(٥٥)
انگريزن جي فوج جي خراسان روانگي، جنھن ۾ شاھھ
شجاع جو ساڻن ڀرپور ساٿ ڏيڻ:
اليگزينڊر برنس ڪابل کان واپس اچي لڌياني پھتو.
شاھھ شجاع کي اتان جو پيرائتو احوال ٻڌايائين تھ
مان ھن ريت سڄو ڪم ٺاھي آيو آھيان. ان کان پوءِ
خراسان (افغانستان) ھٿ ڪرڻ لاءِ جنگي تياريون شروع
ٿي ويون.
تاريخ ٣- نومبر ١٨٣٩ع (١٢٥٥ھھ) انگريزي فوجون
شاھجھان آباد مان روانيون ٿيون. قضا الاھيءَ سان
واٽ تي کين وبائي بيمارين اچي وڪوڙيو، جنھن ۾ پنج
سو سپاھي مري ويا ۽ ٻيا وڃي فيروزپور پھتا. انھيءَ
وچ ۾ لارڊ آڪلينڊ
جي حڪم ھيٺ، سورھين ريجمينٽ، ٻي گورن جي فوج، ٽين
ترڪن ۽ گورن جي فوج. چوٿين ڪارن ھندستانين جي فوج
۽ ٻيا ھٿياربند گھوڙي سوار رسالا، تنھن کان سواءِ
ٻي پلٽڻ، توبخانا ۽ وڌيڪ رسالا، ڪمانڊر جنرل فين
جي ڪمان ھيٺ، فيروزپور پھچي ويا.
انھيءَ وچ ۾ مھاراجا رنجيت ۽ سندس پٽ کڙڪ سنگھھ،
ٽيھھ ھزار گھوڙي سوارن جي فوج وٺي، انگريز بھادر
جي ملاقات لاءِ درياھھ جي ڪنڌيءَ تي اچي حاضر ٿيا.
انگريز ڪمانڊر ملاقات کان پوءِ مھاراجا جي پلٽن جو
معائنو ڪيو ۽ ھڪ رپيو في سپاھي انعام طور ڏئي،
سڀني کي خوش ڪيائين. مھاراجا رنجيت سنگھھ موٽ ۾ ست
ولايتي گھوڙا، چمڪدار ترارين ۽ ھاٿيءَ سميت، ٻين
تحفن سان گڏ، صاحب بھادر جي خدمت ۾ پيش ڪيا ۽ ھن
کيس ٻھ گنگا جمني توبون عطا ڪيون.
ان کان پوءِ ڪمانڊر چوٿين نمبر پلٽڻ ۽ توبخانا
فيروزپور ۾ ڇڏي، باقي تلنگي فوج ۽ گورا پلٽڻ، نمبر
تيرھين، لال ڪڙتي نمبر ڏھين رجمينٽ، ستٽيھين پلٽڻ،
چار توبخانا، جيڪي اٺن گھوڙن ۽ ڍڳن تي رکيل ھئا،
ٻيون پلٽنيون ۽ ٻھ ھزار، سپاھي جيڪي اندر سين ۽
ڪرشين صاحب وٽان آيل ھئا، ھڪ شاھي پلٽڻ، شاھھ شجاع
جا توبچي ۽ توبخانا وغيره گڏائي بھاولپور ڏانھن رخ
ڪيو ويو. ان کان پوءِ بخشي صاحب بھادر، شھزادي
تيمور سان گڏجي انگريزي فوج ۽ رنجيت سنگھھ جي لشڪر
سان خيبر لڪ ڏانھن روانا ٿي ويا.
انگريز ڪمانڊر ۽ شاھھ شجاع جڏھن بھاولپور جي حد ۾
داخل ٿيا تھ ان کان اڳ ۾ ئي بھاولپور جي والي رستا
صاف ڪرائي، چورن ۽ شاھينگن کي تڙي سانت ڪرائي ڇڏي
ھئي. کاڌ خوراڪ لاءِ ھن ھر قسم جي اناج، کنڊ، ڳڙ،
ديسي گيھھ، چانور، ٻڪريون، رڍون، ڪڪڙ ۽ بيدا (آنا)
۽ ٻيو سڀڪجھھ ايتري انداز ۾ اتي آڻي ڪڍيو جو ڀيڻي
ڪانھ ھئي.
ان کان علاوھ انگريزن جي فوج جيڪا بھ شيءِ طلب ٿي
ڪئي، اھا ھڪدم حاضر پئي ٿي. بھاولپور کان ٿورو
پرتي خود نواب بھاول خان جو پٽ بھادر خان
دائودپوٽو، انگريزن جي آجيان لاءِ پھتو، جنھن ھڪ
سو سونيون اشرفيون ڪمانڊر صاحب جي مٿان گھوريون ۽
ھن بھ مٿس ڪيئي مھربانيون ڪيون. پڇاڙيءَ ۾ ھو
ڪمانڊر کي وڏي مان سان بھاولپور وٺي آيو. ڪمانڊر
موصوف ٻھ ڏينھن اتي رھي، احمدپور وٽان ٿيندو، سڌو
سنڌ ڏانھن (روھڙيءَ) روانو ٿيو.
انگريزن جي اھا فوج منزلون ھڻندي اچي روھڙي پھتي،
جتي گھڻي ڀاڱي جھنگ ئي جھنگ ھو، ان ڪري رستو ڀلجي،
ڪو وقت تھ ھيڏانھن ھوڏانھن ڀٽڪندي ٿاٻا کائيندي
رھي؛ پر پوءِ ھڪ اڇي ڏاڙھي وارو خواجھ خضر وانگي
اچانڪ نروار ٿيو، جنھن سندس رھنمائي ڪئي
تنھن کان پوءِ اھا فوج روھڙيءَ ۾ خيما کوڙي آسائتي
ٿي ويٺي. اليگزينڊر برنس ان فوج جي اچڻ کان اڳ
خيرپور پھچي، مير رستم خان (خيرپور جي والي) سان
مليو، جنھن کي افلاطوني عقل ۽ لقماني حڪمت (سياڻپ)
سان پنھنجو ڪري (بيوقوف بڻائي) ساڻس عھد اقرار ڪري
کانئس بکر جي قلعي وٽان درياھھ پار ڪرڻ جي اجازت
ورتائين. درياھھ پار ڪرڻ لاءِ انگريزن جي فوج کي
ٻنڌ ٻڌڻ جي ضرورت پيش آيل ھئي، جنھن لاءِ پڻ اڳواٽ
ميرن (ٽالپرن) کان موڪلائي چڪا ھئا، ٻنڌ اھڙي طرح
ٻڌائون جو ڏسندڙ کي ڏندين آڱريون اچي ويون.
انھيءَ ڪاريگريءَ ۾ ھنن اھڙو ھنر ھلايو، جو ارسطو،
افلاطون جو عقل بھ چرخ ٿي وڃي ھا. انگريزن کي اصل
۾ بکر جو قلعو قبضو ھيٺ ڪرڻو ھو، جنھن کان مير
بلڪل بيخبر ھئا.
ٻئي طرف ليچ بھادر شڪارپور پھچي، سفر جي سامان،
ڪجاون ۽ صندوقن گڏ ڪرڻ ۾ لڳي ويو. ھاٿيدر ۽
ھزاريدر جي اوڀارين پاسي رئيس واھھ وٽان جھنگ جھر
صاف ڪرائي، ٻن ڪوھن تائين تريءَ وانگي صفا ميدان
پٽ ڪرائي ڇڏيائين. انھن تيارين ۾ ايترو پئسو ڏوڪڙ
پئي خرچ ٿيو، جو ھرڪو حيرت ۾ ھو.
ائين ڪندي شاھھ شجاع ۽ وليم ميڪناٽن، ٻئي لشڪر ۽
توبخاني سان خيرپور جي حد اورانگھي نروار ٿيا، جن
جي آڌر ڀاءُ لاءِ ميرن طرفان زنگي خان ۽ فتح محمد
خان غوري کي مقرر ڪيو ويو، جيڪي قيمتي تحفا ساڻ
کڻي وڃي علي واھڻ وٽ ھنن سان گڏيا.
شاھھ شجاع ۽ وليم ميڪناٽن سڄي فوج سميت سيد پور
وٽان درياھھ ٽپي ٧- ذوالقعد ١٢٥٥ھھ تي اچي شڪارپور
جا وڻ ڀيٽيا. ٻئي پاسي ڪمانڊر صاحب اڳواٽ ئي
روھڙيءَ ۾ درياھھ جي ڪنڌيءَ تي ھڪيو تڪيو موجود ھو
۽ درياھ جي ڇولين جو نظارو ٿي ڪيائين. خيرپور جي
والي مير رستم خان روھڙيءَ کان چار ڪوھھ پرتي
بلوچن جي لشڪر سان ٻٻرلوءِ ۾ ترسيل ھو.
انگريز بھادر حد درجي جو عقلمند ۽ بھادر ھو، سو
انھيءَ موقعي تي وجھھ وٺي سردارن مان ٻھ ڄڻا ۽
پنجاھھ سوار ساڻ ڪري صبح مردان سان وڃي مير رستم
خان وٽ پھتو ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي آيو. ھن ساجھرئي
پنھنجي فوج کي تيار ڪري قاعدي موجب قطار ۾ بيھاري
ڇڏيو ھو. مير صاحب جو آيو تھ کيس ھيٺيون مٿيون ڏئي
چيائين: ڏسو اسان جي فوج ڪيئن رعب تاب سان بيٺي
آھي! ھنن جي اھا مجلس ھڪ پھر تائين ھلندي رھي،
تنھن کان پوءِ مير صاحب کي سلامتي سان واپس پنھنجي
ماڳ رسايو ويو.
انگريز اڳ ۾ ئي ميرن جي پرڪارن مان سھي ڪري ويا
ھئا تھ ھيءُ ڪيتري پاڻيءَ ۾ آھن. ھاڻ رڳو ھنن کي
حملي جي دير ھئي. جڏھن پھر سچ مٿي چڙھي آيو تھ بکر
جو قلعو ميرن (ٽالپرن) کان خالي ڏسي، انگريز توبون
ٻيڙين تي چاڙھي قلعي اندر ڌوڪي ويا. پنھنجا جھنڊا
برجن تي ڦڙڪائي نغارا وڄائڻ شروع ڪيائون. ميرن جو
اھو حال ڏٺو تھ پاڻ ۾ ڀوتو نھ ڀائيندي وڏي
مونجھاري ۾ پئجي ويا. آخرڪار ھڪ لک رپيا روڪ مير
رستم خان جي وزير فتح محمد غوري ھٿان انگريزن کي
راھھ خرچ لاءِ ڏئي راضي ڪيائون.
*
(٥٦)
انگريزن جي لشڪر جي بمبئي کان آمد، بلوچن پاران
وڳوڙ پکيڙي ڇانوڻيءَ ۾ ڦرلٽ مچائڻ، انگريزن جي
لشڪر جي قنڌار ڏانھن روانگي ۽ قنڌار تي سندن
سوڀارو ٿيڻ:
ھيءُ سال ١٢٥٥ھھ (١٨٣٩ع) جي ڳالھھ آھي – سرجان ڪين
۽ جنرل ويلشائر، آئوٽرام سان گڏ سوار فوج، پلٽڻ ۽
توبخاني سميت، ڪراچي جي بندرگاھھ تي لھي سڌو وڃي
ٺٽي پھتا. انھيءَ وچ ۾ مير شير محمد خان ٽالپور
بلوچن جو لشڪر سنبرائي، ھنن جي مقابلي لاءِ تيار
ٿيو. ھن مھم ۾ مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان بھ
ساڻس صلاحي ۽ ساٿياري ھئا. بلوچن جو لشڪر ان موقعي
تي ايتري انداز ۾ اچي گڏ ٿيو، جو ان جو شمار ئي
ڪونھ ھو. سڄي لشڪر ۾ ھر وقت جنگ جا نعرا پئي لڳا.
انھيءَ جوش ۾ اچانڪ انگريزن جي ڇانوڻيءَ تي حملو
ٿي ويو. مڇريل بلوچن کن پل ۾ سڄي ڇانوڻيءَ لٽي ناس
ڪري ڇڏي.
انھيءَ وڳوڙ ۾ حالتون تمام نازڪ ٿي ويون. جنھن سبب
سڄي سنڌ ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. وليم ميڪناٽن، جيڪو
شاھھ شجاع سان گڏ اڳواٽ ئي شڪارپور ۾ موجود ھو،
اھا خبر ٻڌي ڏاڍو ششدر ٿيو. ھڪدم ديوان ڄيٺمل کي
(جيڪو حيدرآباد جي ميرن پاران شڪارپور جو انتظام
سنڀاليندو ٿي آيو) گھرائي فھمائش ڪيائين تھ ھن وقت
انگريز سرڪار کي خراسان
/
افغانستان جو مسئلو درپيش آھي، سو ميرن (ٽالپورن)
کي اھو سلوڪ نٿو سونھي، جو سرڪاري فوجن سان ائين
فتنو فساد شروع ڪري ڏين. کين انھيءَ ھٿ چراند کان
مڙي وڃڻ کپي، پر جي نھ تھ اسان بھ مڙڻ وارا ڪونھ
آھيون. پوءِ جيڪي ٿيو، سو ڏيھھ ڏسندو. انھيءَ دڙڪي
سان گڏ ڪمانڊر ۽ برنس کي جيڪي روھڙيءَ وٽ درياھھ
جي ڪنڌيءَ تي ٽڪيل ھئا، حڪم ڏنائين تھ اوھان ٺھي
سنبري ھڪدم حيدرآباد روانا ٿيو.
ديوان ڄيٺمل بروقت حيدرآباد جي ميرن ڏانھن ٻيڙيءَ
۾ قاصد موڪلي کين سموري روبڪار کان آگاھھ ڪيو.
ميرن مان مير نور محمد خان وڏو سياڻو ھو، جنھن
تتيءَ تائين مير شير محمد خان کي جھيڙي مچائڻ کان
منع ڪئي ۽ انگريزن کي ٢٤ لک رپيا ڇانوڻيءَ جي
نقصان جا ڀري ڏنائين، ائين ھن تتل جھيڙي کي ٽاري
ڇڏيو.
ھوڏانھن ڪمانڊر، جيڪو روھڙيءَ کان روانو ٿي، ھالن
تائين اچي پھتو ھو، تنھن کي جو انھيءَ صلح جي سڌ
پئي تھ واپس روھڙيءَ ڏانھن وريو ۽ درياھھ اڪري
شڪارپور پھچي ويو.
ايتري ۾ جنرل ويلشائر، سرجان ڪين، آئوٽرام وغيره
سڀئي سيوھڻ کان ڪشالا ڪندا اچي لاڙڪاڻي ۾ داخل
ٿيا، جتان جھل مگسي ۽ تنبو
(ڪچي واري علائقي) کان خراسان
/
افغانستان روانا ٿيا. ٻئي پاسي
کان شاھھ شجاع، وليم ميڪناٽن، سپھھ سالار، ڪمانڊر
اليگزينڊر برنس وغيره سميت سڄو لشڪر ساڻ ڪري
خراسان
/
افغانستان پاسي ڪاھي ھليا.
اھا انگريزن جي فوج جڏھن خان ڳڙھھ (جيڪب آباد)
تائين رسي تھ اتان جي قلعي مان اوچتو توب جو ٺڪاءُ
ٿيو، جنھن جو گولو ڪمپني نمبر ٢ جي سپھھ سالار کي
لڳو، جيڪو اڦٽ مري ويو. انھيءَ کؤنس جي خار ۾
پوسٽن صاحب قلعي جي قبضي لاءِ ٿوري فوج ساڻ ڪري
چئن توبن سان وڃي چڙھائي ڪئي تھ توب جي پنجاھھ
گولن ڇوڙڻ کانپوءِ، اٺ بلوچ قلعي اندر ۽ ڇھھ ڄڻا
توبخاني مان اجل جو شڪار ٿي ويا.
قلعي جو دروازو ڀڃي انگريزن جي فوج اندر گھڙي پئي
۽ قلعي تي قبضو ڪري رات اتي رھي، صبح جو سموري فوج
چوڏھن ڪوھھ پنڌ ھڻي، خان محمد عمراڻي واري ڳڙھيءَ
۾ پھچي ويئي، جتي سپاھھ ۽ وھٽن پاڻي پي آسائش ڪئي.
اتان وري ٻي صبح تي اسھي شاھھ پور ۾ فوج داٻو ڪيو،
جتي پڻ پاڻيءَ جي گھڻائي جي ڪري سڀني سيراب ٿي
ساھھ پٽيو. آخر اتان ڪوچ ڪري اھا فوج ڦلجي (ڇٽ) ۾
آئي، جتي بجار خان ڊومبڪيءَ ھنن جي پرگھور لڌي.
تڏھن ان پاسي بجار خان جو راڄ ھو.
ٻئي ڏينھن فوج اتان نڪري لھڙيءَ پھتي، جتي بلوچ
خان جيڪو اتان جو رئيس ھو، تنھن سڀني جي پوري
تنڊوالي (خاطر تواضع) ڪئي. بلوچ خان انگريزن
(آقائن) سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو. فوج اتي ٿڪ ڀڃي
وري بلوچ خان جي رھبريءَ ۾ ڍاڍر جي (غيرتمند بلوچ
عوام طرفان) جيڪي جٺيون ٿيون، سي ڳاڻائي ۾ نھ ٿيون
اچي سگھن.
انگريزن اٽڪل ڪري فوج کي جدا جدا جٿن جي صورت ۾
انھيءَ پٽ مان ٻاھر آندو، جيڪو جھنم کان گھٽ ڪين
ھو ۽ اھڙي سياڻپ سان ان پاڻي توڙي گاھھ پٺو اٺن تي
آڻي ڪڍيائون، جو ڪنھن کي ڏکيائي ڪانھ ٿي. اتان کان
پوءِ بولان لڪ جو رخ ڪيائون. فوج جڏھن چئني پاسن
کان اوڀ تائين اوچي ڳاٽ پھاڙ ڏٺا ۽ رستي جون
لاھيون چاڙھيون لنگھندي ويئي تڏھن ڏاڍي اچرج ۾ اچي
پئي.
بلوچ، جيڪي ھن جي پٺ ورتيون پئي آيا، تن ڏاڍي لٽ
ڦر مچائي ڏني، جنھن ۾ انگريزي فوج جو ڪافي جاني ۽
مالي نقصان ٿيو.
اھڙيءَ طرح انگريزن جي فوج ڏاڍن ڏکيائين ۽
دربدرائن کان پوءِ خوار خراب ٿيندي وڃي ڪوئيٽا
پھتي جتان ھڪ مھيني کان پوءِ رواني ٿي ڪوتل
۾ آئي، جتي کاڌ خوراڪ جي سامان جي نافت سبب ھن کي
ڏڪار جھڙا ڏينھن ڏسڻا پيا. ايتري قدر جو پاءُ اٽي
جو ھڪ ڄڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو. ٻي صورت ۾ اھو طيءِ
ٿيو تھ پاءُ اٽي جي قيمت ادا ڪرڻ ۾ ايندي، جيئن ھر
ڪو پاڻ پنھنجو انتظام ڪري.
ڪوتل جي علائقي مان فوج جو اڳتي وڌڻ ڏاڍو اڻائو
ھو. انگريزي عملدارن رستي جي صفائي لاءِ ٻھ مھينا
اڳ توبن ۽ بارود جو انبار ڏياري موڪليو ھو، جنھن
مان ھڪ توب ڏاڍي ڏکيائي سان ٽڪر تي چاڙھي ويئي
ھئي، آخرڪار توبن کي نوڙ ٻڌي ھڪ ھڪ ڪري ھٿن سان
ڇڪي، ڪوتل جي ٽڪر مان پار ڪيائون. ائين ٻيو سامان
بھ نڪري ويو. ليڪن انھيءَ ڏچي ۾ ھزارين اٺ، گھوڙا
۽ ڍڳا مري ويا. ھوڏانھن لشڪر بھ اچي ڪروڌ ۾ منھن
وڌو، جو ڪيترا ماڻھو اڃ ۽ بک وگھي مري کپي چڪا
ھئا.
انھيءَ عالم ۾ ٽي راتيون، ٽي ڏينھن فوج، بنا ان
پاڻيءَ جي، اتي ڀٽڪي رھي ھئي. حالت وڃي ايستائين
پھتي، جو ڀرپاسي لوڻن ھڻڻ سان اڌ سير اٽو بھ ھڪ
رپئي ۾ ڪونھ ٿي مليو. ٿوري وقت کان پوءِ اھو اٽو
بھ ملڻ بند ٿي ويو ۽ گھڻي ڏوجھري کان پوءِ پنجين
رپئين سير اٽي جو ملڻ لڳو.
پورا ٽي ڏينھن فوج کي انھيءَ دوزخ جھڙي ماحول ۾
ڪاٽڻا پيا. چوٿين ڏينھن ھزار خواري ۽ خرابي کان
پوءِ اتان ڪوچ ڪري ٻي وسنديءَ ۾ پھتي، جتي پاڻي
نظر ايندي لڏو لاھي ويٺي.
ائين ڪندي خبر پھتي تھ قنڌار جو والي سردار ڪھندل
خان پنھنجو لشڪر ساڻ ڪري اچي ڪوھستان ۾ پھتو آھي ۽
اھا نھر، جتان انگريزن جي فوج ڏانھن پاڻي اچي رھيو
ھو، تنھن کي ٻنڊو ڏئي بند ڪرائي ڇڏيو اٿائين. ھاڻ
راتاھي جا سانباھا پيو ڪري. اھو ٻڌندي انگريزن جي
لشڪر ۾ اچي ڦڦڙي پئي، ليڪن لشڪر جي اڳواڻن چئني
طرفن کان توبون تيار ڪرائي ڇڏيون، جن جي وچ ۾ فوج
پناھي ٿي، ڄڻ فوجي قلعو تيار ٿي ويو.
ساري رات فوجين کي جاڳي ھٿيار سنڀالي توبن جي
فتيلن کي باھھ ڏئي روشني ڪري ھوشياريءَ سان گذارڻو
پيو. پر پاڻيءَ جي اڻاٺ جي ڪري فوج کي ڏاڍي ھلاڪي
ڏسڻي پئي، جيتوڻيڪ ھٿ پير ھڻن سان ٿورو پاڻي فوج
کي ھٿ آيو تھ ان ۾ بھ ڏاڍي گندي ڌپ ھئي ۽ منجھس
ڪينئان چرندا پئي رھيا. جنھن بھ اھو ڪنو پاڻي ٿي
پيتو، سو پيٽ جي ٻري ۾ وٺجي پئي ويو. ھتي پورا ٻھ
ڏينھن فوج کي پاڻي ھٿ نھ آيو، ان ڪري لشڪر سان گڏ
گھوڙا، اٺ ۽ ڍڳا سڪي پاھ ٿي ويا ۽ پاڻيءَ کان
سواءِ ڦٿڪندا رھيا.
آخرڪار ھڪ واقف ڪار جي ڏس پنڌ تي (انعام جي شرط
سان) رات جو ھڪ جمعدار ٻھ حوالدار ۽ ٻھ نائب، ويھھ
سوار ۽ ٽيھھ عملي وارا ساڻ ڪري نڪتا، جن وڃي نھر
جو ٻنڍو ڀڳو ۽ پاڻي لشڪر ڏانھن وھايائون. اھو پاڻي
اڌ رات جو آب حيات بڻجي انگريزي فوج تائين آيو،
جنھن بي جان ماڻھن ۾ جان وجھي ڇڏي.
لشڪر جي ماڻھن جيئن پاڻي ڏٺو تھ ان جي مٿان اچي
ڪريا. جن گھڻو پاڻي ڏوگھيو، اھي ساڻا ٿي ڪري پيا.
ائين ھزارين فوجي اجل جو بک ٿيندا ويا. صبح ٿيڻ
سان باقي بچلين مان ھر ڪنھن جي منھن تي سرھائي نظر
آئي. سڀ ڪنھن ائين ٿي ڀانيو، ڄڻ نئين سر ماءُ جي
پيٽان ڄائو آھي.
انھيءَ ئي ڏينھن نمڪ حرام حاجي ڪاڪڙ، جيڪو ورھين
جا ورھيھ سردارن سان گڏ رھيو، سڀ ڪجھھ وساري لالچ
جي آسري ڊوڙندو آيو ۽ انگريزن جو سلام اچي
ڀريائين. چئي: سردار ڪھندل خان پنھنجو لشڪر وٺي
راتاھي لاءِ تيار ٿي آيو ھو، پر منھنجي اچڻ کان
پوءِ نراس ٿي واپس ھليو ويو.
صبح جو شاھھ شجاع، انگريزي عملدارن ۽ فوجن سان،
اتان نڪري ڇھھ منزلون ھڻي قنڌار تائين وڇي رسيو.
شھر کي خالي ڏسي توبون ڇوڙيون ويون، ۽ سوڀ جا
نغارا وڄايا ويا، تنھن سان گڏ ڪيئي فوجي قلعي جي
مٿان مقرر ڪيا ويا.
ڏھن ڏينھن کان پوءِ ھڪ جاءِ، تخت وانگي سينگاري،
ان تي شاھھ شجاع کي وھاريو ويو ۽ سڀني فوجين کي
تيار ڪري شاھھ شجاع کي سلامي لاءِ آندو ويو. ھڪدم
توبن جا ڌڌڪا شروع ٿيا ۽ مبارڪبادي ۾ ھڪ ٻئي پٺيان
ٺڪاءُ ٻڌڻ ۾ آيا. ضرب خاني مان ڪمپني جا سڪا جاري
ٿيڻ لڳا ۽ اوري پري تائين شاھھ شجاع ۽ انگريز
سرڪار جي فتح جا نغارا وڄڻ لڳا.
قنڌار جي اھڙي نموني واري عجيب فتح، جيئن بيان ڪيو
ويو، شاھھ شجاع سان گڏ انگريزن کي نصيب ٿي ويئي.
ٻئي پاسي اتان جا سردار، حاجي ڪاڪڙ جي غداريءَ جي
ڪري مايوس ٿي، بنا ڪنھن مقابلي جي قنڌار ڇڏي ھليا
ويا.
*
(٥٧)
قنڌار جي سردارن جي ھار، انگريزن جي فوج جي قنڌار
۾ رھائش ۽ بيماري ڪاٽڻ، ٻن مھينن کان پوءِ غزني
وڃي قلعو فتح ڪرڻ ۽ امير (سردار) دوست محمد خان جي
پٽ غلام حيدر خان کي گرفتار ڪرڻ:
سال ١٢٥٥ھھ (١٨٣٩ع) ۾ جڏھن قنڌار جا سردار، ڪھندل
خان، رحمدل خان ۽ مھردل خان، حاجي خان ڪاڪڙ جي
غداري ۽ نمڪ حراميءَ جي ڪري، انگريزي فوج سان
مقابلي ڪرڻ بدران (جيڪا کاڌي پاڻي نھ ھئڻ ڪري شڪست
جي ويجھو پھچي چڪي ھئي) قنڌار جو قلعو ڇڏي، سڄي
جنگي سامان سميت، گرش واري قلعي ڏانھن فرار ٿيا
ھئا، جيڪو قنڌار کان سو ڪوھھ جي فاصلي تي ھو. تن
پويان انگريزن گرفتاري لاءِ، ھڪ پلٽڻ پنجاھھ ترڪي
سوارن ۽ ٻي پلٽڻ ھڪ ھزار سوارن سان ائڊرسن صاحب
بھادر جي سنڀال ۾ ۽ ڪجھھ فوج توبن ۽ جنگي سامان
سميت شاھھ شجاع جي لشڪر مان، گرش واري قلعي ڏانھن
رواني ڪئي. جڏھن اھو سڄو اٽالو قلعي جي نزديڪ رسيو
تھ سردارن پاڻ ۾ ڪا ٿوم نھ ڏسي، گرش جو قلعو ڇڏي،
ايران ڏانھن منھن ڪيو. ھنن جي وڃڻ کان پوءِ
انگريزن پنھنجي لشڪر مان ھڪ پلٽڻ ۽ شاھھ شجاع جي
سپاھھ مان ھڪ ھزار سوار انڊرسن کي ساڻ ڪري ڏنا،
جنھن قلعي ۾ توبون رکايون ۽ باقي فوج قنڌار واپس
آئي.
انگريزي فوج ٻن مھينن تائين قنڌار ۾ رھي. انھيءَ
دوران بيماري اچي منھن ڪڍيو. لشڪر ۾ دستن جي وبا
ايتري قدر پکڙجي ويئي، جو ڪنھن کي چرڻ جي سگھھ بھ
ڪانھ ھئي. انھيءَ سٽ ۾ ھرڪو ھيڻو ٿيندو ويو.
ھوڏانھن ان جي اڻاٺ بھ وڌي ويئي، انھيءَ حد تائين
جو ٻھ سير ڪڻڪ ۽ ٻھ سير چانور رپئي جي حساب سان ٿي
مليا. ٻيون جنسون بھ اھڙيءَ طرح مھانگيون ھيون،
مگر ميوا ڏاڍا سستا ھئا، ان ڪري ماڻھن جو گھڻو تڻو
گذر انھن تي پئي ٿيو.
قنڌار جي انھيءَ سخت، نحس ۽ مصيبت ڀري سفر ۾،
انگريزي فوج جيئن تيئن ڏينھن پورا ڪيا، ان مان
ڪيترا وھٽ ۽ ماڻھو وڃي ٻي جھان پھتا. آخرڪار
انگريزن نئين سر ان پاڻيءَ جي بندوبست ڪرڻ لاءِ
لکين رپين جي رٿا تيار ڪئي، جنھن مان سڄو سامان
خريد ڪري ھر ڪنھن کي سکيو ستابو ڪيو ويو. گاھھ
وارن جي تھ ڄڻ خدا ٻڌي. سڀني سڪن سان گھر ڀريا، پر
ڪمپني بھادر جي پئسي ۾ برڪت ايتري ڪانھ ھئي، بس
ھيڏانھن آيو تھ ھوڏانھن ويو.
انھيءَ انتظام ڪرڻ بعد، شاھھ شجاع ۽ انگريزي
عملدارن دلجاءِ ڪري قنڌار مان غزني جي قلعي ڏانھن
سنبت ڪري ھليا، جيڪو يارھن ڏينھن جي پنڌ تي ھو.
اھو پنڌ ھڻي نيٺ ھو غزني پھچي ويا. قلعي تي امير
دوست محمد خان جو پٽ غلام حيدر خان قابض ھو، جنھن
انگريزن سان جنگ جوٽي ڏني. قلعي مان توبن ۽ بندوقن
جا ٺڪاءُ شروع ٿي ويا. ھيڏانھن انگريزن بھ جوابي
ڪارروائي لائي ڏني. قلعي مان ايندڙ گولا آسماني
آفت بڻجي، انگريزي فوج تي پئي ڪڙڪيا. انگريزن جي
سپاھھ بھ چڱو پاڻ پتوڙيو، پر لاڳيتي پنڌ، ٿڪ ۽ اڃ
بک جي ڪري ھرڪو ساڻو ٿي چڪو ھو، ان ڪري مڙئي
سانجھيءَ تائين منھن ڏيندا رھيا، ان کا پوءِ سڀ
ڪنھن مورچا وسايا ۽ جنگ جي باھھ ڪجھھ ڍري ٿي.
ٻئي ڏينھن ٻنپھرن جو، سردار محمد افضل خان ڇھھ
ھزار لشڪر ساڻ ڪري جنگ لاءِ جبل مان نروار ٿيو.
خبر ملندي ئي جنرل رائٽ
جنرل ساڪو ۽ ٻيا ٻارھن فوجي سربراھھ، چالاڪيءَ ۽
ھوشياري سان ھٿيار پھنوار سنڀالي، تيار ٿي ٻھ
پلٽڻيون ۽ ڇھھ توبون ساڻ ڪري، محمد افضل خان جي
مقابلي لاءِ ميدان ۾ آيا. ھڪ پھر کان پوءِ جنگ جا
ڌوڙيا شروع ٿي ويا، جنھن ۾ ٻنھي پاسن کان ڪيئي
ماڻھو ضايع ٿيا.
انگريزن سڄو لشڪر ورائي غزني جي قلعي تي چڙھائي
ڪئي، ايتري ۾ قلعي مان توبن جا ٻھ گولا اچي مٿن
ڪريا، جيڪي لشڪر جي بلڪل وچ ۾ اچي پيا. نتيجي ۾ ٻھ
ماڻھو ۽ ٻھ وھٽ، ھڪ اٺ، ھڪ گھوڙو ڪاڳر وانگي ھوا ۾
اڏامي ويا. انگريزن اھو گولو کڻي ان جو وزن ڪيو تھ
پورا ڇھھ سير تور ٿيو. انھيءَ صورتحال سڄي لشڪر ۾
ھورا کورا وجھي ڇڏي ۽ ھرڪو ھراس ۾ اچي ويو. نيٺ
ڪرنل ميرٽ
ميجر ڪالس گورا ڪمپني، باشاھي فوج ۽ ڪپتان لارڊ
ليفٽيننٽ ڪرشينجنرل
ڪاٽن
وغيره، محمد افضل خان سان منھن ڏيڻ لاءِ جبل تي
چڙھي ويا ۽ نئين سر جھيڙو جوٽيائون. انھيءَ
چڙھائيءَ ۾ انگريزن جي لشڪر جا اڍائي سو ڄڻا ڪاڳرن
جي پرزن جيان واءُ ۾ اڏامندا پٽ تي ڪرندا ويا. شام
ٿي تھ خدا جي قدرت سان – ٽيھھ ڄڻا محمد افضل خان
جي لشڪر مان گرفتار ڪيا ويا، جن کي انگريزن حفاظت
سان وڃي شاھھ شجاع وٽ پيش ڪيو. انھيءَ وقت شاھھ
شجاع انھن کي قتل ڪرائي، انھن جا لاش ڪفن دفن
بدران جھنگ ۾ اڇلائي ڇڏيا. سڄو ڏينھن ھڪ طرف جنگ
جا جتن تھ ٻئي پاسي لقمان واري ڏاھپ مورچي بندي ۽
کاھين کوٽڻ ۾ رڌل رھي. جڏھن سارو انتظام ٿي ويو
تڏھن مٿان حڪم آيو تھ فوج جا سڀئي ننڍا وڏا عملدار
۽ سپاھي سوير صبح جو قلعي ۾ پھچي وڃن، جتي دشمن جي
سپاھھ مان قتل کان پوءِ پاڻ سان مئل سپاھي جي منڍي
آڻيندڙ کي ھڪ ھڪ اشرفي انعام ۾ ڏني ويندي.
سج اڀرڻ تي سموري فوج جا سوار توڙي پيادا، ٺھي ٺڪي
قلعي ڏانھن ويا، جنھن کي چوڌاري گھيرو ڪيو ويو.
قلعي جي اولاھين دروازي کان ھڪ ھزار وکن تي کاٽ
ھڻي، ان ۾ بارود ڀري باھھ ڏني ويئي؛ ان سان گڏ
لاڳيتيون ٽي ھزار توبون ۽ بندوقون ڇوڙيون ويون.
انھيءَ مان وٺي جو ڌڌڪا اٿيا تھ ڌوڙ ۽ دونھين جو
طوفان (اوٿر) مچي ويو، جنھن کان اوري پري ڪجھھ بھ
نظر نٿي آيو.
قلعي جو دروازو توبن جي گولن سان پروڻ ٿي اچي پٽ
تي ڪريو، انھيءَ وقت حسني پلٽڻ ۽ گورن چڙھائي شروع
ڪري ڏني ۽ قلعي اندر داخل ٿي ويا.
قلعي ۾ ھنن جي پھچڻ کان اڳ ھندستان جا ٽي ھزار
غازي ۽ بھادر مرد موجود ھئا. جيئن انگريزي فوج جي
چڙھائي ٿي تھ انھن مسلماني حميت ۽ ايماني غيرت سان
اھڙو سخت مقابلو ڪيو، جو ٽي ڀيرا انگريزن جي حسني
پلٽڻ کي شڪست کائي قلعي کان ٻاھر ڀڄڻو پيو. نھ رڳو
ايترو، بلڪ قلعي کان ٻاھر اچي ھنن ٻين کي ڏس ٿي
ڏنا تھ ھن قسم جا غيور ۽ بھادر قلعي ۾ لڙي رھيا
آھن! اھو حال ڏسي انگريزن ھزار قدم پوئتي ھٽي،
توبن جا وار شروع ڪيا. انھن بھادرن جي سورھيائي جي
ڪري سڄي فوج ٿرٿلي ۾ آيل ھئي.
پنھنجي سپاھھ کي پٺتي پوندڙ ڏسي ڪين
جنرل ۽ ڪمانڊر ان چيف واڪو ڪندي چيو: مڙس ٿي ميدان
ملھايو، زالن وانگي چوڙين پائڻ جي نھ ڪريو! اھو
ٻڌي سپاھي اڳتي وڌندا ويا. ھوڏانھن غازين جا ٻھ ھڪ
ٻئي پٺيان وار ٿيندا رھيا، جن ۾ انگريزن جا ڪيئي
ماڻھو مارجي ويا تھ ڪيترا زخمي ٿي پيا.
تنھن کان پوءِ بينگال جي فوج ۽ بمبئي واري ڪمڪ
چئني طرفان قلعي تي ڪڙڪي ڪئي، جنھن کي پڻ غازين
پنھنجي اڙ ۾ آندو، تنھن ھوندي بھ غلام حيدر خان جا
ڪي پراڻا ملازم نمڪ حرام ٿي ڏوڪڙن جي جوفي تي
پنھنجو دين ايمان وڪڻي، ڪمپني جي چرچ تي ڪارو منھن
ڪري جنگ مان پاسيرا ٿي نڪري ويا. قلعي ۾ جيڪي غازي
سر تريءَ تي رکي وڙھي رھيا ھئا، تن جو پاسو ھلڪو
ٿي پيو ۽ ھڪ ٻئي پٺيان شھادت جو جام پيئندا جنت ۾
داخل ٿيندا ويا.
غازين جي شھادت کان پوءِ انگريز ھڪدم قلعي ۾ داخل
ٿيا ۽ فتح جا نغارا وڄڻ لڳا. قلعي ۾ جيڪو بھ سامان
ھو، جھڙوڪ: ٽي ھزار ترڪي، عربي ۽ ايراني گھوڙا ٻھ
ھزار ڪابلي، بلخي، بغدادي ۽ بخاري اٺ، ايراني،
اصفھاني، طھراني، فارسي، عربي خنجر ۽ تراريون،
سوين قسم جون ريشمي ڪشميري شالون، ڪشمش، بادام
پستن جا ھزارين مڻ، ديسي گيھھ، اٽو، چانور ھزارين
ٻيا ھٿيار: تنھن کان سواءِ ھزارين ڪتاب، جن ۾
منطق، معاني، اصول فروغ، صرف، نحو جا عربي فارسي
ڪتاب، جيڪي بھ ھئا، سڀ سرڪاري گدام ۾ داخل ٿي ويا
غلام حيدر خان
انھيءَ شڪست کان پوءِ فرار ٿيڻ عار سمجھي، اڪيلي
سر ترار ھٿ ۾ ڪري قلعي ۾ ڪرسي (تخت) تي ويھي رھيو؛
سندس چوڌاري ڪمپني جا عملدار اچي بيٺا. ايتري ۾
ڪمانڊر اِن چيف حڪم ڏنو تھ حسني پلٽڻ، جنرل رائٽ،
برنس جونيئر، پنجاھھ سوار ۽ احمد يار خان ولد وزير
وفادار خان ۽ ڪپتان پرٽ قلعي ۾ وڃي غلام حيدر خان
کي ٻاھر ڪڍي اچن.
ھنن انگريزي عملدارن ڪمانڊر جي حڪم موجب غلام حيدر
خان کي قلعي مان ٻاھر آندو ۽ کيس ڪمانڊر جي تنبوءَ
۾ پھچايائون، جنھن ڏاڍي عزت ۽ مان سان ھن کي
ڪرسيءَ تي وھاريو. پوءِ وڏي آڌر ڀاءُ سان گھوڙي تي
سوار ڪيو ۽ پاڻ ساڻس گڏجي کيس شاھھ شجاع جي خيمي ۾
وٺي آيو.
غلام حيدر خان لاپرواھي سان اندر ويو ۽ بنا چوڻ جي
ڪرسيءَ تي ويھي، شاھي آداب تھ بجا نھ آندائين،
اٽلندو شاھھ شجاع کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ لڳو. پوءِ
پاڻي گھريائين تھ کيس شاھھ شجاع واري گگھيءَ مان
ڏنو ويو. شاھھ شجاع چيس تھ پاڻي پيءُ. جواب ۾
انڪار ڪيائين، آخر مرزا قلي بيگ جي گگھيءَ مان کيس
پاڻي پياريوويو، جيڪو نئون مسلمان ٿيل ھو. اھا
مجلس جيتريون گھڙيون ھلي، ڪنھن جي منھن تي مرڪ نھ
وري. تنھن کان پوءِ غلام حيدر خان کي واپس ڪمانڊر
واري تنبوءَ ۾ آندو ويو، جتي ھو آرامي ٿيو.
شاھھ شجاع گھڻي ڪوشش ڪئي تھ غلام حيدر خان جو بازو
سندس حوالي ڪيو وڃي، پر انگريزن ائين ڪرڻ نھ ڏنو.
ان کان علاوه غزني جي قلعي مان جيڪو مال اسباب ھٿ
آيو، سو بھ انگريزن ڦٻائي ڇڏيو. جنگ ۾ جيڪي
انگريزن جا سپاھي ڪتب آيا، تن جا لاش گڏ ڪري، کاھي
کوٽي ان ۾ دفنايا ويا. ليڪن جيڪي غازي شھيد ٿيا،
تن جا لاش بي گور و ڪفن جنگ جي ميدان ۾ پيا رھيا.
مسلمانن ڏاڍيون نيزاريون ڪيون تھ اھي لاش اسان کي
ڏياريا وڃن تھ جيئن پيغمبري دين موجب انھن جي ڪفن
دفن جو انتظام ڪرڻ ۾ اچي، پر سرڪار ڪونھ مڃيو. خدا
جي قدرت سان انھيءَ ئي رات اھي لاش جنگ جي ميدان
مان غائب ٿي ويا، خبر ئي ڪانھ پئي تھ ڪيڏانھن ويا
ھليا. انھن جو ڪو نشان تھ ڪونھ مليو پر سندن رت،
جيڪو زمين تي وھايل ھو، ان جي بھ ڪا بوءِ بڻاس
ڪانھ رھي- والله اعلم!
انھيءَ کان وڌيڪ عجب جي ڳالھھ اھا تھ ھڪ غازي قلعي
جي برج ۾ ويٺل ھو، جنھن بندوق جا فائر پئي ڪيا،
انھيءَ ڌڪن سان ستر ڄڻا انگريزي فوج مان مري ويا.
لشڪر مان جيڪو بھ ان غازي ڏانھن ٿي ڌيو، سو واپس
نٿي آيو، ٽن ڏينھن کان پوءِ اھو مرد مجاھد بھ ائين
غائب ٿي ويو، جو ڪنھن ڏٺوئي ڪونھ!
غزني واري قلعي جي وچاڳ ۾ زمين اندر اھڙا وڏا پھرا
ٺھيل ھئا، جو انھن ۾ رھندڙن بابت انگريزن جي ڪنھن
بھ فرد کي ڪا ٻاڦور نھ پئجي سگھي. نيٺ ڪيترن مھينن
گذرڻ کان پوءِ اٺ سؤ جوان عورتون پنھنجن ٻارن سان،
پنج سو خراساني مرد ۽ ٽي سو گھوڙا، اتان نڪري ڪنھن
پاسي راھي ٿي ويا. لشڪر مان ڪنھن بھ انھن جو اڳ نھ
ورتو نھ وري کانئن ڪا پڇا ٿي تھ ڪير آھيو ۽
ڪيڏانھن پيا وڃو!
پنجن ڏينھن کان پوءِ قلعي جو سمورو سامان انگريزن
ٻاھر ڪڍيو ۽ باقاعدي حڪومت جو اعلان ڪرايائون،
جنھن موجب غزني ۽ اوسي پاسي وارا علائقا سندن ڌاڪ
۾ آيا.
*
(٥٨)
غزني جي قلعي جي فتح کان پوءِ انگريزن جو ڪابل جي
تخت گاھھ ڏانھن وڌڻ، امير دوست محمد خان جو قاضي
قلعي تائين سندن مقابلي لاءِ ڪھي اچڻ ۽ نمڪ حرام
خانن جي دغا سان شڪست کائي بلخ ڏانھن نڪري وڃڻ ۽
اتي محمد اڪبر خان (پنھنجي پٽ) سان گڏ گرفتار ٿي،
بخارا اچي بادشاھھ وٽ پھچڻ:
سال ١٢٥٥ھھ (١٨٣٩ع) ۾ انگريزن، شاھھ شجاع سان گڏ
غزني جو قلعو غضب ڪيو. ان کان پوءِ حسني پلٽڻ ۽
ڪرنل اليگزينڊر جو رسالو قيدين جي حفاظت لاءِ قلعي
۾ ڇڏي، سڄي فوج بمبئي، بينگال ۽ شاھھ شجاع واري
اڳيان ڪري سوڀ جا نغارا وڄائيندا ڪابل
ڏانھن قافلا ۽ ڪونتل ڪڏئيندا ويا. انھيءَ روانگي ۾
ڇھن منزلن کان پوءِ ھنن کي اھا کڙڪ پئي تھ پويان
امير دوست محمد خان پنھنجي پياري پٽ غلام حيدر خان
جي اسيريءَ جي غم اوندھھ جي باوجود، تنھن سان گڏ
پنھنجي لشڪيرين جي نفاق ۽ دغا ھوندي ۽ جنگ ۾
رتوڇاڻ کان پوءِ بھ، ڪابل مان ڪھي ٻارھن ڪوھن جي
فاصلي تي اچي قاضي قلعي ۾ منزل انداز ٿيو آھي، جتي
وڏي ھمت ۽ حوصلي سان مورچھ بندي پيو ڪري. اھو قلعو
ڪابل کان پندرھن ميل پرتي قنڌار واري پيچري تي ھو.
انگريزن اھا خطرناڪ خبر ٻڌي، راتو واھھ پنھنجي
لشڪر کي چوڪس رھڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي پاسي ڇا ٿيو، جو
امير دوست محمد خان جي نوڪرن نمڪ حرامي ڪري ڪروڌ ۾
منھن وڌو ۽ ھڪ ھڪ ٿي کانئس الڳ ٿيندا ويا؛ انھيءَ
ضد تي تھ ھو انگريزن سان وڙھڻ لاءِ ڪنھن بھ صورت ۾
تيار نھ ٿيندا.
اھي سڀ جٿن جي شڪل ۾ اتان جدا ٿي، انگريزن جي لشڪر
سان اچي مليا. امير دوست محمد خان ويچارو ٿي ميدان
۾ ھيڪلو رھجي ويو. سندس پٽ سردار اڪبر خان، جيڪو
بھادريءَ ۾ بي نظير ھو، پنھنجي والد سڳوري جي حڪم
موجب، جنھن کي شھزادي محمد تيمور، بخشي ويد
۽ خالصھ سنگھھ جي مقابلي لاءِ خيبر لڪ تي مقرر ڪيو
ھو، سو اتان ھلڻ وارو ٿيو تھ کيس سنبرندي ئي زھر
ڏئي مرڻينگ حالت ۾ آندو ويو.
امير دوست محمد
خان، جو پنھنجي دلير ۽ دلبند پٽ جو اھو حال ڏٺو تھ
سندس دل ھارجي ويئي، پر صبر کان سواءِ ڇا ٿي ڪري
سگھيو. اھو سردار اڪبر خان، ايڏو تھ جانباز ۽
سورھيھ مڙس ھو، جو سندس ثاني نٿي سمجھيو. ھو
جيستائين خيبرلڪ ۾ رھيو، تيستائين سندس دشمن کانئس
ڪو کائي پھاڙن ۾ روپوش ٿي رلندا ٿي رھيا، پر قسمت
سندس اھا ھئي جو پنھنجن جي حرامپائي سان زھر گڏايل
کاڌو کائي، انھيءَ ارچڻ ۾ اچي ويو. انھيءَ ئي اڌ
مئي حالت ۾، امير دوست محمد خان، سردار محمد اڪبر
خان کي پنجن ھزارن گھوڙن، باربردار ڊڊن (وھٽن)
ٻنھي فرزندن، ستن ڀاڻيجن، تيرھن ڀائٽن، ٻٽيھن
پوٽن، ٽي سو ھندستاني غازين ۽ چار سو چاڪرن سان،
جيڪي سندس گھڻ گھرا ۽ غمخوار ھئا، گڏي بلخ ڏانھن
اماڻي ڇڏيو. انھيءَ پنھنجن جي پرائپ، دغابازي ۽
نمڪ حراميءَ جي نتيجي ۾ سڄو پڙ پالھو ٿي ويو امير
دوست محمد خان جي غير موجودگيءَ جو فائدو وٺي
انگريز سنئون سڌو ڪابل اندر ڪاھي پيا.
شھر جي رونق، بازارين جي بھاري، عاليشان عمارتون،
حوض، باغ باغيچا ۽ ٻيا نظارا ڏسي انگريز وائڙا ٿي
ويا. ڪابل اصل ۾ دارلجنت ھو، جنھن ۾ شيرواني، مراد
خاني ۽ ٻيا مشھور معروف محلا ھئا، جن جا لڳ الڳ
سردار ٻڌايا وڃن ٿا. ڪنھن جي مجال نھ ھئي جو بنا
ڪنھن اذن جي انھن ۾ پير پائي سگھي ھا.
ھڪ ڏينھن اتفاق سان انگريزي فوج (تلنگھ) جا پنج
جوان گھمندي وڃي اتي نڪتا تھ کين قتل ڪري ڍورين ۾
اڇلايو ويو، جنھن جي ڪنھن کي ڪل ڪانھ پئي تھ
ڪيڏانھن ويا ھليا. اھا خبر جڏھن لارڊ صاحب کي پئي
تڏھن حڪم ڪيائين؛ ڪوبھ شخص انھن چئن محلن ڏانھن نھ
وڃي. جيڪو ويندو، تنھن جو سر سلامت نھ ھوندو. اھو
حڪم، پڙھي (منادي) جي صورت ۾، چئني پاسي ٻڌايو
ويو.
فارغ ٿيڻ کان پوءِ انگريزن پھريون ڪم اھو ڪيو جو
نمبر ٻي رسالي مان پنجاھھ سوار ليفٽيننٽ لارڊ،
ڪپتان ملار، گلاب سنگھھ صوبيدار سميت ۽ پندرھن
سوار حاجي خان ڪاڪڙ جا برگيڊيئر جنرل سيل،،
ڪرنل اوڊ، ميجر فلسن،
ڪپتان نل ۽ ڪرنيلي،
سان گڏي، امير دوست محمد خان جي پويان
اماڻيائون،جيڪي ھڻندا ماريندا، ڪابل کان ھڪ سو
ڪوھھ (ٻھ سو ميل) پرتي بلخ پاسي باميان تائين وڃي
رسيا. ھتي پھچي ھنن ملڪ کي خوب ڏٺو وائٺو، ساز
سرود وڄائيندا ۽ خوشيون ڪندا، امير موصوف جي ڳولا
۾ ڇاپا ھڻندا رھيا. اوچتو ڪابل مان کين خبر پھتي
تھ امير دوست محمد خان اوزبڪ واري علائقي ۾ ڀيڙو
ٿيو آھي، جتي اتان جو والي مرزا مراد بيگ سندس
مھمانداري پيو ڪري.
امير دوست محمد خان ڀريا ٻھ مھينا اتي گذاري، تھان
پوءِ بلخ اسھيو. اتي بلخ جي والي ھن جي ڏاڍي مھمان
نوازي ڪئي ۽ کيس وڏو مان ڏنائين. ھتي بھ امير
موصوف پورا ٻھ مھينا گذاريا. انھيءَ عرصي ۾ بخارا
جي بادشاھھ پاران امير جي طلب لاءِ ڪي اٺ سوار اچي
نڪتا.
امير دوست محمد خان، حڪم موجب، ٻار ٻچا بلخ ۾ ڇڏي،
سردار اڪبر خان کي ساڻ ڪري بخارا ويو. دستور موجب
بادشاھھ جي سلامي ڏنائين، جنھن مٿس نوازشون ڪندي
کيس ھڪ خاص قلعي اندر رھايو، جنھن ۾ سڀ ڪجھھ حاضر
ھو. ڪڏھن قضاني امير اتان ھلي بنا ڪنھن جھل پل جي
شاھي درٻار ۾ پئي آيو ويو.
ھڪ ڀيري ھيئن ٿيو جو، بخارا جي بادشاھھ پنھنجي
مجلس ۾ امير دوست محمد خان سان ڳالھيون ڪندي ڪي
سخت سخن وات مان ڪڍيا. امير سوچ ۾ پئجي ويو ۽ جواب
۾ جيئن دير ٿي تھ سردار محمد اڪبر خان، جيڪو نھايت
بي ڊپو ۽ دلاور ھو، تنھن سٽ پائي ساڳين لفظن ۾
بادشاھھ کي ورندي ڏئي ڪڍي. بس پوءِ تھ ڄڻ بادشاھھ
سلامت جو بگل ئي ڦري ويو. امير دوست محمد ان
پنھنجي پٽ سان گڏ اتان اٿي ٻاھر نڪتو تھ پويان
بادشاھھ ھڪدم تاءُ ۾ اچي سردارسعيد خان کي ٻن
ھزارن اوزبڪن سان گڏي حڪم ڏنو تھ جلدي وڃي امير
دوست محمد خان کي واپس آڻي درٻار ۾ حاضر ڪيو وڃي.
سردار سعيد خان، امير جي پٺيان ويو ۽ واٽ تي ئي
وڃي سندس اڳ جھليائين، ان وقت امير سان ست اٺ سوار
ساڻ ھئا. ٻنھي جي وچ ۾ اچي چڪري لڳي، جنھن ۾ ٽيھھ
اوزبڪ سوار قتل ٿيا ۽ امير دوست محمد خان جا اٺ
سوار مارجي ويا. ان سان گڏ اھي ٻئي (امير دوست
محمد خان ۽ سندس پٽ سردار اڪبر خان) بھ ڦٽجي بيھوش
ٿي پيا، جن کي گرفتار ڪري بادشاھي جي اڳيان آندو
ويو. بادشاھھ سندن جا بخشي ڪري کين قيد ۾ وجھڻ جو
حڪم ڏنو. ھنن جي ڦٽن جي علاج لاءِ جراح حڪيم مقرر
ڪيو ويو، جنھن ٿوري عرصي ۾ ٻنھي کي چيٺي چڱو ڀلو
ڪري ڇڏيو.
امير دوست محمد خان جي قيدي ٿي رھڻ دوران، انگريزي
عملدار ڪابل جي آسپاس پنھنجي موجن ۾ مگن ھئا، جتان
ڪنھن ڏينھن بربر.
واري بند ڏانھن وڃي، سير تفريح (وندر ورورنھن)
ڪري، وري ڪابل ۾ اچي سرڪاري ڪم ڪار سان ٿي لڳا.
کين آئندي جي ڪا ڄاڻ ڪانھ ھئي تھ انت ڇا ٿيڻو آھي!
(٥٩)
انگريزي فوجن جي ڪابل کان واپسي، قلات جي والي مير
محراب خان بروھي سان جنگ، جنھن ۾ مير موصوف جو
شھيد ٿي وڃڻ:
ساڳي سن ١٢٥٥ھھ (١٨٣٩ع) ڌاري انگريزن ڪابل شھر جي
ٻاھران ڇانوڻي ٺھرائي، جاين جڳھن جي مرمت ڪرائي، ۽
پوريءَ طرح رھائش اختيار ڪئي. انھن مان اليگزينڊر
برنس نواب امين الملڪ جي سراءِ ۾ رھڻ لڳو ۽ خوب
عيش ڪندو رھيو. ھڪ مھيني کان پوءِ وڏن صاحبن وٽان
اعلان ٿيو تھ بمبئي جي فوج، جنھن رستي کان آئي،
تنھن رستي رواني ٿي وڃي. انھن کي جيئن تھ قلات تي
قبضي ڪرڻ جو ارادو ھو، ان ڪري پھريان بينگال واري
فوج مان ھڪ گوارا رجمينٽ ٻي ترڪ سوارن جي کيپ ۽
توبخانا قيدين سان گڏي ھندستان اماڻي ڇڏيائون. ٻي
رسالي مان ھڪ پلٽڻ غزني طرف موڪلي، ويھن ڏينھن
اندر غلام حيدر خان کي آڻڻ جو حڪم ڏنو ويو، جنھن
کي ٻھ ڏينھن ڪابل ۾ ترسائي وري حاجي خان ڪاڪڙ جي
ھمراھيءَ ۾ جنرل ساڪول
سان گڏ پشاور رواني ڪرڻ جو آرڊر ٿيو.
غلام حيدر خان کي پشاور مان اٽڪ کان ٻيڙين رستي
سکر، بکر ٽپائي بمبئي موڪليو ويو ۽ حاجي ڪاڪڙ
ھندستان ويو ھليو. ھوڏانھن بمبئي واري فوج ڪابل
مان نڪري بولان جي لڪ تائين اچي ويئي. جنرل صاحب،
گورن جون چار پلٽڻيون ۽ توبخانا ساڻ ڪري، قلات
ڏانھن راھي ٿيو.
ھيءُ اتي پھتو تھ قلات جي والي مير محراب خان سندس
ڏاڍي خوشامد برآمد ڪئي. کيس اھا خبر ڪانھ ھئي تھ
اڳتي ڇا ٿيندو! انگريز بھادر ھن ڏانھن دوستيءَ جو
ھٿ وڌائيندي نياپو موڪليو تھ مھرباني ڪري اسان وٽ
اچ تھ توکي پنھنجي پلٽڻ گھمائي ڏيکارجي، ليڪن مير
محراب خان لنوائڻ جي ڪئي. اوڙڪ (آخرڪار) وڏين منٿن
سان مير موصوف کي پاڻ وٽ گھرائي ورتائين، نيٺ تھ
انگريز ھو. مير محراب خان آيو تھ ٿوري دير ساڻس
ڪچھري ڪري کيس پلٽڻ جا ڪرتب ڏيکاريا ويا. اچانڪ
بندوقن ۽ توبن جا منھن مير صاحب ڏانھن ٿي ويا،
جنھن کان ھي گھٻرائجي پنھنجي ساٿين سميت تراريون
مياڻ مان ڪڍي پلٽڻ تي الر ڪئي ۽ ڪيترن کي ماري
واپس قلعي جي ميرن ڏانھن نڪري آيو، پر ان کان اڳ
ٻھ پلٽڻيون قلعي تائين پھچي چڪيون ھيون، جن سندس
دڳ جھليو. ان تان ٻيھر ويڙھھ شروع ٿي، جنھن ۾ مير
محراب خان ايماني غيرت ۽ مسلماني حميت جا چڱا جوھر
ڏيکاريا. آخر شھيد ٿي ويو.
اھو جمعي سدوري جو ڏينھن ۽ رمضان جو ڀلارو مھينو
ھو.
مير محراب خان کي انگريزن جي انھيءَ مڪاريءَ جي
خبر ڪانھ ھئي. ھن انگريزن سان جيڪي ڀلايون ڪيون،
جن جي مھابي ھو سندس ملڪ مان لنگھي خراسان ڏانھن
وڌيا ھئا، تن کي ڏسندي ھن کي اھو يقين ھو تھ ساڻس
اھڙي ڪابھ ھلت نھ ٿيندي، تنھن ھوندي بھ ملا
رحيمداد ۽ محمد حسن ھن کي روڪيو ھو تھ بھ مٿس ڪو
اثر نھ ٿيو تھ انگريز ائين ھوڙھيائي ڪري بنا ڪنھن
سبب جي مٿس ڪابھ ھلان ڪندا.
حقيقت اھا ھئي تھ
پوٽ سٽ جنرل جيئن قلات ڏانھن پئي آيو تھ ان وقت
مير محراب خان کي کڙڪ پئجي وئي ھئي تھ ڪانھ ڪا
ڳالھھ ٿيڻي آھي. انھيءَ خيال کان پنھنجي ڀاءُ محمد
اعظم خان کي بلوچن ۽ بروھي جي علائقن ڏانھن اماڻيو
ھئائين، پر ھنن پنھنجي نفاق جي ڪري ھن جي ھڪ بھ نھ
ٻڌي، ڇو تھ اڳواٽ ئي ھرڪو ھڪٻئي سان ناٺاھھ ھو.
ليڪن سراوان ۽ جھالا وان وارا ڪيئن بھ ڪري دل ٻڌي
ٻارھن ھزار لشڪر گڏ ڪري محمد اعظم خان جا ساٿاري
ٿي، قلات ڏانھن وڌڻ لڳا، پر انھن جي پڄڻ کان اڳ
مير محراب خان شھيد ٿي چڪو ھو.
ھن جي شھادت کان پوءِ انگريزن لاءِ عيد ٿي ويئي.
ساري شھر کي اٿلائي پٿلائي خوب لٽيائون ڦريائون.
لکن رپين جي روڪڙ ۽ قيمتي جواھرن کان علاوھ ريشم ۽
اطلس سان گڏ ھٿيار، جوھردار تراريون، رومي
بندوقون، ولايتي گھوڙا وغيره ھٿ ڪري خوش ٿيا. ان
کان سواءِ ماڻھن جي جيڪا تباھي ٿي، سا حد کان ٻاھر
ھئي. اٺن ڏينھن گذرڻ کان پوءِ، انگريزن اعلان
ڪرايو تھ شھر ۾ ھاڻ مڪمل امن امان رھندو، سو ڪنھن
کي بھ ھراس ۾ نھ رھڻ کپي، سارو ملڪ، جيڪو محراب
خان جي ھٿ ھيٺ ھو، انگريزن جي حڪم ھيٺ اچي ويو.
جنرل ۽ شاھنواز خان بروھي (مير محراب خان جو سؤٽ)
۽ لبدين صاحب
قلات تي حاڪم مقرر ڪيا ويا. ملا رحيمداد ۽ محمد
حسن کي گرفتار ڪري کين شڪارپور آندو ويو، جيڪي بکر
جي قلعي ۾ باندي ٿيا. پڇاڙيءَ ۾ صاحب پاڻ بمبئي
روانو ٿيو.
سنڌ جو ايجنٽ راس بيل قلات کان ڪوئيٽھ تائين
سرڪاري ڇانوڻين قائم ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيو. مير محراب
خان جو پٽ، مير نصير خان ٻالجتيءَ ۾ پيءُ جي شھادت
کان پوءِ، پنھنجي ماءُ بيبي گنجابھ ۽ ٻي اھل سميت،
تنھن سان گڏ نائب گل محمد خان ۽ ڪيترا ٻيا سندن
سرڪردا، ڪوھستان ۾ ڀٽڪندا رھيا. انھيءَ حال ۾ بھ
انھن انگريزي فوج کي تنگ ۽ تاراج ڪرڻ ۾ رتي ڪانھ
ٿي رھائي.
*
|