(44)
ميجر ٽاڊ (١٨٠٨ع – ١٨٤٥ع):
ميجر ڊي آرڪي ايليٽ ٽاڊ
Elliott D. Arcy Toad
ولد
فريئر ٽاڊ، جنوري ١٨٠٨ع ۾ پيدا ٿيو. تعليم کان
پوءِڪلڪتي ۾ بينگالي توبخاني ۾ ڀرتي ٿيو. ١٨٢٤ع ۾
ڀرت پور ويو ۽ اتي جنگ ۾ حصو ورتائين. جنوري ١٨٢٦ع
۾ فارسي سکڻ کان پوءِ ايران ھليو ويو، جتي ايراني
فوج ۾ توبخاني جو عملدار ٿيو.
١٨٣٣ع ۾ سر بٿيون جو فوجي سيڪريٽري مقرر ٿيو.
١٨٣٦ع ۾ جڏھن ايران جي لشڪر ھرات تي حملو ڪيو تھ
ھيءُ سرجان ميڪنل جو سيڪريٽري ٿيو. ١٨٣٨ع ۾
ميڪناٽن جو فوجي سيڪريٽري ڪري رکيو ويو. ١٨٣٨ع ۾
ھرات کان قنڌار، ڪابل ۽ پشاور تائين نوي ڏينھن
مسافري ڪيائين.
ميڪناٽن وٽ فوجي سيڪريٽري ٿيڻ کان پوءِ ھيءُ ھرات
ڏانھن شھزادي ڪامران سان معاھدي ڪرڻ لاءِ ويو ۽
پوءِ اتيئي پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيو، پر ١٨٤١ع ۾
شھزادي ڪامران ھن کي ھرات مان نيڪالي ڏني ۽ لارڊ
آڪلينڊ ھن کي انھيءَ سياسي شڪست کان پوءِ واپس
توبخاني ڏانھن ڏياري موڪليو. پڇاڙيءَ ۾ ھن ستلج ۽
موڊڪي تي انگريزن جي لشڪر ڪشي ۾ بھرو وتو ۽ ٢١
ڊسمبر ١٨٤٨ع ۾ فيروز شھر ۾ قتل ٿي ويو. (بايو
گرافي ھندي ٤٢٥).
*
(٤٥)
سر ڪلوڊمارٽن ويڊ (١٧٩٤ع- ١٨٦١ع):
سر ڪلوڊ مارٽن ويڊ
Sir Clude Martin Wade
ولد
ليفٽيننٽ ڪرنل جوزف ويڊ ٣ اپريل ١٧٩٤ع ۾ بنگال ۾
ڄائو. ھيءُ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي لشڪر ۾ داخل ٿيو.
١٨٠٩ع ۾ بندل ڪند ويو. ١٨١٢ع ۾ سنڌيا ۽ ھولڪرتي
جيڪا لشڪر ڪشي ٿي، ان ۾ حصو ورتائين. ١٨١٥ع ۾
پندري وارين جنگين ۾ لڙيو. ١٨١٦ع کان ١٨١٩ع تائين
شاندار خدمتون سرانجام ڏيندو رھيو. ١٨٢٢ع ۾ لڌياني
۾ سياسي نمائندو مقرر ٿيو ۽ شاھھ شجاع سان رھڻ
لڳو. رنجيت سنگھھ سان بھ مذاڪرات ڪيا ۽ برما جي
جنگين (١٨٢٤ع – ١٨٢٦ع) دوران رنجيت سنگھھ خاموش
رھيو، جنھن مذاڪرات ۾ اھو شرط قبوليو ھو.
ھن ١٨١٧ع ۾ سنڌ جي حڪومتن (حيدرآباد ۽ خيرپور) سان
مذاڪرات ڪيا ۽ رنجيت سنگھھ جي مرڻ تائين (١٨٣٩ع)
ان سان رھيو. انھن خدمتن جي صلي ۾ ھن کي نائٽ جو
درجو حاصل ٿيو.
ان کان پوءِ افغانستان جي پھرين جنگ ۾ شريڪ ٿيو،
١٨٣٨ع کان ١٨٤٠ع تائين ھڪ خاص وفد سان پشاور ويو،
جيئن ھڪ فوجي مھم سان افغانستان ۾ لشڪر جي اڳواڻي
ڪري. جڏھن انگريزي لشڪر خيبر پار ڪري رھيو ھو تھ
ھيءُ ليفٽيننٽ ڪرنل ھو. ٢٣- جولاءِ ١٨٣٩ع ۾ ھن علي
مسجد تي قبضو ڪيو ۽ ڪابل ڏانھن وڌيو. ڪابل جي شڪست
کان پوءِ ھندستان ڏانھن وريو ۽ پوءِ اندور رياست ۾
ناظم مقرر ٿيو. وري اتان مالوا ويو، جتي ١٨٤٠ع
تائين انگريزن پاران سياسي نمائندو ٿي رھيو.
پڇاڙيءَ ۾ ١٨٤٤ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين ۽ ٢١ آڪٽوبر
١٨٦١ع ۾ گذاري ويو. (بايو گرافي ھندي ٤٣٨).
(٤٦)
قلات جي مير محراب خان جي شھادت:
مير محراب خان ٻيو احمد زئي بلوچ، بروھي خاندان
مان ھو. ١٢٣٢ھھ ۾ قلات جي خاني واري گاديءَ تي
ويٺو. (شجري لاءِ ڏسو تعليق ٢٩).
ھو باھمت ۽ آزادي طلب مرد ھو. انگريزن جي انڊس
لشڪر واري چڙھائي (١٨٣٩ع) ۾ ھيءُ انھن سان متفق نھ
ٿيو. ان جي باوجود جو انگريزن کيس پنھنجي خاني
قائم رھائڻ لاءِ پڪ ڏياري ھئي، تڏھن بھ انھن سان
اتفاق نھ ڪيائين ۽ بولان لڪ کان ھنن کي لنگھڻ نھ
ڏنائين.
ھن دلير ۽ آزادي پسند مرد جي شھادت بابت ھن ڪتاب ۾
ڪجھھ احوال آيل آھي، جيڪو چڱي دلچسپي وارو لڳي ٿو.
ھاڻ ڏسجي تھ سندس باري ۾ ٻيا ڇا ٿا لکن!
موھن لال لکي ٿو تھ تاريخ ١٣ آڪٽوبر ١٨٣٩ع ۾ سر
توماس (ٿامس) ويلشائر (ڏسو تعليق ٣٦) ۽ ڪپتان چيف
پوليٽيڪل ايجنٽ ٻئي ڪوئيٽھ پھتا. ١٢ نومبر ١٨٣٩ع ۾
قلات کان اٺ ميل پرتي ھڪ ڳوٺ جرياني ۾ وڃي لٿا.
اتان جنرل ويلشائر قلات تي حملي ڪرڻ جو منصوبو
تيار ڪيو. جنھن لاءِ برگيڊيئر بومگارڊ کي حملو
ڪندڙن جي پھرين دستي جو اڳواڻ مقرر ڪرڻ ۾ آيو،
جيڪو انگلستان جي ملڪ جي رجمينٽ نمبر ٢ جي مٿان
ھو.
مير محراب خان انگريزن جي حملي ڪرڻ کان پوءِ وڏي
بھادري سان وڙھيو، پاڻ جنگ جي ميدان ۾ ان وقت قتل
ٿيو، جڏھن اگھاڙي ترار سندس ھٿ ۾ ھئي. اھا ھئي
عاقبت ان شخص جي، جنھن جي اشاري تي انگريزن جا
ھزارين لشڪري بولان لڪ ۾ قتل ٿي چڪا ھئا. ھن کي
پنھنجي جرم ۾ جيڪا سزا ملي سا وڌيڪ سخت ھئي
اھڙيءَ ريت اھو گل سندس مھر جي لکڻي مطابق ”گلي از
گلشن محمود محراب“ (محمود جي گلشن جو گل محراب
خان) قلات جي پھاڙن ۾ ڪومائجي ويو. سندس شھادت جي
تاريخ ٥- رمضان ١٢٥٥ھھ آھي. سندس ناڪامي جو سبب
بلوچ سردارن جو نفاق ھو، جن اڳواٽ ئي ڪيترا فسادي
ماڻھو حيلن وسيلن سان ھن جي درٻار ۾ پھچائي ڇڏيا
ھئا.
جڏھن انگريزن جي
ساڻس جنگ لڳي تھ ان وقت ٻن ٽن سون ماڻھن بھ ھن جو
ساٿ نھ ڏنو.انگريزن جو لشڪر قلات شھر ۾ داخل ٿيو
تھ صرف ستر ڄڻا مير محراب خان سان ھئا،جن مان ڪن
ھندن ۽ مسلمانن جنگ جي ميدان ۾ مري پاڻ ملھايو.
ھن جو ھڪ درٻاري آخوند محمد صديق لکي ٿو تھ:
محراب خان ڏاڍو بھادر ۽ خارباز شخص ھو. ھن ماڻھن
مارڻ تي زور رکيو، جنھن ڪري ڪيئي پنھنجا پراوا
کانئس پري ھليا ويا.محراب خان ۽ سندس بروھين ۾
اھوئي وڏو معاملو ھو، جيڪو اختلاف جو سبب بڻيو.
جيڪڏھن انھن مان ھڪڙو ماٺ پئي ٿيو تھ ٻئي وري
جھيڙي ڳنڍڻ لاءِ ڪر ٿي کنيو.
جڏھن انگريز ڪابل ۽
قنڌار ھٿ ڪري موٽيا تھ انگريزي فوج، جيڪا قنڌار ۾
ھئي، تنھن اڳتي وڌي قلات ڏانھن چڙھائي ڪئي. محراب
خان انگريزن اڳيان نھ جھڪيو ۽ خدا رسول جي خوشنودي
لاءِجنگ ڪندو آيو، ليڪن بروھي سردارن مان ولي محمد
مينگل ۽ ڪن ٻين ماڻھن کان سواءِ ڪوبھ ساڻس ساٿياري
نھ ٿيو. انگريزي فوج رمضان ١٢٥٥ھھ ۾ قلات آئي. جنگ
شروع ٿي وئي. سج اڀرئي کان منجھند تائين توبن،
بندوقن جي وارن جا ڌوڙيا ھئا. نيٺ انگريزن قلات جي
قلعي جي مستونگ واري دروازي تي توبن جا وار ڪري ان
کي ڪيرائي شھر تي حملو ڪري ڏنو. محراب خان ٿورن
ماڻھن – شاغاسي نور محمد، مير ولي محمد مينگل،
عبدالڪريم رئيساڻي، داد ڪريم شاھواڻي، شاھباز خان
رنچاري، فضل خان لھڙي ۽ نبي بخش جتوئي سان گڏ،
شھيد ٿي ويو.
*
(٤٧)
قلات جا وزير، ملا محمد حسن ۽ رحيمداد:
نائب خيل جو خاندان بلوچ، بروھي، بدوزئي، بنگلزئي
آھي. ھن خاندان جي پوئين لڇ نھنگي زئي ٻڌائي وڃي
ٿي. انھيءَ خاندان مان علي خان عرف آغا علي نادر
شاھھ جي حڪم موجب مير نصير خان سان گڏ قنڌار جي
قيد ۾ ھو. ١١٧٥ھھ ۾ جڏھن مير نصير خان قلات جو
حڪمران ٿيو تھ آغا علي سندس مقرب بڻيو. ان کان
پوءِ ھن جو پٽ عبدالرحمان ڪڇيءَ ۾ حڪومت جو نائب
مقرر ٿيو. ان جي قلات درٻار جي وزيرن سان رقابت
ھئي، جن جو آخوند زئي خاندان سان تعلق ھو.
عبدالرحمان جو پٽ محمد حسن، مير محراب خان، مير
نصير خان اول ۽ مير نصير خان ٻئي جي زماني ۾ وزير
رھيو. سندس ڀاءُ محمد امين کي ڪڇيءَ ۾ نيابت جي
عھدي تي رکيو ويو.
نائب محمد حسن (وزير) اديب شاعر ۽ سياسي ڄاڻ وارو
ھو. قلات جي درٻار جا ٻھ سردار ملا محمد خان
رئيساڻي ۽ سردار تاج محمد راڪزئي ھن جا داماد
(نياڻا) ھئا، جن جي آڌار تي ھيءُ قلات جو وڏو وزير
۽ مدار المھام بڻيو.
مير محراب خان ٻئي جو دور (١٢٣٢ھھ) ملا محمد حسن
جي عروج جو دور ھو. ١٨٣٩ع جي شروعات ۾جڏھن انڊس
لشڪر افغانستان غصب ڪرڻ لاءِ چرپر ۾ آيو، تڏھن
روسي، ايراني نمائندن جو قنڌار جي سردارن جي درٻار
۾ وڏو دخل ھو. انھن سردارن طرفان مير محراب خان کي
خط لکيا ويا تھ انگريزن کي بولان واري لڪ کان
لنگھڻ نھ ڏنووڃي. اھي خط موھن لال وسيلي قنڌاري
سردارن جي قاصدن وٽان ظاھر ٿي پيا، تنھن کان پوءِ
ويلم ميڪناٽن (انگريزن جو سفير)، شاھھ شجاع، انڊس
لشڪر ۽ اليگزينڊر برنس سان گڏ فيبروري ١٨٣٩ع ۾
شڪارپور کان روانا ٿي مير محراب خان جي درٻار ۾
پھتا، جنھن سان دوستي جي نالي ۾ سياسي معاھدو
ڪيائون، تھ انڊس لشڪر کي سندس حدن مان لنگھڻ جي
اجازت ھوندي. برنس، موھن لال سان گڏجي قلات ويو،
گندا واھھ جي حاڪم محمد شريف، خان قلات پاران،
سندس آجيان ڪئي ۽ قلات جو وزير اعظم ملا محمد حسن
بھ ڍاڍر ۾ برنس سان گڏيو، جنھن کي بولان لڪ کان
لنگھڻ عيوض سالانھ ٻن لکن روپين ڏيڻ جو معاملو
طيءَ ٿيو. تنھن کان پوءِ برنس، موھن لال، ڪپتان
پٽيسن، سپمن ۽ سورھن نيزي بردارن سان گڏجي قلات
ويا، جتي خان قلات جي پٽ سندن پذيرائي ڪئي.
مير محراب خان مذاڪرات (ڳالھين) ھلندي انگريزن جي
ڌر کي ڪا سرھائي نھ لکائي ۽ ھن جي ڳالھائڻ مان ڪا
خوشي نٿي بکي. ھوڏانھن نائب محمد حسن ۽ محمد شريف
جيڪي مذاڪرات جا خاص منتظم ھئا، انھيءَ ڪوشش ۾ پاڻ
پتوڙڻ لڳا تھ برنس کي ڪنھن بھ صورت ۾ مھلت ملڻ
کپي. ٻئي پاسي وري داروغي گل محمد جي وٺ وٺان ھئي
تھ اھو ڪم ٿي وڃي، جيئن سڄو کٽيو پاڻ کائي سگھي.
انھيءَ داروغي گل محمد جي بھ قلات جي درٻار ۾ وڏي
رسائي ھئي. آخر معاھدي جو مسودو لکيو ويو، جيڪو
موھن لال وڃي درٻار ۾ پھچايو، جيئن مير محراب خان
پاڻ انھيءَ جي پڪ ڪري.
محراب خان ان بابت سڄي ڳالھھ جو سڄو مدار بروھي
سردارن تي رکي پاڻ کي غير جانبدار ڪري ڏيکارڻ لڳو،
انھيءَ غير يقيني صورتحال ۾ انگريزن جي لشڪر جو
مسئلو ويتر منجھندو ويو ۽ بولان لڪ پار ڪرڻ ان
لاءِ اڻائو ٿي پيو. ٻئي پاسي وري ائين بھ ٿي سگھيو
ٿي تھ اچڪزئي قبيلا، جيڪي پشين ۾ رھن ٿا، اھي ڪوتل
ڪوڙڪ وٽان انگريزن جي لشڪر لاءِ ڪا رڪاوٽ پيدا ڪري
وجھن. بھرحال مير محراب خان جي ڳالھائڻ جو انداز
سخت ۽ تيک وارو ھو، جنھن تان موھن لال چئي ڏنو تھ:
”انگريز حڪومت جو مقصد اوھان سان دوستي رکڻ، نباھڻ
۽ اوھان جي حقن جي حفاظت کان سواءِ ڪجھھ نھ ھو، نھ
وري ان مان ڪنھن مداخلت جو امڪان ٿي سگھيو ٿي.
خير! مون کي نھايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي تھ
جيڪڏھن اوھان جو رايو ناھي تھ نھ سھي؛ ائين چئي
معاھدي جو مسودو ھٿ ۾ کڻي مٿان ھيءُ اکر چوڻ لڳو،
جيڪڏھن اوھان اڄ ھيءُ معاھدو قبول نٿا ڪريو تھ
سڀاڻي انگريزن جو لشڪر افغانستان تي قابض ٿيڻ کان
پوءِ اوھان جي مٿان اچي ڪڙڪو ڪندو!“
موھن لال جو اھو رويو ڏسي، اھي سردار، جيڪي اتي
موجود ھئا، ڏاڍا ڏمرجي پيا ۽ گھٽ وڌ ڳالھائڻ لڳا.
محراب خان معاھدي جو مسودو واپس ورتو ۽ چيائين: تھ
جيڪڏھن اسان کي انگريزن جي فوجي قوت کان ڊيڄاريو
وڃي ٿو تھ آءٌ ھن معاھدي تي سواءِ ڪنھن ڊپ ڊاءُ جي
دستخط ڪريانٿو، اھا اسان جي رضا ۽ خوشي اوھان جي
ڌيان ۾ رھي.
ان کان پوءِ محراب خان معاھدي تي پنھنجي مھم ھنئي
۽ دستخط بھ ڪيائين، جنھن ۾ ٻن لکن سالياني ڏيڻ
بدران ٻن ھزارن روڪ ادا ڪرڻ جو شرط شامل ھو. ان
لاءِ محراب خان پنھنجي رقيب شاھنواز خان جو ڪو
لحاظ نھ ڪيو. ٻئي طرف نائب محمد حسن کي اھا ڳالھھ
نھ آئڙي، جنھن موھن لال ۽ برنس کي بھ پورو رخ ڪونھ
ڏنو، شايد ان ڪري جو ھن کي ناراض سردارن جي
پاسداري ڪرڻي ھئي.
ان کانپوءِ قبائلي بلوچ باغي ٿي ميدان تي نڪري آيا
۽ محراب خان جو مھر ھنيل معاھدو واٽ تي ئي ملا
محمد حسن جي اشاري موجب کسي ھٿياربند بلوچن کان
برنس ۽ ٻين تي حملو ڪرايو ويو، جنھن ڪري جنرل
ويلشائر پنھنجي فوج سان قلات تي حملو ڪري ڏنو۽
محراب خان قتل ٿي ويو. (٥- رمضان ١٢٥٥ھھ). ان کان
پوءِ جيئن قلات تي انگريزن جو قبضو ٿيو تھ نائب
محمد حسن ۽ نائب رحيمداد کي قيد ڪري بکر ۾ رکيو
ويو.
نائب ھڪ سال تائين قيد ۾ رھيو. ١٢٥٦ھھ ڌاري جڏھن
نصير خان ٻئي جو ميجر آؤٽرام سان ٺاھھ ٿيو ۽ قلات
جي حڪومت سندس حوالي ڪئي وئي تھ نائب مذڪور بھ قيد
مان آزاد ٿي نصير خان جو وزير مقرر ٿيو. آخوند
محمد صديق تاريخ براھوي ۾ لکي ٿو تھ مير نصير خان
جي حڪومت ۾ڪوبھ ڦڏو فساد نھ ٿيو، نھ وري ھن ڪنھن
امير ۽ درٻاري کي ڪو نقصان رسايو. مگر نائب محمد
حسن ۽ محمد امين، جيڪي وزارت جي عھدن تي رھي بھ
نصير خان جي حڪم خلاف ھر ڪم ڪندا رھيا ۽ ملڪي توڙي
مالي معاملن ۾وڏو خلل پيدا ڪري وڌائون. ايتري قدر
جو نائب (محمد حسن) جيڪب آباد وڃي جيڪب صاحب کي
ڀڙڪايو تھ نصير خان بلوچستان جي حڪومت لائق ناھي،
ان کي لاھي مون کي بلوچستان جو حڪمران بڻايو وڃي.
آءٌ حڪومت جو سڄو ڪاروبار اوھان (انگريزن) جي
مرضيءَ مطابق ھلائيندو رھندس.
جيڪب ڇا ڪيو جو ھن جون اھي ڳالھيون لکي ملا احمد
وڪيل جي ھٿان مير نصير خان ڏانھن ڏياري موڪليائين،
جيڪو اتي موجود ھوندو ھو. اھا خبر ٻڌي مير نصير
خان ڪاوڙ ۾ اچي نائب محمد حسن ۽ محمد امين کي
گرفتار ڪري قيد ۾ وجھي ڇڏيو.
ائين محمد حسن قيدي
ٿي ويو ۽ ٻن سالن کان پوءِ اتيئي وفات ڪيائين.
(١٢٧٠ھھ) ھن جو ڀاءُ محمد امين خداداد خان جي
حڪومت ١٢٧٣ھھ کان پوءِ سردارن جي سفارش تي قيد مان
آزاد ٿيو.
نائب محمد حسن جا ادبي ڪارناما:
ھيءُ فاضل شخص ھو.
فارسي ۽ بلوچي ٻولين ۾ شاعري ڪندو ٿي رھيو. بلوچي
۾ مير محراب خان جي شھادت جو احوال شعر ۾ قلمبند
ڪيو ھئائين. جيڪو تاريخ بلوچستان جي ص ٢٧٧ تي درج
آھي. فارسيءَ ۾ ھن جي وڏي ڪليات موجود آھي، جنھن ۾
ھن جا چار ديوان شامل آھن. پھريون ديوان ١١ شعاب
١٢٦٣ھھ ۾ مير نصير خان جي نالي پورو ڪيائين، جنھن
۾ غزل، رباعيون ۽ فرد آھن. ٻيو ديوان رجب ١٢٧٥ھھ
قاضي محمد عثمان ھٿان سندس وفات کان پوءِ لکت ۾
آيو. سندس ٽيون چوٿون ديوان بھ فارسيءَ جي مختلف
شعرن تي مبني آھي. ھتي سندس شعر جا ڪي نمونا سنڌي
ترجمي ۾ ڏجن ٿا
ان نازنين جو منھن جڏھن نقاب کان ٻاھر آيو،
تھ مھتاب ٿيو، ستارو ٿيو ۽ آفتاب ٿي پيو.
-
اسان کان لڪي غيرن جي محفل ۾ ٿو وڃين،
اي خطا (ملڪ) جا ھرڻ! اھڙي خطا نھ ڪر.
دنيا سان دل نھ رک جو خبر ھجئي تھ
اھا دلبندي مٿي جو سور ٿي ويندءِ
توکي دل ۾ کڻي سوين مطلب ھجن،
تھ سمجھھ تھ اڻ پورا رھجي ويندءِ.
(٢) ملا رحيمداد:
ھيءُ محراب خان جي درٻاري اميرن مان ھو، جيڪو
محراب خان جي قتل۽ قلات جي غصب ٿيڻ کان پوءِ محمد
حسن نائب سان گڏ قيد ٿيو ۽ ھڪ سال تائين بکر جي
قيد ۾ رھيو، جيئن ھن ڪتاب ۾ آيل آھي تھ ھيءُ ان
کان پوءِ واپس قلات اچي ويو.
ھي فتح محمد خراساني جو فرزند ھو، جيڪو عبدالله
خان جي حڪومت ١١٥٠ھھ ڌاري خراسان مان سندس خدمت ۾
اچي ملازم ٿيو. مير نصير خان پھرين جي دور
(١١٨٥ھھ) ۾ حرم سرا جو داروغو مقرر ٿيو، ان سان گڏ
درٻاري مقرب پڻ ھو.
ھن جا پٽ رحيمداد ۽ فقير محمد بھ قلات جي درٻار ۾
ھئا. محراب خان جي زماني ۾ فقير محمد ڪارمختار ھو.
ھيءُ پڇاڙيءَ ۾ سردار مھرالله خان رئيساڻي سان گڏ
بغاوت جي ڏوھھ ۾ قتل ٿي ويو.
فقير محمد کان پوءِ ان جو پٽ عبدالعزيز ۽ ان جو پٽ
فقير محمد ٻيو خداداد خان جي زماني ۾ وزارت، نيابت
۽ ڪارمختاري جي عھدن تي رھيا، جن کي خداداد خان جي
حڪم تي ڪنھن ڏوھھ ۾ ڪٺو ويو. ھن خاندان جا پويان
١٣٢٠ھھ تائين قلات جي درٻار سان واسطيداري رکندا
آيا، خاص ڪري نائب عبدالعزيز سالن تائين ڀاڳناڙي ۾
حڪومت جو نائب ھو.
(٤٨)
ڪرنل ڊيني (١٧٨٥ع – ١٨٤٢ع):
وليم ھينري ڊيني William Henry Dennie
ھن جو ڄم ١٧٨٥ع ۾ ٿيو. جوانيءَ ۾ ٢٢ رجمينٽ ۾ شامل
ٿي ويو. ١٨٠٢ع ۾ لارڊليڪ سان گڏ ھندستان ۾ خدمتون
سرانجام ڏنائين، ١٨٠٤ع کان ١٨٠٥ع تائين مارتياس
وٺڻ ۾ شريڪ رھيو. ان کان پوءِ رجمينٽ ١٣ ۾ برما جي
پھرين جنگ تي ويو. پڇاڙيءَ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ٿيو.
افغانستان جي پھرين جنگ ١٨٣٨ع کان ١٨٣٩ع تائين
فوجي ٽولي جي اڳواڻي ڪيائين، جنھن غزني تي چڙھائي
ڪئي ھئي، تنھن کان پوءِ ڪابل ۽ باميان ۾ بھ ساڳي
ڪرت سان لڳورھيو. ١٨ سيپٽمبر ١٨٤٠ع ۾ امير دوست
محمد خان کي شڪست ڏنائين. ١٨٤١ع ۾ جنرل سيل جي
لشڪر سان ڪابل مان جلال آباد آيو.
جلال آباد تي جڏھن نومبر ١٨٤١ع کان اپريل ١٨٤٢ع
تائين افغان غازين جو گھيرو ٿيو تھ ڊيني جنرل سيل
جي زخمي ٿيڻ ڪري انگريزي لشڪر جي ڪمان سنڀالي. آخر
٦- اپريل ١٨٤٢ع ۾ ڦٽجي فوت ٿيو، ھيءُ فوجي خدمتن ۾
انگلنڊ جي ملڪ جي مدد سان وڏي رتبي تي رسيو.
ھن ھڪ ڪتاب سنڌ، بلوچستان ۽ افغانستان جي لشڪر ڪشي
تي کيو، جيڪو ١٨٤٣ع ڌاري لنڊن مان پڌرو ٿيو.
(بايو گرافي ھندي ١١٧).
*
(٤٩)
فيلڊ مارشل پالڪ (١٧٨٦ع – ١٨٧٢ع):
سر جارج بارونيٽ پالڪ
Sir George Baronet Pollock
ولد
ڊيوڊ پالڪ. ھيءُ ٤ جون ١٧٨٦ع ۾ پيدا ٿيو. واڪس ھال
۽ ليو پچ ۾ تعليم ورتائين. ١٨٠٣ع ۾ ايسٽ انڊيا
ڪمپني جي لشڪر ۾ شامل ٿيو. ھڪ سال کان پوءِ لارڊ
ليڪ جي لشڪر سان ھولڪر جي جنگ ۾ لڙيو ۽ ڊيگ واري
محاصري ۾ حصو ورتائين.
١٨٠٥ع ۾ ڀرت پور جو گھيرو ڪيائين ۽ نيپال جي جنگ
(١٨١٤ع – ١٨١٥ع) ۾ توبخاني جي دستن جي قيادت
ڪيائين. ان کان پوءِ بنگال جي توبخاني ۾ ١٨١٩ع
تائين برگيڊ ميجر رھيو. برما جي جنگ (١٨٢٤ع –
١٨٢٦ع) ۾ پرون، مالون ۽ اندبو، ھن جي عملداريءَ
ھيٺ ھئا. ١٨٣٨ع ۾ برگيڊيئر جنرل ٿيو. ان کان پوءِ
آگري ۾ ميجر جنرل ٿي ويو. ١٨٤٢ع فيبروري ۾ پشاور ۾
آيو ۽ جنرل سيل جي لشڪر کي جلال آباد جي محاصريءَ
مان ڇڏائڻ لاءِ خيبر وٽان لنگھيو. ١٦- اپريل جلال
آباد تي قبضو ڪري جنرل سيل کي سندس لشڪر سميت
محاصري مان ٻاھر ڪڍيائين.
ان کان پوءِ ھندستان جي گورنر جنرل لارڊ ايلن برو
کيس حڪم ڏنو تھ افغانستان مان پنھنجو لشڪر واپس
وٺي اچي؛ پر پالڪ ان جي مخالفت ڪئي. ان کان پوءِ
ھيءُ ماما خيل جگدلڪ ۽ تيزين ۾ افغان غازين سان
وچڙيو ۽ ڪابل ھليو ويو. تاريخ ١٦- سيپٽمبر ١٨٤٢ع ۾
ھيءُ ڪابل کان وريو تھ جنرل نادر جو لشڪر بھ قنڌار
۽ غزني کان اچي ساڻس گڏيو. ان وقت انگريز قيدي،
جيڪي باميان ۾ سردار محمد اڪبر خان وٽ قيد ھئا، ٢٢
سيپٽمبر ١٨٤٢ع تي جنرل پالڪ جي لشڪر گاھھ ۾ اچي
ويا. تاريخ ٢٩ سيپٽمبر ١٨٤٢ع تي ھن افغان غازين
کان جند ڇڏائي ڪابل ۾ اچي پنھنجي انتقام پوري ڪرڻ
لاءِ شھر جو نقصان ڪري اتان ھندستان ڏانھن رخ
رکيو.
گورنر جنرل لارڊ ايلن برو ھن جو فيروز پور ۾ ١٩
ڊسمبر ١٨٤٢ع استقبال ڪيو ۽ کيس
G.C.B.
جو
لقب ڏنائين. ان سان گڏ ھن کي لشڪر جي ھڪ ڊويزن جو
لکنو ۾ آفيسر ڪري رکيو ويو.
ھيءُ ٢٠ سيپٽمبر ١٨٤٤ع کان ٣١ مارچ ١٨٤٧ع تائين
مجلس اعليٰ جو فوجي ميجر ھو.جڏھن استعيفا ڏنائين
تھ ايسٽ انڊيا ڪمپني کيس ھڪ ھزار پائونڊ ساليانو
وظيفو مقرر ڪري ڏنو.
١٨٥١ع ۾ ھيءُ ليفٽيننٽ جنرل ٿيو ۽ ١٨٥٤ع ۾ ھيءُ
ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ جنرل ۽ مدير رھيو ١٨٧٠ع ۾ فيلڊ
مارشل جي عھد تي پھچي ١٨٧١ع ۾ لنڊن جي مينار جو
محافظ مقرر ٿيو. ١٨٧٢ع ۾ ١٢- آڪٽوبر تي مري ھي
جھان ڇڏيائين ۽ ويسٽ منسٽر واري ڪليسا ۾ دفن ٿيو.
*
(٥٠)
شاھھ شجاع جو قتل:
١٢٥٨ھھ جي شروعات ۾ انگريزي لشڪر جڏھن ڪابل جي
خالي ڪرائڻ لاءِ مجبور ٿيو تھ شاھھ شجاع پنھنجي
مختصر لشڪر سان ڪابل جي بالاحصار قلعي ۾ موجود ھو.
ان وقت سردار محمد اڪبر خان جلال آباد ۾ انگريزن
جي لشڪر سان جھاد ۾ مشغول ھو.
ڪابل ۾ نواب محمد
زمان خان ولد نواب اسد خان ولد سردار پائنده خان
(ڏسو تعليق نمبر ٤) اميري جو دعويدار ٿيو. جنھن
لاءِ ھن پنھنجي پٽ شجاع الدولھ ۽ ٻين بارڪزئين سان
گڏجي شاھھ شجاع جي قتل جو منصوبو تيار ڪيو. تڏھن
غازين جا قاعد نائب امين الله خان لوگري ۽ ان جو
پٽ نصرالله خان شاھھ شجاع جي پاسي ھئا. سندن مرضي
ھئي تھ شاھ شجاع ۽ ان جي فوج مجاھدن سان ملي جلال
آباد ۾ جنرل پالڪ جي مقابلي لاءِ تيا رٿين. مورخ
فيض محمد جي لکت موجب: شاھھ شجاع جڏھن زمان خان کي
ٻھ لک رپيا عطيھ طور ڏيڻا ڪيا ۽ کيس پنھنجي ھمراھي
۾ جھاد لاءِ سڏيائين تھ ھن جواب ڏنوتھ آءٌ اميري
جو دعويدار آھيان رشوت خور ناھيان.
نائب امين الله خان
لوگري شاھي دربار ۾ وڌيڪ ويجھو ٿي چڪو ھو، ان ڪري
زمان خان جي ساڻس دشمني ٿي پئي ۽ شاھھ شجاع جي قتل
لاءِ سوچيائين.
جنھن ڏينھن شاھھ شجاع غازين سان گڏ ڪابل جي اوڀر ۾
سياھھ سنگ وٽ آيو ۽ لشڪر جو معائنو ٿي ڪيائين تھ
اوڏي مھل شجاع الدولھ بھ اتي موجود ھو. پر شاھھ
شجاع کيس ڌيان ۾ نھ آندو. ان تي شجاع الدولھ کي
مٺيان لڳي ۽ سندس قتل جو ارادو ڪيائين. انھيءَ کان
سواءِ ساڳي وقت سردار سلطان محمد خان ولد سردار
پائنده خان (زمان خان جي چاچي) بھ لاھور کان اتي
پھچي، ھن کي شاھھ شجاع جي قتل لاءِ ڀڙڪايو ھو.
شاھھ شجاع صبح کان اتي رھي، ڏينھن لڙئي کان پوءِ،
سنگ سياھھ واري لشڪر کان ٿيندو، بالاحصار ۾ واپس
آيو. ٻئي ڏينھن اربع ٢٣ صفر ١٢٥٨ھھ تي پاڻ سان
قيمتي جواھرن جي ڳوٿري (ھمياڻي)، جنھن ۾ پنجاھھ
لکن جا جواھر ھئا، پاڻ سان کڻي ڏولي ۾ ويھي لشڪر
گاھھ ڏانھن روانو ٿيو. شجاع الدولھ، جعفر قزلباش
سان گڏ اڳواٽ انتطار ۾ بيٺو ھو. ھن جيئن شاھھ شجاع
جي سواري ايندي ڏٺي تھ شاھي ڏوليءَ جي مٿان بندوق
جا فائر شروع ڪري ڏنائين. شاھھ شجاع کي ھلڪا زخم
رسيا، پر ڏولي بردار کيس ڇڏي موت جي ڊپ کان وٺي
ڀڳا. زخمي ٿيل شاھھ شجاع جيئن ھيٺ ڪريو، تيئن شجاع
الدولھ ۽ سندس ساٿياري قزلباش کيس قتل ڪري ڇڏيو.ھن
جو تي پنھنجو شعر سندس موت تي ٺھڪي آيو:
شاھھ شجاع جيان قاتل جي خنجر سان شھيد ٿيس،
منھنجو داستان، منھنجي ئي رت سان لکي ڇڏجو!
شاھھ شجاع جو لاش ان ئي ڏينھن ڪابل جي شھر ۾ سندس
پيءُ تيمور شاھھ جي قبر لڳ دفنايو ويو.
اھو بادشاھھ، جيڪو لڌياني کان سيستان تائين ڪاھون
ڪندو رھيو، ڪيترن کي ماري چڪو تھ ڪيترن کي ڀڄائي
ڪڍيائين، پڇاڙيءَ ۾ تخت تي ويھڻ کان پوءِ لکين
رپيا ڦري ھٿ ڪري کپائيندو ويو، سو ھن نموني جھان
ڇڏي چڪو، جنھن کان پوءِ دنيا کي وڃي امن آرام نصيب
ٿيو.
سندس قتل جي تاريخ درويش غلام محمد ”شاھھ جي“ ھيئن
لکي آھي:
ڪابل ۾ اھڙو نقشو پيش ٿي ويو جو،
عقل ئي دنگ رھجي ويو!
شاھھ شجاع جي بادشاھي،
خدا جي حوالي ٿي وئي.
ھو صبح جو دستور موجب،
ٿورن ماڻھن سان ٻاھر نڪتو،
تھ قاتل سندس مٿان اچي ڪڙڪيا،
جيڪي اڳ ورتيون ويٺا ھئا.
ھاتف چيو تھ آھون ڀر دانھون ڪر،
جو حڪومت جي شمع صبح جو اجھاڻي.
----
شاھھ شجاع شاعر بھ ھو. سندس ھڪ شعر سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪري مٿي ڏنو ويو آھي. اصل شعر ھيءُ ھو:
شھيد خنجر قاتلشد، چو شاھھ شجاع،
زمن بھ خون نويسيد داستان مرا.
---
سنڌيڪار جو تفصيلي نوٽ:
شاھھ شجاع جو ھڪ غزل ميان عبدالاحد علوي جي قلمي
بياض مان، جيڪو ھن وقت پروفيسر محترم امين
اللهعلوي جي امانت آھي، ھٿ آيو، جو ھتي ڏجي ٿو.
ياد رھي تھ ميان عبدالاحد علوي (١٨٢٥ – ١٨٩٤ع)
ميان فقير الله علوي شڪارپوري جو پوٽو ھو.
غزل شاھھ شجاع:
شگفتھ گل بھ گلستان و بلبلان مستند،
خوشابھ حال ڪسانيڪ توبھ بشر ڪستند.
بھ بزم عيش و نشاط آ مدند مي خواران،
بقصد دختر جملگي ڪمر بستند.
نمودھ غارت دلھابتان چابڪ دست،
بڪسار دلبري اين قوم بس ڪمر بستند.
ھزار عاشق شوريد، ھمنچر شاھھ شجاع،
بر اي ديدن روئي تو منتظر ھستند.
ترجمو: باغ ۾ گل ٽڙيا ۽ بربليون مست ٿيون.خوش نصيب
آھن اھي جن توبھھ ڀڃي ڇڏي.
ميخوار عيش نشاط جي محفل ۾ آيا، شراب نوشيءَ جي
لاءِ سندرو ٻڌي اچي بيٺا.
سھڻن دليون غارت ڪري ڇڏيون، دلبري جي ڌنڌي ۾ اھا
قوم تيار بيٺي آھي.
شاھھ شجاع جھڙا ھزارين سر ڦريل عاشق، جيڪي تنھنجي
منھن ڏسڻ لاءِ منتظر آھن.
شاھھ شجاع جي نفس پرستي ۽ زر اندوزي جنون جي حد
تائين ھئي. ان لاءِ ھن ھندو توڙي مسلمان ڪنھن کي
بھ ڪو نھ ڇڏيو. جنھن جو احوال ھن ڪتاب ۾ آيل آھي.
ان کان علاوه ٻين ڪتابن ۾ بھ ھن بابت ڪيترا بيان
آھن، جن مان فردوس العارفين جي لکت ھتي ڏجي ٿي.
شاھھ شجاع ١٢٤٩ھھ ڌاري سنڌ ۾ آيو (ھن جا ماڻھو لٽ
ڦر لاءِ سڄي سنڌ ۾پکڙجي ويا) ۽ ايڏو انڌير مچائي
ڏنائون، جو ماڻھو پنھنجا گھر گھاٽ ڇڏي بَر منھن
ڪري ڀڳا. اھو حال ڏسي خواجھ محمد زمان ثاني بھ
پنھنجي ڳوٺ لنواري مان ٻاھر نڪتو. پويان شاھھ شجاع
جي گھل بھ اچي پھتي. جنھن ٻين ھنڌن تان تھ سمورو
مال اسباب لٽيو، پر پڇاڙيءَ ۾ درگاھھ کي بھ ڪونھ
ڇڏيائين. اتان آئينا ۽ قنديلون وغيره سڀ ڪڍي ھليا
ويا.
کرڙيءَ واري جنگ بابت صبح السبطين جو مؤلف پٺاڻن ۽
ٽالپورن جي وچ ۾ ٿيل انھيءَ المناڪ واقعي تي لکي
ٿو تھ ١٢٤٩ھھ ۾ کرڙيءَ واري جنگ لڳي، جنھن ۾
ٽالپورن ۽ شاھھ شجاع جي وزير سمندر خان افغاني،
سکر ۾ ھڪ ٻئي سان ٽڪريا. آخر ميرن جي لشڪر شڪست
کاڌي. انھيءَ جنگ تي خليفي نبي بخش خان لغاريءَ
”سر ڪيڏارو“ لکيو، جنھن مان ڪجھھ ٽڪرا ھتي ڏجن ٿا:
شجاع ويھھ م سنڌ، اوڏا اڏي نجھرا،
ھتي راوت رند، وتن ڪلي ڪوڏئا.
--
اچي اڄ امير، کرڙيءَ خيما کوڙيا،
ڀيچي ڀيڙا نھ ٿئا، مھند نھ آيا مير،
ڏنو سر سڌير، مرتضيٰ ميدان ۾.
--
ڪونڌ ڪلي جا ڪوڏئا، نونڌنچنداپس،
سچي تن ترس، پلٽيو شاھھ پٺاڻ تي.
--
کرڙي کائي رت، ڀت نھ وجھي وات ۾،
پڙ ۾ پھلوانن جي، ويٺي پر کي پست،
جنين نيڻ نست، نينھن نھ لائي تن سين.
--
کرڙي کائي ماھھ، پيئي رت پياليون،
ويٺي سڏي شاھھ، جو ڏيندو سر ڏياچ جان.
--
ڪري ڊوھھ پٺاڻ، اچي پيو اوچتو،
دؤڙيا لک درياھھ ڏي، تارو رکي تاڻ،
جنھن مرتضيٰ سين ماڻ، سو راھھ ڀريندو رڪ جي.
--
سوڀون سر گھرن، سر ري سوڀ نھ سپجي،
سوڀ برابر سيون، توريان تان نھ ترن،
جي ھينئڙي منجھھ ھرن، سي مل مھانگا سپرين.
--
سسي لٿي سوڀ، جي ھوند پايان پاند ۾،
ھي جڳ سوڌو لوڀ، ھو پڻ گھوريو گھوريان.
--
سو سين ڏيئي، وک وٺجي ھيڪڙي،
جنھن نيزي سر نيئي، مرڪايو ميدان ۾.
--
ھي گل کولي شاھھ، پر کا ڪارڻ پوکيو،
ڪندو سنجھھ صباح، مقابلو ميدان ۾.
--
ڪٽارو م ڪڍ، ويريءَ جي وجود مان،
وڍئون ويٺو وڍ، انڊو وجھي آگرا.
--
ھڻ ڪٽارو ڪات، ويري ويرم نھ سھي،
مڇڻ ڪا مصلحات، ڪانئر وجھيئي ڪن ۾.
--
سورھيھ سندي سر تي، سسيءَ سندو بار،
جي تري تن ترار، تھ حق ادا ٿيو ان تان.
--
رڻ راوت ۽ رڪ، ٽيئي پرتا پاڻ ۾،
پيتائون پر ٿيا، منجھان سيف سرڪ،
تيموري ترڪ، ھليا ھاڃو ڪري!
--
ڳجھون ڳاڙھي وات، مون لمندي ڏٺيون،
جيڪي مانجھي ماريا، رڻ ۾ پين رات،
پڪارون پرڀات، ٻڌم ٻانھيارين جون.
--
خليفي صاحب ھن سر ۾ انھن سورھيھ مردن کي ڳايو آھي،
جي کرڙيءَ واري جنگ ۾ شھيد ٿيا. اھا جنگ ١٢٤٩ھھ/١٨٣٤ع
۾ سنڌ جي ميرن، ٽالپورن جي لشڪر ۽ شاھھ شجاع طرفان
چاڙھيل فوج جي وچ ۾ کرڙيءَ واري ميدان ۾ لڳي.
درياھھ کان لاڳيتو اتر ۽ پراڻي سکر شھر کان ڏکڻ
اولھھ واري ايراضي سڄو جنگ جو ميدان ھو. موجوده
جيل جي اتر ان پوليس جو ٿاڻو اڃان تائين کرڙيءَ
وارو ٿاڻو سڏجي ٿو، جو اڳئين کرڙي واري ميدان جو
يادگار آھي. ھن وقت اھا ايراضي، جا کرڙي جي نالي
سان سڏجي ٿي، ان جون حدون ھي آھن:
ڏکڻ کان درياھھ، اوڀر کان دنگ، شاھھ جو اوتارو ۽
ڀائي ٻالي جو مندر. اولھھ طرف جي حد واٽر ورڪس کان
قدري اولھھ ۽ اتر طرفان پراڻي ۽ نئين سکر واري وڏي
رستي ۽ کرڙي پوليس ٿاڻي کان بھ قدري اتر – اولھھ
وارو ڀاڱو، وڌيڪ تفصيل ۽ نقشي لاءِ ڏسو خليفي نبي
بخش خان صاحب جو رسالو، تحقيق ۽ تصحيح جناب ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ، جون
١٩٦٦ع.
*
(٥١)
جنرل ميڪاسل (١٨٤٥ع):
سرجان ميڪاسل
Sir John Mecaskill
سندس
ڄمڻ جي تاريخ جي خبر ناھي. ١٧٩٧ع ۾ برطانوي فوج جي
٥٣ رجمينٽ ۾ شامل ٿيو ۽ فوجي خدمتون سرانجام ڏيڻ
لڳو. ھندستان ۾ مرھٽن جي جنگ دوران سرتندو ۽ جنرل
پرنزلر سان گڏ لڙيو، جتي سترھھ ۽ سنگرھھ کي گھيري
۾ آندائين ۽ انھن تي قابض ٿي ويو. ١٨١٨ع ۾ پيشوا
جي پنجن ھزارن واري لشڪر کي شڪست ڏئي شولاپور تي
ڌاڪو ڄمايائين.
افغان جي پھرين جنگ ۾ جنرل پالڪ جي لشڪر جي ھڪ
برگيڊ جو اڳواڻ رھيو.ان کان سواءِ خيبر، تيزين ۽
استالن جي جنگين ۾ پڻ بھرو ورتائين. پڇاڙيءَ ۾ کيس
K.C.B.
جو
لقب ۽ ميجر جنرل جو عھدو مليو. مودڪي ھندستان
پيادي لشڪر نمبر نائين جو جنرل ھو ۽ انھيءَ ميدان
۾ ١٨ ڊسمبر ١٨٤٥ع تي لڙندي جان ڏنائين.
(بايو گرافي ھندي، ٢٨١.)
*
|