(٧٨)
جنرل ناٽ جو ٻيھر غزنيءَ جي قلعي کي فتح ڪرڻ، اتان
پنھنجي قيدين کي ڇڏائڻ لاءِ باميان ڏانھن ھڪلي
وڃڻ:
جنرل ناٽ صاحب، غزنيءَ جو قلعو، شمس الدين خان کان
فتح ڪري ٽن ڏينھن کان پوءِ پنھنجي لشڪر سان غزني
ڇڏي، انگريزن جي قيدين کي ڇڏائڻ لاءِ باميان جي
قلعي ڏانھن ھڪلي ويو. جتي محمد صالح خان
سردار محمد اڪبر خان جي حڪم تي قيدين کي باميان جي
قلعي اندر زالن، مردن کي الڳ الڳ سوڙھين ۽
اونداھين ڪوٺين ۾ ڍورن وانگي واڙي رکيو ھو.
جڏھن انھن مصيبت جي مارين ڏٺو تھ قيدن جون عقوبتون
حد کان وڌي چڪيون آھن ۽ موت جا ڏينھن مٿان آيا پيا
ڏسجن يا ائين ٿئي جو اسان سڄي ڄمار بي دريافتا
بندي خاني ۾ پيا لوڙيون يا وري ٿي سگھي ٿو تھ ھيءُ
مٿي ڦريا افغان اسان کي غلامن ۽ ٻانھين وانگي ھتان
ڪڍي وڃي ڪوھستان ۾ ڪنھن جي ھٿ وھڪرو ڪري ڇڏين.
انھيءَ ڊاءُ ۾ قيدين ھڪ ٻئي سان لڪي ڇپي صلاح ڪئي
تھ ھاڻ ڪانھ ڪا تدبير ڪرڻ کپي، نھ تھ پنھنجا ٻئي
جھان ويندا ھليا. پر تدبير بھ اھڙي ھجي جو سنئون
سڌو تير وڃي نشاني تي لڳي! اھو سوچي سڀني لارنس
صاحب کي پنھنجو مک بڻايو، جيڪو ڏاڍو ڏاھو ۽ آزمودي
وارو ھو. ھن ھڪ ڏينھن وڃي محمد صالح خان کي ادب
سان سلام ڪيو ۽ نوڙت سان ٿورو پرڀرو ٿي بيھي رھيو.
محمد صالح خان مھر جي نظر سان ڏانھس ڏٺو ۽ حال
احوال پڇيائينس، تھ ڪھڙي خبر چار آھي؟ اچو ويجھا
ٿي ويھو! جيڪو چوڻو ھجي بنا ھٻڪ جي چئي ڏيو.
لارنس صاحب عقل جي کيڏ ڪري کيس جواب ڏنو: اوھان کي
اسان بيوس باندين جو سمورو احوال ذري پرزي سميت
معلوم آھي، جنھن لاءِ ڪنھن بيان جي ضرورت ناھي. پر
ھن وقت اسان قدرت جي قضا سان اوھان وٽ قيدي آھيون،
تڏھن بھ ھڪ حقيقت پيش ٿي ڪجي، جيڪا خود اوھان جي
حق ۾ آھي. اسان کي اھو ارمان پيو ٿئي تھ اوھان
جيڪا ھيڏي محنت پيا ڪريو، تنھن جو سردار محمد اڪبر
خان وٽ ڪو قدر نٿو ڏسجي ۽ اھو اوھان جي ذاتي جوھر
جي سڃاڻپ نٿو ڪري سگھي، پر خدا شاھد آھي، جيڪڏھن
اوھان جو اڳ ۾ اسان سان ڪو لڳ لاڳاپو ھجي ھا تھ
اوھان کي اھڙي خدمت ۽ محنت جي عيوض ايترو اڏي
ڇڏيون ھا جو اوھان پاڻ انصاف ڪريو ھا تھ برابر
دوستي ۽ مھر وفا اھا ٿيندي آھي. پر ھاڻ ڇا ٿو ٿي
سگھي، جڏھن اسان پاڻ اوھان وٽ قيدي بڻجي چڪا آھيون
۽ ڪجھھ بھ نٿا ڪري سگھون: جيڪو پاڻ مجبور آھي، سو
ٻئي جي ڇا مدد ڪندو!
ھاڻ بھ جيڪڏھن اوھان اسان تي ھڪڙي مھرباني ڪريو تھ
اوھان جا دل جان سان ٿورائتا ٿينداسين. اسان جو
عرض آھي تھ اسان کي رڳو ھڪ ڀيرو پالڪ صاحب وٽ
گندمڪ واري ھنڌ پھچايو وڃي. اسان بدلي ۾ اوھان کي
ھڪ لک رپيا ڏيارينداسين، ان کان علاوھ سرڪار کي
چوائي اوھان لاءِ ساليانو وظيفو پڻ مقرر ڪرايو
ويندو.
محمد صالح خان ماٺ ڪري ھن جون ڳالھيون ٻڌيون ۽ ڪو
جواب نھ ڏنائين. جھٽ رکي ھنن جي کاڌي پيتي ۽ سير
سواڌ جو حڪم ڏنائين. ان جو مطلب ھو تھ ھو آئيندي
جي ڪنھن گھري سوچ ۾ غرق ھو.
ھوڏانھن جنرل لاٽ جي غزني فتح ڪرڻ جو ھل ٿي ويو تھ
انگريز قيدين ھيڪاري دل ڌاري ھڪ اقرار نامو تيار
ڪيو تھ: جيڪڏھن سمورن قيدين کي ھتان ڪڍي گندمڪ
واري ماڳ وٽ جنرل پالڪ تائين پھچايو ويو تھ ان جي
صلي ۾ ھڪ لک رپيا ڏنا ويندا، ۽ سرڪار کي سفارش ڪري
جان بخشي عيوض وظيفو پڻ مقرر ڪرائڻ ۾ ايندو، جيڪو
ھن کي تھ سڄي ڄمار ملندو، پر سندس پوين کي بھ
سنڀالي ڏنو ويندو.
انھن ڏينھن ۾ ڪابل مان جنرل پالڪ صاحب ھڪ خط محمد
صالح خان ڏانھن اماڻيو تھ اوھان جيڪڏھن مھرباني
ڪري قيدين کي اسان تائين پھچائيندا تھ اوھان کي في
الحال ويھھ ھزار رپيا روڪ ۽ ھڪ ھزار ساليانو وظيفو
ڏياريو ويندو. انھيءَ ڳالھھ ھن (محمد صالح خان) کي
ويتر لالچائي وڌو ۽ ڏاڍو خوش ٿي موقعي جي تاڙ ڪرڻ
لڳو تھ جيئن صاحب بھادر جي حڪم جي تعميل ڪجي.
واقعي زر وڏي شيءِ آھي ۽ دل کي ڏاڍي فرحت ڏياري
ٿي، ان جو کڙڪو بھ اھڙو آھي جو ٻڌڻ سان سڀ اولا
لھي وڃن ٿا.
زر، اندر جي اھنجن جو اپاءُ، ۽ مشڪل آسان ڪندڙ
آھي.
اھائي سرخروئي عطا ڪري ٿي، ۽ سھڻن جو قرب حاصل
ڪرائي ٿي.
محمد صالح خان بھ زر جي عشق ۾ ڦاھو ڦڪڻ لاءِ تيار
ٿيو ۽ قيدين کي ڪڍڻ لاءِ گھاٽ گھڙيندو رھيو. ھيءُ
اڃا انھن ويچارن ۾ وھلور ھو تھ مٿان سردار محمد
اڪبر خان جو خط اچي مليس. ھن خط پڙھڻ سان ڪنھن وٿي
وجھڻ کان سواءِ قيدين کي باميان جي قلعي مان ڪڍي
ھوشياريءَ ۽ خبرداري سان خلم
ڏانھن ڏياري موڪل! ڇاڪاڻ تھ ڪابل تي وري انگريزن
قبضو ڪري ورتو آھي ۽ سندن فوج قيدين جي ڳولا ۾ لڳي
پئي آھي، اڄ نھ سڀاڻي اھي باميان جي قلعي تائين
پھچڻ وارا آھن. ان ڪري اڳواٽ ئي بلو ڪرڻو پوندو-
پر ھن حڪم جي پوئواري ۾ ڪابھ ڪوتاھي نھ ٿيڻ کپي!
محمد صالح خان، سردار جي حڪم تي لاچار ٿي قيدين کي
باميان جي قلعي مان ڪڍي خلم ڏانھن رواني ٿيڻ جي
نيت ڪئي. اتي کيس قاصد اچي ٻڌايو تھ انگريزن جو
لشڪر تاجين
تائين اچي چڪو آھي، جيڪو ماڳ باميان سان لڳو لڳ
آھي
انھيءَ لشڪر افغانن سان جنگ جوٽي کين شڪست ڏني
آھي. اھا ڳالھھ جڏھن برنس صاحب جي خاص رفيق موھن
لال ڪشميري جي ڪن تائين رسي تھ ڏاڍو سرھو ٿيو ۽ دل
کي تقويت آيس. ٻئي پاسي قيدين ۾ بھ انھيءَ خبر ٻڌڻ
سان ڏاڍي سرھائي پيدا ٿي. خاص ڪري افغانن جي شڪست
سندن حوصلا وڌائي ڇڏيا، ليڪن عقل کان ڪم وٺڻ جي
ڪيائون. منشي موھن لال کي لارنس صاحب پاڻ سان وٺي
محمد صالح خان وٽ آيو، کيس چيائين: اسان ٻڌو آھي
تھ انگريز بھادر جي فوج تاجين بھ فتح ڪري ورتو آھي
۽ اتي بھ افغانن کي شڪست اچي ويئي آھي، ھاڻ تھ ان
جو ھتي پھچڻ سولو ٿيندو. اسان کي اھا بھ پڪ آھي تھ
ھن وقت انگريز فوج سان اوھان جو مقابلو ممڪن ناھي،
نھ وري مقابلي ۾ اوھان کٽي سگھو ٿا! سو اوھان کي
جنھن رقم جي آڇ ڪيل آھي، اھا شايد اوھان جي ڀاڳ ۾
نھ اچي ۽ اوھان جي دل ۾ حسرت رھجي وڃي، پر ائين بھ
ٿي سگھي ٿو تھ اوھان خود ڪنھن آئيءَ ۾ اچي وڃو!
ھاڻ بھ اسان اوھان جي دلاسي موجب اوھان سان ھيءُ
احسان ڪري رھيا آھيون. وڌيڪ اوھان جي وس ۾ آھي
جيئن بھتر سمجھو تيئن ڪريو. اسان کي جيڪا خير
خواھي ڪرڻي آھي، سا ڪنداسين. توھان وڌيڪ ڪجھھ سوچڻ
يا ڪنھن دير لائڻ بدران دور انديشي کان ڪم وٺي
اسان جي قيدين کي بند مان ڪڍي ڪابل ڏانھن اماڻيو،
ان ۾ ئي اوھان جي لاءِ آئيندي جي ڀلائي آھي. اھا
صلاح محمد صالح خان جي ويجھن دوستن کي بھ وڻي
ويئي.
آخر گھڻي جھڪ جھڪان کان پوءِ محمد صالح خان ھڪ
اقرار نامو انھن کان لکرائي ورتو، جنھن جو ضامن
تڪرن
صاحب پيو ۽ ضمانت نامي تي دستخط ڪيائين. ساڳيءَ
طرح اقرار نامو بھ سڀني قيدين جي صحيحن سان تيار
ٿي ويو. ان مطابق محمد صالح خان اقرارنامي کي
پنھنجي حجت ۽ جياپي جي بچاءَ جو اپاءُ سمجھي،
سمورن قيدين کي بند مان آزاد ڪري ڪابل ڏانھن اماڻي
ڇڏيو.
قيدين کي بنديخاني کان ڇوٽڪارو مليو تھ باز وانگي
اڏامندا اچي جنرل سيل وٽ ڪابل جي ڇانوڻيءَ ۾ پھتا،
جيڪو ھنن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ شادمانا ڪرايائين.
انھيءَ خوشيءَ ۾ جشن برپا ٿي ويو، جنھن ۾ سڀني مست
ٿي ڳائي وڄائي ۽ نچي ٽپي پنھنجي دل وندرائي.
قيدين جي پھچي وڃڻ تي صرف ٽي سو رپيا وظيفي طور
محمد صالح خان لاءِ سرڪار پاران مقرر ڪري ڏنا ويا
۽ اقرارنامي وغيره جا ڪاغذ پنھنجي ٻوھي ۾ ھڻي
ڇڏيائون.
تاريخ ١٤- آڪٽوبر ١٨٤٢ع تي جنرل ناٽ صاحب ھڪ چٺي
ڪپتان جي. سي صاحب ڏانھن ھن طرح لکي موڪلي تھ:
جنرل پالڪ صاحب جيئن ڪابل ۾ داخل ٿئي، کيس چئجو تھ
اوھان جي بدلي جو وقت اچي ويو آھي، ھاڻ ڪابل ۾
ڪوبھ انگريز عملدار ڪونھ رھندو. باقي جي جٺيون
ڪابل جي ماڻھن انگريزن جي ملازمن سان ڪيون آھن، تن
جي وير پاڙڻ لاءِ ڪابل جي اميرن جون وڏيون وڏيون
عمارتون ساڙي خاڪ ڪرڻ ۾ اچن.
پنجن ڏينھن کان پوءِ جنرل پالڪ ڪابل ڇڏي جلال آباد
اسھيو. جڏھن ڪوتل جي وسنديءَ وٽ آيو تھ افغان
غازين مٿس راتاھو ڏنو. فوج وٽ جيڪو سامان ھو، اھو
لٽي ڦري کنيائون ۽ فوج سان جنگ ڪندي ستر ڄڻا آفيسر
۽ فوجي ماريائون تھ ڪيترا گھوڙن سان گڏ زخمي ٿي
پيا. بھرحال جنرل پالڪ وري بھ اڳتي وڌيو. جلال
آباد پھچي، سڄو سامان ھٿ ڪري اتان سڌو پشاور ڏانھن
لڏو کڻي ھليو.
انھيءَ واٽ سان بھ افغان غازين انگريزن جي فوج تي
ڪيترا راتاھا ڏنا ۽ خوب لٽ ڦر ڪندا رھيا. پڇاڙيءَ
۾ جڏھن اھا فوج خيبرلڪ وٽ آئي تھ اتي بھ ٻھ سو
افغان غازين مٿانئس چڙھايون ڪيون ۽ منجھس اھڙو
ٻاڪر ڪٽو وڌائون، جو انگريزن کان بندوقون ھلائڻ بھ
وسري ويون، جيڪي وار ڪيائون سي بھ خطا ٿيندا رھيا،
نيٺ ڀڄندي ڊڪندي سندن ھٿن پيرن ۾ لڦون پئجي ويون.
انھيءَ وڳوڙ ۾ انگريزن جون پنج توبون غازين جي ھٿ
آيون ۽ تمام گھڻو بارود بھ سندن قبضي ۾ آيو. پر
عجيب ڳالھھ اھا ھئي تھ غازين کي توب ھلائڻ نٿي
آئي! جيڪڏھن ھيءُ توب ھلائي ڄاڻين ھا تھ پوءِ
انگريزن جون ماڳھين راھون رد ٿي وڃن ھا ۽ ھڪڙو بھ
انھن مان باقي نھ بچي ھا!
خيبرلڪ مان لنگھڻ لاءِ رپيو في ماڻھو وصول ڪيو ٿي
ويو، جيڪو افغانن ٿي ورتو. ان کان پوءِ ھر ڪو
سلامتيءَ سان اڳتي نڪري پئي ويو. ليڪن ٻھ پلٽڻيون
پئسن نھ ڏيڻ ڪري پوئتي رھجي ويون. اھي ٽي ڏينھن ٽي
راتيون، جبل ۾ بند رھيون. نيٺ پئسا ڏئي پار پيون.
جنرل پالڪ واري فوج ڪابل ۽ جلال آباد ۾ عمارتن کي
باھيون ڏئي، ڪجھھ سامان ھٿ ڪري ڏاڍي ھٺ ۽ وڏائيءَ
سان سڙيل شيون ساڻ کڻي، خيبرلڪ تائين آئي تھ اتي
جنرل ميڪائيل جي ريجمنٽ بھ اچي ھن سان گڏي. افغانن
ٻنھي تي بندوقن سان اچانڪ حملو ڪري ڏنو، جيڪي جبل
۾ لڪي ويٺا ھئا. اھا جھڙپ ائين لڳي جو افغانن جو
ھڪ ٽولو اگھاڙي مٿي، اگھاڙين پيرين ترارين سان اچي
انگريزن جي فوج تي وار مٿان وار ڪندو ويو، جنھن
چئن گھڙين اندر سڄو ميدان لاشن سان سٿي ڇڏيو. فوج
۾ جيڪي اٺ سوار ۽ گھوڙي سوار ھئا، تن کان ڏوڪڙ ۽
اناج وغيره ۽ ٻيو سامان ڦريو ويو. لاشن جي گھڻائي
سبب ٽي ڏينھن لڪ وارو رستو بند ٿي ويو، انگريزن جي
فوج جڏھن گڏجي اھي لاش کڻي جيل جي ھيٺاھينءَ ڏانھن
اڇلايا، تڏھن وڃڻ جي واٽ ٿي. اھڙيءَ ريت انگريزن
کي خراسان/
افغانستان لاءِ جيڪا خواري ۽ خرابي ڏسڻي پيئي،
تنھن جو شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين جيڪو نتيجو
نڪتو، سو بيان ڪري نٿو سگھجي. دنيا جون جيڪي
خواريون ۽ شرمساريون ھيون، سي انگريزن ۽ سندن فوج
جي پڙ پيون.
چون ٿا، جيڪڏھن انگريزن کي ڪو غيرت جو قطرو پاڻ ۾
ھجي ھا تھ انھيءَ تعدي ۽ جٺ ڦٺ کان ٻڏي مرن ھا! يا
زھر جي گوري ڳھي پاڻ کي ماري ڇڏين ھا، ليڪن
انگريز، جيڪي پيرن کان چوٽيءَ تائين صاحبلوڪ ھوندا
آھن ۽ ھر ھڪ کي صاحب بھادر جو لقب مليل ھوندو آھي،
اھي سڀ لعنتون ۽ ملامتون پٺيءَ پويان اڇلائي،
ڳياڙي ھڻندا رھيا تھ: بھادرن جو جيئرو رھڻ ضروري
آھي...!!
انگريزن بي حساب جاني، مالي نقصان ۽ خرابيءَ کان
پوءِ ڪابل جون عمارتون ساڙي ۽ غزني جي قلعي مان
سومناٿ وارا دروازا ڪڍي، اٺن تي کڻائي، ھندستان جا
سفر شروع ڪيو ۽ قيدين کي بھ آزاد ڪرايائون.
انھيءَ وچ ۾ ھندستان جي گورنر جنرلايلن
برو خراسان
/
افغانستان ۾ رھندڙ فوجن ڏانھن
لکي موڪليو تھ خراسان/
افغانستان جو ملڪ ايڏو زرخيز
ڪونھي، ٻيو تھ افغان ڏاڍا بي رحم ۽ سنگدل آھن،
جيڪي جبلن جي پيدائش آھن ۽ سدائين خانھ بدوشي واري
زندگي بسر ڪندا رھن ٿا، اھڙي قسم جي قوم سان
مقابلو ڪرڻ فضول آھي. اوھان ھيئن ڪريو جو ھڪدم
قيدين کي پاڻ سان وٺي فيروزپور پھچو تھ اوھان جي
انھن محنتن ۽ مشقتن جو اوھان کي ڦل پلئھ وڌو وڃي،
جيڪي اوھان خراسان/
افغانستان ۾ ڪيون آھن. ان سان گڏ انگريز سرڪار اھو
بھ چاھي ٿي تھ اوھان مان ھر ھڪ کي رتبي مطابق ڪنھن
نھ ڪنھن سرڪاري عھدي تي رکيو وڃي.
انھيءَ حڪم تي جنرل پالڪ، جنرل ناٽ ۽ ٻيا صاحب،
جيڪي خراسان/
افغانستان ۾ مقرر ٿيل ھئا،
قيدين سان گڏ فيروزپور جي دارالامان ڏانھن ھلڻ
وارا ٿيا. کين خراسان/
افغانستان ۾ جيڪي ڏک ڏسڻا پيا،
تن کان ڇوٽڪارو مليو، خاص ڪري فيروزپور ۾ پھچڻ تي
تھ ھنن کي ڄڻ نئين حياتي ملي ويئي. عام چوڻيءَ
مطابق تھ خراسان/
افغانستان بازن جو ملڪ آھي، ۽ ھندستان ڪانگن جو
ماڳ آھي، سو بازن سان ڪانگن کي ڏيٺ ويٺ نھ رکڻ
کپي. ان باري ۾ ھڪ قصو ڪنھن عقلمند جو قلمبند ٿيل
آھي، جيڪو اڳتي ھلي ناظرين جي دل وندرائڻ لاءِ پيش
ڪرڻ ۾ ايندو.
*
(٧٩)
انھيءَ بيان ۾ تھ راوين جي چوڻ مطابق: انگريزن جي
فوج جو ٻئي دفعي ڪابل ۾ اچڻ ۽ عمارتن سان گڏ بازار
کي باھھ ڏئي ساڙڻ، غزني جو قلعو ھٿ ڪرڻ، قلعي جا
دروازا ڪڍرائي ھندستان کڻي وڃڻ ۽ سومناٿ ڏانھن
پھچائڻ، پنھنجي قيدين کي بند مان آزاد ڪرائڻ
وغيره، اھو سڀڪجھھ سردار محمد اڪبر خان جي مرضيءَ
سان ڪيو ويو!
سردار فلڪ اقتدار محمد اڪبر خان پنھنجي ھمت ۽
دلاوريءَ سان سڄي ڪوھستان، ڪابل، غزني ۽ قنڌار
وغيره کي، جتي غازين شھبازن جو ماڳ ھو، اوندھھ مان
ڪڍي نوراني صورت ۾ آندو ۽ پوءِ جلال آباد ڏانھن
وريو، جتي جنرل ناٽ ۽ جنرل پالڪ پنھنجي فوجن سان
موجود ھئا، اتي ھن (سردار محمد اڪبر خان) ھنن کي
سخت ولو (گھيرو) ڪري ٻن مھينن تائين وڏيءَ محنت
سان مورچا تيار ڪرايائين. ھن جي انھيءَ سختيءَ کان
انگريزن کي ڏاڍو ششدر ۽ تنگ ٿيڻو پيو. سردار محمد
اڪبر خان جي دفع ڪرڻ لاءِ ڪيئي تدبيرون ڪيائون، پر
ناڪام ٿيندا رھيا. آخرڪار کيس ميڙمنٿ ڪندي چيائون:
انگريز سرڪار کي خراسان/
افغانستان ۾ جيڪا خواري، خجالت اوھان جي سردارن
کان رسي آھي، سا عمر ۾ نھ ڏٺي ويئي ھئي، نھ وري
ايتري قدر ڪي تلخيون اسان چکيون ھيون.
جيڪڏھن ھن دفعي تنھنجي غم کان بچيس،
تھ ٻيھر ڪڏھن عاشقيءَ جا ڪا سڌ نھ ڪندس.
سو اسان کي جيڪي سزائون ملي چڪيون آھن، سي ڪافي
آھن ۽ جيڪي تڪليفون برداشت ڪري چڪا آھيون، تن کان
وڌيڪ پاڻ ۾ سھڻ جي سگھھ ڪانھ رھي آھي. ھاڻ اسان
وعدو ٿا ڪريون تھ امير دوست محمد خان کي ھندستان
مان واپس آڻي ھتي رسائينداسين ۽ جيڪي اوھان حڪم
ڪيو، تنھن موجب پئسا ڏوڪڙ بھ اوھان جي خدمت ۾ حاضر
ڪيا ويندا، پر ان لاءِ شرط آھي تھ اوھان اسان تي
مھرباني ڪري اسان جو پردو رکي پنھنجي مدد
فرمائيندا.
پھريان ھيءُ مدد تھ اسان جي قيدين کي آزاد ڪيو
وڃي، ٻي اھا تھ اسان کي ڇڏيو وڃي تھ ھڪ ڀيري ڪابل
وڃي پنھنجو انتقام (وير) پورو ڪريون، اتان جون
عمارتون ۽ بازار ساڙيون، جتي ميڪناٽن صاحب جو لاش
ٽنگيو ويو ھو. ان کان پوءِ اسان ھتان ٽپڙ ٻڌي سڌو
ھندستان ھليا وينداسين. اھڙو عھدنامو لکي ڏيڻ لاءِ
تيار آھيون ۽ اھو بھ انجام آھي تھ وري ھن پاسي اچڻ
جي نھ ڪنداسين.
سردار محمد اڪبر خان جواب ۾ چيو تھ: اوھان جو سڄو
ڪاروبار چالاڪيءَ ۾ منھن ڪارائپ سان پيو ھلي، ان
ڪري اوھان جي ڪنھن عھد اقرار تي ڪو ڀروسو ناھي.
مگر ولايت کان اھڙو بندوبست ڪرايو تھ بھتر ٿيندو.
ان سان گڏ اسان جو مربي پيءُ (امير دوست محمد خان)
بھ اھڙي تسلي ڏياريندو ۽ اسان کي خط لکي حقيقت کان
واقف ڪندو تھ ڪاڳڻ ڪرڻ ۾ ايندي ۽ اوھان جي سرڪار
جيئن گھري ٿي، تيئن اسان ڪري رھنداسين. انگريز
عملدار، سردار محمد اڪبر خان جون اھي تجويزون ٻڌي
پنھنجي آئيندي جي ڀلائي جو سوچيندي قبولدار ٿيا،
ڇاڪاڻ جو ھنن جي لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو يا
چاڙھو ڪونھ ھو، جو ٻئي دفعي پنھنجي بازن جي زور تي
ڪابل توڙي غزني مان پنھنجي قيدين جي جند آزاد
ڪرائي سگھن ھا. جيڪڏھن برابر ھو پنھنجي طاقت سان
پنھنجي قيدين کي ڇڏائي سگھن ھا تھ پوءِ کين سردار
محمد اڪبر خان جي ڪاڻ ڪڍڻ يا کيس ويچارو ٿي ميڙمنٿ
ڪرڻ جي ڪھڙي حاجت ھئي يا ھنن کي ڪھڙي اچي پئي ھئي،
جو سردار محمد اڪبر خان جي والد امير دوست محمد
خان کي آزاد ڪرڻ تي آماده پئي ٿيا؟
انگريزن جي ۽ سردار محمد اڪبر خان جي اھڙي ٺاھھ ۽
ٺھراءُ کان سواءِ ڪوبھ نبيرو ٿيڻو نھ ھو ۽ ھونءَ
بھ لاڳيتين جنگين جي آوھھ ۾ اچي ٻئي ڌريون وٺي
بيٺيون ھيون. اھا بھ پڪ ڪانھ ھئي تھ اڳتي ڪھڙي
صورتحال پيدا ٿئي ۽ ڪير کٽي يا ڪير ھارائي!
انھيءَ حالت ۽ حقيقت کي آڏو رکندي، راوين پاران
اھا راءِ قائم ڪرڻ ۾ آئي تھ اھو سڀ ڪجھھ سردار
محمد اڪبر خان جي رضامنديءَ سان ئي ٿي چڪو ھو. ڇو
تھ جيڪڏھن ٻئي پاسي ڏٺو وڃي تھ آخر اھا ڪھڙ مصيبت
ھئي، جنھن سردار محمد اڪبر خان جھڙي غازي، جري ۽
بھادر شخص کي ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيو. ھن وٽ، ان
وققت جڏھن ھن بخارا جي قيد مان آزاد ٿي ڪابل ۾ پير
پاتو ھو تھ، ڪھڙي دولت ھئي يا ڪھڙو جنگي سامان
موجود ھو؟ ھيءُ تھ ھٿين خالي اتان نڪتو ھو. اھڙي
بيوسيءَ ۾ انگريزن سان ڪھڙو مھاڏو اٽڪائي ٿي
سگھيو؟ پر تڏھن بھ ھن جيڪا مثالي ۽ ھمت ۽ جرئت ڪري
انگريزن کي ذلت ڀريون شڪستون ڏئي، کين خراسان/
افغانستان مان ھڪالي ڪڍندو رھيو، سا سڀ ڪنھن جي وس
جي ڳالھھ نھ ھئي.
ليڪن ھاڻ بھ ٺاھھ ڪرڻ کان اڳ ھن وٽ انگريزن جي فوج
کان لٽيل ڦريل گھڻو ئي غنيمت جو مال ۽ جنگي سامان:
توبون، بندوقون، بارودخانھ، گدام وغيره، ڪافي کان
وڌيڪ مھيا ۽ موجود ھو ۽ ھزارين سرفروش غازي سندس
حڪم ھيٺ ھئا. اتي انگريزن جي ڪھڙي طاقت ھئي، جو
پنھنجي ٿورڙي فوج جي اڻلکي ٻل تي ٻيھر ڪابل ۽ غزني
تي چڙھي بنا مقابلي ۽ بغير ڪنھن قتلام جي پنھنجي
قيدين کي ڇڏائي وڃن ھا!
ان بابت جيڪي بھ دليل ڊوڙايا وڃن، ڳالھھ جي تھھ
تائين پھچڻ ڏکيو ٿيندو. اصل حقيقت ھيئن آھي تھ:
انھيءَ عھدنامي سان گڏ جڏھن امير دوست محمد خان
وٽان بھ تسلي ڀريو پيغام سردار محمد اڪبر خان
تائين پھتو تھ سڀ اڻايون ڳالھيون سوليون ۽ سڻايون
ٿيڻ لڳيون.
انھن ئي ڏينھن ۾ شجاع الدولھ ھٿان شاھھ شجاع قتل
ٿي چڪو ھو، جنھن جو مٿي ذڪر اچي چڪو آھي، تنھن ڪري
اھو خيال بھ رکڻو پيو تھ متان وري ڪابل ۾ ڪو نئون
وڳوڙ ۽ ملھو پيدا ٿي پوي. سو امير دوست محمد خان
جي تسلي ۽ انگريز سرڪار جي عھدنامي کان پوءِ سردار
محمد اڪبر خان جلال آباد ۾ رھيل انگريزن کي وٺي
ڪابل ڏانھن روانو ٿيو. ان کان اڳ انگريز عملدارن
کي ھدايت ڪيائين تھ مون ظاھر ظھور تھ اوھان سان
صلاح ۽ سازگاري ڪئي آھي تھ اوھا جي قيدين کي آزاد
ڪري اوھان جي حوالي ڪيو ويندو، پر ائين ڪرڻ سان
فتنو فساد پيدا ٿي پوندو، جنھن سان منھن ڏيڻ ڏکيو
ٿيندو. پھريان تھ ڪابل جا سردار مون کي قتل ڪرڻ
لاءِ اٿي پوندا، ٻيو تھ اوھان جي قيدين کي بھ ماري
ڦٽو ڪيو ويندو، ٽيون ھيءُ تھ اوھان مان ڪو شخص
زندھھ نھ رھي سگھندو، ان ڪري اھڙي ڪا تدبير ڪرڻ ۾
اچي، جنھن سان اوھان جي مدعا پوري ٿي سگھي.
منھنجي صلاح آھي تھ اوھان ائين ڪريو، جو ظاھري طور
پنھنجي فوج سان اسان جي پويان ڪابل ڏانھن ڪاھيندا
اچو، پوءِ جيتوڻيڪ افغان اوھان جو اڳ وٺي مقابلو
ڪندا، تڏھن بھ جنگ دوران پاڻ پوئتي ٿي ويندا،
ايتري ۾ اوھان جنگ ڪندا، ڪابل ۾ داخل ٿي وڃجو. آءٌ
اتي پھچي، انھن تي ڏمرجي قيدين کي اتان ڪڍي باميان
جي قلعي طرف روانو ڪندس ۽ پاڻ بھ ڪابل کان نڪري
ويندس.
منھنجي وڃڻ کان پوءِ اوھان عمارتون ڊاھي، بازار کي
باھھ ڏئي، غزني جي قلعي ڏانھن ڪاھھ ڪرڻ وڃجو ۽ شمس
الدين خان سان ٿوري جنگ ڪري کانئس غزني جو قلعو
ڇڏائجو، (جيئن رٿيل آھي). تنھن کان پوءِ شمس الدين
خان باميان جي قلعي ڏانھن ھليو ويندو. پڇاڙيءَ ۾
غزني جي قلعي تي قبضو ڪري فتح جو جھنڊو کوڙي، قلعي
جو دروازو ٽوڙي ۽ خراسان/
افغانستان جي ٻيھر فتح ڪرڻ جا نعرا ھڻندي، باميان
جي قلعي ڏانھن وڃڻ جي ڪجو، تھ جيئن اتي قيدين جي
ڇڏائڻ لاءِ سنئون سڌو سبب پيدا ٿي پوي.
انھيءَ ڳوڙھي رٿا کانپوءِ ان تي عمل ڪندي، انگريز،
سردار محمد اڪبر خان جي ساٿ ۽ سازگاري سان غزني جي
قلعي فتح ڪرڻ کان پوءِ باميان ۾ آيا، جتي ھنن جي
پھچڻ کان اڳ محمد صالح خان جيئن مٿي بيان ٿي چڪو
آھي، قيدين کي وٺي ڪابل روانو ٿي چڪو ھو. انگريزن
جيڪي ھن سان قول اقرار ڪيا ھئا، اھي ھن رٿا جي ڪري
اتيئي پورا ٿي ويا، جن جي ڪا پوئواري ڪانھ ٿي.
ان مان ثابت ٿئي ٿو تھ انگريزن جي ٻيھر ڪابل ڏانھن
روانگي سردار محمد اڪبر خان جي سازگاري سان ٿي
ھئي، نھ تھ ھنن ۾ اھڙو دم ڪونھ ھو، جو اھا مھم پاڻ
واڻي سر ڪري سگھن ھا. ھاڻ ڏسڻو آھي تھ اڳتي ڇا ٿو
ٿئي؟
*
(٨٠)
سردار محمد اڪبر خان جي ھمت ۽ مردانگيءَ سان، سندس
والد امير دوست محمد خان جو انگريزن جي قيد مان
آزاد ٿيڻ- امير دوست محمد خان سان شير سنگھھ جي
ملاقات،- امير موصوف جي ڪابل ۾ آمد- ان موقعي تي
پنھنجي بھادر ۽ بلند ھمت پٽ سردار محمد اڪبر خان
سان ملي خوشيون ملھائڻ:
جنرل پالڪ ۽ جنرل ناٽ صاحب جڏھن پنھنجي قيدين کي
وٺي گورنر جنرل ايلن برو جي حڪم تي خراسان/افغانستان
مان ھندستان ڏانھن روانا ٿيا تھ عھدنامي مطابق
امير دوست محمد خان کي بھ پنھنجن ماڻھن سميت
خراسان افغانستان موڪلڻ جو انتظام ڪيو ويو
امير موصوف ان خوشيءَ ۾ ميسوري جي دوستن جي وڏي
پيماني تي دعوت ڪئي، جنھن ۾ اتان جا ننڍا وڏا شريڪ
ٿيا.
شوال جي پنجين تاريخ (١٢٥٨ھھ) ٩- نومبر ١٨٤٢ع ڌاري
ميسوريءَ مان فيروزپور آيو ۽ گورنر جنرل سان اچي
مليو. کانئس موڪلائي اڳتي ھليو. وڃڻ وقت گورنر
صاحب پنج سؤ سوار، پيادا، ڪي ھاٿي، اٺ ۽ ڇڪڙا امير
دوست محمد خان سان روانا ڪيا.
امير دوست محمد خان جو پٽ غلام حيدر خان، جنھن کي
غزني مان گرفتار ڪري بمبئي ۾ نظر بند ڪيو ويو ھو،
ان کي بھ گورنر جنرل صاحب اتان گھرائي ورتو، ۽ کيس
لڌياني ڏانھن امير دوست محمد خان موڪلي ڏنائين.
اھڙيءَ ريت حاجي خان ڪاڪڙ کي بھ امير موصوف جي
حوالي ڪيو ويو.
غلام حيدر خان لڌياني پھچي، پنھنجي والد جي
قدمبوسي ڪئي ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. سندن وڇوڙي جي
اونداھي رات وصال جي صبح ۾ بدلجي ويئي. ٻن مھينن
کان پوءِ امير دوست محمد خان لڌياني مان خراسان
افغانستان روانگي ڪئي. ان سڀاڳي گھڙيءَ لارڊ صاحب
پنھنجي سر پيرين پيادو امير سان گڏ ڳچ پنڌ تائين
ويو ۽ کيس الوداع ڪيائين. ان کان اڳ کيس خلعت بھ
ڍڪائي ھئائين ۽ ڪيترو وقت ساڻس ڪچھري بھ ڪري چڪو
ھو.
پڇاڙيءَ ۾ امير دوست محمد خان کي چيو ھئائين تھ
انگريز سرڪار سان ڪڏھن بھ دوستيءَ جو ناتو نھ ٽوڙڻ
کپي ۽ اوھان کي سکن سان بھ ٺھي ھلڻ گھرجي. اوھان
اتي وڃي محمد اڪبر خان کي بھ ھدايت ڪندا تھ پشاور
۾ سکن جي قتل ۽ انھن تي حملي کان باز اچي.
امير دوست محمد خان انھن صلاحن ۽ نصيحتن کان پوءِ
اڳتي وڌيو ۽ صاحب بھادر بھ موڪلائي پوئتي وريو.
امير جي راھھ خرچ لاءِ خيبر لڪ تائين انگريز سرڪار
طرفان سڄو انتظام ٿي چڪو ھو.
امير موصوف ائين منزلو ڪندو، جڏھن خالصھ سنگھھ
رنجيت سنگھھ جي حڪومت جي سرحد ۾ آيو تھ ان جي
عملدارن اچي سندس آجيان ڪئي، جن کي اڳ ۾ ئي اھڙو
حڪم ٿيل ھو. آجيان کان پوءِ امير جي سھڻي نموني
دعوت ڪئي ويئي. امير دوست محمد خان ٢٠- جنوري
١٨٤٢ع مطابق ١٨- ذوالحج ١٢٥٨ھھ لاھور جي شھر ۾ اچي
پھتو، جتي مھاراجا رنجيت سنگھھ اڳواٽ ئي پنھنجي
پاران خاص اميرن ۽ مقربن کي سندس استقبال لاءِ
اماڻيو ھو ۽ مھمانداريءَ لاءِ سڄو سامان شاھي
انتظام سان مھيا ٿي چڪو ھو. حڪيم عزيزالدين، جيڪو
مھاراجا جو مصاحب ھو، تنھن تي اھو ڪم رکيو ويو تھ
امير دوست محمد خان جي دعوت ۽ ملاقات لاءِ حضوري
باغ ۾ شاندار نموني بندوبست ڪري. سڀني سردارن ۽
سربراھن کي سندن فوجين ۽ واسطيدارن سميت سھڻي لباس
۽ ھار سينگار سان اتي حاضر ڪيو وڃي.
امير دوست محمد خان دعوت جي انتظام جي خبر ٻڌي
ڏاڍو خوش ٿيو ۽ بر وقت ھڪ خاص ماڻھوءَ سان اعليٰ
قسم جي ٺاھوڪي ترار، ٻھ تازي گھوڙا ۽ پنج سو رپيا
روڪ راجا جي خدمت ۾ نذر طور اماڻيائين ۽ پوءِ پاڻ
حضوري باغ ڏانھن روانو ٿيو.
مھاراجا ڏاڍي اڪير ۽ اتساھھ سان امير جو آڌر ڀاءُ
ڪيو، ايتري قدر جو ذري گھٽ زمين تائين جھڪي، سندس
تعظيم ڪرڻ لڳو. دعوت کان پوءِ ٻنھي گڏجي
نويڪلائيءَ ۾ ڪچھري ڪئي.
ايتري ۾ خبر پھتي تھ سردار محمد اڪبر خان ٽيھن
ھزارن جي لشڪر سان خيبر وٽ پھچي چڪو آھي ۽ پشاور
اچڻ چاھي ٿو. خبر ٻڌي مھاراجا، امير ڏانھن منھن
ڪري کانئس پڇيو: سردار محمد اڪبر خان جي ھن وقت
عمر ڪيتري ھوندي؟ - امير وراڻيو سندس عمر چوويھھ
ورھيھ ٿيندي.
مھاراجا چوڻ لڳو: سردار محمد اڪبر خان ڏاڍي گھڻي
فوج وٺي آيو آھي. ڀلا سندس ارادو ڪھڙو ٿي سگھي ٿو؟
امير دوست محمد خان چيو، صرف منھنجي استقبال لاءِ
سندس اچڻ ٿيو ھوندو، ٻيو مڙئي خير آھي. ائين چئي
وري ڳالھين ۾ لڳي ويو.
شام جو امير دوست محمد خان مھاراجا سان گڏجي ھليو.
ٻئي گھوڙن تي چڙھي فوجي ڪرتب ڏسي ھڪ ٻئي کان
موڪلائي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ويا. اھڙيءَ ريت
امير ھڪ مھيني تائين لاھور جي حضوري باغ ۾ مھاراجا
جو مھمان ٿي رھيو.
ايترن ڏينھن ۾ سردار محمد اڪبر خان بابت لاڳيتون
خبرون اينديون ٿي رھيون تھ اجھو ٿو پشاور تي قبضو
ڪري. آخر مھاراجا طرفان راجا ڌيان سنگھھ ۽ ٻين
اميرن سردارن کي امير دوست محمد خان ڏانھن موڪليو،
جن کيس وڌيڪ عرصو مھمان جي حيثيت ۾ پاڻ وٽ رھائڻ
کان نوائڻ جو خيال ڏيکاريو ۽ نئين سر عھد اقرار
بابت گذارش ڪئي. ليڪن امير انھن ڳالھين کان
لھرائيندي تياري جو حڪم ڏنو ۽ لاھور ڇڏي اڳتي
روانو ٿيو. جڏھن لاھور کان ٻھ منزلون اورتي نڪري
آيو تھ انھن پيادن ۽ سوارن کي (جيڪي انگريز سرڪار
ساڻس گڏ خيبر لڪ تائين وڃڻ لاءِ مامور ڪيا ھئا)
فيروزپور واپس موڪليائين. پنڌ ھڻندي ھڪ ھنڌ چار
ھزار خراساني (افغاني) فوج امير دوست محمد خان وٽ
اچي حاضر ٿي. امير کي سکن مان ڪو خطرو ڪونھ ھو، پر
سکن کي مڙئي ٿورو گھڻو خيال پئي ٿيو، ڇو تھ
خراساني (افغاني) فوج جي ھر طرف ھاڪ ھئي. ليڪن واٽ
تي سکن طرفان ڪابھ شورش ڏسڻ ۾ ڪانھ آئي. انھيءَ
لاءِ سکن مان ھڪ سردار پنھنجي ماڻھن سان امير دوست
محمد خان سان سفر ۾ گڏ ھلندو ٿي آيو ۽ خيبر تائين
امير کي عزت آبرو سان رسايو ويو. پوءِ امير سکن کي
خلعتون ڍڪائي ساڳي عزت سان لاھور واپس موڪليو.
امير موصوف جڏھن خيبر لڪ تي پھتو تھ خيبر جي
افغانن ڏاڍيون خوشيون ڪيون ۽ افغاني زبان ۾ کيس
وڏي محبت ۽ مان سان مبارڪون ڏيڻ لڳا. امير کي پنج
ڏينھن پاڻ وٽ رھائي خوب مھمانيون ڪيائون. تنھن کان
پوءِ پاڻ خيبر مان پار ٿي جلال آباد ڏانھن وڌيو.
سردار محمد اڪبر خان اھا خوشخبري ٻڌي وجد ۾ اچي
ويو، چئي:
ھن خوشخبري تي جيڪڏھن پنھنجي جان صدقي ڪريان تھ
ٺھي ٿي، ڇو تھ ھيءُ خوشخبري منھنجي لاءِ روح کي
راحت رسائيندڙ آھي!
ائين چوندو پيرين اگھاڙو ڊوڙندو ويو ۽ وڃي پنھنجي
مربي پيءُ جا پير چميائين- ٻئي پيار پاٻوھھ سان
ڀاڪرين پئجي ويا. ٻنھي جيڪي جدائي جا سوٺا سر تي
سٺاھئا، سي پورا ٿي چڪا ھئا. انھيءَ موقعي تي ھيءُ
قصيدو، امير بي نظير جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو:
واويلا آھي جو زماني جي گردش کان،
اسان جي درميان جدائي پيدا ٿي وئي.
شڪر آھي جو وري بھ ھي سڀاڳو ڏينھن ڏٺم،
جنھن جي مھابي اونداھيون راتيون روشن ٿيون!
ھن جي وصل مان جيڪو گل چونڊي ورتم،
ان لاءِ ھزارين ڪنڊن جا زخم سھسائڻا پيم،
مون پري رھي نھ ڄاتو تھ راحت ڪھڙي شيءِ آھي؟
ان عالم ۾ صبر ۽ قرار جي ڪابھ ڪل ڪانھ پيم،
مون رات ڏينھن روئندي رڙندي ڌڻيءَ کي ٿي ٻاڏايو:
تھ مون کي اي منھنجا پروردگار.....
انھيءَ مسافر امير (مربي پيءُ) سان جلد ملاءِ،
ان کي فرنگي جي ولايت مان آڻي ھت رساءِ!
قصيدي پوري ٿيڻ تي سردار محمد اڪبر خان پنھنجي
مربي پيءُ جي پيرن تي وڃي مٿو رکيو ۽ ڪيترو وقت
اتي پيو رھيو. اکين مان زار زار ڳوڙھا ٿي وھائيندو
رھيو. ھوڏانھن امير دوست محمد خان بھ دل کولي
ھنجون ھارڻ لڳو، سندن آھون آسمان تائين ٿي رسيون.
امير آخر پوري مھر محبت سان پنھنجي سورھيھ ۽ سرواڻ
پٽ کي مٿي ڪري ڀاڪر ۾ آندو. سندس مٿو ۽ اکيون
چمندي چيائين: منھنجا لخت جگر، منھنجا نور چشم،
منھنجي جند، منھنجي جان! ھيءُ جيڪي ڪجھھ ھن وقت
ڏسڻ ۾ اچي ٿو، سو جيتوڻيڪ رب پاڪ جي مھر ڪرم سان
ٿيو آھي، تھ بھ تنھنجي ھمت ۽ جوانمرديءَ کي وساري
نٿو سگھجي. جيڪڏھن ايڏي دليريءَ وارا ڪارناما
سرانجام نھ ڏئين ھا تھ فرنگيءَ جي قيد مان منھنجي
رھائي ٿيڻي ئي نھ ھئي.
سردار محمد اڪبر خان جواب ۾ چيو: ھيءُ سڀ الاھي
تائيد سان ٿيو آھي، جيڪڏھن بخارا جو والي مون کي
ايترو عرصو بند ۾ نھ رکي ھا تھ آءٌ ڪيئن ائين
چاھيان ھا تھ منھنجو مربي پيءُ انگريزن جي قيد ۾
رھي؟ اوھان ڪيتريون جنگيون ڪري انگريزن کي ٽوٽا
چٻرائيندا رھيا، پر ھنن ڪڏھن بھ ڪا سرسي نھ ڪئي.
پوءِ بھ اوھان خود مصلحت جي خيال کان ۽ خراسان
/افغانستان
جي سردارن جو نفاق ڏسي، انگريزن سان ٺاھھ ڪيو ۽
ھنن ڪو انصاف ڪرڻ بدران اوھان کي قيدين وانگي
ھندستان اماڻي ڪڍيو. ايترو عرصو مون ڪھري نموني
زندگي بسر ٿي ڪئي، سا مون کي خبر آھي.
ھاڻ بھ انھيءَ ارادي سان خدا رسول جي عنايت ۽ مدد
مھابي، ملڪ ۾ اسلام جو جھنڊو بلند ڪري جدوجھد ڪندو
ٿي آيس. امير دوست محمد خان ھن جون اھي ڳالھيون
ٻڌي، پدرانھ شفقت مان کيس ڀاڪر پائي، سندس پيشاني
چمي ۽ آفرين ڪندو رھيس.
ھاڻ موقعي جي مناسبت سان بازن ۽ ڪانگن جو قصو پيش
ڪجي ٿو:
ھڪڙي ٻيٽ ۾ ڪي اصيل باز رھندا ھئا، جن جي پاڻ ۾
ڏاڍي ٻڌي ھوندي ھئي، تنھن ڪري زندگي ڏاڍ سک ۽ آرام
سان پئي گذاريائون. ھنن کي سکيو ستابو ڏسي ڪانگن
کي اچي پيٽ ۾ سور پيو تھ اھو ٻيٽ کانئن کسي پاڻ
وڃي، اتي عيش ڪجن. پر باز جيئن تھ شھزور ھئا ۽ پاڻ
۾ ٻڌي بھ ھئن، ان ڪري ڪانگن کي جرئت نھ ٿي سگھي ۽
رڳو سڌون ڪندا رھيا.
قضا الاھيءَ سان ڇا ٿيو جو بازن جو مھندار، جنھن
جو نالو شھپال ھو، سخت بيمار ٿي پيو، تنھن ڪري ماڳ
مٽائي ٻئي ھنڌ وڃڻ جو خيال ڪيائين تھ جيئن آب ھوا
جي بدل سدل ڪري ڪا شفا حاصل ڪجي! کيس پنھنجي اميرن
بھ اھا صلاح ڏني ھئي، جنھن مطابق اتان نڪري ٻئي
ھنڌ آيو ۽ ٻيا بھ ساڻس گڏ اتي رھڻ لڳا.
ڪانگن جو ڏٺو تھ بازن جو ٻيٽ از خود خالي ٿي چڪو
آھي تھ ھڪدم وڃي ان تي قبضو ڪيائون. ھيءُ بيوقوف
تھ اڳيئي ھئا، ان ڪري ڪا اڳ پوءِ جي سوچ ئي نھ
ڪيائون. ساري ٻيٽ ۾ آزادي ۽ بي فڪريءَ سان پنھنجا
آکيرا ٺاھي ويٺا ۽ دل ۾ سوچڻ لڳا تھ واھھ جو بازن
جو ٻيٽ مزيدار آھي ۽ بنا ڪنھن تڪليف ڪرڻ جي اسان
جي ھٿ لڳي ويو، ھاڻ تھ پيا موجون ڪنداسين.
ھڪڙي ڀيري ڪانگن جي سردار پنھنجي چڱن مڙسن کي پاڻ
وٽ گھرائي ساڻن صلاح ڪئي تھ ھيءُ ٻيٽ بازن جو آھي،
ٿي سگھي ٿو تھ اھي ڪنھن وندر ورونھن خاطر في الحال
ڪنھن ٻئي پاسي نڪري ويا ھجن، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ
وري ھتي موٽي اچن. آءٌ سوچيان پيو تھ اسان ۾ اھڙي
طاقت ڪانھ آھي، جو بازن سان وڙھي، ھن ٻيٽ تي
پنھنجو قبضو قائم رکي سگھون. ھن کان اڳ بھ ائين ئي
پئي ٿيو آھي تھ بازن سان ھٿ اٽڪائڻ ۾ ھميشھ اسان
جي ھار ٿيندي رھي آھي ۽ ھو سوڀ پائيندا رھيا آھن.
اھو ٻڌي ھڪ چمڙي، ڪانگن جي سردار کان پڇيو تھ
قبلا! ڀلا اوھان جي ان باري ۾ ڪھڙي راءِ آھي تھ
ڇا ڪرڻ کپي؟ سردار ڪوبھ جواب ڏيڻ بدران سڌو چٻريءَ
ڏانھن ڪھي ويو، جيڪو سندس گھاٽو يار ھو. ان سان
جڏھن ساري ڳالھھ ڪيائين تھ ھن ڪجھھ ويچاريو ۽ پوءِ
ڪانگن جي سردار يعني پنھنجي يار کي چوڻ لڳو: اوھان
ظاھر ۾ تھ بازن سان ڪو مقابلو ڪري نٿا سگھو، نھ
وري ان ۾ اوھان جي ڪا سوڀ ئي ٿيندي، ڇو تھ اڳين
آزمودن مطابق ھار اوھان جو مقدر بڻجي چڪي آھي، سو
سياڻا چوندا آھن تھ مصيبت اچڻ کان اڳ ئي اپاءُ ڪرڻ
کپي. جيڪڏھن بازن جو ماڳ ڇڏي ھليا وڃو، تھ اھا
ڏاڍي چڱي ڳالھھ ٿيندي، پر جي نھ، تھ اوھان کي ان
جي لاءِ ڏاڍا ڪنڊا ڪڍڻا پوندا.
ڪانگن جو سردار، چٻري جي صلاح ڳنڍ ٻڌي، اتان ھلي
پنھنجن اميرن وٽ آيو ۽ کين ٻڌايائين تھ اجھو
منھنجي يار چٻري ھيءَ صلاح ڏي آھي! ھاڻ ان تي عمل
ڪيو نھ ڪيو، اوھان جي مرضي!
ڪانگن جي اميرن آڪڙ مان چيو: اسان سڀني گڏجي ڍونڍ
تي مارو پئي ڪيو آھي، ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي ٻڌي ٿي
سگھي ٿي؟ اسان ڀلا ڇا ۾ بازن کان گھٽ آھيون، جڏھن
ڳجھن وانگي پر ساھي، سينو تاڻي پنھنجن چھنبن سان
بازن تي چڙھائي ڪئيسين تھ کين اھڙي مات اچي ويندي،
جو وري نھ اسان جو نالو وٺندا. اسان انھن سان ضرور
جنگ ڪنداسين، ان لاءِ جان بھ وڃي تھ ڀلي وڃي! ڪانگ
جي سردار جڏھن انھن جون اھي بھادراڻيون ڳالھيون
ٻڌيون تھ سڀني سان گڏ خوش ٿي وڃي، ساڳي ٻيٽ ۾
آرامي ٿيو. ڪانگن مان ڪن کي جاسوسي لاءِ جدا جدا
ٿاڪن تي ويھاريو ويو، تھ جيئن بھ بازن جي اچڻ جو
پرو پوي، سڀني کي ھوشيار ڪجو! جيڪڏھن ميدان تي اچڻ
جي ڪيائون تھ اسان بھ زالن وانگي پوتيون پائي ڪونھ
وھنداسون، حال تھ جنبي جنگ ڪبي پوءِ ڏٺو ويندو!
ڪانگن جي ان فيصلي ۽ بندوبست کان پوءِ ھر ڪو
دلجاءِ ڪري بازن جا ڀاڻ والاري ويٺو.
پوءِ ڇا ٿيو جو بازن جو باز شھپال بيماريءَ مان
شفاياب ٿي پيو ۽ پنھنجي ماڳ ڏانھن ورڻ جو ارادو
ڪيائين. پنھنجي مھندار جي مرضيءَ کي مان ڏيندي سڀ
ننڍا وڏا باز تياري ڪري ساڻس گڏ روانا ٿي ھليا.
جڏھن ڳچ پنڌ ڪري آيا تھ شھپال جي وزير کيس ھٿ ٻڌي
عرض ڪيو: سائين منھنجا! اسان ڪيترو وقت ٿيو جو
پنھنجو ماڳ ڇڏي چڪا آھيون، ٿي سگھي ٿو تھ ان کي
خالي ڏسي ڪن لالچين وڃي اتي ديرا دمايا ھجن،
جيتوڻيڪ اھا سندن وڏي غلطي ليکبي، تڏھن بھ چئبو تھ
اھڙائي بيوقوف اھڙيون حرڪتون ڪندا آھن، جن کي
پنھنجي عاقبت جو ڪو خيال نھ ھوندو آھي. ٿي سگھي ٿو
تھ اھڙن سڌڙين اچي اسان جي ماڳ تي قبضو ڪيو ھجي، ۽
اسان جي ڦاسائڻ لاءِ ڪو ڦند پکيڙي چڪا ھجن، ان ڪري
منھنجو خيال آھي تھ ڪجھھ سوچي پوءِ اڳتي قدم کڻڻ
گھرجي. ان جي لاءِ اڳ ۾ جاسوس موڪلي جاچ لڌي وڃي
تھ اسان جي ٻيٽ جي ھن وقت ڪھڙي صورتحال آھي؟
شھپال کلندي وراڻيو: پکين مان ڪنھن جي مجال آھي جو
اسان جي ماڳ تي ڌاڪ ڄمائڻ جي ڪا حرڪت ڪري سگھندو.
اسان ائين ئي ھليا وينداسين. ڪنھن جاسوس موڪلڻ جي
ڪا ضرورت ناھي. مڙس آخر مڙس ئي ھوندا آھن!
شھپال ائين چئي تھ ويٺو، پر سڀن جي صلاح تي اھو
خيال بدلائي آخر جاسوس کي اڳواٽ پنھنجي ماڳ ڏانھن
روانو ڪرايائين. جاسوس جڏھن پنھنجي ٻيٽ تائين ويو
تھ اتي ڪانگن جو قبضو ڏسي، واپس وريو ۽ سڄي روداد
اچي پنھنجي مھندار وٽ بيان ڪيائين. شھپال پنھنجي
اميرن کي چيو: شڪار کي جڏھن کٽي کڻندي آھي تھ وڃي
شينھن سان کؤنس ڪندو آھي، ھاڻ ڪھڙي صلاح آھي؟
اميرن جواب ڏنو: صلاح وري ڇا جي، اھو ٻيٽ اصل کان
اسان جو آھي، ڪانگن کڻي ھوڙيائي ڪري ان تي پنھنجي
ڌاڪ ڄمائي آھي تھ ڀؤ (پرواھھ) ناھي. اسان اجھو ٿا
وڃي مٿن ڪڙڪون ۽ کين چوکنڀو ٻڌي اوھان وٽ پيش
ڪريون، اھي ٿيندا ڪھڙي شيءِ آھن جو اسان ويھي سندن
ڪاڻ ڪڍون تھ ھيئن نھ ڪجي، ھيئن ڪجي!
شھپال چيو: ڪانگن جي ذات پنھنجي مڪر ۽ حيلي بازي ۾
ڏاڍي اتاھھ (ھوشيار) آھي، جيستائين سموري جاچ ڪري
دلجاءِ ڪجي، تيستائين انھن سان اٽڪڻ ٺيڪ نھ ٿيندو.
دشمن کڻي ڇا بھ ھجي ڪمزور توڙي شھزور، تڏھن بھ ان
جي دشمنيءَ کان غافل نھ ٿيڻ کپي. پنھنجي حفاظت
لاءِ سوچڻ ھرحال ۾ چڱو آھي. دشمن کي عاجز سمجھڻ
عقلمندي ناھي. ڇو تھ ذرڙي جيتري چڻنگ وڏي ٻار ساڙي
سگھي ٿي.
سياڻن جو چوڻ آھي تھ ٽن شين جي ڄاڻ رکڻ ضروري آھي:
اول ھيءُ تھ دشمن جي دشمنيءَ کان خبردار رھجي، ڇو
جو ھر فتنو ۽ فساد ان مان پيدا ٿي سگھي ٿو. ٻي
بيماري، جيڪڏھن ان جو ترت ڪو اپاءُ نھ ڪيو ويندو
تھ اھا وڏي حياتيءَ جو خاتمو ڪري ڇڏيندي، ۽ ٽين
آھي باھھ! جو ھن جي ھڪڙي چڻنگ بھ ھڪڙي پل ۾ سڄي
جھان کي ساڙي رک ڪري سگھي ٿي.
دشمني ڪيتري بھ انداز جي ھجي ان کي طاقتور سمجھيو
وڃي!
تر جيترو مڇر بھ جبل جيڏي ھاٿيءَ کي عذاب ۾ وجھي
سگھي ٿو!
منھنجي خيال ۾ جيڪڏھن اسان تڪڙ کان ڪم وٺي وڃي،
ٻيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪنداسين تھ اھو ممڪن آھي تھ
دشمن اسان کان اڳ بندوبست ڪري ڇڏيو ھجي ۽ وڃڻ سان
ئي مقابلي جي شروعات ٿئي. ان ڪري پاڻ کي پنھنجي
لشڪر مان ڪجھھ حصو اڳ ۾ موڪلڻ گھرجي، ۽ پاڻ کي
باقي لشڪر سان وڃي، ٻيٽ جي آسپاس مورچا ٻڌي ويھڻو
پوندو. جڏھن اسان جو اڳيان ويل لشڪر (ڪانگن) سان
جنگ شروع ڪري تڏھن بھ اھو ڏسڻو پوندو تھ ھو جنگ
لاءِ تيار آھن يا ائين ئي ٻيٽ خالي ڪري نڪري وڃڻ
ٿا چاھين؟ تنھن کان پوءِ صلح تھ صلح، جنگ تھ جنگ!
اسان بھ پوئتي پوڻ وارا نھ آھيون.
آخر انھيءَ تدبير سان بازن وڃي، ڪانگن کي ماري
ڪٽي، پنھنجي ماڳ مان ھڪالي ڪڍيو ۽ پاڻ پوري آرام
سان پنھنجا ٿڪ ڀڃڻ لڳا. وري ڪنھن کي ڪا جرئت نھ ٿي
جو ھنن ڏانھن ميريءَ اک سان نھارڻ جي ڪري!
بادشاھي جنھن جي ڀاڳ ۾ ھجي، ان کي جڳائي تھ ھر
معاملي ۾ سوچي سمجھي قدم کڻي ۽ سڄي حال سان گڏ
پنھنجي مان مرتبي کي بھ ڌيان ۾ رکي. ھن کي جيتري
سگھھ ھجي، ان موجب ھٿ پير ھڻي ۽ ملڪ ھلائڻ جي ڪري.
ڪڏھن بھ قناعت کان قدم ٻاھر نھ کڻي، پنھنجي روش ۽
خانداني ھلت سان زندگي بسر ڪندو رھي!
جيڪڏھن سندس لاءِ راحت ۽ عافيت وارو روزگار موجود
آھي، ائين ڄاڻي تھ ھر قسم جي جنجل کان آزاد آھي ۽
ڪوبھ کيس نقصان رسائي نٿو سگھي. جيڪڏھن ڪانگ ڪم
نصيبيءَ جي ڪري بازن سان سينو نھ ساھين ھا تھ
پنھنجي اجھن ۾ پيا خوش گذارين ھا. بس دانائن لاءِ
ھڪ نقطو ڪافي آھي.
انگريز بھ جيڪڏھن خراسان/
افغانستان جي حڪومت ھٿ ڪرڻ جي
ھوس ۾ نھ پون ھا تھ سندن خزانا، گدام، توبون، اٺ،
گھوڙا، جن جو تعداد حساب کان ٻاھر آھي ۽ ھزارين
فوجي، جن ۾ اڇا ڪارا ھندستاني ۽ انگريز سپاھي ۽
عملدار موجود ھئا. ڪانگن وانگي خراسان/
افغانستان جي شھبازن ھٿان شڪار
نھ ٿي وڃن ھا. ھونءَ بھ خراسان/
افغانستان جي بادشاھي اھڙي
سولي ڪانھ ھئي، جو گرھھ وانگر ھر ڪنھن جي وات ۾
وڃي پوي! نادر شاھھ بھ ھيڏي ساري لشڪر سان خراسان/
افغانستان تي چڙھائي ڪئي، پر چوندا ناھن تھ: ”ماز
ندران جي گدڙ کي صرف ماز ندران جو ڪتوئي وٺ پڪڙ
ڪري سگھي ٿو.“
سوا ھو بھ خراسان/
افغانستان کي پنھنجي قبضي ۾ نھ
آڻي سگھيو. جيڪڏھن ھڪڙو ڪوھستان ٿي ورتائين تھ ٻئي
ڪوھستان تي ڪونھ ٿي پڄي سگھيو. پڇاڙيءَ ۾ سالن جا
سال ڇتڪتائي ڪندو رھيو. خراسان/
افغانستان کيس ھٿ نھ اچڻو ھو، سو نھ آيو.
ھيڏانھن انگريز وري ڪير ھو جو ھندستان جھڙي ڪانگن
جھڙي لشڪر سان ڏھن يارھن سالن جي عرصي ۾ خراسان/
افغانستان تي قابض ٿي وڃي ھا! ”ڳوھھ کي ٿي کٽي کڻي
تھ ڍيڍن جا ٿي گھر پڇائي.“
انھن جنگين ۾ ھندستانين سان جيڪا ڄٺ ٿي، تنھن جو
ڇا بيان ڪجي! ھنن جا لاش ڪفن ۽ قبر کان سواءِ
خراسان/
افغانستان جي سر زمين تي درندن جو کاڄ ٿيندا، ۽
ڌوڙ ۾ ڌوڙ ٿيندا رھيا. ٻئي طرف اسلام جا غازي، جن
کي ھميشھ جھاد جو شوق کنيو بيٺو ھو، دنيا توڙي
آخرت جي سر خروئي لاءِ پنھنجيون جانيون قربان ڪندا
ٿي رھيا. واقعي خوش نصيب آھن اھي، جيڪي شھادت جو
جام نوش ڪندا رھن ٿا ۽ ڦٽڪار آھي انھن تي جن
پنھنجو دين ايمان نصارن وٽ وڪڻي ڇڏيو.
*
|