(٩٧)
انگريزن طرفان مير علي مراد خان تي چڙھائي- کانئس
اھي ملڪيتون کسڻ، جن جو پڳ سان تعلق ھو، پڇاڙيءَ ۾
کيس رياست جي عھدي تان ئي معزول ڪري ڇڏڻ:
سکر ۾ قائم ڪيل ڪميشن جي بيٺڪ ختم ٿيڻ کان پوءِ
١٨٥٨ع مطابق ١٢٦٨ع (١٨٥١ع) ربيع الاول جي مھيني ۾
سنڌ جي ڪمشنر فريئر صاحب جو حڪم صادر ٿيو تھ
ھندستان جي گورنر جنرل جي فرمان موجب اھي ملڪيتون،
جيڪي مرحوم سھراب خان جي وصيت سان تعلق رکن ٿيون،
مير علي مراد خان جي حوالي ڪيون وڃن. باقي ٻيون
ملڪيتون انگريز بھادر جي تحويل ۾ رکجن. ان سان گڏ
مير علي مراد خان کي رياست جي عھدي تان معزول ڪيو
وڃي ٿو، جو ھن رياست ۾ وڏيون خطا ڪاريون ڪيون آھن.
اھو حڪم ملندي جناب اسٽورٽ صاحب
شڪارپور جو ڪليڪٽر ۽ ٻيا عملدار پلٽڻ سميت مقابلي
لاءِ تيار ٿي ويا.
خانڳڙھھ (جيڪب آباد) مان جيڪب صاحب سوارن ۽ توبن
سميت اچي شڪارپور رسيو. ھڪ رات اتي رھي ٻئي ڏينھن
سکر روانو ٿيو. شڪارپور ۾ ھوءَ ھواءِ ٿي ويئي تھ
وري لشڪر چرپر ۾ اچي ويو آھي. ھاڻ يا تھ اھو
بھاولپور تي وڃي چڙھندو يا وري خيرپور وڃي مير علي
مراد خان تي ڪڙڪندو. پر اصل ڳالھھ جي ڪنھن کي ڄاڻ
نھ ھئي.
انھيءَ عرصي ۾ مير علي مراد خان سرديءَ جي موسم
گذارڻ لاءِ شڪارپور سانگي خيرپور کان ٻاھر ھو، کيس
پويان جي ڪا خبر نھ ھئي. ھن جي ماڻھن، جيڪي تعداد
کان ٻاھر ھئا پر سندن عقل پورو سارو ھو، ماڻھن جي
افواھھ ٻڌي پنھنجي منھن سوچيندا ٿي رھيا. ڪڏھن ٿي
چيائون تھ لشڪر جو رخ بھاولپور ڏانھن آھي، ڪڏھن
ٻئي داڦيائون تھ ڪنھن ٻئي پاسي آھي. جڏھن خيرپور
جو خيال ٿي آين تھ سندن دماغ ڪم نھ ٿي ڪيو.
پڇاڙيءَ ۾ ڪڪ ٿي بڪواس پئي ڪيائون: اسان کي ڪھڙي
خبر تھ اھو لشڪر وڃي ڪنھن تي چڙھائي ڪندو. پير
صاحب کي بھ جيڪي خبرون چارون ٿي موڪليائون، اھي
سندن ھٿ جون گھڙيل ھيون، انھن ۾ ڪا حقيقت ڪانھ
ھئي.
جيڪب صاحب درياھھ ٽپي روھڙي ۾ آيو تھ ان وقت مير
صاحب کي انگريزن جي لشڪر جي اچڻ جي خبر پئي. مير
صاحب اھا صورتحال ڏسي چوڻ لڳو: مون انگريزن جو
ڪھڙو گناھھ ڪيو ھو جو بنا ڪنھن سبب ۽ قصور جي مون
تي لشڪر چاڙھي آيا آھن؟ ائين ڪندي لشڪر اچي سندس
سر تي چڙھيو ۽ متيون منجھي ويس، پوءِ تھ سنڌ جي
ڪمشنر کان وٺي شڪارپور جي ڪليڪٽر تائين لکپڙھھ
ڪندو رھيو تھ آءٌ اڃا سوڌو سرڪار جو خيرخواھھ ۽
فرمانبردار آھيان، مون پنھنجي پاران سرڪار نامدار
جي خدمت ۽ خلوص ۾ ڪابھ ڪوتاھي نھ ڪئي آھي، ان حالت
۾ ھيءُ لشڪر ڪشي ڇو روا رکي ويئي آھي؟
ھاڻ بھ آءٌ حڪم موجب جتي ڪٿي حاضري ڀرڻ لاءِ تيار
آھيان، رڳو اشاري جي دير ھئي. باقي ھيڏي ساري لشڪر
آڻڻ جو ڪھڙو جواز ٿي سگھيو ٿي. ائين منھنجي مٿان
منھنجا دشمن کلائڻ اوھان جي منھن وٽان نھ ھو.
انھن چٺين چپاٽين جو وقت گذري چڪو ھو، ان ڪري
انگريزن تي ڪو اثر نھ پيو، سو جواب ڏيڻ کان
لنوائيندا رھيا. پر جي ڪو اڙيو ٿڙيو جواب بھ
ڏنائون پئي تھ ان ۾ بھ اجايون سجايون ڳالھيون
ھيون، ٻيو مڙئي خير.
مير صاحب نيٺ ڀورٽيءَ مان شڪار تان آھو کڻي، پاڻ
شڪار ٿيڻ لاءِ اچي انگريزن جي دام اندر پيو! کين
گھڻيئي گھگھراٽيون ڪيائين تھ مان اڄ بھ اوھان
جوغلام ۽ تابعدار
آھيان. پر انگريزن مٿس ڪو رحم نھ ڪيو. چوندا ناھن
تھ ميوي پچڻ کان پوءِ باغبان جا ڪن ٻوڙا ٿي پوندا
آھن. انگريز بھ پنھنجي مطلب پويان ھئا، ان ڪري مير
صاحب جون ٻوليون نھ ٻڌائون.
ايتري ۾ سنڌ جو ڪمشنر ٻين عملدارن سان ڪراچيءَ مان
جھاز ۾ سوار ٿي اچي روھڙي ۾ لٿو ۽ سڌو روھڙيءَ لڳ
پٽڻي پھچي، جيڪب صاحب وٽ آيو، جيڪو اڳ ۾ ئي اتي
پڙاءُ ڪري ويٺو ھو.
ٻئي ڏينھن ڪليڪٽر وڃي مير علي مراد خان سان نائچ
واري ھنڌ ملاقات ڪئي. ٿوري دير ساڻس ڳالھيون
ٻولھيون ڪري وري واپس پٽڻيءَ ۾ آيو، ان جي پٺيان
مير صاحب بھ ڪمشنر صاحب سان ملڻ لاءِ پٽڻيءَ ويو.
مير صاحب کي وڏي عزت سان آڻي ساڻس ڳالھيون ڪيون
ويون. ٿوري دير گذرڻ تي کيس رخصت ڏني وئي. انھيءَ
مختصر ملاقات کان پوءِ ماڻھن ۾ اچي اھو چوٻول شروع
ٿيو جو بيان کان ٻاھر ھو.جيترا وات اوتريون
ڳالھيون، جنھن کي جيئن ٿي آيو. تيئن ٿي زبان
ھلايائين. انھيءَ ھل ھلاڻي کان پوءِ انگريزن نيٺ
ھڪ اشتھار نامو جاري ڪيو.
*
(٩٨)
انگريز طرفان جاري ڪيل اشتھار نامو- مير علي مراد
خان جي معزولي ۽ ملڪيتن جي ضبطيءَ بابت:
عام خاص ماڻھن جي ڄاڻ لاءِ سرڪار پاران پڌرو ٿو
ڪجي تھ: مير علي مراد خان ولد مرحوم مير سھراب خان
ٽالپور خيرپور جو مير!
سنڌ جون ڪيتريون ملڪيتون، جيڪي اصل ۾ انگريز سرڪار
جون ھيون، تن تي دغابازيءَ ۽ جعلسازيءَ ذريعي قبضو
ڪري چڪو آھي. اھو مسئلو جيئن تھ گواھي کان سواءِ
حل ٿيڻو نھ ھو، ان ڪري مير صاحب خلاف سرڪار بھادر
کي جيڪي شڪايتون مليون، تن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ ھڪ
ڪميشن ويھاري ويئي، جتي مير صاحب کي بھ حاضر ٿي
پنھنجي صفائي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو، پر مير
صاحب پنھنجي مٿان مڙھيل الزامن بابت ڪابھ صفائي
پيش ڪري نھ سگھيو، ٻئي طرف گواھن جي زباني اھو
ثابت ٿي ويو تھ قرآن مجيد جو اھو ورق، جنھن تي
عھدنامو لکيل ھو،ان کي اتان ڪڍي انھيءَ جي جاءِ تي
ٻيو پنو چنبڙايو ويو- جنھن ڪري عھدنامي ۾ ڦيرگھير
ٿي ويئي.
مير صاحب اھا دغابازي ۽ جعلسازي ان ڪري ڪئي تھ
جيئن ڪي وڏا پرڳڻا سندس قبضي ۾ اچي وڃن. ائين ڪرڻ
سان ھڪ تھ سرڪار بھادر جو نقصان ڪيائين ٻيو وري
پنھنجي عزت ۽ پنھنجو ايمان، ٻئي برباد ڪري چڪو
آھي.
سرڪار نامدار کي مير علي مراد خان جي ملڪيت ۾ ڪنھن
بھ قسم جي دست اندازي (ھٿ چراند) جو ڪو ارادو ڪونھ
ھو، نھ وري ان لاءِ ڪوبھانو ڳوليو ٿي ويو. بلڪ
سرڪار جي ھميشھ کان اھا خواھش ھئي تھ مير صاحب
پنھنجون ملڪيتون سنڀالي امن امان سان خوش وقت
گذاريندو رھي.
ليڪن جيئن تھ مير صاحب جو سڄو ڏوھھ ثابت ٿي چڪو
آھي، انھيءَ حالت ۾ گورنر جنرل صاحب بھادر کي اھو
منظور ناھي تھ مير صاحب جو ايڏو وڏو قصور معاف ڪرڻ
۾ اچي (جيڪو ھو رياست ۾ ڪري چڪو آھي) ۽ کيس بغير
ڪنھن سزا جي ڇڏيو وڃي.
ان بابت سرڪار
پاران ھن اشتھار نامي وسيلي پڌرو ڪجي ٿو تھ مير
علي مراد خان کي رياست جي عھدي تان معزول ڪيو وڃي
ٿو. ھن کي پنھنجي موروثي ملڪيت کان سواءِ جيڪا
سندس والد مرحوم مير سھراب خان وصيت موجب ڏئي ويو
آھي، باقي سڄي ملڪيت، جنھن تي ھن جو قبضو آھي،
سرڪار نامدار جي حوالي ڪرڻي آھي. ھن کانپوءِ رعايا
کي بھ آگاھھ ٿو ڪجي تھ پاڻ کي انگريز جي حڪم جو
تابعدار سمجھي، ان موجب ھلندي رھي. ھن کي ڪنھن بھ
قسم جي تڪليف نھ ڏني ويندي. ھر ڪنھن کي سرڪار
پاران امن امان، حفاظت ۽ عدل انصاف جو يقين ڏيارجي
ٿو. فقط تاريخ ١٨- جنوري ١٨٥٢ع مطابق ١٩- ربيع
الاول سن ١٢٦٨ھھ.
گورنر جنرل ھندستان جي حڪم موجب سنڌ جي ڪمشنر وٽان
پڌرو ڪيل.
*
(٩٩)
مير علي مراد خان جو پنھنجي موروثي ملڪيت کان
مايوس ٿيڻ،جيڪا سندس پڳداري سان لاڳاپيل ھئي ۽ مير
صاحب جي پگھار دار سپاھين جو مسئلو:
انھيءَ اشتھار جي پڌرائي کان پوءِ مير علي مراد
خان پنھنجي پڳداريءَ سان لاڳاپيل ملڪيتن ۽
سرداريءَ کان مايوس ٿي ويو. ھن وٽ فقط اھي جاگيرن
جا ٽڪرا وڃي رھيا، جيڪي مرحوم مير سھراب خان سندس
لاءِ مقرر ڪري ويو ھو.
ٻيون ملڪيتون، جيڪي اوڀر ۾ اڀي ۽ بلدڪھ
۾ ۽ اولھھ ۾ نوشھري پاسي ھيون، سڀ انگريزن جي
تحويل ۾ اچي ويون، جن تي انگريزن جا ڪارندا مقرر
ٿي ويا. مير صاحب جي ملازمن کي اتان نيڪالي ڏني
ويئي.
انگريزي عملدارن ڪجھھ وقت پٽڻيءَ ۾ رھي، نئين ھٿ
آيل ملڪيتن تي قبضو ڄمايو ۽ ٻيو بندوبست ڪيائون.
مير صاحب وٽ جيڪي ڪاغذ ھئا، اھي کانئس وٺي انگريزن
جي دفتر ۾ داخل ڪيا ويا. مير علي مراد خان ڪنھن بھ
قسم جي وڳوڙ کان پاسو ڪندو رھيو. انھيءَ ڪم کان
واندو ٿي ھر ڪو پنھنجي منزل ڏانھن روانو ٿي ويو.
ڪي انگريز پاڻيءَ واري جھاز ۾ ڪراچي ھليا ويا تھ
ڪمشنر صاحب اڀي واري سبزل ڪوٽ ڏانھن ويو، شڪارپور
جو ڪليڪٽر اسٽورٽ صاحب ريگستان ۽ ناري جي علائقي
ڏانھن تھ جيڪب صاحب وري پنھنجي فوج سميت پٽڻيءَ ۾
رھي پيو. مير صاحب وٽان سمورو سامان توبخاني سميت
وٺي انگريزن پاڻ وٽ ھٿيڪو ڪيو.
مير علي مراد خان پنھنجي ڳاڙاڻي ۽ ويسوري ۾ ڪو وقت
نائچ واري ھنڌ درياھھ جي ڪناري ترسي، پنھنجي قسمت
تي ڳوڙھا ڳاڙيندو رھيو. سندس لشڪر جا سپاھي جن کي
ڪيتري وقت کان پگھارون ڪونھ مليون ھيون، پنھنجي
ليکي پريشان ھئا. انھن جي خرچ پکي جو مدار بھ مير
صاحب جي انھن ملڪيتن جي پيداوار تي ھو، جيڪي
انگريز کانئس کسي پنھنجي کاتي ۾ داخل ڪري چڪا ھئا.
انھيءَ اڻ تڻ کان مير صاحب الڳ حيران پريشان ھو تھ
سندس ڪارندا جدا ڳڻتين ۾ ھئا تھ آخرڪار ھيءُ
روزگار ۽ ڪاروبار ائين ڪيستائين ھلي سگھندو.
آخرڪار انگريزن سان وري لکپڙھھ ھلائي ويئي تھ ھيءَ
ڪھڙو قانون ۽ انصاف آھي جو سپاھين جون پگھارون
روڪيل آھن، جيڪي انگريزن وٽان ئي مير صاحب وٽ اچي
ملازم ٿيا ھئا. انھن کي مير صاحب جي کسيل ملڪيتن ۽
محصولن مان پگھارون ملنديون ھيون، ھاڻي جڏھن
ساڳيون ملڪيتون انگريزن جي قبضي ۾ اچي چڪيون آھن
تھ سپاھين جو حساب بھ انھن کي ڏيڻ کپي. بھتر آھي
تھ پگھارن جو بندوبست انگريز سرڪار پاڻ ڪري ٻي
حالت ۾ سپاھي فساد کڙو ڪندا.
اھي حال ڏسي ڪن سپاھين مير صاحب جي ڪارندن کي اچي
ڳچيءَ کان ورتو تھ اسان کي پگھارون ڀري ڏيو، ان
تان فساد شروع ٿيڻ وارو ھو تھ انگريزن پنھنجا سوار
موڪلي ڏنا تھ وڃي انھن سپاھين جو دماغ درست ڪن.
ھنن مير صاحب جي سپاھھ کي گھڻو ئي سمجھايو، پر ھو
ڪونھ مڙيا. نيٺ ٻنھي ۾ ويڙھھ اچي لڳي، مير صاحب جي
سپاھين مان ڪيترا مارجي ويا تھ ڪي گرفتار ٿيا. ان
کان پوءِ مير صاحب جي سپاھين جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا.
پڇاڙيءَ انگريزن انھن سپاھين جي پگھارن ڏيڻ جو
فيصلو ڪيو ۽ پنھنجي خزاني مان کين پگھارون ادا
ڪيائون.
سپاھين کي مير علي مراد خان جي مھر لڳل چٺيءَ تي
پگھارون مليون، جيڪي راھداريون وٺي پنھنجي پنھنجي
ڳوٺن ماڳن ڏانھن ھليا ويا. پگھارن جي انھي رڳڙي ۾
مير صاحب جي ڪيترن خاص ماڻھن کي وارو ملي ويو جن
ھٿڙيون ھڻي پنھنجا گھر ڀريا، خاص ڪري ديوان امل
راءِ جيڪو ڪليڪٽر جي دفتر ۾ نشاندھي لاءِ مقرر ٿيل
ھو، تنھن گھڻن سپاھين جا مٿا ڪوڙي ڇڏيا.
سپاھين جي برطرفي کان پوءِ مير صاحب وٽ وڃي صرف ٻھ
ماڻھو: ھر ھڪ حافظ حڪمت خان ۽ در محمد خان ملازمت
۾ رھيا، جن لاءِ بھ انگريز ڏمريل ھئا ۽ مير صاحب
تي زور بار رکيائون تھ انھن کي چلتو ڪري، پر مير
صاحب لکپڙھھ ڪري انھن جون ملازمتون بحال رکايون.
مير علي مراد خان پنھنجي جوانمرديءَ، سخاوت ۽ عقل
۾ پنھنجو نظير پاڻ ھو. سنڌ جي اڳين ميرن ۾بھ ھن جو
ثاني ڪونھ ھو. چوندا آھن تھ جيڪڏھن سياڻو پکي
ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي تھ ان کي صبر کان ڪم وٺڻ گھرجي، سو
مير صاحب بھ اھڙيءَ طرح صبر شڪر ۾ رھيو. ماڻھن کي
گمان ھو تھ مير صاحب پنھنجي ھمت ۽ جوانمرديءَ جي
ڪري ڪجھھ نھ ڪجھھ ڪري ڏيکاريندو ڇو تھ:
رند ڪڏھن مصلحت جا محتاج نھ رھندا آھن، مير صاحب
بھ انگريزن جي حڪم کان منھن ڪونھ موڙيو، ھنن جيئن
ٿي چيو ۽ جيئن پئي چاھيو، مير صاحب تيئن ئي پئي
ڪيو. پڇاڙيءَ جڏھن ڏٺائين تھ ھتان جا انگريز حاڪم
توڙي عملدار کيس ڪنھن خيال ۾ نٿا آڻين تھ مجبور ٿي
پنھنجي وڪيلن جي معرفت لنڊن جي عدالت ۾ پنھنجو
مقدمو داخل ڪيائين، ڏسجي ڇا ٿو ٿئي! ھر ڳالھھ
انسان جي قسمت جي وس آھي.
رب کي جيئن وڻندو، تيئن ڪندو.
مير صاحب انھيءَ تنگيءَ جي ڪري، جا کيس گھٽ
آمدنيءَ جي ڪري درپيش ھئي، ڪڏھن بھ حوصلو ڪونھ
ھاريو ۽ ان حال ۾ بھ سخاوت کان ھٿ نھ روڪيائين.
اھڙن ڪريم طبع انسانن جي اڳيان روءِ زمين جا خزانا
ڪا حيثيت نٿا رکن.
*
(١٠٠)
شيخ علي حسن بابت جيڪو وڏي حسرت سان دنيا مان
ويندو رھيو!
پير علي گوھر راشديءَ جي وفات کان پوءِ شيخ علي
حسن بلڪل بي يارو مددگار ۽ نڌڻڪو ٿي، پير صاحب
واري چوٿئين حصي حاصل ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳو، پر
وريس ڪاريءَ واري ڪک! ليڪن انگريزن ايترو ڪيو، جو
سندس نمڪ حلاليءَ عيوض کيس مرڻ تائين ٻھ سؤ رپيا
مھينو وظيفي طور مقرر ڪري ڏنائون، پر ھن اھو حقير
وظيفو وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڏاڍا افسوس ارمان ڪندو
رھيو. انت ھانو سڙندي کان بمبئي روانو ٿيو، جتي
پنھنجو مقدمو داخل ڪيائين، انھيءَ اميد تي تھ ضرور
ڪجھھ نھ ڪجھھ ملي پوندو. ھي بمبئيءَ ۾ داخل ٿيو،
پر پنھنجي مقصد تائين ڪونھ پھچي سگھيو، کيس ملڪ
الموت اڳو پوءِ ٻئي جھان ڏانھن رسائي ڇڏيو. ھي
پنھنجي اختراءَ (بُھتان بازي) وارو دفتر پنھنجي
اعمال نامي سان گڏ کڻي وڃي قبر ۾ قراري ٿيو..
”جيڪو بھ دنيا جي لالچ ۾ اچي ٻئي ڪنھن کي نقصان
رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جنھن کي دوستيءَ جي حق ۽
نمڪ خوريءَ جو ڪوبھ خيال ۽ لحاظ ڪونھ ٿو رھي، جيڪو
ڪنھن بھ مسلمان کي ڏسي وائسي ڌڪ ڏيڻ ۾ ڪابھ رعايت
روا نھ ٿو رکي ۽ ھر طرح ان جي آسودگيءَ ۽ زندگيءَ
کي تاراج ڪرڻ لاءِ تيار رھي ٿو، ان کي نيٺ ڪنھن
ڏينھن ڪنھن جي آھھ اچي رسندي ۽ کيس بي مراد ڪري
ماريندي.“
شيخ مذڪور سان بھ ايئن ئي ٿيو. جنھن دوستيءَ ۽ نمڪ
خوريءَ جو حق نھ نپايو ۽ ورھين جا ورھيھ مير صاحب
سان گڏ رھي کائي پي، پوءِ بھ سڀ ڪجھھ وساري کيس
نقصان رسائڻ جي ڪوشش ۾ ڪين گھٽايو، ھو ھميشھ حرص ۽
حوس جي باھھ ۾ پڄرندو رھيو. شيخ ۽ سندس ساٿي بھتان
بازيءَ جي پڳ ٻڌي انگريزن جي در تي ڊوڙندا رھيا ۽
ان جي ڌوڌ مٿان ھرکي ڪرسين تي ويھي پنھنجا ڪارناما
دھرائيندا رھيا، پر کين ڪوبھ نتيجو نصيب نھ ٿيو-
سواءِ ان جي، جو دنيا جو غم ۽ دولت جي حسرت دل ۾
کڻي، ھڪ ٻئي پويان مري جھان ڇڏي ويندا رھيا.
دنيا ٻارن جي راند ۽ عبرت جي جاءِ آھي. ھن جي
اھائي روش ھلندي اچي ٿي، تھ پاڻ کي سنواري سينگاري
۽ نامردمن کي آزمائي! افسوس آھي انھيءَ شخص تي،
جنھن بي ڌڙڪ ٿي دين دنيا جو ڏيئو ڦوڪ ڏئي وسائي
ڇڏيو ۽ ظلم ستم جو بار ڪلھن تي کنيو.
شيخ ۽ سندس ساٿارين جي ئي چوڻ تي انگريزن مير صاحب
کي ملڪيت تان بي دخل ڪيو ۽ انھن ظلمن جو بار
پنھنجي ڪلھن تي کڻي، ھي دنيا ڇڏي!
ھيتري لکڻ جو مقصد اھو ئي آھي، تھ جيڪو بھ ھن دنيا
۾ زندگي گھاري ٿو، تنھن کي جيڪڏھن ننڍن وڏن ۾ جتي
ڪٿي عزت، آبروءَ جي ضرورت آھي ۽ چاھي ٿو تھ کانئس
ڪا اھڙي اوکي ڳالھھ ظاھر نھ ٿئي، جو کيس پريشاني ۽
پشيماني ڏسڻي پوي، تھ کيس کپي تھ آدميت جي آئين
کان قدم ٻاھر نھ رکي ۽ بي اصولن ۽ گمراھن جي ڪڍ
لڳي، پنھنجو سڀ ڪجھھ سندن حوالي ڪري پاڻ کي ذلت ۾
نھ وجھي.
”مون کي جيڪي چوڻو ھو، سو چئي ڏنم ھاڻ سڀ ڪجھھ
تنھنجي مرضي تي ڇڏيل آھي.“
ھتي اختيار طور سڀ واقعا قلمبند ڪيا ويا آھن، وڌيڪ
ان لاءِ قلم فرسائي نھ ڪرڻ ۾ آئي تھ متان ڪٿي ڪنھن
جي طبع ڪجھھ گوارا ڪري نھ سگھي!
انگريزن ھتي اچي ۽ ھتي رھي پنھنجي قانون مطابق ڪي
ئي بي راھھ رويون ۽بي انصافيون ڪري ڏيکاريون،
جھڙوڪ: خاندانن جي ننگ کي بي ننگ ڪرڻ، پردي دار
عورتن جي بي پردگي، (ڏاڍ ۽ ظلم سان) بازارين ۽
رستن جي تعمير- جيئن مشھور آھي تھ: اسٽورٽ گنج جي
بازار ٺھرائي وئي جيئن ان مان ھر ڪنھن کي فائدو
پھچندو رھي.
پر ان ڳالھھ سان گڏ اھا ڪارستاني بھ ڪو ٻڌائي، تھ
انھيءَ ڪم لاءِ ڪيترن، غريبن جا گھر ڊھرايا ويا،
مسجدون ڊاھي پٽ ڪرايون ويون، ۽ مقبرن کي مٽائڻ کان
بھ نھ گھٻرايو ويو، يعني جيئرن لاءِ تھ آزار
مچايائون پر مئلن کي بھ قبر ۾ قرار ڪرڻ ڪونھ
ڏنائون.
سندن عدالت سراسر دلالت، قاضي رشوت خور، منشي بلڪل
ڪاريءَ مس وانگي ڪارمنھان آھن، جيڪي سڀ جو خانو
خراب ڪندا ٿا رھن. ان کان علاوه ٻيو بھ ان باري ۾
گھڻو ڪجھھ ھو، پر ان کي ڪنھن ٻي وقت لاءِ ڇڏيو
ويو.
انھن حقيقتن جي آڌار تي ھي ڪتاب ”تازه نواءِ
معارڪ“ لکي پورو ڪيو ويو آھي. اميد آھي تھ بلند
فطرت، صاحب بلاغت ۽ فصاحت پنھنجي پاڪ نظر ۽ حسن
اخلاق سان تحسين ۽ آفرين سان نوازيندا، تھ ”عطا تي
اھا عين عطا“ ٿيندي. ٻيءَ حالت ۾ جيڪڏھن عيب جوئي
جي نوبت درپيش اچي تھ بھ ”عطا جي خطا“ درگذر
فرمائيندا، جو آءٌ پنھنجي بي ھنريءَ کان واقف ۽ ان
جو معترف آھيان.
طريقت جا پانڌيئڙا، اڌ جو جي عيوض بھ،
بي ھنر کان اطلس جي قبا خريد ڪونھ ڪندا.
اميد آھي تھ جيڪو بھ لطف ۽ عطا سان ھن نسخي جو
مطالعو ڪندو، سو خير جي دعا سان ضرور ياد
فرمائيندو!
ھي نسخو ٢٥ جمادي الثاني ١٢٧١ھھ (١٨٥٦ع) ڌاري
قلمبند ڪيو ويو.
---
بقلم محمد حسن ولد مولانا مرزا عطا محمد
رمضان المبارڪ ١٢٧١ھھ
*
|