23 April, 2011

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تاريخ طاهري

باب: --

صفحو:12  

هن کان سواءِ مرزا باقي انهن ماڻهن کي به ڏاڍو ورسايو، جيڪي مصيبت واري زماني ۾ هن جو پورو ساٿ ڏئي، ساڻس ڏکيا سکيا ڏينهن گڏ گذاري چڪا هئا (119).

پيءُ جي ميراث تي جان بابا جو مرزا باقي سان ڦڏو ڪرڻ

ڀائرو! هيءَ دنيا ڏاڍي اڻانگي آهي، جيڪڏهن ڪو هن کي هٿ ڪرڻ جي لاءِ حيلا هلائي ٿو ته ماڻهو ان تي حرص هوَس جي تهمت ٿا مڙهين ۽ جڏهن ان کي هٿ ڪري ٿو ته کيس ڪيئي بڇڙايون آڏو اچن ٿيون، پر جيڪڏهن ڪو بنهه دنيا کي لت هڻي ٿو ڇڏي، ته ماڻهو چون ٿا، هن نکمڻي مان ڪا به چڱائي ٿيڻي ناهي:

جيڪڏهن دنيا نه آهي، ته ان جي ڳڻتي ٿي ماري

جيڪڏهن آهي ته، ان جي چڪر ۾ پورا ڪو نه ٿا پئون!

مرزا باقي جڏهن پنهنجي ڀاءُ جي ڊپ کان دربدر ٿي، ڪيترين مصيبتن کان پوءِ، پيءُ جي جاءِ تي حڪمران ٿيو، ته وري ارغونن جي وڳوڙن هن جو آرام ڦٽائي ڇڏيو، نيٺ انهن کان به حيلي بهاني جان ڇڏايائين. هاڻ وري سندس ٻيو ڀاءُ مرزا جان بابا، جيڪو گهڻي وقت کان سمن جي سام ۾ هو، مرزا عيسيٰ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، بکر جي حاڪم محمود خان ڪوڪلتاش کي ساڻ ڪري پيءُ جي تعزيت لاءِ  986 هه (1) ۾ مرزا باقيءَ وٽ لنگهي آيو. ٿورا ڏينهن گذريا ته پيءَ جي ميراث جي ڳالهه وچ ۾ وڌائين، ته ان جي ورهاست ٿيڻ کپي. هن ڄاڻي واڻي محمود خان کي سفارشي بنائي پاڻ سان آندو هو ته جيئن مرزا باقي ان جي چوڻ تي لڳي، ميراث جي ورهاست لاءِ تيار ٿي وڃي. محمود خان به هن جي چڱي وڪالت ڪئي، پر مرزا باقي ڌڪ کائي پڪو ٿي چڪو هو. جيئن اهي ڳالهيون ٻڌائين، ته محمود خان کي چوڻ لڳو: (120) جيڪڏهن هي هتي رهي منهنجي رضا تي راضي ٿي پيو هلندو، ته آءٌ هن لاءِ سڀ ڪجهه پيو ڪندس، پر ائين ٿي نه ٿو سگهي، ته کيس واپاري ٻچن وانگي ملڪ ۽ ميراث مان حصو ڏئي، ڪنهن به هڪڙي صوبي جو حاڪم بڻائي پنهنجي ڪُکِ ۾ ڪان هڻي ڇڏيان ۽ هيءَ حڪومت (جيڪا اوهان کي خبر آهي، ته ڪيڏي محنت ۽ تڪليف سان هٿ ڪئي اٿم) پنهنجي هٿان وڃائي ويهي رهان! توهان مان پڻ اها اميد ٿو رکان، ته جيئن منهنجي پيءُ ڀيري منهنجو ڀاءُ مرزا صالح اسان ٻنهي پيءُ پٽن جي وچ ۾ آيو هو، تيئن هن جو معاملو سمجهندا. پڇاڙيءَ چيائين: سڀ کي خدا وٽ هلڻو آهي اسان ۽ اوهان

(1)  ڏسو حوالا ۽ متعلقات

جي درميان جيڪو رستو هلندو اچي ٿو، اهو مهرباني ڪري جيئن جو تيئن، قائم رکندا.

مرزا باقي پنهنجي پيءَ کان پوءِ انهي خيال جو ٿي چڪو هو ته جهڙو ماڻهو ڏسجي تهڙي ڳالهه ڪجي. خاص ڪري ارغونن سان هن جيڪي جُٺيون ڪيون هيون، تن مان سمجهي سگهجي ٿو ته پنهنجي حريفن سان ڇا نه ڪري گذريو! محمود خان اڳ پوءِ جو خيال ڪري جان بابا کي چيو ته تون پنهنجي ڀاءُ مرزا باقيءَ جي مرضيءَ موجب هتي رهي سگهين ٿو، ٻيءَ حالت ۾ توکي جيئن مناسب نظر اچي تيئن ڪر، مون کي ته انهيءَ کان سواءِ ڪا صلاح نه ٿي سُجهي!     

جان بابا کي خبر هئي، ته جيڪڏهن محمود خان جي صلاح سان هتي رهي پيس ته مرزا باقي مون کي جيئرو نه ڇڏيندو، ان ڪري ساڻس گڏجي سميجن ڏانهن هليو ويو. ڪيترن ڏينهن کان پوءِ جان بابا ڇا ڪيو، جو جيڪي ارغون مرزا باقي جي قتل عام کان پاڻ بچائي ڀڄي نڪتا هئا، تن مان شاهه قاسم ارغون، علي شير ۽ ٻيا ڇڙوڇڙ ٿيل وري هيڪاندا ڪري، اچانڪ ٺٽي تي ڪاهي آيو. هيڏانهن مرزا باقي به پوري طرح تيار ٿي، پنهنجن ماڻهن کي همٿائڻ لڳو: وارو ڪريو! ڏينهن اڄوڪو آهي جيڪڏهن وڳوڙين جو ٿڏو پٽيو ويو ته ملڪ تي پنهنجي حڪومت رهندي. ٻيءَ حالت ۾ وري اهي دربدريءَ وارا ڏينهن ڏسڻا پوندا. هاڻ ته ڪا اهڙي جاءِ به ڪا نه رهي آهي، جتي وڃي پنهنجا پير پختا ڪري سگهجن، آخر مڪلي ۽ ٺٽي جي وچ واري ڪلراٺي زمين تي ڇتي جنگ شروع ٿي وئي. مرزا باقيءَ پنهنجن ماڻهن کي جيڪا تربيت ڏني هئي، تنهن موجب هر ڪنهن حوصلو ڌاري چڱا جوهر ڏيکاريا، ملا بهبود جنهن کي باقيءَ پاڻ وٽان پرڻايو هو، تنهن جو پٽ ميرم علي (جنهن کي مرزا غازي بيگ ترخان پنهنجي زماني ۾ ميرم علي سلطان جو لقب ڏنو هو)، مرزا باقيءَ کي پنهنجي پيءُ برابر سمجهي وڏي بهادريءَ سان وڙهيو، پر پڇاڙيءَ ميدان ۾ مارجي ويو. ملا بهبود کي (1) اهو ئي اڪيلو پٽ هو.    

هوڏانهن جان بابا کي اهڙي شڪست ملي، جو سندس لشڪري دل هول کان پنهنجو پاڇو پاڻ تي پهاڙ سمجهي، جان کان بيزار ٿي ماڳهين جان بابا کي نندڻ لڳا. نيٺ هن کي ميدان ڇڏي ڀڄڻو پيو. جڏهن ويجهڙائيءَ ۾ کيس ڪٿي پير کوڙڻ جي ڪا جاءِ نه ملي، ته ڪڪرالي جي ڄام ڏيسر سمي ڏانهن نڪري ويو، جيڪو ساموئي وارن سمن مان هو ۽ سمنڊ جي ڪنڌيءَ سان پنهنجي حڪومت قائم ڪئي هئائين. جان بابا کانئس مدد گهري، پر ملي نه سگهيس. اتان پنڌ پئي سمن وٽ آيو، جن جي نياڻي سندس گهر ۾ هئي (122). انهن وٽان ٻيهر مدد وٺي ارغون ۽ ٻيا ماڻهو ساڻ ڪري مرزا باقيءَ سان وڙهڻ لاءِ سندرو ٻڌي نڪتو. مرزا باقيءَ ڏٺو ته هن کي وري کُٽيءَ کنيو آهي، سو ريڻ بارگاهه ڏانهن وڌيو، جيئن هن دفعي کيس روهه رلا مٿي کلا  ڏئي ڇڏجن.

جان بابا سان گڏ شاهه قاسم ارغون جو راتاهو ڏيڻ ۽ مرزا باقي جي گهر واريءَ کي قتل ڪرڻ

مرزا باقي سوچڻ لڳو: هي جو گهر جو ڀيدي جيڪو هاڻي لاهي پاهي اسان جي ڪڍ پيو آهي، جيڪڏهن ائين هڪ ٻئي پويان فتنو کڙو ڪندو رهيو، ته

(1) مولف، ملا بهبود جو بيان ڪندي مونجهاري ۾ پئجي ويو آهي اها ڳالهه شايد مصحح صاحب جي ڌيان تي به نه آئي – حقيقت ۾ ملابهبود عيسيٰ جي خاص ماڻهن مان هو. مرزا باقي کيس محل                                                                                               ڏسو حاشيه 

ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن اسان جو ڍينگو ئي ڍيري ڪري ڇڏيندو. ان جو اُپاءُ اهو  ئي آهي، ته کيس ڪنهن نموني ريهي ريبي سوگهو جهليو وڃي. پاڻ اڃا انهيءَ ڳڻ ۾ هو ته مٿان شاهه قاسم ارغون وڏو ڪٽڪ ساڻ ڪري، اڌ رات جي وڳڙي ۾ اهڙو راتاهو ڏنو، جو مرزا باقيءَ جا لشڪري، جيڪي پهرين سوڀ کان ڏاڍي آڪڙ سان پاڻ تي ڀاڙي، بهادريءَ جا داستان بيان ڪندا ٿي رهيا، هن اوچتي لڙ گوڙ تي هڪدم ڇرڪ ڀري هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي شڪست کائڻ جا پرڪار پسائڻ لڳا. شاهه قاسم ارغون تيستائين وڃي لاهري نالي مرزا باقيءَ جي ٻيڙيءَ تائين پهتو. انهيءَ ارادي سان ته جيڪڏهن مرزا باقي ور چڙهيو، ته سندس رت جا ڍڪ ڀري، پنهنجي ڀائرن جو وير چڪائيندس.

ٻيڙيءَ ۾ مرزا باقي پنهنجي بيگم سوڌو موجود هو. جيئن شاهه قاسم کي ڏٺائين، ته ٻنهي گڏجي در کي اندران بند ڪري پورو زور لڳايو، ٻاهران شاهه قاسم به در کي ڌڪا ڏيڻ لڳو. انهيءَ وٺ پڪڙ ۾ مرزا باقيءَ کي در جي ڪڙي چاڙهڻ جو حوصلو به نه رهيو، جيئن ته غنيم ڏاڍو هو ۽ ڏاڍا زور ٿي لاتائين، ان ڪري (123) در کلي پيو ۽ هو ڌوڪي اندر هليو آيو. مرزا باقي شاهه جي ڊپ ۾ ٻيڙيءَ  جي ٻئي پاسي کان درياهه ۾ گُهت هڻي لڙهندو هليو ويو. سندس بيگم مڙسن وانگي مڙس ٿي بيٺي، شاهه قاسم اندر داخل ٿيو، ته کڻندي ئي ڏيئي جي هيٺان پيل تيل واري تسري، اهڙي ته منهن تي وهائي ڪڍيائينس، جو جيستائين جيئرو هو، تيستائين سندس پيشانيءَ تي اهو داغ رهندو آيو. شاهه

جي ٻانهين مان هڪڙيءَ مان شادي ڪرائي، جنهن مان مير علي نالي پٽ پيدا ٿيس. پاڻ (ملا بهبود) مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ جان بابا سان جنگ ڪندي سخت حملن کان پوءِ ڪم آيو (قتل ٿي ويو) سندس پٽ (مير علي) پاڻ کي ارغون گهراڻي مان سمجهي مرام علي سلطان سڏائڻ لڳو.

ڏسو تحفته الڪرام سنڌي ص 226 – (مترجم)

قاسم ايترو ته ٻهترجي ويو جو اوندهه ۾ هن کي ئي مرزا باقي سمجهي قتل ڪري ڇڏيائين، پوءِ ته سڄي لشڪر ۾ ٻاڪر ڪٽو پئجي ويو.

مرزا باقي درياهه ٽپي پوڻ کان پوءِ ٻُڏڻ کان بچڻ لاءِ هٿ پير پئي هنيا ته ايتري ۾ خليل خدمتگار (جيڪو پڻ جان بچائڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو هو) اچي کيس ويجهو ٿيو. مرزا باقي اُتاولي مان کيس وارن کان جهلي پڇڻ لڳو: ڪير آهين؟ هن چيو فلاڻو آهيان، ته چيائينس، جلدي ڪر هيڏانهن هوڏانهن ڏس ڪا ڊونڊي (ننڍي ٻيڙي) هٿ اچئي ته ڪاهرائي اچ. هن ڊونڊيءَ جي وڙ ڪڻي ته ايتري ۾ مراديو ٻيڙيءَ وارو گڏيس، جيڪو اڳتي هلي مرزا جي مهربانيءَ سان ٺٽي صوبي جو مير ملاح بڻيو. نيٺ مرزا باقي انهيءَ جي ٻيڙيءَ تي چڙهي درياهه اُڪري پرين ڪنڌيءَ تي پهچي علي پوٽي ڳوٺ وٽ وڃي نڪتو. پوءِ پنهنجي ماڻهن ۽ لشڪر کي ڏاهه ڏيڻ لاءِ دهل شرنائين وارا گهريائين جن اچي ٽاهو وڄايا. آواز ٻڌي سندس لشڪر ۽ ماڻهو جيڪي هار کان هنياءُ لاهي ۽ مرزا باقيءَ کي مري ويل سمجهي ڪک پن ٿي چڪا هئا، هڪ هنڌ گڏ ٿي غنيم تي (124) حملا ڪرڻ لڳا. اها خبر غنيم کي به پئجي چڪي هئي ته مرزا باقي سلامتي سان هتان نڪري چڪو آهي ۽ هن وقت سندس پاسي اچڻ جي پيو ڪري، جيڪڏهن اچي نڪتو ته اسان مان ڪنهن هڪ جو بچڻ به ڏکيو آهي، انت انهيءَ خوف کان کڙيءَ تي کڻي زور ڏنائين.

صبح تي مرزا باقي درياهه ٽپي هن ڀر آيو، ته سموري لشڪر کي گڏ ڪري غنيم جي ڪڍ ڪاهي پيو. جيستائين ان کي ملڪ جي سرحد مان تڙي نه ڪڍيائين، تيستائين پيڇو ڪا نه ڇڏيائين. جڏهن اهو فتنو به ٽري ويو ته واپس ٺٽي پهچي پوري دلجاءِ سان پنهنجي ماڻهن جي سار لهڻ ۽ مخالفن جي پاڙ پٽڻ ۾ لڳي ويو. خليل خدمتگار ۽ مهندار کي خاص مقرب بڻائي، هر ڪنهن معاملي ۾ خودمختار ۽ مهندار مقرر ڪري، کيس پنهنجي مُهر ڏئي ڇڏيائين. مراديو ملاح جيڪو سندس جان بچائي چڪو هو، تنهن کي هزارين ننڍيون وڏيون سرڪاري ٻيڙيون سونپي ۽ پگهادار ملاح چاڪري ۾ ڏئي مير ملاح جي خطاب سان نوازيائين.

ملڪ ۾ پاڻيءَ رستي ماڻهن جي جيڪا اچ وڃ ٿي، تنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! سال جي ٻارهن مهينن مان چئن مهينن ۾ سياري جي موسم جي ڪري پاڻي گهٽ ٿو رهي انهيءَ عرصي ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪيڏانهن وڃڻ چاهي ته خشڪيءَ جي رستي آسانيءَ سان وڃي سگهي ٿو. باقي اٺن مهينن ۾ اها حالت آهي جو سڄو ملڪ پاڻيءَ هيٺ غرق رهي ٿو. جيڪي ماڻهو ڪن مٿانهن هنڌن تي وهن ٿا، تن کي ته سامان سرڙي ڍوئرائڻ يا پاڻي ڪانجهي ڀرڻ جي ڪا ضرورت ڪا نه ٿي پوي، پر ٻين جي لاءِ ٻيڙين کان سواءِ چاڙهو ڪانهي. ان ڪري اچ وڃ گهڻي ٿي پوندي آهي. تنهنڪري ايتريون ٻيڙيون سيڙهائيون وڃن ٿيون.

مراديو ملاح انهيءَ عهدي سان گڏ شهر جو ڪوٽوال به مقرر ٿيو. اهڙيءَ ريت مرزا باقيءَ پنهنجي جان بچائڻ وارن ۽ وفادار ماڻهن کي ورسائي بي اونو ٿي، ٿڏو ڄمائي، مال خزاني ميڙڻ تي لهي پيو. انهي هوس ۾ هاڃا هڻندي ڪيترن چڱن ڀلن جا کنڌا کڻي ڇڏيائين.

مرزا باقيءَ هٿان ڪن بي گناهه بزرگن جو قتل ٿيڻ

جڏهن ملڪ جي چئني پاسن ٺاپر ٿي وئي ته مرزا باقيءَ پنهنجي ننڍي ڀاءُ غالب کي قتل ڪرائي ڇڏيو، جيڪو ويچارو حڪومت ۽ سياست جي ڪنهن به معاملي ۾ دخل ڏيڻ بدران پنهنجي ليکي عيش عشرت ۾ مشغول رهندو ٿي آيو. مرزا باقي اهو ڪُڌو ڪم ان ڪري ڪيو، جو ڊپ هوس ته متان اڳتي هلي هيءُ به زور وٺي، هن کي هيسائڻ جي ڪا سازش نه ڪري.

ان کان پوءِ شيخ ڀرڪيو قتل ٿيو (1)، جنهن جو مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي تڪيو موجود هو، جتان رات ڏينهن ۾ ڪيئي ڀيرا ڀير تي ڏونڪو هڻائيندو ٿي رهيو. شهر جا ڪي ئي ماڻهو هن جا معتقد هئا ۽ سندس قدمبوسيءَ لاءِ وٽس وڃڻ وڏي سعادت ٿي سمجهائون. انهن کان سواءِ ٻاهران ايندڙ سوداگر به هن وٽ اچي دل جي حضور سان نذرانا نياز پيش ڪندا هئا، جن مان ايترو سون، پئسو ۽ ٻيو سامان گڏ پئي ٿيو، جو رات ڏينهن هن درويش جو لنگر هلندو ٿي رهيو، ٻيو ته پٿرن مان چونو تيار ڪرائي گچ ۽ پڪين سرن سان منارو ٺهرائي، ان جي چوٽيءَ تي روشنيءَ جو انتظام ڪرائي ڇڏيو هئائين. انهيءَ روشنيءَ تي رات جو پري کان ايندڙ سامونڊي سوداگر سلامتيءَ سان اچي وٽس سلامي ٿيندا هئا. سندس ڪرامتون بيان کان ٻاهر هيون، شهرين توڙي سوداگرن جو مٿس ايڏو ته ويساهه هوندو هو، جو پنهنجا زيور پئسا ۽ ٻيو قيمتي سامان هن وٽ امانت ڪري رکندا هئا.

مرزا باقي هن درويش جا ايڏا ٺٺ ٺانگر ڏسي سوچڻ لڳو، ته هي به پئسي پائيءَ توڙي سون وغيره ۾ حاڪمن کان گهٽ ناهي. پوءِ ته هن غريب جي مارائڻ لاءِ گهاٽ گهڙڻ لڳو ۽ پنهنجا ماڻهو سندس پويان بَڇي ڇڏيائين. جن چورن وانگي تاڙ ٻڌي کيس قتل ڪري درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو، پنهنجو پرائو سامان جيڪو اُتي هٿ لڳن، کڻي اچي مرزا باقيءَ جي اڳيان رکيائون. اهو ڪم ائين چَٽ گُهٽ ۾ ٿي ويو، جو درويش ڄڻ دنيا ۾ آيو ئي ڪين هو. ماڻهن کي به ڪا

(1) ڏسو حوالا ۽ متعلقات

سُڌ نه پئجي سگهي، ته هن کي ڪيئن قتل ڪيو ويو، قاتل ڪير هئا، ڪٿان آيا ۽ ڪيڏانهن هليا ويا !

صبح ٿيو ته درويش جا معتقد مڙي آيا ۽ هن حادثي تي روڄ راڙي ۾ پئجي ويا. شهر جي ماڻهن به اها خبر ٻڌي، ته مڪليءَ ڏانهن وڃڻ شروع ڪيائون. مرزا باقيءَ کي جڏهن اطلاع مليو، ته هاسيڪاري حيرت ۾ اچي ائين رَکائڻ لڳو، ڄڻ ته کيس ڪا خبر چار ئي ڪا نه هئي. هڪدم حڪم ڏنائين، ته سڄي واقعي جي جاچ ڪري قاتل پيدا ڪيا وڃن، جيئن هن اولياءَ جي قتل جو پورو قصاص ورتو وڃي (125)، جيڪو اسان جي حڪومت ۾ اسان وانگي ئي حڪومت هلائيندو ٿي رهيو.

اها خبر ڪنهن کي به نه پئي، ته هن (مرزا باقي) سڀ ڪجهه پاڻ ڪري ڄاڻي واڻي ان جو ڏوهه ٻين تي مڙهي رهيو آهي. انهيءَ چڪر جاري ڪرڻ کان پوءِ مڪر ڪري اهڙو، ته اچي روئڻ ۾ ڇُٽڪيو، جو ماڻهن مٿس وسهندي اصل حقيقت ئي وساري ڇڏي ۽ اهو معاملو اتي ئي مٽي ٿي ويو.

انهيءَ کان پوءِ مرزا باقي وري شيخ عبدالوهاب پورانيءَ جي مارڻ جا پهه پچائڻ لڳو، جيڪو پڻ انهيءَ درجي مان هو. هن جي مهرباني گهڻي قدر مشهور هئي. ٻاهرين ملڪن مان جيڪي به معزز ماڻهو سمنڊ رستي لاهري بندر وٽان لهي، ٺٽي شهر ۾ ٿي آيا، ته شيخ عبدالوهاب حاڪمن وانگي انهن جي آجيان ۽ ٽهل ٽڪور ۾ سندن سواري، سامان ۽ خوراڪ کان وٺي رهائش تائين سڄو انتظام پاڻ ڪندو ٿي رهيو. مرزا باقيءَ جو خيال هو، ته شيخ عبدالوهاب کي ائين ڪرڻ بدران اهڙا ماڻهو وٽس ڏياري موڪلڻ کپن. اها ئي ڳالهه هئي، جنهن تي هن انهيءَ بزرگ کي به مارائڻ ٿي گهريو، پر مرزا باقي اهو وساري ڇڏيو هو، ته انهيءَ ئي شيخ عبدالوهاب سندس حڪومت جي ڪيتري قدر حمايت ڪئي هئي.

شيخ عبدالوهاب اهو شخص هو، جنهن کي مرزا شاهه حسن ارغون کان وٺي هيلتائين جيڪي به جاگيرون ملي چڪيون، تن جي سموري آمدني خدا جي راهه ۾ خرچ ڪري ٿي ڇڏيائين (126). گهوڙا ۽ قيمتي لباس انهن کي ٿي ڏنائين، جيڪي سندس خيال ۾ کانئس وڌيڪ حاجتمند هئا، اهڙيءَ ريت ڪا به شيءِ پاڻ وٽ نه رکندو هو، بلڪ گهوڙي تي سواري به ڪو نه ٿي ڪيائين.

مرزا باقيءَ جنهن هر حالت ۾ شيخ عبدالوهاب کي پورو ڪرڻ ٿي چاهيو، قاضي خميسي کي حڪم ڏئي ڇڏيو هو، ته حڪومت جي ڀلائيءَ لاءِ ان کي ضرور قتل ڪيو وڃي، حڪم جي پيرويءَ لاءِ قاضي خميسي پوري تياري ڪري ڇڏي، آخر هڪ دفعي عيد جي ڏينهن تي شيخ عبدالوهاب جيئن پنهنجن ماڻهن سان گڏجي عيدگاهه مان نڪري گهر ڏانهن ٿي آيو، ته واٽ تي هن (قاضي خميسي) جي ماڻهن سندس انتظار پئي ڪيو. جڏهن شيخ عبدالوهاب سندن ويجهو آيو، ته هنن وچ بازار ۾ کيس قتل ڪري ڇڏيو. تنهن کان پوءِ به قاضي خميسي هن ڀلاري جي پوين سان ايتري قدر اُچائي ڏني، جو هو ٺٽي مان نڪري پنهنجي جاگيرن ڏانهن هليا ويا ۽ وري شهر ڏانهن رُخ نه ڪيائون.

اُن کان پوءِ مرزا باقي خليفي عبدالوهاب عباسيءَ کي مارائڻ جي ڪئي، جنهن جا وڏا مٿي ذڪر ڪيل محمود طور (ماهم تور) جي شهر مان لڏي آيا هئا. هن جي ولايت ۽ ڪرامت ايتري تائين هئي، جو پکي به کانئس ڊپ نه ڪندا هئا ۽ سندس ڀر ۾ ئي گهمندا ڦرندا ٿي رهيا، پر جڏهن ڪو ٻيو ٿي ڏٺائون، ته ڀر ڪري اڏامي هليا ٿي ويا. سندس خاندان اهڙين عجيب ڳالهين جي ڪري يگانو ليکيو ويندو هو (127). مرزا باقي هن جي انهيءَ ولايت ۽ ڪرامت واري درجي کان چڱيءَ طرح واقف هو، تنهن ڪري ساڻس هٿ اٽڪائڻ جي نٿي ڪيائين، پر جڏهن انهيءَ بزرگ مرزا باقيءَ جي خاندان مان شادي ڪئي، ته هن جي ساڻس دشمني پيدا ٿي، جنهن ۾ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيائين.

خليفي عبدالوهاب جي قتل لاءِ مرزا باقيءَ جو خليل خدمتگار کي موڪلڻ

مرزا باقيءَ، خليل خدمتگار تي اهو ڪم رکيو، ته خليفي عبدالوهاب وٽ وڃي کيس پنهنجي سامهون ويهاري قتل ڪري ڇڏجانءِ، ته جيئن انهيءَ جو به ڪو نالو نشان نه رهي. حڪم جي دير هئي، خليل هڪدم پڳ ٻڌي هليو. پنهنجي ماڻهن کي سمجهائي ڇڏيو هئائين، ته جڏهن آءٌ خليفي عبدالوهاب سان ڳالهائيندي، دعا گهري بس ڪرڻ تي اچان ته اوهان مٿس حملو ڪري سندس سسي لاهي ڇڏجو!

اها خبر خود خليفي عبدالوهاب کي به پئجي چڪي هئي ته مرزا باقي خدا وارن کان منهن موڙي خود غرضيءَ تي لهي آيو آهي، پر انهيءَ کان ڪنڌ نه ڪڍائڻ کپي، شايد خدا جي مرضي به اها ئي هجي ۽ خليل جي اچڻ ۾ به اهو ئي راز رکيل هوندو. جيتوڻيڪ اتي موجود ڪيترن بزرگن ۽ خليفن اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو، ته خليل جيڪڏهن انهيءَ ارادي سان وٽن لنگهي آيو ته کيس چوکنڀو ٻڌي واپس مرزا باقيءَ ڏانهن موڪليو ويندو، پر هو خدا ترس انهيءَ تي راضي نه ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته: اسين پنهنجي حاڪم مرزا باقيءَ جي حڪم کان ٻاهر وڃڻ نه ٿا چاهيون، توهان پاڻ کي پوري ضابطي ۾ رکي (128) هتي ويٺا رهجو، منهنجي قتل کان پوءِ مرزا باقيءَ جيئن شيخ عبدالوهاب پورانيءَ جي پوين کي ڪجهه به نه چيو، تيئن اوهان جو به نالو ڪو نه وٺندو. ان تي سندس  پٽن چيو: اسان اوهان کي ناحق ۾ مارجي وڃڻ جي لائق نه ٿا سمجهون، وس پڄندي اوهان جي بچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙينداسون، پوءِ جيڪي به ٿيو، ڏٺو ويندو. بزرگ راضي نه ٿيو، چي، قضا جي پاران جيڪي ٿيڻو آهي، سو ڀلي ته ٿي گذري! اسان ڪنهن به حالت ۾ ملڪ جي حاڪم تي هٿ کڻڻ نٿا چاهيون ڇو ته شريعت ان کان منع ڪئي آهي.                 

نيٺ هڪ – اڌ ڏينهن کان پوءِ خليل پنهنجي ماڻهن سان اچي نڪتو، ملاقات واري ڏينهن خليفو پاڻ ڳوٺ مان نڪري هڪ هنڌ تڏو وڇائي مرڻ لاءِ تيار ٿي ويهي رهيو. پنهنجي ماڻهن ۽ ملازمن کي اهو چئي واپس گهر وڃڻ لاءِ زور ڀريائين ته: عجب گهڙي سر تي آئي آهي، هن حال ۾ ڪو به اسان جي ويجهو نه اچي. تنهن هوندي به ڪي ماڻهو جن جي ساڻس وڏي عقيدتمنديءَ واري واٽ هئي ۽ پاڻ کي هن ڀلاري کان سواءِ بي جان ڪري ٿي سمجهيائون، اتي ئي اُڀي پيرين بيٺا رهيا. سندس ننڍو پُٽ ميان صادق، جنهن جي سڀني ڀائرن کان وڌيڪ ساڻس محبت هئي. ننڍي ترار ڪڇ ۾ ڪري ٻين سان گڏ پيءُ جي ڀر ۾ بيهي رهيو، ايستائين خليل به اچي اتي پهتو، ڏٺائين ته سڀ ڪجهه تيار آهي، ته گوڏا کوڙي بزرگ جي اڳيان ويٺو ۽ زماني جون ڳالهيون شروع ڪري ڏنائين (128). ٿوري دير کان پوءِ موڪل گهري دعا لاءِ هٿ مٿي کنيائين، اڃا اها پوري مَس ٿي ته سندس ماڻهن تراريون مياڻ مان ڪڍي هڪ ئي حملي سان بزرگ جي سسي لاهي ڇڏي. هن جي پُٽ صادق جڏهن اهو حال ڏٺو ته دل جهلي خليل جي پويان ڪاهي پيو ۽ پنهنجي ترار سان کيس زخم رسائيندو وڌندو ويو، خليل ان سان پڄڻ جي ڀيڻي نه ڏسي، پنهنجي سر وڃائڻ کان اڳ ڀڄي جان ته ڇڏائي ويو پر سندس نڪ وڍجي پيو. پٺيان خليل جي ماڻهن صادق تي حملو ڪري کيس به ماري پيءُ جي پاسي ۾ آڻي ڦٽو ڪيو.

خليفي عبدالوهاب جا ٻيا پُٽ ۽ مٽ مائٽ سر جي خوف کان ملڪ مان نڪري هليا ويا. سندس وڏو پُٽ شيخ محمد هاشم سڄي عمر عيش ۾ گذاري فوت ٿي ويو.

مرزا باقيءَ کي نجومين ٻڌائي ڇڏيو هو، ته جيڪڏهن اهو (محمد هاشم) اوهان جي سامهون نه ٿيو (مقابلو نه ڪيائين) ته اوهان کي شيخ عبدالوهاب جي پوين مان ٻيو ڪو به نقصان رسائي نه سگهندو، چون ٿا ته اهو محمد هاشم ٻن ترارين کان سواءِ گهوڙي تي نه چڙهندو هو. پڇاڙيءَ مرزا باقيءَ جي دهشت کان گهوڙي تي سواري ڪندي اُمالڪ وٺي جو ڇرڪ ڀريائين ته وڃي پاڻي جي تلاءُ ۾ ڪِريو ۽ مري ويو (130). ماڻهن پاڻيءَ ۾ مڇي مارڻ جو ڄار وڌو، پر هن جو لاش ئي هٿ نه آيو، خليل جيستائين جيئرو هو، بنا نڪ  جي رهيو، هميشه ميڻ جو نڪ ٺاهي، ڌاڳي سان اصلي نڪ واري جاءِ تي ٻڌي ٿي ڇڏيائين ۽ مٿس ڪپهه جو پويو اکين تائين ٿي رکيائين ته جيئن نڪ بڇڙو ڏسڻ ۾ نه اچي ۽ ماڻهو ائين سمجهن ته اکين اٿڻ کان ائين ڪيو اٿائين.

مرزا باقيءَ جي ٺٽي جي وڏن ماڻهن کي شهر نيڪالي ڏيارڻ

مرزا باقي جيئن ته ماڻهن جون کنڌيون کڻي ڇڏيون هيون ۽ شهر ۾ ڪو به اهڙو ڪو نه رهايو هئائين، جيڪو کيس انهيءَ روش کان روڪي سگهي، تنهنڪري بنا ڪنهن جهل پل جي هر ڪنهن جي ڪڍ رِڻ ٻاري ڏنائين. سندس خيال ۾ ڪو به علم هنر وارو انهيءَ لائق نه هو جو کيس سلامت رهايو وڃي. جيڪي شريف وضعدار، سيد ۽ بزرگ شهر ۾ موجود هئا، تن کي سندن حويلين مان لڏائي، شهر کان ٻاهر ويهاريائين. اهو سمجهي ته اهي سندس حڪومت جا بدخواهه آهن. انهيءَ شڪ شبهي ۾ ايڏو ته اڳتي وڌي ويو جو سيد علي جنهن

جي وڏي پُٽ (1) جي گهر ۾ مرزا صالح جي نياڻي هئي، تنهن کي به سک سمهڻ نه ڏنائين.

پاڻ نه رڳو ملڪي ماڻهن پويان ٻيگهي لائي ڏنائين، پر جيڪي غريب مسافر ٻاهرين ملڪن مان هيڏانهن ٿي آيا، تن مان به جنهن کي وڻيس ٿي، تنهن جو مٿو ٿي رُلايائين. ظاهري طرح ٻاهرين ماڻهن سان ائين ٿي پيش آيو، ڄڻ ته سندن سڄڻ هو. اهي غريب هن جي مڪاريءَ کان بي خبر رهي، ائين ئي سمجهندا رهيا، ته هن جهڙو (131) مسافرن جو دوست ۽ خيرخواهه دنيا ۾ ئي نه هوندو. جڏهن وٽائنس موڪلائي روانا پئي ٿيا، ته مراديو ملاح جيڪو انهيءَ ڪم لاءِ هڪيو تڪيو حاضر هوندو هو، تنهن کي حڪم ٿي ڏنائين، ته اسان جي ملڪ جي آب هوا ڏاڍي وڻندڙ آهي، ويتر درياهه ۾ ٻيڙيءَ جو سير دل کي وڌيڪ فرحت ۽ طراوت رسائي ٿو، ان ڪري مسافرن کي خاص ٻيڙين ۾ ويهاري خوب گهمائي ڦيرائي سندن دل وندرائي وڃي، آب هوا جي عشق ۽ درياهه جي سير جي شوق ۾ ويچارا مسافر ٻيڙين ۾ چڙهي، سير جي سانگي جڏهن وچ درياهه ۾ ٿي آيا، ته ملاحن سندن ٻيڙيون سير تي چاڙهي ٿي ڇڏيون.

مرزا باقي اصل ۾ اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪندو ٿي رهيو، ته جيئن ڪو به ٻاهريون شخص هن ملڪ جي ڪا به خبر چار ٻئي پاسي نه پهچائي. اهو ملڪ جيڪو پاڻ ڏاڍاين ڏکيائين سان هٿ ڪيو هئائين. ان جي حفاظت ائين ئي ڪرڻ نامناسب ٿي سمجهائين. انهيءَ تحفظ جي خيال کان جنهن به ماڻهوءَ ۾ ٿورو گهڻو شڪ پيس ٿي، تنهن جو پُڻ گار ڪري ٿي ڇڏيائين (1).

جيتوڻيڪ هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو اربع جي ڏينهن، وڏي پيماني تي کاڌو تيار ڪرائي، ديوان خاني ۾ ڏياري ٿي موڪيلائين، ته به ڪنجوس اهڙو هو، جو ڪا معمولي شيءِ به ڪنهن کي ڏيڻ گوارا نٿي ڪيائين (2).

(1)  سيد جلال ثاني        (مترجم)  

پنهنجن پراون، سپاهين توڙي شهرين مان، جنهن  لاءِ به پئسي پنجڙ خرچ ڪرڻ جي ڳالهه ٿي ٻڌائين، ته ان کي پنهنجي زيادتيءَ سان خوار خراب ڪرڻ ۾ ڪين ٿي گهٽايائين، جيستائين ان کي پنڻ جهڙو نه ٿي ڪيائين، تيستائين سندس اندر ئي نه ٿي ٺريو. هر ڳالهه ۾ ”بالفعل“ تڪيو ڪلام هوندو هئس. جڏهن به ديوان خاني ۾ ٿي آيو، ته گهڙيءَ گهڙيءَ اميرن وزيرن کي پئي چيائين ته: بالفعل ڪوشش ڪري اَن ۽ مال هٿ ڪري اَچو! اهو ئي ضروري ڪم اوهان کي ڪرڻو آهي: جيڪڏهن بالفعل اهو پورو ٿيو ته ٻي تڪليف ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، حڪومت ڪرڻ لاءِ بالفعل اهڙا ئي ڪم سر انجام ڏيڻان پون ٿا وغيره.

هن کان اڳ مرزا باقي بکن، ڏکن ۽ ڏولاوَن جا سخت ڏهاڙا ڪاٽي چڪو هو، ان ڪري ايترو اَن ۽ ڌن ميڙيائين، جو اناج رکڻ لاءِ ته قلعي ۾ ڪا جاءِ ڪا نه بچي. ڪو وقت اهڙو پئي ٿيو، جو جاءِ نه هئڻ ڪري نئون پراڻو ان هڪ ٻئي جي مٿان رکڻ ڪري سڄو سينوار جي پاڻ ۾ لڳي ٿي پيو، تڏهن به گرمي ۽ گندگيءَ ۾ خراب ٿيل اهو ڪنو ان قلعي مان ٻاهر نه ٿي ڪڍايائين، نه وري ڪنهن حاجتمند کي ڏيڻ لاءِ تيار پئي ٿيو (132). جڏهن نئين فصل جي مُند ٿي آئي، ته اهو ئي سينواريل اَن سرڪاري پگهاردار نوڪرن ۾ ورهائي ٿي ڇڏيائين.

هڪ دفعي نوڪرن کيس اطلاع ڏنو، ته قلعي اندر اناج رکڻ لاءِ جيڪي به جايون هُيون، سڀ ڀرجي چُڪيون آهن، هاڻ ته ڪا به جاءِ خالي نه رهي آهي، اهو سمورو ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏجي، جيئن هروڀرو ضايع ٿيڻ کان ڪنهن جي پيٽ ۾ پوي ته چڱو! تنهن کان پوءِ خالي ٿيل جاين ۾ نئين فصل وارو اَن رکيو ويندو، ته اهو خراب نه ٿيندو، ٻيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ساڳيو پراڻو اناج نئين اَن ۾ گڏائي رکبو، ته ٻئي سينوارجي هڪ ٻئي سان لڳي خراب ٿي ويندا، جنهن ڪري ڪنهن به ڪم نه اچي سگهندا.

مرزا باقي چوڻ لڳو، ان جو جواب سڀاڻي ڏنو ويندو پوءِ ڇا ڪيائين جو رات ٿيندي ئي اڌ مانيون مِٽيءَ مان ته، اڌ انهيءَ سينواريل اَن مان پچرائي دسترخوان تي رکرائي ڇڏيائين. صبح جو جيئن سڀئي سندس سلاميءَ تي آيا ته کين سڏي دستر خوان تي ويهاريائين. هيئن ڪمهلي مانيءَ جو سڏ ٻڌي هر ڪو حيران ٿي ويو، ته اڄ وري الائي ڪهڙي مصيبت مُنهن پوندي! ڇو ته مرزا باقي انهيءَ مان جنهن تي به ٿي ڏمريو ته ان کي ڳڀا ڳڀا ڪرائي ڍاڪئن ۾ ڍڪرائي وڏي تعظيم سان ٻين جي گهر ڏياري ٿي موڪليائين، جيئن اهو لقاءُ ڏسي هر ڪنهن کي سکيت ملي وڃي ۽ اڳتي لاءِ مرزا باقيءَ جي هيبت ڀري سياست کي سڄي ڄمار ياد ڪندا رهن.

انهي هورا کورا سان دستر خوان جا پلاند اٿلايائون ته کين ڏاڍيون عجيب شيون نظر اچڻ لڳيون. هر ڪنهن هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو ته هن ماجرا جو ڪهڙو مطلب ٿي سگهي ٿو. مرزا باقي ڪڙڪو ڪندي چيو: اوهان کي اسان جي کاڌي کائڻ کان عار ڇو ٿو لڳي. هتي بس اهو ئي آهي، جيڪو پنهنجي اڳيان موجود ڏسي رهيا آهيو. اسان کي خبر آهي ته اوهان شاهوڪار آهيو (133)، تنهنڪري هي کاڌو پنهنجي شان وٽان ڪري نه ٿا سمجهو! هنن زور جي مارين اهي لفظ ٻڌي، سينواريل اناج واريون مانيون کائڻ شروع ڪيون. مرزا باقي وري ان تي اعتراض ڪري چوڻ لڳو: هي ٻيون (مِٽيءَ واريون) مانيون ڇو نه ٿا کائو؟ هنن ڏڪندي جواب ڏنو: سائين جن پاڻ سياڻا آهن، چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ٿا، ته مٽي کائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. آخر اسان به انسان آهيون. خار مان ڏند ڪرٽيندي چيائين: توهان جهڙن ڄٽن کي اسان جي دور انديشي ۽ دانشمنديءَ تي شاهد هئڻ کپي ته جيڪڏهن اهڙو بيڪار اَن به ڪم اچي ٿو سگهي، جيڪو ڪيئن به آهي تڏهن به مٽيءَ کان بهتر سمجهيو وڃي ٿو ۽ انسان جو پيٽ قوت ٿي سگهي ٿو، توهان ڪهڙي باغ جي موري آهيو، جو مٽيءَ واريون مانيون دسترخوان تي ڏسي اسان کي سمجهاڻيون ٿا ڏيو. ڇا اوهان کي خبر ناهي ته جڏهن همايون بادشاهه هن ملڪ ۾ آيو هو ۽ مرزا شاهه حسن ارغون پنهنجي هٿن سان ملڪ کي ناس ڪرائي، هر ڪنهن کي اناج پوکڻ کان جهلي ڇڏيو هو، تڏهن ماڻهن کي بک ڪهڙيون بڇڙيون بلائون بڇي ڇڏيون هيون! حالت اها هئي جو سڪل چمڙو پاڻيءَ ۾ پسائي ان کي ڪاڙهي ٿي کاڌائون! ۽ هي به سچ آهي:

نقل

سنڌ ۾ همايون بادشاهه جي اچڻ کان پوءِ مرزا شاهه حسن آباد ٿيل پوکون ڀيلائي ناس ڪري ڇڏيون ته جيئن شاهي لشڪر هتي گهڻو وقت ترسي نه سگهي. تن ڏينهن ۾ ملڪ اندر اهڙي ڏڪار اچي منهن ڪڍيو، جو ماڻهو سُڃ بُک ۾ صفا ڀينگ ٿي ويا. کاڌي لاءِ ڪجهه نه ملڻ ڪري هر ڪنهن هڪ ٻئي جو ماس پٽي ٿي کاڌو.

چون ٿا ته ڪنهن ماڻهوءَ جي ڍڳي گم ٿي وئي، سو ٻه چار ماڻهو ساڻ ڪري ان جي ڳولا ۾ نڪتو. جڏهن جهنگ ۾ پهتو (134)، ته ڪي ڇوڪرا هڪڙي هنڌ ڏٺائين، جيڪي ديڳڙي ۾ گوشت رڌي رهيا هئا. هن کي شڪ پيو ته اهي چور آهن ۽ سندس ڍڳي ڪُهي ان جو گوشت پيا رڌين. هڪدم پنهنجي ماڻهن جي مدد سان انهن کي پڪڙي کانئن پڇا ڪيائين ته: هي ڇا جو گوشت آهي ۽ اهو گوشت اوهان ڪٿان آندو؟ هو ڊپ کان اصل ڳالهه ٻڌائي نه ٿي سگهيا. جڏهن ڍڳيءَ جي مالڪ کين ماري ڪُٽي اڌ مئو ڪيو ته چوڻ  لڳا: اسان سڀئي پاڻ ۾ ڀائر آهيون: ڪنهن ڪم سانگي واٽ سان پئي وياسين، ته اهڙي بک اچي ورايو، جو مرڻ ڪنڌيءَ تي پهچي وياسين. اسان کي انهيءَ حال ۾ ڏسي پوڙهي ماءُ کي (جيڪا اسان سان گڏجي هئي) اسان تي ترس اچي ويو، جنهن چيو ته مون لاءِ اهڙي جياپي کان موت ڀلو آهي، آءٌ نه ٿي چاهيان، ته منهنجا ٻچڙا منهنجي اکين اڳيان بک وگهي ساهه ڏين! مون کي پنهنجي حياتي اوهان کان وڌيڪ پياري ڪانهي، جلدي مون کي ڪُهي پنهنجي جان بچايو.

اسان اڳيئي بک ۾ بيحال ٿي چڪا هئاسين. ويتر جو ماءُ جي اها مهر ڏسڻ ۾ آئي، ته وڌيڪ ترسڻ محال ٿي پيو، اکيون پوري پنهنجي هٿن سان پنهنجي جيجل ماءُ کي ڪُهي سندس گوشت ديڳڙي ۾ وجهي باهه تي چاڙهيوسين جو اجهو اڃا تائين پيو رڌجي.

ڇوڪرن جي انهيءَ ڳالهه تي هن ڌُر کي ڪو به اعتبار نه آيو، هنن کي چيائون: اوهان جيڪي چئو ٿا سو نسورو ڪوڙ آهي، جنهن سان اوهان پنهنجو بچاءُ ڪرڻ ٿا چاهيو، جيستائين اسان پاڻ اکين سان نه ڏسنداسين، اوهان جي ڳالهه نه مڃينداسين. ڇوڪرن ڇا ڪيو جو هنن کي وٺي وڃي انهيءَ هنڌ بيهاريائون، جتي سندن ماءُ جا آنڊا پيل هئا. هنن جو اهي آنڊا ڏٺا، ته ويتر ڪاوڙ ۾ ڇوڪرن کي هبي تبي ڪري چوڻ لڳا: اوهان ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪُٺو آهي ۽ ديڳڙي ۾ اوهان جي ماءُ جو نه، پر انهيءَ ماڻهوءَ جو گوشت پيل آهي! ڇوڪرن آزي نيزاريءَ سان قسم ساک تي پنهنجي ڳالهه سچي ثابت ڪرڻ چاهي پر، هو ڪو نه مُڙيا ۽ مڙين ڀائرن کي زوريءَ گهلي پاڻ سان وٺي هلڻ جي ڪيائون. ايتري ۾ هنن جي ماءُ جا آنڊا اچي انهن ماڻهن جي پيرن ۾ وچڙي ويا (135)، جنهن تان ڇرڪ ڀري هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي دانهن ڪيائون، ته هي الاجي ڪهڙي بلا  اچي اسان کي چنبڙي آهي.

ان تي انهن ماڻهن مان هڪ وڏي ڄمار واري شخص چيو: ڇوڪرن جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، سا بلڪل سچي سمجهڻ کپي، هي اُن ماءُ جي مهر آهي، جيڪا پنهنجي پيٽ ڄائي اولاد کي مصيبت ۾ ڏسڻ نه ٿي چاهي ۽ سندس آنڊا جوش ۾ اچي اوهان جي پيرن ۾ چنبڙي پيا آهن، جيئن انهن کي ڪا تڪليف نه پهچي سگهي.

مرزا باقيءَ جي انهيءَ سمجهاڻيءَ کان پوءِ سڀئي امير ادب سان چوڻ لڳا: اوهان جيڪي چيو، تنهن تي اسان سواءِ شرمساريءَ جي ٻيو ڪو جواب پيش ڪري نه ٿا سگهون. هر ڪنهن کي پنهنجي عقل مطابق ئي ڳالهه ڪرڻ پوي ٿي.

انهيءَ زماني ۾ محمود خان ڪڪلتاش بکر کان تڪڙو پيغام ڏياري موڪليو ته: اڪبر بادشاهه پاران مجاهد خان پنجاهه هزار سوارن جي ڪٽڪ سان اسان تي چڙهائي ڪري آيو آهي ۽ اڃا تائين جنگ هلي پئي، اسان لاچار ٿي پوئتي هٽندا اچي قلعي اندر بند ٿي ويٺا آهيون، جتان ٻاهر نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو پيو لڳي. جيڪڏهن توهان اسان کي کاڌ خوراڪ جو سامان پهچائي سگهو، ته دير نه ڪريو جو هن مهل اوهان دوستن جي مدد جي سخت ضرورت محسوس ٿئي ٿي، ٻيو ته پنهنجو لشڪر به جلد هيڏانهن روانو ڪريو، ته جيئن اسان جو ڪو بچاءُ ٿي سگهي، ٻيءَ صورت ۾ جيڪڏهن اوهان ساٿ نه ڏنو، ته شاهي لشڪر هي قلعو اسان کان هٿ ڪري، وري اوهان تي ڪاهي ايندو!

مرزا باقي پنهنجي ڪچهريءَ ۾ ويٺل اميرن کي اهو احوال ٻڌائي چوڻ لڳو: هڪ طرف اسان جو پاڙيسري محمود خان ته ٻئي پاسي اڪبر بادشاهه آهي. اسان پاڻ انهيءَ ڳڻتي ۾ آهيون، خدا ڪري شل اها آفت اتان ٿي وري اچي اسان تي نه ڪڙڪي، جيڪڏهن ائين ٿيو، ته اسان جو الائي ڪهڙو حشر ٿيندو! هاڻ پنهنجي ڀلائي انهيءَ ۾ آهي، ته (136) پاڻ انهن ٻنهي ڌُرين جي وچ ۾ ڪو به دخل نه ڏيون، گهٽ ۾ گهٽ اڪبر بادشاهه کي ته پنهنجو دشمن نه بڻايون، ڇو ته اسان جي حڪومت به شاهي عنايت سان سلامت رهندي اچي ٿي. آخر پاڻ بچائڻ لاءِ بادشاهه سان مائٽي ڳنڍڻ لاءِ کيس ڌيءَ جو سڱ ڏيڻو ڪيائين، ته جيئن شاهي لشڪر جي چڙهائيءَ جو خطرو ٽري وڃي.

سندس اها صلاح ڪيترن کي پسند پئي، ته ڪن وري ان تي اعتراض ڪيو، چي، جيستائين بکر جي باري ۾ پوري خبرچار نه پوي، تيستائين پاڻ به ماٺ ۾ رهجي، ڏسڻو اهو آهي، ته غيب جي پردي مان ڇا ٿو نروار ٿئي، پر اهو معاملو اتي ئي رهجي ويو.

ٿوري وقت کان پوءِ خبر پئي، ته محمود خان پيريءَ جي ڪري اکين کان انڌو ٿي نيٺ مري ويو. قلعي سان گڏ سمورو خزانو شاهي ملازمن جي حوالي ٿي چڪو آهي. مرڻ کان اڳ پنهنجي ڌيءَ شاهي گماشتن سان گڏي دهليءَ ڏياري موڪلي هئائين (1).      

محمود خان جي خبر ٻڌي مرزا باقي ويتر مونجهاري ۾ پئجي ويو. نيٺ ڇوٽڪارو انهيءَ ۾ سمجهائين، ته پاڻ به ڌيءَ جو سڱ اڪبر بادشاهه کي ڏئي، پنهنجي عاقبت بچائڻ جي ڪري. سندس ڪچهريءَ جي ڪن ماڻهن کان نقل آهي، ته ٿورن ڏينهن کان پوءِ اڪبر بادشاهه طرفان هڪ ايلچي مرزا باقيءَ وٽ ڪبوترن جون ڪي جوڙيون کڻي اچي پهتو ۽ کيس شاهي فرمان به پهچايائين. مرزا باقي، پنهنجي ماڻهن کي سڏائي کانئن پڇڻ لڳو: اوهان

(1)  محمود خان ڪوڪلتاش ٻنپهرن جي نماز مهل ڇنڇر 20 صفر 982 هه مطابق 1574ع تي هي فاني جهان ڇڏيو. مير معصوم سندس ولادت جي تاريخ 898 هه مطابق 1492ع ٻڌائي ٿو. انهيءَ حساب مان سندس ڄمار 84 ورهيه هئي. هن جي قبر سکر نئين جي ٽڪريءَ تي معصوم شاهه جي مناري کان اتر پاسي چئي وڃي ٿي.

لب تاريخ سنڌ تاريخ معصومي جي حوالي مان ص 73 (مترجم)   

سمجهو ٿا، ته بادشاهه سلامت اهي ڪبوتر ڇا جي لاءِ موڪليا آهن؟ هنن چيو: اوهان اسان کان وڌيڪ سڄاڻ آهيو، جيئن سمجهو ۽ اسان کي به سمجهايو، ته پاڻ به ان تي عمل ڪريون! مرزا باقي چيو: بادشاهه سلامت اسان کي هنن ڪبوترن جي لاءِ داڻي جي گهر ڪئي آهي، پر پاڻ وٽ ته اهڙي ڪا به شيءِ ڪانهي. خير جيڪي حال مطابق هوندو، سو شاهي درٻار ڏانهن اُماڻيو ويندو.

جڏهن شاهي ايلچي وٽائنس موڪلائڻ آيو، ته ڪوڻيءَ (نيلوفر) جو ٻج، جنهن کي ناپو سڏيو وڃي ٿو (1) ۽ ڪِن ٻين گاهن جا ٻج، جيڪي ڏُڪار ۾ مسڪين ماڻهن لاءِ ڏُٿ جو ڪم ڏيندا آهن، کيس ڳنڍ ٻڌائي پنهنجي عريضيءَ سان گڏ بادشاهه جي خدمت ۾ ڏياري موڪليائين. انهيءَ عريضيءَ ۾ پنهنجي عاجزي ۽ مسڪيني ڏيکاريندي لکيو هئائين، ته بادشاهه سلامت اسان ڏانهن ڪبوتر موڪلي، ڄڻ جهرڪيءَ کي باز جو رُتبو بخشيو آهي، پر اسان بدقسمتيءَ سان انهن جي داڻي پاڻيءَ لاءِ ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويا آهيون، ڇو ته هن ملڪ ۾ هونئن به اناج جي اڻاٺ رهي ٿي، هتي جيڪي ڪجهه پيدا ٿئي ٿو، سو شاهي ڪبوترن جي خوراڪ لائق ناهي، تنهن هوندي به حال سارو جيڪي ورءُ جا داڻا پاڻ وٽ لڀي سگهيا، اُهي شاهي حضور ۾ پيش ڪجن ٿا، اميد ته هن کان پوءِ (138) به اسان کي خاص عنايت سان نوازيو ويندو، جيئن هن ويران (ڀڙڀانگ) هنڌ تي رهندي پريشان ٿيڻ جي ڪا حجت درپيش نه اچي.

جيتوڻيڪ مرزا باقي، پنهنجي وس وت آهر ملڪ ۽ حڪومت بچائڻ لاءِ حيلا هلائيندو رهيو، پر سندس حڪومت ڏينهون ڏينهن پوئتي پوندي وئي. پڇاڙيءَ پنهنجو دشمن پاڻ بڻجي اهڙا اُبتا پير کنيائين، جو ڪا به تدبير سندس تقدير بدلائي نه سگهي.

آخوند جمال الدين جيڪو سندس خاص نائب هو، تنهن ڳالهه ڪئي ته

(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات

ننڍي لاءِ سرڪاري دفتر ۾ لکپڙهه جي مشق پچائيندي، اوچتي منهنجي نگاهه وڃي روزنامچي تي پئي، جنهن کي پڙهڻ مان معلوم ٿيو ته مولانا شير، مرزا باقي جي مال ميڙڻ واري هٻڇ ڏسي، سندس راضپي لاءِ هاٿين جي لِڏَ مان نڪتل اناج دستوري فصل لهڻ تي نئين اناج جي بدران حلال خورن (ڀنگين، ٻاليشاهين) کي پگهارطور ورهائي ڏيندو هو. مرزا باقي هن جي انهيءَ ڪارگذاريءَ کان خوش ٿي، کيس وڏي عهدي سان نوازي آتش خان جو لقب ڏئي ڇڏيو.

انهيءَ جمال الدين ٻڌايو ته اسان جڏهن مرزا باقيءَ جا اهڙا پرڪار ڏٺا ته سوچڻ لڳاسين ته هن جي اڳيان ڪيئن ڪا خير خواهيءَ واري ڳالهه ڪڍجي، پر انهيءَ احتياط هوندي به اسان کان رهيو نه ٿيو. نيٺ هڪ ڏينهن کيس سڀ ڪجهه کولي ٻڌايوسين، پر اسان جي ڪا ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيو. هڪڙي ڀيري چوڻ لڳو: مون کي ٿورو سون درڪار آهي (139) جيڪو پنهنجي خزاني مان کڻندي دل نه ٿي چاهي، توهان هٿ پير هڻي، ڪٿان نه ڪٿان صرف ٻه ٽي سير سون جا مون کي آڻي ڏيو! اسان کي سندس ظلم ۽ زيادتين جي سڄي سُڌ هئي ان ڪري کيس ٻڌايوسين ته جيڪڏهن سرڪاري عملدارن تي ڪنهن به ترس ۽ رحم جو ڪو سوال پيدا نه ٿئي ته اهو سمورو سون کن پل ۾ انهن وٽان نڪري سگهي ٿو، رڳو حڪم جي دير آهي.

جيئن چوندا آهن ته چري کي چرچ ئي کوڙ آهي، تنهن وانگي مرزا به ڪئي هم نه تم، هڪدم نائبن ۽ ٻين ڪارندن کي گهرائي مٿن زور وڌائين ته: مرزا شاهه حسن ارغون جا عملدار هر سال هيترو ڪي هيترو سون تحفي طور ان جي آڏو حاضر ڪندا هئا، اوهان کي به هر سال ايترو سون اسان جي اڳيان پيش ڪرڻ لاءِ پاڻ وٽ تيار رکڻ کپي. اهو حڪم ٻڌي ويچارن جا طاق لڳي ويا، گهڻي ئي دانهون ڪوڪون ڪيائون ته هر سال فصل لهڻ تي اسان تان اڳيون پويون حساب هيڪاندو چڪتو ڪري ورتو وڃي ٿو، پاڻ وٽ ته ڪوڏي به ڪا نه ٿي بچي، سو هي هيڏوسارو ڀن ڪٿان ڀرينداسين! مرزا باقي، جيڪو پنهنجي ضد تي چڙهيل هو، تنهن هنن جي هڪ به نه ٻڌي، اٽلندو سڀني کي قيد اُماڻي گهريل سون هٿ ڪري پوءِ سندن پچر ڇڏيائين.

هڪ ڏينهن اسان کي گهرائي چتاءُ ڏنائين ته فلاڻو ڪم ڪرڻ کپي ۽ فلاڻي کي ڪهڙي ريت نوازيو يا نظر انداز ڪيو وڃي. پوءِ چوڻ لڳو: مون جيڪي اوهان کي ٻڌايو آهي، سو چڱيءَ طرح سمجهي، يادگيريءَ لاءِ پاڻ وٽ لکي ڇڏيو، آءٌ وري ڪڏهن ان تي نظرثاني ڪندس. ڪن ڏينهن کان پوءِ سڄو دفتر وٽس کڻي وياسين، جيتوڻيڪ حساب ڪتاب ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه رهيل ڪا نه هئي، تڏهن به سموري جاچ وٺي جڏهن واندو ٿيو، (آفرين هجي سندس يادگيريءَ تي) ته اسان کي چئي ڏنائين ته فلاڻن هنڌن تي فلاڻيون ڳالهيون اوهان کان رهجي ويون آهن. مون عرض ڪيو: انهن ڳالهين لکرائڻ جي هروڀرو ضرورت ڪهڙي آهي؟ جواب ڏنائين: مون اڳواٽ ئي سڄو طومار لکي پيتيءَ ۾ بند ڪري رکي ڇڏيو هو، هي سڄو حساب پڻ ان جي آڌار تي جاچڻو پيم! ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته پاڻ هر هڪ صوبي جا معاملا پوري ضابطي سان فيصل ڪندو ٿي رهيو، جنهن جي به دستاويز ۾ جيڪي ڪجهه پاڻ داخل ڪرائي ٿي ڇڏيائين، تنهن کان ٻاهر نه ٿي ويو.    

مرزا باقيءَ جو پنهنجي نياڻيءَ سنڌي بيگم کي اڪبر بادشاهه ڏانهن موڪلي ڏيڻ

جڏهن بکر جو صوبو اڪبر جي گماشتي مجاهد خان وسيلي محمود خان

ڪوڪلتاش وٽان شاهي ڪارندن جي قبضي ۾ آيو ته مرزا باقي جنهن اڳواٽ ئي خوف خطرا ساري پنهنجي باري ۾ دليل ٿي ڊوڙايا. محمود خان وانگي پنهنجي بچاءُ لاءِ پنهنجي نياڻيءَ کي اڪبر بادشاهه ڏانهن اُماڻڻ جو فيصلو ڪيو. آخوند جلال الدين جو چوڻ آهي ته مرزا باقي ان باري ۾ صلاح مصلحت لاءِ ڳجهي نموني مون کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ ٻڌايائين: آءٌ سوچيان پيو، اڪبر بادشاهه طاقتور حڪمران آهي، تازو بکر جو صوبو هن جي هيٺاهين قسم جي لشڪري مجاهد خان صرف پنجاهه سوارن جي زور تي (1) محمود خان جهڙي ارڏي حاڪم کان جيڪو اسفند يار وانگي روئين تن (2) ۽ ٻن درياهن جي وچ تي تعمير ٿيل محڪم قلمي جو مالڪ هو کسي ورتو آهي. هن کان پوءِ جيڪڏهن شاهي اونٽار چڙهڻ تي پنهنجي فوج هيڏانهن ڏياري موڪليائين ته اسان جا تختا ئي نڪري ويندا (141)، اڳ بکر وارو پاسو مڙئي اسان جي اڙ هو، هاڻ ته اهو به ڪو نه رهيو. ڀايان ٿو پنهنجي ڀلائي ان ۾ ئي آهي، ته ان کان اڳي جو شاهي لشڪر واٽ ويندي اسان ڏانهن لوڻو هڻي، منهنجي مرضي آهي، ته پنهنجي نياڻي سنڌي بيگم کي هتان جي ڪن چڱن مڙسن سان گڏي، شاهي حضور ۾ ڏياري موڪلجي، ائين ڪرڻ سان اسان کي شينهن جي چنبي شاهي لشڪر جي اُچاٽ کان امان ملي ويندي.

ايترو چئي مون ڏانهن منهن ڪري پڇيائين: هن بابت ڀلا تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟ مون خير خواهيءَ جي خيال کان عرض ڪيو: اوهان جي انهيءَ خام

(1)  صرف پنجهاهه سوار (اصل عبارت موجب) غلط آهي حقيقت ۾ سوارن جو تعداد پنجاهه هزار هو جيئن هن کان اڳ قلمي صفحي (135) هيٺ ڄاڻايو ويو آهي.                  (مترجم)

(2)  روئين تن، ايران جي بادشاهه گشتاسپ جي بهادر پُٽ اسفند يار جو لقب، جيڪو رستم هٿان مارجي ويو چون ٿا ته جنگ ۾ سندس بدن تي تير يا ترار جو ڪو به اثر نه ٿيندو هو.

فيروز الاغات فارسي حصو پهريون ص 526.  (مترجم)

خياليءَ مان سراسر بزدلي ۽ بي همتي ظاهر ٿئي ٿي. منهنجا اهي اوکا اکر ٻڌندي ترار مياڻ مان ڪڍي توائيءَ ۾ اچي چوڻ لڳو: توکي منهنجي سامهون اهڙي بڪواس ڪرڻ جي همت ڪيئن ٿي؟ مون وري به خير انديشيءَ جي خيال کان گذارش ڪئي: اوهان مون کي جيڪڏهن قتل ڪري ڇڏيندا ته به قبول آهي، پر جيڪي سڀاڻي اوهان کي پيش اچڻو آهي، سو اڳواٽ ٻڌائي ڇڏڻ ۾ ڪو ڏوهه ناهي. فرض ڪريو جيڪڏهن سڀاڻي بادشاهه اوهان جي نياڻيءَ کي قبول نه ٿو ڪري ۽ کيس پنهنجي محل ۾ ويهارڻ بدران واپس هيڏانهن ڏياري ٿو موڪلي، ته پوءِ اوهان جي خواري ۽ خجالت جي حد يا حساب ڇا هوندو؟ اوهان ڇا جي لاءِ ٿا هروڀرو ايڏي گلا جو گهانگهو پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي، پاڻ سان گڏ پنهنجي خاندان کي به کلڻ هاب ڪريو!

اهي اکر ٻڌي ويتر پاڻيءَ کان نڪري ويو، وات مان گڦ وهائيندي واڪو ڪيائين ته: هن ڪميڻي کي هتان ڪڍي وڃو! نه ته ساڻس اها ڪندس جو سندس رت ڪنا نه چٽيندا. مون ٻاهر نڪرڻ مهل به ساڳيا لفظ پئي ورجايا ته سچ چوڻ اسان تي فرض آهي (142)، توهان ڀلي ڏمرجو ڇا به ڪريو! اسان سچ چوڻ کان سواءِ رهي نه سگهنداسين. پنهنجي نياڻيءَ کي بادشاهه ڏانهن اُماڻڻ کان اڳ هڪ ڀيرو وري سوچي ڏسو! جيڪڏهن هوءَ وري اتان واپس آئي ته اوهان جي عزت ۾ ڇا رهندو! ائين به ٿي سگهي ٿو، ته بادشاهه اوهان جي نياڻيءَ کي پنهنجي اميرن مان ڪنهن جي حوالي ڪري ڇڏي جن کي هو هر حالت ۾ اوهان کان مٿاهون سمجهي ٿو، بس مرضيءَ جا مالڪ آهيو، سڀ ڪجهه اوهان جي اختيار آهي جيئن اوهان کي مناسب نظر اچي تيئن ڪريو!

مون جيڪي ڳالهيون ڪيون اهي کيس ڏاڍيون ڏکيون ۽ اوکيون لڳيون، تڏهن به ٻڌڻيون پيس. نيٺ اهو ئي ڪيائين جو ڪرڻو هوس. مون کي ڇڏي ٻين اميرن جي صلاح سان پنهنجي نياڻيءَ کي ڏاج ڏيوڻ ڏئي، سيد عليءَ جي پٽ سيد جلال (1) (مرزا صالح جي ڄاٽي) ۽ خواجه امير بيگ ديوان سان شاهي حضور ڏانهن ڏياري موڪليائين. جڏهن اهي سڀئي هن کي پاڻ سان وٺي وڃي اتي پهتا، ته بادشاهه کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن سنڌي بيگم کي به هڪڙي محل ۾ رهائڻ جو حڪم ڏنو، تنهن کان پوءِ رڳو هڪ ڀيرو وٽس رهيو، وري سندس منهن ئي نه ڏٺائين، ملازمن کي چيائين ته هيءَ مرزا باقيءَ جهڙي خونيءَ جي ڌيءَ آهي، کيس شاهي محل مان ڪڍي ٻئي هنڌ رهايو وڃي.

ارغون مرزا باقيءَ جي مارا ماريءَ کان پنهنجي جان بچائي بادشاهه وٽ اچي پناهي ٿيا هئا، باوجود ان جي جو مرزا باقيءَ سان هنن جي جاني دشمني هئي تڏهن به غيرت وچان (143) اها ڳالهه گوارا نه ڪيائون ۽ سندس نياڻي سنڌي بيگم کي گهر وٺي آيا. بادشاهه کي پڻ اها ميار ڏنائون ته هيستائين شاهي خاندان مان ڪنهن سان به اهڙي روش روا نه رکي وئي آهي، سو ٻيو نه ته هن نياڻيءَ کي صحيح سلامت مرزا باقيءَ (پنهنجي ڀائرن جي ويريءَ) ڏانهن واپس ڪيو وڃي، جيئن اسان جي پاران به اهو ٿورو مٿس هجي. بادشاهه حڪم ڏنو، ته هن کي پنهنجي پيءُ ڏانهن ٺٽي موڪلڻ جو انتظام ڪرڻ ۾ اچي.

سنڌي بيگم جو اڪبر بادشاهه وٽان واپس اچڻ   

اڪبر بادشاهه موڪلائڻ مهل سنڌي بيگم لاءِ هڪ هاٿي عنايت ڪيو جيئن کيس ان تي چاڙهي پڻس وٽ پهچايو وڃي، جيڪو وڏن کان وٺي شاهي

(1) سيد جلال ثاني ولد سيد علي ثاني (مترجم)

درٻار جو تابعدار هو. ان سان گڏ زمين جو ٽڪرو به سندس نالي ڪري ڇڏيائين جنهن مان گذر ڪري پنجئي وقت بادشاهه سلامت کي دعائون ڪندي رهي.

سنڌي بيگم جي هيڏانهن رواني ٿيڻ کان اڳ مرزا باقي کي سڄي خبر پئجي وئي، ته ڳالهه ڪيستائين پهچي چڪي آهي. وري به شڪر ٿيو جو خدا سندس عاقبت جو خير ڪيو، نه ته معاملو ڏاڍو اڻائو هو. انهيءَ واقعي کان پوءِ مرزا باقي وري آخوند جمال الدين کي گهرائي مُهت ڏنو، ته تو جيڪي چيو هو، تيئن ئي ٿيو (144). تنهن تي هن عرض ڪيو ته: شڪراني جا نفل پڙهي وري خدا جو شڪر ادا ڪريو، جنهن اوهان جي لڄ رکي ته ان سان گڏ پنهنجي ڀائرن ارغونن جا پڻ توهان کي ٿورا مڃڻ کپن، جن اُها مڙسي ڏيکاري آهي، هاڻ ته اوهان کي انهن سان اهڙي هلت ڪرڻ گهرجي، جو اڳيون پويون دشمنيون ازخود ئي ختم ٿي وڃن.

مرزا باقيءَ جي باري ۾ ڪو کڻي ڪهڙي به راءِ قائم ڪري، پر اها حقيقت آهي، ته هن ۾ عاقبت انديشي ۽ حق پرستيءَ جو مادو ضرور موجود هو. جيڪا به چڱي ڳالهه يا سياڻپ ڀري صلاح ٿي ڪٿان ٻڌائين، ته ان تي مناسب طرح عمل ڪرڻ کان نه ٿي ڪيٻايائين. انهيءَ کان پوءِ جتي به ارغونن جي هنڌ ماڳ جي خبر پيس اتي خط پٽ لکي هنن کي گهرائڻ جا جتن ڪندو رهيو. هر ڪنهن کي اها دلجاءِ پئي لکيائين، ته اوهان جي هر اهنج آزار جي تلافي ڪئي ويندي. ان تي ڪن کي اعتبار نه آيو، ته ڪي وري پنهنجا اَباڻا ڪک ساري سر جو سانگو لاهي اچي سنڌ ۾ پهتا. جن جي ڦٽن تي ملم رکيو ويو، اهڙي نموني جو ان جو کين گمان ئي ڪو نه هو.

هوڏانهن بکر جي جاگيردارن، بادشاهه جي زور تي، سيوهڻ مٿان لشڪر کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو، جنهن ڪيئي آباديون ويران ڪري ڇڏيون ۽ مرزا باقيءَ جي علائقي سان اچي کؤنس لائي ڏنائون. مرزا باقيءَ پاران فتح خان نالي سندس هڪ غلام اتي حاڪم مقرر ٿيل هو، جنهن جي وري حالت اها هئي، جو هڪ هندوءَ کي پنهنجو مير منشي ڪري رکيو هئائين، جنهن جو نالو جُوڻو هو، جڏهن به ڪا اهڙي ڳالهه ٿيندي هئي، ته بي خياليءَ مان جواب ڏيندو هو: پاڻ کي ان بابت ڪا به خبر چار ڪانهي، وڃي جُوڻي کان پڇا ڪريو! اهو ئي سڀ ڪجهه (145) ڄاڻي ٿو. هن جو پٽ ابو الفتح پنهنجي پيءُ کان به ٻه رتيون ڪسر هو. ڀري مجلس ۾ پنهنجي دلپسند ماڻهن کي زالاڻا ويس وڳا پهرائي، پنهنجي اڳيان ويهارڻ ۾ ڪو به عار نه ٿي ڪيائين. جنهن کاڌي تي مَک ٿي ويٺي، سو ڪين ٿي کاڌائين، بعضي ڪيترن قسمن جا طعام تيار ڪري وٽس کڻي ٿي آيا، ته ائين چئي ضايع ڪرائي ٿي ڇڏيائين، ته هنن ۾ ضرور مَک پيل هوندي، وري ٻيهر ٻيو کاڌو پئي گهرايائين.               

هر مهيني جون ٽي تاريخون (چوڏهين، پندرهين، سورهين) ٻئي پيءُ پٽ شراب جي محفلن ۾ طوائفن سان عيش عشرت پيا ڪندا هئا. پُٽ پنهنجي پيءُ کان انهيءَ ڳالهه ۾ گوءِ کڻي ويو هو، ته جڏهن پکي هوا ۾ اُڏامندا ٿي ڏٺائين، ته انهن تي نظر پوڻ سان اوتري تعداد ۾ فرنگي اشرفيون بيگي ۽ لاري (1) انعام طور ٿي ورهايائين.

مرزا باقي جڏهن پنهنجي ڪارندن جا اهي افعال ڏٺا، ته انهن کي هٽائي سندن جاءِ تي پنهنجي پٽن کي هر هڪ صوبي ۽ سرحد واري علائقي تي عهديدار ڪري رکيائين. پاڻ وري گاديءَ واري هنڌ اطمينان سان ويهي رهيو.

(1) سونيون اشرفيون بيگي ۽ لاري جن کي يورپي (فرنگي) به سڏيندا هئا ڇو ته انهن جو ضربخانو سنڌ ۾ ڪو نه هو. انهن جو ذڪر اڳتي پڻ متن جي ص (165) تي آيل آهي.

  مترجم

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org