آخرڪار اتان جند ڇڏائي، وري نصرپور مان نڪري، امرڪوٽ جي رستي
گاديءَ جي هنڌ ڏانهن هندوستان روانو ٿيو، ته به
خسرو خان ڇِتن ڪُتن جي لوڌ جهڙو لشڪر سندس ڪڍ لائي
ڇڏيو. انهيءَ حڪم سان ته احمد بيگ جتي به ور چڙهي،
کيس سلامت نه ڇڏيو وڃي، پر جنهن کي رب رکي تنهن کي
ڪير چکي چواڻيءَ ڪير ٿو ڪجهه ڪري سگهي. هيءُ هڪڙي
رستي ته هو ٻئي رستي. اهڙيءَ طرح بنا مُنهان مُنهن
ٿيڻ جي نڪري هليو ويو. پٺيان شهباز خان ۽ سندس ٻيا
ساٿي ماٺڙي ڪري مرزا غازي بيگ جي رضامندي جا منتظر
ٿي ويهي رهيا، پر حڪومت جو ڪاروبار هٿ مان نه
ڇڏيائون.
مرزا غازي بيگ جو پهريون ڀيرو شاهه بيگ خان جي مدد لاءِ قنڌار
ڪاهي وڃڻ
سال 1015 هه ۾، شاهه بيگ خان جي ملازم حيدر جي نمڪ حراميءَ سبب،
خراسان جي لشڪر قنڌار تي چڙهائي ڪئي، ته هو هڪ سال
تائين قلعي بند ٿي غنيم جون راهون رد ڪندو هيو.
سندس لشڪر هر وقت مخالفن سان چڪريون ڏيندو پئي
آيو. آخرڪار شاهي درٻار مان مرزا غازي بيگ، قراخان
۽ سردار خان کي انهيءَ صوبي تي مقرر ڪري، وڏي لشڪر
سان رواني ڪرڻ جو حڪم جاري ٿيو. هي اڃا قنڌار کان
ڪي منزلون اورتي هئا، ته خراساني لشڪر هندستاني
سپاهه جي هاڪ کان هيسجي اڌ رات ۾ ميدان ڇڏي ڀڳو ۽
شاهه بيگ خان کي به مصيبت مان ڇوٽڪارو مليو.
انهيءَ سفر دوران مرزا غازي بيگ پنهنجي هڪ بيگم (شريف خان اتفيٰ
جي ڀائٽيءَ) کي ملتان ۾ ڇڏي، قنڌار روانو ٿيو هو ۽
جنهن صورت ۾ سنڌ ۾ به ڏڦير پئجي چڪا، ان ڪري هن کي
لشڪر ۽ خزاني جي به تنگي درپيش آئي، سو پاڻ ڏاڍي
آزار ۾ هو. خاص ڪري جڏهن قرا بيگ چرچي گهٻي ۾ کيس
چيڙائڻ ٿي لڳو ته: مرزا غازي بيگ! تون اهڙي
افعالين پنهنجي مخالف سان مقابلو ڪندين!
هن کي اها ڄاڻ ئي نه هئي، ته جهانگيري اقبال جي اڳيان هماشما جو
ڪو شمارئي ڪو نه هو. نيٺ هن کي پنهنجي پاڻ مان ئي
لڳي. رستي ۾ جڏهن اتقيٰ جي نياڻيءَ وٽ پهتا، ته
قرابيگ اتيسار جي بيماريءَ ۾ وٺجي مري ويو. سندس
مال املاڪ اتي ئي رهجي ويا. هن جي پٽ بکر ۾ جو
سندس جاگير ۾ هو، حڪومت ڪندو ٿي رهيو (250).
قرابيگ جي اميرن جي مرضي هئي، ته سڄي ملڪيت ان کي
رسائي وڃي.
مرزا غازي بيگ، جهانگير بادشاهه ڏانهن خط لکيو، ته اسان جو لشڪر
۽ خزانو اڃا تائين پنهنجي جاگير مان نه پهتو آهي،
ٻئي پاسي قرابيگ جا جيڪي لشڪري پاڻ سان گڏ آهن، ان
جي مرڻ کان پوءِ اهي به واپس وڃڻ ٿا چاهين، هاڻ
جيئن اوهان جو حڪم هجي تيئن ڪجي! منهنجي خيال ۾
قرا بيگ جيڪي ڪجهه ڇڏي ويو آهي، سو في الحال اسان
جي حوالي ڪيو وڃي، جيئن اهو سڀ انهن ۾ ئي ورهائي،
کين اڳتي هلڻ جي لاءِ آماده ڪجي. بادشاهه طرفان
مرزا غازي بيگ جي مُوڙي ٻين جو کاڄ ٿي وئي. هن جا
امير جيڪي سڄي ملڪيت موٽائڻ تي ضد ڪري رهيا هئا،
تن جو منهن وڃي ڀت سان لڳو.
هيءُ فقير (نسياني) قنڌار ۾ جڏهن مرزا غازي بيگ وٽ پهتو، ته اتي
ايڏو ڏُڪار پئجي چڪو هو، جو اتان جا ڪيئي غريب
مردار اُٺن، گهوڙن جي گوشت مان پيٽ ڀريندا ٿي
رهيا. جڏهن انهن کان پڇيو ويو، ته هي حرام ڇو ٿا
کائو؟ جواب ڏنائون، ته ٽن ويلن جي بُک کان پوءِ هر
سيءِ حلال آهي. اسان ته ڪيئي بُکون ڪاٽي چڪا
آهيون، جڏهن ٻي ڪا شيءِ هٿ نه ٿي اچي، ته انهيءَ
سان ئي پيٽ جي پورائي ڪرڻي ٿي پوي.
اهو اهڙو ڏکيو وقت هو، جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي. آءُ هڪڙي دوست محمد
هاشم سان گڏ سفر ڪري چڪو هوس، واٽ تي جيڪي پاڻ وٽ
هو، سو هڪ ٻئي جي اڳيان حاضر ڪندا پئي آياسين.
جڏهن قنڌار پهتاسين، ته جيڪي ساڻ هو، سو ختم ٿي
ويو. پوءِ ته رپئي سير گيهه ٿي مليو، چانورن لاءِ
به وڏا چيلا ٿي ڪڍڻا پيا. اتفاق سان منهنجي دوست
محمد هاشم کي ڪنهن دٻي ۾ ٿورو گيهه نظر آيو، هن
ڀانيو ته هي گيهه سرڪاري مال مان بچيل آهي، ڏاڍو
سٺو هوندو، سو انهيءَ گيهه جي لالچ ۾ دوستيءَ جو
ناتو ئي ڇني ڇڏيائين. پڇاڙيءَ سندس حال وڃي اهو
ٿيو، جو جيڪي يار دوست پاڻ ۾ گڏ هئا، تن جي ماني
چورائي، ڪاڪوس ۾ لڪي ٿي کاڌائين. هڪڙي دفعي سنگت
مان ڪن يارن جي جاسوسي ڪئي، هن جيئن ڪاڪوس ۾ پهچي
پنهنجو دستر خوان پٿاريو، ته هي وڃي مٿانئس پيا،
پوءِ ته ساڻس ڏاڍيون جُٺيون ڪيائون. تڏهن به مڙيو
ڪين. پڇاڙيءَ چادر مٿان وجهي، پاسيرو ٿي گوشت پيو
کائدنو هو جڏهن به مانيءَ جو سڏ پئي ٿيو، ته اچڻ
کان انڪار ٿي ڪيائين. يوسف نالي هڪڙي يار ڪنهن
ڏانهن چادر مٿانئس لاٿي، ته وٺي ڀڳو. هن زوريءَ
گوشت جو ٽڪرو سندس وات مان ڇڏايو. نيٺ هاشم ڪُتي
جي نالي سان مشهور ٿي ويو.
آخر اهو آڻائو وقت خير سان گذري ويو، پر مرزا غازي بيگ جي ماڻهن
کي ڏاڍي پريشاني ۽ خرابي ڏسڻي پئي، جن وٽ وَهٽ هئا
اهي پيادا ٿي ڏاندن گڏهن جي قرض ۾ وٺجي ويا. خود
مرزا غازي بيگ جو به اهو حال وڃي ٿيو، جو مير
معصوم جي پُٽ (مير بزرگ) ۽ سردار خان وٽان قرض کڻي
گهر جي پورائي ٿي ڪيائين. سندس سپاهي بُک ۾ پاهه
ٿي (256)، حويليءَ جا چڪر هڻي. ”داد، داد“ جون
دانهون ڪندا ٿي رهيا. هن (مرزا غازي بيگ) جڏهن
پنهنجي اميرن کان ٿي پڇيو ته کيس ڪا به خبر نه ٿي
ڏنائون ته ويچارن سپاهين سان ڪهڙي ويڌن آهي.
آخرڪار پاڻ ئي کيس سپاهين جي تڪليفن جو احساس ٿيو.
سڀني کي پاڻ وٽ گهرائي رهي کُهي خزاني مان ڪجهه نه
ڪجهه ڏياري، پنهنجي سر تان سڄو آزار لاٿائين.
ايتري ۾ طالب اَملي * ۽ شمس * قنڌار پهچي مرزا غازي بيگ جي خدمت
۾ آيا ۽ سندس ملازمت اختيار ڪيائون
مرزا غازي بيگ جڏهن پنهنجي پريشانين جو سڄو احوال جهانگير
بادشاهه جي خدمت ۾ لکي موڪليو ته اُتان حڪم آيو ته
کيس بکر ۾ رهي پنهنجي لشڪر جو انتظام ڪري، شاهي
فرمان جي انتظار ۾ رهڻ گهرجي. حڪم ملڻ تي پاڻ اچي
بکر ۾ ويهي رهيو ته هوڏانهن ڪن ماڻهن بادشاهه کي
ڀڙڪائڻ شروع ڪيو، چي: مرزا غازي بيگ هاڻ شاهي
درٻار ڏانهن ڪو نه ايندو. نيٺ هن جي لاءِ ڊاڪ چوڪي
جو فرمان جاري ٿيو. جيئن شاهي حضور سان صدق ۽
اعتقاد رکندو ٿي آيو، ان ڪري فرمان ملڻ شرط بکر
مان روانو ٿي بادشاهه جي درٻار ۾ وڃي پهتو. تڏهن
بادشاهه سلامت ڪابل جي سير تان واپس ايندي لاهور
جي شهر ۾ ترسي پيو هو، جتي مرزا غازي بيگ سندس قدم
بوسيءَ جي عزت حاصل ڪئي. (253) جيڪي ماڻهو هن جي
پَر پُٺ بادشاهه کي ڀڙڪائيندا ٿي رهيا، تن جو ڪارو
منهن ٿي ويو. مرزا غازي بيگ پڇاڙي شاهي عنايتن سان
نوازجي جاگير ۽ منصب جي ترقيءَ کان پوءِ ٻيهر
قنڌار جو حاڪم مقرر ٿيو.
* ڏسو حواشي ۽ متعلقات
* ڏسو حواشي ۽ متعلقات
مرزا غازي بيگ جو ٻئي دفعي قنڌار روانو ٿي وڃڻ
خدا جنهن انسان کي سرفرازي بخشي ٿو، تنهن کي چڱا
اخلاق پڻ عطا ڪري ٿو. مرزا غازي بيگ جي اصل کان
اها تمنا هئي ته هر طرح پنهنجي پيءُ کان وڌيڪ منصب
ماڻي، سو هن جي اها تمنا آخر پوري ٿي ۽ کيس حڪومت
۽ منصب ۾ اهڙا انسان ملندا رهيا، جيڪي سندس پيءُ
مرزا جاني بيگ جي مانَ مرتبي کان واقعي مٿي هئا.
هيءُ جڏهن بادشاهه وٽان موڪلائي ملتان اچي پهتو،
ته اتان ئي قنڌار جو معاملو ڪنهن ٻئي جي حوالي
ڪري، ٿوري وقت لاءِ سنڌ جي حالتن سڌرڻ جي سوچ
ڪيائين. ان لاءِ پنهنجا ماڻهو پاڻ وٽ گهرائي
ورتائين. خيال هئس ته محمد امان ترخان جي پُٽ مرزا
بهرام کي جيڪو سندس ويجهن عزيزن مان ۽ هر طرح لائق
هو، پنهنجي جاءِ تي قنڌار روانو ڪرڻ کپي. اها
ڳالهه جڏهن ٻين صلاحڪارن سان ڪيائين، ته انهن
ڏاڍيون آفرينون ڏنيس ۽ ان راءِ کي ترت عمل ۾ آڻڻ
لاءِ زور ڀريائونس. هڪدم هاٿي ڪي گهوڙا فراش خاني،
بورچيخاني جي سامان، دَلچي ۽ عَلم سميت (جيڪا سندس
خاندان جي پراڻي رسم هئي) گهرائي، ارغون ۽ ترخان
جو لشڪر تيار ڪري، مرزا بهرام جو انتظار ڪرڻ لڳو،
جڏهن موڪلاڻيءَ جو ڏينهن ٿيو ته (245) مرزا بهرام
کي ماڻهو موڪليو ويو، پر هو ڪو نه آيو ۽ جواب
ڏياري موڪليائين، جنهن مان معلوم ٿيو، ته هن جي
مرضي ئي ڪا نه آهي، ته اهڙو عهدو ماڻجي. هن وٽ
سندس جاگير جي هڪ سنڌي زال مان پيدا ٿيل پُٽ هو،
جنهن لاءِ بهانو ڏيندي چيائين ته: آءٌ پهريان ٺٽي
وڃي پُٽ کي سندس ماءُ جي حوالي ڪري، پوءِ حڪم جي
تعميل ڪندس. ان تي مرزا غازي بيگ سان گڏ سندس
اميرن ۾ به ٽهڪڙو پئجي ويو. هر ڪنهن ائين ٿي
چيو،ته هي پُٽ جو دائپو ڪندو، اُن کي ٿڃ ڌارائيندو
۽ پينگهي ۾ سمهاري لوڏا ڏيندس، ان ڪري اچڻ کان
عاجز آهي.
مرزا غازي بيگ کي پنهنجي انهيِءَ ويچار تي ڦڪائي ٿي، ته مون به
ڪهڙي مهانڊي ماڻهوءَ جي چونڊ ڪئي هئي. وڌيڪ افسوس
ان تي ٿيس، ته سندس عزيزن ۾ هاڻ اهڙا ئي ڪانئر وڃي
بچيا هئا. اَخر صلاح ٿي ته هن جي بدران احمد بيگ
سلطان کي روانو ڪيو وڃي، جيڪو سامان مرزا بهرام
لاءِ تيار ٿيو هو، سو لشڪر سميت هن جي تحويل ۾
ڏئي، کيس اعتماد خان جي لقب سان سرفراز ڪري، قنڌار
اَماڻيو ويو. هُن اتي مرزا غازي بيگ جي اچڻ تائين،
ملڪي ڪاروبار کي اهڙو ته درست ڪري ورتو، جو رعيت
۽سپاهه سڀ سندس سلوڪ مان راضي ٿي ويا. ڌارين جي
لشڪر ملڪ ۾ جيڪا تباهي اَندي هئي، سا هٽندي وئي ۽
هر طرف اَباديون ٿيڻ لڳيون. اهڙيءَ ريت پنهنجي
حاڪم مرزا غازي بيگ ۽ خدا جي خلق، ٻنهي جون دعائون
کٽيائين.
مرزا غازي بيگ بکر پهچي، وڏي والده ۽ سرڪاري عملدارن کي ٺٽي مان
گهرائي، ملڪي معاملا سمهجهائي، ڪنهن کان موڪلائي،
ته ڪنهن کي ساڻ کڻي، سڄي ڳڻ ڪري ڇڏي. پنهنجي بيگمن
مان به جيڪي وٽس موجود هيون (255)، ٺٽي ڏياري
موڪليائين، پر ڄام هالي سمي گهوريي ڪڪرالي واري جي
ڌيءَ، جنهن جو پيءُ مرزا غازي بيگ جي لشڪر جي
چڙهائين ڪري، دربدر ۽ پريشان هو، (پر پوءِ خسرو
خان چرڪس جي وچ ۾ پوڻ تي، مرزا غازي بيگ کي پنهنجي
ڌيءَ جو سڱ ڏئي جان ڇڏايائين ۽ ڪڪرالي واري جاگير
مان هڪ حصو جهلي، باقي مرزا غازي بيگ وٽ پهچائڻ جو
وعدو ڪري، ماٺ ٿي چڪو هو) (1)، تنهن کي پاڻ سان
وٺي هليو، پر ٻين بيگمن پهاڄپي جي ساڙ کان ان کي
زهر ڏيئي ماري ڇڏيو.
(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات
اهي سڀ معاملا ائين راس ڪري، جيئن بيان ٿي چڪو، پوري دلجاءِ سان
قنڌار روانو ٿيو. سبي ۽ گنداواهه کان وٺي قنڌار
تائين، جتي به شاهي درٻار سان بغاوت ڪندڙ ۽ رهزن
گوشماليءَ لائق هئا، تن کي سڌو ۽ فرمانبردار ڪري
پنهنجي ماڳ تي پهتو. پويان هرهنڌ پنهنجا چڱا ماڻهو
مقرر ڪري چڪو هو. ڀائيخان لطف الله سلطان کي
افغانن مٿان چاڙهي موڪليائين، جنهن سندن دماغ مان
هوا ڪڍي، مطيع ۽ ڍل پهچائڻ لاءِ مجبور ڪري، سرڪاري
خزاني ۾ واڌ آندي. مهتي گريي جي پُٽ راءِ ماڻڪ چند
کي شاهه بيگ جي ملازم حيدر فساديءَ جي نگهداريءَ
تي مقرر ڪيائين. جيئن پاڻ قنڌار تي قابض هو، تيئن
هن جي قلعن تي قبضو ڪرائي، کيس اهڙو هيسي ڇڏيائين،
جو پراڻي دشمني وساري (256) چڱن جيان چڱو ٿي هلڻ
لڳو.
پڇاڙيءَ جوهر جلال الدين عبدالله سلطان کي مير خانيءَ جو خطاب
ڏئي، تحفن ۽ هدايتن سان ايران جي حڪمران شاهه عباس
ڏانهن سفير ڪري موڪليائين، جنهن جي لاڳاپي سان
نالائق ماڻهن جون پيدا ڪيل دشمنيون ختم ٿي ويون ۽
سندس صوبي (قنڌار کي) فسادين جي شور شر کان امان
ملي وئي.
مرزا غازي بيگ حد کان وڌيڪ خرچائو هو، تنهن ڪري اجايو پئسو
ضايع ڪندو ٿي رهيو. جيڪي جاگيرون ٺٽي کان وٺي
قنڌار، ملتان ۽ سيوهڻ تائين کيس سونپيل هيون، تن
جي پيدائش هوندي به ڪنگال ۽ قرضدار ٿي پئي
گذاريائين. هڪ ڀيري هن جي حضور منشيءَ کيس اطلاع
ڏنو، ته ٽن مهينن کان جمع خرچ جا سرڪاري ڪاغذ ٺهيا
رکيا آهن، جيڪڏهن نظر مان ڪڍي ڇڏيو، ته ڏاڍو چڱو،
جو خرچ وڌندو پيو وڃي! اهي ڪاغذ حضور منشيءَ کان
وٺي، ڦاڙي پرزا ڪري ڇڏيائين، اهو چئي ته رزق رازق
جي هٿ ۾ آهي. مرحوم والد (مرزا جاني بيگ) کي به
ارغونن ترخانن جو خزانو هٿ آيو هو، جيڪو خرچي
کپائي ڇڏيو هئائين، تڏهن اسان وٽ ڇا هو! خدا
هيلتائين ته اوهان جي احسان کان سواءِ حضرت خاقان
زمان (جهانگير بادشاه) جي حڪومت هوندي ڪنهن جو
محتاج نه ڪيو آهي، هن کان پوءِ به اميد ته (257)
جيستائين جان باقي آهي، بُک ڪونه مرنداسين، توهان
خواهه اسان جي ڳڻتي نه ڪريو.
ليڪن جڏهن مرزا جاني بيگ کي وڌيڪ زور ڀريو ويو، ته ٺٽي جي صوبي
مان ڪافي آمدني ٿئي ٿي، پر اها سڄي آمدني خسرو خان
چرڪس هڙپ ڪري ٿو وڃي. اوهان جي انهيءَ لاپرواهيءَ
کان ملڪي معاملا خراب ٿيندا پيا وڃن، جنهن لاءِ ڪو
انتظام ضرور ٿيڻ کپي؛ بهتر آهي ته ٺٽي ۾ هڪڙو
ماڻهو مقرر ڪيو وڃي، جيڪو جاچ ڪري، ته لشڪر مان
ڪير مئو ۽ ڪير ڀڄي چڪو آهي، اهڙا اطلاع به ملي چڪا
آهن، ته سپاهين مان گهڻا غير حاضر پيا ڏسجن، پر
انهن جون پگهارون وغيره هلن پيون؛ جيڪي موجود
ناهن، تن مان ڪن وڏن جون جاگيرون اوهان جي خلاصي ۾
شامل ٿيڻ گهرجن. تنهن کان سواءِ جاگير ۽ خلاصي تي
جيڪي اضافا ٿي رهيا آهن، اهي به سرڪاري کاتي ۾ جمع
ڪرايا وڃن. آخر ان لاءِ گربي هندوءَ کي سائينڏني
هندو بيگ جو خطاب ڏئي، مير منشي مقرر ڪيو ويو. هن
سپاهه جي پوري جاچ ڪئي، ته کيس سڀئي ڳالهيون معلوم
ٿي ويون، واپس اچي مرزا غازي بيگ کي سڄي روئداد
پيش ڪيائين. مرزا غازي بيگ کي خسرو خان چرڪس جي
باري ۾ جيڪي گمان هئا، يقين ۾ بدلجي ويا، جنهن
لاءِ ڪچهريءَ ۾ ويهي ڳالهه ڪڍيائين، ته خسرو خان
جي پُٽ، ڀائيخان کي ڪڏهن به سک سمهڻ نه ڏنو وڃي.
پوءِ پاڻ موقعي جي تاڙ ۾ رهيو، جيئن خسرو خان کي
گهرائي، سڀئي ڳالهيون سندس منهن تي هڻي، پر
اوستائين هن جا هٿ نه پهچي سگهيا.
مرزا غازي بيگ جو خسرو خان کي گهرائڻ
جڏهن ڪيترن ماڻهن مرزا غازي بيگ کي خسرو خان جي خلاف دانهون
ڏنيون، ته هو ايڏو مغرور ٿي ويو آهي، جو اوهان کي
ڌيان ۾ ئي نه ٿو آڻي ۽ مرزا باقيءَ جيان پنهنجي
اولاد کي هر ڪنهن صوبي جو حاڪم مقرر ڪري ڇڏيو
اٿائين، جيڪي اوهان وانگي پاڻ کي ملڪ جو مالڪ
سمجهي رهيا آهن.
واقعي حقيقت ائين ئي هئي. هن جو ڏهٽو محمد بيگ ولد رستم بيگ،
جيڪو نيرون ڪوٽ جو حاڪم هو (258)، پنهنجي پيڙهه
پختي ڏسي، جوانيءَ جي غرور ۽ ڪامرانيءَ جي آڪڙ ۾
ايڏو ته انڌو ٿي ويو، جو ارغونن، ترخانن مان،
ڪيترن سان تعديون ڪندو ٿي رهيو، جيڪو ساڻس ملڻ ٿي
ويو، تنهن کي هٿ جي بدران پير ڊگهو ڪري ٿي ڏنائين.
فتح الله ولد لطف الله ڀائيخان، جيڪو بدين جو حاڪم هو، تنهن عيد
جي ڏينهن مرشد خان (1) کي پاڻ وٽ گهرائي ايترا
آزار ڏنا، جو خود مرزا غازي بيگ به ائين نه ڪري
ها. مرزا غازي بيگ ته پاڻ انهيءَ (مرشد خان) کي
فتح الله جي پيءُ لطف الله ”ڀائيخان“ کان به وڌيڪ
عزت ڏيندو هو. آخرڪار جڏهن فتح الله هاٿيءَ تي
چڙهي، عيد گاهه ڏانهن پاسيرو ٿي ٿيو، ته مرشد خان
ويچارو ڦِڪو ٿي، پنهنجي جاگير ڏانهن روانو ٿي ويو،
پوءِ قنڌار وڃي مرزا غازي بيگ وٽ هيءَ درد جو
داستان پيش ڪرڻ لاءِ پهتو. مرزا غازي بيگ جڏهن
هتان جي باري ۾ هن کان حال احوال پڇيا، ته پاڻ هڪ
بيت پڙهي، سڄي حقيقت واضح ڪيائين، ته ڪيئن هنن
ماڻهن پنهنجي وت کان وڌيڪ پير کڻي، ماڻهپي کي
اُڇلائي ڇڏيو آهي:
(1) ملا مرشد بروجروي، جنهن کي مرزا غازي بيگ ”خان“ جو
خطاب ڏئي، بدين سرڪار ۾ جاگير عطا ڪئي هئي. تفصيل
لاءِ ڏسو حوالا ۽ متعلقات ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ -
مترجم
شيرين جا چَپ خسرو جي ڪم آيا،
فرهاد ويچارو ناحق پيو پاڻ ڳاري.
شيخ ڪالي جو پُٽ شيخ عبدالباقي، جيڪو خسرو خان جو ڏهٽو هو،
باوجود خانداني شان ۽ شرافت جي، جنهن جو واسطو شيخ
بهاو الدين زڪريا ملتانيءَ سان هو ۽ اڃا تائين
آهي، اهڙيون بيحيائيون ۽ بيهودگيون ڪرڻ لڳو، جو
عبدالعزيز نالي هڪ ٽرڙي ۽ ٽِٽر کي پنهنجي ڪچهريءَ
۾ ويهاري (259)، ان کان ٽٽ ٿي ڏياريائين. هو جيئن
وچ ميڙ۾ ٽِٽ ڏيندو ٿي ويو، تيئن ماڻهن ۾ کل جا
ڪوڪرا ٿي پئجي ويا.
هڪ دفعي هندن جي ڪنهن خاص ڏينهن تي، جيڪو هر سال ويندو هو،
مڱڻهارن جي ٽوليءَ سان هڪ اهڙي خوبصورت عورت اتي،
جو سڄي ميلي جا ماڻهو ان کي ڏسڻ پلٽي پيا. هر ڪنهن
کي ان جي حسن تي حيرت ۽ حسرت ٿيڻ لڳي.
عجب مصوري آهي انهنءَ حقيقي مصور جي، جيڪو پاڻيءَ جي گندي قطري
۽ مٽيءَ جي پنوڙي، واءُ جي جهوٽي ۽ باهه جي اثر
سان جنهن جو ڪم ساڙڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي،
اهڙيون سهڻيون صورتون پيدا ڪري ٿو: جن کي ڏسڻ لاءِ
شيخ (عبدالباقي) جهڙو ڀلارو ڪِن بڇڙن ۽ ٽٽر ماڻهن
سان گڏجي اتي اچي نڪتو. جڏهن انهيءَ نازنين جو
تماشو ختم ٿيو ۽ شيخ صاحب پنهنجي ڪچهريءَ جي ڪوڏئي
(عبدالعزيز ٽٽر کي) اک هڻي چوڻ لڳو: تنهنجي مرضي
آهي ته هن کي کنڀي کڻجي؟ هن لُچي ۽ لفنگ هڪدم جواب
ڏنو: ميان چيو: بس ڪرامت ٿي وئي. ائين چئي خوبصورت
عورت کي پنهنجن مٽن مائٽن جي موجودگيءَ ۾ ڇڪي ٻاهر
ڪڍڻ جي ڪيائين؛ پر هن جي مائٽن جو وٺي گوڙ ڪيو ته
ٻيا ماڻهو جيڪي هزارن جي تعداد ۾ اتي موجود هئا،
عبدالعزيز ٽٽر کي بي عزتو ڪرڻ لاءِ ڦري آيا. سندن
رخ مان ظاهر پئي ٿيو ته جيڪڏهن (260) شيخ
عبدالباقي به هن جي طرفداري ڪئي ته ان کي مند جي
ٻڌائي ويندي، پر خير، جيڪي ٿيو سو گذري چڪو، ۽
اُتي جيڪي هزارين هندو توڙي مسلمان موجود هئا، تن
جي زبان مان اهي اکر ٿي نڪتا ته الاهي! هن حڪومت ۽
حاڪمن جي جلد ٻيڙي سِير تي آڻ! هنن جنهن بي شرميءَ
سان ماڻهن جي عزت تي حملا ڪري، سڄي ڪارپت ٿي
وڃائي، هر ڪو ان تي رت جا ڳوڙها روئندو ٿي رهيو.
پاڻ وري انهيءَ بڇڙائيءَ تي وڏي فخر سان کليا ۽
خوش پئي ٿيا، انهيءَ عبدالعزيز ٽٽر جي زور تي هڪڙي
ماڻهوءَ شيخ عبدالرفيع جي ڀاءُ کي بنا ڪنهن سبب
جي بي عزتو ڪري، پٽڪو لاهي سندس ڳچيءَ ۾ وجهي ڳچ
پنڌ تائين گهليندو ويو، جنهن جي کانئس ڪنهن به پڇا
نه ڪئي ته ائين ڇا لاءِ ڪري رهيو آهي! ان کان
سواءِ هنن جون ٻيون به ڪي ئي بڇڙايون هيون، جيڪي
پنهنجو پاڻ پڌريون پئي ٿيون. اهي سڀئي ڳالهيون
جڏهن مرزا غازي بيگ ٻڌيون ته سڀني چرڪسن (خسرو خان
چرڪس جي مائٽن) کي انهن جاين تان (جن تي سندن ڌاڪ
ڄميل هئي) هٽائي کين خوار خراب ڪرڻ جو فيصلو
ڪيائين، جيئن پنهنجي بڇڙائي تي پشيمان ٿين.
آخر سائينڏني هندوءَ کي هندو خان جي خطاب سان
نوازي، شهباز خان جي سَهري (261) راءِ ماڻڪ چند
سان ٺٽي تي مقرر ڪري موڪليائين. انهيءَ حڪم سان ته
اتي پهچي، خسرو خان جي سڄي ڪٽنب جي ننڍن وڏن کي
قنڌار روانو ڪيو وڃي. انهن جي وڃڻ کان پوءِ مرزا
غازي بيگ پنهنجي خاص ماڻهن کي ٻڌايو ته، خسرو خان
۽ سندس خاندان سان اهي جٺيون ڪرڻ ۾ اينديون جو
ڏيهه ڏسندا. خسرو خان کي لٺ هٿ ۾ ڏئي ٻانهن جي
چوبداري تي ڇڏيو ويندو. فتح الله ولد لطف الله
ڀائيخان، جيڪو بدين جو حاڪم پيو سڏائي، تنهن کي
درٻار جو آفتابچي (بدني بردار) ڪبو، جيئن پڻس جرگي
۾ ويٺو هجي ۽ هي انهن جا هٿ پيو ڌوئاري جن کي
پنهنجي نوڪرن جهڙو نٿي سمجهيائين. محمد بيگ جيڪو
ڏاڍو نازڪ ۽ اسان کان به اڳرو ٿي پئي هليو، ان کي
ٽَليون چيلهه سان ٻڌرائي، پنهنجي سواريءَ پويان
ڊوڙايو ويندو جيئن سمجهي ته ملڪ ۾ ڪوڙائي راڻو به
آهي، جيڪو بڇڙن ماڻهن کي اهڙيون سزائون ڏئي سگهي
ٿو، ليڪن افسوس جو مرزا غازي بيگ کي قضا جي اها ڪل
ڪا نه پئي ته دشمن هن جي هٿ هلائڻ کان اڳ سندس ڪم
پورو ڪري ڇڏڻ وارا آهن. جيڪو کوهه ٻين جي لاءِ ٿي
کوٽيائين، تنهن انت کيس ئي ڪِرڻو پوندو!
هندو خان جو ٺٽي پهچڻ
آدمي جيڪو غيب واري عالم کان عافل ٿو رهي، تنهن کي ڪهڙي خبر ته
سڀاڻي حقيقي پردي نشين اندران ئي اندران ڪهڙيون
ڳجهيون ڳالهيون پڌريون ڪرڻ وارو آهي، ڇو ته الاهي
اسرار جي ڄاڻ رکڻ ڪنهن انسان جي وس وٽان نه آهي.
ڪي ئي سياڻا سڄاڻ انهيءَ راهه ۾ رُلندا رهيا، پر
ڪنهن کي به ان جي اونهائيءَ تائين رسائي نصيب نه
ٿي. بيشڪ (262) اها حقيقت آهي ته ڪو به مدبر
پنهنجي تدبير سان تقدير کي بدلائي نه ٿو سگهي.
هندو خان جڏهن پنهنجي ماڻهن سميت مرزا غازي بيگ کان موڪلائي
نصرپور پهتو، جتي شاهه قاسم خان ارغون جي پُٽن جي
حڪومت هئي (1)، کيس اهو خيال اچي پيدا ٿيو ته
پهريائين هتان جا معاملا نبيري پوءِ اڳتي قدم
وڌائجي، پر جيئن ته سڀئي ماڻهو چرڪس جا مطيع ٿي
چڪا هئا، ان ڪري انهن جي مرضيءَ کان سواءِ هندو
خان جو ڪو به حڪم مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيا، جنهن
(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات
ڪري هو اتي ڪجهه ڪري نه سگهيو. مقيم سلطان پنهنجي ڀائرن سميت
ايڏي لاپرواهيءَ تي لهي آيو، جو هندوخان ۽ سندس
ساٿين کي نصرپور جي قلعي ۾ قيد ڪري ڇڏيائين. ابو
القاسم سلطان جنهن کي مرزا غازي بيگ خسرو خان چرڪس
جي چوڻ تي آزاد ڪري، ٿوري جاگير بخشي نصرپور ۾ رهڻ
جي رضا ڏني هئي ته هاڻ هن انڌي مان ڇا ورندو، پنج
وقت نماز پڙهي پيو خدا کي ياد ڪندو. پر انهيءَ
انڌي به نيٺ اچي پر ڪڍيا. هن کان اڳ سندس حالت اها
هئي، جو هڪڙي ڀيري شڪار جي بهاني نصرپور مان نڪري
وڃي جهانگير بادشاهه جي پيش پيو، جنهن هن کي وڏو
مان ڏنو، پر پڇاڙيءَ ان جو ڪو به لحاظ ڪو نه
ڪيائين ۽ وڃي خسرو خان چرڪس سان سازش ۾ شريڪ ٿيو.
هن جو ايڏو ته دماغ خراب ٿيو، جو مرزا غازي بيگ جي
ماڻهن مان ڪنهن کي به حڪومت ڪرڻ نه ٿي ڏنائين.
هندو خان کي قلعي ۾ بند ڪرڻ کان پوءِ ابو القاسم جي ڀائرن سڀني
جي رات ۾ رات ڪري ڇڏي. ڪا به شيءِ هنن لاءِ قلعي
کان اندر وڃي نه ٿي سگهي. جڏهن حد کان وڌيڪ تنگي
شروع ڪري ڏنائون، ته ماڻڪ چند، جنهن کي اچي موت
کنيو، پنهنجي بهادريءَ هوندي (263)، جيڪا کيس قدرت
طرفان عطا ٿيل هئي، موت لاءِ هاڃا هڻڻ لڳو.
هن پهريان پنهنجي ماڻهن کي سمجهايو، ته مقيم سلطان جيئن چوي
تيئن ڪجو، ته سڄي ڳالهه ٺهي جند ڇڏائجي. پوءِ ميرڪ
محمد سلطان، قاسم علي سلطان (1) کي ساڻ ڪري ائين
مقيم سلطان جي جاءِ تي ويو، جيئن ڳوهه کي کُٽي
کڻندي آهي، ته ڍيڍن جا گهر پڇندي آهي. سندس خيال
هو، ته مقيم سلطان سان ڳالهيون ڪري هندو خان سان
ملائجي.
(1) ميرڪ محمد سلطان ولد قاسم علي سلطان (حواشي ۽
تعليقات)
جڏهن ٿوري دير مقيم سلطان سان ڳالهيون ڪري، ماڻڪ چند ناڪام ٿي
ٻاهر نڪتو، ته هن (مقيم سلطان) جي ماڻهن (پنهنجي
مالڪن جي هُشيءَ تي) کيس ڳٿر کان جهلي بدشد
ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڪن وري هن کي ڀڙڪائڻ جي ڪئي، پر
ماڻڪ چند جيستائين وات مان ڪو اکر ڪُڇي، تنهن کان
اڳ هڪڙي جنوني ارغون هن کي ڌڪ هڻي زمين تي ڪيرائي
پورو ڪري ڇڏيو. ماڻڪ چند جي ساٿي ميرڪ محمد سلطان
هن کي ڇڏائڻ چاهيو، ته اهو به انهيءَ وٺ وٺان ۾
مارجي ويو. اها دانهن وڃي قلعي وارن تائين پهتي،
هندو خان ايڏو حيران ٿي هراس ۾ اچي ويو، جو سندس
حوصلا ئي خطا ٿي ويا، پر ماڻڪ جند جي پُٽ راءِ
سنگهه پيءُ جي موت جو ٻڌي دل ڌاري جنگ جو نغارو
وڄرايو.
مقيم سلطان جنگ جا نغارا ٻڌي پنهنجي ماڻهن سان ميدان ڏانهن
وڌيو، ته هوڏانهن راءِ سنگهه هڪل ڪيس، چي: (264)
جيستائين پنهنجي پيءُ ماڻڪ چند جو بدلو نه ورتو
اٿم، تيستائين ان جو لاش مساڻ ۾ نه ساڙيندس. آفرين
هجي راءِ سنگهه کي جنهن مڙيءَ سان منهن ڏئي، مقيم
سلطان جا ڪيئي ماڻهو ماري ڇڏيا (1). هن جا جيڪي
هاٿي گهوڙا ۽ هٿيار سندس ماڻهن جي ڀاڄ مهل ميدان ۾
رهجي ويا، تن تي پاڻ قبضو ڪري ورتائين. پڇاڙيءَ
پيءُ ماڻڪ چند جو لاش کڻائي وڃي مساڻ ۾ ساڙايائين.
اها ويڙهه انهي مڙسيءَ سان کٽي راءِ سنگهه، مرزا
غازي بيگ ڏانهن روانو ٿي لڳو، ته کيس سائين ڏني
هندو خان ۽ نارائڻداس شجاعت راءِ (2) ڪجهه وقت
ترسڻ لاءِ ستوهه ڀريو، پر هو ان لاءِ تيار نه ٿيو.
آخر قنڌار وڃي مرزا غازي بيگ وٽ پهتو. جنهن هن کي
ايڏو مانُ ڏنو، جو پنهنجي پيءُ ماڻڪ چند کان به
مٿاهون ٿي ويو. پوءِ وري ٻيهر مرزا غازي
(1) ڏسو حواشي ۽ تعليقات
(2) هندو خان جو ڀاءُ حواشي ۽ تعليقات
بيگ جي حڪم سان پنهنجي ساٿيارين (1) سان گڏجي ٺٽي آيو. جتان
خسرو خان چرڪس کي حڪومت جي معاملن تان بي دخل ڪري،
هر صوبي تي پنهنجا ماڻهو رکي سڄو انتظام
سنڀاليائين. خسرو خان چرڪس جڏهن ڏٺو، ته هاڻ ڪو به
حيلو ڪو نه هلي سگهندو، ته وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ جي بجاءِ
مرزا غازا بيگ ڏانهن قنڌار وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. سنڌ
۾ جيڪي سندس ماڻهو هئا، تن کي اشارو ڏئي ڇڏياين،
ته منهنجي وڃڻ کان پوءِ سڄو ملڪ مٿي تي کڻي ڏجو ۽
سنئين سڌي نافرنامي ڪري، هنن (هندو خان ۽ سندس
ساٿيارين،) کي اهڙو تپائي ڏجو، جيئن مرزا غازي بيگ
کي به خبر پئجي وڃي ته اسان کان سواءِ ملڪ هلي ئي
نه سگهندو، پر ماڻهو ته سدائين ڀاڳ جو محتاج آهي،
جڏهن کيس ڀاڳ ڀڙائي ٿو، تڏهن سندس ڪم پورا ٿين ٿا،
هندو خان ڪنهن شورش کان اڳ ملڪي معاملا ضابطي ۾
آڻي ويهي رهيو.
خسرو خان اڃا هالن تائين مس پهتو، ته مرزا غازي بيگ جي فوت ٿيڻ
جا هُل اُٿي ويا. پوءِ ته بيٺي پير پوئتي وريو،
اها نيت ڪري، ته هندو خان کي ڏينهن جا تارا
ڏيکاري، ٻين کي عبرت ۾ وجهي ڇڏيندو.
مرزا غازي بيگ جي موت جو ڪارڻ، جيڪو پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏو بهادر
۽ سخي مرد هو *
مرزا غازي بيگ جي وفات وقت جيڪي ماڻو اتي موجود هئا، تن کان ٻڌڻ
۾ آيو ته: جڏهن سندس حياتي پوري ٿيڻ تي آئي، ته ڪن
بدخواهن جيڪي دنيا
(1) هندو خان شهباز خان وغيره. (حواشي ۽ تعليقات)
* ڏسو حواشي ۽ تعليقات
۾ پنهنجي مُحسن کي مارڻ ۾ مشهور هئا، تن بنا ڪنهن سبب جي هن کي
زهر ڏئي، هميشه لاءِ پنهنجي منهن تي پاڻ دانگي
گهمائي ڇڏي.
هندو خان کي جڏهن انهيءَ واقعي جي خبر پئي ته اها پڪ ٿيس، ته
هاڻ خسرو خان کيس ڪو نه ڇڏيندو، سو ڪا نه ڪا ڳڻ
ڪرڻ کپي، انهي فڪر ۾ ٺٽو ڇڏي پنهنجي ڀاءُ وٽ سيوهڻ
وڃڻ جي سنبت ڪيائين. اڃا ٻيپهري ٿي، ته اوچتو ڪنهن
کي ٻڌائڻ کان سواءِ، پڪي ڪا ماني ڇڏي وڃي مرزا
جاني بيگ جي والده جو در ورتائين ۽ پنهنجي جند
ڇڏائڻ لاءِ (265) اهو بهانو پيش ڪري موڪل گهريائين
ته: منهنجي سهري جي ڀاءُ مون کي اچي ٻڌايو آهي، ته
سيوهڻ ۾ سومرن چڙهائي ڪري، اسان جا ڪيئي ڪارائتا
ماڻهو ماري ڇڏيا آهن ۽ سڀ ڪجهه تاراج ڪيو اٿائون،
پر هن کي به اڌ مئو ڪري ويا آهن، منهنجو خيال آهي،
ته اوهان جي اجازت سان اوچتو وڃي انهن تي ڪاهه
ڪري، کين اهڙي سيکت ڏيان، جو ٻين کي به عبرت لڳي ۽
اڳتي ڪو به مون کي هندو سمجهي، ٻيهر ڪا اڙانگوڙي
نه ڪري ۽ پوءِ دلجاءِ سان ملڪي ڪاروبار هلائجي.
مرزا جاني بيگ جي والده هن کي سمجهايو، ته هن وقت تون ئي خسرو
خان چرڪس جي جاءِ تي ته ڇا، پر خود مرزا غازي بيگ
بدران ملڪ جو حاڪم آهين، هروڀرو انهي معمولي واقعي
لاءِ توکي ايڏي تڪڙ سان هتان نه وڃڻ کپي، تون پاڻ
ئي سوچ، ته جيڪڏهن ان ۾ توکي شڪست جو منهن ڏسڻو
پيو، ته ٻيو ڪير ويٺو آهي، جيڪو تنهنجي ڪا مدد ڪري
سگهندو! مناسب ائين آهي، ته ڪنهن به صورت ۾ هتان
وڃڻ جي نه ڪري، ڇو ته هن وقت هر ڪو اسان ۾ آسرو
رکيو ويٺو آهي، باقي حڪومت ۾ اهڙا ٻيا به ڪي
منصبدار موجود آهن، جيڪي تنهنجي امداد ۽ مرزا غازي
بيگ جي اقبال سان انهن وڳوڙين جو خاتمو ڪري سگهن
ٿا.
هندو خان جنهن کي اچي پنهنجي سر جي لڳي هئي، تنهن تي انهن
هدايتن جو ڪو اثر نه ٿيو، ڇو ته سندس اندر جي ڪنهن
کي به خبر ڪا نه هئي. آخر اهو جواب ڏنائين، ته جي
انهيءَ مهم تي ڪن ٻين ماڻهن کي موڪليو ويو، ته
ڪجهه به نه ورندو، اٽلندو ملڪ ۾ ٻيا مهيوڙ مچي
ويندا. اهو چئي نغارا وڄائيندو روانو ٿي ويو (1).
والله اعلم بالصواب
(266)
ڪاتب پاران
سنڌ جي واقعن بابت لکيل هي ڪتاب ”تاريخ طاهري“ زماني جي حاتم ۽
نوشروان مير ميان مراد علي خان صاحب جي ارشاد موجب
محمد خليل ولد مرحوم قاضي محمد تاريخ 16 صفر 1223
هه ڌاري لکي پورو ڪيو (267).
(1) مرزا غازي بيگ جي مرڻ کان پوءِ ملڪ ۾ ڇا وهيو واپريو
۽ خسرو خان چرڪس جو ڪهڙو حشر ٿيو – تفصيل لاءِ ڏسو
حوالا ۽ متعلقات – مترجم
حواشي ۽ تعليقات
مرزا شاهه بيگ عادل خان مصنف (نسياني) جو مربي ۽ نواب شاهه بيگ
خان جو پُٽ. (شاهه بيگ عرف غزنن خان وڌيل لاءِ ڏسو
حوالا ۽ متعلقات)
نواب شاهه بيگ خان ”خان دوران“ مصنف (نسياني) جي مربي دوران.
ماثرالامراء جي بيان مطابق اڪبر بادشاهه جي جلوس
سال 39 (1564ع) ۾ قنڌار جو نواب مقرر ٿيو. سال 42
(1597ع) ۾ کيس ٽي هزار ۽ پنج سو وارو منصب مليو.
پهرئين سال جهانگير جي لوس (1605ع) ۾ هرات قنڌار
جي حاڪم هسين خان شاملو کي گهيري ۾ آندائين ۽
وڏيءَ هميت سان قلعي کي مضبوط ڪري، پنهنجي لشڪر کي
اهريءَ طرح جنگ لاءِ تيار ڪيائين، جو حسين خان جا
سڀئي حيلا ۽ حملاي ڪار ٿي ويا ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن کي
ناڪام ٿي ڀڄڻو پيو. جهانگير کي جڏهن خبر ملي، ته
انهيءَ فتني کي ٽارڻ لاءِ جيڪو قزلباشين پيدا ڪيو
هو، مرزا غازي بيگ کي ٻين اميرن سان شاهه بيگ خان
جي مدد لاءِ روانو ڪيائين. هن جي پهچڻ کان پوءِ
(12 شوال 1015 هه) شاهه بيگ خان (1016 هه – 1607ع)
قنڌار مان ڪوچ ڪري، ڪابل پهچي، جهانگير بادشاهه وٽ
آيو، جتي کيس پنج هزاري منصب ۽ خان دوران جي خطاب
سان گڏ ڪابل ۽ افغانستان جو حاڪم مقرر ڪيو ويو.
جڏهن پوڙهو اچي ٿيو، ته کيس شاهي درٻار ۾ طلب ڪيو
ويو، جتان ٺٽي جي صوبيداري جو پروانو مليس. سال 14
جلوس جهانگيري (1618ع) تمام پوڙهي ٿيڻ ڪري ملازمت
ڇڏيائين، ته سندس خدمتن جو لحاظ رکندي، کيس خوشاب
پرڳڻي جي سرڪاري اُپت مان پنجهتر هزار رپيا خرچ
پکي لاءِ مقرر ڪري ڏنا ويا (1).
ذخيرې
الخوانين جي بيان موجب جهانگير بادشاهه، جڏهن
سامونڊي سير ڪندي (1026 هه – 1617ع) ۾ کنڀات ۽
احمد آباد ويو، ته خان دوران انهيءَ سفر ۾ ساڻس گڏ
هو، جنهن کي پيرسنيءَ جي باوجود، ٺٽي جو صوبيدار
مقرر ڪيو ويو، ليڪن هيءُ اوڏانهين نه ويو، جنهن جي
عوض کيس خوشاب واري آمدنيءَ مان خرچ جو انتظام ڪري
موڪل ڏني وئي. انهن ئي ڏينهن ۾ آخرت جو سفر اختيار
ڪيائين (2).
هن عبارت مان ظاهر آهي، ته نواب شاهه بيگ خان 1027 هه ۾ فوت
ٿيو. انهيءَ موجب اندازو لڳائجي ٿو، ته سندس پٽ
شاهه محمد بيگ عادل خان، مصنف کي ان کان پوءِ هن
ڪتاب جي تصنيف جي ترغيب ڏياري هئي. بقايا ڏسو
حوالا ۽ متعلقات.
طاهر محمد نسياني، هن ڪتاب جو مصنف، تفصيل لاءِ ڏسو مُصَححَ جو
لکيل مُهاڳ.
جنهن جو احوال ڪنهن به قلمبند نه ڪيو آهي. جيڪڏهن اها سوچ ڪئي
وڃي،ته مصنف جي مربي شاهه محمد بيگ عادل خان،
پنهنجي پيءُ شاهه بيگ خان جي وفات1027 هه کان
پوءِ، کيس ڪتاب لکڻ جي ترغيب ڏياري هئي، اهڙيءَ
حالت ۾ اها ڄاڻ پئجي وڃي ٿي، ته مير معصوم ارڙهن
سال اڳ سنڌ جي تاريخ (تاريخ معصومي) 1009 هه لکي
هوندي. جنهن جي ٽئين
(1) مائر الامر تصنيف نواب شمس الدوله شاهه نواز خان
(ڪلڪتو 1910 – 1925ع) جلد 2، ص 642 – 645.
(2) ذخيرې
الخوانين تاليف شيخ بکري، ڇپيايل پاڪستان هسٽاريڪل
سوسائٽي ڪراچي. 1961ع، جلد 1، ص 236 – 237.
حصي ۾ ارغونن جي حڪومت، ان جي مدت ۽ انهن جي جنگين جا واقعا پڻ
لکيل هئا. طاهر محمد نسياني، مير معصوم جي تصانيف
کان بلڪل بي خبر نه هو، ڇو ته هن ڪتاب ۾ ان جي
تصنيف ”حسن ناز“ جو حوالو ڏئي چڪو آهي. ٿي سگهي
ٿو، ته هو مير معصوم جي ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ کان
واقف نه به هجي، ڇو ته تاريخ طاهريءَ جي مطالعي
مان اهو ثابت ٿو ٿئي، ته ان جي روايتن ۽ واقعن
بيان ڪرڻ ۾ هن انهيءَ کان ڪا مدد ورتي هوندي.
خرابي سنڌ سال 927 هه ڏانهن اشارو آهي، جنهن ۾ شاهه بيگ ارغون
سنڌ تي قبضو ڪري چڪو هو ۽ سمن جي حڪومت جو خاتمو
ٿيو. (ص . . .) تي پڻ مصنف خرابي سنڌ کي سمن جي
ملڪ نيڪاليءَ جو سال ڪري ليکيو آهي. مير علي شير
قانع به لکي ٿو، ته خرابي سنڌ مان 927 هه جي تاريخ
نڪري ٿي (1).
وقاري، اهو تخلص مرزا غازي بيگ ولد مرزا جاني بيگ جو آهي، جيڪو
هن کان اڳ تي پڻ بيان ٿي چڪو آهي. مصنف مرزا غازي
بيگ جو مصاحب ۽ همعصر هو. هن انهيءَ بابت جيڪي
ڳالهيون لکيون آهن، سي هر حالت ۾ اهم سمجهيون وڃن
ٿيون. هي پهريون اطلاع آهي، جنهن موجب اسان ان بيت
کي وقاريءَ جو بيت ڄاڻي سگهون ٿا. مير علي شير
قانع، مقالات الشعراء ۾ وقاريءَ کي وڏن شاعرن مان
شمار ڪري سندس غزل ساقي نامو ۽ چونڊ شعر نقل ڪيا
آهن. قانع چوي ٿو، ته هن جو ديوان پنجن هزارن بيتن
کان مٿي هو. طالب آملي، ملا مرشد برو جروي
پهريائين ان جي درٻار ۾ هئا. ملا اسد قصه خوان ۽
مير نعمت الله واصلي پڻ سندس مقربن مان هئا. شعر ۾
دسترس رکڻ سان گڏ موسيقي جي فن ۽ طنبوري وڄائڻ ۾
به ماهر هو.
(1) تحفته الڪرام فارسي متن. ناصري پريس دهلي، جلد 3، ص
54.
هن جي تخلص بابت چيو وڃي ٿو، ته (جيئن بختاور خان دهه ساله ۾
لکي ٿو) قنڌار ۾ هڪ شاعر جو وقاري تخلص هو. مرزا
غازي بيگ ان کي هڪ هزار رپيا روڪ، گهوڙو ۽ خلت
ڏئي، کانئس اهو تخلص ورتو. 1 هه، (2) شيخ فريد
بکري لکي ٿو ته: مرزا غازي بيگ ٺٽي جي هڪ شاعر
خلدي کان اهو تخلص هڪ هزار رپين ۾ خريد ڪيو هو، ڇو
ته سندس والد (مرزا جاني بيگ) جي تخلص حلم ۽ وقار
۾ مناسبت هئي 1 هه (3) * آخوند مولانا اسحاق بکري:
؟ مصنف پهريون شخص آهي، جنهن وٽان مولانا اسحاق
بکريءَ بابت سُڌ پوي ٿي. قانع مقالات الشعراء ۾ هن
کي (4) شاعرن جي زمري مان ڳڻائي، مصنف جي ڪجهه
عبارت سندس سوانح بابت نقل ڪئي آهي، جنهن سان گڏ
آخوند جو هي بيت به درج ٿيل آهي:
مي طپد دل در برم در شوق تو،
ميگذارد خانه را از ذوق تو.
(هن بابت وڌيڪ احوال لاءِ ڏسو حوالا ۽ متعلقات)
مير ظهير الدين (؟) يعني مير ظهير الدين اول جيڪو شيرازي شڪر
اللهي ميرن ۽ مشهور مورخ شاعر مير علي شير قانع جي
وڏن مان ٿي گذريو آهي. قانع پڻ پنهنجي تصنيف تحفته
الڪرام (1) ۾ هن کي مير ظهير الدين والاسلام عرف
جادم، جي نالي لکي ٿو، ته هيءُ پنهنجي والد جو
قائم مقام هو. کيس وڏي نيڪي ۽ فضيلت حاصل هئي.
ظاهري طرح پرهيزگاريءَ ۽ پڙهائيءَ ۾ ۽ باطني طور
سلوڪ جي راهه ۾ فقيريءَ تي هلي، پنهنجي وڏن
(1)
مقالات الشعراء ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي 1957ع
ص 642 – 645.
(2)
مقالات الشعراء حاشيه ص 836.
(3) مقالات الشعراء ص 79. |