(٢٦)
سيد احمد بريلوي جي شھادت:
سيد احمد ولد سيد محمد عرفان، سيد قطب الدين شاھھ
محمد جي اولاد مان ھو، جيڪو ٦٠٧ھھ ڌاري غزني مان
ھندستان ويو. ھيءُ بدايون شھر جو شيخ الاسلام ھو،
جتان جا قاضي سندس پونير آھن.
ھن ٦٢٧ھھ ۾ وفات ڪئي ھئي.
سيد احمد (مجاھد ۽ شھيد) ٦ صفر ١٢٠١ھھ مطابق ٢٩
نومبر ١٧٨٦ع ڌاري راءِ بريلي (الھھ آباد) ۾ پيدا
ٿيو. پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪيئي ھيٺ مٿانھيون ڏٺائين ۽
گھڻو سفر ڪيائين. پڇاڙيءَ اسلامي جھاد جو علمبردار
ٿيو، جنھن جي وسيلي ھن جا ڪيئي مريد ۽ ساٿياري
ٿيا. حج ڪرڻ کان پوءِ سڄي ھندستان ۾ جھاد جي تحريڪ
لاءِ سفر تي نڪتو. ذوالقعد ١٢٤١ھھ ۾ دھليءَ کان
سنڌ ۾ آيو ۽ شڪارپور اچي پھتو. نيٺ ١٥ محرم ١٢٤٢ھھ
۾ ڪوئيٽھ ٽپي قنڌار ويو، اتان غزني ۽ ڪابل وڃي
نڪتو ۽ جتي ڪٿي جھاد جي تبليغ ڪندو، ماڻھن کي ان
جي في سبيل الله دعوت ڏيندو آيو.پشاور۾ بارڪزئي
سردارن سان وڙھيو. پڇاڙيءَ ۾ سکن جي حڪومت سان
١٨٢٦ع ۾ ٽڪريو.
پشاور جي اوسي پاسي ڪيئي سال مجاھدن جي جماعت تيار
ڪندو رھيو ۽ اسلامي حڪومت جو بنياد رکيائين، جنھن
موجب ماڻھن کان عشر ۽ ڍل ٿي اڳاڙيائين. کيس
اميرالمؤمنين جو خطاب مليو. ھيءُ ڪيترين جنگين کان
پوءِ ضلع ھزاري ۾ ويو. اتي بھ جھاد جي تبليغ ڪرڻ
لڳو. پڇاڙيءَ ۾ بالا ڪوٽ واري معرڪي ۾ پنھنجي
ساٿيارين سان گڏ شھيد ٿي ويو.
بالاڪوٽ مانسھره ضلع ھزاري کان ڇھويھن ميلن جي
فاصلي تي ڪاغان ندي جي ڪناري تي آھي ۽ ڪاغان لڪ ۾
اچي ٿو، سکن جي حڪومت جي لشڪر جي سربراھھ شير
سنگھھ شوال ١٢٤٦ھھ جي شروعات ۾ ھزاري ضلعي مان
مجاھدن کي ڪڍي ٻاھر ڪيو، ۽ ھنن مٿان گھيرو تنگ
ڪيائين. مجاھدن سيد احمد ۽ سيد اسماعيل جي قيادت ۾
چڱو پاڻ پتوڙيو، پر، ٢٤- ذوالقعد ١٢٤٦ھھ مطابق ١٠
مئي ١٨٣١ع ۾ جمعي جي ڏينھن صبح جو سڀ سکن ھٿان
شھيد ٿي ويا.
مون گرميءَ جي موسم ١٩٥٥ع ۾ سيد احمد شھيد جي مزار
مبارڪ جي زيارت ڪئي، جنھن جي اوسي پاسي انھيءَ
معرڪي جون قبرون موجود آھن. مزار کان پنج سؤ قدم
پرتي سيد اسماعيل شھيد جي تربت آھي. (ڪتاب جو
فارسي ايڊيٽر)
-----
سنڌيڪار جو تفصيلي نوٽ:
سيد احمد شھيد جي تحريڪ معاشري جي اصلاح ۽ دين جي
تبليغ جي تحريڪ ھئي. سيد صاحب جي خيال ۾ مسلمانن
جي زوال جو سبب اھوئي ھو تھ ھو اسلامي تعليم،خاص
ڪري جھاد کان منھن موڙي چڪا آھن، جنھن ڪري ھنن ۾
ڪيئي اخلاقي خرابيون پيدا ٿي پيون. سيد صاحب ۽
سندس ساٿي مجاھدن جي اھا ڪوشش ھئي تھ اسلام جو
مذھبي، سياسي ۽ اخلاقي نظام قائم ڪرڻ ۾ اچي، جنھن
۾ روحانيت جو اصول ڪاربند رھي.
سيد صاحب جي تحريڪ شروع ٿي تھ انگريز بھ ھندستان
۾پنھنجا پير کوڙي وڌيڪ ڄمت لاءِ ھٿ پير ھڻي رھيا
ھئا. اھڙي عالم ۾ ضرورت ان ڳالھھ جي ھئي تھ
مسلمانن کي متحد ۽ منظم ڪري انگريزن جي مقابلي ۾
آندو وڃي، جيئن ميدان صاف ٿيڻ کان پوءِ خالص
اسلامي نظام جي قيام لاءِ راھھ ھموار ڪئي وڃي.
سيد صاحب سکن سان جھاد ڪرڻ لاءِ نڪتو ھو. سندس
پھريون معرڪو راجا رنجيت سنگھھ جي جنرل ٻڌ سنگھھ
سان ١٩ ڊسمبر ١٨٢٦ع ڌاري اڪوڙھ خٽڪ واري ھنڌ ٿيو،
جنھن ۾ ٻڌ سنگھھ بيھي نھ سگھيو ۽ پوئتي ھٽي ويو.
ان کان پوءِ ١١ جنوري ١٨٢٦ع ۾ ھنڊ علائقي جي
عالمن، رئيسن ۽ خانن اچي ھن جي بيعت ڪئي ۽ کيس
امير المؤمنين جو خطاب ڏنائون ۽ مسجدن ۾ سيد صاحب
جي نالي خطبا جاري ٿي ويا.
پشاور جي سردارن مان يار محمد خان بھ اچي سيد صاحب
جي ھٿ تي بيعت ڪئي ۽ انھن جي صلاح تي جنرل ٻڌ
سنگھھ سان ٻيو معرڪو ٿيو، ليڪن جنھن ڏينھن جنگ
شروع ٿيڻ واري ھئي، تنھن جي رات جو يار محمد خان
سيد صاحب کي کاڌي ۾ زھر ڏنو، جنھن ڪري پاڻ بيھوش
ٿي ويو ۽ يار محمد خان پنھنجي لشڪر سميت ميدان مان
ڀڄي ويو.
موھن لال، جيڪو رنجيت سنگھھ جو درٻاري ھو، تنھن
عمدة التاريخ ۾ لکيو آھي تھ اٽڪ پار رھندڙ ماڻھن ۾
اھا ڳالھھ مشھور ھئي تھ يار محمد خان راجا رنجيت
سنگھھ سان ملي، سيد صاحب کي زھر ڏياريو ھو.
پشاور ۽ مردان جي سردارن ظاھر ۾ سيد صاحب جي ھٿ تي
بيعت ڪئي ھئي ۽ سندس امامت بھ تسليم ڪري چڪا ھئا،
پر اندرين خاني ھنن ڪونھ ٿي چاھيو تھ ملڪ ۾ شرعي
نظام رائج ٿئي. ٻيو تھ اھي سڀ سکن کان ڊنل ۽ ساڻن
مليل ھئا ۽ انھن کي ڏن بھ ڏيندا ھئا. انھيءَ ڏن کي
نعلبندي سڏيو ويندو ھو، جنھن جو تفصيل ھيءُ آھي تھ
ھڪ گھوڙو، ھڪ ڪتو ۽ ھڪ باز ڏئي اھو باور ڪرايو
ويندو ھو تھ ڏن ڀريندڙ ماڻھو ڏن وٺڻ واري جا مطيع
۽ فرمانبردار آھن.
پشاور جو حاڪم ۽ دراني سردار سلطان محمد خان سکن
جي چوڻ ۾ اچي ويو ۽ سيد صاحب جي مقابلي لاءِ تيار
ٿيو. آخر مايار واري ماڳ تي لڙائي لڳي ۽ درانين کي
شڪست اچي ويئي. سلطان محمد خان نيٺ معافي ورتي.
ٿورن ڏينھن کان پوءِ ھن ھڪ محضر نامور سيد احمد وٽ
پيش ڪيو، جنھن تي ھندستان جي ڪيترن عالمن ۽ پيرن
جا دستخط، سندن مھرن سميت ثبت ٿيل ھئا. ان ۾ اطلاع
طور ڄاڻايل ھو تھ، سيد صاحب (احمد) ظاھر ۾ جھاد
(في سبيل الله) جي دعوا ڪري ٿو، پر اندروني طرح
انگريزن سان مليل ۽ انھن جي چوڻ تي ھتي آيل آھي.
توھان کي کپي تھ کيس پنھنجي ملڪ ۾ رھائڻ بدران ختم
ڪري ڇڏيو. سيد صاحب جي خلاف جيڪي سازشون ڪيون ويون
تن جا ھيٺيان سبب ٻڌايا وڃن ٿا.
١- علائقي جي سموري پيداوار دستور مطابق خانن ۽
مسجدن جي ملن حوالي ٿيندي ھئي، جيڪي ان ۾ حصيدار
ٿيندا ھئا. شريعت جي نظام نافذ ٿيڻ کان پوءِ مجاھد
عشر وصول ڪرڻ لڳا تھ اھي ماڻھو انھيءَ حصيداري کان
محروم ٿي ويا.
٢- ماڻھو پنھنجي ابن ڏاڏن جي روايت ۽ رسم رواج کي
ڇڏڻ لاءِ تيار ڪونھ ھئا ۽ انھن جيڪي اڍنگيون ريتون
رسمون رائج ڪيون ھيون، شرعي نظام ۾ انھن جي گنجائش
تھ پنھنجي جاءِ تي مٿن بلڪل بندش پئجي ويئي.
٣- مجاھدن پاڻ کي خودمختيار سمجھي ڪيئي زيادتيون
شروع ڪري ڏنيون، جن جي ازالي لاءِ بھ ڪوشش ڪئي
ويئي تھ بھ ماڻھن جي ذھنن تي انھن جو خراب اثر
پئجي چڪو ھو.
٤- ھندستاني عالمن ۽ پيرن بھ پنھنجي پاران جيڪا
مخالفت شروع ڪئي ۽ مٿي ڄاڻايل محضر نامو ماڻھن
تائين پھچايو، تنھن بھ ڪيترين دلين ۾ شڪ شھبا پيدا
ڪيا.
٥- ڪي جنگيون سنئيون سڌيون مسلمانن سان لڙيون
ويون، جن ۾ ھنڊ واري ھنڌ اتان جو مسلمان سردار
خاوي خان مارجي ويو ۽ يار محمد خان بھ جنگ ۾ زخمي
ٿي مري ويو، جيڪو سلطان محمد خان جو ڀاءُ ھو ۽ اھا
جنگ زيدھھ واري ماڳ ۾ لڳي ھئي. انھن جنگين ۾ جيڪي
ٻيا ماڻھو مارجي ويا۽ جن علائقن تي مجاھدن قبضو
ڪري ورتو، انھن (مئلن) جا عزيز ۽ اتان جا رھاڪو پڻ
ھن تحريڪ کان بدظن ۽ ناراض ٿي چڪا ھئا.
٦- سيد صاحب جي ذات بابت اھي ڳالھيون عام ٿيڻ
لڳيون تھ ھيءُ مزاج جو ڏاڍو سخت آھي ۽ ڪنھن جي بھ
ٻڌڻ وارو نھ آھي، جيتوڻيڪ ائين ڪونھ ھو.
سيد صاحب تي انھن ڳالھين جو وڏو گھائيندڙ اثر پئجي
ويو. ھن جون اھي ڪوششون، جن کي رنجيت سنگھھ جا
جنرل ٻڌ سنگھھ توڻي وينتورا ناڪام ڪري نھ سگھيا،
اھي رنجيت سنگھھ جي ڊپلوميسي جي ڪري مسلمانن جي ئي
ھٿان مٽيءَ ۾ ملي ويون!
(روزانھ جنگ ڪراچي، ٣ مئي ١٩٩١ع، مضمون حسين حسني
جي حوالي سان.) مترجم.
نوٽ: سيد صاحب جنھن معرڪي ۾ شھيد ٿيو، تنھن ۾ ھڪ
سؤ پنجٽيھھ (١٣٥) ڄڻا ٻيا بھ شريڪ ھئا، جيڪي پڻ
شھيد ٿيا، جن جا لاش بالاڪوٽ ۾ دفنايا ويا. سيد
صاحب جي مزار بھ اتي ئي بالاڪوٽ ۾ اھي، جنھن ۾ صرف
سندس ڌڙ دفنايو ويو، باقي ھن جو سر مبارڪ جيڪو
درياھھ جي وھڪري ۾ لڙھي ويو ھو، ۽ جنھن کي ڳڙھي
حبيب الله وٽ ڏھن ميلن جي مفاصلي تي پاڻيءَ مان
ڪڍيو ويو، سو اتي دفن ٿيل آھي. ھن جي مزار ڪنار
درياھھ جي ڪناري ڪاغان پل ۽ مسجد جي ڀرسان بالاڪوٽ
۾ آھي، جيڪا عجب خان زيدھھ ١٨٩٣ھھ ۾ دريافت کان
پوءِ تعمير ڪرائي ھئي. – حبيبي.
*
(٢٧)
قاضي محمد حسن:
ڏسو تعليق نمبر ١٤ ۽ پشاور جا قاضي خيل
(١٤) ۾ پشاوري جي قاضي خيل۽ قاضي محمد حسن جو
تفصيلي احوال ڏنل آھي. - سنڌيڪار
------
(٢٨)
درگاھھ شاھھ خيرالدين:
پراڻي سکر ۾ آسماني رنگ جي قبي سان مشھور درگاھھ
آھي. گزيٽيئر ضلع سکر ۾ سمٿ، بمبئي ١٩١٩ع ۾، لکي
ٿو تھ، سکر جي قاضي وٽ ھڪ قلمي ڪتاب ڏٺو ويو، جنھن
۾ لکيل ھو تھ شاھھ خيرالدين ١٤٩٢ع/٨٩٨ھھ
۾ پيدا ٿيو. جوانيءَ وارو دور ديني علم سکڻ لاءِ
بغداد ۾ گذاريائين. پوءِ سنڌ ھليو آيو. ڪو وقت
بلڙيءَ ۾ رھي وري سکر اچي وسايائين.
ڪيتري عرصي کان پوءِ بلڙيءَ مان سکر اچڻ ٿيس، جتي
وفات تائين ھو. اھڙيءَ ريت ھڪ روحاني خاندان ھتي
سنڌ ۾ باقي رھيو. ١٧٦٠ع/١١٧٤ھھ
۾ ھن جي اولاد مان ھڪ شخص اھو قبو مزار سميت
جوڙايو.
ھن ڪتاب جي خطي نسخي ۾ ڄاڻايل آھي تھ ھيءُ قبو
اندران رنگين ڪاشيءَ سان سينگاريل ھو، ٻاھران اڇو
سائو رنگ ھيس. آثار قديمھ جي رپورٽ مان ظاھر ٿئي
ٿو تھ ھن قبي جو ٻاھريون حصو چاليھن سالن کان پوءِ
معمولي سرن سان تيار ڪرايو ويو.
قديم سنڌ ۾ وري ھيئن لکيل آھي تھ: شاھھ خيرالدين
يا خيرالدين ولد احمد شاھھ پنجين پيڙھيءَ ۾ شيخ
عبدالقادر جيلاني سان وڃي ملي ٿو. ھيءُ ٩١١ھھ ڌاري
بغداد ۾ ڄائو. مڪي مديني ۾ تعليم جي تحصيل ڪيائين.
ان کان پوءِ سنڌ ڏانھن آيو ۽ سکر ۾ اچي رھيو. ھتي
خلق جي ھدايت جو شغل اختيار ڪيائين. ھن جا تمام
گھڻا مريد آھن.
پاڻ تاريخ ٢٧ رمضان ١٠٢٧ھھ/١٦١٧ع
۾ ھيءُ جھان ڇڏيائين، سندس وفات جي تاريخ، ”مرشد
ڪامل طريق احمدي“ مان نڪري ٿي. ھن جي ھڪ مجاور
ميان جمال الدين ولد غلام محمد ١١٧٤ھھ ۾ سندس مزار
جي ھاڻوڪي اڏاوت ڪرائي.
ھن بزرگ جي ولادت جي تاريخ مان ٨٩٨ھھ وڌيڪ درست
آھي، جيڪا ھڪ قلمي ڪتاب تان ورتي وئي. جيئن مٿي
ڄاڻايو ويو. باقي مرزا قليچ بيگ جي لکيل تاريخ
پوري نٿي بيھي، ان لاءِ وري ڪو مستند حوالو بھ
موجود ڪونھ آھي.
-----
شاھھ خيرالدين بابت سنڌيڪار جو تفصيلي نوٽ:
شاھھ خيرالدين:
حديقة الاولياء ۾ ھن بزرگ سان منسوب ٻھ سنڌي بيت
آيل آھن:
نھ تون ڪعبو نھ تون قبلو، جو رھين منجھھ سجود،
جنين وڃايو وجود، تنين ڪارڻ سائر کڏ ٿي.
ڪوھھ ڪريندا قبلو، جن سڃاتو سبحان،
پرين اسين پاڻ،
سجدا ڪريون ڪنھن کي.
روايت آھي تھ شاھھ
خيرالدين جي مريدن مان ھڪ درويش سکر جي ٻاھران
جھوپڙي اڏي. مراقبي ۾ ويھي ايڏو محو ٿي ويو جو
واري مٿان وري ويس. ھڪ دفعي شاھھ صاحب انھيءَ
درويش جي سنڀار ڪئي تھ ماڻھن کيس سموري حقيقت
ٻڌائي. پاڻ گھوڙي تي چڙھي فقير وٽ ويو ۽ مٿي ڏنل
بيتن ۾ ٻنھي (مريد ۽ مرشد) جي پاڻ ۾ ڏي وٺ ٿي.
شاھھ خيرالدين جي وفات تي لکيل قطعو ھن ريت آھي:
(١) شاھھ خيرالدين بابرج شرف
مقبل درگاھھ ايزد سرمدي
سال تاريخ وصالش عقل گفت
مرشد ڪامل طريق احمدي
١٠٢٧ھھ
گنبذ جو ڪتبو
از سيد اسد الله ساقي معصومي
(مير معصوم جو پوٽو)
(٢) غلام محمد سجاده نشين،
ز سعيش بنا ورضھ نونشان
چو ساقي طلب ڪرد تاريخ آن
بگفتا خرد درگه فيض دان
- ١١٧٤ھھ
*
(٢٩)
مير محراب خان بلوچ ۽ قلات جي احمدزئي خانن جو
بيان:
بروھي، بلوچ قبيلي مان مشھور آھن. ھنن مان مير حسن
ولد مير گھرام، مير قمبر جو پنجون پوٽو ٧٠٠ھھ ڌاري
ڌواران (ڏوڏڪي) قبيلي جي مدد سان آيو ۽ قنڌار جو
حاڪم ٿيو. انھيءَ جي نسل مان قلات ۽ سوراب وغيره
جا حاڪم ھلندا آيا. اورنگزيب عالمگير جي زماني
١١٠٠ھھ تائين مير احمد خان ولد مير التاز خان
انھيءَ سلسلي مان اڀري باغبان ۽ خضدار جي ايراضي
کان ڪرخ ۽ چڪورا تائين پنھنجي حڪمراني وڌائي ويو ۽
مستونگ کي بھ پنھنجي حڪومت سان ملائي ڇڏيائين.
اورنگزيب دھلي جي سلطنت، ڪلھوڙن جي حڪومت ۽ شاھھ
حسين ھوتڪ افغان جي حڪومت،جيڪا ڪوئيٽھ تائين ھئي،
ھڪ ننڍي امارت ۾ تبديل ڪئي. جنھن جو مرڪز قلات ۾
ھو. احمد خان جنھن کان پوءِ قلات جي حاڪمن جو
خانوادو احمد زئي سڏجڻ ۾ آيو، ٽيھن سالن تائين
حاڪم رھيو، جڏھن پاڻ ١١٢٨ھھ ۾ فوت ٿيو تھ ھن جو پٽ
محراب خان گاديءَ تي ويٺو. ١١٣٠ھھ ۾ ميان نور محمد
ڪلھوڙو ۽ سندس ڀاءُ ميان دائود خان سنڌ مان ڀڳا تھ
شھزادي معزالدين انھن لاءِ محراب خان کي نياپو
ڏياري موڪليو، تھ انھن کي خراسان وڃڻ جي اجازت نھ
ڏني وڃي. معزالدين تڏھن ملتان جوحڪمران ھو.
محراب خان ڪلھوڙن کي خراسان وڃڻ کان روڪيو تھ ڪرخ
۽ چڪو واري موري لڪ وٽ ھنن جي جنگ لڳي، جنھن ۾
محراب خان سخت زخمي ٿي پيو ۽ ٽن ڏينھن کانپوءِ فوت
ٿي ويو.
ھن جا پٽ اڃا ننڍا ھئا، ان ڪري سندس ڀائٽيو مير
سمندر خان گاديءَ تي ويٺو. ان کان پوءِ مير احمد
خان ولد محراب خان حڪومت جي واڳ ورتي. ھيءُ بروھي
اميرن ۽ احمدزئين جو سلسلو گھڻو وقت قلات ۾ ھلندو
آيو، جنھن مان مير نصير خان، احمد شاھھ ابدالي جو
ھمعصر مشھور شخصيت ٿي گذريو آھي، جنھن جو زڪر
تعليق نمبر ٣ ۾ ڏسڻ کپي. ھتي انھيءَ خاندان جو
شجرو ڏجي ٿو.
*
(٣٠)
ڪيول –
Campbell:
ڪمپبيل، جيڪو افغانستان جي تاريخ ۾ ڪيول جي نالي
سان مشھور آھي، ھڪ انگريز عملدار ھو. ھن بابت جي
ٽي وين پنھنجي روزنامچي غزني ۽ ڪابل (ڇپايل ١٨٤٠ع
لنڊن) ۾ لکي ٿو تھ: آءٌ ١٨٤٠ع ۾ ھن سان مليو ھيس،
جنھن پاڻ پنھنجو داستان مون کي ٻڌايو ھو تھ، آءٌ
١٨٣٣ع ڌاري شاھھ شجاع سان گڏجي لياني مان نڪتس.
مون کي لشڪر جي ھڪ دستي ۽ توب سان ڪوتلير موڪليو
ويو. اسان جڏھن اتان سنڌ ۾ آياسين تھ حيدرآبادي
ميرن جو وڪيل ڪاظم علي شاھھ ڇھن ميلن جي مفاصلي تي
ڪمپوروٽ اسان سان ملڻ لاءِ آيو. ھن پنجاھھ ھزار
رپيا روڪ، ڇھھ گھوڙا، ڪي تراريون ۽ ٻھ تنبو سوکڙي
طور شاھھ شجاع کي پيش ڪيا.
ان کان پوءِ اسان شڪارپور پھتاسين، جتي ڏھھ مھينا
اسان جو رھڻ ٿيو. ڏھن مھينن کان پوءِ راجا رنجيت
سنگھھ ھڪ لک رپيا شاھھ شجاع کي اماڻيا. سنڌ جي
ميرن سان، شڪارپور کان ٻارھن ميل پرتي (کرڙيءَ ۾)،
شاھھ شجاع جي جنگ لڳي، جنھن ۾ ڪاظم علي شاھھ ۽ ٻيا
امير قتل ٿي ويا. شاھھ شجاع کي اتان ٻھ توبون ھٿ
لڳيون.
پڇاڙيءَ ۾ شاھھ شجاع سنڌ جي ميرن سان صلح ڪيو ۽
خان قلات جي مدد سان ھو قلات کان قنڌار پھتو، جتي
امير دوست محمد خان ٻن مھينن جي گھيري کان پوءِ
ساڻس جنگ جوٽي، جنھن ۾ ويھھ ھزار سوار پنج ھزار
پيادا ۽ ارڙھن توبون ھيون.
جنگ جي پھرين ڏينھن محمد اڪبر خان ولد امير دوست
محمد خان ٻارھن ھزار لشڪر ۽ چار توبون آڻي مقابلو
ڪيو. شاھھ شجاع ڪيول کي لشڪر جون ٻھ بٽالين ۽ چار
توبون ڏئي موڪليو. جڏھن ھڪ توب انھيءَ جنگ ۾ ڦاٽي
پئي تھ جنگ بند ڪئي وئي، ٻئي ڏينھن امير دوست محمد
خان وري ميدان ۾ آيو تھ شاھھ شجاع سمندر خان ۽
جھانداد خان کي ٻارھن ھزار لشڪر سان اماڻيو.
ھوڏانھن ڪيول بھ ٻن بٽالين سان انھن جي مدد لاءِ
آيو. شاھھ شجاع پاڻ ھاٿيءَ تي چڙھي ميدان تي آيو ۽
چپاءُ چپاءُ (بڇ بڇان) ڪندو رھيو. پر جڏھن ڏٺائين
تھ لشڪر شڪست کائي چڪو آھي تھ پويان پير ڪري وٺي
ڀڳو! ھيءُ ١٢٤٩ھھ جي ڳالھھ آھي.
ڪيول ھن جنگ ۾ سخت زخمي ٿي پيو، کيس مھردل خان
واري لشڪر مان ھڪ سوار مير اڪبر نالي سڃاڻي ورتو ۽
پنھنجي گھر کڻي آيس، جتي سندس ملم پٽي ڪيائين.
ھيءُ جڏھن ٺيڪ ٿيو تھ اھو سوار ھن کي امير دوست
محمد خان وٽ وٺي ويو، جتي مھردل خان، جبار خان
نواب ۽ مرزا عبدالسميع خان بھ اچي ويا. امير دوست
محمد خان ھن کي پنھنجي ملازمت ۾ رکيو ۽ کيس ھاٿيءَ
تي چاڙھي ڪابل موڪليائين، جتي ھيءُ چار سو رپين جي
پگھار تي توبخاني جو عملدار مقرر ٿيو.
ھيءُ ھو افغانستان ۾ ڪيول جو پنھنجي زباني اوائلي
احوال! ٻئي طرف فيض محمد پڻ چوي ٿو تھ ان موقعي تي
امير دوست محمد خان جي پٽ محمد افضل خان ھن کي قيد
ڪيو ھو.
ڪيول ان کان پوءِ مسلمان ٿيو ۽ ڪابل ۾ وڏو نالو
ڪڍيائين، ايتري قدر جو ماڻھو ھن کي امير دوست محمد
خان جي وڏن ڪارنامن مان شمار ٿي ڪيو، ڇو تھ ھيءُ
ان جي ئي عقلمندي سان ناميارو ٿيو ھو. حميد ڪشميري
ھن بابت انگريزن جي زباني چوي ٿو:
”اسان ماڻھن سان گھڻي کيڏ ڪئي،
پر ڪنھن جي بھ ھٿان ڪونھ ھارايوسين.
امير دوست محمد خان وڏو داءُ ھڻي،
ڪيول جھڙي ھمراھھ کي ھٿ ڪري ورتو.
پڇاڙيءَ ۾ ان کي مسلمان ڪيو ويو،
جيڪو ھڪ وڏو جادوگري وارو ڪم ھو!!“
ڪيول کي اسلام ۾ داخل ڪري مٿس شير محمد خان نالو
رکيو ويو. ھن امير دوست محمد خان جي لشڪر کي يورپ
جي اصول مطابق تربيت ڏئي تيار ڪيو، امير دوست محمد
خان جو ھن تي وڏو اعتبار ۽ راضپو ھو. ھيءُ نرالي
وضع وارو شخص ھو. ١٨٣٩ع ۾ جڏھن انگريزن جي لشڪر
غزني مان اچي ڪابل تي چڙھائي ڪئي تھ ھيءُ تڏھن
امير دوست محمد خان جي لشڪر ۾وڏي عھدي تي ھو. امير
ھن کي انگريزن جي لشڪر سان مقابلي ڪرڻ جو حڪم ڏنو،
پر ھن امير کي ٻڌايو تھ آءٌ شاھھ شجاع جو نمڪ کائي
چڪو آھيان، انڪري ان جي خلاف جنگ ڪرڻ نٿو جڳائيم.
ياد رھي تھ شاھھ شجاع پاڻ انگريزن سان انھيءَ جنگ
۾ شامل ھو.
ساڳي سال امير دوست محمد خان ڪابل کان بخارا ڏانھن
ڀڳو ۽ شاھھ شجاع اچي ڪابل جي تخت تي ويٺو. تڏھن
ڪيول ٻين سان گڏ ھو ۽ ھڪ خاص ريجمينٽ، جيڪا شاھي
محافظ جي حيثيت ۾ ھئي، تنھن جي اڳواڻي ٿي ڪيائين.
٢- نومبر ١٨٤١ع ۾ افغاني غازين اليگزينڊر برنس کي
گھيري ۾ آندو تھ اھا ريجمينٽ انھن جي مدد لاءِ
موڪلي وئي، پر سڄي ريجمينٽ غازين جي حملي کان
تباھھ ٿي وئي ۽ ان جا ھٿيار بھ لٽجي ويا.
ڪيول انھيءَ شديد حملي مان بچي ويو ۽ جيئن تھ
مسلمان ٿي چڪو ھو، ان ڪري غازين کيس قتل نھ ڪيو ۽
ھيءُ ڪابل ۾ رھجي ويو. وري جڏھن امير دوست محمد
خان واپس اچي سلطنت جي تخت تي ويٺو تھ ڪيول ھن وٽ
ويو. ائين ٿو معلوم ٿئي، ڄڻ تھ شير محمد خان عرف
ڪيول ڪابل کان افغانستان جي اتراھين علائقي ڏانھن
ھليو ويو، جتي ڪيئي سال بلخ ۾ امير دوست محمد خان
جي لشڪر جو عملدار ھو ۽ افضل خان امير دوست محمد
خان جي خدمت ۾ ھو، جنھن جي اتي حڪمراني ھئي. ھن
باري ۾ امير عبدالرحمان خان لکي ٿو:
”آءٌ نون (٩) ورھين جو ھئس تھ ١٢٦٨ھھ ۾ منھنجي
والد جي لشڪر جو سربراھھ شير محمد خان (انگريز)
ھو، جنھن جو مسلمان ٿيڻ کان اڳ ڪيول نالو ھو. جڏھن
مسلمان ٿيو تھ مٿس شير محمد خان نالو رکيو ويو.
ھيءُ فوجي انتظام ۾ ڏاڍو ھوشيار ۽ بھادر ھو. بلخ
جي لشڪر تي، جنھن ۾ پندرھن ھزار فوج رسالي، پلٽڻ ۽
توبن سميت ھئي، ان جي مٿان مقرر ٿيل ھو. انھيءَ
حساب سان منھنجي والد جي سموري فوج ٽيھھ ھزار پنج
سو تائين ھئي. جنھن مان پنج سو پندرھن ھزار فوج
جنرل شير محمد خان جي سنڀال ۾ ھئي. ھيءُ فوجي
منتطم ھئڻ سان گڏ بھترين معالج بھ ھو.
ھڪ دفعي ھن منھنجي پيءُ کي چيو تھ مان فوجي علم
مان چڱيءَ طرح واقف ۽ ماھر آھيان. اھڙيءَ ريت
جراحي (وڍ ٽڪ) ۾ بھ مھارت اٿم. جيڪڏھن اوھان
شھزادي عبدالرحمان کي منھنجي حوالي ڪندا تھ مان
کيس تربيت ڏيڻ لاءِ تيار آھيان. سندس چوڻ تي مون
کي والد صاحب وٽس وڃڻ جي اجازت ڏني. ٿوري وقت کان
پوءِ آءٌ کانئس جراحي ۽ ھٿيارن ھلائڻ جو ڪم سکي ڀڙ
ٿيس.
شير محمد خان (ڪيول) بابت جيڪڏھن امير عبدالرحمان
جي شھادت ڌيان ۾ رکي اندازو لڳائجي تھ امير
عبدالرحمان ١٢٦٨ھھ ۾ (٩) نون کان ٽن سالن تائين
تربيت ورتي، ان موجب ١٢٧١ھھ تائين سندس موجودگيءَ
جو پتو پوي ٿو.“
ساڳيو امير اڳتي لکي ٿو تھ: ”شير محمد خان تختھ پل
وٽ وفات ڪري ويو، تھ منھنجي والد مون کي سندس جاءِ
تي مقرر ڪيو.“ ان لکڻيءَ مطابق اھا پڪ ٿئي ٿي تھ
شير محمد خان (ڪيول) ١٢٧٥ھھ ۾ گذاري ويو ھوندو.
ھيءُ شخص (ڪيول) انگريزي استعمار جو مخفي ڪارڪن
ھو، جيڪو پھريان شاھھ شجاع جي مدد سان ان جي فوجي
تنظيم لاءِ مقرر ٿيل ھو. جيستائين امير دوست محمد
خان انگريزي استعمار خلاف لڙندو رھيو، ھيءُ پنھنجي
قوم لاءِ ڪم ڪندو آيو۽ جڏھن شاھھ شجاع سان گڏ
انگريزي فوج تي چڙھائي ڪرڻ لاءِ ھن کي حڪم مليو تھ
نھڪار ڪيائين. ان کان پوءِ بھ افغانستان جي
اترائين علائقن ۾ امير دوست محمد خان جي لشڪر جي
سنڀال ڪندو آيو ۽ روسي خطرن جي خبرداري لاءِ بھ
نظرداري ڪرڻ لڳو، جيڪا ڳالھھ ھندستان جي انگريز
حڪومت لاءِ وڏي فائدي واري ھئي.
*
(٣١)
برنس
Sir Alexander Burnes:
جيمس برنس جو پٽ ١٦- مئي ١٨٠٥ع ۾ پيدا ٿيو. تعليم
کان پوءِ سورھن ورھين جي عمر ۾ اوڀر ھندستان جي
فوجي ملازمت ۾ داخل ٿيو. ١٨٢٣ع ڌاري سورت
(ھندستان) ۾ سندس اچڻ ٿيو، جتان ١٨٢٥ع ۾ڪڇ جي
علائقي ڏانھن بدلي ٿي ويو.
١٨٣٠ع ۾ ھن کي رنجيت سنگھھ ڏانھن ڪي گھوڙا سوکڙي
طور پھچائڻ لاءِ لاھور موڪليو ويو. ١٨٣٢ع ۾ ھيءُ
سنڌ علائقي جي جاچ پڙتال لاءِ مقرر ٿيو ۽ ھندستان
جي انگريز حڪومت جي حڪم موجب اتر ھند، افغانستان ۽
بخارا جي سفر تي روانو ٿيو.
١٨٣٣ع کان ١٨٣٥ع تائين ھيءُ انگلئنڊ ۾ ھو. جڏھن
واپس ھندستان ۾ آيو تھ حيدرآباد ۾ اچي سنڌ جي ميرن
سان سنڌو ندي جي ماپ ۽ جاچ لاءِ صلاح مصلحت ڪيائين
۽ انھيءَ ڪم ۾ ڪامياب ٿيو.
١٨٣٦ع ۾ ھيءُ ظاھري طرح ھڪ واپاري وفد جي سربراھھ
جي حيثيت ۾، پر اندروني طور روسي سازشن جاچڻ لاءِ
امير دوست محمد خان وٽ ويو،ھن سفارش ڪئي تھ امير
دوست محمد خان جي سياسي مدد ڪرڻ گھرجي تھ ھي
ڪارائتو ثابت ٿيندو. پر انگريز حڪومت اھا ڳالھھ
ڪانھ مڃي، ڇو تھ ھيءُ ڪنھن بھ حالت ۾ شاھھ شجاع کي
طاقتور بنائڻ لاءِ تياريون ڪندا ٿي رھيا.
برنس کي پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي انگريزن جي فوج جي
راھھ ھموار ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو.ان کان پوءِ ھيءُ
سياسي نمائندي جي حيثيت سان ڪابل ۾ سرمئڪناٽن وٽ
مقرر ٿيو. کيس نائٽ جو لقب مليو.ھي ليفٽيننٽ ڪرنل
جي عھدي سان اتي ٻھ سال رھيو. اوچتو ماڻھن جي ميڙ
مٿانس حملو ڪري ڏنو، جنھن ۾ تاريخ ٢- نومبر ١٨٤١ع
ڌاري ڪابل ۾ قتل ٿي ويو.
برنس ايران، افغانستان ۾ ڪتابن جو مطالعو ڪندو
رھيو ۽ ڪيئي ڪتاب لکيا ھيائين، جنھن مان سندس
بصارت ۽ سياسي مھارت ظاھر ٿئي ٿي. ھن بخارا جو
سفرنامو لکيو ۽ ڪابل جون يادگيريون پڻ قلمبند
ڪيائين. افغانستان بابت ھن جيڪي احوال لکيا آھن،
اھي وڌيڪ دلچسپي وارا لڳن ٿا.
*
(٣٢)
رابرٽ ليچ
Robert Leech:
ھيءُ نھايت ڪارائتو انگريزي عملدار ھو سنڌ ۽
افغانستان ۾ ھن ١٨٣٠ع تائين درياھي رستن ۽ سنڌ
افغانستان جي وچ تي آيل لڪن ۾ وڏا ڪارناما سرانجام
ڏنا.
ھيءُ بھ ھڪ تجارتي وفد جي بھاني سياسي جاچ لاءِ
١٨٣٦ع کان ١٨٣٨ع تائين ايسٽ انڊيا ڪمپني پاران
افغانستان ڏانھن موڪليل ھو. اتي وڃي ھن اليگزينڊر
برنس ۽ لارڊ ووڊ جي مدد ڪئي.
برنس ڪابل جي يادگيرين (ڇپايل ١٨٤٢ع لنڊن) ۾ ص ١٠١
تي لکي ٿو: ”ليفٽيننٽ ليچ شروعات ۾ سنڌ جي درياھي
رستن ۽ واٽ تي ايندڙ لڪن جي جاچ ڪري ڪافي ڄاڻ ھٿ
ڪئي.“
منشي عطا محمد جي ڳالھين مان خبر پوي ٿي تھ ليچ
امير دوست محمد خان سان مذاڪرات ختم ڪرڻ کان پوءِ
ساڻس گڏجي قنڌار ۾ آيو ۽ سندس ڀائرن سان ڳالھيون
ھلايائين، جتان ڪيترن سردارن کي اغوا ڪيائين.ان
کان پوءِ قلات ۾ اچي ساڳيا ڪم مير محراب خان جي
درٻار ۾ ڪري چڪو!
ھيءُ جڏھن قلات ۾
ھو، تڏھن پنھنجي يادگيرين تي ھڪ ڪتاب ”تاريخ قلات“
جي نالي قلمبند ڪيو ھئائين.
*
(٣٣)
پاٽنجر
Pottinger:
انھيءَ نالي سان ٻھ انگريز سنڌ ۽ افغانستان جي
تاريخ ۾ ساريل آھن. اھي ٻئي انگريزي استعمار لاءِ
١٨٣٩ع ۾ وڏا ڪارناما ڪري چڪا ھئا.
١- ايلڊرڊ پاٽنجر
Eldered Pottinger
(١٨١١ع/
١٨٤٣ع) ١٢- آگسٽ ١٨١١ع ۾ ڄائو. تعليم کان پوءِ
فوجي نوڪري سانگي بمبئي جي توبخاني ۾ ڀرتي ٿي
ھندستان ۾ ويو.
١٨٢٧ع ۾ پنھنجي چاچي ھينري پاٽنجر جي مددگار جي
حيثيت ۾ سنڌ جي سياسي معاملن لاءِ ناظر مقرر ٿيو،
١٨٣٧ع ۾ کيس وچ اوڀر ڏانھن اماڻيو ويو. ائين
گھمندو ڦرندو پڇاڙيءَ ۾ ڪابل ۾ گھوڙن جو سوداگر ٿي
آيو. پوءِ روحاني بزرگ (شعبدي باز) بڻجي، ١٨٣٧ع
ڌاري ھرات ويو. انھيءَ زماني ۾ ايران جي قاچاري
حڪمران ١٨٣٧ع کان ١٨٣٨ع تائين ھرات شھر کي گھيري ۾
آندو، پاٽنجر انھيءَ سموري عرصي ۾ شھرين جي مدد ۾
رڌل رھيو ۽ ھرات جي بچاءَ لاءِ وڏا ڪارناما
سرانجام ڏنائين، جنھن موجب ھندستان جي انگريز
حڪومت پاران ھرات ۾ سياسي نمائندو مقرر ٿيو.
١٨٤١ع ۾ جڏھن افغان جي پھرين جنگ اوج تي ھئي،
پاٽنجر ڪابل جي اتر ڪوھستان ۾ ڪم ڪندو رھيو، پر
چاريڪار ۽ ڪابل جي ماڻھن جي شورش وقت اتان ڀڄي جند
ڇڏايائين. انگريزي لشڪر جي سربراھن جڏھن پاٽنجر
جي صلاح جي خلاف افغاني قوم پرستن اڳيان ھٿيار ڦٽا
ڪيا تھ پاٽنجر ٽن ماڻھن سان وزير محمد اڪبر خان وٽ
يرغمال طور موجود ھو ۽ نو (٩) مھينا نظربندي ۾
رھيو. آخر ١٨٤٢ع ڌاري سيپٽمبر مھيني ۾ جنرل پالڪ
کيس اچي اتان ڇڏايو.
١٨٤٢ع ۽ ٤٣ع ۾ ھن کي ھڪ جاچ ڪميٽي جي حوالي ڪيو
ويو، جو ھن افغانستان ۾ اڻويھھ لک رپيا ھڪ معاھدي
جي ڪوشش ۾ خرچ ڪري ڇڏيا ھئا. پر انھيءَ مان آزاد
ٿي ويو، ان کان پوءِ ھيءُ پنھنجي چاچي سان ملڻ
لاءِ چين ويو ۽ ١٥- نومبر ١٨٤٣ع ڌاري ھانگ ڪانگ ۾
فوت ٿيو.(بايو گرافي ھند – ٣٤١.)
سر ھنري پاٽنجر
Sir Henry Pottinger
(١٧٨٩ع – ١٨٥٦ع) ولد ڪروين پاٽنجر ٣- آڪٽوبر ١٧٨٩ع
۾ پيدا ٿيو. بيلفاسٽ ۾ تعليم پوري ڪري ھندستان جي
بحري فوج ۾ آيو. ١٨٠٦ع ڌاري بمبئي جي لشڪر ۾ شامل
ٿيو.
١٨٠٨ع ۾ انگريزن سنڌ ڏانھن جيڪو وفد موڪليو، ھيءُ
ان ۾ موجود ھو. ١٨١٠ع ۾ ھيءُ قلات، نوشڪي ۽
اصفھان، شيراز تائين ويو، اتان بغداد ۽ بصري کان
ٿيندو وري بمبئي ۾ آيو. تنھن کان پوءِ ڪڇ ۽ پوني ۾
ليفٽيننٽ ڪرنل ٿيو. ١٨٢٩ع ۾ وري ھن کي سنڌ ڏانھن
موڪليو ويو، ١٨٣١ع ۾ سياسي نمائندو مقرر ٿيو.
افغان جي پھرين جنگ ۾ وڏيون خدمتون سرانجام
ڏنائين. اپريل ١٨٤٠ع کان پوءِ ميجر جنرل جي عھدي
تي ترقي ڪيائين.
١٨٤١ع ۾ ھن کي ھندستان مان چين ڏانھن سفير ڪري
موڪليو ويو، جتي نالڪنگ جي صلح جو معاھدو ڪيائين.
١٨٤٢ع ۾ ھانگ ڪانگ جو گورنر جنرل ٿيو. ١٨٤٣ع کان
١٨٤٤ع تائين ڪونسل جو ميمبر ٿيو. ان کان پوءِ
١٨٤٧ع تائين راس امير جو ۽ ١٨٤٨ع کان ١٨٥٤ع تائين
مدراس جو گورنر رھيو. تاريخ ١٨- مارچ ١٨٥٦ع ۾
وفات ڪيائين. ھن سنڌ ۽ بلوچستان جي سير سفر بابت
ڪتاب لکيو ھو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي چڪو
آھي.
(بايوگرافي ھند- ٣٤١.)
*
(٣٤)
لارڊ آڪلينڊ (١٧٨٤ع – ١٨٤٩ع):
ھندستان جو گورنر جنرل، ارل جارج ايڊن آڪلينڊ،
لارڊ آڪلينڊ جو ٻيو نمبر پٽ، ٢٥ آگسٽ ١٧٨٤ع تي
ڄائو. ڪرائيسٽ چرچ آڪسفورڊ ۾ پڙھيو. ١٨٠٩ع ۾ عدالت
جي وڪيلن جي جماعت ۾ شريڪ ٿيو. ١٨٣٤ع ۾ بحريھ جو
لارڊ ۽ ٤- اپريل ١٨٣٦ع ۾ ھندستان جو گورنر جنرل
ٿيو. ١٨٣٦ع- ١٨٣٧ع ۾ برنس کي ھڪ وفد سان ڪابل
موڪليائين تھ جيئن ھو اتي روسي سفير ويڪويچ بابت،
جيڪو ڪابل ۾ امير دوست محمد خان وٽ آيل ھو، جاچ
ڪري.
ان کان پوءِ ھن انگريز حڪومت جي حڪم تي اھا ڪوشش
ڪئي تھ جيئن امير دوست محمد خان کي ڪابل جي تخت
تان لاھي ڇڏي ۽ سندس جاءِ تي شاھھ شجاع کي آڻي
ويھاري. ان مقصد لاءِ ١- آڪٽوبر ١٨٣٨ع ۾ افغانستان
تي چڙھائي جو اعلان ڪيائين. انھيءَ نتيجي ۾ امير
دوست محمد خان ميدان ڇڏيو ۽ شاھھ شجاع اچي تخت
والاريو، جنھن آڪلينڊ جي حمايت سان ١٨٤١ع تائين
حڪومت ھلائي. پر شاھھ شجاع ۽ انگريزن لاءِ
افغانستان جي ماڻھن ۾ نفرت ھئي، ان ڪري اتي وڳوڙ
پيدا ٿيندا ويا ۽ افغانن ٢- نومبر ١٨٤١ع ۾ برنس کي
قتل ڪري ڇڏيو. تنھن کان پوءِ مئڪناٽن کي تاريخ ٢٣-
ڊسمبر ١٨٤١ع تي ماريو ويو. انھيءَ صورتحال سبب
انگريزن جو تمام گھڻو لشڪر ڪابل ۾ تباھھ ٿيو ۽
ھيءُ خيبر طرف وريا. جڏھن وري ڪابل تي قبضو ٿيو تھ
لارڊ آڪلينڊ کي سندس خدمتن عيوض ١٨٣٩ع ۾ ارل جي
لقب سان نوازيو ويو، پر ھيءُ ١٢- مارچ ١٨٤٢ع ۾
ھندستان ڇڏي آيو. سندس حڪمراني جو گھڻو عرصو
ھندستان ۾ افغان جنگ جي مسئلن نبيرڻ ۾ گذريو. آخر
١- جنوري ١٨٤٩ع ۾ دنيا ڇڏيائين.
(بايو گرافي ھند – ٢)
جنرل فين ١٧٧٨ع – ١٨٤٠ع
جنرل سر ھينري فين ٢٦- نومبر ١٧٧٨ع ۾ ڄائو. ١٧٩٢ع
تائين تعليم وٺندو رھيو. ١٧٩٧ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل
ٿيو ۽ کيس جارج ٽئين جي خدمت ۾ رکيو ويو. ان کان
پوءِ فوج جي مختلف عھدن تي رھندو آيو ۽ جنگين ۾
بھرو ورتائين. آخر وڃي ليفٽيننٽ جنرل ٿيو.
١٨٣٥ع کان ١٨٣٩ع تائين ھندستان ۾ ڪمانڊر انچيف ٿي
رھيو. ھن افغان جي پھرين جنگ دوران آڪلينڊ جي جنگي
منصوبي تي اعتراض ڪيو ۽ پنھنجي عھدي تان استعيفيٰ
ڏيڻ لاءِ بھ تيار ٿيو، پر اھا قبول نھ ٿي. آخر
١٨٣٩ع ۾ استعيفيٰ ڏئي ويو. تاريخ ٢٤- مارچ ١٨٤٠ع ۾
فوت ٿي ويو.
جان ڪين (١٧٨١ع – ١٨٤٤ع)
بارون جان ڪين ٦- فيبروري ١٧٨١ع ۾ پيدا ٿيو. ١٧٩٩ع
۾ چوئيتاليھن رجمينٽ مان لارڊ ڪيون جي مددگاري
لاءِ مصر ويو. ١٨٠٩ع ۾ مارتينق واري جنگ دوران
رجمينٽ نمبر تيرھن جي اڳواڻي ڪيائين. ان کان پوءِ
١٨١٣ع تائين ھندستان ۾ فوجي خدمتن تي مامور رھيو.
١٨١٤ع ۾ لشڪر جو ڪمانڊر انچيف ٿيو. ١٨٣٨ع ۾ بمبئي
جي لشڪر جي جنرل فين جي قيادت ۾ اڳواڻي ڪيائين ۽
سنڌ ۾ آيو.ھتي بنگال ۽ بمبئي جي فوج جي اڳواڻ جي
حيثيت سان افغانستان تي حملو ڪيائين، جنھن ۾
ڪوئيٽھ ۽ قنڌار تي قبضو ڪري ٢٣ جولاءِ ١٨٣٩ع تي
غزني ورتائين. تڏھن جنرل ڪين جو ماتحت ھو. ٧ آگسٽ
١٨٣٩ع ڌاري ڪابل تي سندس قبضو ٿيو. ١٨٣٩ع ۾ جنرل
ڪين لاھور کان انگلينڊ ھليو ويو. ھن کي ڊسمبر
١٨٣٩ع ۾ بارون غزني جو خطاب مليو. پاڻ ٢٦ آگسٽ
١٨٤٤ع ۾ وفات ڪيائين.
(بايو گرافي ھند، ٢٣١.)
*
|