23 April, 2011

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تاريخ طاهري

باب: --

صفحو:7   

ڀاڱو ٻيو

سومرن جي تباهيءَ کان پوءِ جادم جي اولاد (سمن) هٿان ساموئي نگر جو آباد ٿيڻ

سومرن جي حڪومت جي پڄاڻي ٿي، ته سمن جو وارو آيو، جن 849 هه کان 927 هه ”خرابي سنڌ“ جي تاريخ (1) تائين حڪومت هلائي. اهي زميندار سما جيڪي سومرن جي صاحبيءَ ۾ سندن رعيتي هئا، مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي پنهنجو ڪوٽ اڏي ويٺا. شهر جو نالو ساموئي نگر ۽ ڪوٽ جو تغر آباد (2) رکيائون، ٻنهي ماڳن (3) جي پيڙهه ڄام تغرور پنهنجي زماني ۾ وڌي هئي، پر هيلتائين ٻئي اڌوري حالت ۾ هئا. ان کان سواءِ ڪيترا ٻيا ڳوٺ ۽ واهڻ به سمن اڏيا هئا، جيڪي اڃا سوڌو سنڌ ۾ موجود آهن.

سمن اهڙيءَ ريت ملڪ کي ٺاهيو، جو هر هنڌ ڪيچ ٿي ويا. ڪٿي به ڪا غير آباد زمين ڪا نه رهي. ٺٽي جو صوبو ۽ پرڳڻو، جيڪو، اڃا تائين سرڪاري دفترن ۾ ساڳئي نالي سان ساريو پيو وڃي، سمن جو ئي آباد ڪيل هو. سما پاڻ زميندار به هئا، ته پورهيو به پاڻ ئي ٿي ڪيائون، ان ڪري چڱيءَ طرح ملڪ آباد ڪري ورتائون.

هنن مان جڏهن ڄام نندو (نظام الدين) گاديءَ تي ويٺو، ته سڀني پنهنجي ريت موجب (1) گڏجي ان کي ڄام جو لقب ڏنو. تڏهن کان هن ملڪ ۾ اهڙي

*   ڏسو حواشي ۽ تعليقات

(1) کان (3) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

رونق پيدا ٿي، جو ڄڻ ته نئين سر عدم مان وجود ۾ اچي چڪو هو. هن ڄام جي دور ۾ اسلام سان گڏ، عدل انصاف جو عروج ٿيو، جيڪو هر حالت ۾ ٻين حاڪمن جي دور کان وڌ هو. سندس عهد ۾ جيڪي به وهيو واپريو، تنهن جو بيان وڏي ڄمار وارن کان ٻڌي، دل سان هنڊائي هتي درج ڪيو ويو آهي.

ڄام نندي بابت چيو وڃي ٿو، ته پاڻ رات ڏينهن خدا جي بندگيءَ ۾ مصروف رهندو هو. هن جي وقت ۾ غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي سولائيءَ سان انصاف پلئه ٿي پيو. ڪنهن کي به اها طاقت نه هئي ته ڏاڍي هئڻ ڪري هيڻن مٿان هٿ هلائي سگهي. اهڙي ريت هر ڪنهن صبح شام هن نيڪ دل حاڪم جي واکاڻ پئي ڪئي. جيستائين ملڪ ۾ امن امان جي ڳالهه جو تعلق آهي ته ڄام نظام پنهنجي حڪومت دوران ڪنهن به ٻئي ملڪ تي ڪاهه نه ڪئي ۽ وري ڪو ڌاريو سندس ملڪ تي ڪاهي آيو. پاڻ روزانو صبح جو شاهي ڪُڙهه ۾ وڃي گهوڙن جي پٺيءَ تي هٿ گهمائي چوندو هو ته خدا اهڙو اَڻائو ڏينهن نه آڻي، جو آءٌ اوهان تي سوار ٿي ڪنهن پرائي ملڪ تي ڪاهه ڪرڻ وڃان. يا ڪو اوپرو اسان جي ملڪ تي ڪاهي اچي، شال ڌڻي سڀ ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي ماڳ تي امن امان سان آباد رکي.

ساموئي نگر ۾ گهڻو وقت گهارڻ کان پوءِ ڄام نظام الدين هڪ نئين ۽ نرالي قسم جي شهر اڏائڻ جو ارادو ڪيو، اهڙو شهر جتي سدائين سک ۽ سانت جي فضا هجي. انهيءَ خيال سان ڪي جوتشي ۽  برهمڻ گهرايا ويا، جن آس پاس جاچي انت اها جاءِ شهر لاءِ پسند ڪئي، جتي هاڻوڪو ٺٽو موجود آهي. (1)    

شهر جي اڏاوت دوران ڪاريگرن ورهاست ڪري چوطرف ننڍا وڏا گهر ۽

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

(2) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

اوطاقون جوڙي سڄو ڪم راس ڪيو (50) هيءُ نه رڳو اڏاوت جي سيبتائيءَ سبب، پر هونءَ به وڏي ڀاڳ وارو شهر ثابت ٿيو. هن جي آباد ٿيڻ کان پوءِ هتان  جي ڪنهن به شهريءَ ڪڏهن به ڪو ڏک نه ڏٺو، هر ڪنهن پنهنجي ٿوري توڙي گهڻي ڪمائيءَ تي قناعت ڪفايت کان ڪم وٺي حياتيءَ جا ڏينهن سک سلامتيءَ سان بسر پئي ڪيا. اڃا تائين جيڪا خوشي ۽ خوشحالي هتان جي رهاڪن ۾ لکائي پئي، سا ورلي ڪنهن ٻئي هنڌ هوندي. هتي هر مهيني ڪي اهڙا ڏينهن ٿين ٿا، جيڪي عيد برابر ليکيا ٿا وڃن، جهڙوڪ: نئين چنڊ جو پهريون جمعو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ سڦرو جمعو ڪوٺيو وڃي ٿو. ان ڏينهن تي مڪليءَ جي ايراضيءَ ۾ زالين مڙسين ايڏو ته آدم اچي ڪٺو ٿئي ٿو، جو پير رکڻ جي جاءِ نه ٿي لڀي، ننڍا وڏا اهو ڏينهن ائين ملهائيندا آهن، جو ڄڻ چئو ته واقعي سندن لاءِ ڪا عيد اچي وئي هجي! ساڳيءَ ريت هر مهيني جو پهريون سومار، جيڪو پڻ هتي سڦري سومار جو ڏينهن سڏجي ٿو، تنهن کي به حج اڪبر سمجهيو ويندو آهي. ان ڏينهن تي رونشي – ڪوڏيا ماڻهو پنهنجي وسعت آهر کاڌو پيتو پاڻ سان کڻي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اچي هتي حاضر ٿين ٿا. پاڻي هنن کي خاص ڪري ساڻ کڻڻو پوندو آهي. ان ڪري جو اهو مٺي درياهه جو هوندو آهي مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي تلائن جو پاڻي ملي ٿو، جيڪو مينهن جي مُند ۾ ڪلراٺين ٻنين مان وهي اچي هيڪاندو ٿئي ٿو، اهو پاڻي پيئڻ لائق نه هوندو آهي. صرف وضوءَ ڪارڻ ڪتب اچي ٿو. اهو لقاءُ سارو ڏينهن سج لٿي تائين هلندو رهي ٿو، ايستائين ماڻهو قبرن جا طواف ڪري وندر ۾ گذاري سج لهڻ کان پوءِ پنهنجي گهرن ڏانهن ورندا آهن.

ٻئي پاسي پير پٺي (1) جي مزار تائين، ڏهن ٻارهن هنڌن تي سماع جون

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات  

محفلون ٿين ٿيون. جتي ڪيترن درويشن کي حال اچي ويندو آهي ۽ ذڪر ڪندي پاڻ کي وجد جي حالت ۾ مڪليءَ جي پٿرن تي اُڇلائيندا رهندا آهن، پر  جيئن ته ڪامل استادن ۽ مرشدن جي توجهه ساڻن (51) شامل حال هوندو آهي، ان ڪري کين ڪا به تڪليف نه ٿي پهچي.اهي ڳالهيون جيتوڻيڪ بلڪل غير شرعي آهن ۽ آڳاٽي سمي دور کان هلنديون پيون اچن، تنهنڪري وقت جي عالمن توڙي حاڪمن جي روڪڻ سان به ختم نه ٿيون ٿين. هتي سڀ کان وڌيڪ مزو مينهن جي موسم ۾ ٿئي ٿو. جيڪو چئن مهينن جي پاڻيءَ مان مڪليءَ تي هڪڙو وڏو تلاءُ ڀرجي ڪنن ڪر ٿي ويندو آهي، جنهن کي کيرو (مٺي پاڻيءَ وارو تلاءُ) ڪوٺيندا آهن. جيستائين اهو پاڻي تلاءَ ۾ هوندو آهي شهر جا هندو توڙي مسلمان زالين مڙسين هر روز قطارون ڪري اتي پهچي رات ٿيڻ تائين رڌ پچاءَ ۾ لڳي ويندا آهن ۽ اها وندر هڪ وڏي جشن جي صورت ۾ هلندي رهندي آهي.

اهڙيءَ ريت اهي مڙئي ڏينهن، سڀئي ماڻهو گڏجي ائين ملهائيندا رهندا آهن، جو عيدبراد جي جاءِ ناهي. اها سڌ انهيءَ کي ئي هوندي، جنهن پنهنجي سر اتي وڃي اهو مزو ڏٺو يا ورتو هوندو. هي رهاڻ ڀريا ڏينهن اڄ تائين ڌوم ڌام سان ملهايا پيا وڃن، انهن جو دور ڪڏهن به ختم ٿيڻو ناهي، جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ملهائڻ جي ڪري ماڻهن جي عاقبت ۽ استعداد گهڻي قدر ابتر ٿي وڃي ٿي، ڇو ته اهڙن موقعن تي هي ماڻهو جيڪڏهن ڪو هڪڙو ڏينهن انهن شادمانين ۾ سيڙائن ٿا ته سڄو هفتو انهن کي بيڪار ٿي گذارڻو پوي ٿو ۽ کانئن ٻيو ڪو به ڪم نه ٿو پُڄي. هونئن به هنن وٽ ڪم جي اون گهٽ ۽ واندڪائي گهڻي هوندي آهي.   

دريا خان جو احوال جيڪو لکدير وزير وٽان ڄام نندي تائين پهتو

ڄام نندو (ڀنڀي ڄام جو پٽ) جڏهن ٺٽي ۾ ڪچهريون قائم ڪري ويٺو، ته هي شهر اهڙو و سن جهڙو ٿي ويو، جو هر شخص ڄام نندي جي عدل ايڇپي کي واکاڻيندي، پنهنجي گهر ٻار سان سکي ستابي حياتي گذاري کيس دعائون ڪرڻ لڳو، جيئن چيو اٿن ته:

بهشت اتيئي آهي، جتي ڪو به جنجل نه هجي،
۽ ڪو به ماڻهو ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍندو هجي.

هڪ ڏينهن (51) ڄام نندو پنهنجي وزير لکدير سان گڏجي شڪار تي روانو ٿيو. لکدير وٽ قبولئي نالي هڪ غلام هو، جنهن کي پاڻي پيارڻ جي ڪم تي پاڻ وٽ رکيو هئائين. اصل ۾ هيءُ سيد زادو ڪٿي باندي هو، جتان لکدير کيس خريد ڪري، پنهنجي ملازمت ۾ آڻي رکيو. هيءُ هر وقت ان سان گڏ رهندو ٿي آيو.

ڄام نندي کي شڪار ۾ هلندي اُڃ لڳي ۽ پاڻي طلب ڪيائين. اتفاق سان ان وقت پاڻيءَ تي مقرر ٿيل شاهي ملازم موجود ڪو نه هو، جنهن تي لکدير پنهنجي غلام قبولئي کي پاڻي آڻڻ لاءِ چيو. هي جيتوڻيڪ ننڍو نينگر هو، پر خدا وڏي هوش ۽ عقل وارو ڪيو هئس. حڪم ملڻ تي پاڻيءَ جو پيالو ڀري ڄام نندي اڳيان اچي حاضر ٿيو، جنهن ۾ ڄاڻي واڻي ٿورا ڪک وجهي ڇڏيائين. ڄام نندو گهڻي اُڃ جي ڪري پيالو هٿ ۾ وٺي ڪک سوريندو پاڻي پيئندو ويو، جڏهن پيالو خالي ٿيو، ته قبولئي ڏانهن نهاري کانئس پڇيائين: پاڻيءَ ۾ ڪک ڇا لاءِ وڌل هئا؟ قبولئي ادب سان وراڻيو:

سائين اوهان کي سخت اُڃ هئي، جيڪڏهن بلڪل صاف پاڻي هجي ها، ته اوهان شايد هڪ ئي شاهيءَ ۾ پي وڃو ها، ائين ڪرڻ سان اوهان کي سواريءَ مهل پيٽ ۾ تڪليف پيدا ٿيڻ جو انديشو هو، تنهنڪري مون پاڻيءَ ۾ ڪک وجهي ڇڏيا هئا، ته جيئن اوهان کي آهستي ۽ آرام سان پاڻي پيڻو پوي.

جيتوڻيڪ اها ڪا وڏي ڳالهه ڪا نه هئي، تڏهن به ڄام نندي جهڙي مردم شناس بادشاهه جي دل تي ان جو وڏو اثر پيو، جنهن غلام جي قسمت ئي بدلائي ڇڏي. هن کي لکدير وٽان آزاد ڪرائي، ڄام نندي پنهنجي ملازمت ۾ رکيو ۽ سندس تعليم تربيت جو انتظام ڪيائين. جيئن ته قدرتي طور منجهس شاهي وزارت جا جوهر موجود هئا، ان ڪري ٿوري ئي وقت اندر ان منصب تائين پهتو. آخرکيس مبارڪ خان جو خطاب مليو (1) ۽ هيءُ ڄام جي نوازش ڀري نگاهه ۾ ايڏو ته اتاهون ٿي ويو، جو هو پنهنجي اولاد ۽ عزيزن کان وڌيڪ کيس ڀانئڻ لڳو.

ڄام نندي وٽ لکدير کان علاوه، دلشاد جهڙو سڄاڻ وزير به موجود هو، جنهن 912 هه ۾ وير شهراج کي (53) (2) ٺٽي شهر مان هڪالي ڪڍيو هو. تڏهن به مبارڪ خان جي پذيرائي وڌيڪ هئي. ڄام نندي پنهنجي پٽ ڄام فيروز هوندي، حڪومت جون ذميواريون مبارڪ خان کي سونپي ڇڏيون هيون. هن پنهنجي تدبر سان ملتان کان وٺي ڪيچ، قنڌار، مڪران ۽ ڪڇ جي سرحدن تائين سمورا علائقا ڄام نندي جي حڪومت ۾ داخل ڪري ڇڏيا هئا. اڌ رات منجهه هن جو ڪو به ماڻهو ڪنهن ڪم ڪار جي سانگي انهن صوبن ڏانهن ويندو هو ته راڄ توڙي وڏيرا سندس حڪم اکين تي رکي سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هئا. هن مڙس جي ايڏي ته هيبت ۽ حشمت هئي، جو سندس نالي ٻڌڻ سان ان پاسي جون ڳورهاريون زالون ٻار پيٽ ۾ جهلي نه سگهنديون هيون ۽

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

(2) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

ننڍڙا ٻار ڪنهن ڳالهه تان مچندا يا مڇرندا هئا، ته هن جو نالو وٺي کين چپ ڪرائي ويندي هئي. جڏهن ڄام نندي جي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ٿيڻ تي آيا ۽ ٽيهتر ورهين جي ڊگهي عرصي واري حڪومت هلائي (1) 914 هه ۾ هي جهان ڇڏڻ لڳو، ته حڪومت جي واڳ پنهنجي اهل عيال سميت هن جي آڀل ۾ ڏئي، کيس ڄام فيروز سان (جيڪو اڃا ننڍي وهيءَ جو هو) وفادار رهڻ جي پارت ڪري ويو.

مدينا ماڇياڻيءَ جي اشاري تي شاهه بيگ ارغون جي سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ، وري سنڌ سمن کي موٽائي ڏيڻ ۽ قنڌار روانو ٿيڻ (2)

هتان جي وڏڙن کان ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته جڏهن ڄام نندي جو دور ختم ٿيو ۽ ڄام فيروز سندس گادي وسائي (54) ته هن پنهنجي پيءُ جي پُٽيلي ۽ پياري مبارڪ خان (دريا خان) سان ڦٽائڻ شروع ڪيو: هن ڪي نوان ۽ ڪم ظرف ماڻهو پاڻ وٽ ملازم ڪري رکيا هئا، جيڪي رات ڏينهن سندس ڪن ڀريندا هئا ته ملڪ جا مڙئي راڄ ڀاڳ وارا مبارڪ خان جي چئي آکيي ۾ رهي سندس آهاريءَ تي پيا هلن ۽ توکي ته ڪير ليکي به ڪو نه ٿو. هر ڪو پيو سمجهي ڄڻ ڄام نندي کان پوءِ ملڪ جو مالڪ مبارڪ خان آهي، سو هر هنڌ ان جون ئي ڳالهيون پيون ڳائجن. تون جيستائين ملڪ پاڻ نه سنڀاليندين، تيستائين ڪو به تنهنجي حڪم تي هلڻ لاءِ تيار نه ٿيندو.

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

(2) ڏسو حوالا ۽ متعلقات

نڀاڳي فيروز کي انهن نالائق ملازمن سان گڏ قوم ۽ قبيلي وارن مان ڪيترن ماڻهن ڀڙڪائي، انهيءَ آٽ تي بيهاريو ته مبارڪ خان کي معزول ڪري، کانئس سمورا اختيار کسي کيس گمناميءَ جي اوڙاهه ۾ اُڇلايو وڃي. ڄام فيروز ائين ڪرڻ لاءِ ڏاڍا حيلا هلايا، پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. هن جو اڳ ۾ ئي ڀاڳ ڦٽي چڪو هو، تنهنڪري لاهي پاهي مبارڪ خان جهڙي مدبر ۽ محب وطن پٺيان پئجي ويو. وري سندس قبيلي وارن ڇا ڪيو، جو هن کي هٽائڻ لاءِ ڄام فيروز جي ماءُ مدينا ماڇياڻيءَ کي اڀارڻ لڳا ته حڪومت ۾ ڄام فيروز جو هاڻ ڪو به دخل نه رهيو آهي، سڄو ملڪ هن غلام (مبارڪ خان) جي حڪم تي هلي ٿو. هيلتائين هن کي هٽائڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا ويا، اُهي اجايا ثابت ٿي چڪا، هن حالت ۾ چڱو ائين ٿيندو، ته مغلن کي قنڌار مان گهرايو وڃي، جيڪي اچي مبارڪ خان جي مٿي مان هوا ڪڍي ڇڏيندا. جيڪڏهن مغلن وري ملڪ موٽائي ڏنو ته واهه، نه ته به ايترو ته ٿيندو، جو هن زرخريد غلام مان اوهان جي جند آزاد ٿي ويندي.

اهل جاهل پنهنجي عاقبت کان بي خبر ٿي اهڙين ذليل حرڪتن سان ملڪ جي زوال جا سانباها ڪرڻ لڳا. نيٺ مدينا ماڇياڻيءَ کي 922 هه ۾ فريادي بڻائي شاهه بيگ ارغون ڏانهن قنڌار موڪلي ڏنائون. هن اُتي وڃي شاهه بيگ کي هتان جي ذري پرزي جي خبر چار پهچائي، پڇاڙيءَ کيس پاڻ سان گڏ سيوهڻ جي باغبان پرڳڻي وٽان جابلو رستي کان سنڌ ۾ آڻي ڪڍيائين.

شاهه بيگ باغبان پرڳڻي کي لٽي ڦري ڀينگ ڪري، درياهه جي ڪنڌيءَ سان قنڌار واري لنگهه کان هلندو، سڌو ٺٽي جي سامهون خان واهه تي اچي لٿو، جيڪو مبارڪ خان ساڪري واري پرڳڻي ۽ ٻين پاسن جي آباديءَ لاءِ جبل جي هيٺاهين ۽ شهر جي حدن ۾ کوٽايو هو. هتي پاڻيءَ جو سهو ڏسي شاهه بيگ رات اتي ترسي پيو صبح تائين ٿڪ ڀڃي تيار ٿي، ڪُمهلا نغارا وڄائيندو اڳتي وڌيو.

دريا خان جڏهن اهو حال ڏٺو، ته ڄام فيروز کي ڪن کڻائيندي چتاءُ ڏنائين: تو هيءَ مصيبت اسان تي نه آندي آهي پر پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي ڪڍيو اٿئي. ڀلائي ان ۾ آهي ته هاڻ پاڻ سنڀالي سڀئي گڏجي انهيءَ آفت سان منهن ڏيون ته هي فتنو ٽري وڃي، جي نه ته اڳتي هلي توکي ئي پڇتائڻو پوندو. ڄام فيروز هن جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ۽ بي اونو ٿي وڃي گهر ويهي رهيو. مبارڪ خان نيٺ پنهنجي لشڪر کي اڳ ۾ ڪري وڃي مغلن سان وچڙيو پورا ٽي پهر ساڻن چڪريون ڏيندو رهيو. آخر کيس ڪنڌ تي (56) ترار جي وار ٿيڻ ڪري شهيد ٿيڻو پيو (1). لشڪر جا ٻيا سپاهي ڇڙو ڇڙ ٿي اچي شهر وارا وري اهڙا نکمڻا، جو هن سڄي گهمسان ۾ پري کان بيهي تماشو ڏسندا رهيا، مغل پنهنجي هيبتناڪ مهانڊن ۽ هٿيارن سان (جيڪي هن کان اڳ ۾ رسيا. ڄامن مان ڪو به مغلن جي مقابلي ۾ نه آيو. شهر ٺٽي وارن ڏٺائي ڪين هئا) شهر ۾ داخل ٿيا ته ڄام فيروز بد – روز ڊوڙندو وڃي شاهه بيگ جي قدمن ۾ ڪريو ۽ سندس آڻ مڃي کيس ملڪ جو مالڪ تسليم ڪيائين. اهڙيءَ ريت هن پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڌارين جي غلامي ۽ پنهنجي بي شرميءَ جو ڳٽ وجهي ڇڏيو. پوءِ چو طرف راڄن ۽ زميندارن لاءِ حڪم جاري ڪيو ويو، ته سال به سال هر ڪنهن فصل تي پوري ڍل شاهه بيگ جي خدمت ۾ پهچائيندا رهن. شاهه بيگ موٽ ۾ ڄام فيروز کي پنهنجو پٽ بڻائي پنهنجي پاران سنڌ جو حاڪم مقرر ڪري قنڌار روانو ٿيو. چون ٿا ته ملتان ۾ ڪن جو (1) چوڻ آهي ته پاڻ انهيءَ سال قنڌار ۾ فوت ٿيو ۽ سڀ ڪجهه پنهنجي پٽ شاهه حسن لاءِ ڇڏي ويو.

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

شاهه بيگ جو مرڻ ۽ سمن جو شاهه حسن کان

باغي ٿيڻ (2)

شاهه بيگ 924 هه ڌاري هن فاني جهان مان ڍاپجي (57) بقا واري جهان ڏانهن راهي ٿيو ته اهي ماڻهو جيڪي سندس تابعداريءَ ۾ هئا، سندس پٽ مرزا شاهه حسن کان باغي ٿيڻ لڳا. ظاهر ۾ ته سڀئي سندس ادب ڪندا ۽ کيس وڏو سمجهندا ٿي رهيا، پر خاص ڪري سمن کانئس اهڙيون اکيون ڦيريون، جو نه ته کيس ڍل ٿي پهچايائون نه وري سندس پيءُ جي مرڻ تي وٽس عذر خواهيءَ لاءِ آيا. اٽلندو هن جي موت کي غنيمت سمجهي. ملڪ پنهنجي ميراث ڄاڻي هن جي تابعداريءَ کان ته ويا پر ڄاڻ سُڃاڻ وارو رهيو کهيو رستو به ڇڏي ڏنائون. سندن اها بي مروتي شاهه حسن کي ڏاڍي ڏکي لڳي، تنهن تي خط پٽ لکي کين ميارون ۽ ڌمڪيون ڏيڻ لڳو ته: اها ڪهڙي انسانيت ۽ شرافت آهي ۽ ان روش ڪيئن اتحاد، آشنائي ۽ اطاعت تصور ڪيو ويندو، جو جيستائين منهنجو پيءُ جيئرو هو، اوهان سان سڀ چڱايون ڪندو آيو، پر جڏهن سندس پساهه پورا ٿي چڪا ته اهي دوست جيڪي هن درٻار سان دلي لاڳاپو رکندا ٿي آيا، تن جا پرڪار پڌرا ٿي پيا، جنهن کان دل کي وڏو صدمو رسيو آهي، عجب ته انهن جي حال تي اچي ٿو، جيڪي هن خاندان جا خير خواهه هئا ۽ ڏک انهن جو ٿو ٿئي، جيڪي نهايت چڱا ماڻهو هئا، اهي سڀئي هاڻ هن حادثي کي غنيمت سمجهي، ان ملڪ کي جيڪو اسان رت وهائيندڙ ترارين جي زور تي هٿ ڪيو، پنهنجي ملڪيت ڄاڻي اسان کي نظر انداز ڪري رهيا آهن (78)، خير ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي! اڳ به اوهان کان ڪيئي بڇڙايون ۽

(2) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

نادانيون ٿي چڪيون آهن، پوءِ سڀاڻي يا پرينهن ضرور اسان جو به وارو اچڻو آهي. جيڪڏهن توهان ڀانيو ٿا ته منهنجو پيءُ پنهنجي ڪئي لاءِ پاڻ ذميوار هو ته اها اوهان جي ڀل آهي. اسان فيصلو ڪري چڪا آهيون ته خام خيال ماڻهن کي اها سيکت ڏني ويندي، جو دنيا ان مان عبرت حاصل ڪندي، سو اوهان کي چتاءُ ٿو ڏجي، ته اڄ نه سڀان اسان جا جوان ڪٽڪن جي صورت ۾ مينهن واءُ هڪ ڪري اوهان جهڙن ڪکن ڪانن جي حيثيت رکندڙن تي اچي ڪڙڪو ڪندا.

هن جي انهن دڙڪن کان پوءِ به هي بيوقوف بلڪل بي پرواهه ٿي بغاوت تي سندرو ٻڌي بيٺا ۽ ائين ئي جنگ جا سبب پيدا ڪري، ان جي لشڪر جي واٽ نهارڻ لڳا، انهيءَ خيال سان ته جيڪڏهن مغلن برابر چڙهائي ڪئي ته انهن سان چڱيءَ طرح منهن ڏنو ويندو. اڃا انهيءَ سنبت ۾ ئي هئا ته شاهه حسن اچي ڪڙڪو ڪيو. هنن کي به باهيون ته گهڻي ئي هيون، پر جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ ميدان ملهائي نه سگهيا، نه وري کين اها سگهه ٿي، ته شاهه حسن جي آڻ مڃي ڪي چڱا مڙس وچ ۾ آڻي معافيون وٺي، اڳي وانگي هن جا تابعدار ٿي رهن. آخر شاهه حسن ٺٽي ۾ گهڙي هنن چنڊالن جي قتل عام تي لهي پيو، مغل سندن ڳورهارين زالن جا ڪچا ٻار پيٽان ڪيرائي، نيزن تي چاڙهي شهر جي گهٽين ۾ گهمائيندا ڦيرائيندا، سڄي لوڪ کي ڏيکاري ڏهڪائيندا رهيا. جيڪو به سندن سامهون ٿي آيو (59)، تنهن کي بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا ۽ ڪهل قياس جي ترارين سان ڳڀا ڳڀا ڪري ٿي ڇڏيائون. فيروز نا – پيروز اگهاڙين پيرين وٺي گجرات ڏانهن ڀڳو. سمن جون زالون ٻار ڪڇن ۾ ڪري وڃي انهن سوڌيون درياهه ۾ ٻڏي مُيون، جيڪي باقي بچيا تن کي مغلن چوکنڀو ٻڌي بنديخاني ۾ هڻي ڇڏيو.

هي اهڙا ته بڇڙا ٿيا، جو خدا شل ڪنهن مومن يا ڪافر کي به اهي ڏينهن نه ڏيکاري، اها بربادي نه رڳو شهر جي ماڻهن تائين رهي، پر سڄو ملڪ تباهيءَ ۾ اچي ويو.

”خرابي سنڌ“ جي تاريخ به ان ڏينهن مان ڪڍي وئي ۽ ائين ئي سمن جي آخري حڪومت ختم ٿي وئي. ڄام فيروز چوڏهن سال جا حاڪم رهيو. مغل 921 هه ڌاري سنڌ ۾ آيا جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ان کان پوءِ به سمن 927 هه تائين حڪومت هلائي. پڇاڙيءَ مرزا شاهه حسن ارغون اچي هنن کان حڪومت ورائي ورتي اڃا تائين انهن جا مقبرا مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي يادگار طور موجود آهن (1).   

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org