23 April, 2011

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تاريخ طاهري

باب: --

صفحو:23  

عربي ڳاهي کي مرزا نه فقط ٺٽي جي نيابت ڏني، بلڪ کيس پنهنجو جانشين مقرر ڪري، تغلق آباد ۾ رهي ڪم هلائڻ لاءِ حڪم ڪيائين. چناچه قتل ٿيڻ (1 محرم 961 هه) تائين عربي ڳاهو تغلق آباد ۾ رهي، شاهه حسن جي نيابت ۾ ڪاروبار هلائيندو رهيو (1).    

اهڙي ريت تاريخ طاهري به عربي ڳاهي جي گلا ڪئي آهي، پر سيدي علي رئيس (متوفي 980) جيڪو مرزا شاهه حسن جي پڇاڙيءَ واري دور ۾ هتي آيو هو، تنهن عربي ڳاهي کي لائق امير لکيو آهي. ڏسو مضمون ڏهين  صدي هجريءَ جي سنڌ – پير حسام الدين راشدي، سماهي مهراڻ 1 – 1971ع.

مرزا عيسيٰ  ترخان اَول (962 – 973 هه) ولد مرزا عبدالعلي ترخان، جيڪو سلطان محمود (864 – 900 هه) ولد ابو سعيد ميران شاهيءَ (855 – 873 هه) جي زماني ۾ بخارا جو حاڪم هو، ۽ شيباني خان (913 هه) سان جنگ ڪندي، پنجن پُٽن سان گڏ قتل ٿي ويو. مرزا عيسيٰ تڏهن صغير هو، ان ڪري امير ذوالنون ارغون (مرزا شاهه بيگ ارغون جي پيءُ) سندس پرورش ڪئي. ارغون جڏهن هن سنڌ ۾ آيا، ته هيءُ به انهن سان گڏجي آيو. مرزا شاهه حسن جي وفات کان پوءِ سندس گاديءَ تي ويٺو ۽ چوڏهن سال سنڌ تي حڪومت ڪيائين. ترخان نامي جو مولف هن جي تعريف ڪندي لکي ٿو: نهايت خوش اخلاق ۽ انصاف پسند هو، عالمن ۽ ولين جي وڏي عزت ٿي ڪيائين، رعايا توڙي سپاهه سڀ کي راضي رکندو آيو.

طاهريءَ جي بيان موجب ارغون اميرن هن سان توڙ تائين ڪو نه رهايو ۽ سدائين مرزا شاهه حسن جي ملڪيت تي ساڻس جهڳڙندا رهيا. هن به

(1)  مڪلي نامه ص 680 – 681.

جوابي طور انهن سان چڱي تعدي ڪئي. سندن رقابت ۾ ڌارين ماڻهن کي پاڻ وٽ نوڪريءَ ۾ رکي خوب عيش ڪرايائين، جن مان هڪڙي شخص جو واقعو هتي پيش ڪجي ٿو:

مجمع الشعراء جهانگير شاهيءَ جو مولف ملا  قاطعي لکي ٿو ته: هڪ دفعي آءٌ قاضي زادي ڪاشانيءَ سان گڏ جي ٺٽي ويس. مرزا عيسيٰ ترخان قاضي زادي جي اچڻ جي خبر ٻڌي، کيس ديوان جو عهدو آڇيو، جيڪو هن قبول ڪيو. قاضي زادو ڪاشاني استر آباد جي سيدن مان هو. هن ملازمت کان پوءِ ٺٽي ۾ جيڪي ٺٺ ڪيا، اهي شايد ترخاني اميرن کي به نصيب نه هوندا.

هن پنهنجي حويليءَ ۾ هڪ شاندار حمام تيار ڪرايو، جنهن جي ٻاهران باغيچو هو، ان جي وچ ۾ ڦوهاريدار حوض ۽ حوض جي چوڌاري رنگ برنگي گلن جا ٻوٽا رکيل هئا، جن جي خوشبو کان سڄو ديوان خانو پئي ٻهڪيو. ملا قاطعي وڌيڪ لکي ٿو: آءٌ ۽ منهنجو دوست ملا نيازي ڏاڍي شوق سان قاضي زادي ڪاشانيءَ جي ڪچهريءَ  ۾ شريڪ ٿيندا رهياسون. قاضي زادي جي دوستن مان جڏهن ڪو انهيءَ حمام ۾ ٿي ويوم ته هن جي ملازمن کيس پرتڪلف بڪچو پيش ٿي ڪيو، جنهن ۾ نئون وڳو هوندو هو. حمام مان نڪرندڙ مهمان اهو وڳو پهري قاضي زادي جي ڪچهريءَ ۾ شريڪ پئي ٿيو.

هڪ ڏينهن صبح کان شام تائين محفل هلندي رهي. انهيءَ وچ ۾ هڪ شخص (ملا طريقي) ٻيو ڀيرو حمام ۾ ويو ۽ قاضي زادي جي ملازمن کان نئون وڳو گهريائين، جن نهڪار ڪئي ۽ قاضي زادي کي وڃي ٻڌايائون، ته هي هڪڙي ڏينهن ۾ ٻيهر ٻئي وڳي جي طلب پيو ڪري. قاضي زادي ملازمن کي جهڻڪيو ۽ مهمان کي ٻيو وڳو ڏياريائين. پڇاڙيءَ ۾ قاطعي چوي ٿو: مون پنهنجي يارن ۾ اهڙو سخي مرد به ڏٺو (1).

ذڪر ڪيل ملا نيازي اول همايون جي حضور ۾ هو. پوءِ اڪبر جي درٻار ۾ رهيو. زندگيءَ جو ڳچ حصو ٺٽي ۾ گذاريائين ۽ اتي ئي فوت ٿيو، هيءُ ملا قاطعي جو استاد هو. (سندس احوال مقالات الشعرا قانع ص 821 تي به آيل آهي).   

ملا جاني بندري. ملا جاني اصل مروزي هو، جتان آگري اچي همايون جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. همايون جڏهن شير شاهه سوريءَ کان (947 هه) ۾ شڪست کائي، هندستان مان نڪتو، ته ملا جاني انتهائي تنگدستيءَ جي عالم ۾ ٺٽي ڏانهن نڪري آيو. سندس فصاحت بلاغت ۽ قادر الڪلامي مرزا شاهه حسن ارغون کي ڏاڍو متاثر ڪيو، انهيءَ زماني ۾ لاهري بندر تي ڪم پئي هليو. جنهن لاءِ هن کي اُتي رکيو ويو ۽ هن اتي چڱو ناڻو ڪمايو ۽ گذاريو. لاهري بندر کان جڏهن به ٺٽي ٿي آيو، ته پنهنجي دوست ملا نيازيءَ لاءِ ڪيئي سوکڙيون پاڻ سان ٿي آندائين ۽ ان وٽ ئي ٿي ترسيو. هڪ دفعي هن ملا نيازيءَ جي استاد ملا  قاطعي کي به (جيڪو اتفاق سان ٺٽي آيل هو) زور ڀريو ته اوهان مهرباني ڪري ڪڏهن لاهري بندر اچو، ته اسان کي خدمت ڪرڻ جو موقعو ملي. اسان اتي (لاهري بندر ۾) هرات جي باغن جهڙا شاندار باغ رکيا آهن، اوهان اچي ڏسو ته ڪيئن آهن.   

قاطعي جڏهن سندس دعوت تي لاهري بندر ويو، ملا جاني هن جو ڏاڍو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ هن جي پذيرائيءَ ۾ اُچا قالين وڇايائين، هن جي لاءِ کاڌي

(1)  مجمع الشراء جهانگيري شاهي (قلعي) مسلا قاطعي هروي. مضمون ڊاڪٽر سليم اختر سالنامه نقوش نمبر 122 لاهور مدير محمد طفيل.

پيتي جا ڪيئي خونچا تيار ٿي ويا، ڳائڻ وڄائڻ لاءِ چرڪسي، خطائي ۽ هندستاني غلام اچي حاضر ٿيا، جن جي فنڪاري هڪ ٻئي کان وڌ هئي. ملا جانيءَ پنهنجي سر سون چانديءَ  مان تيار ٿيل صراحين ۾ طرحين طرحين مشروب پيش ٿي ڪيا. قاطعي هن جي آسودگي ۽ خوشحالي ڏسي، هر گهڙيءَ حيرت ۾ پئجي ٿي ويو. خود ملا  جاني به خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيو، قاطعي کي چوڻ لڳو: اهو به زمانو هو، جڏهن پنهنجي وطن ۾ آءُ منڍي، پاوا پچائيندڙن ۽ نان وڪڻندڙن لاءِ ٻه ٽي شعر لکي اُوڻو پوڻو پيٽ ڀريندو هوس، هاڻ هي به زمانو آهي! قدرت جا رنگ نيارا آهن، ڪڏهن هن حال ۾ رکيائين، ته ڪڏهن هن حال ۾ (1)، ياد رهي ته خسرو چرڪس سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ انهيءَ ملا  جاني وٽ ملازم ٿيو، جتان مرزا عيسيٰ ترخان اول کيس پاڻ وٽ آڻي ملازمت ڏني هئي.

هن اقتباس مان اها ڄاڻ پوي ٿي، ته ارغونن ڪهڙي شان شوڪت سان سنڌ تي حڪومت ڪئي. ٻيو هي ته ان زماني ۾ لاهري بندر به پيداوار جي لحاظ کان ڪيڏو شاندار شهر ۽ بندر هو، جنهن جي شاهدي مشهور سياح ابن بطوطه وٽان به ملي ٿي:

 

هي (لاهري بندر) سمنڊ ڪناري تي نهايت خوبصورت شهر آهي، هتي سنڌو ندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هي شهر هڪ وڏو بندرگاهه پڻ آهي. هتي يمن، فارسي (عرب ايران) جا تجارتي جهاز ۽ واپاري گهڻي تعداد ۾ اچن وڃن ٿا، ان ڪري هي شاندار شهر ۽مالدار بندر آهي.هن جي سالياني آمدني سٺ لک دينار آهي.

ابن بطوطه متوفي 779 هه – 1377ع

 

(1)  مجمع الشعرا جهانگيري قلمي. ملا قاطعي هروي.

نوٽ: ملا  قطعي هروي، همايون، اڪبر ۽ جهانگير جو همعصر هو. هن پنهنجي دور جي ڏيڍ سو اديبن شاعرن جو تذڪرو قلمبند ڪيو هو، جو اڃا تائين قلمي صورت ۾ بودلين لائبريري آڪسفورڊ جي ذخيره مخطوطات اوزلي ۾ محفوظ آهي.

سيد علي ثاني (ص). متوفي (981 هه) (1522ع) ولد سيد جلال اول پنهنجي خاندان ۾ سيد مراد شيرازيءَ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ خير برڪت ۽ رشد هدايت وارو هو. سنڌ جا ڪيئي مشائخ هن وٽان تربيت جو فيض حاصل ڪري زماني جا يگانا ٿي ويا. انهن مان هڪ بزرگ شاهه ڪريم بُلڙيءَ وارو به هو.

سيد علي ثاني سنڌيءَ ۾ وڏي رُتبي وارو شاعر هو. سندس هي بيت اڃا تائين ڪيترن تذڪرن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو:

 

سرتين سانگ سُکن، جو مون رويو رهائين
آءُ ٿي هلان هوت ڏي، هو ٿيون واريون وهارين
ورتيون ورن سين، ويٺيون گهر گهارين
کُهندا ٿيون کارين، ڪا نه هلندي هوت ڏي.
 

سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هن ڏوهيڙي جي وڏي اهميت آهي. درس علاء الدين ۽ سيد علي ثانيءَ جي وچ ۾ سنڌي بيتن ذريعي ڪيترا سوال جواب ان دور جي ماڻهن کي ياد هئا. هن ڏوهيڙي کان سواءِ سيد عليءَ جو ٻيو ڪو به ڪلام محفوظ نه رهي سگهيو. چون ٿا ته پاڻ جڏهن ڄائو هو، ته سيد مراد متوفي (893 هه – 1487ع) کيس ڏسي سنڌي زبان ۾ چيو: او ڀاءُ رب ڏيئي وڏي ڄمار!

هي بزرگ (سيد علي)سماع جو بيحد شوقين هو.
مڪلي نامه، تاريخ سنڌ، لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ.
 

ان کان پوءِ  شيخ ڀرڪيو قتل ٿيو (ص . . .) هن کي مڪليءَ جي دامن ۾ تڪيو هوندو هو، جتي نغارا وڄائيندو ٿي رهيو. ٽڪريءَ وارن سمن جون ڪيتريون عمارتون خاص ڪري سهسي لنگ جون ماڙيون ڊهرائي. انهن جي پٿرن مان چوني ۽ ڳچ سان هڪ وڏو منارو تيار ڪرايو هئائين، جتي رات جو روشني ڪئي ويندي هئي. ٻاهران ايندڙ سوداگر عربي سمنڊ ۾ سنڌ جي بندرن جو رستو انهيءَ روشنيءَ تي لهندا هئا. هن وٽ نذرانن مان ايتري ته دولت اچي گڏ ٿي، جو مرزا باقي ساڻس حسد ڪرڻ لڳو. (تحفته الڪرام ص 616 مترجم مخدوم امير احمد مرحوم).    

ڀائنجي ٿو ته مرزا باقيءَ هن کي جاسوسي ڪرڻ جي شڪ ۾ مارائي ڇڏيو هوندو. انهيءَ نالي وارا ٻه شخص ٿي گذريا آهن، جن جو تحفته الڪرام ۾ بيان ٿيل آهي. هڪ شيخ ڀرڪيو ولد شاهو ڪاتيار ص 403 ۽ ٻيو هيءُ: درويش ڀرڪيو لنگ ص 616. سهسو لنگ سمن جي قبرستان ۾ هو. هر بادشاهه پنهنجي مطابق يادگار لاءِ هڪ ماڙي اڏائيندڙ هو. انهيءَ دور ۾ سهسي لنگ تلاءُ تي عاليشان محل ۽ ماڙيون اڏيل هيون.

مڪلي نامه ص 700    

فاضل مصنف (نسياني) ميرڪ عبدالرحمان پوراني ۽ خليفي عبدالوهاب عباسيءَ کي هڪڙي ئي نالي سان ياد فرمايو آهي، پر حقيقت ائين ناهي جنهن جي وضاحت پيش ڪجي ٿي:

ميرڪ عبدالرحمان پوراني پنهنجي دور جو وڏو عالم هو، آئي وئي سندس سخاوت ۽ مهمان نوازيءَ جي ڏاڍي ساراهه پئي ڪئي، جنهن تان مرزا باقيءَ جي دل ۾ اچي شڪ جاڳيو ته هي ٻاهرين ماڻهن جي رسائيءَ سان هتان جي حڪومت هٿ ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ان لاءِ هن کي (قاضي خميسي هٿان) قتل ڪرائڻ جو حڪم ڏنائين. اهو واقعو 987 هه ۾ ٿيو.

ڏسو تاريخ معصومي ص 141 ۽ تحفته الڪرام فارسي ص 260

خليفي عبدالوهاب عباسيءَ کي خليل مهردار قتل ڪيو، جنهن جو سبب اهو هو، ته 992 هه ۾ سلطان خواجه جو ڀاءُ شاهه خواجه حج تان موٽندي هرمز (ايران) جي رستي ٺٽي پهچي، هن جي گهر ۾ اچي ترسيو ۽ هن حد کان وڌيڪ سندس خاطر تواضع ڪئي. شاهه خواجه جڏهن هتان وڃي اڪبر جي درٻار ۾ پهتو، ته خليفي موصوف ڏانهن ڪي خاص خط اُماڻيائي، جنهن تان مرزا باقيءَ هن کي مارائڻ جو فيصلو ڪيو.

ڏسو تاريخ معصومي ص 256 ۽  تحفته الڪرام فارسي ص 142  

مرزا باقي ترخان. مرزا باقيءَ بابت مورخن متضاد ڳالهيون ڪري، هن جي انهن ڪمن تي زور ڏنو آهي. جيڪي سندس شخصيت کي داغدار ڪن ٿا. باقي هن جي ڪارنامن کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آهي. سندس زندگي ۽ دور حڪومت جي باري ۾ جيڪڏهن چڱيءَ طرح جائزو ورتو ويندو، ته اصل حقيقت جي پوري خبر پئجي ويندي.

مرزا باقي پاڻ انتهائي تڪليفون ڏٺيون هيون، جن جو بار بار ذڪر ٿي چڪو آهي، ته ڪيئن پنهنجي ڀاءُ مرزا صالح هٿان هار کائي جهنگ جهر ۾ ڀٽڪڻ لڳو ۽ بُکن ۾ پاهه ٿيو. جڏهن کيس حڪومت ملي، ته پنهنجي خاص ماڻهن جون دشمنيون سندس راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ لڳيون. اُتان جند ڇڏايائين، ته هندستان جي ناهر (اڪبر بادشاهه) جي ملڪ گيريءَ جي هوس اهڙي آفت ٿي هن جي پويان پئي، جو ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ کيس ڏنائين، پر اڪبر جي ڪنڌ مان ڪلي نه وئي ۽ سدائين پئي هن کي ڏهڪايائين. ايڏين مصيبتن هوندي به، ڪن ماڻهن کي ملڪي معاملن کان لاپرواهه ٿي: جبل جيڏا منارا تيار ڪرائي، انهن تي روشنيءَ جو انتظام رکڻ، يعني ڏيئا ٻاري ٻين کي ڏيهه ڏيکارڻ! پاڻ کي ڌارين اڳيان سرخرو ڪرڻ لاءِ ڌارين جي مهمان نوازي ۽ حد کان وڌيڪ خاطر تواضع ۾ دلچسپي وٺڻ جهڙيون غير ذميدار ڳالهيون ڪري ڏيکارڻ، ڪيئن قابل برداشت ٿي سگهن ٿيون! ان لاءِ ته تاريخ طاهريءَ جي مولف کي ائين چوڻو پيو: مرزا باقي اصل ۾ اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪندو ٿي رهيو، ته جيئن ڪو به ٻاهريون شخص هن ملڪ جي ڪا به خبرچار ٻئي پاسي نه پهچائي. اهو ملڪ جيڪو پاڻ ڏاڍين ڏکيائين سان هٿ ڪيو هئائين، تنهن جي حفاظت ائين ئي ڪرڻ مناسب ٿي سمجهايائين. انهيءَ تحفظ جي خيال کان، جنهن ۾ ماڻهوءَ ۾ ٿورو گهڻو شڪ پيس ٿي، تنهن جو بُڻ گار ڪري ٿي ڇڏيائين.

سياسي دورانديشيءَ کان علاوه جيتري قدر مرزا باقيءَ جي سخاوت ۽ بخل جو معاملو آهي، ان لاءِ به هڪ ئي وقت ٻه ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. فاضل مولف (نسياني) لکي ٿو: جيتوڻيڪ هفتي ۾ هڪ ڀيرو اربع جي ڏينهن وڏي پيماني تي کاڌو تيار ڪرائي، ديوان خاني ۾ ڏياري ٿي موڪليائين، ته به ڪنجوس ايڏو هو، جو ڪا معمولي شيءِ به ڪنهن کي ڏيڻ گوارا نه ٿي ڪيائين.  

ٻئي پاسي ساڳيو مولف (نسياني) ڪتاب جي شروعات ۾ سومرن جو ذڪر ڪندي درويش دائود، ميان همون ۽ ميان اسماعيل جي لاءِ چوي ٿو، ته سندن مدرسي ۾ پنج سو حافظ قرآن پڙهندا هئا. مرزا باقي پنهنجي سخت گيريءَ جي باوجود انهيءَ خدمت جي خيال کان سندس زمين جي سڄي پيداوار تان ڪا به ڍل وصول ڪو نه ڪندو هو. هڪري ڀيري مرزا باقيءَ جي عملدارن مان ڪنهن اندرڪاري، چغليءَ جي نيت سان، مرزا باقيءَ کي ميان اسماعيل جي باري ۾ ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته مرزا باقي هڪدم هن کي جهڻڪيندي چوڻ لڳو: اسان جي حڪومت ۾ هي درويش زمين تي ته ڇا، پر جي اسان جي مٿي تي به هر هلائيندو، ته اسان ارها ڪو نه ٿينداسين.

اهو ماڻهو، جيڪو هزارن جي ڍل خدا جي راهه ۾ بخش ڪري سگهي ٿو،  تنهن جيڪڏهن ڪنهن کي هروڀرو ڪا معمولي شيءِ ڏيڻ گوارا نه ڪئي، ته ڪهڙو اُڀ ڏري پيو!

اسان جي خيال ۾ هيءَ اڪيلو حاڪم هو، جنهن ٻين حاڪمن وانگي خوشامدي ۽ مفت خور شاعرن کي پنهنجي دربار کان پري رکيو. مير علي شير قانع مقالات الشعراء ۾ ص 468 تي غضنفر بيگ نالي هڪ شاعر بابت لکي ٿو، ته مرزا باقيءَ ان کي ملڪ مان تڙائي ڪڍيو هو، جنهن سندس هجو ۾ لکيو:

 

نمود آواره ام مرزاي باقي
نيا سايد دمي بر جاي باقي
زحق است عنقريب اين آرزو يم
که گوشم بشنود اي هاي باقي
 

يعني: مرزا باقي مون کي دربدر ڪري ڇڏيو، خدا
ڪندو ته پاڻ به سُک نه سمهندو، آءٌ انهيءَ اوسيئڙي ۾
آهيان، ته شل مرزا باقيءَ جي مرڻ جي خبر ٻُڌان!

پڇاڙيءَ ۾ بيگلارنامي جي مولف ادراڪي بيگلاريءَ جو مرزا باقيءَ  بابت تعريفي بيان نسيانيءَ جي هن راءِ پوءِ پيش ڪجي ٿو: ”مرزا باقي جي باري ۾ ڪو کڻي ڪهڙي به راءِ قائم ڪري، پر حقيقت اها آهي، ته هن ۾ عاقبت انديشي ۽ حق پرستيءَ جو مادو ضرور موجود هو. جيڪا به چڱي ڳالهه يا سياڻپ ڀري صلاح ڪٿان ٿي ٻڌائين، ته ان تي عمل ڪرڻ کان ڪو نه ٿي ڪيائين.“

بيگلاري لکي ٿو: مرزا باقي وڏو دانشمند، مدبر ۽ عقل وارو هو، سياڻپ ۽ دورانديشيءَ ۾ سندس ثاني نه ٿي ڏٺو. حال جي آرسيءَ مان آئيندي جو احوال معلوم پئي ٿيس. ملڪي معاملن سان منهن ڏيڻ ۾ پنهنجو نظير پاڻ ئي هو. هن جي دور حڪومت ۾ ماڻهن امن، آرادي ۽ خوشحاليءَ سان زندگي بسر ٿي ڪئي. سندس زماني ۾ سنڌ اندر پرائي لشڪر جو پير ڪو نه پيو.  درويش ۽ ولين کي تعظيم ٿي ڏنائين. اهل علم ۽ طالب علم طبقي کي انعام اڪرام ۽ امداد سان ٿي نوازيائين. هن جي رعيت ڪڏهن به تنگدستيءَ جي شڪايت ڪا نه ٿي ڪئي. سپاهين کي به هر قسم جون سهولتون ميسر هيون. ملڪ جي زرعي آباديءَ ڏانهن پورو ڌيان ڏيندو ٿي رهيو ۽ وڏي هوشياريءَ سان ملڪي ڪاروبار هلائيندو ٿي آيو.

بيگلارنامه ادراڪي بيگلاري، ص 17 – 18، فارسي    

مرزا جاني بيگ شرافت جا ليڪا لتاڙي رذالت ۾ کڻي مُنهن وڌو (ص).

 مولف (نسياني) عجيب منطق سان مرزا جاني بيگ تي الزام مڙهي اڪبر بادشاهه جي باري ۾ صفائي پيش ڪئي آهي، لکي ٿو: کيس (مرزا جاني بيگ کي) اغلام بازيءَ جي اهڙي پٽ اچي پئي، جو انهيءَ عياشيءَ لاءِ سهڻا ۽ ڳڀرو ڇوڪرا پاڻ وٽ ويهاريائين – جنهن به هن جو اهو حال ڏٺو، ڪنن تي هٿ رکي، توبهه ڪرڻ لڳو، سڀ ڪنهن ائين پئي چيو، ته اجهو ٿو ملڪ جو خانو خراب ٿئي.

ليڪن اڪبر نامي جو مولف مرزا جاني بيگ بابت ڪا به اهڙي ڳالهه نه ٿو ڪري، حالانڪ جيڪڏهن اهو ائين چوي ها، ته مٿس ڪا ميار به ڪا نه هجي ها. هن ته پاڻ مرزا جاني بيگ جي ڪردار کي گهڻي قدر ساراهيو آهي، چي: مرزا جاني بيگ وڏو مدبر ۽ داناءُ هو. هن جي گفتار توڙي ڪردار مان اخلاص ٿي بکيو، کيس ننڍپڻ کان شرابخوريءَ جي عادت هئي، پر ڪڏهن به ڪنهن بداطواريءَ (بد اخلاقي) جو مظاهرو نه ڪيائين. پنهنجي قول ۽ فعل ۾ سدائين محتاط رهندو هو. سندس وفات 1009 هه 1601ع ۾ ٿي. مڪلي نامه ص 247. اڪبر نامه جلد 3 – ص 780 – 782 – 783. روداد سال 45 – اڪبري 1009 هه.   

جيڪڏهن برابر ڪا اهڙي ڳالهه هجي ها، ته هن جتي مرزا جاني بيگ جي شرابخوريءَ جو بيان ڪيو آهي، اُتي سندس اغلام بازيءَ بابت به چئي ڏي ها، پر سمجهيو ائين ٿو وڃي، ته اها علت مرزا جاني بيگ ۾ هئي ڪا نه، ان ڪري لکي ئي نه وئي. جيڪڏهن مرزا جاني بيگ جو اهو ئي عيب ملڪ جي تباهيءَ جو سبب ٿي سگهيو ٿي، ته ان کان وڌيڪ ۽ وڏا عيب اڪبر جي اميرن ۾ هئا، پوءِ اهي ڇو نه هندستان جي بربادي جو باعث ٿيا!

اڪبر جي نواب سعيد خان ٻارهن سو خوبصورت کدڙن جي کيپ پاڻ

وٽ پالي رکي هئي، جن کي هر ارت سينگاري سنواري سندس خلوت جو زينب بڻايو ٿي ويو. جڏهن پنجاب جي حڪومت هن کي ملي، ته انهن کدڙن رعايا جي ماڻهن کي ايڏو تپائي ڏنو، جو آخرڪار جهانگير کي مداخلت ڪرڻي پئي – مائر الامر ج ص 410 – 41.     

شيخ ابو الفضل جنهن کي علامي جي لقب مليل هو، جڏهن ايراني مجوسين جو اڳواڻ ”ڪيوان“ جو ڪتاب ده فرشتگان (ڏهه ملائڪ) پڙهي ٿو، ته ان جي عشق ۽ عقيدت ۾ ايڏو انڌو ٿي وڃي ٿو، جو ان جي تبليغ ٿو ڪرڻ لڳي، ته هي ڪتاب قرآن کان وڌيڪ (نعوذ با الله) فصيح آهي. مائر الامراء ج – ص 390.

دين دنيا جو جلال اڪبر بادشاهه (ص). دين دنيا جي جلال جو اهو حال هو، جو مولوي نجم الغني رامپوري لکي ٿو: اڪبر اعظم جيڪو نئون مذهب ”دين الاهي“ کڙو ڪيو هو، ان موجب 987 هه ۾ مخدوم الملڪ شيخ عبدالنبي صدر الصدور، قاضي القضات قاضي جلال الدين ملتاني صدر جهان مفتي ڪل ممالڪ هندستان شيخ مبارڪ ناگوري ۽ غازي خان (1) بد خشي اعلان ڪيو، ته اڪبر سئون سڌو خليفته الله (نبي) آهي، انهي بدتميزي جي طوفان کان متاثر ٿي، ملا شيرازي ڏهن شعرن جو هڪڙو قطعو لکيو، جنهن جو آخري بيت هي هو:

(1)  چون ٿا ته پهريون شخص جنهن اڪبر بادشاهه لاءِ سجدو تجويز ڪيو، اهو غازي خان هو. عجب اهو آهي، ته ان دور جو (ٻيو ٻولڙيو) ملا عالم ڪابلي، جيڪو پنهنجي دور جو وڏو عالم چيو وڃي ٿو، هميشه افوس ڪندي چوندو هو، ته غازي خان بدران ڇو نه آءُ انهيءَ ڪارنامي (سجدي) جي تجويز ڪرڻ وارو ٿيس.

                                                                                                 ماثر الامراء ج 2 – ص 854 – غ 265.

اردو ترجمو پروفيسر محمد ايوب قادري.

بادشاهه امروز دعويٰ نبوت کرده است
کر خدا خواهد پس از سالي خدا خواهد شدن.
 

مذهب اسلام، ص 585

اڪبر اهو سڄو ڍونگ سياسي مصلحت جي بناءَ تي رچايو هو، جيئن گهڻي ۾ گهڻا ملڪ ۽ ماڻهو پنهنجا مطيع بڻائي سگهي. هن کي هر حالت ۾ پنهنجي بادشاهت وڌائڻي هئي، جنهن لاءِ ماڻهن جي جان مال کان دين ڌرم تائين ڌاڙا هڻندو ٿي رهيو. انهيءَ هوس جي ڪري هندستان کان ٻاهر هن جي ڪهڙي عزت هئي، ان جو اندازو هيٺ ڏنل هن جي رباعي ۽ ان جي جواب مان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪا بلخ ۽ بخارا جي بادشاهه عبدالله خان کي موڪلي هئائين:

اڪبر ٿو چوي:

عمرم هه در فراق و هجران بگذشت – بادرد و الم
اين عمر گرانمايه چه ارزان بگذشت – با غصه و غم
عمري که نشد صرف سمر قند و هري باعيش و طرب

افسوس که در آگره ويران بکذشت – باجور و ستم (1).   

عبد الله خان جو جواب:

مرغي هوست هميش بي پال و پراست – در خود مستيز
درياي وجود عقل تو بي گهرست – ازوي پرهيز

(1)  سڄي ڄمار (دلپسند شين ۽ شهرن) کي ياد ڪندي ۽ سور پٽيندي گذري اٿن، افسوس آهي، ته اها عمر ڪيئن ضايع ٿي وئي سڙندي پڄندي – جيڪا زندگي سمر قند ۽ هرات جهڙن شهرن ۾ عيش عشرت سان نه گذري، اها آگري ۾ خوار ۽ حرام ٿي وئي.

در شهر سمر قند و هري شير انند – اي خام طبع

در آگره لاهور ترا صد خطر است – زنهار گريز (2)

مقالات الشعراء قانع ص 91.

اڪبر ۽ سنڌ:

اڪبر بادشاهه جنهن سنڌ ۾ جنم ورتو، تنهن سنڌکي غلام بڻائڻ جو پهه انڪري ڪيو جو کيس پنهنجي گماشتي صادق محمد خان جو وير وٺڻو هو. انهيءَ صادق محمد خان کي اڪبر وڏو لشڪر ڏئي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ اُماڻيو هو. مرزا جاني بيگ به ڪو نه مُڙيو ۽ هن سان جنگ جوٽيائين. صادق محمد خان منافق هو ۽ بد طينت هو. اهڙا ماڻهو ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿين، ان ڪري هن کي شڪست کائڻي پئي ۽ مرزا جاني بيگ سوڀارو ٿيو. صادق محمد خان ملڪ گيريءَ جي پچار ڇڏي ڀاڄ ۾ پيو. مرزا جاني بيگ سان جنگ دوران هو ڪيترا شاهي ملازم ۽ منصبدار مارائي خزانو ۽ توبخانو هتي ڇڏي سنڌين جي لشڪر هٿان بڇڙو ٿي، نهايت خواري ۽ خجالت سان واپس هليو ويو. ان کان پوءِ اڪبر کي ڪو به ماڻهو ان ڪم لاءِ مناسب نظر نٿي آيو، سدائين انهيءَ جهوريءَ ۾ ٿي جُهريو، ته ڪيئن به ڪري مرزا جاني بيگ کان وير ورتو وڃي.

مرزا جاني بيگ پنهنجي دور جي وڏن بهادرن مان هو. اڪبر بادشاهه هٿان فتح ڪيل ڪنهن به ملڪ ۾ سندس ثاني نه ٿي لڌو. هن وٽ ڪافي

(2)  تنهنجي (ملڪ گيريءَ جي) هوس جي پکيءَ جا کنڀ کٿل آهن، اجايو ايڏا جَڪَ نه کاءُ، تو ۾ ذرو به عقل ڪونهي، ماٺ ڪري ويهه، سمر قنڌ ۽ هرات جي شهر ۾ شينهن ويٺا آهن اي بيوقوف! هوڏانهن آگري ۽ لاهور ۾ قدرت توکي ڪيئي  بلائون بڇي ڇڏيون آهن (هر هنڌ پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري توکي خطرو نظر اچي ٿو) تنهنڪري ڀڄي جند ڇڏاءِ.

لشڪر هو، جنهن جي وڏي هاڪ هئي، ساڳئي وقت هيءَ پنهنجي تدبر ۾ به بي نظير هو. هن ڪيئي معرڪا سر ڪيا هئا، سنڌي توڙي ارغون جيڪي وٽس هئا، تن جي بهادري پڻ بي مثال هئي.

اڪبر جي گماشتي صادق محمد خان کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ، مرزا جاني بيگ جي لشڪرين ۾ غرور پيدا ٿيو. خدا جي خليفي (اڪبر) گجرات جي حڪومت خان خانان کي (رشوت ۾) ڏئي کيس سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ ۽ مرزا جاني بيگ کي باندي بڻائڻ جو حڪم ڏنو، جيئن سندس پراڻو وير پاڙجي اچي (1).

مرزا جاني نوجوان، عقلمند ۽ ملڪي معاملن کان چڱيءَ طرح باخبر هو. هيڏانهن هيءُ ٺٽي جو حڪمران ٿيو ته هوڏانهن بکر جو حاڪم سلطان محمود فوت ٿي ويو، جنهنڪري سنڌ جو مٿيون حصو اڪبر جي سلطنت ۾ شامل ٿي ويو. هڪدم مرزا جاني بيگ کي خطبي ۾ اڪبر جي نالي پڙهڻ، سِڪن تي اڪبري مُهر هڻڻ ۽ اطاعت قبول ڪرڻ لاءِ شاهي فرمان موڪليو ويو.

مرزا جاني بيگ مجبوريءَ مان اهي سڀئي ڳالهيون قبول ڪري، ٿوري وقت لاءِ سنڌ تان جنگ جي مصيبت ٽاري ڇڏي، ليڪن اڪبر جو ارادو ئي اهو هو ته ڪنهن به حالت ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو وڃي. تنهنڪري پنهنجي گماشتي مرزا عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ تي چاڙهي موڪليائين (2).  

جڏهن (خان خانان) لڪيءَ جي جبل وٽ آيو، لڪيءَ جي ٽڪرين وارو لنگهه انهن ڏينهن ۾ طبعي طور وڏي اهميت رکندڙ هو، جيئن بنگال ۾ ڳڙهي ۽

 

(1)  ڪتاب – مير معصوم بکري ص 160 – 161 جناب پير حسام الدين راشدي مائر رحيمي جي حوالي سان.

(2)  جنت سنڌ ص 408.

ڪشمير ۾ بارهه مولا جا لنگهه مشهور هئا. جن به ٻاهرين سنڌ تي ڪاهون ڪيون، تن پهريان سيوهڻ ۽ لڪيءَ واري لنگهه تي قبضي ڪرڻ لاءِ حيلا هلايا، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي هنڌ سنڌ جون ڪنجيون هئا (1).

حيدر واري دل ۽ سچ واري دم رکندڙ خان خانان جا پير ڀيٽڻ. زخيرې الخوانين ص 179 – 180 ۾ بيان ٿيل آهي ته اڪبر پاران خان خانان ٺٽي کي غضب ڪرڻ لاءِ مامور ٿيو. سو لاهور مان هلي بکر جي سرڪار واري شهر درٻيلي ۾ آيو. مير معصوم بکريءَ هن کي مخدوم قاضي عثمان وٽ وٺي ويو، جيڪو پنهنجي دور جو اعلم العلماء ۽ اڪمل الاولياء هو. خان خانان عاجزي ۽ عقيدت مان پنهنجو مٿو مخدوم جي پيرن تي رکي ڪا گهڙي پيو رهيو. مخدوم عثمان هن جي عاجزي ۽ عقيدت ڏسي مٿس راضي ٿيو. ان رات خان خانان کي هي واقعو ڏيکاريائين، ته رسول ڪريمصه پنهنجي مسند تي تشريف فرما آهي ۽ هزارين ماڻهو سندس حضور ۾ بيٺا آهن. سنڌ جا بزرگ ان وقت جيئرا هئا، جن عرش کان فرش تائين نظارا پئي ڪيا، جهڙوڪ: مخدوم نوح هالائي، ميان ونهيون ۽ شيخ ڀرڪيو ڪاتيار جن مرزا جاني بيگ کي آڻي رسول جي درٻار ۾ پيش ڪيو ۽ وٽس عرضدار ٿيا، ته اي نبي سڳورا ! سنڌ وارا مرزا جاني بيگ جي وجود ۽ جود (سخاوت) سان قائم آهن. هن مهل خان خانان اتي چڙهائي ڪئي آهي، اوهان هن مرد (مرزا جاني بيگ) جي مدد ڪريو ته جيئن خان خانان مغلوب ٿي واپس هليو وڃي.

مخدوم عثمان جيڪو پڻ اتي موجود هو، تنهن خان خانان جو هٿ وٺي کيس رسول جي اڳيان آڻي التجا ڪئي ته: اي ڀلارا نبي! هي شخص به سچي اعتقاد سان منهنجي مسجد ۾ اچي مون کي آزايون نيزاريون ڪري

(1)  جنت سنڌ ص 409.

چڪو آهي. اوهان منهنجي اڇي ڏاڙهيءَ کي ڏسي، هن ڏانهن توجهه فرمايو، ته جيئن هيءُ (خان خانان) مرزا جاني بيگ تي سوڀارو ٿئي.

رسول ڪريم ٻنهي پاسين نگاهون ڦيرائي فرمايو: ٺٽي تي مرزا جاني بيگ جي حڪومت بحال رهي، پر هو خان خانان سان جنگ نه ڪري، ڇو ته کيس شڪست ايندي. هيءُ پاڻ خان خانان سان گڏجي اڪبر بادشاهه جي خدمت ۾ وڃي ۽ ٺٽو ان جي حوالي ڪري ڇڏي.

مخدوم نوح، ميان ونهيون ۽ شيخ ڀرڪيو ڪاتيار ساڳيءَ رات جي پوئين پهر ۾ دانهون ڪندا مرزا جاني بيگ وٽ آيا ۽ کيس انهيءَ واقعي کان آگاهه ڪيائون، ته هان اسان جي ڪا به نه هلندي، ڇو ته خود رسول ڪريم اهو فيصلو فرمايو آهي. مرزا جاني بيگ انهن ولين تي ڏاڍو ڏمريو. کين چيائين ته: ولين جي راتوڪي لشڪر ڪو به ٻوٽو ڪو نه ٻاريو. هاڻ ڏسجو ته ڏينهن وارو لشڪرڪهڙا ڪم ٿو ڪري ڏيکاري (1)!   

مير معصوم بکريءَ (1014 هه – 1605ع)، خان خانان سان گڏجي سنڌ غضب ڪرڻ واريءَ مهم ۾ نمايان حصو ورتو. هيءَ پهرين سلطان محمود بکريءَ وٽ ملازم هو، پوءِ اڪبر بادشاهه جي ملازمت ۾ آيو. مقالات الشعراء قانع ص 799.

ذخيرې الخوانين مان انهيءَ جنگ بابت هن ريت احوال معلوم ٿئي ٿو: سال الاهي 35. مطابق 998 هه – ملتان ۽ بکر جي حڪومت جيئن خان خانان کي ملي ته کيس سنڌ ۽ ٺٽي جي حڪومت هٿ ڪرڻ جو حڪم به پجتو. انهيءَ جنگ ۾ محمد خان نيازي، فريدون برلاس، شاهه بيگ خان ڪابلي، سيد بهاو الدين بخاري، شير خان، جانش خان بهادر، بختيار بيگ، قرابيگ

(1)  مير محمد معصوم بکري 112 – 113. ذخيرې الخوانين  جي حوالي سان.  

ترڪمان، ڌارو ولد تو ڏرمل ۽ مير محمد مرحوم (مولف تاريخ سنڌ) به مددگار طور خان خانان سان گڏ سنڌ ڏانهن روانا ٿيا.

خان خانان سنڌ ۾ اچي جُوڻ پر ڳڻي ڏانهن هليو ويو. سيد بهاو الدين بخاري، وري بختيار بيگ، قرابيگ ترڪمان، مير معصوم، حسن علي عرب ۽ ٻين چاڪرن کي ساڻ ڪري سيوهڻ پهتو، اها خبر جڏهن خان خانان کي ملي، ته هڪدم دولت خان لوڌي سپهه سالار، خواجه رستم بخشي، محمد خان نيازي، ڌارو پٽ توڏرملم دلپت ولد راءُ سنگهه ۽ بهادر خان ترين سندس حڪم تي سيوهڻ روانا ٿي ويا. ٻئي ڏينهن مرزا جاني بيگ ساڻن سامهون ٿيو. هن جي فوجن جو تعداد پنجن هزارن سوارن تائين هو. ٻئي پاسي صرف ٻه هزار سوار هئا. ٻنهي ڌرين درميان سخت لڙائي لڳي. توڏرمل جو پٽ ڌارو ٿڏي تي مارجي ويو. محمد خان نيازي پاڻ پتوڙيندي، پنهنجي ماڻهن کي موت جي ٻوُهي ۾ ڌوڪيندو رهيو، دولت خان لوڌي به ڏاڍا وس ڪيا. دلپت چئن سون راجپوت سوان سان دل ٻڌي جوٽون ڏيندو رهيو. مير معصوم ۽ شاهه بيگ خان به پنهنجي وسان ڪيئن گهاٽيو (1). مير معصوم پاڻ لکي ٿو: خان خانان جي ملازمن سيد بهاو الدين، بختيار بيگ، هن ڪتاب جي مولف (مير معصوم)، حسن علي عرب ۽ ٻين سيوهڻ جي قلعي کي گهيرو ڪيو. اها خبر مرزا جاني بيگ تائين پهتي ته هڪدم سيوهڻ روانو ٿيو. جڏهن ويهن ڪوهن تي آيو، تڏهن اسان پاڻ ۾ صلاح ڪئي: هاڻ ڇا ڪرڻ کپي؟ آخر سڀني جي راءِ ٿي، ته جنگ ڪئي وڃي، سو اسان سڀئي سيوهڻ جي قلعي جو گهيرو ڇڏي، مرزا جاني بيگ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪري پياسي (2).   

 

(1)  حاشيه تاريخ مظهر شاهجاني ص 160. سنڌي ترجمو نياز همايوني، سنڌي ادبي بورڊ.

(2)  تاريخ معصومي 298. 

 خان خانان، پنهنجي قابليت ۽ استعداد ۾ ڪامل، پنهنجي زماني جي يڪتاءِ فن، عربي، فارسي، ترڪي، ۽ هندي زبان جو ماهر هو. فارسي ۽ هنديءَ جو چڱو شعر ٿي لکيائين. اڪبر بادشاهه جي حڪم تي واقعات بابريءَ جو ترڪيءَ مان فارسي ۾ ترجمو ڪيو هئائين. بيشڪ وڏو سخن فهم هو. پاڻ به ڪڏهن غزل يا رباعيءَ ۾ جلوه نمائي ٿي ڪيائين. هي غزل سندس آهي:

 

شمار شوق ندانسته ام که تا چند است
جز اين قدر که دله سخت آرزومند است
نه دام دانم و ني دانه اين قدر دانم
که پاءِ تا به سرم هر چه هست در بند است
 

نگاهه اهل محبت، تمام سو گند است  (1)

خان خانان شجاعت، سخاوت، دانشمندي ۽ ملڪي سياست ۾ سڀ کان مٿانهون ليکيو وڃي ٿو، پر ڪينه پروري، دنيا پرستي ۽ زماني سازيءَ جي مرض ۾ مبتلا هو. سندس قول آهي، ته دشمن سان دوست بڻجي دشمني ڪرڻ گهرجي. هي شعر سندس ئي باري ۾ چيل آهي:

 

يکه و جب قد و صد وجب در دل
مشتکي استخوان و صدا شکل
 

(هڪ گرانٺ قد ۽ سو ڳنڍيون دل ۾ - مُٺ هڏن جي ۽ سانڊي وانگي سو رنگ!)

(1) اقبالنامه جهانگيري ص 201 – 202، مرزا احمد عرف معتمد خان بخشي جامعه  عثمانيه دکن 1968ع.

سندس وفات 1036 هه – 1627ع ڌاري دهليءَ ۾ ٿي. اڪبر جي زماني ۾ ته وڏا ڪم ڪري ڏيکاريائين، پر اڪبر کان پوءِ جهانگير جي دور ۾ ڪا به غزا نه ڪيائين ۽ پنهنجي دانشمندي جي باوجود ڏاڍيون ذلتون ڏسڻيون پيس (1).

مرزا جاني بيگ جو عجيب احوال

مرزا جاني بيگ پنهنجي سورهيائيءَ جي ڪري ايڏو واکاڻيل هو، جو وقت جا بادشاهه به ساڻس ريس پياڪندا هئا. هيءُ بهادر هئڻ سان گڏ سخي به هو. جو به وٽس ٿي آيو، تنهن کي ڏئي ٿي ڇڏيائين. انهيءَ زماني ۾ جڏهن خان خانان هن کي اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ وٺي ويو، ته بادشاهه پنهنجي شاهي ڀرم رکڻ لاءِ مرزا جاني بيگ کي هيٺاهون ڪرڻ چاهيو. انهيءَ نيت سان تانسين کي وٽس موڪليائين، ته هي وڃي سندس آڏو ڳائي ۽ مرزا جاني بيگ قيدي هئڻ جي حالت ۾ هن کي جڏهن ڪجهه به ڏئي نه سگهندو، ته ڏاڍوشرمندو ٿيندو ۽ هن جو هميشه لاءِ ڪنڌ هيٺ ٿي پوندو. تانسين هن وٽ وڃي پنهنجي فن جو ڪمال ڏيکارڻ شروع ڪيو. هيءُ تانسين پهرين هڪ راجا وٽ هو، جتان اڪبر بادشاهه کيس زوريءَ پاڻ وٽ گهرايو هو، اڪبر ڏانهن اچڻ مهل راجا هن جي پالڪيءَ کي ڪلهو ڏئي کائنس موڪلايو هو. تانسين ايڏي عزت افزائي ڏسي، راجا سان واعدو ڪيو ته مون جنهن سان ساڄي هٿ سان توکي سلام ڪيو آهي، اهو آئندي ڪنهن به ٻئي شخص يا وقت جي بادشاهه آڏو سلام لاءِ مٿي نه کڻندس. اڪبر بادشاهه وٽ اچڻ کان پوءِ به تانسين هن کي کاٻي هٿ سان سلام ڪندو

(1)  ماثر الامراج 1، ص 705.

رهيو، جا ڳالهه بادشاهه کي ڪا نه وڻندي هئي، تڏهن به درگذر ڪندو ٿي آيو ۽ تانسين کي ڪجهه به نه ٿي چيائين.

مرزا جاني بيگ اڳيان تانسين جنهن ڪمالات سان ڳايو، تنهن کان مرزا جاني بيگ ڏاڍو متاثر ٿيو. هن پنهنجي جاءِ تان اُٿي تانسين جي چوڌاري ست ڦيرا ڏنا، ۽ چيائينس، ته مون وٽ ڪجهه به نه آهي، جو توکي ڏيان، ڇا لاءِ ته مان پاڻ قيدي آهيان ۽ منهنجي بادشاهي نه رهي آهي. هن وقت هيءَ جان باقي آهي جا توتي قربان ٿو ڪريان. تانسين هڪدم اٿي ساڄو هٿ مٿي ڪري ڏاڍي نياز سان مرزا جاني بيگ کي سلام ڪيو. بادشاهه جنهن نموني مرزا جاني بيگ کي شرمندو ۽ جهڪو ڪرڻ ٿي چاهيو، هيءَ ڳالهه بلڪل ان جي ابتڙ ثابت ٿي.

تاريخ معصومي وارو لکي ٿو ته: جنهن وقت خان خانان، مرزا جاني بيگ کي صلح کان پوءِ گڏيو، ته مرزا جاني بيگ کي ٽوڪ هڻندي چيائين: ڏٺئي! مون ڪهڙي حيلي (فريب) سان تو کي زير ڪيو؟ مرزا جاني بيگ هڪدم جواب ڏنو: شڪر آهي جو اهو حيلو (فريب) به اوهان ئي ڪيو، جنهن لاءِ پاڻ اقرار پيا ڪريو. اهو ٻڌي خان خانان ايڏو شرمسار ٿيو، جو ماڻهن کي چوندو هو، ته مون سڄي ڄمار اهڙي ڦِڪائي ڪا نه ڏٺي.

مرزا جاني بيگ سخن شناس ۽ شاعر به هو، سندس درٻار ۾ ڪيئي اديب، شاعر موجود هوندا هئا. هي شعر سندس آهن:

تخم ديگر به کف آريم و بکاريم زنو،
آنچه کشتيم ز خجلات نتوان کر د درر.

----

عشق خواهم که از خودي پاکه کند
آبي مڙه اي که دهد نمنا که کند
پاي که بيابان عمل را سپرد
دستي که گريبان هوس چاکه کند
 

تانسين جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته:هن جو اصل نالو ترلوچن داس هو ۽ پاڻ گور برهمڻ گهراڻي سان تعلق ٿي رکيائين. هن 931 هه يا 938 هه ڌاري گواليار جي هڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتو. مشهور استادن وٽان فن جي تربيت وٺي، وڏي ڪمال تي پهتو. شروعات ۾ بانڌو (ريوان) جي واليءَ راجا رامچندر وٽ هو، پوءِ راجا بيربل ۽ زين خان جي تحرڪ تي، اڪبر بادشاهه 970 هه ۾ هن کي پنهنجي درٻار ۾ گهرائي ورتو. جتي هن موسيقيءَ ۾ وڏا ڪارناما انجام ڏنا. آخر 998 هه مطابق 1589ع هي جهان ڇڏي ويو. جيئن سندس عقيدت شيخ محمد غوث گووالياري متوفي (970 هه) سان هئي، ان ڪري مرڻ کان پوءِ کيس ان جي مزار جي پيرانديءَ دفن ڪيو ويو (1).

مرزا جاني بيگ سنڌ ۾ پورو هڪ سال وڏي دليريءَ سان جنگ جوٽيندو آيو. مرزا جاني بيگ اڪبر جي ڪارندي صادق محمد خان کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ ان جي گماشتي خان خانان سان پورو هڪ سال دل ٻڌي جيڪا جنگ جوٽي، تنهن بابت خود خانان اعتراف ڪندي، مرزا جاني بيگ کي لکيو ته: خدا جي فضل سان ٻنهي لشڪرن جوانمردي ۽ بهادريءَ جا جيڪي جوهر ڏيکاريا، تنهن مان هر ڪو واقف ٿي ويو، ته واقعي ٻنهي پاسن کا ڪا به ڪوتاهي نه ٿي. اهو تون ئي هئين جنهن ايڏي عرصي تائين شاهي فوج جو ڀرپور مقابلو ڪيو، اها تنهنجي همت هئي. بيشڪ تنهنجي بهادري ۽ مردانگيءَ جو داد ڏئي نه ٿو سگهجي. تحفته الڪرام اردو ص 244.

 

(1)  تحفته الڪرام فارسي ص 311. سنڌي ادبي بورڊ.

مير معصوم لکي ٿو ته مرزا جاني بيگ تنگ ٿي پاڻ ئي خان خانان کي صلح جي درخواست ڪئي هئي. مير معصوم اڪبري درٻار جو مورخ آهي ۽ جنگ جو عيني شاهد به هو، ليڪن ان باري ۾ تاريخ طاهري ۽ تحفته الڪرام جي بيان کي ترجيح ڏيڻي پوي ٿي، ڇو ته مير معصوم پاڻ اڪبري اميرن مان هو، جنهن مان اهو امڪان ٿو پيدا ٿئي، ته هن خان خانان ۽ شاهي لشڪر جي حمايت ۾ ئي اهڙي قسم جو بيان پنهنجي تاريخ ۾ درج ڪيو آهي. ٻيءَ صورت ۾ مرزا جاني بيگ جي صدق ڀري عزم کي ڏسندي اها ڳالهه قبول ڪري نه ٿي سگهجي، ته برابر هن پهرين صلح جي ڪا درخواست ڪئي هوندي (1).

انهيءَ جنگ ۾ جيسلمير جو راجا ڀيم سنگهه فوجون وٺي عمر ڪوٽ جي رستي کان خان خانان جي مدد لاءِ آيو. مرزا جاني بيگ ائين ٿي ڄاتو، ته خان خانان خشڪيءَ رستي وڙهندو، پر هن درياهي ساڻس جنگ شروع ڪري ڏني. جنت سنڌ ص 409. چون ٿا ته انهن ڏينهن ۾ مرزا جاني بيگ جي لشڪر جي ڪجهه حصي ڳجهه ڳوهه ۾ خان خانان ڏانهن امان طلبيءَ جون عريضون لکيون هيون. تحفته الڪرام سنڌي ص 195.    

لڪي جبل وارو لنگهه، جنگي لحاظ کان اهميت وارو هو، پر مرزا اجين بيگ اتي ڪو انتظام نه رکيو، جنهن ڪري خان خانان کي موقعو ملي ويو. تاريخ طاهري.  

مرزا غازي بيگ – اڪبر بادشاهه جي وفات 1014 هه – 1605ع کان پوءِ جهانگير تخت تي ويٺو، ته مرزا غازي بيگ پهريون شخص هو، جيڪو کيس مبارڪ باد ڏيڻ لاءِ حاضر ٿيو. جهانگير جو شهزادو سلطان خسرو ڪن اميرن

(1)  تاريخ سنڌ مولانا قدوسي ج 2، ص 210، مرڪزي اردو بورڊ.

سان جڏهن اڪبر آباد جي قلعي مان فرار ٿيو، ته بادشاهه ان جي پٺيان وڃڻ لاءِ پنهنجي اميرن کان پڇڻ لڳو، ته ڇا ڪرڻ کپي. خسرو جو پاڻ پيڇو ڪجي يا ڇڙو لشڪر ڪافي ٿيندو؟ اميرن جواب ڏنو، ته اوهان کي هتي ترسي لشڪر کي موڪلڻ گهرجي. بادشاهه انهيءَ جواب کان مطمئن نه ٿيو ۽ مرزا غازي بيگ کي يا ڪيائين. انهيءَ  خيال سان ته هن جي صلاح ئي درست ٿي سگهي ٿي: ان تي اميرن کيس عرض ڪيو، ته هو اڃا ٻار آهي، ڪهڙي صلاح ڏئي سگهندو! نيٺ مرزا غازي بيگ آيو ۽ بادشاهه کانئس پڇيو، ته جواب ڏنائين، هن معاملي کي منهن ڏيڻ لاءِ اوهان جو وڃڻ ضروري آهي، جهانگير پنهنجي اميرن ڏانهن منهن ورائي چيو: مون نه ٿي چيو ته هي سردارزادو ضرور چڱي صلاح ڏيندو (1).     

مرزا غازي بيگ جو جهانگير جي مزاج تي وڏو اثر هو. جهانگير نه فقط خسرو جي بغاوت ڍري ڪرڻ لاءِ کيس پاڻ سان لاهور کنيو، بلڪ چند مهينن کان پوءِ جڏهن قنڌار جي لشڪر ڪشيءَ جو معاملو پيش آيو، ته مرزا غازي بيگ کي پنج هزاري منصب ڏئي، وڏي ٺٺ ٺانگر سان اوڏاهين روانو ڪيائين (2).  

ملا رشيدي هيءُ ساڳيو ملا عبدالرشيد آهي، جنهن کي تحفته الڪرام ۾ عبدالرشيد ۽ تاريخ طاهريءَ جي مولف ملا رشيديءَ جي نالي سان ياد ڪيو آهي، پر ترخان نامي جي مولف هن کي ملا رشيد لکيو آهي. (جيڪو صحيح سمجهڻ کپي).

ملا رشيد مرزا غازي بيگ جو خاص مقرب هو. ان جي وفات تائين وٽس رهيو. مير قانع تحفته الڪرام ۾ هن کي لاهري بندر جو رهاڪو ليکي

(1)  ترخان نامه ص 88. 

(2)  مڪلي نامه ص 261.

ٿو، پر اصل ۾ هي ٻاهران اچي لاهري بندر تي لٿو هو ۽ سير جي سانگي جيئن ٺٽي جي شهر ۾ آيو ته مرزا غازي پنهنجي جوهر شناسيءَ  جي ڪري هن کي پاڻ وٽ مقرب ڪري رکيو. حقيقت ۾ هيءَ ايراني هو ۽ ملا اسد قصه خوان سان گڏجي فقيراڻي حال ۾ هتي آيو. مرزا غازي بيگ کيس فقير مان امير ڪري ڇڏيو. شاعر هئڻ سان گڏ شرعي معاملن ۾ مدبر شخصيت جو مالڪ هو.

تاريخ طاهريءَ جي مولف هتي هڪ مسئلو منجهائي ڇڏيو آهي، لکي ٿو: مرشد بروجردي ملا رشيد جو دوست هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن مرزا غازي بيگ جي درٻار ۾ ان جا شعر ٿي پڙهيائين، آخر ان جي هرکائڻ تي مرزا غازي بيگ راهه خرچ موڪلي، ان کي گهرائي ورتو. حالانڪ مرشد بروجردي ملا اسد قصه خوان جو دوست هو ۽ ان جي ترغيب تي هيءَ مرزا غازي بيگ جي درٻار تائين پهتو هو. طاهريءَ جي مونجهاري موجب ائين ٿو معلوم ٿئي، ڄڻ ملا رشيد ۽ ملا  اسد هڪڙي ئي شخصيت جا ٻه نالا آهن، پر حقيقت ۾ اهي ٻئي جدا جدا شخصيتون هيون. ملا رشيد جو ڪو به شعر دستياب نه ٿيو (1).  

ملا  اسد قصه خوان متوفي 1027 هه پنهنجي زماني جي مشهور عالمن اديبن مان هو. سندس پيءُ ملا  حيدر قصه خوان ۽ چاچو فتحي بيگ شاهنامه خوان هو. قصه خوان انهن اديبن کي ڪوٺيو ٿي ويو، جيڪي شعر ادب تي حاوي هئڻ کان علاوه ڪچهريءَ جا ڪوڏيا ۽ حاضر جواب به هوندا هئا. اهو ان وقت جي بادشاهن ۽ حاڪمن وٽ معتبر ليکيو ٿي ويو. ملا اسد جو مرزا غازي بيگ جي درٻار ۾ وڏو مان هو. هن جي ئي وسيلي مرشد بروجردي ۽

(1)  مرزا غازي بيگ اور اس ڪي بزم ادب، سيد حسام الدين راشدي، ص 248 کان 251.

ٻين ايراني هنرمندن جي مرزا غازي بيگ سان ڏيٺ ويٺ ٿي هئي. مرزا غازي بيگ جي وفات کان پوءِ هيءُ جهانگير بادشاهه جي دربار ۾ ويو (1). ايران جي ٻين اديبن ۽ شاعرن جيان هيءَ به اتان جي طاهري عالمن جي تنگ نظري ۽ ان مان پيدا ٿيل بي قدريءَ توڙي روزگار جي تنگيءَ کان بيزار ٿي، اڪبري دربار ڏانهن ويندي ٺٽي آيو، جتي مرزا غازي بيگ، جيڪو اڃا ٻاراڻي وهيءَ ۾ هو، پر ادبي شعور ۽ ذوق سان گڏ فنون لطيف جي سرپرستيءَ جو شوق وڏي ڄمار وارن کان به وڌيڪ ٿر رکيائين، تنهن کيس پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو. اندازو آهي، ته هي 1003 هه ۽ 1010 هه جي وچ ۾ آيو هوندو، جڏهن مرزا غازي بيگ پنهنجي پيءُ مرزا جاني بيگ جي مسند تي هو.

ترخان نامي جي مصنف مرزا جاني بيگ جي سوانح شروع ڪندي، ملا  اسد قصه خوان بابت لکي ٿو: ملا  اسد ۽ ملا رشيدي فقيرن جي لباس ۾ ايران کان سنڌ ۾ آيا، ملا  اسد فصيح، وجيهه ۽ قصه خوان هو. مرزا غازي بيگ کي هن جي صحبت ڏاڍي وڻي هئي. آخر ٻنهي کي جاگير ڏئي، ملا  اسد کي پنهنجو مطه مقرر ڪيائين. ٿوري وقت کان پوءِ ملا  اسد جڏهن مرزا غازي بيگ اڳيان مرشد بروجردي جي اهليت ۽ قابليت جي واکڻ ڪئي، ته هن ان کي پاڻ وٽ گهرائڻ جو خيال ڏيکاريو، جنهن تي ملا  اسد خط لکي مرشد کي شيراز مان سنڌ اچڻ جو سوق ڏياريو ۽ هو ٺٽي ۾ اچي مرزا غازي بيگ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو.

مرزا غازي بيگ جي وفات کان پوءِ ملا  اسد ٿوري عرصي لاءِ ٺٽي ۾ رهي 1025 هه جي لڳ ڀڳ جهانگير جي درٻار ۾ ويو، جنهن هن جي قدرداني ڪندي، کيس حفيظ خان جو خطاب عطا ڪيو. 1027 هه ۾ جڏهن

(1)  ماهنامه هنر و مردم شماره 160 – 159، ص 55، تهران ايران.

جهانگير گجرات مان آگري ڏانهن پئي آيو، ته ملا  اسد واٽ تي گذاري ويو، مرشد جيڪو سندس گهاٽو يار هو، تنهن هن جي وفات تي مرثيو لکيو، جنهن مان اڳيون ۽ پويون شعر هت ڏجي ٿو:

دريفا دريفا که محفوظ خان رفت
اس آن جهان هنر از جهان رفت
اسد رفت و تاريخ فوتش ز مرشد

طلب ڪرد و دل گفت اسد راگمان رفت   (1027 هه) *

ملا  اسد صرف قصه خوان نه هو، بلڪ شاعريءَ سان ٻه شغف ٿي رکيائين. عرفات العاشقين ۾ هن جا هي شعر ملن ٿا:

آن دل ڪ سود او همگي در زيان اواست
جنس ڪ ساد مهرو وفا درد ڪان اوست
دبدوز اسد جامه اي هجران تو زد چاڪ

امروز غم مرد همان جامه ڪفن شد (1)

مرشد بروجردي. مرشد بروجردي جنهن جو نالو ۽ تخلص ساڳيو هو، ايران جي شهر بروجرد ۾ پيدا ٿيو، اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين. جوان ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه وقت همدان ۾ گذاري، سير سفر جي ارادي عراق – ايران گهمندي شيراز اچي پهتو، جتي فارس جي حاڪم محمد قليءَ سندس سرپرستي ڪئي. سال 1012 هه ڌاري ملا  اسد قصه خوان جي سفارش تي مرزا غازي بيگ هن کي سنڌ ۾ اچڻ جي دعوت موڪلي ۽ هي هر مز بندر جي رستي ٺٽي هليو آيو.

*  حفيظ خان بدران محفوظ خان شعر جي پورائيءَ لاءِ لکيو ويو آهي. صبح گلشن ص 23.

(1)  مرزا غازي بيگ اور اس ڪي بزم ادب، ص 189 – 195.

هتي اچڻ کان پوءِ مرزا غازي بيگ مرشد جي ڏاڍي عزت ڪئي. کيس خان جي خطاب سان نوازي مهرداري ۽ امارت جو عهدو ڏنائين. ان سان گڏ بدين سرڪار ۾ هن کي هڪ جاگير پڻ ملي. اڳتي هلي مرزا غازي بيگ جي درٻار ۾ مرشد جو اثر روزبروز وڌندو ويو. هن جي مُهابي ڪيئي ٻاهريان اديب، شاعر سنڌ ۾ اچڻ لڳا ۽ ڪيترن کي انعام اڪرام ملندا رهيا.

انهيءَ زماني ۾ مرزا غازي بيگ پنهنجي اميرن جي وڳوڙ سان منهن ڏيڻ ۾ مشغول هو. جڏهن ڪجهه ٺاپر ٿي، ته 1013 هه ۾ اڪبر جي درٻار ڏانهن روانو ٿيو ۽ مرشد کي به پاڻ سان وٺي ويو، اڪبر جي وفات کان پوءِ مرزا غازي بيگ لاهور تائين جهانگير سان گڏجي آيو ۽ قنڌار جي مهم تي اُسهيو، مرشد به مرزا غازي بيگ سان گڏ قنڌار ويو. جڏهن قنڌار ۾ هن جي سوڀ ٿي، ته مرشد سندس سان ۾ قصيدو لکيو:

ميرزا غازي ڪ تيغش در نبرد
ميڪند احياي رسم ذوالفقار

ٻئي ڀيري جڏهن مرزا غازي بيگ جهانگير جي حڪم تي قنڌار ويو، ته مرشد پنهنجي جاگير ۾ رهي پيو. جتي بدين جي حاڪم فتح الله (زسرو چرڪس جي پوٽي) هن سان بد سلوڪيءَ جي روش اختيار ڪئي. هي ايڏو نه ڏکوئجي ويو، جو سڀ ڪم ڇڏي قنڌار وڃي نڪتو. مرشد جيئن ته مرزا غازي بيگ جو خاص مقرب هو، ان ڪري خسرو چرڪس ۽ ان جو خاندان سنڌ ۾ جيڪي ارڏايون ڪندو ٿي رهيو، تنهن جي مخالفت پئي ڪيائين. آخرڪار مرزا غازي بيگ، خسرو چرڪس جي وڌندڙ ارڏائين کان ڪڪ ٿي، کيس معزول ڪرڻ لاءِ قنڌار پهچڻ جو پيغام ڏياري موڪليو. اهو رڳو مرزا غازي بيگ جي فوت ٿيڻ (1021 هه) تائين هلندو رهيو.

مرشد مرڻ گهڙيءَ تائين مرزا غازي بيگ وٽ رهيل هو ۽ سندس لاش سان گڏ قنڌار کان سنڌ ۾ آيو. تنهن کان پوءِ به ڪي ڏينهن مرزا غازي بيگ جي مزار تي سجاور ٿي ويٺو رهيو ۽ پنهنجي مربيءَ جي موت تي ڪيئي مرثيا لکيائين، جن مان ڪي شعر هتي ڏجن ٿا:

در عزايش بين کي خون ديده، ره پرنم گرفت
خنجر مڙگان خوبان نيز رنگ ازنم گرفت
 

سهل باشد مردني، آسان جود جان داد ني
اين قدر گر فراق غازي ترخان کنيم
 

رفت بي او زيب و فرو زينت ديوان نماند
برکه خواند کس سخن، چون غازي ترخان نماند
 

بس کح ٻي او تنگ شد آفاق و بر مرشد نماند
در دل – او جاي صبرو – درتن اور جاي جان
 

درد زو آورد برمن، ياري درمان کجا است
چرخ يامن کينه دارد، غازي ترخان کجا است
 

مرشد 1021 هه کان 1022 هه تائين مرزا غازي بيگ جي مقبري تي مجاوري ڪندو رهيو. مرزا غازي بيگ جي وفات کان پوءِ سنڌ پوريءَ طرح مغلن جي ڌاڪ هيٺ آئي، جهانگير عبدالرزاق معموريءَ کي اُماڻي خسرو چرڪس ۽ باقي بچل ترخان کي اجمير گهرائي ورتو. مرشد به انهيءَ قافلي ۾ شريڪ ٿي سنڌ جا وڻ ڇڏي ويو.

اجمير ۾ مهابت خان سان مرشد جي شناسائي ٿي. 1026 هه تائين هن جو مقرب ٿي رهيو. شهزادو خرم (شاهجان) دکن فتح ڪري مانڊوي ۾ آيو، ته مرشد ان جي دربار ۾ داخل ٿيو ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينهن ان جي خدمو ۾ پورا ڪيائين.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org