سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 8

(٤١)

شاھھ شجاع پاران سندس اميرن جو مير مراد علي خان جي عذر خواھيءَ لاءِ مرحوم جي پوين – مير نور محمد خان ۽ مير محمد نصير خان وٽ وڃڻ ۽ کين خلعتون ڏئي تقاضا پيش ڪرڻ:

سال ١٢٤٨ھھ (١٨٣٣ع) ڌاري مير علي مراد خان ھيءُ جھان ڇڏيو تھ شاھھ شجاع پنھنجي خاص مقرب قاضي محمد حسن کي، خلعتون ڏئي ۽ مرحوم مير مراد علي خان جا لقب القاب ساري؛ پنھنجي دستخط سان سنواري، سيد ڪاظم علي شاھھ جي ھمراھيءَ ۾، مير نور محمد خان ڏانھن ڏياري موڪليو، جيڪو ولي عھد ھو، ھن سان گڏ مير محمد نصير خان بھ شامل ھو. قاضي محمد حسن عذر خواھيءَ سان گڏ رسمي تقاضا پيش ڪندي، ھن آڏو سامان جي خرچ ۽ اٺن بابت ڳالھھ ٻولھھ ڪئي.

ھي ٻئي ڀائر پيءَ جي وفات کان پوءِ ڪي ڏينھن ان جي ڇڏيل مال جي ورھاست ۾ رڌل رھيا، جيڪو اڻ کٽ خزانو ڇڏي ويو ھو. جڏھن اتان واندا ٿيا تھ دولت جي سٿي ۽ حڪومت جي غرور ۾ لاپرواھھ ٿي ويا، ويتر جو ڪم عقل درٻارين ۽ خوشامدڙين جي صحبت ۾ آيا تھ دور انديشي ڇڏي ڇڙواڳيءَ ۾ ڪاھي پيا.

ھنن شاھھ شجاع کي خرچ پکي کان تھ کتو جواب ڏنو، پر مٿس ٽوڪون ۽ چٿرون بھ ڪرڻ لڳا، ليڪن شاھھ شجاع ھر ڳالھھ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري، بردباري کان ڪم وٺندو رھيو- جيئن ٻنھي ڌرين ۾ ڪو نئون فتنو فساد پيدا نھ ٿئي ۽ ٻئي سھڻي سلوڪ سان ھلندا رھن. ائين ھو ڊگھي نظر رکندي، خيرصلھ جو رويو اختيار ڪندو آيو، پر ميرن ھن کي ڪو رخ ئي نھ ڏنو، ھٿئون مٿس ھلائون ڪندا ٿي رھيا تھ اسان کي ٻار سمجھي، پيءُ جي مرڻ کان پوءِ پڙ پالھو ڏسي، اسان تي ڌراوت جو ڌاڪو ڄمائڻ ٿو گھري!

ميرن جا درٻاري بھ اھي ڳالھيون ڪندا رھيا تھ ميرن جي مسند نشينيءَ سان بسم الله ئي برغلط ٿي پئي. شاھھ شجاع، جنھن وٽ خير سان مٺ جيترا مٿي اگھاڙا ۽ مادر زاد ننگا ماڻھو، ۽ ڪي ڏتڙيل ۽ بکيا پٺاڻ گڏ ٿيل آھن، سو ھتان اٺ اوڳاڙي ۽ ڏوڪڙ ميڙي جيڪا کيپ کٽندو، سا بھ سارو جڳ ڏسندو. ٻئي طرف مير صاحبن بھ جيڪڏھن ھاڻي کان پاڻ نھ سنڀاليو تھ پاسي اوسي کان ڪيئي ميرا مندا، جيڪي سندن مال ملڪيت ۾ اکيون کپايو ويٺا آھن، سنڌ جي حڪومت ۽ ڌراوت تي ڌاڪ ڄمائڻ ۾ ڪا دير نھ ڪندا.

اھڙيءَ ريت ميرن پنھنجي ڪم عقل ۽ ڪمينن صلاحڪارن جي چرچ تي شاھھ شجاع کان منھن موڙي پنھنجي لاءِ جھيڙي جو ڪارڻ پيدا ڪيو. ھنن اھو سوچيو ئي ڪونھ تھ ان جو نتيجو ڇا نڪرندو!

شاھھ شجاع، ميرن کي جيڪي نصيحتون ڪيون ۽ چڱيون صلاحون ڏنيون، انھن کي ھنن ماڳھين گڏھھ جو ٽِٽ ڄاڻي، پنھنجي ھٺ تان ھيٺ لھڻ جي ڪانھ ڪئي.

شاھھ شجاع اھو سڀڪجھھ ڏسي، آخر فيصلو ڪيو تھ ھاڻ شڪارپور ڇڏڻ وڏي درگت ٿيندي، سو ميرن کي چوائي موڪليائين تھ اسان پنھنجي ڪمن جي اڻپورائيءَ ڪري في الحال شڪارپور ڇڏي نٿا سگھون، جڏھن سڀئي ڪم پورا ٿيا تھ پوءِ خراسان وڃڻ جي ڪئي ويندي.

ميرن اھو چتاءُ ٻڌي دل ۾ چيو، اجھا ٿي مصيبت سر تي اچي. پر پوءِ پاڻ ۾ صلاح ڪري، انھيءَ ڳالھھ تي بيٺا تھ ھن وقت شاھھ شجاع وٽ ڪاھھ جي طاقت ڪانھ آھي ۽ زماني جي دربدرين سبب پاڻ وڌيڪ پريشان رھي ٿو، تنھنڪري ڪنھن وڏي رڳڙي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. باقي اھو امڪان آھي تھ ھو ڪجھھ سپاھھ گڏ ڪري پنھنجي ظاھري دٻدٻي سان شڪارپور مان ھليو وڃي، ڇاڪاڻ تھ ھن کان پوءِ ان جو شڪارپور ۾ رھڻ مناسب نٿو لڳي.

شاھ شجاع، ميرن جي اھڙن ارادن کان واقف ٿيڻ تي، پنھنجي تياريءَ جي ڳڻ ۾ لڳي ويو. انھيءَ اڻ وڻندڙ روئداد جي خبر اوسي پاسي پکڙندي رھي. ميرن جا جيڪي ماڻھو ملڪ جي جدا جدا ھنڌن تي مامور ھئا، تن کي انھيءَ صورتحال گھڻو پريشان ڪري ڇڏيو. ھو پنھنجي جان جي خوف کان ڏاڍا ھيسجي ويا ھئا، انھن مان ڪي تھ ٻيو چارو نھ ڏسي راتو رات درياھھ اڪري ٻيءَ ڀر ھليا ويا.

سيد ڪاظم علي شاھھ وري ڇا ڪيو جو اڳواٽ ئي خيرپور طرف نڪري ويو ۽ ڪنھن واقعي جي وجود ۾ اچڻ جو خيال ڪندي واپس ڪونھ آيو. شاھھ شجاع ڪيئي ڀيرا سيد ڪاظم علي شاھھ کي دم دلاسا ڏئي پاڻ وٽ گھرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر  جيئن تھ ھن ۽ سمندر خان جي وچ ۾ اڻ وڻت ھئي، ان ڪري ھو آئيندي جي خطري کان پاڻ بچائڻ لاءِ شاھھ شجاع وٽ اچڻ جي ھمت نٿي ڪري سگھيو، متان سڀاڻي ڪا ڳڙٻڙ ٿي پوي!

سيد ڪاظم علي شاھھ کي تھ شاھھ شجاع ايتريءَ حد تائين پڪ ڏياريندو ٿي آيو تھ اوھان منھنجي لاءِ پٽن برابر آھيو، جيڪڏھن پيش پرينھن شڪارپور جو شھر ميرن جي ھٿان نڪري بھ ويو تھ اوھان ئي ان جا ڌڻي سائين ھوندا، ڇو تھ اسان کي اوھان کان وڌيڪ ڪو ٻيو ناھي. اوھان ھڪ وڪيل جي حيثيت ۾ بھ وڏو مان رکو ٿا، ان ڪري اوھان سان ڪا گھٽ وڌائي ڪرڻ روا ٿي نٿي سگھي.

سيد ڪاظم علي شاھھ ايترين دلدارين جي باوجود شاھھ شجاع ڏانھن ڪونھ وريو، ويتر پنھنجي ڀاءُ سيد محمد تقي شاھ کي پاڻ وٽ گھرائڻ جي ڪوشش ڪيائين، جيڪو شڪارپور ۾ مامور ھو. ان لاءِ رحيم خان کوسي تي اھو ڪم رکيائين تھ ھو اھڙي طريقي سان تقي شاھھ کي وٽس رسائي، جو بني بشر کي ڪا کڙڪ نھ پوي، ليڪن تقي شاھھ انھيءَ تفرقي جي اثر ۾ پنھنجي ليکي پريشان ٿي اتان نڪرڻ جي فڪر ۾ ھو. آخر ڪنھن نھ ڪنھن نموني اتان نڪري خيرپور ھليو آيو ۽ پنھنجي ڀاءُ ڪاظم علي شاھھ سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو، تھ ڪاظم علي شاھھ بھ خدا جا شڪرانا ادا ڪيا اھو چئي تھ:

خدا ڪيو، آئي بلا ٽري وئي ۽ وڃي خير ٿيا!

*


 

(٤٢)

سنڌ جي ميرن جي ڪارندن جي شڪارپور مان ڀاڄ، آسپاس جي غريب رعايا جي شھر ڏانھن واپسي ۽ شاھھ شجاع وٽ دانھن، شاھھ شجاع پاران ھر ھنڌ ماڻھن جي مقرري – ميرن جي لشڪر جي سکر ۾ آمد ۽ جنگ جي شروعات:

سال ١٢٤٨ھھ (١٨٣٣ع) ۾ ميرن جي ڪارندن پنھنجي سر بچائڻ لاءِ شڪارپور مان ڀاڄ کاڌي ۽ پسگردائيءَ جي رعايا شاھھ شجاع وٽ دانھين ٿي آئي. سندن چوڻ ھو تھ ميرن جا مڙئي ڪارندا پاڻ واڻي اوسو پاسو خالي ڪري ويا آھن، سڄو ملڪ حاڪمن کان خالي پيو آھي، جنھن ڪري چور چڪار، جيڪي اڳيئي اھڙن موقعن جي تاڙ ۾ ھوندا آھن. ھاڻ بھ لٽ ڦر ۾ لڳي ويندا، ڇو تھ ھن کان اڳ بھ ائين ٿيندو رھيو آھي. اوھان اسان جي نگھباني لاءِ ڪو بلو ڪريو، نھ تھ بلوچ اسان کي ڀينگ ڪري ڇڏيندا. شاھھ شجاع رعايا جي آزي نيزاريءَ تي ھر ھنڌ حفاظت جي لاءِ پنھنجا ماڻھو مقرر ڪيا تھ جيئن ڪوبھ پنھنجو اجھو ڇڏي نھ وڃي ۽ اڳي وانگر ھرڪو پنھنجن ڪکن ۾ پناھي ھجي.

ھيڏانھن ميرن جڏھن ڏٺو تھ شاھھ شجاع جا ماڻھو اڇي ڪاري جا مالڪ ٿي ويٺا آھن تھ سڪن ڀانگن وانگي ٻرڻ لڳا. ميرن ڇا ڪيو جو مير مبارڪ خان ۽ مير زنگي خان جي سرڪردگيءَ ۾ ٿورو گھڻو لشڪر گڏي روانو ڪيائون، جيڪو خيرپور مان ڪھي اچي روھڙيءَ ۾ گوڏو کوڙي ويٺو، جتان ھنن کي درياھھ تپي پرينءَ ڀر سکر پھچڻ جو حڪم مليو. ھاڻ اھي گھاٽ گھڙجڻ لڳا تھ شاھھ شجاع کي ڪھڙيءَ ٽل سان شڪارپور مان ٽپڙ کڻائجن.

مير عالم خان مري، جيڪو ڪجھھ عرصو اڳ شڪارپور جي حڪومت جا مزا ماڻي چڪو ھو، تنھن کي خاص ڪري ڏاڍا جڪ ھئا تھ شڪارپور جي محبوبن ۽ معشوقن سان وري وڃي ڪي ميل ملھائجن. انھيءَ ارمان ۾ ھر گھڙيءَ ”ھئھ شڪارپور، ھئھ شڪارپور“ جا ھلڪارا ٿي ڪيائين.

آخرڪار عالم خان مري پنھنجي پٽ جھان خان مري ۽ موڪليل لشڪر سميت درياھھ ٽپي، سکر پھچي، شڪارپوري شھزاديءَ جي شوق ۾ ھونگار تي ھونگار شروع ڪري ڏني. نيٺ ٻئي ڏينھن لشڪر سوڌو وڃي جعفرآباد ۽ فريد آباد وارن واھڻن ۾ غريب رعايا تي ڪڙڪيو، جن ويچارن تي ڪوبھ رحم نھ ڪيائين.

حاجي ھدايت الله خان، جيڪو شاھھ شجاع جي طرفان گوسڙجي ۾ مقر ٿيل ھو، تنھن جو اھا خبر ٻڌي تھ ڪن سوارن کي ساڻ ڪري عالم خان مريءَ جي مقابلي لاءِ وڌيو. عالم خان کي اڳ ۾ چتايائين تھ غريب رعايا جي آزارڻ کان ھٿ جھل، پر ھو باز اچڻ بدران ويتر تاءُ ۾ فتني فساد تي لھي آيو.

عالم خان مريءَ وٽ لشڪر وڌيڪ ھو ۽ ھدايت الله خان سان صرف ڪي سوار ساڻ ھئا. ھاڻ ھن لاءِ لڙائيءَ کان سواءِ ڪو چارو نھ ھو، ان ڪري ميدان ۾ اچي مريءَ سان دوبدو ٿيو. خدا جي قدرت اھڙي ٿي جو اوچتو عالم خان مٿان توب جو گولو وڃي ڪريو، جنھن سندس سر کڻي ڇڏيو.

عالم خان مريءَ جي مارجڻ کان پوءِ ھن جو پٽ جھان خان، پيءُ جو موت اکين سان ڏسي، آپي کان نڪري ويو ۽ ھڪدم ھدايت الله خان تي حملو ڪري ڏنائين. حاجي ھدايت الله خان سندس وار جو شڪار ٿي موت جي ور چڙھي ويو. باقي لشڪر، جنھن ۾ سوار شامل ھئا، ڇڙوڇڙ ٿي ميدان ڇڏي ويو.

جھان خان مري ميدان خالي ڏسي، ھدايت الله خان جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري نيزي جي نوڪ ۾ ٽنبي، نعرا ھڻندي نڪري پيو. ڪڏھن ان کي لتون پئي ھنيائين تھ ڪڏھن مٿس ٿڪن جا وسڪارا ٿي ڪيائين. کيس اھو الڪوئي ڪونھ پئي ٿيو تھ اڳيان شاھھ شجاع بھ ڪا شيءِ آھي، جيڪو آئيءَ ويل وسئون ڪين گھٽائيندو.

شاھھ شجاع ھڪ تھ علم جي زيور سان سينگاريل، ٻيو حرمين شريفن جي فيض سان سنواريل ۽ ٽيون اسلام جي بادشاھھ پاران حق نمڪ ادا ڪرڻ ۽ خدا جي خلق جي خير کٽڻ لاءِ رعايا جو راکو بڻجي چڪو ھو، تنھن چيو:

”ازل جي بادشاھھ

ھر ڪنھن کي پنھنجو رنگ روپ ڏنو آھي.

ازل جي ديوان

ھر ڪنھن جي ڀاڳ جو انگ لکي ڇڏيو آھي.

تقديرجي آڏو

ڪنھن جي بھ ڪانھ ٿي ھلي سگھي.

ھر ڪو گوءِ چوگان وانگي

پنھنجي پنھنجي چڪر ۾ پورو لڳو پيو آھي.

تو سانوڻ ۾

جيڪي پوکيندين، اھوئي اوڙڪ لڻندين.

ازل جي دھقان (ھاريءَ)

جيڪو ٻج ڇٽيو، اھو ئي سلو اپائيندو.“ (ص: ٢٩٢ع

*


 

(٤٣)

شاھھ شجاع جي پاران سمندر خان کي ميرن جي لشڪر سان مقابلي لاءِ مقرر ڪرڻ ۽ ميرن جي لشڪر جون ڊاڙون ھڻڻ:

جڏھن سال ١٢٤٨ھھ (١٨٣٣ع) ڌاري حاجي ھدايت الله خان، جيڪو شاھھ شجاع جو معزز امير ھو، جھان خان مريءَ ھٿان مارجي ويو تڏھن شاھھ شجاع جوش ۾ اچي سمندر خان کي ٽي ھزار سوار ۽ پيادا ستن توبن سميت ڏيئي چڙھائي جو حڪم ڏنو. ھن سوچيو تھ جنھن صورت ۾ خيرپور جي ميرن کي اسان جو ڪو خيال نھ ٿيو تھ اسان بھ لاچار آھيون. ھاڻ ڀلي اسان جو لشڪر وڃي انھن سان مھاڏو اٽڪائي، پوءِ جيڪي ٿيڻو ھوندو سو ٿيندو.

خيرپور جي اميرن بھ عالم خان مريءَ جي موت کان پوءِ فساد ۾ منھن وجھي، محبت خان مري، ڌڱاڻي خان مري، جلال خان مري، فضل محمد خان مريءَ سان گڏ نظاماڻين، جلباڻين ۽ باڪرانين کي مير رستم خان وٽان گھرايو ۽ سيد ميان غلام مرتضيٰ شاھھ کي مير علي مراد خان وٽان ڪوٺ ڪيائون، جيڪو سدائين بھادريءَ ۽ جوان مرديءَ جون ٻٽاڪون ھڻندي، پاڻ کي رستم سمجھندو ھو، سو عالم خان مريءَ جي وير وٺڻ لاءِ ٻين سان گڏ ٽنگر جي اڳ ۾ ٿي ھليو(1). اھو سڄو لڏو ٽالپوري ٽوپيون ٽنڊ تي رکي واچوڙي جيان ور وڪڙ کائيندو ڊاڙ ڊش ۾ زمين آسمان ھڪ ڪندو وڃي، روھڙيءَ رسيو، جتان درياھھ پار ڪري سکر تائين پھتو. اتي پھچندي غريب رعايا لاءِ رڻ ٻاري ڏنائون، جنھن لاءِ کين شاھھ خيرالدين جھڙي ڀلاري جي درگاھھ جو بھ ڪو حياءُ شرم نھ ٿيو، ان جي باوجود، جو چيو اٿن تھ:

خدا، ولين کي ايتري قوت عطا ڪئي آھي،

جو ڪمان مان ڇٽل تير بھ واپس ورائي ٿا سگھن.

جنھن بھ ولين کان مدد نھ طلبي آھي، سو ڪنھن بھ معرڪي (مھاڏي) ۾ سوڀيارو ڪونھ ٿيو آھي.

انھيءَ ڇڪتاڻ ڀري سيد ڪاظم علي شاھھ، جيڪو پنھنجي صلاحڪارن جي ستوھھ تي خيرپور ۾ ترسيل ھو، تحرڪ ۾ آيو ۽ انھيءَ فساد کي روڪڻ لاءِ ٻنھي ڌرين (ٽالپورن ۽ شاھھ شجاع) تائين پھچي صلح صفائي لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو، پر خيرپور جي ميرن حيدرآباد جي ميرن جي عتاب کان جواب ڏنو تھ: توھان ھن تڪرار ۾ نھ پئو، جيڪڏھن رھو ٿا، تھ ڀلي رھو، نھ تھ مرضيءَ جا مالڪ آھيو! ڀلي ھتان ھليا وڃو!

ايتري ۾ حيدرآباد جي ميرن وٽان سيد ڪاظم علي شاھھ جي نالي نياپو پھتو تھ اوھان کي خيرپور جي ميرن جو کاڌو پيتو ايتري قدر ڀانءِ پئجي ويو آھي، جو ھن پاسي مورڳو اچڻ جي نٿا ڪريو، چڱو ائين اٿو تھ ھڪدم اتان نڪري اچي لاڙڪاڻي پھچو، اتان بھادر خان کوکر سان گڏجي ھيڏانھن روانا ٿيو.

سيد ڪاظم علي شاھھ پاڻ کي مجبور سمجھي، لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ خيرپور مان نڪري لقمان(1) تائين آيو تھ اتفاق سان انھيءَ رات عالم خان مري جي قتل جي خبر اچي خيرپور پھتي، جنھن تان سڄي شھر ۾ واويلا مچي ويئي، جتي ڪٿي بلوچن سنڌيءَ ۾ اھائي ھام پئي ھنئي: ڀلا پٺاڻ شجاع! ڏاڍي ڪئي اٿئي. پر ياد رکجانءِ اسان بھ ھن مٿي ڪونھ ڇڏينداسون.

صبح ٿيو تھ سيد ڪاظم علي شاھھ لاڙڪاڻي رواني ٿيڻ جو خيال لاھي ڇڏيو ۽ خبر چار وٺڻ لاءِ لقمان مان واپس اچي مير رستم خان سان مليو. کيس چيائين تھ سکر مان جھڳڙو شروع ٿي چڪو آھي سو انھيءَ حالت ۾ آءٌ لاڙڪاڻي ڪيئن وڃي سگھندس. مير رستم خان جي جواب کان اڳ سرڪاري ماڻھن سيد ڪاظم علي شاھھ کي ڇڪي ٻاھر آندو ۽ خدا حافظ چئي کيس سندس ڀاءُ سيد محمد تقي شاھھ سميت وٺي روانا ٿيا.

سيد ڪاظم علي شاھھ ان وقت مون مسڪين (منشي عطا محمد)ڏانھن نھاريو تھ جيئن ڪو بچاءُ ٿئي، پر مون کيس ٻڌايو تھ ھر ڪنھن جو اوڇڻ ان جي قد ڪاٺ موجب ڪڇيو ويندو آھي.

قلم جتي وھي ٿو، اتي ڪنھن جي ڀيڻي نھ آھي

بدڪ کان باز جو ڪم نھ ٿيندو نھ وري سرڻ (پکي) طوطي جو آواز اچاريندي.

اسان لکندڙن لاءِ قلم ئي ڪافي آھي، ناحق ڪنھن مسلمان جي خونريزيءَ مان ڪھڙو فائدو؟ ۽ اھو ڪڌو ڪم ڪيئن روا ٿي سگھي ٿو، جيڪڏھن جھاد جي ڳالھھ ھجي تھ بھ ھجي تھ ٺيڪ آھي، باقي جيڪڏھن ڪو ھن جنگ ۾ قتل ٿيو تھ دنيا جي خساري کان سواءِ ٻي ڪھڙي چڱائي ٿيندي. اھو چئي آءٌ پنھنجي شھر شڪارپور ڏانھن ھليو آيس.

سيد ڪاظم علي شاھھ جي ڀاءُ کيس گھڻو ئي سمجھايو ھو، پر ھن جي تقدير ۾ ائين لکيل ھو. آخر اتان ھلي روھڙيءَ پھتا. رستي ۾ عالم خان مريءَ جو جنازو ڏسي بد سوڻ سمجھيائون، پر مصلحت کان ماٺ ڪري لاش تي شال وجھي نڪري آيا. روھڙيءَ پھچي اتان سکر ڏانھن اسھيا، جتي بلوچن جي لشڪر جن ورلي ڪا جنگ ڏٺي ھوندي، ھا سيڪاري تراريون ھلائي ڪتن، ٻلن ۽ ٻين ساھوارن جا سر کڻي پنھنجي بھادري ۽ پھلواني ڏيکاري، ٻٽاڪون ھڻي رھيا ھئا تھ اجھو ٿا شاھھ شجاع جي لشڪر جو ڪم لاھي اچي شڪارپور پھچون، جتي ڦرلٽ ڪري محبوبن ۽ معشوقن سان ملي خوب عيش ڪنداسون.

ھنن لٻاڙين کي اھا ٻيٽ ئي ڪانھ پئي تھ پريان شاھھ شجاع جو لشڪر ساڻن ڪھڙي جٺ ڪرڻ وارو آھي ۽ جيڪي ھنن سان ٿيندو، سو ڪنھن سان نھ ٿيو ھوندو!

*


 

(٤٤)

خيرپور جي ميرن جي سمندر خان سان جنگ جوٽڻ ۽ نتيجي ۾ ھار کائي سندن لشڪر جو درياھھ ۾ غرق ٿيڻ:

سال ١٢٤٨ھھ (١٨٣٣ع) ۾ سمندر خان، شاھھ شجاع جي حڪم سان ٽي ھزار سوار، پيادا ۽ اٺ توبون ساڻ ڪري اھي پور پچائيندو، شڪارپور مان ھليو تھ خبر ناھي ڪنھن کي ٿي سوڀ نصيب ٿئي ۽ ڪير ٿو ھارائي! نيٺ ھفتي کن ۾ جعفرآباد پھتو. ھوڏانھن ميرن (ٽالپورن) جو لشڪر بھ ھڪيو تڪيو موجود ھو.

سمندر خان، مخالف لشڪر کان اڌ ميل پرتي وڻ جي چوٽيءَ تي پنھنجو جھنڊو ٻڌي ٿورو لشڪر اتي بيھاريو، جيڪو جنگ جا نعرا وڄائڻ لڳو، جيئن ميرن جي لشڪر کي پتو پوي ۽ کين اھا پڪ ٿئي تھ شاھھ شجاع جي ڌر ميدان تي اچي چڪي آھي.

انھيءَ تدبير کان پوءِ سمندر خان ڀرپاسي جي ٻين وڻن تي بھ پنھنجا جھنڊا اڀا ڪرائي، پاڻ ڪن واقفڪارن سان گڏ سوار ۽ پيادا وٺي ٻھ توبون ڪڍلائي، اھڙي چپ چاپ ۾ ھلندو وڃي آدم شاھھ جي ٽڪريءَ تائين پھتو، جو ڪنھن کي بھ ڪا خبر نھ پئجي سگھي. ٽڪريءَ تي پھچي ڏٺائين تھ پريان درياھھ جي ڪنڌيءَ تي ٽالپوري لشڪر بلڪل بي خبر ۽ پنھنجي موج ۾ گم ويٺل ھو، پوءِ تھ اوچتو توبن جي گولن جا ڌوڙيا لائي ڏنائين، جن سان ميرن جو لشڪر گھوڙن سميت ڪاڳرن وانگي پرزا ٿيندو ويو، جيڪي بچيا اھي غوث بھاء الدين ملتاني جا دنباھا (نعرا) ھڻندا آدم شاھھ جي ٽڪريءَ ڏانھن نھارڻ لڳا.

سيد غلام مرتضيٰ شاھھ، جيڪو جبل جھڙو جوان ھو، لاپرواھيءَ ۾ گھوڙي تي سوار ٿي ھٿيار کڻي، مڇن کي تاءُ ڏئي پنھنجي عملي سان گڏ ائين چوندو اڳتي وڌيو تھ اجھو ٿا انھن جھرڪيءَ جي ٻچڙن کي ٽڪر جي چوٽيءَ تان اڏاري ڪڍون!

سيد ڪاظم علي شاھھ، جيڪو اتي موجود ھو، تنھن کي غلام مرتضيٰ شاھھ جي اھا تڪڙ ڏکي لڳي، پر خار کائڻ سواءِ ڇا ٿي ڪري سگھيو! سو ھٿ مھٽيندو، ھيڪر تھ ماٺ ٿي ويو، پر ٻيءَ گھڙيءَ ياري ۽ وفاداري جي ننگ ۾ گھوڙي تي چڙھي اڳيان ٿيو ۽ پنھنجي دليريءَ سان شاھھ شجاع جي ڪيترن پيادن کي ماري، ڦٽي وڌندو ويو. نيٺ پاڻ بھ ڦٽجي گھوڙي تان وڃي ھيٺ ڪريو ۽ انھيءَ ساعت دم ڏنائين.

سيد غلام مرتضيٰ شاھھ مڪني ھاٿيءَ جيان ترار ھٿ ۾ کڻي چپ ڀڪوڙي ڀڀڪيون ھڻندو ميدان مارڻ لاءِ اڳڀرو ٿيو تھ ڪنھن مھاڏي کان اڳ توب جي گولي لڳڻ سان وڃي موت جي منھن ۾ پيو. اھو ڏسي ھڪ روھيلو پٺاڻ گھوڙي تان لٿو ۽ سندس سري لاھي ھٿيار پنوھار ۽ لٽا ڪپڙا کڻي ھليو ويو.

ان کان پوءِ حيدرآباد جي ميرن جو خاص ملازم دريا خان نظاماڻي ميدان ۾ آيو، تنھن کي سمندر خان جي ڀائٽي ھڪ ئي ڌڪ سان پورو ڪري ڇڏيو. ھاڻ جھان خان مري جو وارو آيو، جيڪو پنجاھھ سٺ جنگي جوان اڳ ۾ ڪري سندن پھراڻن جا آڳا ھڪ ٻئي سان ٻڌي، بلوچاڻي ريت موجب ميدان مارڻ ھليو. ھن جوان اھڙي مڙسي ڏيکاري جو ھر ڪنھن کي آفرين چوڻي پئي، پوءِ نعرا ھڻندا ٽڪريءَ ڏانھن پئي وڌيا، انھيءَ اجائي ڪوشش ۽ ڪاھھ ۾ ڪيترن بلوچن جون جانيون ضايع ٿي ويون ۽ جھان خان مري بھ مري ويو. ٻئي پاسي فتح محمد خان غوري (وزير) مير رستم خان، محبت خان مري ۽ ٻيا جيڪي لال واھھ ۾ لڪل ھئا، اھڙا تھ اتي سانت ٿي ويا، جو ڄڻ ھئا ئي ڪين!

شاھھ شجاع جو لشڪر، جنھن ۾ خراساني سوار، پيادا، روھيلا پٺاڻ ۽ ھندستاني شامل ھئا، جنگ ۾ ايتري قدر تھ مڇرجي پيا، جو بلوچن جون کنڌيون کڻي ڇڏيائون، جيڪو بھ سندن ور پئي چڙھيو، تنھن کي ڳترا ڪري ٿي وڌائون.

ميرن (ٽالپورن)جي اميرن جي ايڏي قتلام کان پوءِ، جنھن ۾ غلام مرتضيٰ شاھھ، سيد ڪاظم علي شاھھ، عالم خان مري ۽ سندس پٽ جھان خان مري، جن مان ھر ھڪ بھادري ۾ در حق پنھنجو مٽ پاڻ ھو، جيڪي انھيءَ جنگ ۾ قتل ٿيڻ جوڳا ئي نھ ھئا، پر تقدير اڳيان ھر ڪو بيوس ھو. سو ھيءُ بھ ائين ھليا ويا، پٺيان جيڪي بلوچ وڃي بچيا، تن ميدان ڏي درياھھ ڏانھن رخ رکيو.

ھيءَ اھڙا تھ اچي بغان ٿيا، جو ڀڄ ڀڄان ۾ درياھھ جي ڀر تي بيٺل ٻيڙين ۾پاڻ اڇلائيندا ويا، اھا خبر جڏھن روھڙيءَ ۾ ترسيل ميرن جي اميرن، مير مبارڪ خان ۽ مير جنگي خان تائين پھتي تھ اھڙا اچي ڏمريا جو ھڪدم حڪم ڪيائون تھ جيڪي بھ جنگ جي ميدان  مان ڀڄي ٻيڙين ۾ چڙھيا آھن، تن کي ھڪدم ھيٺ لاھي ڇڏيو، جيئن ڪوبھ درياھ پار ڪري نھ سگھي، ڀلي تھ اتيئي سندن انت اچي وڃي.

ويچارا بلوچ اچي ڦاٿا تھ پويان سمندر خان باھھ ٻاريو پيو اچي، اڳيان ميرن جي ماڻھن کين ٻيڙين مان ٻاھر ڪڍي درياھھ جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي. آخر ٻي ڪا واھھ نھ ڏسي سمندر خان جي خوف کان ڌوڪيندا درياھھ داخل ٿيندا ويا، جيڪي دشمن جي فوج کان بچي ۽ ڀڄي نڪتا، تن کي پنھنجن جي جبري حڪم تي پاڻ کي درياھھ جي ڪن ۾ ڪيرائڻو پيو، جن کي ڇولين بي موت ماري ڇڏيو.

انھيءَ جنگ ۾ ويچارن بلوچن تي جيڪا قيامت اچي ڪڙڪي، تنھن جو ڪاٿو ئي ڪونھي! شاھھ شجاع جي قھري فوج کان ڪنبي وٺي جو ڀڳا تھ پنھنجو پاڻ کي درياھھ ۾ غرق ڪندا ويا. ڪي جنگ جي باھھ کان جيتوڻيڪ سڪل چپن سان نڙيءَ تائين پاڻيءَ ۾ پھتل ھئا تھ بھ پاڻي پاڻي ٿي ڪيائون. ھنن کي پنھنجي ھورا کورا ۾ پاڻي ئي نظر ڪونھ ٿي آيو. ڪي وري مھاڻن کي آزيون ڪري رھيا ھئا، تھ خدا جي واسطي اسان جي واھر ڪريو، ڪن گھوڙن جا پڇ پڪڙي پاڻ کڻي ٿي سٽيو تھ ڪن وري گھوڙن سان گڏ پنھنجو سر بھ پئي گنوايو، ڪن خرجينون ۽ ٻيا سنج مشڪ وانگي ھيٺان ڪري انھن تي تري پار اڪرڻ ٿي چاھيو تھ اوچتو انھن جي ڇڄي پوڻ سان وڃي تر ٿي ورتائون.

اھڙي ڪاري قيام ھلندي، مير مبارڪ خان ۽ مير جنگي خان جڏھن ڏٺو تھ بلوچن ۾ ڪو دم نھ رھيو آھي، تڏھن ٻيڙيائتن کي حڪم ڏنائون تھ کين غرق ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ بندوبست ڪيو وڃي. جيئن ٻيڙيون اچي پھتيون تيئن بلوچن جي ڄڻ الله ٻڌي، سڀئي ھيڪاندا ٿي ھڪ ٻي مٿان ڪرندا، ٿڙندا وڃي ٻيڙين ۾ پيا. کين سر بچائڻ کان سواءِ ٻي  ڪا سڌ ئي ڪانھ ھئي.

بلوچن جي ايڏي ھار ڏسي نواب احمد خان لغاري، جيڪو سيد غلام مرتضيٰ شاھھ ۽ سيد ڪاظم علي شاھھ جو گھاٽو يار ھو، درياھھ ٽپي بکر واري قلعي کان وڃي کرڙيءَ واري ڪپ تي پھتو. جتي پنھنجن پيارن جي موت تي ماتم ڪرڻ لڳو، پر دشمن جي مقابلي لاءِ پير اڳتي نھ وڌايائين.

فتح محمد خان غوري، محبت خان مري ۽ انھن سان گڏ ٻيا جيڪي لال واھھ ۾ لڪي ويٺا ھئا، مئن وانگي ڄڻ قبرن مان ٻاھر نڪري آيا. اھي ايڏا تھ ھيسيل ھئا، جو چوڌاري نھاريندا، ڏڪندا ۽ ڇرڪ ڀريندا وڃي ٻيڙين ڀيڙا ٿيا، جتان درياھھ ٽپي وڃي سامت جو ساھھ کنيائون ۽ شڪرانا ڪرڻ لڳا.

سمندر خان جنگ ۾ سوڀيارو ٿي، نھايت سرھائيءَ سان ميرن ڏانھن چوائي موڪليو: مون ھيلتائين ٻاھتر جنگيون ڪيون آھن، جن ۾ ڪيئي ڪونڌر ڪيرائي چڪو آھيان. ھيءَ ٽيھترين جنگ ھئي، جيڪا پڻ وڏي سورھيائي سان سر ڪئي اٿم، ھاڻ بھ جنگ جو پڙ پالھو پيو آھي، جيڪڏھن ڪنھن ۾ ڪا جوت ھجي تھ اچي جوھر ڏيکاري، مان بلڪل تيار آھيان.

انھيءَ للڪار کان پوءِ بھ مخالف ڌر مان ڪو اھڙو جوڌو ڪونھ جاڳيو، جيڪو سمندر خان سان اچي سامھون ٿئي ھا، بلڪھ ھر ڪو بلوچن جي مٿان ميارن جو مارو وجھي رھيو ھو، تھ ھنن ڪلر جھڙن مان ڪين ٿيو. پڇاڙيءَ سارو ڏوھھ حيدرآباد جي ميرن تي مڙھيو ويو تھ انھن ئي سڀني کي ڏٺو ڪرايو(1).

*


 

(٤٥)

سمندر خان جي جنگ ۾ مارجي ويل بلوچن جي ماتم جو بيان:

١٢٤٨ھھ (١٨٣٢ع) ۾ خيرپور جي ميرن جي لشڪر جي ھار کائڻ ۽ ڪيترن جنگي جوڌن جي مارجي وڃڻ تي سنڌ ۾ ماتمي ماحول پيدا ٿي ويو، خاص ڪري بلوچن جي گھرن ۾ ڪھرام متل ھو؛ جتي ڪارن ڪپڙن ۾ مٿا اگھاڙا ڪري پاڻ کي ڦٽي ھڪ پاسي مردن ۾ ”ائلي گھوڙا، يا حسين!“ تھ ٻئي پاسي عورتن ۾ وڏي واڪي ھي پار ڪڍيا پئي ويا:

’ھئھ ھئھ جو جوان ھو. جنگ جو پھلوان ھو!‘

انھيءَ ماتمي ماحول جو جيڪڏھن نقش چٽيو وڃي، تھ ھرگز نھ چٽجي سگھجي. سڀ ڪجھھ خدا جي وس ۾ آھي. ھو چاھي تھ ھڪ گھڙيءَ ۾ سارو جھان ويران ڪري ڇڏي. انسان ويچارو ڪجھھ بھ ڪري نٿو سگھي.

خيرپور جا مير انھيءَ پريشاني ۽ پشيمانيءَ جي ڪري وڏي مونجھاري ۾ اچي چڪا ھئا. جيڪڏھن اھي پنھنجي ھوش، عقل کان ڪم وٺي، پنھنجي عاقبت لاءِ ڪجھھ سوچين ھا، تھ کين اِھي ڏکيا ڏينھن ڏسڻا نھ پون ھا.

سمندر خان پنھنجي سوڀ تي نغارا وڄائيندو، توبن جا گولا ڇوڙيندو ۽ شادمانا ڪندو وڃي، شڪارپور کان نڪتو؛ جتي شاھھ شجاع جي درٻار ۾ پھچي، وڏي مان شان سان سرفرازي ماڻيائين. ھن بلوچن سان مھاڏو اٽڪائي جيڪي ڪارناما ڪري ڏيکاريا ھئا، اھي زري پرزي بيان ڪيائين. ان کان اڳ جنھن ڌوم ڌام سان شڪارپور ۾ پير رکيا ھئائين، سا ماجرا بھ واکاڻ جوڳي آھي. جگ ۾ مخالف ڌر جي لشڪر جو جيڪو مال اسباب غنيمت طور ھن کي ھٿ لڳو، تنھن ۾ زربفت جون ٽالپوري ٽوپيون، رنگين شالون، روپن ۽ سونن مٺين ۽ ھٿين جا خنجر ۽ تراريون وغيره ھيون.

شڪارپور ۾ داخل ٿيڻ وقت ھنن ٽالپوري ٽوپيون پنھنجي ٽِڪڻ تي رکيون ۽ سندن تراريون ھٿن ۾ کڻي ھوا ۾ ڦيرائيندا، جنگي ڪرتب ڏيکاريندا، دف وڄائيندا، نچندا ٽپندا ۽ ناٽ نخرا ڪندا وڌندا ويا. شڪارپور جي ماڻھن اھي رونشا ڏسي ڏاڍا ڏک پئي ڪيا ۽ ميرن کي ڏوراپا ٿي ڏنائون، جن جي حماقت سان ملڪ ھن حال تي پھتو ھو.

شاھھ شجاع مھمان ۽ مسافر ھو، تنھن سان نافرمانيءَ وارو رستو اختيار ڪرڻ ميرن جي شان وٽان نھ ھو. ھيءُ تھ مسلمان ھئا، پر جي ڪافر ھجن ھا تھ بھ انھن کان اھو ڪم ڪونھ پڄي ھا. انھيءَ افعالين ميرن کي اھا خواري خجالت ڏسڻي پئي. اھڙيءَ ريت شھرين مان جنھن کي جيڪي ٿي دل ۾ آيو، سو زبان تي آڻي پنھنجو اندر پئي ٺاريائون.

سچ چيو اٿن:

”دنيا ڏاڍي مڪار آھي،

ھر ڪنھن کي فريب ڏيندي ٿي رھي،

جنھن بھ ھن سان دل لاتي،

اھو وڏو احمق ۽ جاھل آھي.

بس رھي نالو الله جو!!“

(٤٦)

سنڌ جي ميرن جو صلح صفائي لاءِ شاھھ شجاع وٽ اچڻ ۽ شاھھ شجاع جو ساڻن صلح ڪرڻ:

سال ١٢٤٩ھھ / ١٨٣٣ع جي صفر مھيني ۾ شاھھ شجاع خيرپور جي ميرن جي لشڪر کي شڪست ڏئي سوڀارو ٿيو. اھا خبر جڏھن حيدرآباد جي ميرن تائين پھتي تھ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ ڀرجي، رات ڏينھن ھڪ ڪري، جنگي سامان ۽ لشڪر گڏ ڪرڻ ۾ لڳي ويا. آخرڪار حيدرآباد مان ھڪليندا، شاھھ شجاع جي مقابلي لاءِ منزلون ھڻي اچي لاڙڪاڻي پھتا، جتي خيرپور جي ميرن اچي ساڻن پاڻ ڳنڍيو.

انھيءَ دوران ڪيئي ڪوڙيون سچيون خبرون پکڙنديون رھيون، پر شاھھ شجاع انھن کي ھڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ٿي ڇڏيو. پاڻ نھايت دلجاءِ سان خدا جي ڀروسي چار ھزار پيادن ۽ سوارن جي لشڪر ۽ اٺن توبن سميت شھزادي واري باغ مان نڪري، اچي شڪارپور شھر لڳ شاھي باغ ۾ منزل انداز ٿيو.

ھوڏانھن مير صاحبان بھ لاڙڪاڻي مان ھلي، درياھھ جو پاسو وٺي آھستي آھستي پنڌ ھڻي اچي مدئجي ۾ پاڻ کي رسايو. ساڻن گڏ ٻيڙيون بھ ھيون، جيڪي انھيءَ ڪري درياھھ مان ڇڪائيندا آيا تھ متان ڪٿي انھن جي ڪا ضرورت پئجي وڃي. سندن خيال ھو تھ ڪڏھن ائين بھ ٿئي ٿو تھ ٿورائيءَ وارا گھڻائيءَ وارن تي چڙھائي ڪري فتحمند ٿي ويندا آھن. خدا ائين بھ ڪندو آھي، سو جيڪڏھن ٻيو نھ تھ اھي ٻيڙيون ڀڄڻ وقت ڪم اچي سگھن ٿيون ۽ شڪست جي مصيبت کان اڳواٽ ڇوٽڪارو ملي سگھي ٿو.

اھي پور پچائيندا، ھي اچي شاھھ شجاع جي ويجھڙ ۾ پھتا، (پر جنگ جو ارادو بدلائي) صلح لاءِ آتا ٿي پيا. ان لاءِ پير ميان نظام الدين ۽ پير ميان غلام محي الدين سرھندي(1) کي اڳ ۾ ڪري، شاھھ شجاع وٽ موڪلڻ لاءِ سوچيائون.

پير صاحبن سندن چوڻ تي شاھھ شجاع وٽ وڃي سڄو احوال بيان ڪيو. ھو ھيڪر تھ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو، پر پوءِ پير صاحبن کي ڏسي، دور انديشي جي ڪري، کانئن منھن نھ موڙي سگھيو ۽ صلح لاءِ تيار ٿيو. پوءِ پنھنجن ماڻھن، محمد شريف خان، ضبط بيگي ۽ قاضي محمد حسن(2) کي جناب پير صاحبن سان ميرن ڏانھن موڪلڻ لاءِ مقرر ڪيائين.

ھي اتي ويا تھ شروعات ۾ ميرن مٿينءَ دل سان ميارن ۾ منھن وڌو، پر پوءِ ھو حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺندي اوڀارين لھنوارين ۾ اچي پيا ۽ نيٺ اصل ڳالھھ تي آيا. ٿوري گھڻي بحث کان پوءِ پنھنجي معتبر بھادر خان کوکر کي شاھھ شجاع ڏانھن موڪلڻ جي صلاح ڪيائون، جيڪو سردار سمندر خان سان گڏجي شاھھ شجاع ڏانھن ويو. ھيءُ ٻئي پاڻ ۾ وڌيڪ گھرا ھئا، ان ڪري بھادر خان کي اھو خيال دل ۾ آيو.

شاھھ شجاع ڳالھين ٻڌڻ کان پوءِ اھو شرط وڌو تھ ميرن کي چار لک رپيا خرچ روڪ ۽ بار برداريءَ لاءِ پنج سؤ اٺ الڳ ڏيڻا پوندا. تنھن کان سواءِ وڌيڪ ھڪ لک رپيا، ناف مالي(1) جي عيوض، شاھھ شجاع جي خانن ۽ اميرن کي بھ ڏيڻ ۾ ايندا. پڇاڙيءَ ۾ ميرن جو خاص ماڻھو (بھادر خان کوکر) سنڌ کان قنڌار تائين شاھھ شجاع جي قافلي سان گڏجي ھلندو، (تڏھن ئي ميرن جي پچر ڇڏي ويندي.) بھادر خان سان پورا ھڪ سو ميرن جا سوار ساڻ ھوندا.

ميرن (جند ڇڏائڻ لاءِ) اھي سڀ شرط قبول ڪري، ڏوڪڙن سان گڏ اٺ وغيره وٽس پھچائي، کيس (شاھھ شجاع کي) سنڌ مان خراسان روانو ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ مير (خير سلامتي جا شڪرانا ادا ڪندا) پنھنجي بنگلن جھڙين شاھي ٻيڙين ۾ چڙھي، درياھھ جي موجن ۾ موجون ڪندا روانا ٿيا. ھڪڙن حيدرآباد جو سفر اختيار ڪيو تھ ٻيا خير سان اچي خيرپور ڀيڙا ٿيا.

دنيادار المڪافات آھي، ھتي جيڪي پوکبو، سوئي لڻڻ ۾ ايندو:

(جنھن بڇڙائي جو ٻج ڇٽيو ۽ نيڪيءَ جي اميد رکيائين، تنھن جو دماغ خراب ۽ سندس خيال باطل آھن.)

ميرن پھريون ڀيرو (جيئن اڳ بيان ٿي آيو) سردار محمد عظيم خان ڀيري قسم ساک جي باوجود شاھھ شجاع کي ڌوڪي ڏيڻ ۾ ڪوبھ لحاظ ڪونھ ڪيو، جنھن جو نتيجو اجھو اھو ڏٺائون، ھڪ پاسي خيرپور جا مير شڪست کائي شرمندا ٿيا، تھ ٻئي طرف پنھنجا سرڪردار ماڻھو مارايائون. پڇاڙيءَ ۾ ڏنڊ ڏوھھ ڀري اٺ ۽ روڪ ڏوڪڙ ڏيئي، پنھنجا پراوا پاڻ تي کلائي دنگ ڪيائون. اھا سوچ جيڪڏھن اڳ ۾ ڪن ھا تھ ڪھڙو نھ چڱو ٿئي ھا! سياڻن ڪھڙو نھ سچ چيو آھي:

”پھريان سوچي، پوءِ ڪو ڪم ڪيو وڃي.“

جيڪڏھن مير اڳواٽ ئي شاھھ شجاع جي خواھش مطابق کيس اٺ ڏئي روانو ڪري ڇڏين ھا تھ ھيستائين ڳالھھ نھ رسي ھا، جيڪا تمام خواريءَ ۽ خجالت واري ثابت ٿي چڪي، ٻيو تھ جيڪا بھ ڳالھھ اعتدال جي حد ٽپي ٿي وڃي، تنھن ۾ ڪيئي اوڻايون اچي وڃن ٿيون.

سنڌ جا مير، جنھن زماني ۾ خراسان / افغانستان جي بادشاھن جي ڍل ڀريندا ھئا، تڏھن سڄي سنڌ باغ بھار لڳي پئي ھوندي ھئي ۽ روز بروز ھن جي واڌ ويجھھ ٿيندي ٿي رھي، ايتري قدر جو ميرن جي ان حڪومت جي سک مان خاص عام خوش ٿيندو پئي آيو ۽ پاڻ بھ خوش گذاريندا ٿي آيا.

جڏھن خراسان / افغانستان جي بادشاھت  پنھنجي ڪرتوتن سبب ڏچي ۾ پئجي ويئي تھ ڪيئي فتنا ۽ فساد اتان جي سلطنت ۾ نروار ٿيندا ويا. سنڌ جي ميرن کي جو موقعو مليو تھ ھڪدم کڻي شڪارپور ۾ ھٿ ڳنڍيائون، جيڪو تڏھن خراسان افغانستان جي ھٿ ھيٺ ھو.

ھنن چورن، ڦورن ۽ ڌاڙيلن کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو، جن وڃي شڪارپور جو دروازو جھليو ۽ چوڌاري جيڪي غريب غربا ھئا، تن کي لٽي ڦري ڀينگ ڪري ڇڏيائون. ايتري قدر جو شڪارپور جا سڀ ٻاھريان علائقا پنھنجي ھٿ ۾ آڻي، باقي وڃي شھر جي قلعي جون(1) چار ڀتيون رھايائون، جن ۾ بھ سندن اکيون ھيون تھ ان کي بھ ڪڏھن ھٿ ڪري رھنداسين. نيٺ نوبت وڃي ايستائين رسي، جو خالصي (رنجيت سنگھھ) جي حملي جي بھاني سڄو شھر پنھنجي قبضي ڪري ورتائون.

شھر کي قبضي ۾ آڻڻ کان پوءِ ھنن کان ڪنھن بھ قسم جي ڪا چڱائيءَ ۽ چڱ مڙسي ڪانھ پڳي، بلڪھ ھر سال ان تي ھڪ نھ ٻي مصيبت نازل ڪرائڻ جا سبب پيدا ڪندا رھيا. پڇاڙيءَ ۾ شڪارپور تھ تاراج ٿي پر سنڌ بھ ان جي طفيل برباد ڪري ڇڏيائون. ڪنھن چواڻي: ’حرص شوم حريص محروم‘ ھوندو آھي، سو ھتي بھ اھا ماجرا ٿي.

ميرن جيئن حرص ھوس ۾ منھن وڌو، تيئن سندن بدقسمتي ۽ بي برڪتيءَ جا اھڃاڻ اڀرندا ويا. آخرڪار سندن حالت وڃي اھا ٿي، جو ھنن جي گھوڙن جا طنبيلا ڀينگ ٿي ويا ۽ منجھن ڪو داڻو باقي نھ رھيو ۽ ھنن جو گھوڙن جا توبرا اڌ رات منجھھ رات بازار ۽ دڪانن تي رلندا ٿي رھيا.(1)

*


 

(1) ڶڎۑ، ڷڟإڶإڼۑ، ضڵبإڼۑ ۽ بإڥڎإڼۑ ښث بڵۆغ ڤبۑڵإ ێیإ. ضڷێڷ ڶإڷ ڟإێڎ حیۑ حۆ جێ ڶۑڎڷ ښإڷ بڵۆغڷ ضۆ ڧێڎۆ ڵإکإصۆ ێۆ ضڷ ښڷڈڷ ښإح صیۑ ڊڷۆ.

(1) ڵڤڶإڷ ضۆ ڛێڎ، ضۑڥۆ كۑڎصۆڎ ضۑ ڵک یۑ آێۑ، إێۆ ڵڤڶإڷ كإڷ خإڵصۆڎ ١٧٨٥ڠ ۾ تډإۑۆ ێۆ.

(ښڷډ ڧڐۑخۑیڎ ٨٣٥).

(1) ڦڎڏۑ٪ ۆإڎۑ ضڷڧ، ضۑڥإ ڛڥإڎصۆڎ ڦإڷ غۆۆۑێڷ (٢٤) ڶۑڵڷ ضۑ ڶڢإڜڵۑ جۑ ښڦڎ ۾ ڵکۑ ێیۑ، إّڷێۑ٪ بإبج ڶقجڎڶ ڶۆڵإیۑ ڛۑڈإیۑ ڵڦۑ حۆ جێ: ڛإێێ ڛضإڠ، ضڷێڷ ڦۑ ڶۑڎڷ ڛڥإڎصۆڎ ۾ ڶێڶإڷ ڞۆڎ ڎێإۑۆ ێۆ، ڶۑڎ ڶڎإڈ ڠڵۑ ضۑ ۆڢإج ڦإڷ صۆ٭ ښۑڈ ڥإڟڶ ڠڵۑ ڛإێێ ڦۑ ڛڥإڎصۆڎ ڶإڷ ڵۆډۑ صإڼ ڛێڎ ضۆ ڶإڵڥ حۑ ۆۑسۆ، ضڷێڷ جإڷ قۑڈڎآبإڈ ۽ كۑڎصۆڎ ضۑ ڶۑڎڷ إڎڏێڷ (١٨) ێڐإڎ ڵڛڥڎ ڥسۆ ڥڎۑ ڛڥإڎصۆڎ جۑ ڥإێێ ڥیۑ ۽ إێإ ضڷڧ ڛڎۆڠ حۑ.

ڛإێ ڛضإڠ ضۑ ڜڎڢ خڷ ێڐإڎڷ ڢۆضۑڷ ڦإڷ خإڵصۆڎۑ ڢۆض ڛڥښج ڦإیۑ ۆۑیۑ، ضڷێڷ ۾ ڥإڟڶ ڠڵۑ ڛإێێ ۽ ڧۆڵۑ ڛإێێ ڶإڎضۑ ۆۑإ، آكڎڥإڎ ښۑڈ إښڶإڠۑڵ ڛإێێ ضۆ ڶڠڎڢج تڷێۑ ډڎۑڷ ۾ ڜڵق حۑۆ. ڛإێێ ڛضإڠ تإڎێڷ ڵڦ خإڵصۆڎۑ ڎصۑإ ۆسۑ ڵډۑإڷۑ ڎۆإڷۆ حۑ ۆۑۆ. ێۑ۝ ۆإڤڠۆ ١٨٣٣ڠ ضۆ آێۑ.

”ڛڥإڎصۆڎ ڜڈۑڷ ڦإڷ، ڶقجڎڶ ڷڤڛ ڷإۑإب ڶڷڧۑ ڜ ٦٦. خإڵصۆڎڷ ضۑ ڶكجڜڎ جإڎۑك، ڶۆڵإیۑ ڛۑڈإیۑ ضۑ قۆإڵۑ ښإڷ. ۆډۑڥ ڵإ٭ ڊښۆ جڠڵۑڤإج ڛإێێ ڛضإڠ ضۑ بۑإڷ صۆۑإڷ. ڶجڎضڶ.

(1) ڊښۆ جڠڵۑڤ ڷڶبڎ ١.

(2) ڊښۆ جڠڵۑڤ ڷڶبڎ ٢٧.

(1) ڷإڢ ڶإڵۑ (ښڷډۑ٪ ۾ جێ إڷ ضۑ ڵڢڟۑ ڶڠڷۑٰ ڈّڷ ڶێخ حیۑ حۑ) جڷێڷ ڐڶإڷۑ ۾ ڊإڌإیۑ٪ ضۑ ڵس ښإڷ ۆڜۆڵۑ٪ ڦۑ غیبۆ ێۆ. إێۆ ڊڷڋ ڷإڢ ڶإڵۑ٪ ڦإڷ ښۆإ٭ ښڎغڎ بۑبۑ بۑ بڎۆج ۆڡۑڎۏ ضۑ ڷإڵۑ ښإڷ ۆڜۆڵ ڥۑۆ ۆۑڷڈۆ ێۆ، ضڷێڷ ضۑ ڶإڵۑج صڷضإێێ ێڐإڎ ڎۆصۑڷ جإیۑڷ ێۆڷڈۑ ێیۑ. ڶجڎضڶ.

(1) ڛڥإڎصۆڎ ضۑ ڤڵڠۑ بإبج ڊښۆ جڢڜۑڵۑ إقۆإڵ ڛڥإڎصۆڎ ضۑ بۑإڷ ۾. ڶجڎضڶ.

(1) ڛإێێ ڛضإڠ، صڷێڷضۑ ۆإڤڠإج ۾ صڎإڼڷ ڷإجڷ ضۆ ڍڥڎ ڥڷڈۑ، ڜ ٨٤ جۑ ڵڦۑ حۆ جێ ”إښإڷ ١٤ ڎڶڝإڷ ١٢٤٩ێێ / ١٨٣٤ڠ ډإڎۑ، ڵإڏڥإڼۑ ڊإڷێڷ ڎۆإڷإ حۑ إغۑ صێڎۑڷ٪ ڶڷڐڵ جۑ صێجإښۑڷ جێ ڶۑڎ ڷۆڎ ڶقڶڈ كإڷ ۽ ڶۑڎ ڶقڶڈ ڷڜۑڎ كإڷ، ڶۑڎ ڶڎإڈ ڠڵۑ كإڷ ضإ صخ (ضۑڥۆ صڷێڷضۑ قۑإجۑ٪ ۾ إښإڷ ښإڷ غڪإ صۑڎ ڦڼڷڈۆ ڎێۑۆ)، ضۑجۆڼۑڥ إێۑ تیۑ ڛڎۆڠإج ۾ إښإڷ ڦإڷ ڥضێێ صسۑڎإ حۑ ۆۑإ ێیإ، جڊێڷ بێ ڶحڷ ڥإ ڶۑإڎ ڷێ ێیۑ؛ فإڥإڼ جێ إیۑڷ ڥڎڼ ښإڷ كۑڎصۆڎ ضۑ ڶۑڎڷ ڦۑ ڊڦ ڎښۑ ێإ. ێڷڷ ڦۑ ڠڐۑڐڷ ضۑ إڷێۑ٪ صإښڈإڎۑ٪ ضۆ قڤ بێ ێۆ، ڶڧڎ إکجۑ ێڵۑ تڷێۑ ثإیڎڷ آیۑڷڈۑ ضۑ ښۆغ ڥڷڈۑ صڷێڷضۑ صۑ۝ ۆإڷڧۑ إښإڷ ضۆ ڊإڌۆ ڵقإڟ ڥۑۆ ۽ إښإڷ ښإڷ ښسۆ ښڵۆڥ ڥڎڼ ڵکإ.“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org