(٣٥)
مئڪناٽن (١٧٩٣ع – ١٨٤١ع):
سر وليم مئڪناٽن ١٧٩٣ع ۾ پيدا ٿيو. تعليم کان پوءِ
١٨٠٩ع ۾ انگريزي لشڪر سان مدراس ويو. ڪيترو وقت
حيدرآباد ۽ ميسور ۾ رھيو. ١٨١٤ع ۾ بنگال ۾ رھيو.
تنھن کان پوءِ فورٽ وليم ڪاليج ۾ زبانداني جي ڪري
ملازم ٿيو ۽ عدالت جو عھدو بھ وٽس رھيو. ھندستاني
۽ اسلامي قانونن متعلق ڪتاب لکيائين.
١٨٣٠ع کان ١٨٣٣ع تائين ھندستان جو سفر ڪيائين ۽
لارڊ بينٽڪ گورنر جنرل سان گڏ رنجيت سنگھھ سان
مليو. ١٨٣٣ع کان ١٨٣٧ع تائين ديوان خاص جو
سيڪريٽري رھيو. ١٨٣٧ع ۾ لارڊ آڪلينڊ سان اتر اولھھ
ھندستان جي سفر تي آيو. ١٨٣٨ع ۾ رنجيت سنگھھ ۽
شاھھ شجاع واري معاھدي ۾ شريڪ ٿيو.
ڪجھھ وقت کان پوءِ شاھھ شجاع جي درٻار ۾ پھريان
سفير، پوءِ سندس وزير مقرر ٿيو. وري انڊس لشڪر سان
قنڌار ۽ غزني ويو. تنھن کان پوءِ ڪابل وڃي پھتو.
سياست ۾ ھن لاءِ ڪيئي فوجي دشواريون ھيون، تنھن
ھوندي بھ آگسٽ ١٨٣٩ع ۾ شاھھ شجاع کي ٻيھر تخت تي
ويھارڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ٣- نومبر ١٨٤٠ع ۾ امير دوست
محمد خان کي ھٿيارن ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيائين، جنھن
کي پوءِ ھندستان موڪليو ويو، ١٨٤١ع جي سيپٽمبر
مھيني ۾ ھن کي بمبئي جو گورنر ڪري رکيو ويو،
انھيءَ وچ ۾ افغان شورش پيدا ٿي ۽ برنس کي ٢ نومبر
١٨٤١ع تي قتل ڪيوويو. انگريز فوج ھن شورش کي منھن
ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي ۽ لشڪر سانت ۾ اچي ويو.
مئڪناٽن ١١ ڊسمبر تي افغاني سربراھن جا شرط قبول
ڪيا ۽ امير دوست محمد خان جي پٽ سردار اڪبر خان
سان ڳالھين ۾ شريڪ ٿيو. ان کان پوءِ ٢٣ ڊسمبر
١٨٤١ع ۾ اڪبر خان ملاقات دوران سندس ھٿان قتل ٿي
ويو. (بايو
گرافي ھندي ٢٦٧).
*
(٣٦)
ويلشائر (١٧٨٩ع – ١٨٦٢ع):
سر ٿامس ويلشائر ٢٤ آگسٽ ١٧٨٩ع ۾ ڄائو. تعليم حاصل
ڪرڻ کان پوءِ رجمينٽ (٣٨) اٺٽيھن ۾ ڀرتي ٿي ڏکڻ
آمريڪا، پرتگال ۽ نيدر لئنڊ ۾ برطانيا جون خدمتون
سرانجام ڏيندو رھيو.
١٨٢٢ع ڌاري ھن کي ھندستان موڪليو ويو. ١٨٢٧ع ۾
ليفٽيننٽ ڪرنل ٿيو. افغان جي جنگ ١٨٣٩ع ۾ بمبئي
لشڪر جي ھڪ ڊويزن جي قيادت ڪندي ڪابل ۽ غزني ۾
لڙيو. اتان موٽندي ١٣ نومبر ١٨٣٩ع تي قلات ھٿ
ڪيائين ۽
K.C.B.
جي
عھدي تي رسيو. ١٨٤٨ع کان ١٨٦١ع تائين مختلف عھدن
تي رھندو آيو. آخر ٢١ مئي ١٨٦٢ع ۾ مري ويو. (بايو
گرافي ھندي ٤٥٤).
سرجيمس آئوٽرام (١٨٠٣ع – ١٨٦٣ع):
ھي ٢٩ جون ١٨٠٣ع ۾ پيدا ٿيو. تعليم پوري ڪري سورھن
ورھين جي ڄمار ۾ ھندستاني فوج ۾ آيو. بمبئي رجمينٽ
۾ ١٨٢٠ع ڌاري ايجوائنٽ ٿيو. ھيءُ ورزش ۾ ماھر ۽
وڏو شڪاري ھو. ١٨٢٥ع کان ١٨٣٤ع تائين ١٩١ شينھن
ماريا ھئائين. مختلف عھدن تي رھڻ کان پوءِ ١٨٣٨ع ۾
لارڊ ڪين وٽ آيو، بمبئي جي لشڪر سان قنڌار، غزني ۽
ڪابل ويو.
١٨٣٩ع ۾ امير دوست محمد خان جو ھندوڪش جبل تائين
پيڇو ڪيائين. ١٨٣٩ع جي پڇاڙيءَ ۾ حيدرآباد سنڌ ۾
پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيو. سنڌ جي ميرن سان سندس
دوستي ھئي.
سنڌ جي مسئلي تي ھن جا چارلس نيپئر ۽ لارڊ ايلن
سان اختلاف ٿي پيا. ميرن جي طرفداري ڪندي ھندستان
کان انگلينڊ تائين وڏا ڪارناما ڪيائين. آخر
ليفٽيننٽ ڪرنل ٿيو.
١٨٤٥ع کان ١٨٤٧ع تائين بڙودا ۾ ھو. ھتي مٿس رشوت
جي تھمت مڙھي ويئي ۽ بمبئي جي حڪومت کيس نوڪري تان
لاھي ڇڏيو. ١٨٥٦ع ۾ جڏھن رياست اوڌ کي ورتائون،
تڏھن ھيءُ ان جو حاڪم مقرر ٿيو.
ان کان پوءِ ايران جي جنگين ١٨٥٦ع – ١٨٥٧ع ۾ شريڪ
ٿيو ۽ کيس
K.C.B.
جو
لقب مليو. ١٨٥٧ع جي بلوي ڀيري لکنو ۾ فوجي ڪارناما
سرانجام ڏنائين، اتي (١٢٠) ھڪ سو ويھن وڳوڙين سان
منھن ڏنائين. آخر ١٨٥٨ع ڌاري لکنو تي قبضو ڪيائين.
١٨٥٨ع کان ١٨٦٠ع تائين ڪونسل جو رفوجي ميمبر ھو؛
جتان رٽائر ڪيائين. ١٨٦١ع ۾ کيس مختلف لقب مليا.
نيٺ ١١ مارچ ١٨٦٣ع ۾ فوت ٿي ويو.
(انڊين بايو گرافي ٣٢٥).
*
(٣٧)
جنرل سيل (١٧٨٢ع – ١٨٤٥ع):
سر رابرٽ ھينري سيل
Sir
Robert Henry Sale
ولد ڪرنل سيل ١٩- سيپٽمبر
١٧٨٢ع ۾ پيدا ٿيو. ايلنگ ۾ پڙھيو ۽ پوءِ فوج ۾
ملازمت ڪيائين. ١٧٩٥ع ۾ مدراس ويو ۽ ميسور واري
جنگ ١٧٩٨ع – ١٧٩٩ع ۾ ٽيپو سلطان شھيد، پيچي راجا
سان ۽ تراونڪور جي جنگين ۾ لڙيو. ان کان پوءِ
١٨٠٩ع کان ١٨١٥ع تائين جنگيون ڪندو رھيو. انھيءَ
وچ ۾ (١٨١٣ع ڌاري) ميجر ٿيو. ١٨٢٤ع کان ١٨٢٦ع
تائين برما جي محاز تي رھيو. ١٨٣٨ع ۾ افغانستان جي
جنگ ۾ ھڪ برگيڊ جي قيادت ڪيائين، جنھن سان قنڌار،
گرشڪ، غزني ۽ ڪابل تي ١٨٣٩ع ۾ چڙھايون ڪندو رھيو ۽
ميجر جنرل ۽
K.C.B.
جو رتبو حاصل ڪيائين. ھي جلال
آباد ۽ ڪوھستان وارين جنگين ۾ بھ شامل رھيو. ٢
نومبر ١٨٤٠ع ۾ امير دوست محمد خان کي پروان واري
جنگ ۾ شڪست ڏنائين. جڏھن افغان قبيلا انگريزن خلاف
اٿي کڙا ٿيا تھ ڪابل جي لڪ وٽان لنگھي ١٢- نومبر
١٨٤١ع ۾ جلال آباد پھتو، جتي گھيري ۾ آيو ۽ ٧
اپريل ١٨٤٢ع تي افغانن کي ڇڙوڇڙ ڪيائين. کيس
K.C.B.
جو
رتبو مليو. پوءِ جنرل پالڪ سان گڏ ڪابل ۾ واپس آيو
۽ انگريز قيدين کي (جيڪي افغان غازين جي بند ۾
ھئا) ڇڏايائين. ١٨ سيپٽمبر ١٨٤٢ع ۾ ھندستان واپس
آيو ۽ سپھھ سالار اعليٰ سان مودڪي ۾ رھيو، جتي
زخمي ٿي پيو. آخر ٢١ ڊسمبر ١٨٤٥ع ۾ مري وڃي قبر
داخل ٿيو.
(انڊين بايوگرافي، ٣٧١).
ليڊي سيل:
ھيءُ افغان جي پھرين جنگ ۾ پنھنجي زال فلورنتيا
Florentia
کي بھ
ساڻ وٺي ويو ھو. جيڪا جارج وينج جي ڌيءَ ھئي.
١٧٩٠ع کان ١٨٥٢ع تائين جيئري ھئي. ١٨٠٩ع ۾ سيل سان
شادي ڪئي ھيائين. اھا بھ افغان غازين ھٿان ٻين
انگريزن سان گڏ قيد ٿي ھئي. آخر ١٧ سيپٽمبر ١٨٤٢ع
تي آزاد ٿي. ھن پنھنجو روزنامچو افغانستان جي
مصيبتن جي تذڪري نالي لکيو ھو، جيڪو ١٨٤٣ع ۾ شايع
ٿيو، ان جو ترجمو شب خون افغان جي عنوان سان فارسي
۾ ڪابل مان ڇپيو ھو. ليڊي سيل جنرل سيل جي مرڻ کان
پوءِ ھندستان جي ڪوھستاني علائقي ۾ رھي. کيس
ساليانو پنج سو ڊالر ملندا ھئا. آخر ٦ جولاءِ
١٨٥٣ع ۾ فوت ٿي وئي.
*
(٣٨)
ماريوت (م، ١٨٧٩ع):
جنرل وليم فريڊرڪ ماريوت، انگلينڊ مان ھندستان ۾
آيو. ١٨٣٨ع ۾ سنڌ، افغانستان وارين جنگين ۾ وڙھندو
رھيو، خاص ڪري غزني واري حملي ۾ ١٨٣٩ع ڌاري چڱو
بھرو ورتائين. ان کان پوءِ بمبئي جي لشڪر جي
انجنيئري دستي ۾ آيو. کيس ڪيئي لقب ملندا رھيا.
ڪڏھن سيڪريٽري تھ ڪڏھن بمبئي ۾ قانوني ميمبر رھيو.
پوءِ مصر ۾ انجنيئري خدمتون سرانجام ڏنائين، کيس
C.S.I.
جو
لقب مليو. ھيءُ ١٧ سيپٽمبر ١٨٧٩ع ۾ گذاري ويو.
(انڊين بايو گرافي، ٢٧٥).
*
(٣٩)
چارلس رابرٽ ڪريٽن (١٧٨٩ع – ١٨٤٨ع):
برگيڊيئر جنرل چارلس رابرٽ ڪرٽين
Charles Robert Curreton
١٧٨٩ع ۾ پيدا ٿيو. پھريائين شروپ شائر جي مليشيا ۾
داخل ٿيو. اتان ١٨٠٦ع ۾ ٻيڙيائتي ويس ۾ ڀڳو ۽ فوج
۾ اچي ڀرتي ٿيو، جنھن جي وسيلي خدمتون سرانجام
ڏنائين. ١٨٢٢ع ڌاري ھندستان ۾ آيو ۽ سرجان ڪين سان
گڏجي افغان جي پھرين جنگ ۾ حصو ورتائين. ١٨٣٩ع ۾
غزني ۽ ڪابل جي غصب ڪرڻ ۾ ھن جو وڏو ھٿ ھو. ١٨٤٦ع
۾ ڪيترن لقبن حاصل ڪرڻ کان پوءِ ايجوانٽ جنرل ٿيو.
پڇاڙيءَ ۾ سکن جي ٻي جنگ ڌاري رام نگر ۾ ١٨٤٨ع ۾
قتل ٿي ويو.
(انڊين بايوگرافي ١٠٣)
(٤٠)
سر ويلولي ڪاٽن (١٧٨٣ع – ١٨٦٠ع):
سر ويلولي ڪاٽن
Sir
Willoughly Cotton
ايڊمرل راولينڊ ڪاٽن جو پٽ،
١٧٨٣ع ڌاري دنيا ۾ آيو. تعليم کان پوءِ ١٧٩٨ع ڌاري
رگبي محافظن جي دستي ۾ آيو ۽ ڪيترن ملڪن ۾ فوجي
خدمتون سرانجام ڏئي ١٨٢١ع ۾ ھندستان آيو ۽ برما جي
پھرين جنگ ١٨٢٥ع – ١٨٢٥ع ۾ برگيڊيئر طور شريڪ
رھيو. ١٨٣٠ع ۾ ميجر جنرل
K.C.B.
ٿيو.
١٨٢٩ع کان ١٨٣٤ع تائين جميڪا ۾ ھو. ان کان پوءِ
١٨٣٩ع ۾ بنگالي لشڪر جي ھڪ ڊويزن سان انڊس لشڪر جي
اڳواڻي ڪيائين. غزني ۽ ڪابل جي جنگين ۾ بھ لڙندو
رھيو. ١٨٤٠ع ڌاري ليفٽيننٽ جنرل ٿيو. ١٨٤١ع ۾
بمبئي فوج جو سپھھ سالار ٿيو. ٤ مئي ١٨٦٠ع ۾ مري
ويو.
(٤١)
لارڊ (١٨٠٨ع – ١٨٤٠ع):
پرسيول پارٽن لارڊ
Percival Burton Loard
ولد جان لارڊ ١٨٠٨ع ۾ ڄائو.
ڊبلن يونيورسٽي مان طب ۾
M.D.
ڪري
١٨٣٢ع کان پوءِ بمبئي جو مددگار سرجن ٿيو. ان کان
پوءِ ١٨٣٦ع ۾ اليگزينڊر برنس سان گڏ ڪابل ويو.
١٨٣٧ع ۾ اتر افغانستان جي شھر قندوز تائين ويو.
پڇاڙيءَ ۾ لارڊ ميڪناٽن سان اتي ١٨٣٨ع ۾ پوليٽيڪل
ايجنٽ رھيو.
خيبر جي جنگ ١٨٣٩ع ۾ بھ ھو، جڏھن امير دوست محمد
خان اتر افغانستان ڏانھن ڀڳو، تڏھن ان جي پيڇي ڪرڻ
لاءِ مقرر ٿيو. سارو سال باميان ۾ گذاريائين. جڏھن
امير دوست محمد خان پروان ۾ انگريزي لشڪر سان
مقابلي لاءِ آيو تھ ھيءُ ان چڪري ۾ ٢ نومبر ١٨٤٠ع
۾ ڪسجي ويو. ھن برنس سان گڏجي جيڪي ڪم ڪيا، تن
لاءِ برنس ڪابل جي يادگيرين ۾ سندس لاءِ گھڻو ڪجھھ
لکيو آھي. ١٨٤٢ع ۾ اھو ڪتاب لنڊن مان شايع ٿيو ھو.
(بايو گرافي ھند ٢٥٤).
*
(٤٢)
سردار غلام حيدر خان (١٢٣٥ – ١٢٧٤ھھ):
ھيءُ امير دوست محمد خان جو پٽ ھو. ١٢٣٥ھھ ڌاري
ڪابل جي اوڀارين پاسي کٽملي واري باغ ۾ پيدا ٿيو.
عربي علم ادب جي تربيت ملا محمد اڪرم باجوري ۽
قاضي عبدالسلام لوگري وٽان ورتائين، پوءِ امير
دوست محمد خان جو ولي عھد مقرر ٿيو. حڪومت جي
ڪاروبار ۾ امير دوست محمد خان کان پوءِ وڏو ھوشيار
ھو. ڪيترا سال پيءُ جي پاران جلال آباد ۽ غزني طرف
حڪومت جو نائب رھيو. ١٨٣٩ع ۾ جڏھن انڊس لشڪر
ھندستان جي برطانوي حڪومت طرفان افغانستان تي
چڙھائي ڪئي، ۽ انگريزن قنڌار ھٿ ڪرڻ کان پوءِ شاھھ
شجاع کي تخت تي ويھاريوويو تھ ھن غزني کي گھيري ۾
آندو. ان وقت غلام حيدر خان غزني جو بچاءُ ڪري
رھيو ھو. آخر ٢٣ جولاءِ ١٨٣٩ع ۾ بالاحصار غزني
انگريزن جي قبضي ۾ آيو ۽ غلام حيدر خان قيد ٿيو.
انھيءَ ئي سال ٿورن مھينن کان پوءِ امير دوست محمد
خان پاڻ کي انگريزن جي لشڪر وٽ پيش ڪيو ۽ ڪلڪتي،
انبالي تائين پنھنجي عزيزن سان ملڪ بدر ٿيو تھ
غلام حيدر خان پوني (بمبئي) ۾ قيد رھيو.
ھنن جي پويان افغان غازين جھاد شروع ڪيو ۽ ھن جو
ڀاءُ سردار محمد اڪبر خان ٻين غازين سان گڏ ميدان
۾ آيو، جنھن انگريزن جي سفير مئڪناٽن ۽ سپھھ سالار
برنس ۽ شاھھ شجاع جي قتل کان پوءِ انگريز لشڪر کي
ھندستان واپس ٿيڻ تي مجبور ڪيو. مٿين ٽنھي ڄڻن جي
قتل ٿي وڃڻ کان پوءِ امير دوست محمد خان، غلام
حيدر خان ۽ ٻيا جيڪي ساڻن گڏ ھئا، آزاد ٿي ١٨٤٢ع
ڌاري ڪابل ۾ واپس اچي ويا، جيڪي ٽن سالن تائين وطن
کان پري ھندستان ۾ نظربند ھئا.
غلام حيدر خان ان کان پوءِ غزني ۽ جلال آباد ۾
حڪومت جو نائب رھيو، ١٢٧١ھھ/
١٨٥٥ع ۾ پنھنجي پيءُ جي پاران جمرود ڏانھن روانو
ٿيو ۽ پنجاب جي چيف ڪمشنر سرجان لارنس سان ملاقات
ڪيائين، جتي انگريزن ۽ افغانن جي دوستي ۽ ھڪ ٻئي
جي معاملن ۾ مداخلت نھ ڪرڻ جومعاھدو ٿيو، جيڪو
جمرود وارو معاھدو ڪوٺجي ٿو. اھو معاھدو ٣٠ مارچ
١٨٥٥ع تي ٿيو ھو.
غلام حيدر خان
پنھنجي والد امير دوست محمد خان جو ولي عھد ھو.
جوانيءَ ۾ جمعي ٢١ ذوالقعد ١٢٤٨ھھ تي ٣٩ ورھين جي
ڄمار ۾ ڪابل ۾ وفات ڪيائين. کيس ڪابل جي ڏکڻ ۾
مزار عاشقان، عارفان ۾ دفنايو ويو.
سردار غلام حيدر خان صاحب ذوق، علم دوست ۽ فارسي
جو شاعر ھو. ھن وٽ ڪيئي بھترين قسم جا ڪتاب غزني ۾
موجود ھئا. جيڪي غزني جي غصب ٿيڻ کانپوءِ انگريزن
جي قبضي ۾ ويا. اھڙو بيان مسٽر بيلو بھ ڪيو آھي،
جيڪو انگريزي جو عالم ۽ مؤرخ ھو. سندس چوڻ موجب
غلام حيدر خان کيس اٺ ناياب علمي ڪتاب پشتو ۽
فارسي جا ڏنا ھئا.
غلام حيدر خان جي شاعري مان ھڪ شعر جو سنڌي ترجمو
پيش ڪجي ٿو:
خدا جا شڪرانا جو پيري جي پڇاڙيءَ ۾
مون کي تنھنجي سج جھڙي سونھن نئين سر جوان ڪيو.
*
(٤٣)
انڊس لشڪر ۽ غزني جو غصب ٿيڻ:
ھن ڪتاب ۾ انگريزن
طرفان افغانستان تي چڙھائي لاءِ موڪليل لشڪر جو
پورو تفصيل نھ ڏنل آھي، جنھن جي پورائي لاءِ ڪي
انگ اکر ھيٺ ڏجن ٿا. مرزا عطا محمد پنھنجي ڪتاب ۾
سيد فدا حسين جمعدار، ترڪ سوار جي ڪتاب تاريخ
افغانستان جو اقتباس ڏنو آھي، جيڪو ھن لشڪر سان گڏ
ھو. ھتي جيڪي انگ اکر ڏجن ٿا، اھي مختلف فوجي
عملدارن جا آھن، جن جو لاڳاپو انگريزي لشڪر سان
ھو.
١. بينگال ڊويزن
جملي ٩٥٠٠ ڄڻا
ميجر جنرل سر ڊبليو ڪاٽن
Cotton
برگيڊ پھرين – برگيڊيئر سيل
Sale
جنھن سان بينگال جا ١٣-١٦ ۽ ٤٨ بينگالي پيادن جا
دستا ھئا.
برگيڊ بي – برگيڊيئر ناٽ
Nott
جنھن سان ٣١-٤٢ ۽ ٤٣، بينگالي پيادن جا دستا ھئا.
برگيڊ ٽين – برگيڊيئر ديناءِ
Dennif
جنھن سان ٢ ۽ ٢٧ بينگالي پيادن جا دستا ھئا.
برگيڊ چوٿين سوار – برگيڊيئر ٺاڪيل
Thackwell
جنھن سان ١٦ نيزي دار ٢ ۽ ٣ سوار ھئا.
٢. ڊويزن بمبئي
ليفٽيننٽ جنرل نائب سالار، سر جان ڪين
J.Keane
برگيڊ پھرين – برگيڊيئر ويلشائر
Will Shire
جنھن سان ٢ ملڪھ ١٧ ۽ ١٩ بمبئي جي پيادن جا دستا
ھئا.
برگيڊ بي – برگيڊيئر گورڊن
Gordon
جنھن سان ١-٢ ۽ ٥ بمبئي جي پيادن جا دستا ھئا.
برگيڊ ٽين سوار – برگيڊيئر اسڪاٽ
Scott
جنھن سان ١٤ سوارن جو دستو ۽ پوني جي سوارن جو
پھريون دستو ھو.
٣. رزرو لشڪر ميجر جنرل ڊنڪن
Duncan
جملي
٤٢٥٠ ڄڻا.
٤. لشڪر شاھھ شجاع جملي ٦٠٠٠ ڄڻا.
٥. سنڌ ۾ بمبئي جو رزرو لشڪر جملي ٣٠٠٠ ڄڻا.
سڄو جوڙ سنڌ جي
رستي کان ٢٨٣٥٠ ڄڻا
٦. شھزادي تيمور جا لشڪري – خيبر رستي کان ٤٨٠٠
ڄڻا.
٧. سکن جا لشڪري خيبر رستي کان ٦٠٠٠
ڄڻا.
٨. پشاور مان سکن جو مددي لشڪر خيبر رستي کان
١٥٠٠٠ ڄڻا.
افغانستان تي چڙھائي لاءِ موڪليل لشڪر جملي ٥٤١٥٠
ڄڻا.
ھن لشڪر ۾ اٺ ھزار
عملدار ٻارھن ھزار خاص ڪارڪن (ڪيمپ فالوور) ۽ ٽيھن
ھزارن کان وڌيڪ اٺ بھ شامل ھئا.
شھزادي تيمور جا لشڪري، جيڪي ليفٽيننٽ ڪرنل ويڊ
Wade
جي
قيادت ۾ خيبر کان روانا ڪيا ٿي ويا، تنھن ۾ ١٦
توبون، ١٤٠ توبچي، ٢٠٦٩ سوار، ٨٤٠٠ پيادا، ٢٥٠
انجنيئر،
جيڪو لشڪر سنڌ مان لنگھي قنڌار تي حملو ڪرڻ ويو،
تنھن ۾ ٥٤ توبون، ٨٠٠ توبچي، پيادا سوار ۽ ٣٤٠
انجنيئر ھئا. اھڙيءَريت سڄي انڊس لشڪر جو سنڌ ۽
افغانستان ۾ ھيءُ انگ ھو.
لشڪري ماڻھو ۽ انھن جا واسطيدار ٤٠١٨٦
ڄڻا.
لشڪر، جيڪو افغانستان ۾ جنگ لڙيو ٿي
٢٠٠٠٠ ڄڻا
توبون ٧٠ کان ٨٠ تائين
انگريزن، سکن، شاھھ
شجاع ۽ شھزادي تيمور جو لشڪر، جيڪو سمورو سنڌ ۽
خيبر کان روانو ٿي افغانستان تي وڃي ڪڙڪيو. تنھن
جو ڪل تعداد ٥٤١٥٠ ھو
فاصلا ۽ پھچ جون تاريخون:
لڌيانو ٢٠ نومبر
١٨٣٨ع کان فيروزپور ٢٩ نومبر – ٨١ ميل، فيروزپور
کان بھاولپور ٢٢٩ ميل، ٢٩ ڊسمبر ١٨٣٨ع بھاولپور
کان روھڙي سنڌو نديءَ جي ڪناري سان ٢٢٤ ميل، ٢٤
جنوري ١٨٣٩ع. روھڙي کان ھيٺين سنڌ ڏانھن وري سکر
واپسي ١٤٥ ميل ١٥ فيبروري ١٨٣٩ع سکر کان شڪارپور ۽
ڍاڍر تائين ١٧١ ميل فاصلو، ١٠ مارچ ١٨٣٩ع. ڍاڍر
کان ڪوئيٽھ بولان رستي ٥٠٧٩٣ فوٽ بلندي فاصلو ٨٦
ميل، ٢٦ مارچ ١٨٣٩ع ڪوئيٽھ کان قنڌار ڪوڙڪ رستي
٧٠٤٥٧ فوٽ بلندي مفاصلو ١٤٧ ميل، ٢٦ اپريل ١٨٣٩ع،
قنڌار کان قلات، ٥٠٧٧٣ فوٽ بلندي فاصلو ٨٧ ميل، ٤
جولاءِ ١٨٣٩ع قلات کان غزني ٧٠٧٢٦ فوٽ بلندي فاصلو
١٥٠ ميل (ليڪن) قنڌار کان فاصلو ٢٢٩ ميل، ٢١
جولاءِ ١٨٣٩ع. غزني کان ڪابل ٦٠٣٩٦ فوٽ بلندي
فاصلو ٨٨ ميل، ٦ اگسٽ ١٨٣٩ع. لشڪر انڊس جو طئي ڪيل
سمورو فاصلو ڪرنال کان ڪابل تائين ١٣٨٥ ميل.
جنگ جا حرج خرچ:
فيبروري ١٨٣٩ع کان آڪٽوبر ١٨٤١ع تائين جملي ٧٥٠٠
(ست ھزار پنج سو) افغان شھيد ٿيا. ان کان پوءِ بھ
جنگ جي خاتمي تائين ٥٠٠٠ پنج ھزار ٻيا ماڻھو جنگ
جو بچاءُ ڪندي مارجي ويا، جن سمورن جو تعداد –
پھرين جنگ کان ١٢٥٠٠ (ٻارھن ھزار پنج سؤ) ٿئي ٿو.
جنگ ۾ انگريزن جي فوج جا جيڪي سپاھي ۽ آفيسر ھئا،
ڊسمبر ١٨٤٢ع تائين انھن جو تعداد ارڙھن ھزار
سپاھين ۽ پنجاھھ آفيسرن تائين آھي.
ان مان تيرھن ھزارن پيادن جو لشڪر جنوري ١٨٤٢ع ۾
ڪابل ۽ جلال آباد جي وچاڳ ۾ مارجي ويو. باقي ان
مان ھڪڙو ڄڻو ڊاڪٽر وليم بريڊن
Brydon
وڃي بچيو، جيڪو ١٣
جنوري ١٨٤٢ع تي جلال آباد پھتو ھو.
مسٽر ھيوز جنگ ۾ وھٽن جي ضايع ٿيڻ جو تعداد ٣٣
ھزار ٻڌائي ٿو. ان کان سواءِ عام طور ضايع ٿيلن جو
تعداد
22,90,000
ڄاڻائي ٿو.
اھڙيءَ ريت جنگ جو سڄو خرچ ڪابل جي غصب ٿيڻ تائين
١٧ ۽ ٢٠ ملين پونڊ اسٽرلنگ ٻڌائي ٿو.
انھيءَ حساب مطابق ھندستان جي انگريزي حڪومت جو
سمورو خرچ ٽيھھ ملين پائونڊن تائين ٿي سگھي ٿو.
اھو نقصان انساني جانين تلف ٿيڻ کان سواءِ آھي،
جيڪو ٻنھي طرفن کان نھ چوندي بھ ٣٥٠٠٠ (پنجٽيھھ
ھزار) ماڻھن جي مارجي وڃڻ تائين ٿي سگھي ٿو.
ايتري حرج خرچ کانپوءِھندستان جي برطانوي حڪومت جي
وس ۾ نھ ھو تھ ھو افغانستان کي پنھنجي حڪومت جو
حصو بڻائي سگھي.جيستائين افغانستان تي چڙھائي ۽ ان
جي غصب ڪرڻ جو معاملو آھي تھ اھو اتان جي خانھ
جنگي ۽ اندروني اختلاف سبب آسان ٿي سگھيو ٿي، ليڪن
ان کان پوءِ ملڪي ڪاروبار ھلائڻ ۽ ماڻھن کي ضابطي
۾ رکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم ھو، جنھن لاءِ انگريز
سياستدانن منڍ ۾ ڪونھ سوچيو ھو. جڏھن برنس اندريان
اھي سڀ نقصان ڏنا ۽ افغانن جي قوت بابت پنھنجي
حڪومت کي خبردار ڪيو تھ بھ انھن ڪا پرواھھ ڪانھ
ڪئي، آخر جيڪو نتيجو نڪتو سو پاڻ ڏسي چڪا!
(ڏسو تعليق ٣١).
غزني جو گھيرو ۽ ان جو غصب ٿيڻ:
انڊس لشڪر جي ڪارڪردگيءَ ۾ غزني جو گھيرو ۽ ان کي
غصب ڪرڻ وارو معاملو وڏي اھميت رکي ٿو. موھن لال
جيڪو خود انھيءَ گھيري ۾ شامل ھو لکي ٿو تھ:
”انڊس لشڪر تاريخ ٢١ جولاءِ ١٨٣٩ع تي غزني جي حد ۾
پھتو. تڏھن مون ھڪ پراڻي سڃاڻو عبدالرشيد خان امير
بن عبدالامين خان توبچي باشي جي ڀاڻيجي، جيڪو قلعي
۾ غلام حيدر خان سان گڏ ھو، تنھن کي خط لکي موڪليو
تھ تون جلد اچي اسان جي لشڪر ۾ شريڪ ٿيءُ. اھو خط
سڌو وڃي غلام حيدر خان وٽ پھتو.
عبدالرشيد خان جيڪو دلي طور مون سان ٻڌل ھو، تنھن
کي جو خبر پئي تھ اٽڪل کان ڪم وٺي ھڪڙي سوار کي
سائي رنگ جو شھادت وارو لباس پارائي اسان ڏانھن
روانو ڪيائين. اھو سوار ياالله يا محمد جا نعرا
ھڻندو سڌو اسان وٽ آيو. سڀ ڪنھن ائين ٿي سمجھيو تھ
ھيءُ غازين مان ھڪ دلير سپاھي آھي. ھن اسان وٽ
پھچي عبدالرشيد خان جو زباني پيغام ڏنو. ٿوري وقت
کان پوءِ عبدالرشيد بھ اچي اسان سان شامل ٿيو.
جنھن اسان کي ڏاڍيون وڏيون خبرون چارون ٻڌايون. ھن
شخص ميجر ٿامس کي، جو انڊس لشڪر جو وڏو انجينئر
ھو، قلعي بابت ڳجھا راز ٻڌايا ۽ ڪارائتيون صلاحون
ڏنيون.
اھوئي وقت ھو جو
سردار محمد افضل خان پنھنجي سوارن سان غزني جي
ٻاھران اچي دفاع ڪرڻ ۾ لڳي ويو، سندس سردار غلام
حيدر خان بالاحصار کي ھر طرح مضبوط ڪري ان جي
بچاءُ ۾ پاڻ پتوڙيندو ٿي رھيو. جنگي ڇڪتاڻ کان
پوءِ جڏھن غلام حيدر خان شڪست کاڌي تھ موھن لال کي
چوڻ لڳو: ٻنھي ڀائرن سردار غلام حيدر خان ۽ سردار
محمد افضل خان جو اھو ارادو ھو تھ اسان ٻئي ڀائر
انھيءَ تاڙ ۾ ھئاسين تھ انگريزن جو لشڪر جڏھن اچي
ھتي پھچندو تھ ھن پاسي کان اسان ۽ امير دوست محمد
خان (سندن والد) ڪابل کان اچي مٿن ڪاھيندو. پر
انگريز عملدارن اڳ ۾ ئي غزني تي چڙھائي ڪئي ۽ اتان
چريائي ڪين! ھونءَ بھ ھنن ٻنھي ڀائرن ۾ ھڪ ٻئي
لاءِ مسھائپ ھئي. سو پاڻ ۾ ٺھندا ڪونھ ھئا. محمد
افضل خان پنھنجي ڀاءُ کان الڳ ٿي ٽي ھزار سوار پاڻ
سان وٺي غزني کان پري ھليو ويو، جيڪو اطلاع
عبدالرشيد اچي انگريزن کي ڏنو. ميجر ٿامس موقعو
وٺي قلعي تائين وڃي پھتو ۽ ان جي غصب ڪرڻ لاءِ
تيار ٿيو.ڪابل جي قلعي جو دروازو بارود سان اڏائي
٢٣ جولاءِ تي قلعي مٿان حملي جو حڪم ڪيو ويو. جڏھن
ٿامسن ۽ ڪپتان پيٽ، دروازي کي اڏائي چڪا تھ ڪرنل
ڊيني جي دستي قلعي تي حملو ڪري ڏنو. پوءِ سر رابرٽ
سيل بھ ان جي مدد لاءِ اڳتي وڌيو. ھيءُ حملو صبح
کان شروع ٿي شام تي ختم ٿيو. قلعي تي انگريزن جو
قبضو ٿي ويو. ڊبليو ڪاٽن ۽ جنرل ويلشائر بالاحصار
۾ پھچي ويا. سردار غلام حيدر خان ميجر ميڪريگر وٽ
ھٿيار ڦٽا ڪيا. لارڊ ڪين سپھھ سالار کيس عزت سان
وٺي آيو ۽ ھو موھن لال سان گڏ سندس تنبوءَ ۾ رھڻ
لڳو.
٢٣ جولاءِ تائين
غزني تي جنگي ڪارروايون ھلنديون رھيون. آخر غزني
غصب ٿي ويو. ھن جنگ ۾ انگريزن جا ١٧ ماڻھو مارجي
ويا ۽ ١٦٥ زخمي ٿيا. افغان غازين مان ٦١٤ شھيد ۽
١٦٠٠ گرفتار ٿي ويا. تنھن کان سواءِ ٽي سؤ اٺ، ھڪ
ھزار گھوڙا، ھڪ وڏو گدام ۽ ٻيو مال متاع غنيمت ۾
ويو.“
موھن لال اڳتي لکي
ٿو تھ: جڏھن اسان غلام حيدر خان جي رھڻ واري جاءِ
تي پھتاسين تھ اسان ھن جي گھر واري کي ڏٺو. اھا
مائي سردار محمد عظيم خان جي ڌيءَ ھئي. مون کيس
١٨٣٢ع ۾ ڏٺو ھو. جڏھن پاڻ چوڏھن ورھين جي ھئي.
ھيءَ تڏھن اکين جي تڪليف ۾ مبتلا ھئي ۽ ڊاڪٽر کان
علاج ٿي ڪرايائين. مون ھن کي دلجاءِ ڏني. پوءِ
ڪپتان جان ڪونولي ھن کي شھر جي ھڪ جاءِ ۾ رھائڻ جو
انتظام ڪيو. جيستائين ھنن کي ھندستان موڪليو ويو،
تيستائين مون کين زندگيءَ جون سڀئي ضرورتون پوريون
ڪري ٿي ڏنيون.
ميجر ھيوز افغاني
شھيدن لاءِ چوي ٿو تھ: ھن جنگ ۾ غزني جو بچاءُ
ڪندڙ افغانن جو وڏو نقصان ٿيندو رھيو.اسان پاڻ ٻئي
ڏينھن تي اٺ سؤ لاش دفنايا ۽ ٻين ڪيترن جا لاش
سندن گھرن مان ڪڍيا ويا. ڏيڍ سؤ ڄڻن کي سوارن قتل
ڪيو ھو ۽ ٽي سؤ لاش غزني جي ٻاھران پيا ھئا،
انھيءَ مطابق ١٢٠٠ ڄڻا قتل ٿيا، ٣٠٠ ڦٽجي پيا ۽
١٥٠٠ گرفتار ٿي ويا.
لارڊ ڪين پنھنجي ھڪ خط ٢٤ جولاءِ ١٨٣٩ع ۾ ھندستان
جي گورنر جنرل لارڊ آڪلينڊ کي لکيو، تھ لشڪر انڊس
منھنجي اڳواڻيءَ ھيٺ وڏي کيپ کٽي، اسان غزني جي
مضبوط قلعي کي ٻن گھڙين ۾ غصب ڪري ورتو. ھي قلعو
موقعي ۽ مضبوطي جي لحاظ کان ڏاڍو پڪو ۽ پختو ھو.
مون پنھنجي ٥٤ سالن جي لشڪري ملازمت جي دور ۾ اھڙي
سوڀ ڪڏھن نھ ڏٺي ھئي، جيڪا ھن قلعي دوران نصيب ٿي.
غلام حيدر خان ٥٤٠٠
سپاھين، توبن ۽ ٻين ھٿيارن سان قلعي اندر موجود
ھو، پر ھاڻ اسان وٽ قيد آھي. اسان جا مارجي ويل ۽
زخمي ٿيل ٻن سون تائين ٿيندا، ھوڏانھن دشمن جي
لشڪر جا ھيلتائين ٥٠٠ لاش ڳڻيا ويا آھن.
انڊس لشڪر جي
انجنيئر ٿامسن بھ پنھنجي خط ٢٥ جولاءِ ١٨٣٩ع ۾
غزني مان لکيو ھو تھ: صرف غزني شھر ۾ ١٥١٤ ڄڻا
(افغان) قتل ٿي ويا ۽ ١٦٠٠ ڄڻن کي اسان گرفتار ڪري
ورتو. غزني شھر ۾ افغانن وٽ ٩ توبون موجود ھيون.
*
|