سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 2

(٦)

ميرن جي وڪيلن (سفيرن) جي پشاور ۾ رونشي بازي، مير اسماعيل شاھھ جو لطيفي نالي ڪڃريءَ تي عاشق ٿي کيس پاڻ وٽ ويھارڻ، ٿورن ڏينھن کان پوءِ لطيفيءَ جو بيزار ٿي ڀڄڻ ۽ مير اسماعيل شاھھ پاران کيس آزيون نيزاريون ڪرڻ، جنھن تي (مؤلف ھٿان) لطيفي ڪڃريءَ جو کتو جواب لکرائي موڪلڻ(1):

مير اسماعيل شاھھ جو خط:

روحاني بھار جي تازي ٽڙيل مکڙي ۽ سدا بسنت گلزار جي سوکڙي، مٺڙن چپن ۽ موھيندڙ مھانڊن واري محبوبڙي، عذرا ۽ ليليٰ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ خوش نگاھھ، عنبرين زلفن ۽ نسرين جي سڳنڌن سان سنواريل منھنجي جند، منھنجي جان لطيفيءَ جي دلربا مجلس ۾، ھن فراق جي ڦٽيل عاشق جو سلام پھچي!

عرض تھ جڏھن کان تنھنجي عشق جو تير ناز ڀرين ڀرون جي ڪمان مان نڪري اسان جي دل کي ھدف بڻائي ويو. اسان گھايل ٿي ڪي ڏينھن توسان گھاري تنھنجي لطف ۽ ڪيف ڀريل ملاقاتن سان پنھنجو روح ريجھائيندا رھياسين.

اسان ٻئي (تون ۽ مان) دليؤن جانيون باغ ۽ باد صبا جئان ھيڪاندا ھئاسين، اوچتو قضا اسان عشق جي مارين کي ھڪ ٻئي کان وڇڙائي اسان کي ديوانن جي دنيا ۾ داخل ڪري ڇڏيو. اسان تڏھن کان رات ڏينھن برھھ جي باھھ ۾ دل جو سک ۽ سڪون ڦٽائي فرھاد ۽ مجنون وانگي بي قرار پيا گذاريون ۽ ھر گھڙيءَ اکين مان لڙڪ لاڙي تنھنجي غم جي آبياري پيا ڪريون.

تو کان سواءِ ھڪ پل بھ جيئڻ ڏکيو پيو لڳي،

ڀلا ڪڏھن جسم بھ روح کان الڳ رھي ٿو سگھي!؟

منھنجي جانبڙي! تون ڪٿي آھين؟ جلد آءُ جو آءٌ تنھنجي زلفن جي زنجير ۾ جڪڙيل ۽ تنھنجي قرب ۾ ڪڙيل تنھنجي اوسيئڙي جي آوھھ ۾ ائين پيو پچان ۽ پڄران جيئن حرمل جا داڻا دکندڙ ٽانڊن تي پوڻ سان ٽِڙ ڪندا آھن.

تو کان سواءِ مون ۾ جيئڻ جي سڪ ناھي،

سيگھھ اچي اساٽيل اميدن جا بنديل دروازا کول،

تنھنجي جدائي ۽ تاراج ٿيل سندم عمر جو قافلو،

پنھنجي ارڪي ترڪي کان نرھھ ٿي چڪو آھي،

تنھنجي ميلاپ کان سواءِ اي منھنجا جان!

منھنجي نيڻن جي ننڊ حرام ٿي چڪي آھي.

خدا ٿو ڄاڻي تھ تنھنجي وڇوڙي ۾ منھنجي ذھن ۾ ائين پڙ پالھو ٿي ويو آھي جيئن شيشو بغير شراب جي ۽ محفل بنان ڪباب جي! مان پاڻيءَ بن ڦٿڪندڙ مڇيءَ وانگي پيو اٿلان پٿلان ۽ لڙڪن ڀريل اکين سان ٻارھوئي حيران پريشان پيو گھاريان.

منھنجي ڏکويل دل جيڪا تنھنجي سنگ ۽ سک سان نوازيل ھئي، تنھنجي خيال ۽ وصال کان سواءِ آسائش ۾ اچي نٿي سگھي. آس اٿم تھ پنھنجي مھر محبت سان منھنجي سار سنڀال لھڻ جي ڪندينءَ ۽ پنھنجي ڳانڍاپي سان مون کي ھن ڳاراڻي مان اچي ڇوٽڪارو ڏياريندينءَ.

منھنجي سانئڻ! سچ تھ مون ۾ ھاڻ جدائي جي سھپ جي سگھھ ڪانھ رھي آھي. ھن حال ۾ ڪنھن شاعر جو شعر سندم دل جي ترجماني ھن طرح پيو ڪري:

”تو کان پري رھي سک جا سپنا لھڻ،

وسري ويا اٿم،

مون کي ڪل ئي ڪانھ ٿي پوي تھ،

قرار ڇا ٿيندو آھي!

وڌيڪ تنھنجي جھوريءَ ۾ جھريل ڇا لکي!“

--

لطيفي ڪنڃريءَ پاران جواب:

”جسم ۽ جان جي چڪر ۾ ڦاٿل اسماعيل شاھھ جي نالي،“

وڄ جيان ڪڙڪندڙ اسان جي غيرتمند پيشڪارن جي ڊپ کان سيھڙ (سھي) وانگي سھڪندڙ عاشق کي معلوم ھئڻ گھرجي تھ: تنھنجو خط پھتو، جنھن مان انھيءَ دردشا جو پتو پيو، جيڪا اسان جي جدائي جي جنجل ۾ اسان جي مٿان مڙھي وئي آھي.

ڪم ظرف ۽ واتوڙي سڌڙيا!

ڀلا اھا ڪھڙي چڱ مڙسي آھي، جنھن تي اکيون پوري انڌن وانگي ٿاڦوڙا ھڻندو وتين ۽ ڌڌڙ ۾ پير ھڻي پيو ڊوڙين!!

عاشق بڻجي ائين پٽاڙن ۾ پوڻ، اھا بھ ڪا عشق جي ريت آھي؟

شمع کي نٿو ڏسين تھ ڪيئن سڙي خاڪ ٿيڻ کان پوءِ بھ ٻاھر ٻاڦ نٿي ڪڍي ۽ ويچارو پروانو ڪيئن ماٺ ميٺ ۾ پنھنجا پساھھ پورا ٿو ڪري! ٽرڙي ڪڪڙ وانگي سنجھي کان صبح تائين دس پويان دس ھڻندڙ، عشق سکڻو اٿئي تھ پرواني کان وڃي سک جيڪو سڙي خاڪ ٿئي ٿو تھ بھ ڪو سرٻاٽ نٿو ڪري. ھروڀرو باھھ جي ڄڀيءَ جئان ڄڀ تاڻي ٻاھر ڪڍڻ، پاڻيءَ وانگي واءُ تي اويڙن ۾ پوڻ ۽ واچوڙي جيان ڌوڙ اڏائڻ، ڪھڙي سياڻپ واري ڳالھھ ٿي سگھي ٿي؟

تو اڃا اسان جا قھري ۽ ڪاپاري ڌڪ نھ کاڌا آھن، نڪي عشق جي جانڊھھ ۾ جوٽيو آھين نھ وري اسان جي پنبڙين جي پيڪان سان پنھنجو سينو سٽايو ۽ ڦٽايو اٿئي. اڃا اسان جي جفائن جو خنجر تنھنجي ڪک تائين ڪونھ رسيو آھي. تو سان جيڪا رتيءَ ماتر مھرباني ڪئي وئي تنھن تي ايڏو زور وٺي وئين جو ھيڏي ساري ڊيگھھ ۾ اجائي بڪ لائي ڏني اٿئي. ھاڻ ھوش سنڀال نھ تھ آءٌ اڳو پوءِ پنھنجيءَ تي اچي تو سان اھا تعدي ڪنديس جو جان جوکي ۾ پئجي ويندءِ! ٻڌو نھ اٿئي تھ شيخ سعديءَ ڇا چيو آھي:

عاشق، محبوبن جا ڪٺل آھن.

ڪڏھن ڪنھن ڪٺل بھ ڪڇيو آھي؟

عاشق ٿئين تھ آرام طلبڻ جو ڌيان ئي دل مان ڪڍي ڇڏ! ڇاڪاڻ تھ ھيءُ معاملو ڏاڍو ڏکيو آھي. بربل کي کپي تھ ٽاريءَ ٽاريءَ کان ٽارو ڪري جو عشق جي باغ ۾ گلن سان گڏ ڪنڊا بھ ھوندا آھن. بيوقوف! ڀلا تون ڇا ٿو سمجھين تھ عشق ڪنھن گل جو نالو آھي؟ جيڪو بھار ۾ ٿو ٽڙي، يا اھا بھ ڪنھن ولايت جي وستي ٿي سگھي ٿي. ھرگز نھ!! بلڪ ھيءَ ھڪ باھھ آھي، جيڪا پنھنجي چڻنگ سان جھنگ ججھر تھ ڇا، سڄو جڳ جھان جلائي ڀسم ڪري سگھي ٿي. ھي (عشق) تھ موت مار رت پاڻي جو ڳوڙھو آھي. جنھن جو سواد انسان جي زندگي زھر ڪري ڇڏي ٿو.

عشق اھا باھھ آھي، جيڪا

محبوب کان سوا سڀ کي

ساڙي ڇڏي ٿي!

عشق جي منزل پراھين ۽ اونداھي آھي، جنھن جو ڪو اٿو مٿو ڪونھي. چڱو اٿئي تھ پنھنجا پير جھل، اجايو پاڻ کي آڙاھھ اندر نھ اڇلاءِ! پر جي تو کان اھو نٿو پڄي تھ صبر کان ڪم وٺ، ايڏو گھمسان نھ ڪر ۽ ائين وتئون نڪري انڌ ۾ نھ پئو! دلجاءِ ڪر تھ آءٌ ٻين جي سنڀال سان گڏ (جڏھن تنھنجو وارو آيو) تنھنجي سار بھ لھنديس. باقي سدائين گڏ رھڻ جي اجائي سڌ نھ ڪجانءِ نھ تھ ٻڌائي ٿي ڇڏيانءِ تھ ان مان ڪا چڱائي پلئھ ڪانھ پوندءِ!!

”اميد تھ ايترو کوڙ اٿئي.“

مؤلف ٿو لکي تھ: ھن جڏھن مير اسماعيل شاھھ اڳيان اھو خط رکيو تھ پڙھي ٺپ ٺري پيس، ڏاڍي پاٻوھھ مان مون کي آسيسون ڏئي پنھنجيون نوازشون ڪيائين، سچ آھي، ماڻھو جيڪڏھن چاھي تھ قطري (ڦڙي) مان پوري درياھھ جي پرک ڪري سگھي ٿو، ۽ پن مان وڻ جي پروڙ کانئس پري نھ آھي.

شيخ سعديءَ چواڻي:

عقلمندن جي نظر ۾ ساون وڻن جو ھر ھڪ پن بھ،

خدا جي معرفت جي دفتر جو ھڪ ھڪ ورق آھي.

*

(ھاڻ وري وزير فتح خان جو بيان شروع ٿئي ٿو)

وزير فتح خان جڏھن ١٢٣٢ھھ/ ١٨١٧ع ۾ محمود شاھھ کي پشاور ڇڏي پاڻ امير دوست محمد خان سان گڏ لشڪر ساڻ ڪري ڪشمير ويو تھ اتان جو ناظم سردار محمد عظيم خان ڪشمير جي سوداءَ ۾ باغي ٿي چڪو ھو. وزير فتح خان وچ ۾ ڪا ويرم وجھڻ کان سواءِ ھڪيو تڪيو ڪشمير وڃي رسيو. اتي سردار محمد عظيم خان سان چڱي جٺ ڪري کيس وري تابعداري ۾ آندائين. کانئس ٿڏي تي ڪشمير جي ڍل جو سڄو حساب چڪتو ڪري اتان جي نظامت پنھنجي اختيار ۾ آڻي پشاور ڏانھن موٽ کاڌائين.

ھن جي پشاور پھچڻ کان اڳ محمود شاھھ سيارو پشاور ۾ گذاري بھار جي موسم ايندي شرط اتان اسھي ڪابل وڃي عيش عشرت جي خلوتن ۾ پنھنجي آس اميد جي پورائي ڪرڻ لڳو ھو. ٻئي پاسي ھن جو پٽ شھزادو ڪامران قنڌار ۾ پنھنجون محفلون مچائيندو رھيو. تھ وري سندس ڀاءُ فيروز شاھھ(1) ھرات ۾ موجون ٿي ماڻيون.

ايتري ۾ ربيع الآخر ١٢٣٢ھھ/ ١٨١٧ع ڌاري(2) مشھد جو نائب شھزادو مرزا عباس علي(3) اچانڪ ھرات تي چڙھائي ڪري آيو تھ فيروز شاھھ جي رنگ ۾ ڀنگ پئجي ويو. اتاوليءَ مان سڄو احوال لکي محمود شاھھ ۽ شھزادي ڪامران ڏانھن ڪابل، قنڌار ڏياري موڪليائين. چئي: وارو ڪريو نھ تھ ھرات جي حڪومت اجھا ٿي پنھنجي ھٿن مان وڃي.

محمود شاھھ، جيڪو ڪابل اندر پنھنجي عياشين ۾ مگن ھو، اھا خبر ٻڌي وائڙو ٿي ويو ۽ تتي تاءِ وزير فتح خان کي چتاءُ ڏنائين، جيڪو ڪجھھ عرصو اڳ ڪشمير مان پشاور اچي سھڙيو ھو. ھن بنا ڪنھن دير جي ڪابل پھچي محمود شاھھ سان ملاقات ڪئي، جنھن جي ستوھھ تي سڌو وڃي قنڌار ۾ شھزادي ڪامران سان مليو. اتي ڏينھن رات ھڪ ڪري دراني(1) بارڪزئي، فوفلزئي، نوروزئي، باميزئي بابري(2) غلزئي(3) ھوتڪي، آندري قبيلا ڪٺا ڪري، انھن ۾ ٽيھھ لک رپيا ورھائي اچڪزئين(4) سميت سڀني کي خوش ڪري، پنجاھھ سٺ ھزار سپاھھ سان ھر قسم جو جنگي سامان سھيڙي پوري سنبت سان ھرات ڏانھن ھليو. وزير فتح خان جيڏو دلير تيڏو درياھھ دل ھو. ھرات ڏانھن ويندي واٽ تي نھايت فراخ دليءَ سان قبيلن جي سردارن، رئيسن، اميرن ۽ خانن کي ھر منزل تي دولت ۽ خلعت سان نوازي سندن دل پئي ورتائين. ايتري قدر جو ھرات پھچندي چوويھھ لک رپيا وڌيڪ لٽائي ڇڏيائين. سندس ھرات پھچڻ کان وپوءِ فيروز شاھھ جي پيٽ ۾ ساھھ پيو، وڏي خوشامد برآمد سان کيس شھزادي ابو القاسم واري باغ ۾ وٺي ويو ۽ اتي رھايائينس. اھو باغ صفائي، سٺائي ۾ بھشت کان گھٽ نھ ھو. کانئس جيتري قدر پڄي سگھيو وزير فتح خان کي خوش رکڻ جون ڪوششون ڪندو رھيو. ھر گھڙيءَ ھن جي پرگھور پئي لڌائين. ھن کي اھا ڪل ئي ڪانھ ھئي تھ اڳتي ھلي قسمت کيس ڪھڙا ڏينھن ڏيکارڻ واري آھي.

 


 

(٧)

وزير فتح خان جو ھرات جي قبيلي ۾ داخل ٿيڻ، جتي دعوت ھلندي فيروز شاھھ کي گرفتار ڪرڻ ۽ انھيءَ ئي حالت ۾ ھن کي قنڌار اماڻي ڇڏڻ:

وزير فتح خان ظاھري طرح تھ فيروز شاھھ جي خاندان جو خير خواھھ ھو ۽ انھيءَ حيثيت سان اچي ھرات ۾ ھيڪاندو ٿيو ھو، پر اندرئين خاني کيس ھرات جي قلعي تي قبضو ڪرڻ ۽ فيروز شاھھ جي گرفتاريءَ جو خيال ھو. ھرات جي قلعي تي قبضو ۽ اتان جي خوبصورتي ھن کي ڏاڍي وڻندڙ ھئي، جنھن کي جيڪڏھن سڌ سڪندري يعني سڪندر واري سڌ چئجي تھ بھ وڌاءُ نھ ٿيندو. ھتي ياجوج ماجوج جھڙي ڪنھن بھ مخالف ڌر جي ڪا ڀيڻي ڪانھ ھئي. ھن قلعي کي (ڳجھي سازش کان سواءِ) ڪنھن جي مجال نھ ھئي جو ڪو سر ڪري سگھي ھا. انھيءَ ئي قلعي ۾ وزير فتح خان جي دعوت جو انتظام ڪيو ويو.

فيروز شاھھ انھيءَ دعوت ۾ اڳواٽ ئي پنھنجن ماڻھن کي چوڪس رھڻ جي ھدايت ڪئي ھئي تھ وزير فتح خان جي سپاھھ مان ڪنھن بھ ھٿياربند کي قلعي اندر اچڻ نھ ڏنو وڃي پر جي ھو پاڻ اچي تھ اھم ڪونھي. اھا ٻاٻور وڃي، وزير فتح خان جي ڪن تائين پھتي. جنھن کيس ويتر طيش ۾ آڻي ڇڏيو، پر سياڻپ کان ڪم وٺندي پاڻ سنڀالي پنھنجن خاص ماڻھن کي سڏائي ساڻن اھا ڳالھھ چوريائين. انھن کيس اھا صلاح ڏني تھ(1) ھرات جي بازار مان ڳجھيءَ طرح ھر قسم جا ھٿيار خريد ڪرائي پنھنجن جنگي جوڌن کي ڏئي انھن مان ھر ھڪ کي پنھنجي منھن قافلي سرائين ۾ وڃي رھڻ لاءِ چيو وڃي ۽ جيئن ضرورت پوي تيئن اھي ھڪل سان ھڪدم اچي قلعي ۾ حاضر ٿين.

آخرڪار عين دعوت واري ڏينھن فيروز شاھھ وزير فتح خان کي قلعي ۾ گھرايو، وزير فتح خان ٽي چار سو امير ۽ عزيز قريب ساڻ ڪري قلعي اندر ويو. جتي مھمان داريءَ توڙي مھمان نوازي جون سموريون تياريون پوريون ٿيل ھيون. سڄي مجلس پوري ٺٺ ٺانگر سان سينگاريل سنواريل ھئي، ڪافوري شمعن جي روشنيءَ ۾ خوش آواز ۽ نازڪ اندام پرين جھڙيون سھڻيون سيبتيون ٻانھيون ۽ ناچڻيون ھر ڪنھن کي غمزن سان گھائي رھيون ھيون.

وزير فتح خان جي اڏو شراب ڪباب سان گڏ ناچ گاني ۽ طرحين طرحين طعامن جا خونچا رکيا ويا، جن جي مٿان زربفت ۽ ڪيمخواب جا پوش پيل ھئا. کاڌو ختم ٿيو تھ راڳ رنگ جو وارو آيو، جنھن ۾ محفل جي محبوبڙين ھر ڪنھن کي ھرکائيندي پاڻ پئي ملھايو. انھيءَ ورونھن ۾ ھر ڪنھن جي دل جو صبر ائين ويندو رھيو، ڄڻ ترڪن اچي ڪنھن جو ارڪو ترڪو ھنيو ھجي.

وزير فتح خان انھيءَ تماشي ۾ تماشائي بڻجي خوشيءَ ۾ خوب مست ٿيندو رھيو، جام تي جام پيئندو فيروز شاھھ  سان سنمک پئي ٿيو. ٻئي پاسي مجلس ۾ موجود ھر شخص حد کان وڌيڪ پيئڻ ڪري ويو ٿي فرش مٿان آسيرو پاسيرو ٿيندو، اوچتو فيروز شاھھ ڪر کڻي ھڪل ڪئي ۽ ھرڪو ھڪ ٻئي سان ويڙھھ ۾ وچڙي ويو.

وزير فتح خان جا ماڻھون، جيڪي اڳ ۾ ئي شھر جي سرائن اندر انھي گھڙيءَ جو انتظار ڪري رھيا ھئا، تن سردار دوست محمد خان جي اڳواڻيءَ ۾ چوڌاري گھٽ گھيڙ بند ڪري قلعي کي پنھنجي گھيري ۾ آندو. ھڪ طرف قلعي اندر ڪٽڪو پئجي ويو تھ ٻئي پاسي شھر ۾ مانڌاڻ متو، وزير فتح خان مڙئي چڙھت ڪندو ٿي ويو. فيروز شاھھ اھي حال ڏٺا تھ سندس ڇيھھ ڇڄي پيا، سڄو پگھر ۾ شل ٿي ، ٻوڏڙن ۾ پئجي اندر ئي اندر جڪ کائي واويلا ڪرڻ لڳو:

خدايا! مون کي خبر ناھي تھ ستمگر زمانو،

ڇالاءِ منھنجو ساٿ نھ ڏئي رھيو آھي،

مون کي تھ ڪا پروڙ ئي پئجي نٿي سگھي،

تھ ڇو سندم صبح، سانجھيءَ ۾ بدلجي ويو،

دنيا جو دستور اصل کان ائين رھيو آھي،

تھ ڪنھن سان ھيئن تھ ڪنھن سان ھونءَ پئي ھلي!

اھڙي نموني فيروز شاھھ، جيڪو وزير فتح خان کي قيد يا قتل ڪرڻ جي سانباھي ۾ ھو، سو خود ١٢٣٣ھھ/ ١٨١٨ع ڌاري ھرات جي قلعي اندر وزير فتح خان ھٿان گرفتار ٿي ويو.(1)

(٨)

وزير فتح خان ۽ مرزا عباس علي جي جنگ، ٻنھي ڌرين جي شڪست ۽ وزير فتح خان جي ھرات ڏانھن واپسي:

وزير فتح خان ھرات جي قلعي ۾ پنھنجي حرفت سان فيروز شاھھ کي شڪست ڏئي، سندس گڏايل سمورو شاھي خزانو پنھنجي قبضي ۾ آڻي، ان کي ڪٽنب سميت قيد ڪري شھزادي ڪامران ڏانھن قنڌار ڏياري موڪليو. فيروز شاھھ جڏھن قيدي جي حالت ۾ قنڌار پھتو تھ سندس ڀائٽي، ڪامران کي غيرت اچي وئي ۽ ھو ھڪدم ھرات پھچي، وزير فتح خان کان بدلي وٺڻ جي تياري ۾ ھو، تھ امالڪ مرزا عباس علي جي ھرات تي چڙھائي جي خبر اچي مليس، جنھن ڪري انھيءَ نئين خفي ۾ لڳي ويو ۽ ھرات نھ وڃي سگھيو.

وزير فتح خان، جيڪو خود ھرات ۾ موجود ھو، مرزا عباس علي سان منھن ڏيڻ لاءِ سنبري اٿيو، پويان ھرات جي قلعي جون ڪنجيون اتي رھيل سنڌ جي ميرن جي وڪيلن (سفيرن) مير اسماعيل شاھھ ۽ شير محمد خان جي حوالي ڪيائين، جن تي ھن جو پورو ويساھھ ھو.

جنگ جي ميدان ۾ جڏھن ٻنھي پاسن جا لشڪر ھڪ ٻئي جي سامھون آيا تھ ڌرين جا معتبر وچ ۾ اچي پيا، انھيءَ آسري تي تھ جيئن جنگ کان اڳ صلح جي ڪا صورت پيدا ٿي پوي، ليڪن ائين ڪرڻ سان ڪو کڙتيل نھ نڪتو، آخر تقدير کي جيڪي وڻيو سوئي ٿيو.

جنگ ھلي تھ واچوڙي جيان وڌندي وئي. سردار شيردل خان وزير فتح خان جي ڀاءُ) ڏاڍي بھادري ڏيکاري. سندس جنگي جوڌن دشمن جي توبخاني تي حملو ڪري ان کي پنھنجي قبضي ۾ آندو. قاچاري لشڪر پنھنجو توبخانو ائين ھٿان ڏيندو ڏسي، مڇر جي پيو. بس پوءِ تھ ٻئي ڌريون دونھين جيان وٽ کائي ھڪ ٻئي کي وڪوڙي ويون. سڄو ماحول توبن جي انڌوڪار ۾ اچي ويو.

ويرھھ ھلندي ڪنھن مھل توب جو ھڪ گولو وزير فتح خان کي اچي لڳو ۽ ھو ڦٽجي پيو. لاچار جنگ جو ميدان ڇڏي ھرات شھر ڏانھن وريو. ھوڏانھن مرزا عباس علي بھ وڌيڪ ورھڻ جو ست نھ ساري واپس ھليو ويو.

وزير فتح خان زخمي حالت ۾ قلعي اندر پير رکيو تھ سنڌ جا وڪيل (جن کي پٺيان سڀ ڪجھھ سونپي ويو ھو) قلعو سندس حوالي ڪري سرھا ٿيا.

ھتي ھيءُ ٻڌائڻ ضروري آھي تھ ھرات وارو علائقو ٻين علائقن کان ڪجھھ سرس سخت آھي ۽ ھتان جا ماھو خاص ڪري اوزبڪ پنھنجي سنگدليءَ ۾ مشھور آھن، جن جو ڌنڌو: ماڻھن کي ھٿ ڪري وڪڻڻ آھي، ٻيو تھ ھتان جيڪو بھ ھڪ دفعو ھارکائي نڪري ٿو، سو ٻيھر ڪنھن بھ طريقي سان قلعي اندر اچي نٿو سگھي. گھڻو ڪري جنگ ۾ ھار کاڌل لشڪر ڀڄي جند ڇڏائڻ بدران اوزبڪن ۽ ترڪمانن جي ور چڙھي وٽن قيدي ٿي پوندو آھي.

ان باري ۾ وزير فتح خان مھڙ ۾ ئي جيڪا سياڻپ ڪئي، سا پڇاڙيءَ ۾ کيس ڪم آئي. پاڻ جيئن جنگ تي ويندي قلعي جون چاٻيون، سنڌ جي وڪيلن کي سونپي ويو، تيئن جنگ کان واپس ورڻ تي ھنن (وڪيلن) اھي امانتي طرح اوزبڪ ۽ ترڪمانن جھڙن رھزنن کان بچائي سندس حوالي ڪري ڇڏيون ۽ ھن پنھنجي حڪومت جو ڪاروبار سنڀاليو. ان واقعي جي ڪري وزير فتح خان وٽ سنڌي وڪيلن (سفيرن) جو ڏاڍو مان ٿيو. ھيءُ ٻين جي ڀيٽ ۾ ھن جا وڌيڪ ويجھا ۽ ڀروسي جوڳا دوست ثابت ٿيا.

عجيب ڳالھھ اھا آھي تھ: جنھن وقت وزير فتح خان ۽ مرزا عباس علي گھوڙن سان گڏ ٻيو مال اسباب ميدان ۾ ڇڏي نڪري آيا تھ پويان ٿوري دير کان پوءِ غئبي خان ڪوھي ۽ بنياد بيگ ھزارو،(1) جيڪي ھميشه جابلو ايراضين ۽ بربٽن ۾ لٽ ڦر ڪندا ٿي رھيا، ميدان ۾ لھي پيا ۽ سڀ ڪجھھ ٻھاري خرجينن ۾ ڀري خچرن تي ٻڌي گھوڙا ھڪلي ھليا ويا.

نتيجي طور ھن ويڙھھ ۾ ھڪ پاسي وزير فتح خان وارن چڱو مزو چکيو تھ ٻئي طرف مرزا عباس علي بھ ڪنھن ڏاھي چواڻي:

”جتي پڄن ناھھ پاھت، اتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو....“

ڀاڄ ۾ ئي غنيمت سمجھي جند ڇڏائي ويو. قدرت جا رنگ ئي نرالا آھن. انسانن جي وچ ۾ اھي جنگيون صرف خود غرضي ۽ نفس پرستيءَ جي بنياد تي پيون ھلن، ليڪن دنيا پنھنجي باب بلڪل جٽادار ناھي.

اھڙي نموني فيروز شاھھ، جيڪو وزير فتح خان کي قيد يا قتل ڪرڻ جي سانباھي ۾ ھو، سو خود ١٢٣٣ھھ / ١٨١٨ع ڌاري ھرات جي قلعي اندر وزير فتح خان ھٿان گرفتار ٿي ويو.(1)

 

*

 


 

(٩)

شھزادي ڪامران جو قنڌار مان ھرات روانو ٿيڻ:

شھزادو ڪامران، جيڪو اڳ ۾ ئي فيروز شاھھ جي گرفتاريءَ واري خار ۾ وزير فتح خان تي سڙيو ويٺو ھو، تنھن جڏھن وزير فتح خان جي جنگ مان موٽ کائڻ واري خبر ٻڌي تھ اندر جي باھھ کان بيتاب ٿي پوري سنبت ڪري پنھنجن اميرن: شاھھ پسند خان الڪوزئي، يار محمد خان، عبدالمنصور بارڪزئي(1) ۽ ٻين سان گڏجي ھرات روانو ٿيو.

سندس ساٿاري جن جا نالا ورتا ويا، وزير فتح خان جا پڪا ويري ھئا. ھنن ھميشه ھن جي مخالف پئي ڪئي، پر ساڻس پڄي نٿي سگھيا، جنھن ڪري موقعي جي تاڙ ۾ رھندا ٿي آيا. ھاڻ تھ ڄڻ سندن الله ٻڌي!

جيستائين شھزادو ڪامران ھرات پھچي، تنھن کان اڳ سردار دوست محمد خان، وزير فتح خان سان فيروز شاھھ کان ڦريل ھيرن جواھرن جي ورھاست تان ڪاوڙجي پنھنجو لشڪر وٺي اتان نڪري ڪشمير ڏانھن ھليو ويو، جتي سردار محمد عظيم خان وٽ پھچي پاڻ کي گرفتار ڪرايائين.(2) وزير فتح خان پنھنجن ڀائرن، سردار پردل خان، سردار ڪھندل خان ۽ سردار شيردل خان سان گڏ شھزادي ڪامران جو ھرات پھچڻ تي آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ قلعي جون ڪنجيون کيس پيش ڪيائين. موٽ ۾ شھزادي بھ خوش ٿي مٿس نوازشون ڪيون.

جيتوڻيڪ وزير فتح خان خود شھزادي ڪامران جي  اشاري تي فيروز شاھھ کي قيد ڪري وٽس اماڻيو ھو، جو گھڻي عرصي کان ھن جون اکيون ھرات جي قلعي ۾ ھيون ۽ رات ڏينھن اتان جي بادشاھت جا پور پچائيندو ٿي رھيو، پر جڏھن وزير فتح خان ائين ڪري چڪو تھ شھزادي ڪامران ڦري کيس ڳچيءَ کان ورتو. سچ چيو اٿن تھ: ڏاڍي جي لٺ کي ٻھ مٿا ٿيندا آھن ۽ ٿڏي تي ڦڙتي کائڻ بھ ڄڻ بادشاھن جي ريت ۽ نيت ۾ شامل ھوندو آھي.

فيروز شاھھ جي بي عزتي ۽ بدنامي شھزادي ڪامران کي ڪروڌ ۾ وجھي ڇڏيو. سندس امير، جن کي اڳيئي وزير فتح خان بابت رت جون مانيون پيٽ ۾ ھيون، سي بھ پنھنجن وير پاڙڻ لاءِ ڦٿڪي رھيا ھئا. دنيا جي حال ۽ چال تي ڪھڙو ڀروسو!

ھتي جيڪا پوکبي سا لڻبي!!

ڪڻڪ مان ڪڻڪ تھ جون مان جو پلئھ پون ٿا.

نيڪيءَ جو اجورو عافيت، بديءَ جو بدلو بدي آھي.

ائين ئي ھر محنت جي مزدوري مقرر ڪئي وڃي ٿي.

شھزادو ڪامران مٿينءَ دل سان وزير فتح خان کي انعام اڪرام سان نوازي ڪيترن ڏينھن تائين ھن ۽ سندس ڀائرن کي خوش رکندو آيو. جنھن ڪري وزير فتح خان کي ڪو گمان ئي نھ پئي ٿيو تھ سندس قسمت ۾ اڳتي ھلي ڇا ٿيڻو آھي! پر ھن جا ماڻھو بي خبر نھ ھئا، جن ڪڏھن جو کيس چتائي ڇڏيو ھو تھ شھزادي ڪامران ۽ ان جي ساٿارين جي نيت ۾ فتور آھي.

وزير فتح خان پنھنجي آڪڙ ۾ پورو رھي، پنھنجن ماڻھن جي چتاءُ کان ڪن لاٽار ڪندو رھيو. ھن کي شھزادي ڪامران جي روش تي ايڏو تھ ڀروسو ھو جو ڪنھن جي چئي آکئي جي ڪا پرواھھ نٿي ڪيائين. چوندا آھن تھ خود غرضي نادانيءَ جي نشاني آھي. انھيءَ قول مطابق وزير فتح خان قضا کان غافل ٿي ھلندو رھيو، اھا قضا جنھن وٽ بدلي وٺڻ لاءِ ھڪيا تڪيا ڀالا موجود ھوندا آھن.

 

*


 

(١٠)

شھزادي ڪامران ھٿان وزير فتح خان کي گرفتار ڪرائي سندس اکيون ڪڍرائي ڇڏڻ، ۽ وزير فتح خان جي ڀائرن جو فرار ٿيڻ:

ٿوري وقت کان پوءِ شھزادي ڪامران ھرات جي قلعي ٻاھران شاھي باغ ۾ ھڪ وڏي مجلس قائم ڪرائي، جنھن ۾ شراب ڪباب سان گڏ ناز انداز واريون خوبصورت ناچڻيون، ڳائڻيون بھ حاضر اچي ٿيون.

وزير فتح خان پنھنجن ڀائرن، سردار پردل خان، سردار ڪھندل خان ۽ سردار شير دل خان سميت ان مجلس ۾ اچي اھڙو تھ عيش عشرت ۾ بدمست ٿي ويو، جو کيس پنھنجي پرائي جي ڪا سمڪ ئي نھ رھي.

شھزادي ڪامران اڳ ۾ ئي پنھنجن ڪارندن کي ھدايتون ڏئي ڇڏيون ھيون تھ وقت اچڻ تي ڇا ڪرڻو آھي! ھنن جيئن وزير فتح خان کي نشي ۾ چور ڏٺو، تيئن وجھھ وٺي مٿس چڙھي ويا ۽ اک ڇنڀ ۾ کيس چوکنڀو ٻڌي سندس اکيون ڪڍي ڇڏيائون.

ھن جي ڀائرن جو ھن جو اھو حشر ڏٺو تھ ڦٿڙي جند ڇڏائڻ لڳا، پر آخر شڪنجي ۾ اڙجي ويا. سردار پردل خان جيل جي اونداھي ڪوٺيءَ ۾ وڃي پيو، سردار ڪھندل خان ڀڄي جان بچائي تھ سردار شيردل خان (جيڪو پنھنجي لشڪر سان تنبن ۾ ترسيل ھو) دل ٻڌي پڙ تي آيو، پر سندس سپاھھ ڪو ٻوٽو نھ ٻاريو. ان ڪري ھو ويچارو بھ پاسيرو ٿي گرش(1) واري قلعي ڏانھن نڪري ويو.

شھزادو ڪامران، ڪامياب ٿي دلجاءِ ڪري ھرات قلعي ۾ تخت تي ويٺو. چوڌاري پڙھو گھمايائين تھ ھاڻ ڪوبھ وڳوڙ وغيره ڪونھ ٿيندو. اِھو ٻڌي ماڻھن وري پنھنجا گھر اچي وسايا. وزير فتح خان، جنھن اڳ ۾ فيروز شاھھ کي قيد ڪيو ھو، سو اڄ پاڻ شھزادي ڪامران ھٿان قيدي ٿي پنھنجون اکيون وڃائي انتقام جي آئيءَ ۾ اچي ويو. سچ چيو اٿن:

دنيا آرسيءَ وانگي آھي،

جيڪو جھڙي صورت اختيار ڪندو

اھائي ان کي ڏسڻ ۾ ايندي.


 

(١١)

شھزادي ڪامران جي پٽ شھزادي جھانگير جي ڪابل ۾ آمد ۽ سردار دوست محمد خان سان جنگ ۽ سندس شڪست:

شھزادو ڪامران جڏھن وزير فتح خان کي انڌو ڪري ھرات جو تخت ھٿ ڪري چڪو تھ انھيءَ کيپ کٽڻ جي خوشخبري پنھنجي پيءُ محمود شاھھ ڏانھن موڪلي کيس ھرات اچڻ لاءِ زور ڀريائين. ان سان گڏ پنھنجي پٽ شھزادي جھانگير کي، جيڪو قلات ۾ رھيل ھو، سردار عطا محمد خان الڪوزئي سان ڪابل وڃڻ جو حڪم ڏنائين، جتي شھزادو سلطان علي، حڪومت جو ڪاروبار ھلائيندو ٿي رھيو(1) شھزادو جھانگير پنھنجي لشڪر سميت جڏھن ڪابل جي ويجھو قاضي قلعي ۾ وڃي لٿو تھ شھزادو سلطان ساڻس مقابلي جي سگھھ نھ ساري ڪابل ڇڏي پشاور ھليو ويو.

شھزادو جھانگير بي اونو ٿي ڪابل ۾ داخل ٿيو ۽ حڪومت جي مسند سنڀاليائين. ھوڏانھن محمود شاھھ پنھنجي پٽ شھزادي ڪامران جي چوڻ تي قنڌار مان ھرات ڏانھن ڪوچ ڪيو. جڏھن اتي پھتو تھ شھزادي ڪامران حڪومت سندس حوالي ڪئي ۽ پاڻ لشڪر سان گڏ وزير فتح خان ۽ سندس ڀاءُ سردار پردل خان کي وٺي ھرات مان نڪتو، تان جو اچي قنڌار ۾ لڏو لاٿائين.

سردار دوست محمد خان جيڪو ڪشمير ۾ سردار محمد عظيم خان وٽ قيد ھو، وزير فتح خان جي انڌي ٿيڻ جي خبر ٻڌي سردار محمد عظيم خان جي صلاح سان انتقام وٺڻ جي ارادي سان ڪشمير مان نڪري اچي پشاور پھتو. اتان پنھنجن ڀائرن يار محمد خان، سلطان محمد خان، پير محمد خان ۽ سعيد محمد خان کي ساڻ ڪري چئن ھزارن بھادر سوارن جي ڪٽڪ سان ڪابل ڏانھن روانو ٿيو. شھزادو سلطان علي، جيڪو ڪابل مان ڀڄي نڪتو ھو، سو بھ سردار دوست محمد خان سان گڏجي ڪابل روانو ٿيو.

ھيءُ جڏھن ڪابل جي ويجھڙ ۾ آيا تھ شھزادي جھانگير جو وزير سردار عطا محمد خان الڪوزئي، جيڪو اتي ترسيل ھو، تنھن گھرئون اندر اٽڪل ڪري سردار دوست محمد خان کي پاڻ سان ملائڻ جا حيلا ھلايا. ان لاءِ ھيٺيون خط ھن ڏانھن اماڻيائين:

”اوھان جي ھتي اچڻ جي ڪري اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي آھي. اسان تھ خدا کان اھي ڏينھن پئي گھريا، شڪر آھي جو اسان جي مراد پوري ٿي.

اھا سڀ ڪنھن کي سڌ آھي تھ شھزادو ڪامران ظلم جون حدون ٽپي ھر ڪنھن کي آزاري اڳتي وڌندو پيو وڃي. وزير فتح خان ھن سان ڪيڏيون چڱايون ڪيون تڏھن بھ ان کي ٻڌي انڌو ڪري ڇڏيائين تھ باقي ٻين کي منجھانس ڪھڙي چڱائيءَ جي اميد ٿي سگھي ٿي. ھن جي ڊپ کان اسان جو بھ ساھھ مٺ ۾ ھو. ھاڻ اسان ٻنھي جي ڀلائي ان ۾ آھي تھ ٻئي گڏجي ڪلام الله وچ ۾ آڻي اھڙي تدبير ڪريون، جيئن شھزادو سلطان حڪمرانيءَ جي واڳ وٺي. ائين ڪرڻ سان شھزادو جھانگير، جيڪو ڪابل ۾ آھي، سو بھ اسان کان بچي نھ سگھندو، تنھن کي گرفتار ڪري بالاحصار ۾ قيد ڪيو ويندو. پڇاڙيءَ ۾ شھزادي ڪامران جون پاڙون پٽي وزير فتح خان جو بدلو چڪايو ويندو. ليڪن شرط اھو آھي تھ وزيريءَ جو پروانو ھن بندي کي عطا ٿئي.“ (ص: ٧٦)

سردار دوست محمد خان ۽ سندس ڀائرن جڏھن اھو خط پڙھيو تھ وقت جي نزاڪت کي ڌيان ۾ رکندي، سردار عطا محمد خان کي وزارت جو آسرو ڏنائون. اھا ڳالھھ قسم ساک تي ٻنھي ڌرين وچ ۾ پڪي ٿي. سردار عطا محمد خان ڏاڍو چالباز ھو. جڏھن اھا بازي کٽي چڪو، تڏھن ٻئي پاسي وري شھزادي جھانگير کي اھا ھشي ڏنائين تھ جيڪڏھن ننھن سان ڇڄي تھ ڪاتيءَ جو ڪھڙو ضرور آھي، دشمن کي حيلي سان ھٿيڪو ڪجي تھ ھروڀرو جنگ جي ضرورت ڪانھ پوندي.

اھي سازشون نھايت رازداريءَ سان سٽيون ويون. شھزادو جھانگير ذڪر ڪيل سردار سان گڏ سندس ڀائرن جي گرفتاريءَ جي پڪ ڪري ٻانھن سيرانڌيءَ ڏئي سمھي رھيو. سردار عطا محمد خان کي اھا خبر ئي ڪانھ ھئي تھ خود قدرت سندس باري ۾ ڇا ڪرڻ واري آھي.

سردار دوست محمد خان ڪلام الله جي انجام اقرار موجب جڏھن پنھنجن ڀائرن کي وٺي، شھزادي سلطان علي بابت پوريءَ دلجاءِ ڪري، لشڪرڪاھي ڪابل تي چڙاھي ڪئي تھ شھزادي جھانگير توڙي سردار عطا محمد خان جي ماڻھن طرفان ڪنھن بھ سندس رستو نھ روڪيو. انھيءَ ڳالھھ سردار دوست محمد خان کي ھيڪاري پڪ ڏني تھ ڪوبھ رولو يا رڳڙ ٿيڻ وارو ناھي. سو اکيون ٻوٽي ڪابل ۾ وڃي وزير فتح خان واري (بنديخاني) پاسي آرام سان ويھي رھيو.

ٻئي ڏينھن تي سردارعطا محمد خان پنھنجي کيڏ شروع ڪئي، پر ان کان اڳ ئي سردار دوست محمد خان کي کڙڪ پئجي چڪي ھئي، جنھن سڄو چرخو اونڌو ڪري ڇڏيو. اصل ڳالھھ اھا ھئي تھ سردار عطا محمد خان پنھنجي حويليءَ ۾ زمين اندر خرارن جي حساب سان بارود پورائي ڇڏيو ھو ۽ تاڙ ۾ ھو تھ جيئن سردار دوست محمد خان پنھنجن ڀائرن سان اچي دعوت تي پھچي، تيئن کيس انھيءَ بارود واري پاسي ويھاري دعوت ھلندي بارود کي باھھ ڏئي، ھن کي سندس ڀائرن سميت پورو ڪيو وڃي.

سردار دوست محمد خان، جيڪو اڳواٽ انھيءَ سازش کان خبردار ٿي چڪو ھو، تنھن ھن کي چوائي موڪليو تھ آءٌ اوھان جي دعوت تي نٿو اچي سگھان، ڀلائي ڪري اول اوھان ھتي اچي شھزادي سلطان علي جي سلامي ڀريو، جيڪو اوھان کي وزارت جي گادي عطا ڪرڻ چاھي ٿو. انھيءَ کان پوءِ پنھنجون دعوتون بھ پري ناھن، خوب پيا ھڪ ٻئي جون مانيون ملھائينداسون.

سردار عطا محمد خان کي اھو ڏٽو ڏئي سردار دوست محمد خان شھزادي سلطان عليءَ کي پنھنجي اٽڪل کان آگاھھ ڪيو ۽ چيائينس تھ ھن کي ڦاسائڻ سڄو انتظام ٿي چڪو آھي.

سردار عطا محمد خان جڏھن وزارت جي لالچ ۾ شھزادي سلطان علي جي سلامي تي آيو تھ شھزادي سلطان ھن کي خلعت عطا ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو. سردار دوست محمد خان جو ڀاءُ سردار پير محمد خان (جيڪو قسم ساک ڀيري وچ ۾ ڪونھ ھو) خلعت جي ھڙ ۽ مٿي تي ٻڌڻ وارو موڙ (مڪٽ) کڻي آيو ۽ اچي سردار عطا محمد خان کي پھرائڻ لڳو. خلعت کان پوءِ جيئن موڙ کڻي ھن جي مٿي تي رکيو ٿي ويو تھ چوڌاري مبارڪن جي ورکا ٿي وئي. ايتري ۾ پير محمد خان وجھھ وٺي سردار عطا محمد خان کي ڳٿر مان جھلي ھڪدم فرش تي کڻي ليٽايو ۽ پنھنجن ماڻھن کي واڪو ڪيائين، جن اچي کيس ھٿين پيرين ٻڌي گھيٽي (دنبي) وانگي اونڌو ڪري اڇلايو ۽ اتي ئي خنجر ڪڍي ھن جون ٻئي اکيون ڦيھي کيس انڌو ڪري ڇڏيائون. آخر انھيءَ ئي حالت ۾ قيد اندر وڃي پيو. ڪابل ۾ اھو سڄو ڪم پورو ڪري سردار دوست محمد خان ماڻھن کي امن امان جو آسرو ڏئي، لشڪر وٺي بالاحصار ڏانھن وک وڌائي تھ جيئن اتي پھچي شھزادي جھانگير کي گرفتار ڪري.

آخر ھو بالاحصار وڃي رسيو ۽ چڪري شروع ڪري ڏنائين، پورن چاليھن ڏينھن تائين اھا چڪري ھلندي رھي ۽ ھن قلعي تي پنھنجو گھيرو قائم رکيو. ھوڏانھن شھزادو جھانگير بھ چڱيءَ طرح ھن سان پورو پوندو آيو. نيٺ سردار دوست محمد خان قلعي کي کاٽ ھڻائي منجھس بارود ڀرائي، جيئن ان کي باھھ ڏياري تھ قلعي جي اھا ٻانھين ڪاغذ وانگي ھوا ۾ اڏامي ويئي.

اتي شھزادي جھانگير ھانءُ لاھي وڌو ۽ اڌ رات ايندي ئي قلعي جي ڳڙکيءَ مان نڪري ڀڄي ھليو ويو. ائين دوست محمد خان سوڀارو ٿيو. ان کان پوءِ انھيءَ فتح جي خوشيءَ ۾ ڏاڍا شادمانا ٿيا. جن اميرن ۽ بھادرن جنگ ۾ پاڻ موکيو، تن کي خوب انعام اڪرام ڏنا ويا.

سردار عطا محمد خان جيڪا ڪئي سا ڀري چڪو. ھو پنھنجي ئي بڇڙائي ۾ وٺجي اکين کان انڌو ٿيو. بديءَ مان نيڪيءَ جي آس رکڻ سياڻپ جو ڪم ناھي. شيخ سعديءَ چواڻي:

جنھن بڇڙائيءَ جو ٻج ڇٽيو ۽ نيڪيءَ جي اميد ڪيائين،

تنھن جو مٿو ئي ويو، ڪوڙي سڌ ۾ ڪجھھ بھ ھٿ نھ آيس.

وزير فتح خان کي جيتوڻيڪ قسمت اکين کان انڌو ڪرايو ليڪن اھا حقيقت آھي تھ ھن سان جيڪا جٺ ڪئي وئي، تنھن ۾ سردار عطا محمد خان جو بھ ھٿ ھو. قسمت جا ڪم ڏسو، ساڳيو ماڻھو وري سردار دوست محمد خان ھٿان اھڙي آئيءَ ۾ اچي ويو.

 


 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org