(٣٦)
سنڌ ۾ احمد شاھھ غازي (سيد احمد شھيد) جي آمد، عام
خاص ماڻھن کي جھاد جي دعوت ڏيڻ، وري ھتان خراسان
(افغانستان) ڏانھن روانو ٿيڻ:
سال ١٢٤٠ھھ (١٨٢٤ع) ڌاري سيد احمد شاھھ غازي دائمي
سعادت ۽ ابدي حياتي ماڻڻ جي خواھش مطابق ان آيت
ڪريمھ تي
جنھن ۾ جھاد بابت تاڪيد ٿيل آھي، عمل ڪندي ھندستان
جي علائقي بريلي مان جھاد جو جھنڊو بلند ڪري ڪافرن
۽ سکن کي سيکت ڏيڻ لاءِ مسلمان مجاھدن جي ھڪ مختصر
جماعت سان سنڌ ۾ اچي وارد ٿيو.
ھتي سنڌ جي ميرن، پيرن، سيدن، عالمن ۽ عام خاص
ماڻھن کي (جيڪي اھل اسلام ھئا) ڪافرن ۽ سکن سان
جھاد جي دعوت ڏنائين. ليڪن سنڌ مان ڪنھن بھ،
پنھنجي بي ھمتي ۽ شھوت پرستيءَ جي ڪري، کيس ڪا
اھميت نھ ڏني. ماڻھن کي جھاد جي سعادت حاصل ڪرڻ جو
شوق تھ رھيو پنھنجي ماڳ، اٽلندو مٿس فريب ڪاري جو
الزام لڳائي ڪيئي ڳالھيون ڪرڻ لڳا. ڪنھن کيس وھابي
ٿي ڪوٺيو تھ ڪنھن مٿس انگريزن جي جاسوس ھئڻ جي
تھمت پئي مڙھي.
سندس مجاھدن جي مختصر جماعت ڏسي ڪنھن کي اعتبار ئي
نٿي آيو تھ مٺِ جيترا ماڻھو ڪي اڪ ڪارا ڪندا.
اھي وايون ٻڌي سيد احمد سڌو پير صبغت الله
(پاڳاري) ڏانھن ويو. اتي پنھنجا ٻار ٻچا ڇڏي وڃي
شڪارپور نڪتو ۽ سيد ڪاظم علي شاھھ جو مھمان ٿيو،
جنھن ھن کي چڱي عزت ڏني.
پاڻ سيد ڪاظم علي شاھھ سان ڪچھريون ڪندي قرآن ۽
حديث جي روشني ۾ ڪافرن ۽ سکن سان جھاد ڪرڻ جي
تلقين ڪيائين. پر ھن ساڻس وعدو ڪيو تھ آءٌ وقت اچڻ
تي مجاھدن سان گڏجي ڪافرن جو مقابلو ڪندس.
ليڪن سيد ڪاظم علي شاھھ حڪمرانيءَ جي عشق ۾ ايڏو
تھ محو ھو، جو جھاد جي سعادت حاصل ڪري نھ سگھيو.
ھيءُ رڳو جھاد جي ڳالھين ۾ پاڻ کي سوڀارو سمجھندو
رھيو. پر اوڏاھين وڃڻ جي نھ ڪيائين. نيٺ سکر واري
جنگ ۾ مارجي ويو، جنھن جو ذڪر سکر جي جنگ جي
داستان ۾ ايندو. شڪارپور کان پوءِ ھو جڏھن خراسان/
افغانستان وڃڻ لڳو تھ رستي ۾ جيڪب آباد ۽ بولان
واري لڪ جي وچاڳ تي ڪڇيءَ ۾ لھي قلات جي والي ۽
ٻين وڏن ماڻھن سان ملي انھن کي بھ اسلام جي قانون
موجب جھاد جي دعوت ڏنائين، پر جيڪو بھ ھن جي
انھيءَ ارادي کان واقف پئي ٿيو، تنھن ساڻس ساٿ ڏئي
جھاد ۾ شريڪ ٿي شھادت جي سعادت حاصل ڪرڻ بدران
مخول سمجھي مٿس ٺٺوليون ٿي ڪيون.
ڪڇيءَ مان اھي پار پسي احمد شاھھ قنڌار ڏانھن ڌيان
ڏنو ۽ اتان جي سردارن سان ملڻ جو ارادو ڪري کين
جھاد لاءِ تيار ڪرڻ جي سوچ ۾ نڪري ھليو. اتي پھچي
اميرن، سيدن، عالمن، مشائخن توڙي عام خاص مسلمانن
کي جھاد جي دعوت ڏنائين، ليڪن قنڌاري عالم ھن جي
اھا دعوت سراسر عداوت تصور ڪندي ساڻس مسئلن جي ڏي
وٺ ۾ لڳي ويا. ھنن منطق، معاني، اصول، فروع، صرف و
نحو، فقھھ تفسير کان وٺي حديثن ۽ ٻين علمن تائين
بحث مباحثا ھلائي احمد شاھھ غازي جي جھاد سان سنمک
ٿيڻ کان ڄڻ نابري واري ڇڏي.
انھن جي اھا چٽاڀيٽي ڪيئي ڏينھن ھلندي رھي. سيد
صاحب پاڻ سان ڪي نھايت قابل عالم ساڻ ڪري ھليو ھو،
جن سان قنڌاري عالم ڪونھ پڄي سگھيا. تڏھن بھ جھاد
جي لاءِ قائل ڪونھ ٿيا. سيد آخر اتان بھ لڏو پٽيو
۽ ڪابل ڏانھن رخ رکيائين. واٽ تي ھر ڪنھن مسلمان،
مومن ۽ صادق کي جھاد جي دعوت ڏيندو ويو. ڪابل
پھچندي اتان جي سيدن، عالمن، مشائخن، رئيسن ۽ عام
خاص مسلمانن ڏاڍي عزت ۽ محبت سان اچي ساڻس
ملاقاتون ڪيون. انھن ڏينھن ۾ ڪابلي سردار ھڪ ٻئي
جي قتلام ۾ ڇتي ويڙھھ ۾ رڌل رھڻ ڪري ڪجھھ ٻڌڻ لاءِ
تيار نھ ھئا. ھيڏانھن سيد صاحب ھنن کي پان ۾ وڙھڻ
کان روڪڻ لاءِ گھڻيئي وس ڪيا، پر وريو ڪجھھ بھ
ڪين. آخر چاليھارو ڏينھن جي مٿا ڪٽ کان پوءِ ھو
ڪابل کان پشاور ڏانھن وريو، انھيءَ سفر ۾ بھ
مسلمانن کي جھاد جي دعوت ڏيندو وڃي پار پيو.
سيد صاحب پشاور پھچي ماڻھن سان مليو ۽ ھنن کي جڏھن
جھاد جي دعوت ڏنائين تھ سندس پذيرائي شروع ٿي. ٽن
ڏينھن کان پوءِ پشاور کان ڏھھ ميل اتر طرف اشنگر
ڏانھن ويو. ھتي يوسف زئي پٺاڻن جي رھائش ھئي. اتي
بھ ڪي ڏينھن رھي مسلمانن کي ڪفر ۽ فساد خلاف جھاد
جي تلقين ڪيائين. خدا جي قدرت سان ھن پاسي جا ڪيئي
مومن اوري پري کان جھاد جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ
اچي سيد صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. پاڻ اتان روانو
ٿي وري خويشگي
واري ھنڌ تي آيو، جتان ٿي نوشھري صوبي سرحد پھچي
ڪي ڏينھن اتي ترسي پيو.
انھيءَ وچ ۾ خالصھ سنگھھ
(رنجيت سنگھھ) جي پٽ شير سنگھھ جو لشڪر، جنھن ۾
ڇھھ ست ھزار سپاھي موجود ھئا، رنجيت سنگھھ جي
ڀائٽي ٻڌ سنگھھ جي سربراھي ۾ اڪوڙھھ
وٽ اچي رسيو.
جيتوڻيڪ مجاھدن ۽ سکن جي وچ ۾ لنڊي
درياھھ ھو، تڏھن بھ مجاھدن اسلامي حميت ۽ ايماني
غيرت وچان رات ئي رات درياھھ ٽپي وڃي سکن ۾ ٽاڪوڙا
وڌا. ھيءُ جمادي الاول ١٢٤٢ھھ
/
١٨٢٧ع جو واقعو آھي. سکن جي لشڪر تي ڪاھھ ٿي تھ
سندن ڪيئي سپاھي مارجي ويا ۽ ڪيترا زخمي ٿي پيا.
پڇاڙيءَ انھن وٽ جيڪو قيمتي سامان ھٿيار پنوھار
اٺ، گھوڙا وغيره ھئا، سو سڀ لٽي ڦري پاڻ سان کڻي
آيا.
وري ڪن ڏينھن کان پوءِ مجاھدن اباسين
درياھھ پار ڪري حضرو تي ڪاھھ ڪئي
جتي بھ سکن جو ڪافي لشڪر ماريو ويو. باقي جيڪي
بچيا، تن کي ٻڌي سوگھو ڪيو ويو. ھن ڀيري ڀرپاسي
وارن ماڻھن بھ ميدان ۾ اچي ڪافي مال ميڙيو ۽ اناج
ھٿ ڪيو، جيڪو بيان کان ٻاھر آھي.
شير سنگھھ جو لشڪر مجاھدن جو زور ڏسي ڏڪي ويو. ھڪ
ھنڌان تڏو پٽي وڃي ٻي جاءِ تي ٿي ويٺو. جتي چوڌاري
مورچا پئي ٺاھيائين. اھي خوشخبريون ٻڌي عالمن،
پيرن ۽ سيدن توڙي ٻين کي پڪ ٿي تھ برابر ڪفر ۽
فساد کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ ڪم ٿي رھيو آھي. ھاڻ مناسب
آھي تھ شرعي تقاضا موجب امام جو انتخاب عمل ۾ آندو
وڃي، جو ان جي موجودگيءَ ۾ سڀڪجھھ ڪري سگھجي ٿو.
ان لاءِ سيد احمد جي بيعت لازمي تصور ڪرڻ ۾ آئي.
انھيءَ فيصلي مطابق ١٢ جمادي الثاني ١٢٤٢ھھ/١٨٢٦ع
ڌاري ماڻھن سيد موصوف جي ھٿ تي بيعت ڪئي ۽ سندس
نالي خطبو جاري ڪيائون.
ان کان پوءِ مومنن، صادقن ۽ مجاھدن جا ٽولا اچي
جھاد ۾ شريڪ ٿيندا ويا.
اسان لا تعلق، شھادت جي اميد تي زنده آھيون،
اسان لاءِ ھميشھ واري حياتي ڏاڍي ڏکي آھي.
*
نوٽ: وھابي تحريڪ جو بنياد محمد بن عبدالوھاب
١١١٣- ١٢٠١ھھ مطابق ١٧٠١، ١٧٨٧ع ڌاري نجد
(عربستان) ۾ رکيو. محمد مذڪور عرب جي بني سينان
تميمي قبيلي مان ھو. ديني اعمال جي لاءِ حديث ۽
قرآن جي پيروي جو تاڪيد ڪندو ٿي رھيو. ھن جي جماعت
نجد ۽ عربستان ۾ سياسي تحريڪ جو رخ اختيار ڪري
آخرڪار سعوديھ عربيھ جي حڪومت کي پنھنجي لھھ وچڙ ۾
آندو.
دائرة المعارف اسلامي جي حوالي سان. – حبي
(٣٧)
پشاور جي ناظم يار محمد خان بارڪزئي جو سيد احمد
سان مقابلو ڪرڻ ۽ قتل ٿي وڃڻ(1)
۽ سيد احمد جو يار محمد خان جي ڀائرن کان پشاور
کسڻ:
سيد احمد وٽ جڏھن حد کان وڌيڪ مجاھدن جو لشڪر گڏ
ٿي ويو تھ پشاور جي ناظم سردار يار محمد خان
بارڪزئي (جنھن کي سيد احمد سان مقابلي ڪرڻ سبب يار
سنگھھ جو لقب ڏنو ويو) جي دل ۾ اچي خناس وارا
وسوسا پيدا ٿيا. ھن خار کائيندي مسلماني غيرت ڇڏي
خالصھ سنگھھ جي چوڻ تي لڳي لشڪر گڏ ڪرڻ جي تياري
ڪئي. ان لاءِ يوسف زئي پٺاڻن وٽ وڃي انھن کي
ڀڙڪائي، مجاھدن کان ڦيري پنھنجي پاسي ڪيائين.
افسوس آھي اھڙي مسلماني تي جو ايماني ھدايت کي پٺي
ڏئي خالصھ سنگھھ جي چوڻ تي لڳي پاڻ کي ڏسي وائسي
ٻوھي ۾ وجھي ڇڏي اھو ڪھڙو اسلامي آئين آھي؟
آخرڪار يار محمد خان انھيءَ جنگ ۾ قتل ٿي ويو ۽
سيد احمد جي سوڀ ٿي جيڪو حق تي ثابت قدم ھو. يار
محمد خان جيڪو خالصھ سنگھھ جي چئي تي لڳي ڪوڙ تي
سندرو ٻڌي بيٺو، پنھنجي عملن جي سزا ڏسي چڪو
سيد احمد، يار محمد خان جي قتل ۽ سندس لشڪر جي
شڪست کان پوءِ، مجاھدن جي وڏي ڪٽڪ سان پشاور ۾
داخل ٿيو. تنھن کان پوءِ بالاحصار واري قلعي تائين
پھچي يار محمد خان جي ڀائرن، سلطان محمد خان ۽ پير
محمد خان، سان سخت چڪريون ڏنائين. ھنن بھ مقابلو
چڱو ڪيو، پر ٻن ڳالھين جي ڪري ميدان ۾ بيھي نھ
سگھيا! ھڪ تھ ھو پنھنجي ڀاءُ يار محمد خان جي قتل
سبب ماتم ۾ پورا نھ ٿي پيا، ٻيو وري ھن پاسي سيد
احمد دينداري جي مھم ۽ جھاد جو علمبردار ھو.
ويتر جو يار محمد خان کي ماڻھن يار سنگھھ جو لقب
پويان لائي ڇڏيو تھ ھنن کي بھ پنھنجي عاقبت اڳيان
آئي. نيٺ بالاحصار ڇڏي پشاور جي ڏکڻ ۾ مھمند قبيلي
جي ارباب فيض الله خان وٽ وڃي سام پيا.
ارباب فيض الله خان جي سيد احمد سان عقيدت واري
واٽ ھئي، ان ڪري ھنن کيس وچ ۾ آڻي سيد احمد سان
صلح ڪرڻ ۽ ملڻ جو سانباھو ڪيو. ارباب فيض الله
ٻنھي ڌرين جي پرچاءُ لاءِ سيد احمد جي دعوت ڪئي.
جڏھن پاڻ وٽس آيو تھ دعوت ھلندي فيض الله خان ٻنھي
ڀائرن سلطان محمد خان ۽ پير محمد خان کي سيد وٽ
وٺي آيو، جنھن جي اڳيان پشيمان ٿي معافي ورتائون ۽
آئيندي لاءِ قسم ساک تي کيس وعدو ڏنائون تھ اھڙو
ڪوبھ فتنو فساد ڪونھ کڙو ڪيو ويندو. ھر حالت ۾ سيد
جي تابعداري ڪندي دين جي دشمنن سان جنگ ڪرڻ ۾ پورو
ساٿ ڏنو ويندو.
سيد احمد کي جيئن تھ مسلمانن جي بربادي نھ ڪرڻي
ھئي نھ وري پشاور قبضي ھيٺ رکڻ جو کيس ڪو ارادو
ھو، ان ڪري انھيءَ ٺاھھ کان پوءِ پشاور ساڳين يار
محمد خان جي ڀائرن کي واپس ڏئي ڇڏيائين. ھنن جي وچ
۾ اھوئي معاھدو ٿيو تھ ھر حالت ۾ شرعي احڪام جي
پيروي ڪئي ويندي ۽ دين جي علمبردارن سان لاڳاپو
قائم رھندو. ملڪ جا سمورا مسئلا ڍل کان وٺي حڪومت
ھلائڻ تائين سيد احمد صاحب جي صلاح سان نبيرڻ ۾
ايندا. اھي انجام اقرار ڪري سيد صاحب کي راضپي ۾
آندائون. سيد صاحب مولوي احمد علي کي شرعي نظام
ھلائڻ لاءِ اتي مقرر ڪيو ۽ پاڻ پنھنجي جماعت سان
گڏ يوسف زئي قبيلي وارن جي ماڳ تي آيو، جتي جھاد
جي لاءِ ماڻھن کي تربيت ڏيڻ لڳو، جيڪي وڏي تعداد ۾
آس پاس کان شھادت جي شوق ۾ اچي اتي گڏ ٿيا ھئا.
*
(٣٨)
پشاور ۾ مولوي احمد علي کي سلطان محمد خان ۽ پير
محمد خان جو دعوت ۽ فريب ڏئي قتل ڪرڻ:
١٢٤٢ھھ (١٨٢٦ع) ۾ سيد احمد شاھھ پشاور جي حڪومت
سلطان محمد خان ۽ پير محمد خان جي حوالي ڪري وڃي
يوسف زئي قبيلي ۾ ويٺو. جتي ٻھ سال پشاور جي حڪومت
جو انتظام مٿين ٻنھي ڀائرن جي ھٿ ھيٺ رھيو. باقي
شرعي مسئلا مولوي احمد علي نبيريندو ٿي آيو. ظاھر
۾ تھ اھو چرخو ائين پئي ھليو، پر ھيءُ ٻئي ڀائر
(سلطان محمد خان ۽ پير محمد خان) اندر ئي اندر
پڄرندا ٿي رھيا تھ ڪيئن بھ ڪري سيد احمد کان آجا
ٿي اڪيلي سر حڪومت ھلائڻ جھڙا ٿين. آخر سازش ڪري
بالاحصار ۾ ارباب فيض الله خان سان گڏ مولوي احمد
علي کي دعوت تي گھرايائون. ماني کائڻ کان پوءِ
جڏھن سڀئي آرام سان ويٺا تھ دستوري طرح چانھھ جو
دور ھليو. ھيءُ جيئن چانھھ پيئڻ لڳا تھ اچانڪ حملو
ٿيو، جنھن ۾ مولوي احمد علي سان گڏ ارباب فيض الله
خان کي بھ قتل ڪيو ويو. ھنن (سلطان محمد خان ۽ پير
محمد خان) ارباب فيض الله خان جو اھو احسان وساري
ڇڏيو، جيڪو ھن آئيءَ ويل ھنن سان ڪيو ھو، جڏھن
ھيءَ ٻئي سيد احمد کان شڪست کائي وٽس اچي سام پيا
ھئا. آخر انھيءَ جزا لائق ٿيا:
جنھن ڄاڻي واڻي ڪنھن مؤمن کي ڪٺو،
سو جھنم داخل ٿيڻ جي جٺ ڀوڳيندو.
اھڙيءَ ريت ھو ھيڪاندي حڪومت ھٿ ڪرڻ سان گڏ پنھنجي
ڀاءَ يار محمد (يار سنگھھ) جو پلاند بھ وٺي خوش
ٿيا.
سيد احمد اھا خبر ٻڌي ھنن جي دغا تي ڏاڍو پريشان
ٿي ويو ۽ مولوي احمد علي جي انتقام جو ٿي سوچيائين
تھ رنجيت سنگھھ جو پٽ شير سنگھھ وڏي پيماني تي
پنھنجو لشڪر چاڙھي سندس مقابلي لاءِ اچي ويو. ٻنھي
طرفن کان جنگ شروع ٿي، ھيڏانھن مجاھدن شير سنگھھ
جي لشڪر ۾ گھڙي ڪوس پئي ڪيا تھ ھوڏانھن انھن جو
ھنن ۾ ڪٽڪو وڌل ھو. آخر مجاھدن جو گھڻو تعداد قتل
ٿي چڪو. تنھن سان گڏ سيد احمد ۽ مولوي محمد
اسماعيل جيڪو جھاد جو ناظم ۽پيش امام ھو، ٻئي
شھادت جو جام پي پنھنجي دل جي مراد پوري ڪري ويا.
بيشڪ ڀاڳ وارا آھن اھي شخص، جيڪي اڌاري حياتي جي
روڪڙ ابدي حياتي جي موڙي ۾ ڏئي پاڻ کي حق جي راھھ
۾ سرخرو ڪن ٿا. ھن آيت جي مضمون مطابق:
و تجاھدون في سبيل الله باموالڪم وانفسڪم الخ
سيد جي شھادت کان پوءِ ڪيئي ڳالھيون عام طور مشھور
ٿي ويون. ڪن ٿي چيو ھو مري ڪونھ ويو آھي، پر فلاڻي
جبل تي آرام پيو ڪري تھ ڪي پيا چون: فلاڻي جاءِ تي
مجاھدن کي گڏ ڪري وري جنگ جون تياريون پيو ڪري.
پر جنھن کي شھادت وسيلي ابدي حياتي حاصل ٿي ھجي،
تنھن کي ھن اڌاري حياتيءَ تي جيئڻ جي ڪھڙي ضرورت
آھي. آفرين آھي سيد احمد جي انھيءَ استقامت ۽ ھمت
جي بلنديءَ تي جنھن مٺ جيترن مجاھدن سان ايڏو
ڪارنامو ڪري ڏيکاريو، ۽ پنھنجي حياتيءَ ۾ عام خاص
مسلمانن کي جھاد جون دعوتون موڪليندو رھيو پر انھن
غافل ماڻھن ھڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي مان لنوائي ڇڏيون.
دعوت نامي جو مضمون
جيڪو سيد احمد شاھھ غازي مسلمانن مؤمنن کي موڪليو.
”اھل اسلام جي سڀني ننڍن وڏن، سيدن، عالمن ۽
مشائخن کي گذارش ڪجي ٿي تھ: اي مؤمنو، مسلمانو!
خدا جو شڪر ڪريو ۽ ان جا حق ساريو ۽ اسلامي غيرت
کي نھ وساريو!! ايماني حميت عمل ۾ آڻيو. ھيءُ جڏي
جندڙي پنھنجي حقيقي خدا جي حوالي ڪريو. فاني زندگي
جي مڏي موڙي جاوداني راحت جي عيوض ڏئي ڇڏيو ۽ خدا
جي رضا جو ئي لاءِ وڏي ھمت سان جتن ڪريو. صبر ۽
استقامت کان ڪم وٺي بھادري جو جامو پھري تيز ترار
جو پاڻي، صاف پاڻي جيئان نوش جان ڪرڻ ۾ پوئتي نھ
پئو!
پنھنجي اھل عيال وطن توڙي مٽن مائٽن ۽ جان مال کي
خدا جي اطاعت ۽ رضاجوئي تي واري دين جو جھنڊو
ڦڙڪائي، شريعت جي تائيد ڪندي مڙس ٿي جھاد جي معرڪي
۾ ھليا اچو! ائين ڪري ايماني قوت سان ٻنھي جھانن
جي سعادت ۽ ھميشھ جي راحت اچي حاصل ڪريو. جنگ جي
ميدان ۾ قتل ٿيڻ يا قتل ڪرڻ لاءِ دين جي دشمنن جي
مقابلي ۾ بيھجي وڃو! ڪفر کي برباد ڪرڻ شرڪ ۽ فساد
جي پاڙ پٽڻ لاءِ دليريءَ سان اڳتي وڌي مخالفن کي
مکين ۽ ڪکن پنن وانگي سمجھي نابود ڪرڻ ۾ دير نھ
لڳايو! قرآن حڪيم جي ارشاد مطابق:
”ان تنصر الله ينصر ڪم و يثبت اقدامڪم!“
ھيءُ وقت وري نھ ايندو. اچو ۽ اچي شھادت جا موڙ
مٿي سان ٻڌي دنيا توڙي آخرت جي سر خروئي ۽ خدا جي
خوشنودي حاصل ڪريو! اھل ڪفر جي رت سان ھٿ رنگي خدا
جي حضور ۾ ھلي جلوه گر ٿيو.
جڏھن اھڙي رفتار، گفتار ۽ ڪردار سان گجندڙ شينھن ۽
مست ھاٿي جان ڪافرن تي ڪڙڪندا تھ اوھان کي ضرور
انھن تي غلبو حاصل ٿي رھندو. انھي طريقي سان اوھان
سڀني آلودگين کان پاڪ صاف ٿي جھنم جي عذاب کان
ڇٽڪارو لھي وڏن مرتبن تي پھچندا.
اوھان کي جنت نصيب ٿيندي ۽ خدا جو قرب اوھان جي
ڀاڳ ۾ ايندو ۽ اوھان خدا جي خاص بندن مان شمار ڪيا
ويندا، جن کي خدا جو مقبول بندو ۽ مقربُ ڪوٺيو وڃي
ٿو.
اوھان کي ٻڌائجي ٿو تھ ھن عظيم مھم جي سرانجامي
لاءِ غيب مان رباني اشارا پيا ملن ۽ بشارتون پيون
ٻجھن تھ اچو ۽ سر ڏئي سوڀارا ٿيو. متان سستي ڪريو،
۽ دنيا جي دام ۾ ڦاسي آخرت جي ڏچي ۾ پئجي وڃو!
حياتي ھونئن بھ
وڃڻي آھي، اوھان کي انت خدا جي اڳيان وڃڻو پوندو.
اتي ڀلا ڪھڙو جواب ڏيندا؟ ۽ ڪھڙي حيلي بھاني
پنھنجي جند ڇڏائيندا. – والسلام“
انھيءَ دعوت نامي
جي باوجود ڪوبھ شخص سنڌ، ڪڇ، قلات ۽ قنڌار توڙي
ڪابل کان سيد صاحب جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار نھ ٿيو.
بلڪ کين طعنا ڏيندا رھيا ۽ مٿس ڪيئي الزام ڌريندا
ويا. اھا ڪھڙي حڪمت آھي جو مسلمانن جي فرقي ۾ ھرڪو
بيدردي سان ھڪ ٻئي کي آزاريندو رھي ٿو. ٻئي پاسي
غير مسلم آھن جو ھزارن ٽولن ۾ موجود ھوندي بھ ائين
ھڪ ٻئي جي مخالفت نٿا ڪرڻ چاھين.
*
(٣٩)
حيدرآباد جي والي مير ڪرم علي خان جي وفات ۽ سندس
ڀاءُ مير مراد علي خان جي مسند نشيني، خيرپور جي
والي مير سھراب خان جو لاڏاڻو ۽ خيرپوري ميرن جي
اندروني ڏڦيڙ بابت:
سال ١٢٤٤ھھ (١٨٢٩ع) ۾ قادر جي قضا سان حيدرآباد جو
والي مير ڪرم علي خان ھيءُ جھان ڇڏي ويو. ھن جي
پويان ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ مسند جي معاملي تي
ملھلو متو پر جلدئي مير مراد علي خان مسند سان گڏ
سڄي ملڪيت تي قبضو ڪري ننڍي وڏي تي ھٿ رکي ھر ڪنھن
کي سامت ۾ آڻي ڇڏيو.
اڳتي ھلي وري ١٢٤٦ھھ (١٨٣١ع) ۾ خيرپور جي والي مير
سھراب خان جو ٢٧ صفر تي لاڏاڻو ٿيو. ھيءُ وڏو دانا
۽ گھڻن خوبين جو مالڪ ھو. سندس غريب پروري اشراف
نوازي ۽ ملڪ داري بيشڪ پنھنجو مثال پاڻ ھئي. ھن جي
پٺيان بھ رڳڙا شروع ٿيا، پر سندس پٽ مير مبارڪ خان
پنھنجي ڀاءُ مير رستم خان کي، جيڪو رياست جو پڳدار
ھو، اڳيان آڻي پنھنجي وڏي ڀاءُ مير علي مراد خان
جي مھاڏي لاءِ تيار ڪيو. پاڻ وري پنھنجن پٽن مير
محمد نصير خان، مير محمد علي خان، مير فضل محمد
خان ۽ مير علي محمد خان سميت اندرين خاني مير علي
مراد خان سان ٺاھھ ڪري ان جي عيوض ٻٻرلوءِ واري
جاگير وٺي وڃي جائيتو ٿيو.
ھيءُ (مبارڪ خان) پنھنجي چال ۾ ڪامياب ٿيو تھ ڪيئي
رنگ رچائيندو ويو. ڪڏھن مير علي مراد خان جو وزير
پيو سڏائي تھ ڪڏھن ان جي خدمت ۽ خوشامد پيو ڪري.
ڪڏھن وري لشڪر جي جمع بندي ۾ جتن پئي ڪيائين. پاڻ
وٽ ڪيئي مفت خور پالي رکيا ھئائين، جن جي زور تي
ڪيئي نمائشي بھادري جا ڪارناما ڪرائيندو ٿي رھيو.
جڏھن وڌيڪ ريچڪ ۾ ٿي آيو تھ ڀنگ جون جمينون چپن تي
چاڙھي ڪچھريءَ جي آڏو واھي تباھي بڪي ٺٺولين ۾
پئجي ٿي ويو.
مير علي مراد خان جواني جي پور ۽ حڪومت جي نشي ۾
ھن جي ھر ڳالھھ کان ڪن لاٽار ڪندو ٿي آيو، پر پوءِ
کيس پتو پيو تھ ھيءُ ٺاھھ جي آڙ وٺي ساز باز ڪندو
رھي ٿو. آخرڪار پاڻ پنھنجن اميرن ۽ عيال سميت
خيرپور مان نڪري وڃي ”ڪوٽ ڏجي“ ۾ ترسيو تھ جيئن
ڪو ڳوڙھو ويچار ڪري سگھجي. ھن جي وڃڻ کان پوءِ
ويتر شورش وڌي ويئي، جنھن جو ڪارڻ مير مبارڪ خان
جي ساز باز ھئي، جنھن مير رستم خان کي ڀڙڪائي اھي
ڪارستانيون پئي ڪيون.
مير رستم خان ۾ پڳدار ھئڻ ڪري ڪي چڱايون بھ ھيون.
ھن پاڻ اھا ڪوشش پئي ڪئي تھ جھيڙو اڳتي نھ وڌي پر
وچ وارن جي ڇيڻاڀور سبب ڪو نبيرو نھ پئي ٿيو.
انھيءَ ھل ھلان ۾ نيٺ مير مبارڪ خان ١٢٥٠ھھ
(١٨٣٥ع) ڌاري ماڳھين دنيا مان موڪلائي ويو. ان کان
پوءِ مير علي مراد خان سڀني آزارن کان آجو ٿي
حڪومت جو انتظام سنڀالڻ جھڙو ٿيو. سياڻن سچ چيو
آھي تھ:
اتفاق (ايڪي) ۾ برڪت آھي
نفاق (ڏڦيڙ) بي برڪتي پيدا ڪري ٿو.
*
(٤٠)
نواب ولي محمد خان لغاري جو فوت ٿيڻ ۽ بھادر خان
کوکر جو لاڙڪاڻي تي ڪارمختار مقرر ٿيڻ، ان سان گڏ
شڪارپور جي نظامت سنڀالڻ، سيد ڪاظم علي شاھھ جي
شڪارپور مان معزولي ۽ شاھھ شجاع جي شڪارپور ۾ آمد:
حيدرآبادي ميرن جو خاص مشير نواب ولي محمد خان
لغاري، جنھن چانڊڪا (لاڙڪاڻي) جو انتظام پئي
ھلايو، ١٢٤٧ھھ (١٨٣٢ع) ۾ فوت ٿيو تھ ميرن درميان
ٿوري گھڻي نااتفاقي پيدا ٿي، ڇو تھ نواب ولي محمد
خان ھيلتائين پنھنجي اروچائيءَ سان انتظام
ھلائيندو ٿي آيو ۽ ڪنھن کي بھ ڪروڌ جو موقعو نٿي
ڏنائين، ليڪن مير مراد علي خان ھروڀرو بھ نواب
مرحوم کان ناراض رھندو ٿي آيو. ھن جو چوڻ ھو تھ
نواب صاحب اجايا خرچ ڪري حڪومت جو پئسو ضايع ڪندو
ٿو رھي. مير مراد علي خان جيتوڻيڪ حد کان وڌيڪ مال
خزاني جو مالڪ ھو، تڏھن بھ سخت ۽ تنگدل ھوندو ھو.
نواب ولي محمد خان جي وفات کان پوءِ سندس جاءِ تي
بھادر خان کوکر کي آندو ويو، جيڪو سمندر خان
بارڪزئي سان گڏ لاڙڪاڻي (چانڊڪا) ۽ شڪارپور جي
نظامت تي مامور ٿيو.
سيد ڪاظم علي شاھھ، جيڪو ڪي سال شڪارپور ۾ پنھنجي
عھدي تي مقرر ھو، تنھن کي بھ مير مراد علي خان
اتان ھٽائي ڇڏيو ۽ شاھھ شجاع جي اچڻ لاءِ ١٢٤٨ھھ
(١٨٣٣ع) ۾ راھھ ھموار ڪيائين، جيڪو لڌياني مان لڏو
کڻائي اچي شڪارپور ڀيڙو ٿيو.
مير مراد علي خان جي اھا مصلحت خيرپوري ميرن کي نھ
وڻي ۽ ھو ان تي سخت ناراض ٿيا: پر ڪن مجبورين سبب
نافرماني ڪري نھ سگھيا. نيٺ حڪم موجب سيد ڪاظم
شاھھ حيدرآباد جي واليءَ طرفان ۽ خيرپور جي ميرن
پاران فتح محمد خان غوري، شاھھ شجاع جي استقبال
لاءِ سبزل ڪوٽ ويا، جتان وڏي اعزاز سان ھن کي
شڪارپور وٺي آيا. ٻئي پاسي مير زنگي خان، خيرپوري
ميرن جي، ۽ مير جھان خان حيدرآبادي ميرن جي فرمان
موجب، شڪارپور پھچي، رعايا کي دم دلاسو ڏيڻ لڳا،
جيئن شاھھ شجاع جي اچڻ تي ڪو اندريون ٻاھريون شور
شر پيدا ٿي نھ سگھي.
جنھن ڏينھن مير زنگي خان ۽ مير جھان خان پنھنجن
ھٿياربند سوارن سان شڪارپور شھر ۾ داخل ٿيا تھ
لکيدر تي ڪيئي رونشي ڪوڏيا ماڻھو انھن کي ڏسڻ لاءِ
اچي ڳاھٽ ٿيا. ھوڏانھن سوارن، جو ماڻھن جا ميڙ
ڏٺا، تھ ھڪدم ترڪ سوارن وانگي گھوڙن کي اڙيون ھڻي
ڪڏائڻ لڳا: تنھن تي گھوڙا اچي ڇراڻا ۽ وٺي ٽپا
ڏنائون تھ ڪن سوارن جون ٽوپيون وڃي پٽ تي پيون تھ
ڪي خود ڦھڪو ڪري ڌڌڙ ۾ ليٿڙيون پائڻ لڳا، جنھن کي
ماڻھن چڱو سوڻ نھ سمجھيو.
سنڌ جي ميرن ۽ شاھھ شجاع جي وچ ۾ معاھدو ٿيل ھو تھ
چاليھن ڏينھن گذرڻ کان پوءِ، پورا چاليھھ ھزار
روپيا تاوان طور شاھھ شجاع کي ادا ڪيا ويندا، تھان
پوءِ ھو خراسان روانو ٿي ويندو. شاھھ شجاع وقت اچڻ
تي اھا رقم تھ وصول ڪئي، پر موسم جي خرابيءَ جو
ڍونگ رچائي شڪارپور ڇڏڻ لاءِ تيار نھ ٿيو. انھيءَ
آناڪانيءَ ۾ چار مھينا ٻيا بھ گذري ويا، ان وچ ۾
جنگي سامان گڏ ڪندو ۽ سوار ۽ پيادا پنھنجي لشڪر ۾
ڀرتي ڪندو رھيو. ٻئي پاسي مير زنگي خان ۽ مير جھان
خان انھيءَ اوسيئڙي ۾ ڏينھن ڳڻيندا رھيا تھ ڪڏھن
ٿو ھيءَ راڪاس ھتان روانو ٿئي! نيٺ ھنن جڏھن ڏٺو
تھ مدي گذرڻ کان پوءِ بھ شاھ شجاع خراسان وڃڻ جو
نالو نٿو وٺي تھ شڪ شبھي ۾ پئجي ويا. پڇاڙيءَ جتان
ڪٿان پٽ سٽ ڪري نذرانا نياز گڏ ڪري ۽ سيد ڪاظم علي
شاھ کي اڳ ۾ ڪري وڃي کيس ميڙ منٿ ڪيائون تھ قبلا،
ھاڻ ھتان اسھڻ جي ڪريو. شاھھ شجاع ھنن کي پنھنجي
تياريءَ جو ڏٽو ڏئي اھا اِٽ ھڻي بيھي رھيو تھ
سامان کڻائڻ لاءِ اڃا وڌيڪ خرچ پکي ۽ سواري سرڙيءَ
جي گھرج پوندي، تنھن سان گڏ سمندر خان درانيءَ جو
بازو بھ کپندو.
اھا سڌ ملندي مير مراد علي خان شاھھ شجاع کي چوائي
موڪليو تھ اوھان سمندر خان کي ڀلي پاڻ سان گڏ وٺي
وڃو، اسان وٽ اھڙا ڪيئي سمندر خان موجود آھن؛ پر
جيستائين سامان کڻائڻ لاءِ اٺن ۽ وڌيڪ خرچ جو تعلق
آھي، اسان وٽ اھڙا ڀلا اٺ آھن ئي ڪونھ، جيڪي
خراسان تائين پنڌ ڇڪي سگھن. چڱو ائين آھي تھ سامان
اسان وٽ ڇڏي وڃو ۽ ڪڇيءَ واري علائقي ۾ پھچي اتان
اٺ ھٿ ڪري اماڻيو تھ اوھان جو ڪم ٿي ويندو.
شاھھ شجاع اھو جواب ٻڌي اتي موجود سيد ڪاظم علي
شاھھ کي چوڻ لڳو: اسان ڪڏھن بھ پنھنجو سامان ڪنھن
اوپري ھنڌ ڪونھ ڇڏيو آھي، خبر نٿي پوي تھ مير مراد
علي خان اھا ڳالھھ خلوص مان پيو چوي يا سندس ڪو
ٻيو خيال آھي. بھرحال شاھھ شجاع تڏو پٽڻ لاءِ تيار
نھ ٿيو ۽ انھيءَ ڇڪتاڻ ۾ مھينو اڌ ٻيو بھ گذري
ويو. ميرن جا اٺ، جيڪي چرڻ ڦرڻ لاءِ اوري پري نڪري
ويا ھئا، اھي ايتري ۾ واپس نھ اچي سگھيا.
شاھھ شجاع اٺن جي خار ۾ داڦيندو ۽ گڦ وھائيندو ٿي
رھيو. کيس اھو ئي فڪر ھو تھ مير مراد علي خان وٽان
اٺ ڪيئن ڪڍجن. ڪيترا ڏينھن انھيءَ ارمان ۾ بيجان
ٿيندو رھيو تھ اچانڪ مير مراد علي خان جي موت جي
خبر اچي ڪن تي پيس، جنھن ١٢٤٨ھھ (١٨٣٣ع) ڌاري وفات
ڪئي، اھا خبر ٻڌي شاھھ شجاع ڏاڍو غمگين ٿيو، ۽ اھو
پئي سوچيائين تھ مير مرحوم ڏاڍو اورچ ۽ زماني شناس
ھو. ھاڻ خبر ناھي تھ پويان ھن سان ڪھڙو سلوڪ ڪن.
دانائن جي مرڻ تي افسوس تھ نادانن جي جيئڻ تي بھ
افسوس آھي.
سڪرات جي مھل افلاطون پئي چيو:
بوقتِ نزع سنيدم گه گفت افلاطون
ھزار حيف که نادان بماند و دانا رفت
چه جاي مجلس عيش است اين سراي دو در
از اين جھان ھمه ياران مجلس آرا رفت
(بجاي بلبل دستان نشست زاغ بباغ
دميد خار، به بستان، بھار گلھا رفت)
ترجمو:
ڪيڏي نھ افسوس جي ڳالھھ آھي جو داناءُ مري ۽ نادان
جيئرو رھي! عيش عشرت جي مجلس جي ڪھڙي ضرورت، جڏھن
انھيءَ مان محفل مچائيندڙ يار دوست روانا ٿي وڃن،
۽ بلبل جي بدران باغ ۾، ڪانگ پيا لنون، ڪنڊا پيا
اوسرن ۽ گل پيا پن پن ٿي ڇڻن!
شاھھ شجاع اھڙا شعر جھونگاريندو افسوس ڪندو ٿي
رھيو.
*
|