23 April, 2011

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تاريخ طاهري

باب: --

صفحو:20  

سمن پوءِ وڃي ڪڇ وسايو، جتي چاوڙن جو راڄ هو. سمن بابت هيءَ روايت، ته هو ڪيئن سنڌ ڇڏي وڃي ڪڇ پهتا ۽ اتان جي حڪومت هٿ ڪيائون. اڃا تائين ڪڇ جي پاسي مشهور آهي، پر سمن جنهن ريت سنڌ ڇڏي هئي، تنهن جي بيان ۾ اختلاف آهي. ڪڇ جي روايتن مطابق سمن جي سردار لاک گوراڙي جي وفات کان پوءِ اُن جا پُٽ پاڻ ۾ وڙهي پيا، جن مان ٻه ڀائر مور ۽ مناهي، پنهنجي ڀاءُ انڙ کي (جيڪو سرداريءَ جي پڳ ٻڌي چڪو هو) قتل ڪري، ڪڇ ڏانهن پنهنجي مامي واگهم چاوڙي وٽ ويا، جيڪو تڏهن پاٺ ڳڙهه جي قلعي جو حاڪم هو. ٿوري وقت کان پوءِ، هنن واگهم کي به قتل ڪري ڇڏيو ۽ پاٺ ڳڙهه قلعي تي قبضو ڪري ويهي رهيا.

ان زماني ۾ واگهم چاوڙي جي خاندان مان اٺ ڄڻا، ڪڇ جي ٻين پاسن تي حڪمران هئا. واگهم چاوڙي پڻ انهن جي تابع هو. انهن جي گاديءَ جو هنڌ گڻتري يا گنٿلي وارو قلعو هو. واگهم چاوڙي کي قتل ڪرڻ کان پوءِ، مور ۽ مناهيءَ حيلي بهاني، جيئن مصنف (نسياني ٻڌايو) آهي، پنهنجا ماڻهو قلعي ۾ اُماڻي، واگهيلن کي ختم ڪري، سڄو ملڪ پنهنجي قبضي هيٺ آندو (1).

انهن روايتن مطابق هي واقعو اٺين يا نائين صدي عيسويءَ ڌاري ٿي گذريو هو، پر تاريخي حقيقتن موجب، ان واقعي کي يارهين – ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ ليکڻ گهرجي، ڇو ته انهيءَ دور ۾ سنڌ تي سومرن جي حڪومت هئي، جنهن کان پوءِ سمن جو وارو آيو.      

(1) ڏسو جاڙيجن جو نسب نامه ”نسب نامه جاريجه“ قلمي فارسي، نمبر ADD 19, 366 برطانيه (فهرست ريوج 1، ص 90) ڪڇ جي آٿار قديمه بابت رپورٽ، دلپت رام پران جيون ککڙ مطبع حڪومت بمبئي. سال 1870ع، ص 30 – 36.

راءُ ڀارو ۽ ڄام سهتو، ڪڇ جي والي راءُ ڀارو يا راءُ ڀارمل، تزڪ جهانگيري جي لکت موجب (1027 هه)، يعني تاريخ طاهريءَ جي تصنيف کان اڳ، احمد آباد ۾ جهانگير بادشاهه سان اچي مليو هو (1). راءُ ڀارو 1585ع کان 1631ع تائين ڪڇ جو وڏو حڪمران هو (2)، ڄام سهتو يا ڄام سهتاجي، ڪڇ جي ننڍي علائقي هالار ۽ نوان نگر جو حاڪم هو. ٻئي خاندان راءُ ۽ ڄام، جاڙيجن سمن جي گهراڻي مان هئا. اهي جاڙيجا سما وري سنڌ جي سما قبيلن مان چيا وڃن ٿا. هنن جو وڏرتو رائدن هو، جنهن جي اٺين پشت مان راءُ همير جي ۽ ٻارهين مان ڄام راول پيدا ٿيو. 1537ع ۾ ڄام راول وڳوڙ ڪري راءُ همير جيءَ کي قتل ڪيو. جيئن آئين اڪبري تصنيف سال 1595ع ۾ آيل آهي (3).

ڄام راول کي ستر سال اڳ ڪڇ مان ڪڍيو ويو، جنهن سورٺ واري علائقي ۾ اچي شهر ”نوان نگر“ اڏيو ۽ سندس ملڪ ننڍي ڪڇ جي نالي سان سڏجڻ لڳو (4). ڄام سهتو، ڄام راول جي پُٺ مان هو. تاريخ توري سمن جي انساب ۾ سندس نالو سهتاجي، ستاجي، ستوجي ۽ عمر ستر سال لکيل آهي. ڄام سهتي جي پٽ جساجي پڻ سال 1027 هه ڌاري احمد آباد ۾ حاضر ٿي، جهانگير جي آڻ مڃي هئي (5).  

ميان اسماعيل سومرو، مخدوم محمد اسماعيل سومرو بزرگ ۽ ولي، جيڪو ڏهين صديءَ هجريءَ ۾ ٿي گذريو آهي، سندس هدايت جو فيض

(1)  تزڪ جهانگير سر سيد احمد خان علي ڳڙهه 1864ع، ص 235.

(2)  امپيريل گزيٽيئر آف انڊيا، جلد 8، ص 567 – 569. 

(3) آئين اڪبري ترجمو بلاخمن ۽ جاريت، جلد  2 ص 250.

(4) ڏسو “Studies in Indo Muslim History” هوڙي والا بمبئي 1939ع، ص 118.

(5) تاريخ فيروز شاهي، ضياء برني ڪلڪتو 1862ع

سنڌ کان ڪڇ تائين جاري هو. هن جي مزار پراڻي اگهم ۾، جيڪو هن وقت اگهاماڻي جي نالي (تعلقي ماتلي ضلعي حيدرآباد ۾) آهي، عام خلق جي زيارت گاهه رهندي اچي ٿي. اگهم (ڪوٽ) جي پراڻن آثارن جي اُتر طرف مخدوم محمد اسماعيل سندس ڀاءُ مخدوم يحييٰ پُٽس مخدوم حامد ۽ پوتس مخدوم اسماعيل 14 ذوالحج 996 هه ۾ فوت ٿيو. سندس درگاهه جي مقبري تي لڳل ڪبي ۾ ظل الله مان تاريخ نڪري ٿي.

جادم جو اولاد سما، جيڪي روايتون ٻُڌيون ويون آهن، تن موجب جادم سمن جو وڏو هو.

ساموئي نگر، هي سمن جو آباد ڪيل هو، ان ڪري مٿس اهو نالو ساموئي نگر پيو. هن جا آثار ٺٽي کان ٻه ميل اتر واري پاسي موجود آهن. سرڪاري دفترن ۾ پڻ ديهه ساموئي درج آهي.

خرابي سنڌ، تاريخ، جيڪڏهن اها تاريخ 849 هه هجريءَ بدران 749 هه سمجهي وڃي، ته اهو احوال سمن جي ابتدائي حڪومت سان پورو ٺهڪي سگهي ٿو.  

اسان کي معلوم آهي ته 751 هه جي پڇاڙيءَ ۾ سلطان محمد بن تغلق دهليءَ جو بادشاهه، پنهنجي باغي طغيءَ جو پيڇو ڪندي، ڪرنال (جهونا ڳڙهه – ڪاٺياواڙ) کان ٺٽي ڏانهن ڊوڙندو آيو هو. ضياء برنيءَ تاريخ فيروز شاهيءَ ۾ سنين بابت جن وٽ طغي اڃا سام پيو هو، سومرن مان ڪن طغي ٺٽي وڃي اتان جي ڄام وٽ رهيو (1). ڄام، سمن جر سردار جو خانداني لقب آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته ان زماني ۾ ٺٽي جو حاڪم هڪ ڄام سمو هو.

 

(1) تاريخ معصومي ص 48

سنڌ جو مورخ مير محمد معصوم چوي ٿو: طغي کنڀات مان ڀڄي جاڙيجن ۾ آيو، يعني هو پهرين ڪڇ ويو، جيڪو جاڙيجن سمن جي قبضي ۾ هو. سلطان سندس پٺيان هلندو، ڪڇ ۾ ناڪني شهر تائين پهتو. طغي وري اتان ڀڄي ٺٽي آيو (1). ان مان پڌرو آهي ته جاڙيجن سمن، جن کي سنڌ جي سام ۾ موڪليو هو. هي ڄام گهڻو ڪري اُنڙ هوندو، جنهن سترهن سال اڳ 734 هه ڌاري، سيوهڻ ۾ بغاوت ڪري ملڪ رتن کي (جيڪو سلطان محمد بن تغلق جي پاران اتان جو والي هو)، قتل ڪري سيوهڻ جي قعلي تي قابض ٿيو هو.

ابن بطوطه جيڪو انهيءَ واقعي کان پوءِ سيوهڻ پهتو، انڙ کي ونار سامري لکندي چوي ٿو ته هن جا ساٿياري ”قدمو اعليٰ انفسهم المذڪورو سمو.“ ملڪ فيروز (2).

ابن بطوطه پڌري پَٽِ ان شخص (انڙ) جي نالي ۾ شبهه پيدا ڪري ونار السمه (سمن جي قوم انڙ) بدران، ونار السامري (سومرن جي قوم مان اُنڙ) لکيو آهي. اهو ئي انڙ سنڌ ۾ سمن ڄامن جي، حڪومت جو باني هو ۽ پنهنجي پهرئين لقب ملڪ فيروز جي رعايت سان وڏي ۽ فخر واري لقب فيروز الدين سان حڪومت هلايائين.

ڄام نظام الدين جي مقبري جي ڀت واري ڪتبي تي (جيڪو پاڻ 866 هه ۾ تخت تي ويٺو ۽ 914 هه ۾ وفات ڪيائين) ائين لکيل آهي ته: سلطان فيروز الدين شاهه بن سلطان صدر الدين شاهه بن سلطان صلاح الدين شاهه بن سلطان رڪن الدين شاهه بن فيروز الدين شاهه.

 

(1) تاريخ معصومي ص 62

(2)  رحلته ابن بطوطه (تحفته النظار) پيرس 1893ع  1922ع

ج – ص 105 – 108.

ابن بطوطه چواڻي: ملڪ رتن جي قتل کان پوءِ، هي ونار (انڙ) ملڪ فيروز سلطاني فوجن جي حملي جي ڊپ کان ۽ پنهنجي قوم (سمن) جي پري هئڻ سبب، سيوهڻ ڇڏي اچي پنهنجي قوم وارن سان مليو ثم خاف عليٰ نفسه لبعه عن قبيلة فخرج في اقاربه و قصد قبيلة پر پاڻ وڏي همت وارو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ پنهنجا ماڻهو گڏ ڪري ٺٽي تي قبضو ڪري ورتائين.

اڃا تائين اهو پتو نه ٿو پوي، ته ڄام انڙ ڪهڙي سال ۾ آزاديءَ  سان اڪيلو حڪمران ٿيو. ڏهه سال اڳ راقم (ڊاڪٽر بلوچ) سمن حاڪمن جي حڪمرانيءَ  جي لاڳيتي دور بابت، جيڪو مقالو لکيو هو، تنهن ۾ انهيءَ نتيجي تائين رسائي ٿي، ته فيروز شاهه ڄام انڙ 751 کان 753 هه تائين حڪومت ڪئي هئي (1)، پر هن جي پراڻي بغاوت (ملڪ رنن جي قتل دوران) 734 هه ۽ طغيءَ جي وٽس سام وٺڻ 751 هه جي پڇاڙيءَ ۾، ٻنهي واقعن مان اهو نتيجو نڪري ٿو، ته ڄام اُنڙ 751 هه کان اڳ ٺٽي تي قابض ٿيو هو.

تاريخ طاهريءَ جي مصنف هتي جيڪو حوالو ڏنو آهي، تنهن موجب ڄام انڙ  فيروز الدين شاهه جي حڪمرانيءَ  جو دور 749 هه کان شمار ڪرڻ گهرجي.

سمن ڄامن جي حڪومت جي خاتمي جو سال، مصنف جي موافقت سان خرابي سنڌ جي عددن مان نڪري ٿو، يعني 927 هه جنهن ۾ شاهه بيگ ارغون پنهنجي پُٽ شاهه حسن سميت سنڌ تي اچي قابض ٿيو.

 

(1) ڏسو راقم (ڊاڪٽر بلوچ) جو انگريزي مقالو Chronology of the Samma Rullrs of  Sind

Procecdings of the Second Session of the Pakistan Histrocial Records and Archieves Commission Gov. of  Pakistan Press Karachi 1954.

تغر آباد – ڄام تغرور (ص . . .)، سمن ڄامن مان ڪو به ڄام تغرور جي نالي وارو ڪو نه ٿي گذريو آهي. اها سئين سڌي مصنف جي ڀل آهي. جنهن ڄام تغلق بدران ڄام تغرور لکيو آهي. مير معصوم لکي ٿو ته: جڏهن فتح خان بيماريءَ جي بستري تي ليٽي پيو ۽ سندس چهري مان موت جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا، ته مرڻ کان ٽي ڏينهن اڳ، پنهنجي ڀاءُ تغلق کي تخت تي ويهاريائين (1). مير علي شير قانع به لکي ٿو، ته تغلق آباد واري قلعي عرف ڪلان ڪوٽ جو بنياد ڄام تغلق آباد واري علائقي عرف ڪلان ڪوٽ جو بنياد ڄام، تغلق رکيو، پر اڌورو رهجي ويو (2). هن قلعي جا آثار اڃا تائين ٺٽي کان ٽي ميل ڏکڻ ۾ موجود آهن.

جڏهن ڄام نندو (نظام الدين) گاديءَ تي ويٺو (ص . . .) مصنف جي لکڻيءَ مان ائين پيو ڀاسجي، ڄڻ پاڻ سمن جي تاريخ جي تسلسل کان چڱيءَ طرح واقف نه هو. جيئن (ص . . .) تي لکي ٿو، ته ڄام نندي کان اڳ اهڙو احوال ڪو نه هو، جيڪو لکيو وڃي ها. مير محمد معصوم جنهن 21 سال اڳ ۾ پنهنجي تاريخ (تاريخ معصومي) 1009 هه ۾ لکي هئي، سمن ڄامن جو تفصيلي ذڪر سندن نالن سميت ٻڌائي ويو هو. شايد مصنف (نسياني) مير معصوم جي انهيءَ تاريخ کان نا واقف هو.

جيڪي به ڇپيل يا قلمي تاريخي ماخذ پاڻ تائين پهتا آهن، تن ۾ ٿورو ڪي گهڻو سمن ڄامن جو احوال ملي ٿو، جن جي آڌار تي سمن جا لقب، نالا ۽ سندن حڪومت جا لاڳيتا دور هتي درج ڪيا وڃن ٿا (3).  

(1) تاريخ معصومي ص 70

(2) تحفته الڪرام ص 51

(3) تفصيلي بحث، دلين ۽ وڌيڪ ثبوت لاءِ ڏسو راقم (ڊاڪٽر بلوچ) جو انگريزي مقالو:

Chronology of the Samma Rulers of Sindh

 فيروز الدين شاهه ڄام انڙ پُٽ ڀاڀيڻو 749 – 753 هه.

صدر الدين شاهه ڄام ڀاڀيڻو پُٽ فيروز الدين شاهه ڄام انڙ (علاء الدين ڄام جوڻي سان گڏ) 753 – 768 هه.

رڪن الدين شاهه ڄام تماچي پُٽ فيروز الدين شاهه ڄام انڙ (خير الدين ڄام تو ڳاچي پُٽ علاء الدين ڄام جوڻي سان گڏ) 768 – 777 هه.

علاء الدين ڄام جوڻو پُٽ ڀاڀيڻو (ٻيو ڀيرو) 777 – 91 – 790 هه.

سلطان رڪن الدين شاهه ڄام تماچي (ٻيو ڀيرو) 791 – 795 هه.

سلطان صلاح الدين شاهه ڄام (اُنڙ ؟) پُٽ سلطان رڪن الدين شاهه ڄام تماچي 795 – 806 هه.

نظام الدين ڄام پُٽ سلطان صلاح الدين شاهه ڄام (اُنڙ ؟) 807 – 815 هه.

ڄام علي شير پُٽ سلطان رڪن الدين شاهه ڄام تماچي 809 – 815 هه.

ڄام ڪرڻ پُٽ خير الدين ڄام تو ڳاچي پُٽ علاء الدين ڄام جوڻو 816 هه.

صدر الدين ڄام سڪندر شاهه اول پُٽ خير الدين ڄام تو ڳاچي 816 هه.

ڄام فتح خان پُٽ صدر الدين ڄام سڪندر شاهه اول 816 (ربيع الاول کان پوءِ) 831 هه.

ڄام تغلق (جوڻو ؟) پُٽ صدر الدين ڄام سڪندر شاهه اول 831 (ربيع الاول کان پوءِ) 857 هه.  

ڄام مبارڪ (ڄام تغلق جو عامل ۽ سندس مائٽ) 857 هه.

سڪندر شاهه ٻيو ڄام محمد عرف اُنڙ پُٽ ڄام فتح خان (نمبر 10) 857 – 6 جمادي الاول 858 هه.

سلطان صدر الدين شاهه ڄام سنجر عرف رائدن پُٽ سلطان صلاح الدين شاهه ڄام (اُنڙ؟) پُٽ سلطان رڪن الدين شاهه ڄام تماچي (نمبر 3) 6 جمادي الاول 858 – 25 ربيع الاول 866 هه.

سلطان نظام الدين شاهه (ڄام نندو) پُٽ سلطان صدر الدين شاهه، ڄام سنجر عرف رائدن 25 ربيع الاول 866 – 914 هه.  

ناصر الدين ابو الفتح سلطان فيروز شاهه پُٽ سلطان نظام الدين شاهه ڄام نندو 914 – 927 هه.

ڄام نظام الدين هڪ نئين قسم جي شهر اڏائڻ جو ارادو ڪيو. هتي مصنف (نسياني) وڏي ويسر (ڀولي) جو شڪار ٿيو آهي، جو ٺٽي شهر جي اڏاوت ڄام نظام الدين عرف تندي جي دور 866 – 914 هه ۾ ڏيکاري ٿو. اهو نئون شهر جيڪو هاڻ به ٺٽي جي نالي مشهور آهي، واقعي سمن ڄامن جو اڏايل هو، پر هنن پهريان ساموئي جو شهر آباد ڪيو هو، ان کان پوءِ هنن ٺٽي ڏانهن ڌيان ڏنو، جيئن اڳ لکيو ويو آهي. ملڪ فيروز ڄام اُنڙ 734 هه ۾ ملڪ رتن کي سيوهڻ ۾ قتل ڪرڻ کان پوءِ، اتان ڀڄي پنهنجي قبيلي ۾ آيو. ان زماني ۾ سمن جو هيڪاندو ماڳ ساموئي جو شهر هو. اڳتي هلي ڄام انڙ زور وٺڻ کان پوءِ، هن علائقي تي قابض ٿيو. ٺٽي جي اڏاوت گهڻو ڪري 740 – 750 هه ڌاري نئين سر ٿي هوندي. جيئن اسان ڏسون ٿا، ته 751 هه ۾ اهو سردار ٺٽي جو ڄام، يعني حاڪم هو، جو طغي وٽس اچي سام ورتي.

سنڌ ۾ جيڪي روايتون رائج آهن، تن موجب ٺٽو هن ملڪ جي قديم شهرن مان شمار ڪيو وڃي ٿو. سنڌي لغت ۾ ٺٺ يا ٺٽي کان مراد اها ديهه، جيڪا درياهه جي ڪناري تي هجي. ڀائنجي ٿو ته جڏهن درياهه ان پاسي کان وهندو هو، تڏهن اها ديهه اتي آباد ٿي هوندي. جيڪڏهن درياهه جو وهڪرو انهيءَ پاسي ستين صدي هجريءَ جي پڇاڙيءَ يا اٺين صدي جي اڳياڙي ۾ ليکيو وڃي، تڏهن به تسليم ڪرڻو پوي ٿو، ته ٺٽو تنهن زماني ۾ هڪ ديهه جي صورت ۾ آباد هو.

ڊاڪٽر عبدالله چغتائي تازو اطلاع ڏنو آهي، ته امير خسرو دهلوي (651 – 705 هه) پنهنجي مثنوي ”نُهه سپهر“ ۾ ٺٽي جو نالو ورتو آهي. اهو احوال به انهيءَ نتيجي جي (جيڪو مٿي ڄاڻايو ويو) تائيد ڪري ٿو.  

سڦرو، سنڌيءَ ۾ سدورو يا سڀاڳو.

پير پٺي جي مزار، پير پٺي بابت، جيڪو سنڌ ۾ انهيءَ نالي سان مشهور آهي. حديقته الاولياء ۾ سيد عبدالقادر ۽ تحفته الڪرام ۾ مير علي شير قانع ڪافي ڪجهه لکي چڪا آهن. شيخ پٺو – پير آر ڪنيت ابو الخير لقب شاهه عالم، نالو حسين پُٽ راڄپار پُٽ لاکو پُٽ سخيرو ذات اُپلاڻ. سندس والده جو نالو سلطاني ڌيءَ مراد پُٽ شرفو، جيڪو شيخ بهاء الدين ملتانيءَ جي مريدن مان هو، 666 هه ۾ فوت ٿيو. سندس مزار ٺٽي کان 14 ميل ڏکڻ تي هڪ ٽڪريءَ مٿان آهي، جتي اڄ تائين ماڻهن جي اچ وڃ رهي ٿي.

آخر کيس مبارڪ خان جو خطاب مليو. قبولئي نالي ڇوڪرو، پهريان پهريان دريا خان جي لقب، پوءِ  مبارڪ خان جي خطاب سان سرفراز ٿيو، بلڪ ڄام نظام الدين هن کي پنهنجو پُٽ ڪري سڏيو، جيئن سندس مقبري جي دروازي مٿان لڳل ڪتبي تي، جيڪو هن پاڻ (دريا خان) پنهنجي حياتيءَ ۾ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي تعمير ڪرايو هو، هيءَ عبارت اُڪريل آهي:

هذ المقام في زمان خان الاعظم ميان مبارڪ خان
بن سلطان نظام الدين شاهه سخي حبيب الله آغاز
بنياد من جمادي الاول سنه خمس و تسعين و ثمانئته.

وبر شهراج (ص . . .) صحيح ديرو سهراج آهي. سهراج ڪهر قوم جي سردارن مان هو، ڪهرن جي ديري جا آثار اڄ به (شهر ۽ گاديءَ جي هنڌ جي صورت ۾ برباد ٿيل) تعلقي شاهه بندر ضلعي ٺٽي ۾ موجود آهن.

ٽيهتر ورهين جي ڊگهي عرصي واري حڪومت هلائي (ص . . .)، ڄام نظام الدين عرف نندي ربيع الاول 866 کان 914 هه تائين اٺيتاليهه ورهيه حڪومت هلائي هي جهان ڇڏيو.

آخر کيس ڪنڌ تي ترار جي وار ٿيڻ ڪري شهيد ٿيڻو پيو (ص . . .). اصل ڳالهه هيئن آهي، ته دريا خان ارغونن سان سخت جنگ ڪندي (جنهن ۾ سندس بهادري چوٽ تي هئي)، دشمنن جي فريب ۾ اچي، قيد ٿيڻ کان پوءِ قتل ٿيو. مير معصوم لکي ٿو ته دريا خان اهڙي جنگ جوٽي، جو ان جي بيان کان قلم جي زبان قاصر آهي، (آخرڪار) تنگربردي (جيڪو ارغونن مان قبتاش (بدقماش) جي لقب وارو هو) جي هٿان قيد ٿي، سمن جي لشڪر سميت قتل ٿي ويو (1). بيگلارنامي جو مصنف چوي ٿو ته: دريا خان مڙسان مڙسيءَ جنگ ڪئي، نيٺ انهيءَ  جنگ ۾ مغلن جي فوج هٿان قيد ٿي قتل ٿيو (2).

انهن مورخن تفصيل سان ڪو نه لکيو آهي، ته ارغونن هن نامور سپهه سالار کي سندس لشڪر سميت ڪيئن قيد ڪيو؟ گمان آهي ته ارغونن جنگ جي ميدان ۾ پنهنجي سوڀ جو آسرو نه ڏسي، فريب پکيڙي صلح جو جهنڊو اُڀو ڪيو، دريا خان جيڪو نهايت نيڪ سرشت وارو هو، هنن جي عهد تي اعتبار ڪري صلح جي لاءِ تيار ٿيو، ائين ڪندي سندن فريب ۾ اچي قتل ٿي ويو.

هن ڏس ۾ گجرات جي مورخ عبد الله بن محمد بن عمر المڪي پنهنجي تاريخ ”ظفر الواله بمظفر و آله“ (3) جيڪا انهيءَ واقعي کان 36 سان پوءِ 963 هه ۾ تصنيف ڪئي هئائين، صاف لکي ٿو ته:

(1) تاريخ معصومي ص 114

(2) بيگلارنامه ص 8 سنڌي ادبي بورڊ.

(3) ظفر الواله بمظفر وآله لندن 1910ع – 1928ع  ص 138.

ثم المفغل احتالوا عليٰ وزير دريا خان و قتلوه غدار.

ڪي چون ٿا ته ملتان (ص . . .)، شاهه بيگ ارغون جي موت بابت مصنف جيڪو سال 924 هه ڄاڻائي ٿو، ته سندس ٻُڌ سُڌ سان تعلق رکي ٿو، باقي تاريخي طرح ان جي ڪا به اهميت ناهي. مير معصوم پنهنجي تاريخ ۾ شاهه بيگ جي موت بابت تفصيل سان لکيو آهي ته: ٺٽي تي قابض ٿيڻ کان پوءِ شاهه بيگ قنڌار ڏانهن واپس وريو، پر وري سنڌ ڏانهن واپس آيو، جڏهن سيوهڻ ۽ بکر جي مهم تان واندو ٿيو، ته گجرات هٿ ڪرڻ لاءِ ٺٽي مان اوڏاهين ڪاهي ويو. واٽ تي اگهم ڪوٽ وٽ پهچي ساهي پٽيائين. انهيءَ وچ ۾ کيس خبر ملي، ته بابر بادشاهه بهيره ۽ خوشاب پهچي چڪو آهي ۽ هندوستان تي قابض ٿيڻ جو ڪوششون پيو ڪري. شاهه بيگ اها خبر ٻڌي ڏاڍو پريشان ٿيو. انهيءَ ڏوجهري ۾ اندر ئي اندر ڳڻتين ۾ ڳرندي انهيءَ هنڌ گجرات فتح ڪرڻ کان اڳ 928 هه فوت ٿيو. شهر شعبان مان سندس وفات جي تاريخ ڪڍي وئي (1).     

طبقات اڪبري ۽ تاريخ فرشته (2) ۾ شاهه بيگ جي وفات جي تاريخ 930 هه آهي، پر مير معصوم جي تفصيل مطابق 928 هه درست سمجهڻ گهرجي.  

اڃا تائين انهن جا مقبرا سمن ڄام جا مقبرا، جيڪي مڪليءَ جي اترئين پاسي موجود آهن، انهن مان ڄام نظام الدين جي مقبري واري عمارت،

(1) تاريخ معصومي، ص 126 – 127.

(2) طبقات اڪبري، خواجه نظام الدين احمد بخشي، ڇپايل ڪلڪتو. 1927ع، جلد 3، ص 621.

(3) تاريخ فرشته، ڇاپو بمبئي 1832ع، ج 2، ص 621.

جيڪا سنگ تراشيءَ جي فن ۾ بي نظير حيثيت رکي ٿي، سالم حالت ۾ موجود آهي.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org