12
شھزادي ڪامران ۽ سردار دوست محمد خان جي ويڙھھ،
جنھن ۾ سردار دوست محمد خان جي فتح ٿي، انھيءَ وچ
۾ وزير فتح خان جو اندوھناڪ نموني قتل ٿيڻ،
پڇاڙيءَ ۾ شھزادي ڪامران جي ھرات ڏانھن واپسي:
شھزادو ڪامران پنھنجي والد محمود شاھھ کي ھرات جي
تخت تي ويھاري پاڻ قنڌار آيو، جتي سردار عطا محمد
خان جي انڌي ٿيڻ ۽ پنھنجي پٽ شھزادي جھانگير جي
ڀڄي وڃڻ جي خبر ٻڌي کيس ڏاڍي خار آئي. پھرينءَ سٽ
۾ ستر ھزار جنگي جوڌا ۽ بي انت جنگي سامان ھٿ ڪري
سردار دوست محمد خان سان ويڙھھ ڪرڻ لاءِ ڪابل تي
ڪڙدي ڪيائين. سردار پردل خان، جيڪو شھزادي ڪامران
جي انھيءَ سفر دوران وٽس قيد ھو، ڪن ماڻھن کي پاڻ
سان ملائي قنڌار مان فرار ٿي ويو. جنھن جي ڏاڍي
ڳولا ڪئي وئي پر ھٿ نھ آيو. ان جي ڀڄڻ کان پوءِ
وزير فتح خان جي مٿان چوڪسي چست ڪئي ويئي، جنھن کي
پڻ شھزادو ڪامران قيديءَ جي حيثيت ۾ ڪابل وٺيو پئي
ويو.
شھزادو ڪامران جڏھن بيني بادام
واري منزل تي پھتو تھ اڳ پوءِ جي انديشي کان
پنھنجن اميرن يار محمد خان، عطا محمد خان الڪوزئي
۽ عبدالمجيد خان بارڪزئي (پنھنجي خاندان جي محسن)
کي وزير فتح خان لاءِ حڪم ڏنائين تھ سندس ھڪ ھڪ
عضوو بدن کان الڳ ڪري کيس چيچلائي ماريو وڃي.
انھيءَ خيال سان تھ جيئن شاھي ڪارندن ۽ سردار دوست
محمد خان درميان ھميشھ لاءِ دشمنيءَ جو چڪر ھلندو
رھي.
حڪم ملڻ تي ھڪدم وزير فتح خان سان وٺ وٺان شروع ٿي
ويئي. عبدالمجيد خان
جيڪو پاڻ نڪ وڍيل ھو، (پاڻ سان ٿيل تعدي وساري)
وزير فتح خان جو نڪ وڍي انھيءَ ھاڃي سان لڳي ويو.
جڏھن سندس سڀئي عضوا ڌڙ کان ڌار ٿيا تھ کيس قتل
ڪيو ويو. سردار دوست محمد خان جيڪو پاڻ ڪابل ۾ ھو،
وزير فتح خان جي اھڙي اندوھناڪ قتل جي خبر ٻڌي
باھھ ٿي ويو ۽ ٽن چئن ھزارن جو لشڪر وٺي ڪابل مان
شھزادي ڪامران کي سيکت ڏيڻ لاءِ سنبري ھليو. آخر
واٽ تي ئي شھزادي ڪامران سان دوبدو ٿيو. ليڪن سندس
لشڪر جيئن تھ شھزادي ڪامران جي لشڪر کان گھٽ ھو،
ان ڪري ھن جا ساٿاري ويڙھھ کان لنوائي ڀڄڻ لڳا.
سردار دوست محمد خان پنھنجي لشڪر جا اھي پرڪار ڏسي
مٿن پھرو سخت ڪري ڇڏيو. متان ماڳھين سڀ ڀڄي نھ
وڃن.
عربيءَ ۾ چوندا آھن تھ: ”جنگ سراسر فريب آھي“ تنھن
موجب سردار دوست محمد خان اڳ پٺ جاچي اٽڪل کان ڪم
وٺي شھزادي ڪامران جي اميرن ڏانھن لڪ ڇپ ۾ ھيٺين
عبارت سان خط ڏياري موڪليا:
”وزير فتح خان جي عضون وڍجڻ ۽ قتل ٿيڻ بابت اوھان
جا معذرت ڀريا خط مليا، جن ۾ شھزادي ڪامران جھڙي
ظالم ۽ بي ترس جي حڪم جي پوئواريءَ ۾ اوھان کان
اھا خطا ٿي چڪي آھي.
اصل ۾ آءٌ پاڻ بھ ائين پيو سوچيان تھ ان ۾ اوھان
جو ڪوبھ قصور يا اختيار ڪونھ ھو، اھو سڀ ڪجھھ
شھزادي ڪامران جي دٻاء ھيٺ ٿيو آھي، ان ڪري اوھان
تي ڪا ميار ناھي، بس مڙئي تقدير جا ڪم آھن.
اوھان جھڙيءَ ريت اسان کي شھزادي ڪامران جي
گرفتاريءَ جي پڪ ڏياري آھي، تيئن ڪيل وعدو بھ
پاڙيندا، جنھن لاءِ ھيءَ گھڙي ھر حالت ۾ مناسب
ٿيندي. وڌيڪ جيڪي بھ ٿيو، سو ڏٺو ويندو. جنگ ۾
کٽڻ، ھارائڻ جي ڳالھھ، ڪنھن جي بھ لشڪر جي ٿورائي
گھڻائي تي نھ پر قرآن حڪيم جي آيت مطابق تھ: خدا
جي حڪم سان ڪڏھن ٿورائيءَ وارا بھ گھڻائي وارن تي
سوڀارا ٿي پوندا آھن، تي انحصار رکي ٿي.
اوھان جي وعدي وفائي وڌيڪ اتحاد ۽ محبت جو باعث
ٿيندي.“ (ص: ٨٥)
سردار دوست محمد خان اھي خط لکرائي پوري منصوبي
سان پنھنجي ڪارندن ھٿان شھزادي ڪامران جي اميرن
ڏانھن ڏياري موڪليا. انھن مان ھر ڪارندي شھزادي
ڪامران جي چوڪيءَ تي پھچي پاڻ کي گرفتار ڪرايو.
اھڙيءَ طرح سڀئي ڪارندا ڪاغذن سميت گرفتار ٿي
شھزادي ڪامران وٽ آيا.
شھزادو ڪامران جيڪو اڳ ۾ پنھنجن اميرن کان شڪجي
چڪو ھو، تنھن جو اھي خط پڙھيا تھ سندس وھم يقين ۾
بدلجي ويو. کيس ھيڪاري حراس اچي ورايو تھ ھاڻ سندس
امير کيس گرفتار ڪندا.
ھوڏانھن سردار دوست
محمد خان وري ڇا ڪيو جو ھڪ رات پنج سو سوار چئن
توبن سميت ساڻ ڪري جبلن جي چوٽين تي چڙھي، اتان
انڌا ڌنڌ گولا وسائي ڏنائين. انھيءَ اچانڪ حملي
کان شھزادي ڪامران جي لشڪر ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي،
ليڪن ٿوريءَ دير کان پوءِ وري مقابلي جي تياري ٿي.
ٻنھي ڌرين ۾ سارو ڏينھن ورندي رات تائين چڪري
ھلندي رھي. آخر ھرڪو ميدان ڇڏي وڃي پنھنجي جاءِ تي
آرامي ٿيو. جڏھن ٻي رات آئي تھ شھزادو ڪامران ظاھر
۾ پنھنجن ماڻھن جي دل ٻڌرائي ساڻن راتاھي ڏيڻ جون
صلاحون ڪندو رھيو، پر اندر ۾ پنھنجن اميرن جي خوف
کان ڀنڀلجي تھ متان اھي کيس گرفتار ڪري سردار دوست
محمد خان جي حوالي ڪري ڇڏين، اڌ رات جو موقعو تاڙي
وٺي ڀڳو، ۽ ھزاري وٽان ٿيندو وڃي ھرات رسيو!
سج اڀريو تھ شھزادي ڪامران جي ڀاڄ واري خبر وڃي
سردار دوست محمد خان تائين پھتي. پھريان تھ ھن کي
ويساھھ ئي نٿي آيو. نيٺ جڏھن جاسوس موڪلي سڄي
حقيقت معلوم ڪيائين تھ پڪ ٿي ويس. انھيءَ ئي وير
پنھنجي لشڪر سان وڃي ميدان جو معائنو ڪيائين، جيڪو
بلڪل صاف ٿي چڪو ھو. پوءِ تھ ڀاڄوڪڙن جو سڄو
سامان، جيڪو اتي ٽڙيو پکڙيو پيو ھو، پاڻ سان کڻائي
واپس آيو ۽ لشڪر سان گڏجي پنھنجي سوڀ جا ٽاھو
وڄائيندو اڳتي اٿي ھليو.
سندس ڀائر، جيڪي قنڌار جي ڀرسان معروف
قلعي ۾ رھيل ھئا، تن کي خوشين ڀريا خط لکي
موڪليائين. پوءِ پاڻ بھ وڃي ڪابل پھتو. ھن جي
ڀائرن سردار ڪھندل خان، سردار شير دل خان، رحمدل
خان ۽ مھردل خان پنھنجي ڀاءُ جي سوڀ تي خوش ٿي خوب
جشن ملھايا. ٿوري عرصي کان پوءِ وڏو لشڪر وٺي
قنڌار تي وڃي ڪڙڪو ڪيائون، جتان پڻ سوڀارا ٿي، سڄي
خراسان تي حڪومت ڪرڻ لڳا. ھيءُ واقعو ١٢٣٤ھھ/
١٨١٩ع ڌاري ٿيو.
*
(١٣)
سردار محمد عظيم خان جو ڪشمير مان ڪھي اچڻ ۽
لڌياني کان شاھھ شجاع کي واپس گھرائڻ – شاھھ شجاع
جي سردار محمد عظيم خان سان جنگ، جنھن ۾ ھن کي
شڪست آئي، ان کان پوءِ شھزادي تيمور جو شڪارپور
پھچڻ:
ڪشمير جو ناظم سردار محمد عظيم خان وزير فتح خان
جي دکدائڪ واقعي کان پوءِ ڏاڍو دلگير ٿيو. نيٺ
صلاحڪارن جي صلاح تي درٻاري وڪيلن (سفيرن) کي تحفا
۽ خط ڏئي شاھھ شجاع ڏانھن اماڻيائين. شاھھ شجاع
جيتوڻيڪ لڌياني ۾ انگريز بھادر جي اڀل ھيٺ ڏاڍي
عيش عشرت سان زندگي گذاري رھيو ھو، تڏھن بھ سندس
دماغ مان سلطنت جو سوداءُ نھ ٿي ويو. پاڻ بارڪزئين
تي ڪڏھن ڀروسو ڪرڻ وارو نھ ھو، پر تخت تاج جي عشق
۽ شوق ۾ بيوس ۽ بيتاب رھندو ٿي آيو. ھن سردار محمد
عظيم خان جي خواھش تي ١٢٣٤ھھ/
١٨١٨ع ڌاري توبن سان گڏ ڪي سوار ۽ پيادا ساڻ ڪري
اچي ديري غازي خان ۾ منزل ڪئي، جتي سمندر خان
باميزئي نوابيءَ تي مامور ھو. کيس شاھھ شجاع جو
اچڻ نھ وڻيو، ان ڪري ساڻس ٽڪرجي پيو. پر پوءِ
چاڙھو نھ ڏسي پاسيرو ٿي ويو. شاھھ شجاع دلجاءِ ڪري
ديري غازي خان ۾ ترسي لشڪر ۾ جنگي سامان ڪٺو ڪرڻ ۾
لڳي ويو. انھيءَ وچ ۾ سردار پردل خان، جيڪو قنڌار
مان شھزادي ڪامران جي قيد مان ڀڳو ھو، شاھھ شجاع
سان اچي مليو، جنھن خوش ٿي کيس ڏاڍي عزت ڏني.
ٿوري وقت کان پوءِ شاھھ شجاع ديري غازي خان جي
نوابي وزير فتح خان جي ڀاءُ اسد خان جي پٽ محمد
زمان جي حوالي ڪئي ۽ پاڻ پشاور راھي ٿيو. پنھنجي
پٽ شھزادي تيمور کي وري شڪارپور موڪلي ڇڏيائين.
سنڌ جا حيدرآبادي مير (ٽالپور) ڪرم علي خان ۽ مراد
علي خان ۽ خيرپوري مير، سھراب خان ۽ رستم خان
شاھھ شجاع جي آئنده ارادن
کي نظر ۾ رکي تھ:
”خراسان جي سردارن سردار محمد عظيم خان ۽ سردار
دوست محمد خان پنھنجن ڀائرن سميت شاھھ شجاع کي
حڪومت جو آسرو ڏنو آھي، سو پاڻ ھر حالت ۾ خراسان
ويندو. ان لاءِ اڳواٽ ئي خوشامد ڪري کيس چيائون تھ
شھزادي تيمور کي شڪارپور ڏياري موڪل!“
شھزادو تيمور ميرن جي خواھش موجب اتان ھلي اچي
سبزل ڪوٽ
جي قلعي تائين پھتو. انھيءَ قلعي ۾ مقرر ميرن جا
معتبر ماڻھو شھزادي جي آجيان لاءِ ڊوڙندا آيا.
تڏھن مقصود خان ۽ تاج محمد خان بارڪزئي شڪارپور جا
سنڀاليندڙ ھئا. انھن کي جڏھن شھزادي ڏانھن موڪليل
معتبر ماڻھن وٽان اصل حقيقت معلوم ٿي تھ شاھھ شجاع
جون خود سنڌ ۾ (ٻلي واريون) اکيون آھن تھ ويچارن
جا وڻ ئي وڄي ويا. ويتر شھزادي تيمور جي آمد کي
انھيءَ سازش جي ھڪ ڪڙي سمجھي سوچ ۾ اچي پيا تھ ھاڻ
ڇا ڪرڻ کپي. آخرڪار شڪارپور جي سڀني چڱن مڙسن،
جمعي خان بارڪزئي، سعادتمند خان الڪوزئي، خيرالله
خان، مدد خان فوفلزئي، مولاداد خان فوفلزئي، سلطان
خان بابري، سيٺ ٽنڊڻ مل، شيوا سنگھھ ۽ گلاب راءِ،
پنجابي شاھوڪارن، کي سڏائي شھزادي تيمور جي آمد
بابت صلاحون ڪيائون، پر گھڻي مٿاڪٽ کان پوءِ بھ
ڪنھن نبيري تي نھ پھتا تھ ان آئيءَ جو ڪھڙو اپاءُ
ٿيڻ گھرجي؟ پڇاڙيءَ اھا سوچ ڪيائون تھ ان باري ۾
خود ميرن سان مشورو ڪيو وڃي، ڏسون تھ اھي ڪھڙي ٿا
تدبير اختيار ڪن. ھنن جو اھو خيال ان ڪري بھ اھم
ھو تھ جنھن صورت ۾ ميرن پاڻ شھزادي تيمور کي ھتي
آڻايو آھي، انھيءَ حالت ۾ پنھنجي ڪابھ ڳڻ ڳوت ھن
مٿي تائين مھتياري (ڪامياب) نھ ٿي سگھندي، سو ساڻن
لھھ وچڙ ۾ ضرور اچڻ کپي.
جڏھن سڀئي اچي انھيءَ خيال تي بيٺا تھ جمعي خان
بارڪزئي کي (جيڪو سڀني کان سرس سياڻو ۽ ڏاھو ھو)
خيرپور جي ميرن ڏانھن موڪليائون. جيئن تھ شھزادي
تيمور جي شڪارپور ۾ آمد ميرن جي ئي مدعا تي ٿي
ھئي، تنھن ڪري جمعي خان انھن کي اصل حقيقت سمجھائڻ
۾ وڏا وس يا. پر ڪوبھ ٻوٽو نھ ٻريو اٽلندو ميرن
پنھنجي معتبرن جي چوڻ تي ويچاري جمعي خان کي
زوريءَ شھزادي تيمور ڏانھن روانو ڪيو.
ميرن جي حڪم تي جمعو خان جڏھن گھوٽڪيءَ پھچي
شھزادي تيمور تائين رسيو تھ کيس سڄي خبر پئجي ويئي
تھ ماجرا برابر اھائي ھئي، جنھن جا انومان عام
ھئا. ھن اتان ئي سموري روداد مقصود خان، تاج محمد
خان ۽ ٻين ڏانھن لکي موڪلي تھ شھزادو تيمور ھتي
ميرن جي تقاضا موجب آيل آھي. انھيءَ صورت ۾ اسان
کي اڳواٽ ئي شڪارپور جي سنڀال تان ھٿ کڻي شھر جي
پچر ڇڏڻ گھرجي.
جمعي خان جي انھيءَ
ڏاھھ ڏيڻ کان پوءِ شھر جا مڙئي چڱا مڙس رت جا
ڳوڙھا روئندا ڏاڍن ارمانن سان شڪارپور مان نڪري
ھليا. تاج محمد خراسان ھليو ويو ۽ مقصود خان شھر
کان چار ڪوھھ پرتي اورنگ آباد ۾ وڃي ويٺو.
شھزادو تيمور ١٢٣٤ھھ/
١٨١٨ع ۾ سيد ابوالحسن شاھھ، آقا حسن ناظر باسي ۽
دلاور خان سان گڏ ٻين سون پيادن ۽ سوارن جي ڪٽڪ
سميت اچي شڪارپور ۾ وارد ٿيو، جتي خيرپور جي ميرن
طرفان حمزو خان ٽالپور ۽ ديوان دلپت راءِ ساڻس ھم
رڪاب ۽ حاضر ھئا، جيئن رعايا کي پڪ ٿئي تھ ھيءُ
غلاموءَ واري گھل مڙئي خيري آھي. شھزادي ھڪ حاڪم
جي حيثيت ۾ شڪارپور جي گادي اچي سنڀالي تھ شھر جا
سڀئي مھانڊا، سرڪاري ڪارندا ۽ سيٺيا سندس خدمت ۾
سلامي ڀرڻ آيا. جن کي مانائتو ڪيو ويو. آخر شھر ۾
پڙھو ڏياريو ويو تھ ھرڪو امن عافيت سان ڌنڌي
ڌاڙيءَ کي لڳي وڃي.
شھزادو تيمور نوجوان ۽ نھايت عيش پسند ھو. ان ڪري
شڪارپور جي رھائش دوران ھر روز باغن جي سير ۽
محبوبڙين جي ھنج ۾ ٿي گذاريائين، تان جو ست اٺ
مھينا ائين گذري ويس. اوچتو کيس انھيءَ عياشي واري
عالم ۾ خبر ملي تھ شاھھ شجاع جي سر ڏي خير ناھي.
سو سڄي عيش آرام کان نرھھ ٿي ويو ۽ رات ڏينھن ٿڌا
ساھھ کڻي سوچيندو رھيو تھ ھاڻ الاجي ڇا ٿيندو!؟
*
(١٤)
سردار محمد عظيم خان جي ڪشمير مان پشاور پھچي شاھھ
شجاع سان چڪري ڏيڻ، شاھھ شجاع جي کانئس ھار کائڻ ۽
ڪي ڏينھن خيبر جي لڪن ۾ لڪي وري سيد ولي شاھھ جي
رھنمائي ۾ مزاريءَ جي رستي(1)
شڪارپور ڏانھن سندس ڀاڄ:
شاھھ شجاع ديري غازي خان مان نڪري پشاور آيو ۽
پنھنجي حڪومت ھلائڻ ۾ مشغول ٿي ويو. ھوڏانھن سردار
محمد عظيم خان بھ ڪشمير جا وڻ ڇڏي پنھنجي لشڪر ۽
خزاني سميت پشاور ڏانھن رخ رکيو. پٺيان پنھنجي
ڀاءُ عبدالجبار کي ڪشمير ۾ ڇڏيو ھئائين، جيڪو
حڪومت جي نشي ۾ ايڏو چور ٿي چڪو ھو، جو چاليھھ
گھوڙا سون سنجن ۽ بخملي جامن (جھلن) سان سينگاري
اندر ٻاھر سواريءَ تي پئي ھليو. ھيءُ جتي بھ ٿي
ويو تھ ساڻس رنگ برنگي تنبو طولان ۽ ٻيو ساز سامان
ھڪيو تڪيو موجود پئي رھيو، انھيءَ خوش فھميءَ ۾ تھ
پاڻ اجھو ٿو اڪيلي سر ملڪ جو حاڪم بڻجي! مگر کيس
اھو پتو نھ ھو تھ قدرت ساڻس ڪھڙي ويڌن ڪرڻ واري
آھي.
سردار محمد عظيم خان جڏھن پشاور جي ويجھي ڇڪ ۾ آيو
تھ شاھھ شجاع جي اميرن ھن کي صلاح ڏني تھ سردار
محمد عظيم خان جي عزت افزائي لاءِ مناسب آھي تھ ڪي
چڱا ماڻھو سندس آجيان جي لاءِ اماڻيا وڃن، ڇاڪاڻ
تھ ھو ائين ڪرڻ سان اوھان جي درٻار مان مانائتو
ٿيو تھ اھا نھ رڳو انھيءَ جي عزت ليکي ويندي پر ان
مان اوھان جي شان مان جي بھ ھاڪ ٿي ويندي.
شاھھ شجاع جيڪو پنھنجي حڪمرانيءَ جي انڌ ۾ ھو،
تنھن صلاحڪارن کي جواب ڏنو تھ جنھن صورت ۾ سردار
محمد عظيم خان پاڻ کي اسان جو خدمت گذار ٿو سمجھي
تھ پوءِ سندس آڌرڀاءُ جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ ھن کي
کپي تھ پاڻ اسان وٽ پھچي اسان جي سلامي ڀري تنھن
کان پوءِ سندس عزت افزائي لاءِ سوچيو ويندو.
سردار محمد عظيم خان کي جڏھن شاھھ شجاع جي انھيءَ
تنديءَ جي خبر پئي تھ بسم الله بر غلط سمجھي
سوچيائين: شاھھ شجاع جيڪو اڃا پوريءَ طرح ملڪ جو
حاڪم بھ ڪونھ ٿيو آھي، سو اڄ جيڪڏھن پنھنجي ھن بي
سرو سامانيءَ واري حالت ۾ اسان جھڙن کي ڌيان ۾ نٿو
آڻي تھ سڀاڻي الائي ڪھڙا ڪلور ڪري ڏيکاريندو!
ائين ٻنھي ڌرين ۾ پھريان شڪ شبھا پيدا ٿيندا ويا،
جن پوءِ پڪي دشمنيءَ واري صورت ورتي. آخرڪار ڳالھھ
وڃي وڏي رڳڙي تي پھتي. سردار محمد عظيم خان پنھنجي
امير مھر علي خان کي لشڪر ڏئي شاھ شجاع سان جنگ
جوٽڻ لاءِ روانو ڪيو.
اھا بھار جي مند ھئي، بَر پٽ، ڦوٽھڙي جي ڪري، ساوڪ
سان ڀريل ھئا. شاھھ شجاع جا سوار پنھنجن گھوڙن کي
چارڻ لاءِ اوري پري پکڙجي چڪا ھئا. شاھھ شجاع جڏھن
انھيءَ اوچتي وڳوڙ کان آگاھھ ٿيو تھ ڪي پيادا ۽
سوار ساڻ ڪري پشاور جي قلعي مان نڪري جنگ جي ميدان
۾ اچي لٿو. ٻنھي پاسن کان چڱيون چڪريون ھليون پر
نيٺ شاھھ شجاع کي شڪست کائي ميدان ڇڏڻو پيو.
پويان سردار محمد عظيم خان ھن جي تاڙ ٻڌي ھليو، پر
شاھھ شجاع کيس وري ھٿ نھ آيو. سردار محمد عظيم خان
خيبر اورانگھي ڪابل وڃي پھتو. ايتري ۾ ھن کي اطلاع
مليو تھ ڪشمير تي رنجيت سنگھھ قبضو ڪري چڪو آھي.
اھو ٻڌي ڏاڍو حيران پريشان ٿيو ۽ پنھنجي نڀاڳي
ڀاءُ عبدالجبار تي ڦٽڪارون وسائڻ لڳو. پر تقدير
آڏو ڪنھن جي ڪھڙي مجال آھي، جو ڪجھھ ڪري سگھي.
سڀڪجھھ مالڪ جي وس رھي ٿو.
انھيءَ خالصي (رنجيت سنگھھ) ڪھڙيءَ ريت پنھنجا
ھزارين فوجي ميدان ۾ مارائي ڪشمير کان پشاور تائين
ايڏي ساري ايراضي ھٿ ڪئي؟ اھو ھڪ الڳ داستان آھي.
ڪشمير پنھنجي نزاڪت ۽ نفاست ۾ ڪو نظير نٿورکي. ھن
کي بھشت برين سان بھ ڪا مشابھت ڏئي نٿي سگھجي،
جيئن ڪنھن چيو آھي تھ:
ڪشمير کي گھٽ نظر سان نھ ڏس
جو ھن اڳيان ھزارين جنتون ھيچ آھن.
ليڪن ڪشمير جي قسمت ۾ رڳي ڦرلٽ لکيل آھي. ڪشمير جو
خانو خراب ان جي حاڪمن ھٿان ئي ٿيندو رھيو. سردار
محمد عظيم خان بھ انھن مان ھڪ ھو، جنھن جي آندل
تباھين نيٺ رنجيت سنگھھ کي ڪشمير اچڻ جو رستو
ڏيکاريو.
(١٥)
پشاور ۾ شاھھ شجاع جي شڪست کان پوءِ سنڌ جي ميرن
طرفان شھزادي تيمور کي شڪارپور مان ڪڍڻ جي ڪوشش،
ميرن جي حڪم تي جمعي خان بارڪزئي جو شھزادي ڏانھن
جنگ لاءِ وڃڻ ۽ شڪست کائي واپس ڀڄي اچڻ:
شاھھ شجاع جتان ڪٿان شڪست جو منھن ڏسي (ڌرم جا ڌڪا
کائي) آخر وڃي خيبر جي پھاڙن ۾ پناھھ گزين ٿيو.
اھا ڳالھھ ھر ھنڌ ھلي (مشھور ٿي) ويئي، پر ڪيترن
ڏينھن تائين ڪنھن کي ڪو پتو پئجي نھ سگھيو تھ ھو
ڪٿي (ٿمھيل) آھي.
ھن پاسي ميرن کي جڏھن خبر پئي تھ قصو ھيئن ٿي چڪو
آھي تھ شاھھ شجاع مان آقي باقي آسرو پلي ۽ اکيون
ٻوٽي شھزادي تيمور جي پٺ ورتائون، جيڪو شڪارپور ۾
شراب ڪباب وسيلي پيءُ جي غم ۾ جھرندو پئي ويو. کيس
خط ڏياري موڪليائون تھ:
”الاھي تقدير ڀال ڀري سرڪار (شاھھ شجاع) جو تختو
انڌو ڪري ڇڏيو، جنھن جو ڪو پتوئي ڪونھ ٿو پوي تھ
ڪھڙي ھنڌ ٿمھيل آھي. شڪارپور جا بارڪزئي، جيڪي شھر
کان علاوه سڄي پس گردائي ۾ پکڙيل آھن، انھيءَ وقت
جي انتظار ۾ ھئا، ھاڻ خطرو آھي تھ متان ڪٿي
دشمنيءَ جي خيال کان انھن جو شھزادي جي ماڻھن سان
ڪو ٽڪر نھ ٿي پوي ۽ ڳالھھ وڃي ڪنھن وڏي معاملي
تائين پھچي، سو صلاح اھا آھي تھ ان کان اڳي جو
سڀاڻي ڪا ھيٺ مٿائي ٿي پوي ۽ اسان اوھان ڏانھن
مياري ٿي پئون ڇو نھ اوھان کي اڳواٽ اھڙو اطلاع
ڏيون!
چڱو ائين آھي تھ اوھان شڪارپور ڇڏي ڪنھن ٻئي پاسي
ھليا وڃو، جنھن ۾ اوھان جي ۽ اوھان جي عملي جي
ڀلائي آھي.“ (ص: ١٠٢)
ٻئي طرف جمعي خان ۽ مقصود خان ڏانھن چٺيون اماڻيون
ويون تھ:
”شاھھ شجاع جيئن سردار محمد عظيم خان کان شڪست
کائي (خوار ٿي) چڪو آھي، جنھن جي خبر ئي ڪانھ ٿي
پوي تھ ڪٿي پيو ڀٽڪي! ھن حال ۾ شھزادي تيمور جو
شڪارپور ۾ ھئڻ ٺيڪ نٿو لڳي. اسان جو خيال آھي تھ
شھزادو اتان کسڪ سورت پڙھي ڪيڏانھن نھ ڪيڏانھن
غائب ٿي وڃي، سو اوھان کي ان لاءِ سوچي اھا مصيبت
اتان ٽارڻي پوندي. جيڪڏھن انسانيت ۽ شرافت سان ڪم
ٺھي پوي تھ واھھ نھ تھ ڪنھن داناءُ چواڻي: ميٺ
محبت مان ڪو چاڙھو نھ ٿئي تھ پوءِ ڪرڙ اک کان ڪم
وٺڻ گھرجي. وڌيڪ اوھان جي وس آھي.“ (ص ص ١٠٢ –
١٠٣)
انھيءَ ھدايت موجب جمعي خان ۽ مقصود خان گھڻو ئي
پاڻ پتوڙيو تھ آئي بلا سر تان ٽري پر شھزادي تيمور
واري ڌر پنھنجي آٽ تان ئي نھ لٿي. آخرڪار ٻنھي
پاسي ھلڪي جھڙپ لڳي، جنھن ۾ ڪي سپاھي مارجي ويا.
جمعي خان کي نيٺ ويچارو ٿي، ڀڄي وڃي اورنگ آباد ۾
مقصود خان وٽ پناھي ٿيڻو پيو.
ميرن بھ گھڻيون ئي ڪوششون ڪيون پر ڪارگر ڪونھ
ٿيون، شھزادي جا ملازم ھٿئون وڌيڪ شينھن ٿي ٿڏي تي
ھر ڳالھھ جو جواب ڏيندا رھيا ۽ پڇاڙيءَ ۾ ميرن کي
چوائي موڪليائون:
”اوھان جي اکين ڦيرڻ تي ڏاڍو اچرج لڳو! ھن آزمائش
جي گھڙيءَ ۾ سڀ ڪنھن کري کوٽي جي پروڙ پوندي رھي
ٿي. اوھان جي خلوص تي اسان کي پورو ڀروسو ھو پر
ھيءَ ڪھڙي شرافت ھئي جو اوھان جمعي خان بارڪزئي کي
انگشت (اڱر) .... ڏئي، اسان جي مقابلي لاءِ کڙو
ڪيو؟ جنھن بي ادب ٿي سڌو سنئون فساد ۾ منھن وڌو، ۽
اوھان پري کان ويھي رونشو (تماشو) ڏسندا رھيا.
اوھان کان ايترو بھ ڪونھ پڄي سگھيو جو ان کي ڪا
روڪ ٽوڪ ڪريو ھا! اھا ڪھڙي مروت ۽ ڪھڙو مسلماني
ننگ ليکجي ... چيو ڪونھ اٿن تھ: ائين (بڇڙائي) نھ
ڪر جو چڱا اھڙو ڪم نھ ڪندا آھن. جيستائين سرڪار
(شاھھ شجاع) جو ڪو پتو نھ پيو آھي، تيستائين اسان
جو ھتان وڃڻ محال ٿيندو، پر جي اڃا بھ اوھان جي
مٿي ۾ ڀنوري آھي تھ ھو گوءِ ھو ميدان. ماڻھن جي
سر تي جيڪا مصيبت اچي ٿي نيٺ ٽري ويندي.
پر مرد کي کپي تھ پنھنجي مردانگيءَ کان پري نھ
وڃي.“ (ص ص ١٠٤ – ١٠٥)
ميرن کي جيئن اھو دڙڪو مليو تھ دنگ رھجي ويا. تڏھن
بھ بردباريءَ کان ڪم وٺندي ھر روز ڪنھن نھ ڪنھن
حيلي بھاني ميڙ منٿ سان ڳالھھ چوريندا پئي آيا.
ائين مھينو ڏيڍ شھزادي ۽ ميرن وچ ۾ معاملا ھلندا
رھيا. پڇاڙيءَ ۾ جڏھن ڪو ڇيھھ نھ ٿيو تھ مولاداد
خان، خيرالله خان ۽ مدد خان فوفلزئي شھزادي وٽ وڃي
چاپلوسي نموني کيس سرچائڻ جي ڪئي. ھو پاڻ سان ڪي
سپاھي ۽ عام شھري بھ گڏ وٺي ويا، ۽ شھزادي اڳيان
ڊاڙ ٻٽاڪ ھڻڻ لڳا تھ: اسان قسم ساک تي چئون ٿا تھ
پاڻ سڀئي اڄ بھ اوھان جا ٻڌا ٻانھا آھيون. جن بھ
اوھان سان سرڪشي ڪئي آھي تن سان اھا تعدي ڪئي
ويندي جو سدائين ياد رکندا.
انھيءَ چاپلوسيءَ
وسيلي شھزادي کي ٺاھھ ۾ آڻي کانئس شڪارپور جي
سموري سرڪاري آمدني مان ٽيون حصو وصول ڪندا آيا.
ھوڏانھن شھزادو پنھنجي (ڀاڄوڪڙ) پيءُ جي اوسيئڙي ۾
ڏينھن ڳڻيندو رھيو.
*
(١٦)
شاھھ شجاع جو شڪارپور ۾ بلا بڻجي نازل ٿيڻ ۽ ستت
وڃي سنڌ جي ميرن سان معاھدو ڪري، وري واپس شڪارپور
اچڻ:
شاھھ شجاع خيبر جي لڪن مان نڪري سڌو ديري غازي خان
ڏانھن وريو. جڏھن ان جي ويجھو آيو تھ اتان جي ناظم
محمد زمان خان ھن ھارايل ھاڙھي مٿان دل ٻڌي حملي
جي تياري ڪئي. شاھھ شجاع پنھنجي ڀٽڪيل حال جي ڪري
منھن ڏيڻ بدران پٺيرو ٿي شڪارپور ڏانھن وڌيو ۽
شڪارپور جي ھڪ سيد ولي شاھھ جي رھنمائي ۾ روجھاڻ ۽
ڪشمور لتاڙيندو اچي شڪارپور ۾ نازل ٿيو. ھن جي اچڻ
جو ٻڌي سندس دشمن اک ڇنڀ ۾ الوپ (غائب) ٿي ويا.
شڪارپور پھچي ٿورن ئي ڏينھن ۾ کيس پتو پئجي ويو تھ
شڪارپور جي سموري سرڪاري پيداوار مان شاھي خرچ
پورو نھ ٿي سگھندو، ان ڪري سڄي خرچ پکي جي پورائي
لاءِ سنڌ جي ميرن سان ٺاھھ واري صورت اختيار ڪرڻي
پوندي.
اھو خيال ڪندي پاڻ پھريان ئي راقم (ڪتاب جي مؤلف
منشي عطا محمد) ھٿان پنھنجي آمد ۽ ميرن سان خير
خواھي بابت خط لکرائي کين روانا ڪيائين. پوءِ ٿورا
ڏينھن رکي قلندر شھباز جي زيارت جي بھاني ٻيڙين ۾
سوار ٿي شڪارپور مان نڪري ھليو. ھيءَ آبڪاڻيءَ جي
موسم ھئي، ساڻس پنھنجا ڪي امير بھ عملي سميت گڏ
ھئا.
جڏھن ٻيڙيون بکر جي قلعي وٽان لانگھائو ٿيون تھ
قلعي جي پھريدارن توب جا گولا مٿن ڇوڙيا، پر
ٻيڙيون بنا ڪنھن جوکي جي اتان ٽپي وڃي دونھين
(ڳوٺ) وٽ لنگر انداز ٿيون. اھا خبر جيئن خيرپور جي
ميرن کي پئي تيئن انھن مان مير سھراب خان، مير
رستم خان، مير مبارڪ خان ۽ ٻيا تڙ تڪڙ ۾ خيرپور
مان ھلي اچي ساڻس مليا ۽ کيس سوکڙيون پاکڙيون پيش
ڪيائون. تنھن کان پوءِ مھمانداريءَ ۾ لڳي ويا ۽
ڪابھ ڪسر پوئتي نھ رھايائون. ھن باري ۾ ميرن حقيقت
۾ اھو ڪجھھ ڪيو، جيڪو سندس شان وٽان ھو. ٻئي پاسي
شاھھ شجاع بھ ھنن جي گھڻي عزت افزائي ڪئي. ساڻن
صحبتي ٿي، زماني جا ڏک سک اوريندو، سندن دل وٺندو
رھيو.
ھوڏانھن حيدرآباد جا مير، جيڪي شڪار لاءِ ويل ھئا،
اھي بھ مير ڪرم علي خان، مير مراد علي خان ۽ ٻين
سميت حيدرآباد ھليا آيا. ايتري ۾ شاھھ شجاع بھ
ٻيڙين رستي اچي اتي پھتو، جنھن کي سڀني گڏجي مان
ڏنو ۽ ڳالھيون شروع ٿي ويون.
شاھھ شجاع ھڪ ئي وقت خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن
سان ملاقات ڪري ڏاڍو خوش ٿيو. کين پنھنجي شاھاڻين
عنايتن سان خوب نوازيائين. جڏھن ٻنھي ڌرين جي
معاھدي جو وقت آيو تھ ميرن گھڻي قدر لنوائڻ جي
ڪئي، پر ھوڏانھن ھو (شاھھ شجاع) بھ مڇڏو ٿي سندن
پويان لڳو، چئي: جيستائين معاھدو نھ ٿيو آھي،
تيستائين حيدرآباد کي ڇڏڻ جي ڪونھ ڪندس. نيٺ ھنن
کڻي آڻ مڃي ۽ ھيٺينءَ ريت معاھدو ٿيو:
ٻنھي ڌرين ڪلام الله وچ تي رکي عھد ڪيو تھ: ”شاھھ
شجاع جو دشمن ميرن جو دشمن ليکيو ويندو. ٻنھي جي
نيڪي بدي ۽ ننگ ناموس جي ڳالھھ ھڪ سمجھي ويندي.
جيڪو ان جي ابتڙ ٿيو، تنھن ڄڻ ڪلام الله کي پٺي
ڏني ۽ پنھنجو خانو خراب ڪيو. آّخر اھو بھ طئي ٿيو
تھ شاھھ شجاع جي مدد ۾ ميرن پاران ڪابھ ڪوتاھي نھ
ٿيندي.“
اھو عھدنامو ڪري شاھھ شجاع خيرپور ڏانھن سنبريو.
حيدرآباد جي ميرن پنجويھھ ھزار روڪ ۽ قيمتي
سوکڙيون کيس پيش ڪيون. ان سان گڏ ڪي علائقا: محال
گوسڙڪي، ڪرن جو قلعو، ڳڙھي ياسين
محال روپاھھ
جو ٽيون حصو شاھھ شجاع جي خرچ پکي لاءِ مقرر
ڪيائون.
وڌيڪ لاءِ خيرپور جي ميرن ڏانھن خط لکي ڏنائون تھ
شڪارپور جي ڪن ديھن جي آمدني مان ھر مھيني مقرر
ڪيل رقم جي ادائگي ڪري شاھھ شجاع سان سنمک ٿيندا
رھن.
خيرپور پھچڻ تي شاھھ شجاع جي ميرن پاران ڏاڍي سھڻي
نموني آجيان ڪئي ويئي، جڏھن عھدنامي بابت ڳالھيون
ھليون تھ مير سھراب خان جيڪو زماني جا رنگ ڏسي وڏي
ڄمار کي اچي پھتو ھو، تنھن عھدنامي کان صاف انڪار
ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳو: حيدرآباد جي ميرن اڳواٽ جيڪو
عھدنامو ڪيو آھي، سو ڪافي سمجھڻ کپي، وڌيڪ ڪا بھ
ضرورت ڪانھي. جيڪڏھن اھي انھيءَ عھدنامي تي قائم
رھيا اسان بھ ساڻن گڏھونداسين. ٻي حالت ۾ اسان تي
ڪا ميار نھ رھندي.
شاھھ شجاع چڱا حيلا ھلايا، پر ھتي ھن جي ھڪ بھ نھ
ھلي سگھي. مير سھراب خان پاڻ انھيءَ ڪروڌ ۾ ھو تھ
حيدرآباد جي ميرن ھٿ وٺي پاڻ کي ٻوھي ۾ وڌو آھي.
ھنن کان عھدنامي موجب ادائگي ڪنھن مٿي ڪانھ ٿي
سگھندي، ھرو ڀرو خواريءَ جو کارو مٿي تي کڻي ۽
ڪلام الله وچ ۾ آڻي ايڏي ھوڙھيائي ڪئي اٿائون، انت
معاھدو نھ ٿيڻو ھو سو نھ ٿيو. شاھھ شجاع ائين
خيرپور جي ميرن وٽان مايوس ٿي پويان پير ڪري واپس
شڪارپور اچي پھتو.
*
(١٧)
شاھھ شجاع جي حيدرآباد ۽ خيرپور کان شڪارپور ڏانھن
واپسي ۽ اتي پھچڻ کان پوءِ مال ميڙڻ ۽ لشڪر گڏ ڪرڻ
۽ فوجي منصوبا سٽڻ ۽ ٻئي پاسي سنڌ جي ميرن جو
ڳڻتيءَ ۾ پوڻ:
شاھھ شجاع حيدرآباد جي ميرن سان معاھدو ڪري خيرپور
مان ٿيندو شڪارپور آيو تھ لشڪر گڏ ڪرڻ ۾ لڳي ويو.
جٿان ڪٿان پيادا سوار ڀرتي ڪرائيندو ويو. خراسان
مان نور محمد خان الڪوزئي، بلوچ خان اچڪزئي،
عبدالوھاب خان ۽ عبدالمجيد خان (نڪ وڍئي) کي پيادن
۽ سوارن سميت گھرايائين، جيڪي وٽس اچي حاضر ٿيا.
انھن کان سواءِ ٻيا امير بھ جھڙوڪ: مير افضل خان
اسحاق زئي ۽ شيرين خان، توڙي قزلباش ، عرب ۽ تاجڪ
وٽس اچڻ لاءِ آتا ھئا. ھر ڪنھن کي خراسان جي لوري
لڳل ھئي.
شاھھ شجاع اھو سڀ ڪجھھ خراسان ھٿ ڪرڻ لاءِ پئي
ڪيو، پر ھر ڪنھن ننڍي وڏي ڳالھھ جي لاءِ سنڌ جي
ميرن سان صلاحون پئي ڪيائين. نيٺ ٻن سالن جي عرصي
۾ لشڪر ڀرتي ڪرڻ کان سواءِ ھٿيار پنوھار ۽ ٻيو
سامان ميڙي دنگ ڪيائين. دستور موجب ھفتي ۾ ٻھ ڀيرا
ھزاري درجي ٻاھران فوجي پريڊ ٿيڻ لڳي. جنھن ۾
توبون ڇوڙيون وينديون ھيون.
انھن توبن جي ڌڌڪو جڏھن ميرن واري ڌر تائين پھچندو
ھو تھ سندن دماغ مان ٺڪاءُ نڪري ويندا ھئا. ھنن کي
اھا اڻ تڻ ورائي ويندي ھئي تھ اھڙي ارڏي بادشاھھ
کي پنھنجي ڀر ۾ ويھاري پاڻ کي ڄاڻي واڻي مصيبت ۾
وجھي ڇڏيو اٿائون. ھيڪر تھ اھو ڪھاڙو پنھنجن پيرن
تي ھڻي چڪا آھيون، اڳتي ڏسجي ڇا ٿو ٿئي؟ ميرن
ويچارن سان ٿي تھ ڏاڍي چڪي ھئي تھ بھ: ”لعل بھ لڀي
پريت بھ رھجي اچي“ چواڻي جيئن تيئن ڪري شاھھ شجاع
جون ناز برداريون ڪندا پئي آيا. انھيءَ سان گڏ اھو
بھ سوچيندا ٿي رھيا تھ خراسان جي حاڪم سردار محمد
عظيم خان کي گھرائي، ھن بڇڙي بلا سان وچڙائي،
پنھنجي ملڪ کي بچايو وڃي.
*
(١٨)
شاھھ شجاع جون شڪارپور ۾ قھري ڪارروايون –
سعادتمند خان جي مرڻ کان پوءِ سندس گھر جو ارڪو
ترڪو ميڙي کڻڻ ۽ ھن جي عزيز کي طرحين طرحين اھنج
عذاب ڏيڻ، ھوس راني جي ميدان ۾ ڇڙواڳ ٿي ڇتڪتائيون
ڪرڻ ۽ سندس ٻيون بُڇڙايون:
شاھھ شجاع شڪارپور ۾ رھي خوب عيش ڪيا ۽ پنھنجي
مرضيءَ موجب ھر خواھش جي پورائي ڪندو رھيو. پاڻ
انڌ جي گھوڙي تي سوار ٿي، ڇتڪتائي ۾ اچي نت نوان
ڪلور ڪري ظلم جون حدون ٽپي ويو. جتي بھ ڪنھن مال
مڪيت جو پتو ٿي پيس اتي پھچي لٽ ڦر لائي ٿي
ڏنائين.
کيس دولت جي ھوس ايتري قدر ورائي وئي جو جيئرا تھ
ٺھيو، مئن کي بھ ڪونھ ٿي ڇڏيائين، اتفاق سان
سعادتمند خان الڪوزئي فوت ٿيو تھ ان جي ڌن دولت جو
ٻڌي، وڃي اتي ڪڙڪيو. انھن جي گھر ۾ پئسي پنجڙ سان
گڏ جيڪو سون، چاندي، زيور، زرڙو، ھٿيار وغيره ھو،
سو تھ ھيرن جواھرن سميت کنيائين، پر ڪشميري شالون،
پٽ پٽيھر، چانديءَ جا ٿانو ۽ اھڙو ٻيو سمورو قيمتي
سامان بھ ڪڍي ويو. آخر ھٿوڙا کڻي سڄي جاءِ کوٽائي،
پڌر ڪرائي ڪک پن ميڙي پنھنجو ڀڀ (پيٽ) ڀريائين.
ان کان پوءِ سعادتمند خان جي زالن کي قيد ۾ وجھي
ساڻن سخت عقوبتون ڪرڻ لڳو. ويچارين کي پھرن جا پھر
اس ۾ بيھاري سندن ڪلھي تي بندوق رکي ڊيڄاري، رھي
کھي دولت تي ڌاڙا ھڻندو رھيو. سعادتمند خان جو
نائب عبدالعزيز خان، جيڪو بروقت ڀڄي نڪتو ھو، تنھن
جي ڏاڍي ڳولا ڪرايائين، پر ھو لڀي ڪونھ سگھيو. نيٺ
پوين کان ست اٺ ھزار رپيا وٺي ان جي پچر ڇڏيائين.
ھاڻ کيس اچي اھا لوري لڳي تھ رنجيت سنگھھ ھن کان
قيد واري زماني ۾ جيڪو مشھور ھيرو ڪوھھ نور کسيو
ھو، تنھن جي عوض ٻھ لک رپيا ماڻھن کان ڪڍي اھا
پورائي ڪئي وڃي. آخر اھي ڏوڪڙ بھ شڪارپور ۾ رھندڙ
امرتسري شاھوڪارن جي گماشتن: سيٺ ٽنڊڻ مل ۽ گلاب
راءِ کان ڀرائي ورتائين، جن ويچارن اڳواٽ ئي ات ڀو
کان ناڻي جون پيتيون سندس ڪارندن وٽ رکائي ڇڏيون
ھيون.
شاھھ شجاع پنھنجي نيم (دستور) موجب صبح مردان سان
گھوڙي تي سوار ٿي شھر کان ٻاھر سير سواڌ لاءِ
ويندو ھو. ھڪ ڀيري جيئن سير ڪندي شھر کان ٻاھر
ھليو تھ پريان سنڌ واھھ تي ڪجاون ۾ ويٺل ڪي زالون
ڏٺائين، جيڪي اٺن تي واھھ ٽپي پار ٿي ويون. اھا
خبر کيس بھ پئجي ويئي تھ جمعي خان فوفلزئي جو آل
(ٻار ٻچا) سندن ڊپ کان شھر ڇڏيو پيا وڃن، جن کي
بيچانجيءَ ڏانھن وڃڻو ھو.
ھن ھڪدم نيڪو خان خواجا کي حڪم ڏنو تھ جلد وڃي جاچ
لھي اچ تھ انھن ۾ ڪا ڪنواري ڇوڪري بھ آھي؟ جيڪا
شاھي حرم جي لائق ٿي سگھي!
خواجھ جيئن اتي ويو تھ زالن ۾ ٻاڪر ڪٽو پئجي ويو ۽
ھو واويلا ڪرڻ لڳيون، پر قھري قانون اڳيان ڪنھن جي
ڪير ٿو ٻڌي. ھن ڳولي ڦولي جمعي خان جي نياڻي، جيڪا
ڪنھن جي نالي ٿيل ھئي، زوريءَ کڻي شاھھ شجاع وٽ
آندي. ھوءَ ايڏي تھ سھڻي ھئي جو ڄڻ: چنڊ بھ ان جي
حسن کان تجليون حاصل ڪندو ھو.
شاھھ شجاع جيئن ان
جي حسن تي نظر وڌي تھ سڄو قافلو نيڪو خان خواجا جي
حوالي ڪري، سڀني کي ڇڪي تاڻي شڪارپور شھر ۾
آندائين. ان کان پوءِ مولاداد خان، مدد خان ۽
خيرالله خان فوفلزئي کي سڏائي ڇوڪريءَ جي نڪاح
لاءِ چيائين ۽ اٺ ڪجاوا مالڪن جي حوالي ڪيائين.
ھنن کيس ٻڌايو تھ اھا ڇوڪري اڳ ۾ ڪنھن ٻئي جي نالي
ٿيل آھي، ساڻس نڪاح مناسب نھ ٿيندو. پر ھن ڪابھ نھ
ٻڌي. ٿورن ڏينھن کان پوءِ انھيءَ ڇوڪري سان نڪاح
وجھي، شاھاڻي نموني شادي ڪري، کيس پاڻ وٽ آڻي
موجون ماڻيندو رھيو.
ھن جي انھن ظلمن کان شاھوڪار اڳيئي تنگ ھئا، جن
کان پئسن ڪڍڻ لاءِ ڏاڍايون ڪندو ٿي آيو، پر زوريءَ
ڪنواريون ڇوڪريون کڻائي پرڻجڻ ۽ ماڻھن سان ٻيون
جٺيون ڪرائڻ سبب ھر ڪو مصيبت ۾ اچي چڪو ھو، جنھن
کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ميرن جو ڌيان
ڇڪايو ويو. ميرن سڄي خبر وٺي پنھنجي وزير نواب ولي
محمد خان سان خيرپور جي ميرن پاران حمزي خان
ٽالپور کي گڏي شاھھ شجاع ڏانھن اماڻيو تھ جيئن کيس
سمجھائي انھن زيادتين کان باز رکڻ جو بلو ڪري
سگھن. ھنن وڃي شاھھ شجاع سان ڳالھيون ھلايون. جڏھن
خبر پين تھ ھن کي پئسن جي بک آھي تڏھن ڏئي وٺي سڀ
ڪنھن جي جند ڇڏايائون. ان کان پوءِ شاھھ شجاع
پنھنجي شرم پرچائڻ لاءِ ماڻھن کي گھڻيئي دم دلاسا
ڏنا، پر ھر ڪو کانئس ائين ڪو کائڻ لڳو، جيئن نانگ
ڏنگيل رسيءَ کان ڪنبندو آھي. ھر ڪنھن جي وات اھا
وائي ھئي تھ خدا ھن ظالم جي پاڙ پٽي تھ ڪنھن کي ڪو
سک جو ساھھ نصيب ٿئي.
انھن پرڪارن سان ھو ڀريا ٻھ سال ١٢٣٤ھھ
/
١٨١٩ع کان ١٢٣٦ھھ
/
١٨٢١ع تائين ملڪ ڀيليندو ۽ ماڻھن جا جھڳا ڀينگ
ڪندو رھيو. ميرن بھ آخر بيزار ٿي پنھنجن وڪيلن کي
سردار محمد عظيم خان ڏانھن خراسان ڏياري موڪليو،
جيئن ھن ظالم جو جلد تڏو پٽجي وڃي.
ظالمن تي خدا جي
مار ۽ ڦٽڪار ھجي.
|