم ڏانهن رغبت رکڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيو.

هيءُ (نسياني) دانائن جو ديوانو، جيڪو عامين مان هو، پنهنجي سگهه ۽ ڏاهپ نه هئڻ سبب، انهن انسانن جي صحبت تائين رسائي ڪري نه سگهيو، جن کي اصالت ۽ انسانيت جو گوهر ۽ جوهر تصور ڪيو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ انهيءَ اهل نواز خاندان سان پنهنجي پُرائي واسطيداري رهندي ٿي آئي. انهيءَ معاملي تي پنهنجي غيرت مان ڏاڍي پشيماني ۽ پريشاني ۾ مبتلا ٿيڻو پيو، خاص ڪري سال 914 هه ۾ جڏهن خاقان زمان، عرش آستان اڪبر بادشاهه وفات ڪئي، ته مون سندس موت جي تاريخ ”فوت اڪبر شهه“ لکي، جا سندم ڪم علميءَ جي پڪي ثابتي هئي.

نيٺ ڇا ٿيو جو جنهن زماني ۾ مرزا غازي بيگ قنڌار تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ نواب شاهه بيگ خان سان گڏجي روانو ٿيڻ لڳو ته آءٌ پنجويهن ورهين جي ڄمار ۾ وٽائنس موڪلائي ٺٽي هليو آيس، جيڪو منهنجو ماڳ هو. هتي پهچي ٻيا سڀ ڪم ڇڏي، پڙهڻ ۾ لڳي ويس. (13) تن ڏينهن ۾ آخوند مولانا اسحاق بکري (1) (جيڪو بکر جي حاڪم محمود خان ولد فاضل خان ڪوڪلتاش جي ملازمت ۾ سندس معلم رهي چڪو هو) جي خدمت ۾ رهي شعر جي فن تي عبور حاصل ڪيم. آخوند موصوف پاڻ صوفي مشرب ۽ صاحبدل شخص هو. کيس شيخ سعدي، مولانا جامي ۽ مولانا روميءَ جي ڪلام تي پوري دسترس هئي ۽ شاعريءَ سان به شغف ٿي رکيائين.

ان کان علاوه فصاحت بلاغت جي گوهر ۽ علمن جي کاڻ مير ظهير الدين ثاني (2) عرف سيد جادم ولد شڪر الله شيرازيءَ وٽان ملڪ الشعراءِ امير

(1)  ڏسو حواشي ۽ تعليقات پڻ حوالا ۽ متعلقات.

(2)  ڏسو حواشي ۽ تعليقات.

خاقاني ۽ سير سلوڪ جي صاحب حڪيم انوريءَ جا قصيدا پڙهي پورا ڪيم. ياد رهي ته هن بزرگ (مير ظهير الدين) جو ڏاڏو سنڌ جي اڳئين دور واري حڪمران مرزا شاهه بيگ ارغون سان گڏجي قنڌار مان (14) سنڌ ۾ وارد ٿيو هو، جنهن کيس ٺٽي جو قاضي مقرر ڪيو. هن صاحب شريعت جي پيرويءَ ۾ عدل انصاف در حق شاهي خدمتون سر انجام ڏنيون. مشهور آهي ته مرزا شاهه بيگ هن ڀلاري جي آزمائش جي ارادي سان ڪنهن سوداگر وٽان گهوڙو خريد ڪيو ۽ هروڀرو ان کي پئسا نه ڏنائين ته جيئن هو قاضي وٽ دانهين وڃي. آخر ائين ٿيو ۽ سوداگر جڏهن قاضيءَ وٽ ويو، ته هن هڪدم مرزا شاهه بيگ کي گهرايو. دل ۾ سوچيائين، ته جيڪڏهن مرزا شاهه بيگ شريعت جي فيصلي کان منهن موڙيو، ته سندس سر جو خير نه هوندو. هوڏانهن مرزا شاهه بيگ پڻ سوچ ڪئي، ته قاضي انصاف کان ڪم نه ورتو، ته سندس سر قلم ڪيو ويندو. (1)

ائين ڪندي عدالت جي ڪارِوائي شروع ٿي. مرزا شاهه بيگ پريندي ئي قاضيءَ کان پنهنجي مان مرتبي مطابق ويهڻ لاءِ جاءِ جي گهر ڪئي، پر قاضيءَ هن جي اها گهر ليکي ۾ نه آندي، وري قاضيءَ کان ٻن گهڙين لاءِ گهر وڃڻ جي مهلت گهريائين، ته به قاضيءَ کيس ڌيان ۾ نه آندو، ان تان مرزا کي ڏاڍي مَٺيان لڳي ۽ ان کان اڳ جو شاهي رعب ۾ پاڻ ڪجهه ڪري، قاضيءَ مٿس ٻه چار چهبڪ وهائي ڪڍيا ۽ تيستائين ماٺ نه ڪيائين، جيستائين حقدار کي پنهنجو حق پلئه نه پيو. جيئن ئي فرياديءَ کي انصاف پلئه پيو، قاضي صاحب وڏي آڌرڀاءُ سان مرزا شاهه بيگ کي ڪوٺي شانائتي نموني جاءِ ڏني. مرزا جيئن ئي آرام سان ويٺو ته کيس پنهنجي مسند هيٺان ترار ڪڍي ڏيکاريائين، ته اجهو مون هيئن دل ۾ رٿي هئي، جيڪڏهن تون شريعت جي معاملي ۾ ڪا ٿوري به

(1)  هر ڪو عالم ۽ غاصب حڪمران پنهنجي رعيت تي رعب وجهڻ لاءِ اهڙا سانگ رچائيندو آهي اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي.                                                                                          (مترجم)
مداخلت ڪرين ها، ته تنهنجو سر سلامت نه هجي ها! اهو ٻڌي مرزا شاهه بيگ وراڻيو: آءٌ به خنجر چيلهه سان ٻڌي عدالت ۾ گهڙيو هوس، انهيءَ  ارادي سان ته تو کان رسول اڪرم جي راهه ۾ جيڪڏهن ڪا خطا سرزد ٿي، ته توکي هڪ ئي ڌڪ سان دنيا مان رخصت ڪيو ويندو. (15)  

آفرين آهي اهڙي انصاف ڪندڙ قاضي ۽ دادگر حاڪم تي، جن اهڙي عدل ۽ احسان سان ملڪ هلائڻ ٿي چاهيو. انهن ئي عادل حاڪمن ۽ عامل عالمن جي ڪري، جيڪي دل جي سچائيءَ سان عدل، عمل ۽ داد انصاف جا پابند رهندا ٿي آيا، رعيت ۽ سپاهه، غريب توڙي مسڪين، امن آرام سان زندگي بسر ڪندا پئي رهيا ۽ انهيءَ ئي دين داريءَ، داد پروريءَ سان پرائي ملڪ کي پنهنجو ڪري ڇڏيائون:

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org