سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 13

(٦٨)

ميڪناٽن صاحب جي باري ۾، جيڪو انگلستان جي راڻيءَ جي فرمان موجب سڄي ھندستان جو حڪمران (گورنر جنرل) مقرر ٿيو. ان شاندار عھدي لاءِ سندس فخر ۽ خوشيءَ جو اظھار – ان کان پوءِ وڌيڪ انتظام درحق ڪابل جي ڪن اميرن جي گرفتاري جو خيال ۽ شاھ شجاع جي طرفان ان معاملي ۾ دل من ھڻي پنھنجي نيت جي اوڙاھھ ۾ اچي پوڻ:

انگريز سرڪار جي اھلڪارن ھيترين جنگين، جوکن ۽ خون خرابي کان پوءِ شاھھ شجاع جھڙي مھانڊي کي گڏي وانگي ڪابل جي تخت تي ٺاھي ٺڪي ويھاريو. ٻئي پاسي امير دوست محمد خان جھڙي غازي مرد کي نھايت بيدليءَ سان ھندستان اماڻي ڪڍيائون تھ ڪابل ۽ ان جي آسپاس جي ننڍن وڏن اميرن توڙي رئيسن ھڪ پاسي ھن خوف ۾ تھ سرڪار نامدار امير دوست محمد خان کي ازخود صلح ڪرڻ تي بھ ساڻس ٺھي ھلڻ بدران کيس ملڪ بدر ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ان اميد تي شاھھ شجاع تي جيڪي مھربانيون ۽ نوازشون ڪيون ويون آھن، ٿي سگھي ٿو تھ اسان مان بھ ڪنھن جو ڀاڳ ڀيڙو ڏي ۽ دال مان سيرو ٿي پوي.

انھيءَ ڊپ ۽ لالچ ۾ ھرڪو پنھنجي ليکي ۽ پنھنجي منھن اڌ ھيسجي تھ اڌ ھمٿائجي، ان فيصلي تي اچي پھتو تھ ڪيئن بھ ٿئي انگريز سرڪار جو پاسو نھ ڇڏجي، ڇو تھ وري بھ سڀڪو شينھن جي ڪلھي تي تھ ھوندو.

انھيءَ سوچ سان سڀئي انگريزن جي پوئواري ۽ شاھھ شجاع جي پوءِ لڳيءَ ۾ پڪا فرمانبردار ۽ وفادار ٿي ويا. ھاڻ ھنن کي دلجاءِ ٿي تھ ٻيڙي سير تي چڙھي يا ڪنڌيءَ لڳي، مڙئي وڃي ھن پار نڪرنداسين.

سرڪار بھادر شاھھ شجاع کي ڪابل جو بادشاھھ بڻائي، ميڪناٽن کي پنھنجي نمائندي جي حيثيت ۾ اتي وزير مقرر ڪيو ۽ سڄو انتظام سندس حڪم ھيٺ ڏنو ويو.

شاھھ شجاع بھ ھٿ وٺي سڀ معاملا ميڪناٽن جي مرضيءَ تي ڇڏي، پاڻ پوريءَ طرح بي فڪر ٿي آسائش ڪرڻ لڳو ۽ ذاتي مراعتن مان ڀرپور عيش عشرتون ڪندو رھيو. کيس اھڙي ڪابھ ڳڻ يا ڳڻتي ڪانھ ھئي تھ ايندڙ وقت ۾ ساڻس ڪا ويڌن بھ ٿيڻ واري آھي.

انگريز فوجي (اوريان پريان مڙئي) جيڪي خراسان/ افغانستان جي جنگي مھم سر ڪرڻ ڀيري ھاڃيڪار ڪشالن ۽ موتمار مصيبتن برداشت ڪرڻ کان پوءِ پڇاڙيءَ اچي شاھھ شجاع جي پاڇي ۽ پناري ۾ فرصت جا ڏينھن گھاري رھيا ھئا، تن جي ڄڻ قسمت بدلجي ويئي ۽ ڪنھن چڱائي ڪرڻ بدران اچي جو بڇڙائين ۾ پيا تھ ڌڻيءَ جي پناھھ!

روزانو کاڌي ۾ ھنن کي ڪيترن قسمن جا طعام: گوشت، پلاءُ، حلوا، کيرڻيون، ڪباب وغيره تھ مختلف ميوا: انگور صاحبي، خليلي، خايھ غلامان(1) ۽ ڪشمش (جيڪي سڀ چاليھن قسمن جا ٿين ٿا) خونچن ۽ ٽوڪرن جي صورت ۾ ملڻ لڳا، جيئن اھي سواڌي کاڌا کاڌائون، تيئن اچي بدن ۾ ماچ وڌائون، اھڙا ٿلھا متارا ٿي پيا جو ڪاڀيڻي نھ ھئي.

ھوڏانھن سندن اھا حالت ھئي جو ھندستان ۾ ڳاڙھن مرچن، اڻڀين ڊڳڙين ۽ دال سندن ھڏا سڪائي ڇڏيا ھئا. ھاڻ جو ڀاڳ ورين تھ مٿن چرٻي (وھھ) چڙھي آئي.

ھنن جي عياشيءَ تي انگريزن يا شاھھ شجاع کي ڪو اعتراض ڪونھ ھو، ڇو تھ ھيءُ سندن ڄڻ کاٽائو پٽ ھئا، تنھنڪري سڀڪجھھ روا ۽ گوارا ھو، رعيت مان ڪنھن کي ڪا طاقت نھ ھئي جو ڪجھھ ڪڇي سگھي.

فوج سان گڏ عملدار بھ عياشيءَ تي لھي پيا. ڪنھن چواڻي: ڪابل جي ڪا زال بنا ڪنھن سينڌيءَ جي نھ ھوندي آھي ۽ پشاور جو اٽو جوار (جوئر) جي ان کان سواءِ نھ ھوندو آھي. انھيءَ مطابق سڀني سرڪاري ڪارندن اچي منھن ڪارائي ۾ ھٿ وڌا، سو نفس پروري ۽ عيش پرستي ۾ رات ڏينھن ھڪ ڪري ڏنائون، جنھن ۾ کين ڪابھ ڦڪائي نھ پئي ٿي. نھ وري ڪنھن انتقام جو ڪو الڪو ٿي رکيائون. ائين ڏوھھ ثواب جي انجام کان غافل ھئا.

اھڙي نموني ھوريان ڏاڍيان وقت گذرندو ويو. آخرڪار اھا مھل اچي ويئي جو ١٢٥٩ھھ – ١٨٤٣ع(2) انھن بدترين واقعن جي نتيجي ۾ شاھھ شجاع جي بادشاھي برقرار رھڻ بدران ڊانوان ڊول ٿيڻ لڳي ۽ اھڙو زوال شروع ٿيو، جنھن جو امڪان ڪونھ ھو!

انگلنڊ مان ميڪناٽن صاحب کي مھاراڻي جو فرمان پھتو تھ: ڪابل ۾ اوھان جي ۽ شاھھ شجاع جي پھچڻ ۽ انتظام سنڀالڻ کان پوءِ اوھان اتي جنھن جھد جاکوڙ سان پنھنجا ڪارناما سرانجام ڏا آھن، تن کان ملڪھ معظمھ پوريءَ طرح آگاھھ ٿي چڪي آھي. اوھان جون تدبيرون ۽ تجويزون بيشڪ ڏاھپ ۽ سياڻپ ڀريون ھيون، جيڪي اوھان ڪتب آنديون.

انھن خدمتن جي عيوض ھندستان جي حڪمراني اوھان جي ماتحتيءَ ۾ ڏجي ٿي. اوھان کي کپي تھ ھن فرمان پھچڻ سان ڪابل مان روانا ٿي اچي پنھنجي نئين عھدي تي فائز ٿيو، جو مھاراڻي اوھان جي عاليشان ڪارڪردگي کان خوش ٿي، پنھنجي رضا سان اوھان کي اھا نعمت عطا ڪئي آھي.

ميڪناٽن صاحب فرمان ملڻ سان ڏاڍو سرھو ۽ سرخرو ٿيو، ايتري قدر جو خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ ئي نٿي ماپيو. چئي: دنيا کي کپي تھ اڄ مون کي مبارڪون ڏئي. ڌڻي جا لک ٿورا، جو منھنجا ڀاڳ سڀاڳا ٿيا آھن. انھيءَ خوشيءَ ۾ شادمانا شروع ٿي ويا ۽ ھر ھنڌ نغارا وڄڻ لڳا. چوڌاري ڏاڍا چھچٽا ٿي ويا- پر ٻئي پاسي عالم اسرار مان ڄڻ موت جي مارن جا ڪوڪرا ھئا.

بھرحال ان خوشيءَ جي موقعي تي دستور موجب ھر ڪنھن اچي صاحب بھادر (ميڪناٽن) کي دل کولي مبارڪون پيش ڪيون، تھ توکي ھيءُ شاھي مسند مبارڪ ھجي! ھيڏانھن ھيءَ ھلچل لڳي پئي ھئي تھ ھوڏانھن شاھھ شجاع اونڌي منجي ڪيو ويٺو ھو. کيس ميڪناٽن صاحب جي اچانڪ روانگي نھ آئڙي، جنھن ڪري جھوريءَ ۾ پئجي ويو. ان تان برنس صاحب، جيڪو انگريزي عملدارن مان دانشمند ۽ ھوشيار ھو، پاڻ ميڪناٽن صاحب جي حضور ۾ ويو. جنھن کي ھن مھاراڻيءَ جو فرمان ڏيکاري پنھنجي روانگيءَ جي پڪ ڏياري. پڇاڙيءَ چيائينس تھ: آءٌ توکي پنھنجي جاءِ تي مقرر ڪريان ٿو. ٻن ڏينھن کان پوءِ بمبئي ڏانھن پنھنجي روانگي آھي. ٿوري دير کان پوءِ چوڻ لڳو، ليڪن ھڪ خطرو يا سونسو مون کي سجھي پيو. سو ھيءُ تھ جيتوڻيڪ ھن وقت ڪابل جا سڀئي سردار رعيت سميت شاھھ شجاع جي باشاھي ۾ خوش ۽ بلڪل رضامند آھن، تڏھن بھ ڪي امير ڏسان پيو تھ فتني جي ڪڍ پيا پاڻ پتوڙين! سڀاڻي ٿي سگھي ٿو تھ منھنجي وڃڻ پڄاڻان ڪو رڳڙو پيدا ٿي پوي ۽ شاھھ شجاع مورڳو بادشاھي وڃائي ويھي. ان ڪري مناسب آھي تھ اوھان شاھھ شجاع وٽ لنگھي وڃو ۽ اڪيلائيءَ ۾ جڏھن ٻيو ڪو وٽس نھ ھجي، کيس ادب سان عرض ڪيو تھ: جيڪڏھن اوھان جو حڪم ٿئي تھ اھڙن مشڪوڪ ماڻھن کي گرفتار ڪري مون (ميڪناٽن) سان ھندستان روانو ڪيو وڃي. خاص ڪري عبدالله خان اچڪزئي، امين الله خان لوگري ۽ شمس الدين خان، امير دوست محمد خان جي ڀائٽي کي، جيڪي ھميشھ شاھھ شجاع جي بادشاھت پٺيان ڪانھ ڪا سازش ڪندا اچن ٿا، انھن جي ھتان ٽري وڃڻ ڪري بنھھ ٺاپر اچي ويندي جو اھيئي اصل فتني جي جڙ آھن.

انھيءَ صلاح موجب برنس صاحب شاھھ شجاع وٽ ويو ۽ کيس ميڪناٽن صاحب جي سڄي سرگذشت کان واقف ڪيائين، پر شاھھ شجاع سڄي مذڪور ٻڌڻ کان پوءِ پھريان برنس صاحب کي دستور مطابق خلعت ڍڪائي، پوءِ چيائينس تھ ان ڳالھھ جو جواب صلاح مصلحت کان پوءِ ڏنو ويندو. برنس صاحب واپس اھا روداد ميڪناٽن صاحب سان بيان ڪئي، جيڪو تفصيلي جواب جي انتظار ۾ ھو!

*


 

(٦٩)

انگريزن جي فوج سان عبدالله خان اچڪزئيءَ جي جنگ، جنھن ۾ سندس سوٽ جو مارجي وڃڻ:

برنس صاحب جڏھن شاھھ شجاع وٽان واپس ٿيو تھ ھن ڪابل جي سڀني سردارن کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين ٻڌايائين تھ ميڪناٽن صاحب اوھان کي گرفتار ڪرائي پاڻ سان گڏ ھندستان وٺي وڃڻ ٿو چاھي، جنھن لاءِ مون کان اجازت وٺڻ جي اوسيئڙي ۾ آھي. ليڪن اڃا مون کيس ڪو جواب نھ ڏنو آھي. سردارن اھي گفتا ٻڌي خار مان ڏند ڪرٽيندي وراڻيو:

”ھيءَ سڄي مصيبت تنھنجي ئي تھ آندل آھي! اسين انگريزن کي ڪونھ ٿا سڃاڻون ۽ اھو بھ نٿا ڄاڻون تھ اھي ڪھڙي باغ جي موري آھن، اوھان خير سان ورھين جا ورھيھ ڪابل جي بادشاھي جي شوق ۾ دربدر ٿيندا رھيا، پويان امير دوست محمد خان خراسان جي ولايت افغانستان جو والي ھو، جنھن ترار جي زور تي ايڏي رسائي حاصل ڪئي ھئي. اوھان جو ڪنھن تي اعتبار ڪونھ ھو، پر اسان سردارن ڪاغذ جي ٽڪري تي صحيحون ڪري امير دوست محمد خان کان منھن موڙ ڪئي، جنھن کان پوءِ اوھان پاڻ، انگريزي عملدارن ۽ فوج کي ڪابل ۾ آڻي ڪڍيو. ھاڻ اسان انھيءَ ڪئي جي سزا پيا ڀوڳيون، جو ھر روز انگريزن جي فريب ڪاريءَ جا گل ٽڙندا ڏسي رھيا آھيون. جيڪڏھن اھا حالت رھي تھ اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن ڪابل جون عورتون ڀولڙا ڄڻينديون! اسان ڏسون پيا تھ جڏھن ڪڏھن خواري ۽ خجالت آڏو ايندي پئي وڃي تھ پوءِ اھڙي حياتيءَ مان ڇا حاصل، سواءِ ان جي تھ اسان جا منھن ھيڊا ٿيندا رھن ۽ اسان ڦڪائيءَ کان ڪنڌ مٿي کڻي نھ سگھون!“

شاھھ شجاع، سردارن جا اھي اندر گھائيندڙ لفظ ٻڌي، ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ پوءِ انھن کي چيائين: اوھان کي منھنجي ڦٽيل دل جي ڪا خبر ناھي، ڇا اوھان سمجھو ٿا تھ اسان انگريزن جي اھا تبعداري، جيڪا جڳ جھان ڏسي رھيو آھي، دل جي خوشيءَ سان پيا ڪريون؟ ھيءَ جو رات ڏينھن سندن حڪم جي پيروي ۾ پيا ھلون، تنھن جو لاچار صرف اھو آھي تھ اسان کي سڙندي پچندي بھ انھن سان رھائڻو پوندو!

ھاڻ انھيءَ ڦوري ڦولڻ مان ڪھڙو فائدو جڏھن اھوپيالو ڀڳو ۽ اھو ساقي نھ رھيو! اھو دڪان کڄي ويو ۽ دفتر داڙي سڀ ڍورن جو کاڄ وڃي ٿيو۽ جيڪو ڏٺو اھو اڻ ڏٺو ٿي ويو! جيڪي مانجھي مرد ھئا، اھي خراسان افغانستان مان موڪلاڻي ڪري ويا، ھاڻ اھڙو ڪوبھ غيرتمند ڏسڻ ۾ ڪونھ پيو اچي. نھ وري ڪو ايماندار ئي باقي آھي- توھان تھ ائين چئو ٿا، پر حقيقت اھا آھي تھ خود انگريز سرڪار ان ڳالھھ ۾ راضي ناھي تھ اھل اسلام جي مٿان نصرانين جي حڪومت ھجي.

چوندا آھن تھ بيبيءَ جو گھر ۾ ويھڻ ستر کان نھ پر چادر نھ ھئڻ ڪري آھي! ڇا ڪجي، ڳالھھ ڏاڍي ڏک ڀري ٿي لڳي! پر ياد رکو تھ اسان جي ترار اسلام جي ترار آھي، جنھن کي ھمت ۽ غيرت ھجي سو اڳتي وڌي اچي ميدان ملھائي! ان لاءِ آءٌ پاڻ پنھنجي خزاني مان غازين جو سڄو خرچ پکو پورو ڪندس. ليڪن شرط ھيءُ آھي تھ اھو سڀ ڪجھھ راز ۾ رکيو وڃي. متان مون کي آئيءَ ۾ اچڻو پوي.

سردارن جڏھن اھي ڳالھيون ٻڌيون، جيڪي شاھھ شجاع ايماني غيرت وچان انھن سان ڪيون تھ سندن غيرت جوش ۾ اچي ويئي ۽ پنھنجن اسلامي جذبن جو اظھار ڪندا، گھرن ڏانھن راھي ٿيا. ٻئي ڏينھن سج اڀريو مس تھ خراسان/ افغانستان جا ھڙئي سردار: عبدالله خان اچڪزئي، نائب ملا مومن غلزائي، امين الله خان لوگري، شمس الدين بارڪزئي، گل محمد خان، عبدالعزيز خان، محمد شاھھ خان، سليمان خيلي، اسڪندر خان باميزئي، عبدالسلام خان فوفلزئي وغيره گڏجي پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪري قرآن پاڪ تي قسم ساک کڻي ھڪ ٿي، انگريزي فوجن جي قتلام سان گڏ ميڪناٽن جي قتل لاءِ نعرا ھڻندا نڪري نروار ٿيا.

ان کان اڳ سڀني اھا صلاح ڪئي تھ اسان کي ڪا ارڏائي يا اڳرائي ڪرڻي ناھي. اول اھو ڏسون تھ خود اھي ڪھڙي روش ٿا اختيار ڪن، تنھن کان پوءِ پنھنجي الاتوھار ٿيندي. ھيءُ اڃا انھيءَ ويچار ۾ ھئا تھ انھيءَ رات عبدالله خان اچڪزئي جو ڪو ماڻھو اليگزينڊر برنس جي پاسي وڃي ڪنھن جو پيڇو ڪرڻ لڳو، جنھن کي ھڪدم موٽائي آندو ويو. جڏھن کانئس پڇا ٿي، ٻڌايائين تھ اسان جي ڪھول مان ھڪ عورت صاحب جي سراءِ ۾ نوڪرياڻي آھي، تنھن لاءِ ائين ڪيو ويو. عبدالله خان اھا ڳالھھ ٻڌي تپي ڳاڙھو ٿي ويو ۽ ھڪ معتبر ماڻھو برنس ڏانھن موڪليائين تھ اھا ٻانھي واپس ڪئي وڃي.

برنس صاحب، ٻانھي تھ واپس ڪانھ ڪئي، ھٿئون انھي معتبر کي ھن دڙڪا داٻ ڏئي بي عزتو ڪري ڪڍيو. انھيءَ جٺ کان ھو چپ ڏندن ۾ چٻيندو، واپس آيو ۽ جيڪي ساڻس ٿي چڪو ھو، سو عبدالله خان جي اڳيان بيان ڪيائين.

عبدالله خان کي ڄڻ موقعو ملي ويو. سڀني سردارن کي پاڻ وٽ گھرائي کين ٻڌايائين اجھو ھيءَ صورتحال درپيش اچي چڪي آھي،ھاڻ اسان جي حجت پوري ٿي، ڇو تھ اڳرائي انگريزن کان ٿي آھي: جن ھر ڪنھن کي آزار پئي ڏنا آھن.

ھن وقت جيڪڏھن انھيءَ ٻانھيءَ جو تدارڪ نھ ٿيو، جو چوندا آھن تھ ٻانھين سان ڪار منھنپ ڪرڻ، غسل ڪرائڻ سان پاڪ نٿي ٿئي! پوءِ تھ انگريز بي ڊپا ٿي اسان جي پويان پئجي ويندا ۽ ٿوري ئي عرصي اندر سڀني سردارن کي گرفتار ڪري قيد ۾ ھڻي ڇڏيندا. اسان علي جي توڪل تي علم محمدي کڻي سوڀ ڪرڻ ٿا چاھيون. جيڪڏھن خدا جي عنايت ۽ احمدي اعانت سان دين جي دشمنن تي فتحياب ٿياسين تھ واھھ، نھ تھ بھ شھيد ٿي تھ مرنداسين!

قرآن ۾ بھ ائين فرمايل آھي تھ خدا جي راھھ ۾ جھاد ڪرڻ پنھنجي نفس ۽ مال سان وڏي خير جو ڪم آھي. ٻئي پاسي ھن بي عزتي ۽ بي ننگي کان، جنھن انسانن جي حياتي حرام ڪري ڇڏي آھي، ائين ڪرڻ بھتر ٿيندو. انھيءَ جوش جذبي سان عبدالله خان جڏھن سردارن کي ٻانھيءَ واري واقعي سوڌي سڄي حقيقت پيش ڪئي تھ ان وقت نائب ملا مؤمن خان غلزئي ۽ امين الله خان لوگري، جيڪي ننڍپڻ کان سندس گھاٽا دوست ھئا، جھاد لاءِ تيار ٿي ويا.(1)

ٻئي ڏينھن سج اڀرڻ کان اڳ ٻئي ڄڻا ملي ٿورو لشڪر پاڻ سان وٺي برنس صاحب جي جڳھھ ڏانھن  وڌيا ۽ اتي وڃي سخت گھيري ڪرڻ کان پوءِ جنگ جي شروعات ڪري ڏنائون.

پھرين ھڻ مار ۾برنس صاحب جي جڳھھ تي جيڪو سپاھھ موجود ھو، تنھن کي بھادريءَ سان اتيئي پورو ڪري، پوءِ اڳتي وڌڻ لڳا. انھيءَ دوران سرار عبدالله خان جو سوٽ شھيد ٿي چڪو ھو.

ڪابل جي شھر ۾ جڏھن عام خاص ماڻھن تائين اھا خبر پھتي تھ چوڌاري ھوڪرا لڳي ويا. ڪابل جا رھاڪو، ھونءَ بھ ھاھا ھوھڙ ۾ اڳرا ھوندا آھن، سو جڏھن غازين جي سوڀ ڏٺائون تھ خدا جا شڪرانا ڪرڻ لڳا، ان لاءِ اڌ رات جو آھون دانھون ڪندا ٿي رھيا تھ من ڪو واءُ وري! شھر ۾ جيڪي بھ ننڍا وڏا گھرن، گھٽين ۽ بازارين ۾ موجود ھئا، سندرا ٻڌي چئن يارن جي نالي جو نعرو ھڻندا، برنس جي جڳھھ ڏانھن وريا، جتي ماڪڙ وارو ميڙو لائي ڏنائون.

برنس صاحب ان گھڙيءَ حويليءَ ۾ پنھنجي محبوبھ سان حمام جي حوض اندر مھر محبت ۾ مشغول رھي، پورو عيش ڪري پاڻ کي پاڪ صاف پئي ڪيو، ويرم ئي نھ گذري تھ غازي اچي مٿانئس ڪڙڪيا. ٻانھيءَ سان، جنھن تي جھيڙو ھليو ھو، گڏ ٻھ ميم صاحبون، جيڪي صاحب بھادر جون خاص دل گھريون ھيون، تن کي ۽ خود صاحب کي حمام کان گھلي ٻاھر ڪڍي موت جي منھن ۾ وڌائون. اتي جيڪو مال اسباب موجود ھو، لٽي ڦري ڀينگ ڪري ڪمپني جي کڙڪيدار ڪلدارن سان جھوليون ڀري وري بخشي جانسن ڏانھن وريا، جيڪو گدام ۽ خزاني جو نگھبان ھو. اتي بھ ساڳي وٺ پڪڙ ۽ ٺڪا ٺڪي سان سموري مڏي موڙي تاراج ڪري ڇڏيائون. شھر ۾ جيڪو بھ انگريز کين ھٿ پئي لڳو، تنھن جي ھاج لاھي تراريون رت سان رنڱيندا ٿي ويا.

انگريز اچي ڀاڄڙ ۾ پيا ۽ شھر ڇڏي وڃي ڇانوڻيءَ ۾ پناھھ وٺي جان جي امان جون دعائون گھرڻ لڳا. ڪير جو تتل کوري ۾ پاڻ کي اڇلائي!

ميڪناٽن صاحب کي پتو پيو تھ ھوش حواس وڃائي خوف ھراس ۾ ڪنبڻي وٺي ويس. ھوڏانھن سڄي شھر ۾ جنگ جي باھھ پکڙندي ٿي وئي- غازين جا ھزارين دستا ھڪ ٻئي پويان عبدالله خان وٽ اچڻ لڳا.

صاحب بھادر (ميڪناٽن) فوج کي مقابلي جي تياري لاءِ حڪم ڏنو ۽ چٺي شاھھ شجاع ڏانھن اماڻيائين، جنھن ۾ ھن فساد جي روداد ۽ برنس صاحب جي موت جو بيان ھو- ھنن لفظن ۾ تھ:

”ھيءُ جنگ اڃا ڪنھن انتھا تائين نھ پھتي آھي، تڏھن بھ ٿلھي ليکي رعيت جي بربادي سان گڏ ڪابل جي ويراني جو باعث ٿيندي پئي وڃي ۽ سرڪش روز بروز ٽولن جا ٽولا گڏ ڪري پيا اچن، جيڪي اجھو ٿا اوھان تي ڪڙڪن، چڱو ائين ٿيندو تھ اوھان ھن وقت سڀني کي گرفتار ڪري جيل اندر وجھي ڇڏيو.“

شاھ شجاع چٺي پڙھي ۽ سردارن جي گرفتاريءَ لاءِ پنھنجي ماڻھن کي چوڪس ڪيائين. ان لاءِ شھزادي فتح جنگ کي حڪم ڪيو ويو تھ تون وڃي فسادين سان منھن ڏي. جيڪڏھن جنگ کان باز اچن تھ واھھ، نھ تھ ھو گوءِ ھو ميدان .... سڀني کي گرفتار ڪري اسان جي حضور ۾ آندو وڃي.

شھزادو فتح جنگ، چار سؤ سوار ۽ ٻھ پلٽڻيون ۽ چار توبون ساڻ ڪري عبدالله خان اچڪزئي ۽ امين الله خان لوگري وٽ ويو. کين عاقبت انديشيءَ جي آڌار تي ڪيئي وعظ ۽ نصيحتون ڪيائين، پر مٿن خير ڪي اثر ٿيو.

جيتوڻيڪ ظاھري طرح شاھھ شجاع انگريزن جي راضپي لاءِ ائين ڪري رھيو ھو، پر اندران اندر مجاھدن سان مليل ھو. انھن جي نھڪار کان پوءِ شھزادي ۽ سندن وچ ۾ وٺ وٺان شروع ٿي. غازين سڄو زور لائي شھزادي کي شڪست ڏني.

انھيءَ جنگ ۾ محمد شريف خان ضبط بيگي قتل ٿي ويو. شھزادو پاڻ بھ گھوڙي تي چڙھي وٺي ڀڳو ۽ بالاحصار جي قلعي ۾ وڃي دربند ڪرائي ويٺو(1). شاھھ شجاع کي خبر پئي تھ ٻاھران ڏمريو ۽ انھيءَ جھيڙي جي آڳ اجھائڻ لاءِ ٿورو گھڻو تاءُ ڏيکاري،ڪيئي تدبيرون ڪيائين. پر ڪامياب ٿي نھ سگھيو. پڇاڙيءَ ۾ ميڪناٽن صاحب کي چٺي لکي موڪليائين تھ ڪابل جي سردارن سنئون سڌو ڌڌڙ ۾ پير ھڻي نافرماني واري آھي، ھاڻ اسان ۽ توھان جي ڪابھ ڳالھھ مڃڻ لاءِ تيار نھ آھن. ھي جھيڙو خود سرڪار کان بھ نبيريو نھ ٿيندو. ھنن کي ڪھڙي بھ حيلي فساد کان روڪڻ کپي، جا ڳالھھ سرڪار جي اختيار ۾ آھي.

 

 

 

(٧٠)

غازين طرفان قلعي تي وڃي ميڪناٽن صاحب جي فوجن سان جنگ ڪرڻ:

شاھھ شجاع جي چٺي، ميڪناٽن صاحب کي ملي تھ انھيءَ مھل فوج کي تيار ٿيڻ جو حڪم ڏنائين تھ سڀئي پوريءَ طرح ھٿيار سنڀالي توبن کي قلعي جي برجن تي رکي شروعات ڪن. ٻاھر جيڪي فوجون ھجن، تن کي بھ اندر آڻي قلعي جا دربند ڪري ڇڏجن، جيئن غازين جي قلعي تي چڙھائي ٿيڻ لڳي، تيئن توبون ڇوڙيون وڃن. ڪنھن بھ افغان کي قلعي جي ويجھو اچڻ نھ ڏنو وڃي.

عبدالله خان ۽ امين الله خان (غازين) جيئن ڏٺو تھ ميڪناٽن صاحب پاڻ قلعي اندر وڃي چڪو آھي ۽ توبون بھ قلعي جي برجن تي تيار آھن تھ ھنن بھ قلعي ڏانھن قدم وڌايو. جنگ جي للڪار جو پڙاڏو پوندي، چئني طرفن کان پٺاڻ بھادرنچندا ڪڏندا نغارا ۽ طبل وڄائيندا، ھنن غازين وٽ ايندا ويا. جڏھن سڀئي اچي ھيڪاندا ٿيا تھ مجاھد قلعي جي ڀرواري جبل تي چڙھيا ۽ ان جي چوٽيءَ مٿان محمدي علم اڀو ڪيائون. سمورن غازين جي فوج ان جھنڊي جي ھيٺان آئي تھ ھڪ ئي ڌڪ سان توبن جا ڌڌڪا لڳي ويا، جن جو منھن سڌو قلعي ڏانھن ھو.

انگريزن غازين جي يلغار ڏسي پاڻ بھ پنھنجي فوج کي حڪم ڏنو- بس اشاري جي دير ھئي. جنرل سيل فوجون اڳيان ڪري قلعي مان نڪتو ۽ جنگ جي ميدان ۾ اچي صفون درست ڪري جنگ جو حڪم ڏنائين. تراريون مياڻن مان نڪرنديون علم وانگي اڀيون ٿينديون ويون ۽ افغان غازين طرف جبل ڏانھن پيش قدمي ڪيائون. جڏھن انگريزن جون فوجون غازين جي نزديڪ آيون تھ ھو گھوڙن تي لانگ ورائي فاتحھ پڙھي اگھاڙين ترارين سان چئن يارن جا نعرا ھڻندا، جبل تان ھيٺ لٿا ۽ دونھين وانگي جنگ جي باھھ ۾ ڀڙڪي اٿيا. دير ئي نھ لڳي تھ انگريزن جي فوج جا ھزارين بازو غازين جي ترارين ۾ ڪٽجي سٽجي مرندا ۽ ڪرندا ويا.

غازين جنگ ۾ جيڪا سورھيائي ڏيکاري تنھن جي ساراھھ لکڻ مشڪل ٿيندي. ٻئي پاسي انگريزن جي فوج بھ وڏي بھادريءَ سان ڇاتي تاڻي مھاڏو ڏيندي رھي ۽ ھن بھ ڪيترا غازي ترارين جو بک بڻائي ڇڏيا؛ مطلب تھ ٻنھي ۾ گھٽ ڪانھ ھئي.

آخرڪار غازين پوئتي موٽ کاڌي ۽ ڪوھستان جو پاسو وڃي ورتائون. انگريز انھيءَ سوڀ کان پوءِ شادمانا ڪندا، قلعي ۾ اچي رسيا. ٻئي ڏينھن جنگ جي تياري ٿيڻ لڳي تھ عبدالله خان اچڪزئي ۽ امين الله خان لوگري سرڪاري گدام لٽڻ جي صلاح ڪئي ۽ لشڪر کي اوڏانھن ھلڻ جو حڪم ڏنائون. ھيءُ پھتا تھ گدام جي چوڪيدارن جي ساڻن چڪري لڳي، بندوقن جي ڌڌڪن حشر برپا ڪري ڇڏيو. غازين بھ سينو ساھي ھيڪاندو حملو ڪري ڏنو. گھڙي نھ گذري تھ انگريزن جي ڌر ڍرڪي پئي ۽ گدام ۾ جيڪو اناج وغيره ھو، سو غازين کڻي خوشيون ملھايون.

سردارن ان کان پوءِ (فتحمند ٿي) ھڪ ٻئي قلعي ڏانھن رخ رکيو، جيڪو شاھي قلعي لڳ ھو. اتي گدام جو سامان ٿانيڪو ڪري ھڪيا تڪيا انگريزن جي قلعي ڏانھن بندوقن ھڻڻ ۾ لڳي ويا. انگريزن ھنن جي ايڏي جرئت ڏٺي تھ پاڻ کي بنھھ خطري اندر محسوس ڪيائون. جنرل سيل جيڪو وڏو داناءُ ۽ بھادر ھو، ميڪناٽن صاحب وٽ وڃي کي عرض ڪيائين تھ جيڪڏھن حڪم ٿئي تھ ھنن سان جنگ جوٽي اھو قلعو بھ ھٿ ڪيو وڃي. ھن ھا ڪئي ۽ ھيءُ اوڏانھن وڌيو.

جنرل سيل قلعي تائين وڃي سردارن ڏانھن پيغام موڪليو تھ اوھان قلعو خالي ڪري وڃو، نھ تھ اسان جنگ جي زور تي اھو فتح ڪنداسين. سردارن قلعي کي خالي ڪرڻ ناگوار سمجھي، اڳي کان وڌيڪ پير مضبوط ڪري کين ھڪل ڪئي. انگريزن چئني پاسن کان قلعي کي گھيري ۾ آندو ۽ توبن جي گولن سان قلعي جي برجن کي تف ڪري ڇڏيائون. قلعي تي ڄڻ گولن جو مينھن وسڻ لڳو. سردارن مصلحت جي خيال کان پاڻ بچائڻ فرض سمجھي، ھمت ۽ جوانمرديءَ سان قلعي مان کسڪي ٻاھر آيا ۽ جبل ڏانھن وڃي نڪتا. انگريزن جي فوج قلعي ۾ داخل ٿي ويئي. ھر ڪو جنرل سيل جي ڏاھپ ڏسي خوش ٿيو. کيس سرڪار پاران خلعت ڍڪائي ويئي. انھيءَ فتح کان پوءِ سرھائي مان سندن چھرا ٻھڪي رھيا ھئا.

ان کان پوءِ پندرھن ڏينھن تائين انگريزي عملدار ۽ سندن فوج جا ماڻھو ڪابل ۾ آرام ڪري ٿڪ ڀڃڻ لڳا. ھاڻ ڪنھن کي بھ غازين جو ڪو خوف خطرو ڪونھ ھو.

*


 

(٧١)

عبدالله خان ۽ امين الله خان پاران پندرھن ڏينھن گذرڻ کان پوءِ ڏھن ھزارن غازين سان قلعي جي ڀر ۾ اچي مقابلو ڪرڻ ۽ عبدالله خان جو شھيد ٿيڻ:

انھيءَ جنگ کي پندرھن ڏينھن ٿيا تھ ان کان پوءِ عبدالله خان ۽ امين الله خان ڏھھ ھزار جري سوارن جو جٿو وٺي، ميڪناٽن واري قلعي وٽ آيو ۽ ھيٺاھينءَ ۾ مورچا تيار ڪرايائين. ٿورو ترسي وري ھڪدم بندوقن سان قلعي تي وار ڪيا ويا.

جنرل سيل اھا روداد ڏسي، ميڪناٽن کان اجازت ورتي ۽ رسالي جي سوارن سان قلعي کان ٻاھر آيو. پريان غازين کي بيٺل ڏٺائين! انھن جي انگريز فوج تي جو نظر پئي تھ تراريون ھٿن ۾ ڪري چئن يارن جا نعرا ھڻندا اچي مٿانس ٽٽا ۽ وار تي وار ڪندا کيس جھنم داخل ڪرڻ لڳا.

انگريز فوج جي سوارن جڏھن غازين جو غلبو ٿيندي ڏٺو تھ حياتيءَ تان ھٿ ڌوئي، کين ھر حالت ۾ غازين تي حملو ڪرڻو پيو. چڱي جھٽ اھا ڏي وٺ ھلندي رھي. انگريزي فوجن کي غازين جون توبون ھٿ لڳيون ۽ کڳيون ھڻڻ لڳا.

ھن جنگ ۾ انگريزن جي تلنگانھ فوج جو گھڻو حصو غازين ھٿان ضايع ٿي ويو. باقي جيڪي انگريزي فوج جي رسالي مان ھندستاني فوجي ھئا، تن دل ٻڌي ۽ جوانمرديءَ سان جنگ کٽي ورتائون. جنرل سيل جي انھيءَ سورھيائي انگريزن جي فوج ۾ ڄڻ ساھھ وجھي ڇڏيو. ھر ڪنھن کي حيثيت مطابق انعام ڏئي خوش ڪيو ويو. ان کان پوءِ ڪي ڏينھن جنگ بند رھي.

ڪجھھ عرصو گذرڻ تي انگريزن کي ٻاٻور پئي تھ غازين جو لشڪر ماھھ رو (ڪابل جي لڳ ھڪ وسندي) وٽ اچي لٿو آھي. اھا وسندي ھڪ ڪوھھ پرتي جبل جي مٿاھينءَ تي ھئي. ميڪناٽن صاحب اھا خبر ٻڌي ڏڪي ويو ۽ جنرل سيل کي چيائين: ھن وقت غازين جتي اچي داٻو ڪيو آھي، اتيئي انھن کي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ ڏکيو ڪم ٿيندو، تنھنڪري ھوشياريءَ سان قدم کڻڻ گھرجي.

ساڳي وقت سوچي، پنج پلٽڻيون تلنگانھ جون ۽ ڪيترا ھندستاني سوار رسالي مان، جيڪو نئون تيار ٿيل ھو، جنرل سيل جي حوالي ڪيائين. ان ڏينھن عبدالله خان ڪنھن ريت ڪابل شھر ۾ اچي چڪو ھو. جنرل سيل جڏھن سموريءَ فوج سوڌو چوڪس ٿي اچي ماھروءَ واري وسنديءَ وٽ پھتو تھ غازين، جيڪي اڳواٽ ئي تيار ھئا، جنگ جو طرفان کڙو ڪيو. ھڪدم توبون ڇوڙيون ويون، جن جو پري تائين پڙاڏو پکڙندو ويو. عبدالله خان جي ڪن تي جو اھو پڙلاءَ پيو تھ دل ۾ چيائين: اڄ تھ ڪا وڏي جنگ لڳل ٿي ڏسجي. جلدئي شمس الدين خان ڏانھن ويو، جو ڏاڍو آزمودگار ھو ۽ زماني جون ڪيئي سرديون گرميون ڏٺيون ھئائين، ان سان صلاح ڪندو رھيو.

ھوڏانھن غازين بي جگريءَ سان جنگ ۾ بھرو وٺڻ شروع ڪيو ۽ وڏي دليريءَ سان انگريزي فوج کي ٽوٽا چٻرائيندا رھيا. اھا قتل ۽ موت جي روح رلائيندڙ راند ٻن پھرن تائين جاري رھي، جنھن ۾ ھزارين غازي شھيد ٿي پنھنجي خدا وٽ پھتا ۽ دنيا و مافيھا جي غم کان آزاد ٿي ويا. ڪيترا ڦٽجي پيا تھ ڪيترا وري اڌ مئا ٿي لتاڙ ۾ اچي پويان پساھھ پورا ڪري ويا.

انگريزن جي فوج، جنھن بيدرديءَ ۽ بيباڪيءَ سان بھادريءَ جا ڪم ۽ ڪارناما ڪري ڏيکاريا، تن اھڙيءَ ريت جنگ جي ميدان کي لاشن سان ڀري رت جون نديون وھائي ڇڏيون.

غازين نيٺ دل ھاري ميدان ڇڏيو ۽ عبدالله خان ڏانھن ڪابل ۾ نياپو موڪليائون تھ انگريزن جي فوج ساري ڪري چڪي آھي، ھاڻ اوھان جو اچڻ ضروري ٿيندو تھ جيئن وڌيڪ ڪجھھ ڪيو وڃي. عبدالله خان نياپو ملندي اٿيو ۽ شمس الدين خان کي پاڻ سان کنيائين. ٻئي گھوڙن تي سوار ٿي جنگ جي ميدان ۾ آيا. غازين ھنن کي ڏٺو تھ سندن حوصلا وڌيا ۽ وري جتان ڪٿان اچي ھڪ جاءِ تي گڏ ٿيا. پلڪ ڇنڀڻ ۾ انگريزن مٿان ڪٽ ڪٽان لڳي ويئي ۽ سندن فوجي گھوڙن جي سنبن ۾ پامال ٿيندا ويا. سندن (غازين) تراريون وڄ جيان چمڪاٽ ڪنديون وسڪارا لائينديون ٿي ويون.

انگريزن جي فوج جو ھن جنگ ۾ جيڏو قتلام ٿيو، سو ڳڻپ کان ٻاھر ھو. ھنن جون سموريون توبون غازين جي ور چڙھي ويون. ھر طرف کان غازي تراريون اڀيون ڪري، الله اڪبر جا نعرا ھڻڻ لڳا. انگريزن جي فوج انھن فلڪ شگاف (اڀ ڏاريندڙ) نعرن کان ھيسجي پويان پير ڪندي ٿي ويئي. منجھھ ٽاھھ کاڌل ھرڻن وانگي ڀاڄڙ پئجي ويئي. پويان غازين ٻوڪڙ ڪري کين پئي للڪاريو، ڀڄو ڪيڏانھن پيا، اچو ميدان ملھايو منھن ڪارؤ! ليڪن انگريزن ڄڻ مقابلي کان ئي توبھھ ڪري ڇڏي.

ميڪناٽن صاحب جڏھن پنھنجي فوج جي اھا خواريءَ ڀري شڪست ڏٺي تھ خار ۾ اچي وري ھوشياري ڪري سموريون توبون گڏائي قلعي تي رکرائي ھڪ ئي ساھيءَ ۾ غازين ڏانھن سڌيون ڪرائي ڇوڙايائين.

انھيءَ زوردار حملي ۾ عبدالله خان اچڪزئي زخمي ٿي پيو. ان سان گڏ انگريزن جي فوج بھ ميدان ڇڏي ويئي. عبدالله خان انھيءَ سوڀ جي سرھائي ۾ غازين سان گڏجي ڪابل شھر ۾ آيو. ڏھن ڏينھن کان پوءِ قدرت خدا جي اھڙي ٿي جو ھيءُ غازي مرد (عبدالله خان) زخمن جو تاب نھ سھي وڃي ڌڻيءَ کي پرتو(1)

انالله و انا اليه راجعون

ھيءُ خدا جو عجيب بندو ھو، جو ايمان حميت ۽ اسلامي غيرت ۾ اچي الاھي رضا موجب بلند ھمتيءَ سان نصارن جي معرڪي ۾ لڙندي پنھنجي بھادريءَ جو مظاھرو ڪندي، ان جي راھھ ۾ ويندو رھيو! ۽ وڃي جنت ۾ داخل ٿيو، جتي ٻين خدا جي پيارن سان گڏيو!

*


 

(٧٢)

سردار محمد اڪبر خان جو بخارا جي قيد مان ڇٽي ڪابل پھچڻ ۽ ميڪناٽن صاحب سان ملڻ ۽ کيس قتل ڪرڻ:

جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آھي تھ امير دوست محمد خان بخارا ۾ جڏھن پنھنجي بھادر پٽ سردار محمد اڪبر خان سميت قيد ۾ ھو تھ ھڪ سوداگر جي مدد سان پاڻ ٻاھر نڪري آيو ھو، تڏھن سردار محمد اڪبر خان کي بھ چيو ھئائين تھ تون بھ مون سان گڏ نڪري ھل، پر ھن انڪار ڪيو ھو.

ليڪن جڏھن امير دوست محمد خان لاڳيتي جنگ کان پوءِ انگريزن سان صلح ڪيو تھ انگريزن مصلحت سبب کيس فوج جي تحويل ۾ ھندستان ڏانھن ڏياري موڪليو. تنھن کان پوءِ سردارن انگريزن سان جنگ شروع ڪئي. انھن ٻنھي سببن جي ڪري بخارا جي عالمن بادشاھھ کي صلاح ڏني تھ ھاڻ سردار محمد اڪبر خان کي قيد ۾ رکڻ نٿو سونھين، جن جي سفارش تي ھن کي بخارا جي والي شاھھ نصرالله خان(1) قيد مان ٻاھر ڪڍيو، جو اتان روانو ٿي سڌو ڪابل ھليو آيو.(2) کانئس اڳ سندس ساٿي بھ ھيڏانھن اچي ويا ھئا، جن سان ملي خوش ٿيو.

اصل ڳالھھ ھيءَ ھئي تھ سردار محمد اڪبر خان ڪابل کان ڇھھ ست منزلون باميان جي قلعي ۾ اچي ترسيو، جنھن جي خبر ٻڌي ڪابل جي سردارن خوشيون ملھايون ھيون. ھنن کيس خط لکي موڪليو تھ بخارا مان اوھان جي آزاد ٿي اچڻ جو ٻڌي اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي آھي، اسان بھ الله کان اھو پئي گھريو: شڪر خدا جو، جنھن جي مھر سان ڀاڳ ڀلارا ٿيا، ھاڻ مرضيءَ موجب سڀ ڪجھھ ٺيڪ ٿي ويندو! وڌيڪ لکيائون تھ: ھن وقت انگريزن ۽ سرارن جي وچ ۾ جٽادار جنگ ھلي رھي آھي. پر خداوند ڪريم جي مھر ۽ احمدي مدد سان انگريزن جي فوج ۾ ايترو دم ڪونھي، جو اسان سان پوريءَ طرح پڄي اچي. ان موقعي تي اوھان جو ھتي اچڻ عين مناسب ٿيندو، ڇو تھ اھوئي موقعو آھي جو امير دوست محمد خان جو بدلو چڪائي سگھجي ٿو. دشمن جا ھونءَ بھ ڇيھھ ڇڄي پيا آھن.

سردار محمد اڪبر خان کي اھا ڳالھھ دل سان لڳي ۽ بنا ڪنھن دير جي باميان جي قلعي مان سوار ٿي ڪابل پھچي سردارن سان گڏيو، جيڪي ساڻس ملي حد کان وڌيڪ خوش ٿيا ۽ سڀئي مڙي سڙي اچي وٽس پھتا. سڀني جي وات ۾ اھائي وائي ھئي تھ:

”ڀلي آئين جو تنھنجو اچڻ اسان لاءِ ڀلارو آھي،

تنھنجي ھڪڙي قدم تان ھزار جانيون صدقي!“

سردار محمد اڪبر خان جي اچڻ تي سردار ۽ سندن راڄ وارا تھ خوش ٿيا، پر شاھھ شجاع کي انھيءَ معاملي ڏاڍي مونجھاري ۾ آڻي ڇڏيو. کيس اڳ پوءِ جاچيندي ايڏو خوف اچي جاڳيو، جو ڪرڙي وانگي ڦٿڪڻ لڳو. ھن کي انھيءَ فڪر ٿي ماريو تھ ھاڻ الاجي ڇا ٿيڻ وارو آھي! سردارن انگريزن جي ظلم ۽ زيادتين کان وٺي شاھھ شجاع جي سازشن جي پيرائتي ڳالھھ سردار محمد اڪبر خان سان ڪئي. جنھن کين ھر قسم جي تسلي ڏني ۽ پوءِ پھريون ڪم اھو ڪيائين جو ميڪناٽن کي ملاقات لاءِ خط لکيائين تھ آءٌ توڏانھن دوستيءَ جو ھٿ وڌايان ٿو. ميڪناٽن صاحب خط پڙھي، خوشيءَ مان چور ٿي ويو ۽ جواب لکيائين تھ: اسان ڪيتري مدت کان اوھان جي محبت ڀري ملاقات لاءِ منتظر ھئاسين. ڌڻيءَ جا لک احسان جو اوھان بخارا جي قيد مان آزاد ٿي اچي ھت پھتا آھيو، اھا ڳالھھ اسان جي لاءِ نھايت سرھائي واري آھي. انھيءَ خوشخبري تي جيڪڏھن جان گھورجي تھ روا آھي، ڇو تھ اھا خوشخبري اسان جي جان جي لاءِ آسائش آھي. مون کي اوھان سان ملاقات جو ڏاڍو اشتياق آھي. ھاڻ عرض ھيءُ آھي تھ اوھان اھڙو موقعو رکو، جنھن تي ملي ڪي ڳالھيون ڪجن. اميد تھ اوھان اھا عنايت ۽ نوازش ضرور فرمائيندا. آءٌ تھ پاڻ اوھان وٽ اچڻ پئي گھريو، پر ڇا ڪجي جو ڪابل جي سردارن جي ھن وقت جيڪا ڇڪتاڻ شروع ٿيل آھي، تنھن جي ڪري لاچار آھيان.

سردار محمد اڪبر خان اھو خط پڙھي مٿان جواب موڪليو تھ: اوھان جو جيئن تھ ڪابل ۾ اچڻ مشڪل آھي ۽ خطرو محسوس ٿا ڪريو تھ ڪا ڳالھھ ڪانھي. ھن پاسي کان اسان بلڪل حاضر آھيون: اسان جي صلاح: بھتر صلاح اھا آھي تھ دوست جي اشاري تي ڊوڙندا ويندا آھيون. اوھان جيڪڏھن ڪابل جي قلعي ۽ شھر جي وچ تي ڪا مناسب جاءِ مقرر ڪيو تھ اتي ملاقات جو موقعو رکجي منھنجي خيال ۾ ائين ئي بھتر ٿي سگھي ٿو.

ميڪناٽن صاحب کي اھا صلاح وڻي ويئي ۽ ھڪ جڳھھ ملاقات لاءِ مقرر ڪيائين. سردار محمد اڪبر خان پنھنجي معتبر ماڻھن سان ڪابل مان نڪري ساڳي ھنڌ ساڻس ملڻ لاءِ آيو. ٻئي ڀاڪر پائي وڏي پيار ۽ محبت سان مليا.

خوش خير عافيت کان پوءِ، اڪيلائيءَ ۾ ڳالھيون شروع ڪيائون، جتي ڪو ٻيو شخص ٻنھي ڌرين مان موجود ڪونھ ھو. سردار محمد اڪبر خان، ميڪناٽن صاحب کي چيو: ھن کان پوءِ اوھان جو ڪابل ۾ رھڻ مناسب نھ ٿيندو، اھا ڳالھھ ھر حالت ۾ مصلحت کان دور ٿيندي- چڱو ائين ٿيندو تھ اوھان پنھنجي صاحب بھادرن (انگريزن) مان ڪنھن بھ ھڪ کي اسان وٽ ڇڏي نڪري وڃو، جڏھن اسان جي والد (امير دوست محمد خان) کي اوھان جي قيد مان رھائي ڏني ويئي تھ اسان ان صاحب کي واپس ڪنداسون.

ميڪناٽن وراڻيو: ڏاڍو سٺو! منھنجي ذھن ۾ پڻ اھا تجويز ھئي. ٻنھي چڱن مڙسن جون اھي ڳالھيون، جڏھن عام خاص ماڻھن تائين پھتيون تھ ھرڪو خوش ٿي شڪرانا ڪرڻ لڳو. ساڳيءَ طرح انگريزن واري ڌر کي بھ اھا رٿ ڏاڍي وڻي. انھيءَ سوچ سان تھ ٻيھر جنگ ۾ قتلام جو قصو دھرائڻ ۾ نھ ايندو.

ٻنھي (سردار محمد اڪبر خان ۽ ميڪناٽن صاحب) پاران عھد نامو لکي ڏنو ويو، جنھن کان پوءِ ٻئي ھڪ ٻئي کان موڪلائي پنھنجي پنھنجي ماڳ تي آيا.

قضا الاھيءَ سان انھن ڏيھن ۾ ايڏي بارش ۽ برف اچي پئي، جو انگريزي سپاھھ، جنھن ڪڏھن خراسان جي برف باري ڪانھ ڏٺي ھئي، سخت سرديءَ سبب ڏندڻجي ويئي. ٻئي پاسي گدامن ۾ جيڪي ڪجھھ ھو، سو سينوارجي خراب ٿي ويو ۽ ڪيترو سامان لٽجي بھ چڪو ھو، ان ڪري ساري فوج بک ۾ پاھھ ٿيڻ لڳي. فوج ۾ جيڪي مسلمان ھئا، تن اٺ ڍڳا ڪھي انھن جي گوشت تي گذارو پئي ڪيو ۽ ھندو فوجين ڪنھن چواڻي: ”رحو حلال، ٻوٽيون حرام“ سمجھي، ابتي سوچ سان پنھنجي پيٽ جو آڙاھھ ٿي اجھايو!

انھيءَ ھاڃيڪار حالت جي ڪري ھندن، مسلمانن ۾ مذھب ۽ ملت جو ڪوبھ فرق نھ ھو. ھر ڪنھن کي بس نفسانفسي لڳي پئي ھئي، ڪي تھ انھيءَ ڏڪار جھڙي عالم ۾ وڃي عالم ثاني ۾ داخل ٿيا. جيڪڏھن ان جو تفصيل لکڻ جي ڪجي تھ ڪيئي دفتر ڀرجي وڃن.

ميڪناٽن صاحب، سردار محمد اڪبر خان جي ملاقات کان پوءِ عھد انجام ڪري اچي پنھنجي قلعي ۾ رسيو.

چوندا آھن تھ: شڪار کي جڏھن موت کڻندو آھي، تھ وڃي شينھن سان ھٿ چراند ڪرڻ لڳندو آھي! ميڪناٽن ايڏي عھد انجام کان پوءِ بھ پنھنجي فرنگي فريب کان نھ مڙيو ۽ ھڪ ڳجھو خط شاھھ شجاع جي اميرن ڏانھن موڪليائين تھ:

جيڪو بھ سردار محمد اڪبر خان کي قتل ڪري سندس سسي اسان وٽ آڻيندو، تنھن کي سرڪار پاران ڏھھ ھزار رپيا انعام ڏنو ويندو ۽ آءٌ کيس پنھنجو نائب مقرر ڪندس.

اھو خط اتفاق سان سردارن جي ماڻھن کي ھٿ لڳي ويو. انھن وڃي سردارن کي پھچايو ۽ سردارن سگھو اھو خط محمد اڪبر خان کي ڏنو، جنھن خط پاڻ وٽ رکي ميڪناٽن صاحب کي چوائي موڪليو تھ: مان ڪنھن ضروري معاملن تي اوھان سان مشورو ڪرڻ ٿو چاھيان. جيڪڏھن موقعو ڏيندا تھ ڏاڍو چڱو ٿيندو، ان لاءِ وري بھ اوھان کي اچڻو پوندو. ميڪناٽن صاحب کي پنھنجي خط بابت ڪا خبر نھ ھئي تھ اھو شاھھ شجاع جي اميرن تائين پھچائڻ کان اڳ سردارن جي ور چڙھي چڪو ھو؛ اتان وري سردار محمد اڪبر خان تائين وڃي رسيو. جيڪڏھن کيس اھا خبر ھجي ھا تھ اھڙو ڪم نھ ڪري ھا. نھ وري سردار محمد اڪبر خان پاران ملاقات لاءِ کانئس ڪا تقاضا ٿئي ھا.

ليڪن چوندا آھن: جڏھن قضا سر تي اچي ٿي تھ ماڻھوءَ جي اکين تي پردا چڙھي وڃن ٿا، سو ميڪناٽن ملاقات لاءِ تيار ٿي ويو ۽ مقرر ڪيل ھنڌ تي پھچي سردار محمد اڪبر خان سان مليو.

سردار محمد اڪبر خان ھن جو ساڳيو خط ڪڍي، سندس سامھون آڻي رکيو. ميڪناٽن صاحب خط ڏسي صفا ڄڻ سن ٿي ويو. ائين پيو سمجھي ڄڻ ھن جو روح اجھوڪي اجھو جسم مان اڏاڻو! کيس ملڪ الموت اکين اڳيان تري آيو.

سردار محمد اڪبر خان اکيون ڦوٽاريندي تاءُ مان کيس چوڻ لڳو: اي دغاباز، بيوفا، عيار، مڪار، اسان ٿي سمجھيو تھ جلدئي عھد انجام تي عمل ڪرڻ ۾ ايندو ۽ حالتون سازگار ٿي وينديون، پر تون سنئون سڌو بي مروت ثابت ٿئين! اسان جو ارادو ھو تھ اوھان کي عزت ۽ آبروءَ سان ڪابل مان ھندستان روانو ڪيو وڃي ھا. پر اوھان عھد انجام جي ڀڃڪڙي ڪري ۽ منھنجي قتل جي سازش سٽي پاڻ کي ڏٺو ڪري وڌو! افسوس آھي اوھان جي انھيءَ حال تي! دشمنيءَ ۾ بھ ڪنھن شخص ڪنھن سان اھڙي ڪانھ ڪئي، جھڙي تو شخص دوستيءَ ۾ ڪري ڏيکاري! ھاڻي ائين ئي ٿيندو تھ اوھان کي مون سان گڏجي ڪابل ھلڻو پوندو، جتي اوھان جي خاطر خواھھ خدمت سرانجام ڏيڻ ۾ ايندي ......

ميڪناٽن صاحب جو اھي اکر سردار محمد اڪبر خان جي واتان ائين تيز نموني ٻڌا تھ سندس ھوش خطا ٿي ويا. انت حياتيءَ تان آسرو پلي، اتان ھلڻ جي ڪيائين. من نھ من ائين ڪو وجھھ ملي پوي ۽ ڀڄڻ جي واھھ نڪري اچي.

سردار محمد اڪبر خان محسوس ڪيو تھ ھيءُ ھاڻ ڀڄڻ جا سانباھو پيو ڪري تھ سٽ ڏئي کڻي ھٿ ڳنڍيائينس ۽ پاڻ ٻکجي ويا. ٿوريءَ ھڻ مار کان پوءِ سردار موصوف مياڻ مان ترار ڪڍي ھڪ ئي ڌڪ سان سندس (ميڪناٽن) سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي. ميڪناٽن سان جيڪي چار ماڻھو ساڻ ھئا، تن اڳتي وڌي مقابلي ۾ منھن وڌو، جيڪي ھڪ ٻئي پٺيان قتل ٿيندا ويا ۽ وڌيڪ ڄڻا ٻيا بھ گرفتار ٿيا.

ميڪناٽن جي سسي ڌڙ سميت ڇتي ڪتي وانگي اتان ڪڍي ڪابل جي شھر ۾ آندي ويئي، جتي بازار جي چوڪ تي ان کي لڙڪايو ويو. انھيءَ شاندار ڪارنامي جي ڪري ڪابل توڙي ان جي آسپاس سردار محمد اڪبر خان ”غازي“ جي نالي جي وھھ واھھ ٿي ويئي. غازين کان علاوه ھر خاص عام اتي اچي ميڪناٽن جي منڍي ۽ ڌڙ کي لڙڪيل ڏسي ٿڪون ھڻڻ لڳو- جيڪي ٽي ڄڻا ٻيا گرفتار ٿيا ھئا، تن مان سردار موصوف ٻن ڄڻن کي قتل جو حڪم ڏنو، ٽيون شخص جيئن تھ مسلمان ھو، ان ڪري انھيءَ کي قيد ۾ وڌو ويو.

ھن عظيم الشان فتح تي شادمانا شروع ٿي ويا. اھل اسلام جو جيڪو فرد ھو، تنھن جي خوشيءَ جي ڪا حد ئي نھ ھئي، سڀ ڪنھن سردار محمد اڪبر خان جي ڪارنامي کي ور ور ڪري ٿي ساراھيو!

انگريز، جيڪي پاڻ کي عقلمنديءَ ۾ سڀ ڪنھن کان سرس ۽ افلاطون جو ثاني ڪري سمجھندا آھن ۽ سورھيائي جي سرسي ۾ سڀ کان يگانا لکائيندا آھن، تن جي خراسان/افغانستان جي سرويچ سردارن اڳيان پت وائکي ٿي پئي ۽ گڏھھ وانگي مورڳو گپ جي تري ۾ وڃي پيا. ھنن خراسان/ افغانستان لاءِ جيڪي آسون، اميدون ڪيون ھيون، اھي ائين ناڪام ٿي ويون ۽ ھيءُ بنا ڪنھن حاصلات جي ھٿئون پنھنجن جا سر وڃائي واپس ٿيا. سندن دل حسرتن ۾ ئي داغدار رھجي ويئي ۽ ھنن جي زالن کي آخر ماتمي لباس نصيب ٿيو.

جيڪو بھ سچائي جي ساک ۽ وعده وفائي جي ڪسوٽيءَ تي پورو ۽ پڪو ثابت ٿيندو آھي، تنھن جي عزت آبروءَ کي ڪوبھ جوکو نھ ھوندو آھي.

جيڪڏھن صداقت جو موتي پڳ جو سينگار آھي،

تھ اھو سينگار نبيھھ رھي.

ڪنھن سان بدعھدي ڪرڻ چريائيءَ جي ڳالھھ

ٿيندي، جا ڪسي ڳالھھ آھي.

جيڪڏھن سچائي جي بھشت جو مزو ڪنھن کي

حياتي ۾ ماڻڻو آھي،

تھ ان کي ڪوڙ ڏانھن ڪڏھن بھ مائل

ڪين ٿيڻ گھرجي.

جيڪڏھن تون چاھين تھ سچ سان خلق کي پيارو لڳين تھ پوءِ ھروڀرو ڇو ٿو ڪوڙ ۽ ڪچائيءَ جي ڏچي ۾ پوين؟

ميڪناٽن صاحب بھادر سردار محمد اڪبر خان سان جيڪڏھن عھد انجام موجب سنئون سڌو ھلڻ جي ڪري ھاتھ سندس حياتيءَ کي ڪوبھ جوکو نھ رسي ھا، نھ وري سندس لاش کي نڌڻڪو ڪري شھر جي چوواٽي تي لڙڪايو وڃي ھا.

سچ چيو اٿن تھ:

سچائيءَ ۾ ڇوٽڪارو آھي،

۽ ڪوڙ ھلاڪيءَ جو ڪارڻ ٿئي ٿو.

*


 

 

(1) كإۑێ ڡڵإڶإڷ: إێۆ بێ إڷڧۆڎ ضۆ ێڥ كإڜ ڤښڶ آێۑ، ضۑڥۆ ڛۆڤ ښإڷ ڦإډۆ حۑ ۆۑۆ.

(2) ڜقۑق ١٢٥٨ێێ (١٨٤١ڠ) آێۑ. قبۑبۑ.

(1) ضێإڈ ڵإ٭ ێڷڷ ضۑ إێإ جۑإڎۑ ١٧ ڎڶڝإڷ ١٢٥٨ێێ ڶڞإبڤ ٢ ڷۆڶبڎ ١٨٤١ڠ ۾ ڛڎۆڠ حۑ ێیۑ، ڶۆێڷ ڵإڵ ڵڦۑ حۆ جێ: ڜبق ضۆ ښۆۑڎ ێڥ تإڷێۑ ڶڷێڷضۑ ڥڶڎۑ ۾ آیۑ ۽ ڈإڷێۆڷ ڥڎڼ ڵکۑ جێ إۆێإڷ ڊإڌإ إڎڊإ آێۑۆ، ښإڎۆ ڛێڎ غۑثإخضۑ ڎێۑۆ آێۑ. (قۑإج إڶۑڎ ٢-١، ٤).

(1) ڛێڐإڈۆ ڢجق ضڷڧ، ڛإێێ ڛضإڠ ضۆ ۆڊۆ صخ، ۆډۑڥ ڵإ٭ ڊښۆ، ڥجإب ۾ ڶۆضۆڈ إبڈإڵۑ قڥڶڎإڷڷ ضۆ ڛضڎۆ. ڶجڎضڶ.

(1) ڠبڈإ^ كإڷ إغڥڐیۑ، بۑبۑ ڶإێڎۆ ضۑ ضڷڧ ۆإڎۑ ڶۑڈإڷ ۾ جإڎۑك ١٣- ڷۆڶبڎ ١٨٤١ڠ (٢٧ ڎڶڝإڷ ١٢٥٧ێێ) ډإڎۑ ڛێۑڈ حۑۆ. (ڊښۆ جڠڵۑڤ ڷڶبڎ ٢١)

(1) بكإڎإ ضۑ بإڈڛإێێ ضۆ ڷإڵۆ ڛإێێ إڶۑڎ ڷڜڎإ^ بڷ قۑڈڎ جۆڎێێ تډإۑۆ ۆعۑ حۆ، ضۑڥۆ بكإڎإ ضۑ ڶڷڡۑجۑ بإڈڛإێڷ ڶإڷ ێۆ، ضڷێڷ ١٢٤٢ێێ (١٨٢٦ڠ) ڦإڷ ١٢٧٧ێێ (١٨٦٠ڠ) جإیۑڷ قڥۆڶج ڥیۑ. ڈۆڵ إښڵإڶۑێ ٤٣٩- ڞبڠ إښجڷبۆڵ.

(2) ښڎڈإڎ ڶقڶڈ إڥبڎ كإڷ ڛإێێ بكإڎإ ضۑ كإڷڈإڷۑ صۑڎ بجكإڥ ڠبڈإڵڛڥۆڎ ضۑ غإغۑ ضۑ ښڢإڎڛ جۑ ڤۑڈ ڶإڷ آڐإڈ حۑۆ ێۆ. ښڎإض، ١-١٦٥.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org