(١٤)
افغانستان تي ١٨٣٩ع جي چڙھائي دوران سنڌ بابت
سياسي سندون:
١٨٣٨ع ۾ جڏھن لارڊ آڪلينڊ انڊس لشڪر کي افغانستان
ھٿ ڪرڻ لاءِ شاھھ شجاع سان روانو ڪيو تھ ھڪ ٽھ
ڌريو معاھدو ٢٣ – ربيع الثاني ١٢٥٤ھھ/
٢٦- جون ١٨٣٨ع تي لاھور ۾ رنجيت سنگھھ، شاھھ شجاع
۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني درميان طي ٿيو ھو، جنھن ۾
ارڙھن فقرا ھئا. انھن مان ٻھ فقرا سنڌ سان لاڳاپو
رکن ٿا. انھن جو متن ھيٺينءَ ريت آھي.
نمبر (٤) سنڌ ۾ شڪارپور جي باري ۾ درياھھ جي ھيءَ
ڀر جيڪا سنڌ سان واسطو رکي ٿي، ان لاءِ رنجيت
سنگھھ ۽ شاھھ شجاع جي وچ ۾ پراڻي دوستي جي آڌار تي
(انگريز سرڪار سميت) ڪپتان ڪلوڊ مارٽين
ويڊ پوليٽيڪل ايجنٽ جيڪي طي ڪيو آھي سو شاھھ شجاع
کي منظور ھندو.
نمبر (١٦) ھن وقت
جيڪي ملڪ ۽ انھن سان واسطو رکندڙ علائقا ميرن جي
ڌاڪ ۾ آھن، اھي شاھھ شجاع ۽ سدوزئي خاندان کي
پيڙھين تائين فرمانبرداري جي ثبوت ۾ ھاڻي آئندي
لاءِ جيڪا ڍل ڏيندا رھندا، تنھن ۾ ڪوبھ دخل نھ ڏنو
ويندو. اھو ملڪ (سنڌ) ۽ ان جي آمدني ميرن ۽ سندن
پوين لاءِ آھن ۽ رھندا. انھي شرط سان تھ مير پور
ٽيھھ لک رپيا ساليانا نانڪ شاھي، امرتسري يا اھي
ڪلدار جيڪي ڪمپني سرڪار رٿيندي، شاھھ شجاع کي ادا
ڪندا رھندا ۽ شاھھ شجاع انھن پئسن مان پندرھن لک
رپيا رنجيت سنگھھ کي رسائيندو، باقي پاڻ وٽ رکندو.
جڏھن اھا ادائگي ٿي رھندي تھ عھدنامي جو چوٿون
فقرو جيڪو شاھھ شجاع چيٽ مھيني جي ٻي تاريخ ١٨٩٠ع
لکي ڏنو ھو، رد ڪيو ويندو، جنھن کان پوءِ ميرن ۽
راجا رنجيت سنگھھ درميان اڳ وانگي سڀئي
واسطيداريون قائم ٿي وينديون.
ٻھ اقرار نامھ:
١٨٤٨ع ۾ جڏھن شاھھ شجاع پشاور ۽ ديرن (غازي خان ۽
اسماعيل خان) کان ڦري شڪارپور ۾ آيو تھ مير مراد
علي خان ٽالپور سان ھيٺيون اقرار نامو ڪيائين:
”آءٌ (شاھھ شجاع) جيئن تھ خراسان جي جنگ تي پيو
وڃان، ان ڪري خدا جي نالي قرآن ڪريم تي ھي قرار ٿو
ڪريان تھ مان شڪارپور ۾ پنجاھھ ڏينھن کان وڌيڪ نھ
ترسندس. ۽ منھنجي رھائش شاھي باغ ۾ ھوندي. ان مدي
گذرڻ کان پوءِ آءٌ قنڌار ڏانھن روانو ٿي ويندس.
ان کان پوءِ ھي ملڪ سنڌ ۽ شڪارپور ۽ ان جا ماتحت
علائقا اوھان ۽ اوھان جي جانشينن لاءِ ڇڏي ڏيندس،
جيئن ان تي اوھان جو قبضو ھجي ۽ اھا اوھان جي
جائيداد رھي. آءٌ ان ۾ ڪابھ دست اندازي نھ ڪندس.
ھي اقرارنامو اوھان جي خاطري لاءِ قرآن ڪريم تي
لکي ڏنم.
٧ – محرم ١٢٤٩ھھ دستخط ۽ شاھي مھر:
ان کان پوءِ شاھھ شجاع پنھنجي ھٿ سان ھي اکر قرآن
ڪريم تي لکيا:
”واضح رھي تھ ھي اقرارنامو قرآن شريف تي لکي ويو،
اسان سنڌ جي ملڪ شڪارپور سميت پنھنجي رضا خوشي سان
مير مراد علي خان کي جاگير طور عطا ڪري ڇڏيو.“
اقرار نامو ٻيو
مير نور محمد خان ۽ مير محمد خان نالي:
”آءٌ (شاھھ شجاع)
خدا جي نالي قرآن ڪريم تي ھي اقرار ٿو ڪريان تھ
مان ھتي پنجاھھ ڏينھن کان وڌيڪ نھ ترسندس. سنڌ جو
ملڪ شڪارپور، ماتحت علائقن سميت، جاگير طور اوھان
۽ اوھان جي پوين کي عطا ڪريان ٿو، جيئن آئيندھھ جي
لاءِ اھو اوھان جي قبضي ۾ ھجي، ۽ منھنجي ان ۾ ڪابھ
مداخلت نھ رھندي، بادشاھھ جو دوست دشمن اوھان جو
دوست دشمن ڪري ليکيو ويندو. جيڪڏھن سنڌ ۽ شڪارپور
لاءِ اوھان کي ڪابھ ضرورت درپيش آئي تھ اوھان جي
گھر ڪرڻ تي شاھي امداد ڏياري ويندي ۽ اسان جي فوج
اچي پھچندي، اھو عھد وري بھ دھرائجي ٿو تھ اسان جو
سنڌ شڪارپور يا ان جي ماتحت ايراضي سان ڪوبھ دخل
يا واسطو نھ رھندو. ھن کان اڳ اسان جيڪو مير مراد
علي خان سان قرآن ڪريم تي معاھدو ڪيو ھو ۽ ان تي
مھر ھنئي ھئي ھاڻي اھو نئين سر قائم ٿي چڪو جنھن
کان وار برابر بھ نابري ڪانھ ٿيندي، ۽ اوھان اسان
جي سڀني خير خواھن کان وڌيڪ اسان جي عنايت ۽
شاھاڻي شفقت لائق ھوندا.
دستخط شاھھ شجاع ڳاڙھي مس سان
(اردو تان ترجمو ٿيل)
نوٽ: ھي معاھدو انگريزي ۽ اردو تان نقل ڪيل آھي،
فارسي ۽ اردو جي متن ۾ ڪي ڳالھيون رھايل ھيون،
ساڳي وقت اردو ترجمو بھ ڏاڍو منجھيل ھو، جيترو ٿي
سگھيو، انگريزي متن سان ڀيٽي ان کي سڌاريو ويو،
اڃا بھ ڪو نقص رھجي ويو ھجي تھ معاف ڪيو وڃي.
نقل يادداشت ڪرنل ھينري پاٽنجر:
ھيءَ يادداشت سنڌ جي ريزيڊنٽ ڪرنل ھينري پاٽنجر ٽھ
ڌرئي معاھدي طي ٿيڻ کان پوءِ لاھور ۾، نمبر (١٣)
موجب سنڌ مان انڊس لشڪر جي روانگي مھل ميرن کي پيش
ڪئي وئي. جنھن جو فارسي متن ٿورن نقصن سان پير
حسام الدين راشدي جي ڪتبخاني ۾ موجود ھو، ھي ان
تان ئي نقل ٿيل آھي.
”ھي يادداشت جناب گورنر جنرل راجا رنجيت سنگھھ ۽
شاھھ شجاع جي معاھدي بابت مير نور محمد خان ۽ نصير
محمد خان جي ڌيان تي آندي وڃي ٿي تھ انھي معاھدي
موجب شاھھ شجاع کي لشڪر ۽ ٻيو خرچ انگريز سرڪار
پاران ڏئي اھو نبيرو ڪيو ويو ھو تھ شاھھ شجاع
بھاولپور ۽ شڪارپور جي رستي افغانستان ويندو. ٻئي
پاسي راجا رنجيت سنگھھ طرفان اھو لشڪر شاھھ شجاع
جي وڏي شھزادي سان پشاور کان ڪابل اماڻڻ جي رٿا
ڪيل ھئي، اھي ٻئي فوجون فيصلي مطابق شوال مھيني جي
شروعات ۾ بکر ۽ ان جي آس پاس وٽ گڏجي پوءِ شڪارپور
مان قنڌار ڏانھن روانيون ٿينديون.
جناب گورنر جنرل ان بابت ميرن جي دوستي جي اعتماد
موجب اھا اميد رکي ٿو تھ ان لاءِ مدد طور ھرڪا
مھرباني ڪئي ويندي، جيئن درياھي ۽ بري سفر آساني
سان طي ٿي وڃي. کاڌ خوراڪ جو جيڪو خرچ ٿيو سو
واجبي حساب موجب انگريز سرڪار ادا ڪري ڇڏيندي.
گورنر جنرل صاحب کي ڀرپور اميد آھي تھ مير صاحب
پاڻ ڏسندا تھ انھي خرچ پکي مان کين ڪيترو فائدو ٿو
پھچي، يعني انھيءَ طريقي سان ڪابل طرفان سنڌ تي
جيڪا سالياني ڍل مڙھيل ھئي ۽ شڪارپور تي پڻ ڪابل
جو قبضو رھندو ٿي آيو سو رفع دفع ٿي ويندو.
گورنر جنرل کي خبر آھي تھ مير صاحب اسان (انگريزن)
جا دوست آھن تنھن ڪري انھي نفعي کي خوشي سان قبول
ڪندي اسان سان ھر قسم جي مدد ڪندا رھندا، انگريز
سرڪار بھ اھا مدد ڪئي ھئي تھ پنھنجي وچ ۾ پوڻ سان
راجا رنجيت سنگھھ کي سنڌ تي چڙھائي ڪرڻ کان روڪيو
ھيائين، ھاڻ بھ اھو خيال ضرور رکندا تھ اھو ڪم
سندن لاءِ نھايت فائديمند ٿيندو (تھ انگريزن ۽
رنجيت سنگھھ جي لشڪر کي سڀئي سھولتون ڏئي سنڌ مان
افغانستان ڪاھي وڃڻ ۾ ڪامياب ڪندا) انھي ڪم ۾ ڪنھن
بھ ڪاھلي کان ڪم نھ ورتو ويندو نھ وري ڪا رڪاوٽ
پيدا ڪئي ويندي، اھڙي عرض تي بھاولپور جي نواب پڻ
ھا ڪئي آھي جنھن جا انگريز سرڪار سان گڏ شاھھ شجاع
تي ٿورا ڳڻيا ويندا، ان ڪري جو انھي نواب انگريزن
جي چوڻ تي اھو سوٺو سر تي کنيو ھو ۽ اھڙو اطلاع
ڀوڄ واري قلعي کان ڪپتان ميڪس کي پھتو ھو تھ نواب
صاحب ان بابت انگريز سرڪار جي مدد لاءِ قبولدار
ٿيو آھي.
اسان اھو تصور ڪري نٿا سگھون تھ مير صاحب انھي ڪم
جي بندوبست وغيره بابت ڪابھ سستي ڏيکاريندا.
انھيءَ لاءِ لازمي آھي تھ اسان کي خبردار ڪندو
رھجي، جيڪڏھن ڪنھن ڳالھھ جي ڪري مير صاحبن کي
انگريز سرڪار جي ادائگي کان ڪوبھ انڪار ھجي تھ ان
۾ کين اھا اميد نھ رکڻ کپي تھ آئندي ھن باري ۾
ڪنھن تدارڪ جي ڪابھ ذميداري انگريز سرڪار تي
ھوندي.
ھن حالت ۾ اوھان کي اصلاح ٿي ڏجي تھ پنھنجي وت ۽
وس آھر سوچي سمجھي آئندي جو انتظام ڪريو، مير
صاحبن کي چڱيءَ طرح معلوم ھئڻ گھرجي تھ جيڪي
ڳالھيون لکيون ويون انھن ۾ ڪابھ ڦيرڦار نھ ٿيندي
نھ وري انھن ۾ سڌاري جي ڪا ضرورت پيش ايندي.
جيڪڏھن ان ھوندي بھ انھن جي پورائي ۾ ڪا دير مدار
ڪرڻ ۾ آئي تھ ان کي نابري سمجھيو ويندو ۽ ان جي
اپاءُ لاءِ فوجن کي گھرائڻو پوندو جيڪي بينگال ۽
بمبئي ۾ موجود آھن، جيڪي پنھنجو ڪم ڪري
ڏيکارينديون.
ھندستان جو گورنر جنرل ميرن جي خيرخواھي کي ڌيان ۾
رکندي کين نھايت خلوص سان خبردار ٿو ڪري تھ اوھان
کي کپي تھ دوستي جي واڌاري لاءِ جيڪا ٻنھي ڌرين جي
وچ ۾ آھي، پنھنجي خواھش جو اظھار ڪريو. گورنر جنرل
کي بھ آسرو آھي تھ مير صاحب انگريز سرڪار جي ھر
ڳالھھ جو پورو خيال رکندا ۽ پنھنجي خير خواھي،
خوشدلي جو ثبوت ڏيندي، سڀئي ڳالھيون قبوليت ۾
آڻيندا. ھن باري ۾ گورنر جنرل جي مرضي جو بھ خيال
رکندا جيڪا ھن اوھان جي اڳ پوءِ لاءِ ظاھر ڪئي
آھي.
خاص ياد دھاني:
ھن کان اڳ واري معاھدي ۾ سنڌوندي رستي جنگي ھٿيارن
نھ آڻڻ جو فيصلو ڪيل ھو جيڪو ھاڻ ملتوي ڪجي ٿو.
جيڪڏھن ھن يادداشت ۾ ڪو شڪ شبھو ھجي تھ ان جي
سمجھائڻ ۽ جواب ڏيڻ جو انتظام ٿيندو ليڪن مير
صاحبن کي تاڪيد سان اطلاع ڏجي ٿو تھ شاھي فوج ۽
شاھھ شجاع جي فوج پندرھن ڏينھن جي عرصي اندر
لڌياني کان روانيون ٿي ھتي پھچي وينديون.
ھنن معاھدن ۽ انھن سان تعلق رکندڙ معاملن پڙھڻ کان
پوءِ ھر ڪنھن کي انگريز پاران ڏنل دڙڪي داٻ واري
انداز جو پتو پئجي ويو، ھاڻي ھي خط بھ پڙھڻ وٽان
آھي جيڪو اٺ سال اڳ لارڊ بينٽڪ پاران مير مراد علي
خان کي لکيو ويو ھو:
مير مراد علي خان جي نالي لارڊبينٽڪ جو خط:
مير صاحب دوستن جو تمام گھڻو مھربان نظام الملڪ،
امير الدولھ شاھھ مراد علي خان بھادر ٽالپور سلمھ
الله تعاليٰ! اوھان جي خدمت ۾ خوشي ۽ شادماني جا
اسباب موجود ھجن شال. انھي محبت ڀري راءِ کان
پوءِ، لکجي ٿو تھ اوھان جي مھمان نوازي ۽ پاسداري
جيڪا اوھان ڪرنل صاحب لاءِ ڪئي تنھن مان اھا حقيقت
ظاھر ٿي تھ اوھان پوري خاص ۽ محبت سان پنھنجي
دوستي ۽ اتحاد جو ثبوت فراھم ڪيو آھي.
اوھان جي انھن نيڪين ۽ مھربانين جو ڪرنل صاحب تي
ڪافي اثر پيو ۽ کيس پورو اعتماد ۽ اطمينان ٿيو تھ
اوھان واقعي وڏين خوبين وارا ۽ خوش اخلاق آھيو.
اوھان جي اڳين خطن ۽ روبرو بيان ڪيل زباني ڳالھين
کان پوءِ پڪيءَ طرح ٻنھي حڪومتن جي ڪاروبار توڙي
لڳ لاڳاپن جي جيڪا ڳالھھ ٻولھھ ٿي تنھن کان صاحب
موصوف ڏاڍو خوش ٿيو. اوھان مھربانن جي جيڪا مرضي ۽
جيڪو مقصد ھو، اھو چڱيءَ طرح پڌرو ٿي چڪو. ھاڻي سڀ
ڪجھھ پوري تفصيل سان ڪرنل صاحب وٽ بنا ڪنھن گھٽ
وڌائي جي پيش ڪرڻ ۾ ايندو. ڪرنل صاحب دوستي درحق
جيڪي قدم کڻندو تن بابت اوھان پورو يقين ۽ اعتماد
ڪندا ۽ اوھان جون پيش ڪيل تجويزون يا لکتون بھ
دوستي جي بنياد جو باعث ٿي رھنديون.
مھربان سائين! ڪرنل صاحب دوستي جو ھٿ ڊگھيڙيندي
اظھار فرمايو آھي تھ: ڪي خود غرض ۽ گلاخور ھروڀرو
سنڌ جي رھاڪن لاءِ شڪ ۽ وھم پيدا ڪري رھيا آھن تھ
انگريز سرڪار شڪارپور ۽ ٻين علائقن ۾ لالچ واريون
اکيون وڌيون آھن ۽ اوھان جي خاندان جي عزت ۽ مان
کي گھٽائڻ ٿا گھرن- اھي ئي ماڻھو ڪرنل صاحب جي اچڻ
مان بدگمانيون پيدا ڪري رھيا آھن. ليڪن اسان کي
اوھان جي عقل فھم مصلحت دورانديشي تي پورو ڀروسو
آھي تھ اوھان اھڙي قسم جي اجاين سجاين ۽ ڪوڙين
ڳالھين تي ڪوبھ ڌيان نھ ڏيندا. اوھان جي دلجاءِ ۽
خاطري لاءِ پڌرو ڪجي ٿو تھ اسان جي دل ۾ اھڙي ڪابھ
اوکي ڳالھھ ڪانھي جنھن لاءِ ڪو وھم گمان ڪيو وڃي،
پر جيڪڏھن اوھان کي ڪو اھڙو خدشو محسوس ٿئي تھ ان
کي ذھن تان لاھي ڇڏيندا ۽ جيڪي ماڻھو اھڙيون
ڳالھيون ڪري رھيا آھن، تن کي بھ فھمائش ڪري سندن
بدگمانيون دور ڪندا.
ھن طرف کان نھايت صاف دلي سان اھو اقرار ڪجي ٿو تھ
سنڌ جي ميرن جو قبضو، قيام ۽ ھر نموني جو دخل
پنھنجي علائقن تي قائم دائم رھندو ۽ انگريز سرڪار
اوھان جو ھر طرح خيال ۽ لحاظ پئي رکندي جنھن ۾
ڪوبھ فرق واقع ٿي نھ سگھندو.
مھرباني سائين!
ھن حقيقت حال موجب
اھي ڳالھيون جيڪي ڪرنل صاحب حيدرآباد مان موڪليون
آھن، مھاراجا رنجيت سنگھھ لاھور جي حڪمران جي ڌيان
تي آنديون ويون ھيون، ۽ ھتي پيش ڪجن ٿيون، جيڪي
معلوم ڪري اوھان کي دلجاءِ ٿيندي تھ انھن جو مقصد
اوھان دوستن جي خيرخواھي آھي. اميد تھ انھي جي موٽ
۾ اوھان بھ دوستي واري سلوڪ سان اسان کي خوشي
رسائيندا. وڌيڪ ڇا لکجي.
-----
سنڌيڪار جو تفصيلي نوٽ:
حيدرآباد سنڌ جي آخري تاجدار مير نصير محمد خان جو
انگريزن جي قيد ۾ ڏنل اصلي بيان:
مير نصير خان جو ھي تفصيلي بيان مٿي پيش ڪيل
انگريزن جي معاھدن جي پوري وضاحت ڪري ٿو تھ ڪيئن
انھن شرافت جي لباس ۾، ميرن سان فريب ڪري، آخر کين
اھي ڏينھن ڏيکاريا جيڪي ازلي ويرين کي ڏيکاريندي
بھ جيڪر شرم اچي وڃي. – مترجم.
مرحوم مير نصير محمد خان ولد مير مراد علي خان
ٽالپور، حيدرآباد جي اڳوڻي والي، انگريزن جي قيد ۾
ھڪ بيان فارسي زبان ۾ لکرايو، جيڪو مسٽر جيمس
ڪارڪورن سندس خواھش مطابق انگريزي ۾ ترجمو ڪيو،
انگريزي جو سنڌي ترجمو ھيٺ پيش ڪجي ٿو، جيڪو حبيب
الله صديقي صاحب جو ڪيل آھي ۽ مھراڻ ص ١٠٧، نمبر ٣/١٩٨٨ع
۾ شايع ٿيو آھي.
-
اسان جي تخت نشيني کان جلدي پوءِ، ڪرنل ھينري
پاٽنجر اھو معاھدو جيڪو اسان جي مرحوم والد مير
مراد علي خان ۽ لارڊ وليم بينٽنڪ گورنر جنرل جي وچ
۾ ٿيو ھو، سو اسان جي تصديق لاءِ پيش ڪيو، ڇاڪاڻ
تھ فوتي جي پٽن جي حيثيت ۾ اسان ذڪر ڪيل معاھدي جي
شرطن ۾ شامل ڪيل ھياسون. ھتي اھو ڄاڻائڻ ضروري آھي
تھ انھي معاھدي ھيٺ اسان جي والد صاحب تجارتي
مقصدن لاءِ ڪمپني (ايسٽ انڊيا ڪمپني) جي حڪومت جي
حدن اندر رھندڙ انگريز واپارين ۽ سوداگرن کي
سنڌوندي مان بغير محصول گذرڻ جو پرانو جاري ڪيو ھو
۽ سڀني کي انھي حقيقت جي ڄاڻ آھي تھ خاص منھنجي
زور ڀرڻ تي منھنجي والد اھو پروانو جاري ڪيو ھو.
گورنر جنرل جي طرفان ھينري پاٽنجر جي حيدرآباد اچڻ
۽ منھنجي والد صاحب کان انھي تجويز جي منظوري حاصل
ڪرڻ لاءِ والد صاحب بلڪل تيار نھ ھو ۽ منھنجي
مداخلت کان سواءِ ھو اھڙي منظوري مورڳو (ھرگز) نھ
ڏئي ھا. سمجھڻ گھرجي تھ اھو اڪيلو مثال نھ ھو جنھن
۾ مون انگريز سرڪار جي پاران پنھنجي والد صاحب تي
پنھنجو اثر استعمال ڪيو ھو، ڇاڪاڻ تھ انھيءَ
معاھدي جي بحال ٿيڻ کان اڳ جڏھن اليگزينڊر برنس
لاھور ويندي ڪراچي مان منھنجي والد کي بار بار
سنڌوندي مان بغير محصول گذرڻ جي اجازت لاءِ خطن
ذريعي عرض پئي ڪيو تھ اھا فقط منھنجي ڪوشش ۽
دلچسپي ھئي جنھن سندس مرادون پوريون ڪرايون.
افسوس جو جنھن وقت مان انگريز سرڪار جي مفاد خاطر،
پنھنجو اثر رسوخ استعمال ڪرڻ ۽ دلچسپي وٺڻ ۾ اھڙو
پيش پيش ھلي رھيو ھئس تنھن وقت مون اھو ڪونھ سوچيو
تھ اھا سرڪار مون کي اھڙيءَ ريت انعام ڏيندي
جھڙيءَ ريت ان ھينئر تائين ڪيو آھي. ڪرنل ھينري
پاٽنجر مٿي ڄاڻايل معاھدو اسان جي تصديق ڪرڻ لاءِ
موڪلڻ کان ڪجھھ ڏينھن پوءِ اسان جي والد صاحب جي
تعزيت (عذر خواھي) لاءِ آيو. ان بعد ھو ڪڇ روانو
ٿي ويو ۽ (اتان) اسان ڏانھن لارڊ آڪلينڊ جي مھر
سان ھڪ خط موڪليائين. خط ۾ لکيل ھو تھ جيئن تھ
گورنر جنرل اسان کي پنھنجو دوست سمجھي ٿو ۽ ڄاڻي
ٿو تھ اسان انگريز سرڪار تي مھربان آھيون، تنھن
ڪري لارڊ صاحب ڪڏھن بھ ڪنھن بنياد يا بھاني تي
چاھي اھو ڪھڙو بھ ھجي اسان جي ملڪ يا حڪومت ۾ بري
نظر نھ وجھندو. انھي خط ملڻ تي اسان کي تمام گھڻي
خوشي حاصل ٿي. اسان جو ذھن ۾ پنھنجي ملڪ جي آئندي
سلامتي جي باري ۾ ذرو بھ شڪ شبھو باقي نھ رھيو، ۽
ان وقت نٿي ڄاتوسين تھ قضا جي قلم اسان جي قسمت جي
پيشاني تي ڇا لکي ڇڏيو آھي.
ان بعد اسان پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي تھ پنھنجي درٻار
۾ ھڪ انگريز وڪيل (سفير) کي رھائڻ لاءِ دعوت ڏجي.
ان مطابق اسان ڪرنل ھينري پاٽنجر کي ھڪ خط لکيو.
ھن جواب ڏنو تھ جيتوڻيڪ سندس نظر ۾ سفير کي اسان
جي درٻار ۾ رھائڻ جي ڪابھ ضرورت نھ ھئي تڏھن بھ
جيئن تھ اسان اھڙي گھر ڪئي آھي، تنھن ڪري ھو اسان
جي مرضي کان لارڊ صاحب کان آگاھھ ڪندو ۽ اسان جي
معلومات لاءِ پنھنجي پاران اسان کي دلجاءِ لاءِ
جواب ڏياري موڪليندو، پر اڃا ٿور اڏينھن مس گذريا
تھ ڪرنل وري ملاقات لاءِ عرض ڪيو. سندس انھي عرض
تي اسان کي بيحد خوشي ٿي ۽ اسان ھڪدم پنھنجا ڪي
امير روانا ڪيا تھ کيس پوري حفاظت سان حيدرآباد
وٺي اچن، جتي اسان جي ساڻس ملاقات ٿي.
انھيءَ ملاقات ۾ ڪرنل ان ضرورت تي زور ڏنو تھ اسان
جي علائقي مان انگريز فوجن کي خشڪي ۽ آبي رستن مان
گذرڻ ڏنو وڃي، جيئن ھو ڪابل طرف پيش قدمي ڪري
سگھن. جڏھن انگريز سرڪار جي اھا استدعا عام ٿي تھ
سڀ امير ۽ بلوچ سردار ھڪ آواز ٿي ان جي مخالفت ڪرڻ
لڳا، سندن چوڻ ھو تھ اھڙين ننڍين ننڍين استدعائن
کي پورو ڪندي اسان ڪٿي پاڻ کي ڪنھن اھڙيءَ مصيبت ۾
نھ وجھي ڇڏيون، جو پوءِ پنھنجي جند ڇڏائڻ مشڪل ٿي
پوي. پر اسان پاڻ جيئن تھ ٻالي ڀولي مت وارا آھيون
۽ ٻين جي باري ۾ بھ اھڙو گمان ٿي ڪيوسين ان ڪري
مون ۽ منھنجي ڀاءُ، بي ڌڙڪ ڪرنل ھينري پاٽنجر جو
عرض قبول ڪرڻ جو پڪو پھھ ڪيو، ۽ پنھنجي اڻ ٿڪ
ڪوششن ۽ سمجھائڻ ٻجھائڻ سان، اھڙي تجويز قبول ڪرڻ
لاءِ بلوچن کي راضي ڪري وڌو.
اھڙيءَ طرح گھربل اجازت (انگريز سرڪار) کي ڏني وئي
پر ان سان گڏ اسان ڪرنل پاٽنجر کي انھن ڏکيائين
کان بھ خبردار ڪري ڇڏيو، جن کي منھن ڏئي اسان سندس
خواھش پوري ڪئي ھئي. ان کان پوءِ ڪرنل پاٽنجر
حيدرآباد مان روانو ٿي ويو ۽ وڃي درياھھ جي وٽ سان
ڪئمپ ھڻي ويٺو، جتان بمبئي بندر کان انگريز لشڪر
کي سنڌ مان لنگھي ڪابل تي چڙھائي ڪرڻ جو حڪم
ڏنائين.
ھيڏانھن اسان جيڪا منظوري ڏئي چڪا ھياسين تنھن تي
اسان کي جيڏانھن ڪيڏانھن ميارن کي منھن ڏيڻو پيو.
اھا منظوري اسان جي ملڪ وارن جي مرضيءَ جي خلاف
ھئي پر اسان انھيءَ اميد تي ائين ڪيو تھ ڪنھن دشمن
طرفان اسان جي ملڪ تي حملي ڪرڻ جي صورت ۾ اسان کي
(ھن احسان عيوض) انگريزن جي مدد حاصل رھندي.
پر اسان جيڪو سوچيو ھو، تجربي اسان کي ان جي ابتڙ
ڪري ڏيکاريو، جڏھن انگريز لشڪر گھوڙا ٻاڙي اچي
پھتو تھ اسان کي چيو ويو تھ لشڪر لاءِ سيڌو سامان
۽ اٺ پھچايا وڃن ۽ ان سان گڏ آڳٻوٽ لاءِ ٻارڻ مھيا
ڪيو وڃي. مون ڪھڙيءَ ريت ان تقاضا جي تڪميل ڪئي ان
لاءِ تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت نھ آھي. جنھن نموني مون
اھڙين ڏکين گھڙين ۾ انگريزن جي خدمت ڪئي ھندستان ۾
اڄ ڏينھن تائين ٻئي ڪنھن حڪمران ڪانھ ڪئي ھئي.
جڏھن انگريزي لشڪر حيدرآباد کان چوڏھن ڪوھھ پري
جھرڪن وٽ اچي پڙاءُ ڪيو تھ سڀني موجوده معاھدن جي
برخلاف اسان کان لشڪر جي خرچ پکي لاءِ ايڪويھھ لک
رپيا جنس جي صورت ۾ وڌيڪ ٽي لک رپيا سالياني ڍل
ادا ڪرڻ جي گھر ڪئي وئي. اسان انھي تقاضا جي بھ
پورائي ڪئي. ھندستاني حڪمرانن سان ڪيل معاھدن ۾
انگريز سرڪار جو اھو دستور رھيو آھي تھ ھو ھڪ فقرو
پنھنجي لکت ۾ شامل ڪندا آھن تھ ”پشت بھ پشت يا
پيڙھي بھ پيڙھي“ پر حقيقت اھا آھي تھ ھو معاھدي جو
مدو پنھنجي آساني مطابق مقرر ڪندا آھن اھو تلخ
تجربو مون کي ٿي چڪو! ان کان پوءِ وري ھڪ نئون
معاھدو دستخط ڪرڻ لاءِ مون کي موڪليو ويو، جنھن ۾
چوويھھ فقرا ھئا. مون اھي بھ منظور ڪيا، ليڪن اڃا
انھيءَ معاھدي جي مس ئي ڪانھ سڪي ھئي تھ ميجر جنرل
سرچارلس نيپئر پنھنجي فوج سان سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ ھڪ
ٻيو معاھدو مون ڏانھن دستخط ڪرڻ لاءِ ڏياري
موڪليائين.
جيئن تھ ان معاھدي جي سخت ذلت آميز شرطن تي عمل
درآمد ڪرڻ سان اسان جي زواليت جو مڪمل سامان مھيا
ٿئي ھا، تنھنڪري اسان ھڪ وڪيل سکر روانو ڪيو تھ
ميجر جنرل سان ملي معاملي جي صحيح صورتحال وٽس پيش
ڪري، پر ھن اسان جي وڪيل کي صاف چئي ڏنو تھ ھو ھتي
ڳالھين ڪرڻ لاءِ نھ آيو ھو ۽ کيس ٻڌايائين تھ ھو
فقط لارڊ ايلن برو جي حڪمن جي تعميل ڪري رھيو ھو،
۽ جيڪڏھن اسان ھڪدم معاھدي کي منظور نھ ڪيو تھ ھو
بنا دير اسان جي بربادي لاءِ باھھ ٻاري ڇڏيندو. ان
بعد ھن درياھھ پار ڪري وڃي روھڙيءَ وٽ ڪئمپ قائم
ڪئي ۽ خيرپور جي رئيس مير رستم خان کي چيائين تھ
ھو ھڪدم اھو ھنڌ سندس حوالي ڪري نھ تھ ٻئي صورت ۾
ھو ٻي ڏينھن صبح جو اتي حملو ڪندو ۽ جيڪڏھن سندس
سپاھي مير رستم خان جي گھر ۾ گھڙي پيا تھ ھو ان
لاءِ جوابدار نھ ھوندو. ھو غريب، بيوس ۽ معذور ھو
۽ اھو نھ سوچي سگھيو تھ انجو نتيجو ڇا نڪرندو.
دڙڪي جي خوف وچان خيرپور مان ڀڄي نڪتو ۽ بائجيءَ
مان ٿيندو ناري پھتو. اتان سڌو ڪوٽڙي ھليو آيو. ھن
تي صرف ان ڏوھھ جو الزام لڳايو ويو تھ انگريزي فوج
جي ڪنھن آفيسر جي خط ٽپال مان چورايو ويو ھو، جنھن
لاءِ شڪ ھو تھ خيرپور جي ڪنھن بدمعاش اھو خط
چورايو ھوندو، (اڳتي ھلي اھو ثابت ٿيو تھ اھو ڪم
مير علي مراد خان ڪيو ھو، جيئن مير رستم خان تي
تباھي اچي.) ان تي چارلس نيپئر مير رستم خان کي
چيو تھ چور کي پڪڙي سندس حوالي ڪيو وڃي، پر مير
رستم خان جيئن تھ غيب جو علم نھ ڄاڻندو ھو، تنھن
ڪري نامعلوم ڏوھيءَ کي ھٿ ڪري نھ سگھيو، جنھن ڪري
ميجر جنرل کيس نااھل حڪمران قرار ڏنو ۽ حڪومت تان
کيس بي دخل ڪري ڇڏيائين. مير رستم خان ويچاري جيڪي
ميڙون منٿون ڪيون سي ڪارگر نھ ٿيون. ميجر جنرل
ڪنھن بھ صورت ۾ ڪا ڳالھھ ٻڌڻ لاءِ تيار نھ رھيو،
پر اجائي آٿت طور کيس حيدرآباد وڃڻ لاءِ چيائين،
جتي ھو پاڻ پھچي سندس معاملي جو نبيرو ڪري ھا.
جيئن تھ اسان ڏٺو تھ جنرل دشمني تي سندرو ٻڌيو
بيٺو آھي، ان ڪري اسان ميجر آئوٽرام کي انھي
صورتحال کان آگاھھ ڪيو. ميجر ھڪدم خيرپور کان
حيدرآباد ھليو آيو، ۽ اسان کي خط ذريعي اطلاع
ڏنائين تھ سرچارلس نيپئر جي موڪليل معاھدي تي
دستخط ڪرڻ کان سواءِ اسان کي ڪجھھ بھ پلئھ نھ
پوندو. اسان لاچار ٿي ميجر جي صلاح تي عمل ڪيو.
تاريخ ٩ – فيبروري ١٨٤٣ع تي ھو ميجر آئوٽرام اسان
سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو ۽ اسان جي طرفان تفصيلات
جي وضاحت تي مطمئن ٿيڻ بعد چيائين تھ انھيءَ رات
ھو اسان ڏانھن ھڪ گورو (يورپي) موڪليندو، جنھن کي
اسان ھڪدم تيز رفتار اٺ ذريعي سرچارلس نيپئر ڏانھن
(پيغام ڏئي) موڪليون تھ جيئن وڌندڙ لشڪر جي يورش
(ڪڙدي) کي روڪي سگھجي. اسان کي جيئن چيو ويو تيئن
اسان ڪيو، پر جن شتر سوارن (اوٺين) کي يورپي سان
روانو ڪيو ھيوسين، اھي ١١- فيبروري تي موٽي آيا ۽
اچي ٻڌايائون تھ سرچارلس نيپئر ايندي ئي تنبو
پٽرايا ۽ حيدرآباد طرف پيش قدمي شروع ڪري ڏنائين،
اسان اھا خبر ميجر آئوٽرام کي موڪلي، جيڪو اسان وٽ
قلعي ۾ آيو ۽ قسم ساک تي اسان کي خاطري ڏياريائين
تھ سر چارلس نيپئر جا اسان ڏانھن ڪي بھ دشمني وارا
ارادا ڪونھ ھئا، بس اسان فقط ان معاھدي تي مھر ثبت
ڪريون. مون ان تي مھر ھڻي جڏھن اھو دستاويز سندس
حوالي ڪيو تھ چوڻ لڳو، ھاڻي اوھان دلجاءِ ڪريو،
مان اھو معاھدو پنھنجي خط سان گڏي سر چارلس ڏانھن
روانو ڪريان ٿو ۽ مون کي يقين آھي تھ معاھدي ملڻ
شرط ھو ھڪدم فوج کي ھٽائي ويندو. ان بعد ميجر مون
کي خط ڏنو جيڪو مون معاھدي سان گڏ ھڪدم ھڪ اوٺي
ذريعي سر چارلس نيپئر ڏانھن موڪلي ڏنو.
١٤- تاريخ انھي اوٺي واپس اچي ٻڌايو تھ ان خط مان
ڪوبھ کڙتيل نھ نڪتو. مون وقت وڃائڻ کان سواءِ اھا
خبر آئوٽرام تائين پھچرائي پر ھن بھ وڌيڪ ڌيان
ڪونھ ڏنو. ان تان سمورا بلوچ بغاوت تي آماده ٿي
ويا. منھنجي خاطر ھنن پھريان ئي انگريزي فوج کي
ڪابل تي چڙھائي ڪرڻ کان ملڪ مان رستو ڏيڻ جي اجازت
ڏني ھئي، منھنجي ڪري ئي ھنن ايڪيويھھ لک رپين جي
بروقت امداد ۽ ٽي لک رپيا سالياني ڍل ڏيڻ قبوليا
ھئا، پڇاڙيءَ جڏھن ھڪ معاھدي مٿان ٻيو، ٽيون
معاھدو ٽوڙيندا ويا تھ اھو منھنجي خاطر ئي ھو، جو
ھنن پر جوش ھوندي بھ پرامن رھڻ قبول ڪيو ھو، پر
جڏھن انھن ڏٺو تھ اسان جي رعايتن ۽ لحاظن جي
باوجود انگريز لاھي پاھي دشمني تي سينو ساھي بيٺا
آھن تھ سندن احساس ذلت جھلڻ جھڙو نھ رھيو ۽ فيصلي
جي قوت تي غالب پئجي ويو. سو ھو ھاڻي وڌيڪ وقت
لاءِ منھنجي حڪمن مڃڻ لاءِ تيار نھ ھئا. جڏھن انھن
ٻڌو تھ چارلس نيپئر بنا سبب حيات خان کي قيد ڪيو
آھي، تھ ھنن ميجر آئوٽرام کان ان جو بدلو وٺڻ جو
فيصلو ڪيو. جنھن گھڙيءَ مون کي اھا خبر پئي تھ مون
جھان خان ۽ حاجي غلام محمد کي حڪم ڪيو تھ ٻارھن
چونڊ ھٿياربند ماڻھو ساڻ ڪري ميجر کي سلامتي سان
سندس جاءِ تي پھچائي اچن ۽ مڇريل بلوچن جي ڪنھن بھ
حملي کان سندس جان جي حفاظت ڪن. اھڙيءَ طرح ھن کي
سلامتي سان پنھنجي جاءِ تي پھچايو ويو، جيتوڻيڪ
جتي ڪٿي بلوچن جا ميڙ ڏٺا ويا، جيڪي پلاند ڪرڻ جي
پوري ارادي سان ڦري رھيا ھئا، پر جن ماڻھن کي مون
ميجر جي حفاظت لاءِ چونڊيو ھو سي اھڙا ھئا جن کان
ھو ڊپ ڪندا ھئا. آخر ڪار جڏھن بلوچن ريزيڊنسي تي
حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو تھ مون ميجر کي بروقت اطلاع
ڏنو ۽ مون کي يقين آھي تھ ھن چڱي مڙس جي سلامتي
سان نڪري وڃڻ جو پورو دارومدار منھنجي پاران
اھڙيءَ ريت ورتل حفاظتي اپائن تي ھو. فقط اھو ھڪڙو
مثال ئي انگريزن ڏانھن منھنجي نيڪ خواھشن ثابت ڪرڻ
لاءِ ڪافي آھي.
جڏھن ١٤- تاريخ اٺ سوار اچي اطلاع ڏنو تھ ميجر
جنرل ڪنھن ڳالھھ جي پرواھھ ڪرڻ کان سواءِ حيدرآباد
ڏانھن پوريءَ ريت پيش قدمي ڪري رھيو آھي، ۽ دشمني
جو ارادو رکي ٿو تھ اٽڪل پنج يا ڇھھ ھزار بلوچ
مقابلي ڪرڻ لاءِ حيدرآباد مان روانا ٿيا.
اھا خبر ٻڌندي ئي آءٌ انھن جي پويان ويس ۽ کين
سمجھايم تھ ھنن ھرو ڀرو کڻي پاڻ کي دشمني ۾ وڌو
آھي، ڇو جو مون کي يقين ڏياريو ويو ھو تھ ميجر
جنرل پنھنجي حريف تي پھريائين وار نھ ڪندو. مان
پاڻ بھ لڙائي جي ارادي سان ڪونھ ويو ھئس. جيڪڏھن
منھنجو اھڙو ڪو ارادو ھجي ھا تھ مان اٿندي ئي ظاھر
ڪريان ھا بجاءِ ان جي تھ حملي ڪرڻ لاءِ آخري گھڙي
تائين انتظار ڪندو رھان. اھا صورتحال خود منھنجي
معصوميت ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي، جو مون ٻھ ڏينھن
۽ ھڪ رات ميڙمنٿ ڪري بلوچن کي ان ڳالھھ تي رضامند
ڪيو تھ دشمني جي تمام ڳالھين کان باز رھڻ کپي. ھنن
وراڻيو تھ اسان کي تنھنجي ھر ڳالھھ منظور آھي، پر
جيستائين انگريزي لشڪر جي پيش قدمي جاري رھندي
تيستائين اسان ميدان ڪونھ ڇڏينداسين. آخر ھنن
منھنجي اھا ڳالھھ بھ منظور ڪئي تھ جنرل ڏانھن وڪيل
موڪلي کيس ھي ٻڌايو وڃي تھ اسان اڃان بھ انگريزن
جا دوست آھيون.
ٽئين ڏينھن پرھھ ڦٽيءَ ويل جنرل جي لشڪر اسان تي
توبون ڇوڙيون ۽ بلوچن بھ مايوسي جي عالم ۾ جوابي
ڪارروائي ڪئي. اسان جي طرف کان ھزارين ماڻھو مارجي
ويا ۽ باقي ڇڙوڇڙ ٿيا، فقط آءٌ اڪيلو ارڙھن ماڻھن
سان ميدان ۾ رھجي ويس. جڏھن مون ڏٺو تھ سڀئي ڀڄي
ويا ۽ انگريز ظلم تي سندرو ٻڌيو بيٺا آھن تھ پاڻ
حيدرآباد واپس ھليو ويس.
حالتن جيڪو رخ اختيار ڪيو تنھن مون کي بيحد
رنجايو. منھنجا پنھنجا مون کي مھڻا ڏئي رھيا ھئا ۽
چيائون پئي تھ جيڪڏھن منڍ ۾ ئي آءٌ انگريزن کي ملڪ
۾ گھڙڻ نھ ڏيان ھا تھ ھو اڄ ھن طرح ظلم جو شڪار
ڪين ٿين ھا.
جيڪڏھن منھنجي وڙھڻ جي مرضي ھجي ھا تھ ظاھر آھي
مان خود حيدرآباد مان نڪري وڃي جبلن ۾ پناھھ وٺان
ھا جتان مخالفانھ ڪارروايون شروع ڪري ڏيان ھا، پر
جيئن تھ منھنجو اھڙو ڪوبھ ارادو ڪونھ ھو تنھن ڪري
ٻئي ڏينھن آءٌ رضاڪارانھ طور انگريزن جي ڪئمپ ۾
لنگھي ويس ۽ پنھنجي ترار ميجر جنرل جي حوالي ڪندي
چيم تھ اوھان لڙائي ڇو شروع ڪئي، جڏھن تھ آءٌ
اوھان جي ھر مرضي پوري ڪرڻ لاءِ تيار ھيس! جنرل
منھنجي ترار مون کي واپس ڪئي ۽ مرڪندي چوڻ لڳو،
”گھٻرايو نھ آءٌ پنجويھن ڏينھن اندر اوھان جو
معاملو طي ڪندس.“ وڌيڪ اھو بھ چيائين تھ، ”اوھان
جو جيڪو لشڪر آس پاس موجود آھي ان کي برخاست ڪري
ڇڏيو ۽ مير رستم خان کي گھرايو جو آءٌ ساڻس ملڻ
چاھيان ٿو.“
جڏھن مون لشڪر کي برخاست ڪري ڇڏيو ۽ مير رستم خان
بھ اچي ويو تھ ھن مون کي ۽ مير شھداد خان کي جيڪو
مون سان گڏ ھو قيد ڪري ڇڏيو، ان بعد چارلس، ميجر
ريڊ ۽ ٻين انگريز عملدارن کي قلعي ڏسڻ جي بھاني،
اندر قلعي ڏانھن موڪلي ڏنو.عقل وارو ھيءُ ڳالھھ
ٻڌندو تھ وائڙو ٿي ويندو ۽ ڏک جي ڏندين مان
پشياني جي آڱرين ۾ چڪ وجھندو. اسان جي اسيريءَ وقت
اھڙي ئي صورتحال ھئي. ھنن ڏسڻ جي بھاني وڃي قلعي
تي قبضو ڪيو ۽ تباھي ۽ ڦرلٽ کي انھي حد تائين
پھچائي ڇڏيائون جو سپاھين جي بغلن مان ھيرا جواھر
ائين ھيٺ پئي ڪريا جو ڄڻ تھ واريءَ جا ڪڻا ھئا.
انگريزن جي قلعي ۾ داخل ٿيڻ جي ٽئين ڏينھن تي مير
محمد خان کي قيد ڪيو ويو ۽ ان جي ٻئي ڏينھن مير
صوبدار خان کي قلعي مان ٻاھر آندو ويو، اھو بھ
ساڳئي نموني قيد ٿيو. ان کان پوءِ مير فتح علي خان
۽ مير محمد علي خان (صوبدار خان جا پٽ)، مير حسن
علي خان ۽ مير عباس علي خان (منھنجا پٽ) بھ قلعي
مان ڪڍي ٻاھر آندا ويا، جتي آءٌ ھيس. خاص ڪري
منھنجي پٽن کي تھ اھڙي ڏتڙيل حالت ۾ آندو ويو جو
انھن کي نھ پٽا ٻڌل ھئا نھ تراريون چيلھھ ۾ ٻڌل
ھيون ۽ سونن سنجن وارا گھوڙا جن تي ھو چڙھي آيا
ھئا، اھي بھ کانئن کسيا ويا. جيتوڻيڪ ھنن نوجوانن
انھن جي واپسي لاءِ وس ڪيا ھئا، تڏھن بھ اھي واپس
نھ ڪيا ويا. سمورو سون ۽ قيمتي سامان پيتين ۾ بند
ڪري بمبئي موڪليو ويو. ھي ڌاڙو جيڪو قلعي تي ھنيو
ويو لڳ ڀڳ ارڙھن ڪروڙن جي ماليت جو ھو.
مصيبتن جي انتھا جا تفصيل بيان ڪرڻ بيڪار آھن،
اسان جا گلم غاليچا، چادرون ۽ پائڻ جا سڀ ڪپڙا کڻي
ويا، انگريز صاحبلوڪن اسان کي انھن ڪتابن کان بھ
نرھھ (محروم) ڪري ڇڏيو، جيڪي اسان پنھنجي وندر
لاءِ پاڻ وٽ رکيا ھئا، بس جيڪي اسان جي مقدر ۾
لکيل ھو سو ئي ٿيو.
آءٌ لارڊ ايلن برو جي شڪايت نٿو ڪريان نھ وري
چارلس نيپئر يا ڪنھن ٻئي انگريز حاڪم کان مون کي
ڪا شڪايت آھي ڇاڪاڻ تھ منھنجي قسمت ئي اھڙي ھئي.
اھو منھنجي مقدر ۾ لکيل ھو تھ جن کي مون دوست
بڻايو اھيئي ويري بڻجي پيا.
سائين کي ساراھھ جڳائي آءٌ ھي بيان اجايو
اينگھائيندو رھان تنھن کان ائين چوڻ ڪافي ٿيندو تھ
پھريان اسان کي قيديءَ جي حيثيت ۾ بمبئي اماڻيو
ويو اتان ساسر جتان فقط مير شھداد خان کي اڪيلو
سورت موڪليو ويو. ھڪ سال گذرڻ بعد اسان کي بھ
ڪلڪتي آندو ويو. حيرت جي ڳالھھ آھي جو بمبئي جي
گورنر کان سواءِ ٻئي ڪنھن سرڪاري ماڻھو اھو نھ
پڇيو آھي تھ اسين ڪير آھيون، ۽ اسان ڪھڙو قصور ڪيو
آھي، جو ھن انجام جا مستحق ٿيا آھيون.“
*
(٥٧)
ميان علي گوھر پاڳارو:
(ھن لاءِ ڏسو تعليق نمبر ٢٥)
سنڌيڪار جو تفصيلي نوٽ:
ھن ڪتاب ۾ پير صاحب موصوف بابت سياسي معاملن ۾
مداخلت جو ذڪر ڪيو ويو آھي. چيو وڃي ٿو تھ ١٨٤٣ع ۾
انگريزن ميرن کي گرفتار ڪري ملڪ کان ٻاھر موڪليو ۽
پنھنجي خير خواھھ مير علي مراد خان ٽالپور کي
گاديءَ تي ويھاري کانئس ڪي سياسي فائدا وٺڻ ٿي
چاھيائون، ۽ ملڪ ۾ پنھنجي پاڙ پختي ڪرڻ لاءِ غير
سياسي ماڻھن تي بھ سياسي الزام مڙھي کين پنھنجي
وڪڙ ۾ آڻي، مطيع ڪرڻ ٿي گھريائون. انھيءَ لاءِ پير
علي گوھر شاھھ جي خلاف بھ سازشون شروع ٿيون تھ
جيئن ھيءُ پنھنجي والد بزرگوار پير صبغت الله شاھھ
جي جھاد واري تحريڪ ھلائي، انگريزن لاءِ ڪو مسئلو
کڙو نھ ڪري وجھي.
درگاھھ پير پاڳاري جي جمعيت علماء سڪندريھ پاران
ترتيب ڏنل ۽ شايع ڪرايل ڪتاب (اصغر سائين جو ڪلام)
ص ٢٢ تي ان جي وضاحت ھن ريت ڪئي وئي آھي تھ:
”پير سائين علي گوھر شاھھ گاديءَ تي ويٺو تھ ٿوري
عرصي اندر سندس علمي، ديني ۽ دينوي ڪاميابين جماعت
کي وڌايو ۽ مضبوط ڪيو. پير صاحب کي سنڌ جي روشن
خيال حلقن ۽ علمي طبقن ۾ مقبوليت حاصل ٿيندي وئي،
جنھن کان سنڌ ۾ نئين سر آزادي جي ھلچل جا ڪارڻ
پيدا ٿي سگھيا ٿي. اھا ڳالھھ خود انگريزن بھ محسوس
ڪئي، جنھن جي اثر ھيٺ مختلف قسم جون سازشون شروع
ڪري ڏنائون، انھن مان ھڪ سازش اھا بھ ھئي تھ پير
صاحب علي گوھر شاھھ کي ڪنھن نھ ڪنھن تھمت ھيٺ آڻي
زير ڪيو وڃي.“
انگريزن اھو ڪم مير علي مراد خان خيرپور جي حاڪم
تي رکيو، ڇاڪاڻ تھ پاڳاري خاندان جي گاديءَ وارو
ھنڌ (پير جو ڳوٺ) رياست خيرپور سان ڳنڍيل ھو. اھا
خبر جڏھن پير صاحب تائين پھتي تھ پاڻ پير ڳوٺ ۾
رھي انگريزن سان مقابلي ڪرڻ بدران ھجرت کي مناسب
سمجھي خيرپور جو پاسو ڇڏي درياھھ پار وڃي لاڙڪاڻي
۾ ويٺا ۽ صبر سڪون سان پيري مريدي جو سلسلو ھلائڻ
لڳا. ڪجھھ وقت گذرڻ کان پوءِ انگريزن سان گڏ مير
علي مراد خان کي بھ پڪ ٿي تھ پير صاحب انگريزن
خلاف ڪابھ تحريڪ ھلائڻ جو ارادو نٿو رکي تھ کيس
پنھنجي پاران معافي ناما لکي واپس پير ڳوٺ گھرائي
ورتائون. اھا ھجرت اٽڪل ١٢٥٩ھھ – ١٢٦٠ھھ/١٨٤٣ع
– ١٨٤٤ع واري عرصي ۾ واقع ٿي. پير علي گوھر شاھھ
پندرھن ورھين جي ڄمار ۾ گاديءَ تي ويٺو ۽ ٻٽيھن
ورھين بعد، سال ١٢٦٣ھھ/١٨٤٥ع
تي لاڏاڻو ڪيائين. سندس وفات تي فقير عبدالقادر
بيدل فارسي قطع لکيو:
جناب پير علي گوھر آن ڪريم و رشيد،
چو رمزار جعي از درگه فراز شنيد.
گذاشت جسم درين دام گاھھ ناسوتي،
بھ سوي گلشن لاھوت مرغ جانش پريد.
دلم چو سال وصالش بجست ھاتف گفت،
چو بود در طلب رب،
قرب رب
رسيد.
-١٢٦٣ھھ
پير صاحب وڏو عالم، سنڌي سرائڪي ۽ فارسيءَ جو شاعر
ھو. کيس علم ادب سان گڏ تاريخ سان بھ گھڻي دلچسپي
ھئي. پاڻ گادي نشيني کان ٻھ سال پوءِ مشھور تاريخي
ڪتاب ”فتح نامھ“ (چچ نامو) ١٢٤٨ھھ ۾ ڪتابت
ڪرايائين، جنھن تي سندس مھر ١٢٥٠ھھ جي لڳل آھي.
اھو ڪتاب پوءِ انگريزن کي ھٿ آيو ۽ لنڊن جي
برطانوي ڪتبخاني ۾ رکيو ويو.
ڪتابن جي قدرداني بابت ھن خاندان متعلق روايت آھي
تھ، پير علي گوھر شاھھ ”اصغر“ پاڻ ڄاڻايو آھي تھ
مان بھ قلمي ڪتاب ھڪ سڪندر نامھ جو شرح شرف نامھ
ٻيو ڪنز جو شرح ملا مسڪين خريد ڪري والد صاحب جن
کي ڏيکاريو، تڏھن پڇيائون تھ ڪيئن خريد ڪيئي؟ عرض
ڪيم تھ سستا خريد ڪيا اٿم. تڏھن فرمايائون تھ ڪتاب
مھانگو خريد ڪرڻ گھرجي جو انھيءَ ۾ فيض آھي.
پير صاحب جو تخلص ”اصغر“ ھو. پاڻ جيڪي سنڌي ڪلام
لکيائون ۽ سرائڪي ۾ طبع آزمائي ڪيائون، تن تي مبني
سندن مجموعو ”اصغر سائين جو ڪلام“ ترتيب ڏئي
ڇپرايو ويو آھي، جنھن مان نموني طور ھڪ ڪافي ھت
ڏجي ٿي:
١- ڪعبي وڃن ڪيئن ڪاپڙي، جي عام کان آجا ٿيا.
ورن ڪين وجود ڏي، نسبت ناتي نينھن جي نيا،
ننگ نامين ناھي نگاھھ، نانگا ننگئون نڪري ويا.
بي ريا سھسين لکين، ڪعبي وڃن حاجت پنڻ سي اتقياء،
ڪعبو وڃي تن ڏي ھلي، جي ريءَ خمر ٿيا ھن کيا.
حسن ھادي جو پسي، ھر جا لکين پائين ليا،
مستن ڏٺو محبوب کي، پنھنجي ڏيل ۾ ٻاري ڏيا.
سامي سدا آھن سير ۾، گرناٿ ريءَ نھ آراميا،
لنگھي دوار ڪا، ڪاشي ھليا، جوڳي جوڌون جمنا ڳيا.
ترڪ ڪيائون ترڪ کي، جسمون مري جوڳي جيا،
گرنار کان گنگا ھلي، ھنگلاج کان پورب پيا.
صفت کان جي صاف ٿيا، اٿن من ۾ سندا،
بيراڳ ۾ بيراڳيا، درسن پسي ديوانھ ٿيا.
مشاھدي ۾ محر ٿيا، خمار ۾ مخموريا،
اصغر عاشق آھن اھي،
جن ساھھ ساجن سان سيا.
(٥٨)
سر ھينري بارٽل ايڊورڊ فريئر (١٨١٥ع – ١٨٨٤ع):
Sir Henry Bartle Edward Frere
ھيءُ ايڊورڊ فريئر جو ڇھون نمبر پٽ ھو. ٢٩ مارچ
١٨١٥ع ڌاري پدا ٿيو، باٿ ۽ ھيلي بري ۾ تعليم
ورتائين. ١٨٣٤ع ۾ ھندستان جو سفر ڪيائين، جنھن
دوران قاھره، مڪو، جدو ۽ بمبئي گھميو. ڪيئي سال
ماليات جي ڪمشنر جو معاون رھيو. ١٨٤٢ع ۾ بمبئي جي
گورنر سرجي آرٿر جو سيڪريٽري ٿيو، ١٨٤٦ع ۾ رياست
ترھھ جو ناظم اعليٰ مقرر ٿيو. جڏھن اھا رياست
ھندستان جي حڪومت ۾ آئي، تھ ١٨٤٨ع – ١٨٤٩ع ۾ ھيءُ
ان جو حاڪم ٿيو. تنھن کان پوءِ ١٨٥٠ع – ١٨٥٩ع
تائين سنڌ جو ڪمشنر رھيو. ھن علائقي کي وڏي ترقيءَ
تي رسايائين. ڪراچي کي وڌائي، حڪومت جي ادارن جي
تنظيم ڪيائين. سندس ڪوشش سان سرحدي ۽ قبائلي قبيلا
حڪومت سان ٺھي ويا.
١٨٥٩ع ۾ کيس ١٨٥٧ع ڀيري سنڌ جي قبيلن کي وڳوڙ
پکيڙڻ کان روڪي، ھتي امن امان جي فضا کي بحال رکڻ
جي صلي ۾
K.C.B.
جو
قلب مليو.
١٨٥٩ع کان ١٨٦٢ع تائين گورنر جنرل جي ڪائونسل جو
ميمبر رھيو ۽ مالي معاملات جي سڌاري ۾ وڏو بھرو
ورتائين. تنھن کان سواءِ قانوني مجلس جو بنياد
وڌائين. ان کان پوءِ کيس بمبئي جو گورنر مقرر ڪيو
ويو. ھن ڪيئي تعليمي ادارا کولرايا ۽ ريلوي شروع
ڪرايائين. تنھن کان سواءِ زنانھ اسڪولن،
ميونسپالٽين ۽ ٻين سڌارن ڏانھن ڌيان ڏيندو رھيو،
جنھن ڪري ملڪ ۾ ھن جو ھر ھنڌ مان وڌيو ۽ ھرڪو سندس
ساراھھ ڪرڻ لڳو.
انگلنڊ جي حڪومت جي رضا موجب ١٨٨٠ع ۾ ھتان واپس
اوڏانھين ھليو ويو، جتي ٢٩- مئي ١٨٨٤ع ۾ وفات
ڪيائين. کيس سينٽ پال جي ڪليسا ۾ دفنايو ويو.
سيٺ نائون مل لکي ٿو تھ:
”سر بارٽل فريئر سنڌ جو چيف ڪمشنر ٿي آيو. منھنجي
خيال ۾ اھو خدا جو خاص ڪرم ھو، جو ھن پٺتي پيل
صوبي جي قسمت جي واڳ سنڀالڻ لاءِ فريئر جھڙي
باڪمال ماڻھوءَ کي چونڊيو ويو. ھن جي خوش اخلاقي ۽
مروت سڀني ماڻھن کي ڄڻ موھي ڇڏيو. ھيءُ ھر دلعزيز
ھو ۽ عرضدارن جي ھميشھ ھت افزائي ڪندو رھيو. ھندو،
مسلمان، غريب، شاھوڪار، ننڍا وڏا سڀ ھن تي فدا
ھوندا ھئا. سڀ ڪنھن جي وات اھا وائي ھوندي ھئي تھ
ھن جھڙو صاحب لوڪ ڪنھن نھ ڏٺو.“
سنڌ ۾ رھڻ واري عرصي دوران فريئر جو وڏي ۾ وڏو
احسان سنڌين تي اھو ٿيو، جو ھن پنھنجي سڄان
ساٿيارين ايلس، گبس ۽ گولڊ سمڊ جي سھڪار سان سنڌي
ٻوليءَ کي سڌريل صورت ۾ آڻي تعليمي ادارن ۾ رائج
ڪرايو. ھن ان کان بھ وڌيڪ اھو سھڻو قدم کنيو جو
غير سنڌي سرڪاري عملدارن کي سنڌي سکڻ لاءِ زور
ڀريائين، جنھن بابت ھن پڌرنامو جاري ڪيو، جيڪو ھن
ڪتاب ۾ سندس فوٽو سان گڏ ھڪ يادگار تاريخي ڪارنامي
جي صورت ۾ شامل ڪيو ويو آھي.
گولڊ سمڊ:
١٨٥٣ع ۾ جڏھن سر بارٽل فريئر جي ڪوشش سان سنڌي –
عربي الف – ب وجود ۾ آئي تھ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾
پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول قائم ڪيا ويا. تڏھن ميجر
گولڊ سمڊ ھن ڪم ۾ حد کان زياده دلچسپي ورتي. ھن
سلسلي ۾ جڏھن ڪراچي جي ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊي ١٨٤٦ع ۾
حيدرآباد جي ڪليڪٽر مسٽر ايٿورن ١٨٤٥ع ڌاري ھاءِ
اسڪولن جو بنياد رکيو، تڏھن شڪارپور ۾ ھن صاحب ھڪ
ثانوي مڊل اسڪول شروع ڪيو، جنھن کي ١- مارچ ١٨٧٣ع
۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو.
ميجر گولڊ سمڊ جي علمي ادبي ڪارنامن مان آؤٽرام جي
زندگيءَ جو احوال، ميمائرس آف شڪارپور، سنڌي
گرامر، سسئي پنھون جا بيت وغيره آھن.
*
(٥٩)
جنرل جيڪب (١٨١٢ع – ١٨٥٨ع):
جان جيڪب
John Jacob
١١- جنوري ١٨١٢ع ۾ ڄائو. تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ
بمبئي ويو، جتي ١٨٢٨ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي
توبخاني واري لشڪر جي دستي ۾ شامل ٿيو. افغانستان
جي پھرين جنگ دوران ١٨٣٨ع ڌاري سنڌ ۾ سرجان ڪين جي
انڊس لشڪر جو رڪن ھو. ١٨٣٩ع ۾ ڪڇي واري لشڪر سان
ھو. ١٨٤١ع ۾ جنرل آؤٽرام طرفان سنڌ ۾ غير منظم
سوارن جي اڳواڻي ڪيائين ۽ اولھھ ڪڇي ۾ سياسي
نمائندگي ڪندو رھيو.
١٧ – فيبروري ١٨٤٣ع ۾ شھدادپور ۽ عمرڪوٽ جي ميدان
۾ بھادري جا جوھر ڏيکاريائين. ١٨٤٧ع ۾ کيس اپر سنڌ
جو منتظم مقرر ڪيو ويو. کيس
C.B.
جو
لقب مليل ھو. ١٨٥٠ع ۾ سنڌ جو ڪوھستاني قبائلين سان
چڪريون ڏنائين. ١٨٥١ع ۾ جيڪب آباد شھر، جيڪو اڳ
خان ڳڙھھ جي نالي سان ھو، پنھنجي نالي آباد
ڪيائين.
١٨٥٤ع ڌاري قلات جي خان سان ھڪ معاھدو ڪيائين.
١٨٥٦ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر ٿيو. ١٨٥٧ع ۾ ھيءُ ڪرنل جي
عھدي تي رسيو ۽ سندس خدمتون انگلستان جي ملڪھ جي
حوالي ٿيون. ايران جي جنگ ۾ انگريزي لشڪر جي سوار
دستن جي قيادت ڪيائين. ٥ – ڊسمبر ١٨٥٨ع تي دماغي
بيماريءَ سبب فوت ٿيو.
ھيءُ پنھنجي فوجي توڙي انتظامي ڪارڪردگيءَ ۾
ھوشيار ھو. سنڌ ۾ انگريزي فوج کي سگھارو ڪيائين.
سنڌ جي مسئلن ۽ جنرل آؤٽرام بابت ھڪ ڪتاب پڻ لکيو
ھئائين. (بايو گرافي ھند، ٢١٩).
(٦٠)
اسماعيل شاھھ ۽ ڪاظم علي شاھھ:
ھنن جو خاندان طب جي علم ۽ سنڌ جي سياست ۾ وڏي
شھرت وارو ھو. انھيءَ خاندان مان ڪيئي اديب، طبيب
۽ سياستدان پيدا ٿيا، جن مان اسماعيل شاھھ سنڌ جو
سفير، سيد ڪاظم علي شاھھ سفير ۽ حاڪم شاھھ، سيد
ابراھيم ۽ سيد تقي جو ذڪر ھن ڪتاب ۾ آيل آھي. ھن
خاندان جو وڏو سيد عبدالھادي اصفھاني سيدن مان ھو،
جيڪو ٧ – شوال ١١٥٠ھھ/١٧٣٨ع
۾ اصفھان مان ھليو ۽ جڏھن نادر شاھھ مدراس تي
چڙھائي ڪئي تھ ھيءُ اتان جي راجا وٽ حڪيم ۽ طبيب
جي حيثيت ۾ ترسيل ھو. انھيءَ راجا جا سنڌ جي
حڪمران ميان نور محمد ڪلھوڙي سان دوستاڻا ناتا
ھئا، ان ڪري ھن عبدالھادي کي سندس علاج جي لاءِ
سنڌ ڏانھن ڏياري موڪليو، جتي عزت سان زندگيءَ
گذارڻ لڳو. ميان نور محمد کانپوءِ ان جو پٽ ميان
غلام شاھھ سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو تھ سيد عبدالھادي
ستر ورھين جي ڄمار ۾ آچر ٢ – شعبان ١١٩٣ھھ ١٥-
آگسٽ ١٧٧٩ع تي وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ ھن جو پٽ
ابراھيم شاھھ (ولادت ١١٥٥ھھ اصفھان) پيءُ جي جاءِ
والاري. ھيءُ سياسي معاملن ۾ بھ ھوشيار ھو ۽ ڪيترا
دفعا وڪيل (سفير) جي حيثيت ۾ ڪابل جي درٻار ۾ ويو.
سنڌ جي حڪومت جڏھن ٽالپورن جي ھٿ آئي، ابراھيم
شاھھ (متوفي لاڙڪاڻو جمعو ٢ ذوالقعد ١٢٢٢ھھ) ١-
جنوري ١٨٠٨ع ميرن جي درٻار ۾ عزت آبرو سان رھيو.
آغا اسماعيل شاھھ (سندس پٽ) خيرپور جي ميرن پاران
ڪابل جي درٻار ۾ وڪيل ٿي ويو ۽ ڪيترو وقت شڪارپور
جو حاڪم رھيو.
آغا زين العابدين ۽ آغا تقي شاھھ پڻ ھن خاندان مان
نوابي جي منصب تي فائز رھيا. آغا ڪاظم علي شاھھ بھ
جيئن ھن ڪتاب ۾ بيان ٿي چڪو آھي، کرڙي واري جنگ ۾
شاھھ شجاع جي لشڪر سان وڙھندي شھيد ٿي ويو.
حيدرآباد ۾ ٽنڊو آغا اسماعيل شاھھ انھيءَ خاندان
جي نالي آباد آھي، جتي ھن جا پويان رھن ٿا.
آغا اسماعيل شاھھ ھن ڪتاب جي مؤلف جو دوست ھو،
جنھن سان پاڻ ١٢٣١ھھ/١٨١٥ع
ڌاري گڏجي پشاور ويو ھو، جتي محمود شاھھ ۽ وزير
فتح خان موجود ھئا. ھنن جو اتي ميرن جي وڪيلن جي
حيثيت ۾ وڃڻ ٿيو ھو. انھيءَ سفر ۾ سيد اسماعيل
شاھھ لطيفي نالي ڪنڃريءَ تي عاشق ٿي پيو تھ ڪتاب
جي مؤلف سندس پاران ڪنڃريءَ کي خط لکي موڪليو،
جيڪو ھن ڪتاب ۾ موجود آھي.
ان کان پوءِ جڏھن وزير فتح خان ھرات جي مھم تي ويو
تھ سيد اسماعيل شاھھ وڪيل (سفير) جي حيثيت ۾
حيدرآباد جي ميرن پاران ۽ حاجي شير محمد خان (مؤلف
جو مامو) خيرپور جي ميرن جي سفارت سان ھرات ويا.
وزير فتح خان جو ھن تي ايڏو اعتماد ھو، جو پاڻ
جڏھن ايران جي لشڪر سان منھن ڏيڻ لاءِ وڃڻ لڳو تھ
ھرات جي قلعي جون ڪنجيون سندس حوالي ڪري ويو. جڏھن
وزير فتح خان واپس آيو تھ ھن کيس امانت با سلامت
ورائي ڏني. ائين ھنن جي طفيل ھرات جو شھر ترڪمانن
جي لٽ ڦر کان بچي ويو. اھي واقعا ١٢٣٤ھھ/١٨١٨
– ١٨١٩ع ۾ ٿي گذريا.
جڏھن وزير فتح خان قيد ٿي ويو ۽ کيس اکين کان انڌو
ڪيو ويو تھ اسماعيل شاھھ ھرات کان سنڌ اچي سنڌ جي
درٻار ۾ پھتو ۽ حڪومت جي ڪاروبار ۾ لڳي ويو. ان
کان پوءِ پتو پوي ٿو تھ ھيءُ حيدرآبادي ميرن مير
ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان پاران سفير جي
حيثيت ۾ بمبئي جي گورنر وٽ ويو ۽ اتي ٩ نو مبر
١٨٢٠ع وارو معاھدو ايلفنسٽن سان طئھ ڪيو ھئائين.
(ڏسو تعليق نمبر ٥٦ ڏ معاھدو ٣). پڇاڙيءَ ۾
اسماعيل شاھھ لاڙڪاڻي ۾ ڪار مختار ھو. ١٢٤٩ھھ
/
١٨٣٤ – ١٨٣٣ع ۾ جڏھن شاھھ شجاع قنڌار مان شڪست
کائي سنڌ جي ڪنڌ تي اچي ڪڙڪيو تھ ھيءُ لاڙڪاڻي ۾
ساڻس گڏيو. ان کان پوءِ گمان آھي تھ اسماعيل شاھھ
١٢٥٠ھھ/١٨٣٤ع
۾ ھيءُ جھان ڇڏيو.
ميسن پنھنجي سفر جي روداد ۾ سيد اسماعيل شاھھ بابت
لکي ٿو تھ، ”ھيءُ اھل تشيعت جي سادات سان تعلق رکي
ٿو، جي اصل شيرازي ھئا. پاڻ حيدرآباد جي ڀر ۾ رھن
ٿا. مير علي مراد خان ۽ ان جي پٽن سان ان جو گھڻو
واسطو آھي. انھن جي پاران ھميشھ ھن کي سفارت ۽
نمائندگي جا ڪم سونپيا وڃن ٿا. ھيءُ وزير فتح خان
جي درٻار ۾ ويو ۽ بمبئي پڻ کيس موڪليو ھئائون.
نھايت ھوشيار ماڻھو ھو. جڏھن بمبئي ۾ رھائش ھيس تھ
اتي وڏي ٺٺ ٺانگر سان پئي گذاريائين. کيس پنج ھزار
رپيا ماھوار ملندا ھئا. ھي ڏاڍو چالاڪ ھو. بمبئي ۾
ڪوشش ڪندو رھيو تھ اتان ھڪ وفد سنڌ ڏانھن وڃي.
جڏھن سندس خواھش مطابق ھئنڪي سمٿ
Hankey Smith
کي
وفد جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ سنڌ اماڻيو ويو تھ ان کي
ٺٽي رھايو ويو ھو. اسماعيل شاھھ (ڦڙتي کائي)
حيدرآباد جي ميرن کي ڀڙڪائڻ لڳو تھ فرنگي ڏاڍا
مغرور آھن. ھنن کي بڇڙو ڪرڻ کپي ۽ ٺٽي ۾ جيڪو
برطانوي سلطنت جو جھنڊو پيو ڦڙڪي، تنھن کي لاھي
ڌوڙ ۾ اڇلايو وڃي. ميرن ھن جي اھا ڳالھھ نھ قبول
ي۽ چيائون تھ جيڪڏھن اھو ڪم ڪرڻ ۾ آيو تھ انگريزن
جو وفد واپس ھليو ويندو.
اسماعيل شاھھ جيئن تھ ميرن تي وڏو اثر رکندڙ ھو،
ان ڪري ھنن مجبور ٿي ولي محمد خان لغاري کي بلوچ
سوار سان ٺٽي ڏانھن ڏياري موڪليو، جن برطانيا جو
جھنڊو لاھي ھيٺ اڇلايو ۽ وفد جي ڪيترن ماڻھن کي
ماري ڇڏيائون. سيد اسماعيل شاھھ انگريزن کي چوڻ
لڳو، ”اھو ڪم جھنگ جي وحشي ڦورن ۽ ڌاڙيلن ڪيو آھي،
ميرن جو ان سان ڪوبھ واسطو ناھي.“ انھيءَ نموني ھڪ
طرف پاڻ کي وفد جو نگھبان ثابت ڪيائين تھ ٻئي پاسي
ميرن سان سرخرو ٿيو تھ اھو ڪم وڏي چالاڪيءَ سان
ڪري کيپ کٽي ورتائين!“
ميسن پنھنجي سفر ١٨٣٠ع دوران اسماعيل شاھھ جي پٽ
مير ڪاظم علي جو بھ ذڪر ڪري ٿو، جيڪو تڏھن شڪارپور
جو حاڪم ھو. سندس چوڻ موجب ”سيد ڪاظم علي شاھھ
جاڳڻ
تائين اسان جي قافلي سان گڏ ھو ۽ اسان جي ڏاڍي
پرگھور لھندو رھيو. ھن اسان کان نھايت نرمي ۽
انصاف سان محصول وصول ڪيو.“
ڪتاب جو مؤلف جيتوڻيڪ ھن خاندان جو دوست ھو تڏھن
بھ اھو اظھار ڪندو رھيو تھ اسماعيل شاھھ وڏو بخيل
ھو. ڊاڪٽر برنس جڏھن سنڌ جي درٻار ۾ آيو تھ ان
بابت احوال لکيائين. سندس لکڻ موجب، حيدرآباد جي
ميرن جو اسماعيل شاھھ وارن تي مڪمل اعتماد ڪونھ
ھو. اسماعيل شاھھ جي ميرن جي وڏي وزير نواب ولي
محمد خان لغاري سان رقابت ھئي. ٻئي سنڌ جي حڪومت ۾
طبيب، شاعر ۽ مؤلف ھئا. پر سندن سيرت ھڪ ٻئي کان
مختلف ھئي.
سنڌ جي ميرن ھنن کي چڱيءَ طرح پرکي مٿن ڪم رکيا
آھن. سيد کي مڙئي سڙئي ڪري پيا ھلائين، پر نواب
ولي محمد ھنن لاءِ وڏي عزت ۽ اعتبار لائق ليکيو
وڃي ٿو. مير مراد علي خان پنھنجي وصيت نامي ۾ پٽن
کي تاڪيد ڪيو تھ: ولي محمد خان جيئن چوي تيئن ڪندا
رھجو. پر اسماعيل شاھھ جي ڳالھين تي نھ لڳجو، ڇو
تھ ولي محمد خان اسان جو خيرخواھھ ۽ نيڪ ماڻھو
آھي، ليڪن سيد اسماعيل شاھھ مغرور ۽ خسيس ثابت
ٿيندو رھي ٿو.
برنس وڌيڪ لکي ٿو تھ ”سيد اسماعيل شاھھ پنھنجي نسل
۽ خاندان تي تڏندو رھي ٿو. ٻئي پاسي نواب ولي محمد
خان لغاري پنھنجي لياقت جي آڌار تي خدمتون سرنجام
ڏيندو ٿو رھي.“ جيئن تھ ان خاندان جو ھن ڪتاب ۾
گھڻن ھنڌن تي ذڪر آيل آھي، ان ڪري سندن شجرو ھيٺ
ڏجي ٿو. وڌيڪ تفصيل لاءِ تڪملھ مقالات الشعراء جو
مطالعو ڪيو وڃي.
* * *
مرحوم مولائي شيدائي لکي ٿو تھ: ١٢٣٩ھھ/١٨٢٤ع
۾ مير ڪرم علي، مير مراد علي ۽ مير رستم خان گڏجي
شڪارپور تي قبضو ڪيو. افغانن جو پويون نائب
عبدالمنصور خان نالي ھو، جنھن کان نواب ولي محمد
خان لغاري شھر جي واڳ ورتي. عبدالمنصور خان شھر جي
اٺن ئي دروازن جون ڪنجيون ٽالپوري عملدارن جي
حوالي ڪري ھليو ويو. حيدرآباد جي ٽالپورن پاران
سيد ڪاظم علي شاھھ نائب ھو. شھر ۾ ٻھ ڪچھريون
ھيون. خيرپور جي ٽالپورن پاران گولي شاھھ نائب ھو.
سيد ڪاظم علي شاھھ ولد اسماعيل شاھھ لياقت وارو
لحاظ ڀريو ۽ چڱي ماڻھو ھو. فرائض منصبي خوش اسلوبي
سان ادا ٿي ڪيائين. شاھھ شجاع، جنھن کي مير مراد
علي شڪارپور ۾ مھمان ڪرائي رھايو ھو، مير صاحب جي
وفات جو ٻڌي سيد ڪاظم علي شاھھ کي شڪارپور مان
لوڌي پاڻ حاڪم ٿي ويٺو. سيد ڪاظم علي شاھھ، کرڙيءَ
واري جنگ ۾ گولي شاھھ سان گڏ، شاھھ شجاع جي لشڪر
ھٿان شھيد ٿي ويو.
ڪاظم علي شاھھ فارسي جو بھترين شاعر ھو. سنڌ جي
ادبي تاريخن توڙي فارسي تذڪرن ۾ سندس نالو نمايان
نظر اچي ٿو. شڪارپور جي نامياري شاعر آخوند
صاحبڏني سان ھن جا گھرا ناتا ھئا. شڪارپور جي
تعريف ۾ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي لکي ٿو:
”شڪارپور عجب جا خوب رويان الست
مقام و منزل ماواي عندليبان است
نھ موسم گل و فصل بھار باشد ليڪ
بھرطرف ڪ نظر مي ڪنم گلستان است پرست.“
سيد زين العابدين شاھھ:
ھيءُ سيد ڪاظم علي شاھھ جو ڀاءُ ھو. کيس ١٨٣٣ع ۾
ٽالپورن پاران شڪارپور جو نائب ڪري رکيو ويو. ھيءُ
بھ فارسيءَ جو شاعر ھو. سندس شعر ۾ نازڪ خيالي ۽
رواني موجود آھي. تخلص ”عابد“ ھيس. ھيءُ شعر سندس
ئي آھن.
”در تبسم بمن آن يارد ميد افسون را
برد از غمزه يکبار دل محزون را
خواستم عرض دل زار نمايم با يار
ڪم نمودم چوبديدم رخ اوھغون را“
سيد زين العابدين
شاھھ کان پوءِ سيد ابراھيم شاھھ شڪارپور ۾ نائب ٿي
آيو، جيڪو پڻ ھنن جو ڀاءُ ھو.
(٦١)
ديوان گدومل:
ھيءُ ڪلھوڙن جي حڪمرانيءَ دوران احمد شاھھ
ابداليءَ جي دربار ۾ ڪيترو عرصو وڪيل (سفير) ٿي
رھيو، سندس خاندان جي وڏي جو نالو اڏيومل شھواڻي
ھو.
(ديوان گدومل جي پيءُ جو نالو بيلومل ولد کٽومل
ھو، سندن ڪھول مان، جسپت راءِ، دلپت راءِ ۽ ٻيا
ناميارا ماڻھو مشھور ٿي گذريا آھن.
اڌيومل ميان آدم شاھھ ڪلھوڙي جي دور ۾ حاجي پور
مان سکر ۾ آيو ۽ شڪارپور ۾ واپار ڪرڻ لڳو. ھي وڏو
شاھوڪار ھو ۽ حيدرآباد جي دربار تائين سندس رسائي
ھوندي ھئي، ھن جو پوٽو گدومل صلاحڪار طور درٻار ۾
داخل ٿيو ۽ پنھنجي صلاحيت جي ڪري وڏي درجي تي
رسيو. (ڏسو تعليق ٣) جڏھن احمد شاھھ ابدالي سنڌ ۾
آيو، تھ ھن ڪلھوڙن پاران وٽس پھچي چڱو پاڻ موکيو.
ٽنڊو گدومل سندس آباد ڪيل آھي، حيدرآباد ۾ گدواڻي
خاندان سندس ئي نالي منسوب آھي. ھن جا پويان ميرن
جي زماني تائين انھن جي دربار ۽ سرڪاري ڪاروبار ۾
وڏو عمل دخل رکندا ٿي آيا. (قديم سنڌ، ص ٢٩٤).
گدواڻي:
ھي خاندان اصل ”منچنديا“ نک مان ھو، سندن وڏو ڏاڏو
اڏيومل شھواڻي ڄاڻايل آھي، جو پنجاب جي ھڪ وستيءَ
سيتور جو ويٺل ھو. سنڌ ۾ ھي ميان آدم شاھھ ڪلھوڙي
وٽ اچي نوڪريءَ سان لڳو، سندس شادي شڪارپور مان ٿي
ھئي، اڏئي مل جو اولاد اجواڻي، ڀاوناڻي، جڳتياڻي،
ڪرنملاڻي (ڪرن) ۽ گدواڻي آھن ۽ اھي سڀ ھڪ ٻي جا
ڀائپي وارا ليکجن ٿا.
ديوان گدومل ديوان ٻيلي مل جو پٽ کٽومل جو پوٽو
چوئٿرام جو پڙ پوٽو ۽ اڏئي مل شھواڻي جو تڙ پوٽو
ھو، گدومل کي پٽيتو اولاد ڪونھ ھو، پر ھي پنھنجي
سڄي ڪٽنب ۾ اورچ ماڻھو ھو ۽ دل وڏي ھئس، پنھنجي
سڄي ڪھول جي ننڍي وڏي کي پنھنجي ئي پيٽ ڄائو اولاد
ڪري سمجھندو ھو، ۽ ھو بھ ساڻس عزت ۽ قرب جو اظھار
ڪندي گدواڻي سڏائيندا ھئا.
ديوان گدومل جي اورچائي بابت ھن ڪتاب ۾ ذڪر ٿي چڪو
آھي، ھن جو لاڏاڻو ميرن جي دور حڪومت ۾ ٿيو ھو.
(”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“. ڀيرومل حصو پھريون، ص
٢١٨).
-
|