(٣١)
سردار شيردل خان جو محمد خان ڪوھي جي ملاقات لاءِ
وڃڻ ۽ ھن جو ڪوھي جي دغابازي کان آگاھھ ٿيڻ ۽ وري
واپس ھرات اچڻ:
بارش بند ٿيڻ کان پوءِ سردارن مورچا ڇڏيا ۽ شاھي
باغ ۾ اچي ترسيا، جيڪو ھرات جي قلعي ڀرسان ھو. ان
ھوندي بھ ٻئي ڌريون جنگ ۽ قتلام ۾ رڌل رھنديون
آيون. انھيءَ دوران محمد خان ڪوھيءَ سردارن ڏانھن
سنيھو موڪليو تھ: اسان اصل کان اوھان جي خاندان
سان خلوص واري روش رکندا ٿا اچون ۽ اوھان جي اچڻ
لاءِ دعائون پئي گھريونسين، شڪرانا رب جا جو نيٺ
اسان جي دل جي مراد پوري ٿي. اسان چاھيون ٿا تھ
ھرات جي قلعي ھٿ ڪرڻ لاءِ اسان بھ اوھان سان ٻانھن
ٻيلي ٿي اھا مھم سر ڪريون، پر ھڪ ڳالھھ ڏکي پئي
لڳي تھ گھڻي وقت کان سالو خان اسان کي آزيون پيو
ڪري تھ کيس اوھان سان ملائجي، ڇو تھ ھن تي اوھان
جي ناراضگيءَ جو ڏاڍو ڊاءُ ويٺل آھي.
جيڪڏھن اوھان مان ڪو ھڪڙو سردار اسان سان اچي
ملاقات ڪري ۽ سالو خان تي ھٿ رکي تھ ھن جو ڊپ لھي
ويندو. ساڳيو سالو خان اھا مھر مروت ڏسي اوھان جو
خدمت گار ۽ جان نثار ٿي پوندو، جنھن کان ٻيھر ڪابھ
نافرماني ڪانھ ٿيندي. ٻيو ھي تھ بنياد بيگ ھزارو
سدائين اسان جو جاني دشمن رھندو اچي ٿو، ھن وقت
اوھان جي ھٿ وس آھي. چڱو ائين ٿيندو تھ کيس ٻڌي
قيد ۾ وڌو وڃي. ائين ڪرڻ سان اسان جي دوستيءَ ۾
واڌارو ٿي ويندو ۽ اسان اوھان جا احسان سدائين پيا
سارينداسين.
انھيءَ ڪم جي سرانجامي کان پوءِ اسان پنھنجو لشڪر
ساڻ ڪري اچي اوھان سان گڏباسين. خدا جي فضل سان
ھرات جي قلعي جا در ڀڄي ڀورا ٿي پوندا. اوھان کي
خبر ھئڻ کپي تھ ھرات جي اميرن جو اسان کان سواءِ
ڪو وسيلو واھي ڪونھ آھي. ھاڻي بھ ھو جنھن اڌر اڀل
تي پيا ھلن سا اسان جي ئي آھي. اسان جيئن اتي
رسياسين تھ قلعي جون ڪنجيون اسان جي کيسي ۾ اچي
پونديون ۽ قلعي جي فتح، بنا ڪنھن جھيڙي جھٽي جي،
سردارن جي باب لکي ويندي.“ (ص: ١٩٩)
سردار صاحب اھي ڳالھيون ٻڌي ڪوھيءَ جي وڪڙ ۾ اچي
ويو ۽ ساڻس دوستي ڳنڍڻ جو خيال ڪري دل ۾ چوڻ لڳو
تھ ھن سرزمين جا ماڻھو ڏاڍا بي مروت ۽ دغاباز آھن.
ايتري قدر جو ابليس جا بھ استاد لڳن! خبر ناھي
ڪھڙي بھ وقت اسان کي نقصان ۾ وجھي ڇڏين. انھن کان
بچڻ لاءِ اڄ ئي سوچڻ کپي، متان سڀاڻي ڪنڊا ڪڍڻا
پون. ھيءُ اڃا انھن اونٽارن ۾ ھو تھ ڪنھن اچي
اطلاع ڏنس: محمد خان ڪوھي، بنياد بيگ ھزاري جو لڪ
لڪ خانو
پنھنجي قبضي ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻي خود بنياد بيگ جون
پاڙون پٽڻ ٿو چاھي.
اھا خبر جڏھن سردارن جي ويجھو رھندڙ بنياد بيگ
تائين پھتي تھ ھڪدم حيران پريشان ٿي پنھنجي پٽ کي
ھرات ۾ ڇڏي پاڻ ڪٽڪ سميت پوئتي وريو.
ھن جي وڃڻ کان پوءِ سردارن ڇا ڪيو جو پنھنجو مرم
ڇڏي ڪوھيءَ جي ڪن ڀرڻ تي بنياد بيگ جي پٽ کي جھلي
نظر بند ڪيائون. اھو ڪم لاھي سردار شير دل خان ڪي
گھوڙي سوار ساڻ ڪري ڪوھيءَ جي ملاقات لاءِ ڪھي ويو
۽ مشھد خورد ريزه وٽ وڃي ساڻس مليو.
ڪوھيءَ جو سردار کي پاڻ وٽ ڏٺو تھ ڏاڍي سرھائي ۾
اچي ويو؛ بس پوءِ تھ مھمان نوازي ۾ لڳي پنھنجي وت
کان وڌيڪ ھن جي خوشامد ڪرڻ لڳو. پر دل ۾ جا دغا
ھيس، اھا ائين ئي رھيس تھ اجھو رات جي دعوت تي
سردار جو سر کڻي پنھنجو مطلب پورو ڪندس. اھي رنگ
ڏسي ڪوھيءَ جي ھڪ توبچي (جيڪو ھن کان اڳ سردار وٽ
ملازم رھي چڪو ھو) سردار کي چتاءُ ڏئي ڇڏيو تھ
اوھان جي باري ۾ ھيءُ سٽيو ويو آھي.
سردار اھا ڳالھھ دل ۾ رکي ظاھري طرح بھادرن وانگي
بي خوف ٿي پنھنجي سپاھ کي اندرين خاني تيار ڪري
ويھي رھيو. اھا ڪل ڪوھي کي بھ پئجي ويئي تھ سردار
کي ڀڻڪ پئجي چڪي آھي، سو پنھنجو ارادو بدلائي
سردار سان ٿڌيون مٺيون ڳالھيون ڪري کيس دعوت ۾ وٺي
آيو، جتي وري پاڻ ۾ ٺھي ويا ۽ سالو خان کي بھ
گھرايو ويو، جنھن کي سردار ھٿ ڦيري دلداريون ڏئي
ڊپ ڊاءُ کان آجو ڪري ڇڏيو.
ٻئي ڏينھن ڪوھي ڪي تحفا آڻي سردار کي پيش ڪيا ۽
سندس مامي خدا نظر خان کي پاڻ وٽ رھايائين پوءِ
موڪلاڻي کان اڳ سردار شيردل خان کي چيائين تھ
ميمنھ
۽ اورگنج۾
رھايل سپاھھ، جيڪو بنياد بيگ ھزاري جي بيخ ڪڍڻ
لاءِ گھرايوويو ھو. سو اتيئي رھايو وڃي. ڇاڪاڻ تھ
ھن وقت بنياد بيگ جو لڪ لڪ خانو اسان جي ھٿ ھيٺ
اچي چڪو آھي ۽ بنياد بيگ پاڻ باميان
واري قلعي ۾ دربدر پيو ٿئي. تنھن کان سواءِ سندس
پٽ بھ اوھان وٽ نظر بند آھي. ٻي ڳالھھ تھ منھنجو
وڏي ۾ وڏو دشمن اھو ئي بنياد بيگ ھو. ان صورت ۾
مٿين ٻنھي ھنڌن تان سپاھھ کي واپس آڻڻ مناسب نھ
ٿيندو. ان لاءِ سالو خان کي روانو ڪجي ٿو. باقي
رھي ڳالھھ ھرات جي اميرن جي، جيڪي اوھان لاءِ واٽ
۾ اکيون وڇايو ويٺا آھن، تن وٽ رڳو پھچڻ جي دير
آھي پوءِ قلعو کن پل اندر اوھان جي قدمن ۾ ھوندو.
حقيقت ھي ھئي تھ ڪو ھي دل ۾ ريب رکي سالو خان کي
سردار جي روبرو ڪيو ۽ ھن کي ميمنھ ۽ اورگنج موڪلڻ
جو مقصد بھ اھوئي ھو تھ جيئن انھيءَ سپاھھ کي اتي
روڪڻ بدران واپس گھرايو وڃي، انھيءَ خيال سان تھ
ان کي سردارن جي مقابلي لاءِ تيار رکجي.
سردار کي ڪوھيءَ جي ڊوھھ ۽ سالو خان جي سازش جو ڪو
اونو نھ ٿيو ۽ ھن پنھنجي مامي خدا نظر خان کي اتي
ڇڏيو تھ پاڻ بھ ھرات ڏانھن ھليو آيو.
ٿورا ڏينھن نھ
گذريا تھ ڪوھيءَ ڇا ڪيو جو چار ھزار پيادن جو
لشڪر، ٻھ ھزار گھوڙي سوارن تھ ھزار ڏيڍ خچر سوارن
جو ڪٽڪ، پنج سو بندوقچين، توبن ۽ ٻئي جنگي سامان
سميت سنبرائي سالو خان کي ساڻ ڪري ھرات روانو ٿيو
۽ اتي پھچي مالان پل وٽ پڙاءُ ھڻي ويٺو.
سردار جيڪي اڳ ئي ھرات ۾ ھئا، تن ھن جي آجيان لاءِ
سردار ڪھندل خان کي موڪلي ڏنو. پاڻ وري مھمانداري
جي بندوبست ۾ لڳي ويا. سندن اکيون ڪوھيءَ جي
اوسيئڙي ۾ ھيون. ٿوري دير کان پوءِ سردار ڪھندل
خان واپس اچي ٻڌايو تھ محمد خان ڪوھي پنھنجي پويان
ايندڙ لشڪر ۽ سامان سڙي جي ٺاھھ ٺوھھ لاءِ چئن
ڏينھن جي مھلت گھري آھي، تنھن کان پوءِ پاڻ اچي
سردارن سان ملندو.
سردارن ڪوھيءَ جي ان ڳالھھ تي اعتبار ڪري چئن
ڏينھن گذرڻ جو سوٺو کنيو. ھنن اھو ڪونھ ٿي ڄاتو تھ
ڪوھي اندر ئي اندر ھرات جي قلعي جا پور پچائيندو
ٿو رھي ۽ ھن جي ھٿ ڪرڻ لاءِ ھرکيو ويٺو آھي. ھن کي
اھا لڳي پئي ھئي تھ ھرات جي اميرن کي ريھي ريبي
پاڻ ڏي سورجي ۽ سردارن کي مڙئي ڳالھين ۾ رھائڻ جي
ڪجي. ان کان بھ وڌيڪ ھو اڃا انھيءَ فڪر ۾ ھو تھ
ڪيئن بھ ڪري خود سردارن کي اويڙ ۾ آڻي قيدي بڻايو
وڃي پر اھو سندس وس کان ٻاھر ھو.
*
(٣٢)
محمد خان ڪوھيءَ جي دغابازي – سردارن سان جنگ جوٽڻ
۽ جنگ ۾ سندس شڪست کائڻ:
ساڳي سال ١٢٣٨ھھ
/
١٨٢٢ع ۾ محمد خان ڪوھي ھرات ۾ داخل ٿي ظاھري طرح
سردارن جو پاسو وٺي اندرين نموني ھرات جي اميرن
سان ھڪ ٿيڻ جا جتن ڪندو رھيو. ايتري ۾ چار ڏينھن
بھ اچي پورا ٿيا ۽ سردار ڪھندل خان وري سندس
ملاقات جي لاءِ وٽس اچي سھڙيو، ٻئي طرف سردارن
شاھي باغ ۾ ھن جي مھماني جون تياريون ڪري ڇڏيون.
کاڌي لاءِ ڪيترن قسمن جا طعام تھ آجياڻي واسطي
توبون ميدان تي آنديون ويون. پر ڪوھي سردار ڪھندل
خان سان ملڻ بدران پنھنجو رخ بدلائي ڪي سوار ۽
پيادا اڳ ۾ تھ ڪي پويان ڪري، سنئون سڌو ھرات جي
اميرن ڏانھن مھاڙ ڪئي ۽ قلعي ۾ داخل ٿي ويو.
سردارن جو مامو خدا نظر خان، جيڪو ڪوھيءَ سان گڏ
ھو اھو لقاءُ ڏسندي اچرج ۾ اچي اوڏيءَ مھل کانئس
الڳ ٿي ھليو آيو. پر ڪوھي جي ماڻھن سندس اڳ جھليو
۽ ھن جو ساڻن ٽڪر ٿي پيو. ٻنھي پاسن کان ڪي مئا تھ
ڪي ڦٽجي پيا. آخر خدا نظر خان پنھنجي جان بچائي
ٿڙندو ٿاٻڙندو وٺي ڀڳو.
ھوڏانھن ڪوھي سان وري اھا جٺ ٿي جو جڏھن قلعي ۾
گھڙيو تھ انھن کيس اڳتي وڌڻ بدران ٻاھر ترسڻ لاءِ
چيو. ھنن جي مرضي ھئي تھ ڪو ھي اڪيلي سر اندر اچي
ڳالھيون ڪري ھيڏي ساري لشڪر آڻڻ جي ڪا ضرورت ناھي.
ائين ڪندي قلعي مان توبن جا ٺڪاءُ شروع ٿي ويا.
سردارن کي ويتر حيرت وٺي ويئي تھ ھيءُ سڀ ڪجھھ ڇا
پيو ٿئي! جيترا وات اوتريون ڳالھيون ٿيڻ لڳيون. ڪو
چوي تھ مصطفيٰ خان روزي ارگ (ھرات جي شاھي قلعي) ۾
بغاوت ڪئي آھي. ڪنھن جو چوڻ ھو تھ سردار ڪھندل خان
کي گرفتار ڪيو اٿن ۽ خدا نظر بھ انھيءَ سان گڏ
قلعي اندر قيد آھي.
ھاڻي سردارن کي اچي ڳڻتيءَ ورايو تھ ھن حال ۾ ماٺ
ڪري ويھي رھڻ مناسب نھ ٿيندو. ٿي سگھي ٿو تھ
ڪوھيءَ ۽ ھرات جي اميرن جو لشڪر گڏجي باغ جون
ڀتيون ٽپي اچي اسان تي چڙھائي ڪن، پوءِ جان ڇڏائڻ
ڏکي ٿي پوي. بھتر آھي تھ باغ کان ٻاھر نڪري ڪا ڳڻ
ڪئي وڃي.
سڀ کان اڳ ۾ سردار شير دل خان پنھنجي عملي سان گڏ
گھوڙي تي چڙھي وڃي ھرات جي لشڪر جو اڳ جھليو، جيئن
شاھي باغ جو بچاءُ ٿي سگھي. ان سان گڏ سردار پردل
خان وري تنبو طولانن سميت سمورو سامان باغ مان
کڻائي سڄو سپاھھ ساڻ ڪري ھرات لڳ صفر واري
تخت ڏانھن نڪري ويو.
محمد خان ڪوھي جي لشڪر جو اھا صورتحال ڏٺي تھ
سمجھائين، ميدان خالي ٿي چڪو آھي. سو ھڪدم باغ
ڏانھن ڪڙدي ڪيائين، پر سردار شيردل خان جيڪو اڳ ۾
ئي گس جھليو ويٺو ھو، تنھن ڪوھي جي لشڪر سان اچي
منھن ڏنو.
ٻنھي پاسن اچي چڪري لڳي. ڪوھي جا ڪيئي سپاھي ٽاڪرو
ٻڪرين وانگي حلال ٿيندا، پنھنجي ڦاھي ٽنگبا ويا تھ
ڪي تيرن ترارين کان رتورت ٿي آسيرا پاسيرا پٽ تي
پئي چيچلائيندا رھيا.
سردار ڪھندل خان وڃي تخت صفر تائين رسيو ۽ سڄي
سپاھھ کي جنگي سامان سميت ٿانيڪو ڪيائين.ھيڏانھن
سردار شيردل خان بھ مصلحت جي خيال کان جنگ جو
ميدان ڇڏي جبل جو پاسو وٺڻ جي ڪئي. ھو جيئن پوئتي
ھٽڻ لڳو، تيئن ڪوھيءَ جي لشڪر توبون ڇوڙيندي سندس
پيڇو ڪيو، اھو ڀانئي تھ سردار شڪست کائي پويان پير
ڪندو پيو وڃي.
ڪوھي ھرات جي لشڪر سان گڏجي جڏھن شاھي باغ وٽ آيو
تھ اتي پر لئھ لڳي پئي ھئي ليڪن پريان سير خان موٽ
کائي وڄ وانگي اچي سندس مٿان ڪڙڪيو. پوءِ تھ
ڪوھيءَ جي لشڪر ۽ ھرات جي سپاھھ سان اھا ٿي جو
ڌڻيءَ جي پناھھ!
سردار شير دل خان جي لشڪر ھنن ۾ اچي اھڙا ٽاڪوڙا
وڌا جو ھيڏانھن حملي جي دير ھئي تھ ھوڏانھن موت
ويرم ئي نھ پئي وڌي. چئني طرفن دانھون ڪوڪون اڀ
ڏارينديون ٿي ويون. سردار جي سپاھين دشمنن کي
ڏاڙھين مان جھلي سندن سسيون ڌڙ کان ڌار ٿي ڪري
ڇڏيون. ھو ملڪ الموت کي پنھنجي اکين آڏو ڏسندي
ليلائيندا ٿي رھيا تھ خدا جي واسطي اسان کي قتل نھ
ڪريو. اسان بھ اھل سنت جماعت وارا مسلمان آھيون.
جواب ۾ سردار جي سپاھين کين پئي ڌمڪايو تھ بڪواس
بند ڪريو. توھان کي قتل ڪرڻ عين ثواب آھي.
اھو چئي سڀني جون منڍيون لاھيندا گھوڙن جي زين ۾
ٻڌل رسين سان سوگھو ڪندا ٿي ويا.
جڏھن ڪوھيءَ ۽ ھرات جي لشڪر کي شڪست فاش(پڌري
پٽ شڪست) نصيب ٿي تھ سردارن جا لشڪري فتحمنديءَ جي
خوشي ۽ دشمنن جون ھٿيڪيون ڪيل منڍيون کڻي وڃي
سردارن وٽ پھتا. اھي منڍيون ھنن جي اڳيان اڇلي
جنگي خدمتن کان بيخود ٿي افغاني زبان ۾ پنھنجي
خدمت گذاري، جان نثاري ۽ مردانگي جو اظھار ھن طرح
پئي ڪيائون تھ: ھاڻ اسان جون پگھارون وڌايو!
سردارن کلي کين آفرين پئي ڪئي. آخر ھر ڪنھن کي
پنھنجي مردانگي ۽ بھادري جي آڌار تي انعام اڪرام
ڏئي سرھو ڪيائون.
جنگ جو ڌنڌ اڃا پراھون نھ ٿيو ھو تھ ھرات جي اميرن
پنھنجا ڪٽڪ ھرات جي قلعي ۾ آڻيندي وري جنگ جي
شروعات ڪئي. سردار شيردل خان اڃا اڳئي جنگ مان
واندو ٿي سامت جو ساھھ مس کنيو ھو تھ اجھو ھيءَ
مصيبت مٿان اچي نازل ٿي. جنگ کان منھن موڙڻ عار
سمجھي سردار ھمت ڪري پنھنجي لشڪر کي حوصلو ڏياري
دشمن جي دوبدو ڪيو. نيٺ وڏي دليريءَ سان ويڙھھ
ڪندي پاڻ ملھايائون. آخر ھرات وارن کي ھار کائي
ميدان مان فرار اختيار ڪرڻو پيو ۽ سڀ وڃي قلعي
ڀيڙا ٿيا نتيجو اھو ٿيو جو وري نھ جھيڙي فساد ۾
منھن وڌائون.
رات مٿان اچڻ تي سردارن وڃي صفر واري ماڳ تي منزل
ڪئي. صبح جو اتان ڪوچ ڪري ھرات کان ٽي ڪوھھ پري
چمن زار وٽ اچي آرامي ٿيا ۽ پنھنجي خانن ھر ھڪ
عبدالله خان اچڪزئي، نائب ملا مؤمن خان غلزئي،
رمضان خان ھوتڪي، حاجي خان ڪاڪڙي سان مجلس ڪندي
چوڻ لڳا: محمد خان ڪوھي اھڙي چالبازي ڪئي جو ڀيڻي
ناھي. ھوڏانھن سالو خان بھ ميمنھ ۽ اورگنج مان ڪٽڪ
آڻي درياھھ جي ھن ڀر اچي لٿو آھي. ٻئي پاسي ھرات
جو لشڪر بھ تيار پيو ڏسجي. اسان ٻن بلائن جي منھن
۾ اچي وياسين تھ پاڻ بچائڻ ڏکيو ٿي پوندو. مناسب
آھي تھ درياھھ پار ڪري مير داؤد وٽ ھلي ويھي رھون.
جيڪڏھن ھڪ پاسي کان سالو خان منھن ڪڍيو تھ ساڻس
مھاڏو ڏبو، جي ٻئي طرف کان ھرات جو لشڪر آيو تھ ان
جو بلو بھ ڪيو ويندو. اسان کي اتي ٻن لشڪرن جو خاص
خطرو نھ ھوندو.
ھن جي انھيءَ صلاح تي سڀني ھاڪار ڪئي. ٻئي ڏينھن
چمن زار وٽان ٿڏو پٽي اوبھوٽان
درياھھ اڪري مير دائود ۾ آيا، جتي ڪي ڏينھن ترسي
سوچ ويچار ڪندا رھيا. ايتري ۾ ھڪ گھوڙي سوار ٽپالي
سردار مھردل خان جو خط کڻي وٽن پھتو، جنھن ۾ لکيل
ھو تھ: سمندر خان باميزئي قنڌار تي ڪٽڪ چاڙھي آيو
آھي، جنھن ڪري سخت چڪري ھلي پئي. پنھنجو نائب گل
محمد خان متان سڀاڻي ھن سان مٽي مائٽي جي ڪري ملي
اسان کي ڪو دوکو ڏئي وجھي ۽ قنڌار ھن جي حوالي ٿي
وڃي، ان ڪري وڏي خرابي ٿيڻ واري آھي. چڱو آھي تھ
سردارن مان ڪو ھڪڙو بنا ڪنھن ويرم جي قنڌار ھليو
اچي ۽ دشمن سان اچي منھن ڏيڻ جي ڪري. ٻي حالت ۾
ڦرڪوئي ڦري ويندو.
سردارن کي اچي ڦڦڙي جاڳي، سوچڻ لڳا تھ ھاڻي جيڪڏھن
ھرات جو سوٺو سر تي ٿا کڻون تھ قنڌار ھٿان ھليو
ويندو، اڳو پوءِ ائين نھ ٿئي جو ھتان بھ وڃون ۽
ھتان بھ ڪجھھ ھٿ نھ اچي. ڪنھن ڏاھي چواڻي:
”گڏھھ ويچاري پڇ جي آس ڪندي،
پڇ تھ وڃايو، پر ٻئي ڪن بھ ھليا ويس!“
بس پوءِ تھ ھرات جو خيال ڇڏي سڄي سپاھھ سميت قنڌار
ڏانھن واڳ ورايائون. محمد خان ڪوھي ۽ سالو خان،
ساڻن جيڪا جٺ ڪئي، تنھن تي افسوس مان جڪ کائيندا
ويا.
*
(٣٣)
سردارن جي خالي ھٿين ھرات کان قنڌار ڏانھن واپسي،
واٽ تي شھزادي ڪامران جي پٽ شھزادي سلطان علي کي
ڦرڻ ۽ ساڻس جنگ ڪرڻ:
سال ١٢٣٨ھھ
/
١٨٢٢ع ھلندي سردار ايڏا روکا ۽ فريب کائي نيٺ ھرات
ھٿ ڪرڻ تان آسرو پلي قنڌار ڏانھن وريا. انھيءَ سفر
جي پھرين منزل تي سالو خان جي چاچي گلزار خان کي
سندس انھن خدمتن جي صلي ۾، جيڪي ھن ھرات ۾ ھئڻ وقت
ماڻھن وٽان زوري ڍلون اڳاڙي سردارن جي پورائي لاءِ
سرانجام ڏنيون ھيون، صرف سالو خان جو وير وٺڻ لاءِ
سردارن جي سوارن اوچتو ھن مٿان چئني طرفن کان وٺ
وٺان لائي ڏني. ڪنھن سندس شال ڪلھن تان لاٿي، ڪنھن
چيلھھ ۾ ٻڌل ترار ڇوڙيس، ڪنھن بندوق ۾ ھٿ ڳنڍيس تھ
ڪنھن پھراڻ ۽ صدري بدن تان ڇڪي لاٿس. پڇاڙيءَ کيس
چولي ۽ جامي سان اڌ اگھاڙي حالت ۾ گھوڙي تان لاھي
چوکنڀو ٻڌي خچر تي چاڙھي خوار ڪري قنڌار آڻي
ڪڍيائون. جتي وري ھن کي مامي خدا نظر خان جي حوالي
ڪيو ويو، جيئن باقي ڪسر اھو پاڻ پوري ڪري ڇڏي!
مامي نظر خان لباسي خدا ترس جي صورت ۾ ايڏو تھ
ستمگر ھو، جو حجاج بن يوسف
جي بھ ساڻس ڀيڻي ڪانھ ھئي. ھن ڇا ڪيو جو گلزار خان
کي پاڻ وٽ گھرائي کيس دم دلاسا ڏئي گڏ ويھاري ميٺ
محبت ۽ مان سان ماني کارائي گھڙي پلڪ خوش ڪيو. پر
اڃا ويرم ئي نھ گذري تھ ساڻس عقوبتون ۽ جٺيون شروع
ڪري ڏنائين. ھن ايذايل کي ويتر اھنج عذاب ڏئي مٿس
حد کان وڌيڪ ويل ڪندو ويو
خدا شال پناھھ ڏئي!! ۽ ڪنھن مسلمان کي اھڙن ظالمن
جي شڪنجي ۾ نھ اڙائي.
بڇڙي کان بڇڙو ظالم تھ باقي نٿو رھي،
پر مٿس ڦٽڪارون سدائين وسنديون رھن ٿيون.
ايترين عقوبتن ۽ ايڏن عذابن کان پوءِ بھ جڏھن
گلزار خان کان ھڪ لک رپيا روڪ ڀرايا ويا، تڏھن
سندس جند ڇٽي، ھرات ۾ ھن جيڪي خدمتون ڪيون ھيون تن
جو بدلو اجھو کيس انھيءَ ريت پلئھ وڌو ويو.
شھزادو ڪامران، جيڪو ھرات مان فرار ٿيڻ کان پوءِ
لاش جي قلعي ۾ سھڙي ھرات ھٿ ڪرڻ جا خيالي پلاءُ
پچائيندو ٿي رھيو ۽ اوسيئڙي جي آوھھ ۾ ٿي پڄريو تھ
الائي ھرات جو ڇا ٿيندو ۽ بادشاھت جي اھا لال
ڪنوار ڪنھن جي ڀاڪر ڀيڙي ٿيندي؟ ھن جڏھن سردارن جي
واپسيءَ جي خبر ٻڌي تھ خوشيءَ ۾ نٿي ماپيو. ھڪدم
پنھنجي پٽ سلطان علي کي عطا محمد خان الڪوزئي،
جھانداد خان باميزئي ۽ ٿوري لشڪر سان گڏي روانو
ڪيائين تھ وڃي شڪست کاڌل سردارن تي ڪڙڪي. شھزادي
سلطان سبزوار وڃي لشڪر ٿي گڏ ڪيو تھ ھن حڪم ٻڌڻ
سان جيستائين ڪجھھ ڪري، تنھن کان اڳ، خبر پيس تھ
سردارن اچي سبزوار جو پاسو ورتو آھي. سو مقابلي جي
سگھھ نھ ساري اتان نڪري ٻارھن ڪوھن جي فاصلي تي
جبلن ۾ وڃي پناھي ٿيو. سردار جڏھن سبزوار ۾ داخل
ٿيا تھ اڌ رات جو وڳڙو ھو. ھڪ افغان (اچڪزئي) اچي
کين ٻڌايو تھ: شھزادو سلطان علي پنھنجي خانن ۽
ٿوري ڪٽڪ سميت سون سان ڀريل پيتيون پاڻ سان کڻي
لشڪر گڏ ڪرڻ جي خيال ۾ سبزوار آيو ھو تھ جيئن
سردارن جو اڳ وٺجي، پر اوھان جي اچڻ جو ٻڌي دل نھ
جھلي سگھيو ۽ سڌو وڃي جبلن ۾ پناھي ٿيو آھي.
سردارن جو سون جي پيتين جو نالو ٻڌو ۽ شھزادي جي
ڀاڄ جي بھ خبر ملين تھ شيردل خان پنج سو سوار ساڻ
ڪري، ساڳي افغان جي رھنمائي ۾ سندس پويان پيو. آخر
رات جي پوئين پھر ۾ جڏھن شھزادو پنھنجي خانن ۽
لشڪر سميت مٺي ننڊ ۾ محو ھو. سردارن وڃي اتي ٺڪاءُ
ڪيو. پھريان سوارن جي چوڪيءَ تي چڙھائي ڪيائون،
جيڪي رستن تي قائم ڪيل ھيون. اھي بھ انھيءَ ويل
قضا سان ننڊ ۾ غافل ستل ھئا.
چوڪين تي چڙھائي ڪندي جيڪو سامان ۽ سواري جا وھٽ
ھنن کي ھٿ آيا اھي ۽ قيد ڪيل سوار سوگھا ڪري
سردارن جا لشڪري بکئي بگھڙ وانگي شھزادي سلطان علي
جي ڳولا ڪرڻ لڳا. آخر ان جي خيمي تي وڃي رسيا، جتي
شھزادي سميت سندس خان ستل ھئا. گوڙ تي ھنن اکيون
کوليون تھ موت جي مارن کي پنھنجي مٿان ڏسي سندن
حوصلا خطا ٿي ويا. وٺي جو ڀاڄ ۾ منھن وڌائون تھ اک
ڇنڀ ۾ ڀر واري جبل تي وڃي ساھي پٽيائون. پٺيان
سردارن جي سپاھين سامان ۾ اچي ھٿ ڳنڍيا.
شھزادي جو جبل تان ھيٺ نظر ڪئي تھ لٽ ڦر ۾ رڌل
ٿورا سوار ڏسي افسوس ڪندي خانن کي ساڻ وٺي سوارن
سان اچي ڳنڍيو، جيڪي اوچتي حملي کان ڇڙوڇڙ ٿي ويا.
شھزادو ٽڙيل پکڙيل سامان گڏ ڪرڻ ۾ ھو تھ مٿان
شيردل خان پنھنجي اٽالي سان وارد ٿيو ۽ ويڙھھ وڌي
ويئي. شھزادي جي لشڪر کي ڀڄي جان بچائڻي پئي.
ھوڏانھن شھزادو بھ ميدان ڇڏي خانن سان گڏ وري وڃي
جبل ۾ جاءِ سنڀاري ويٺو.
جبل تي پھچڻ کان پوءِ شھزادي کي اندازو ٿيو تھ
چڙھائي جي ڪري وري جنگ جوٽي سگھجي ٿي. اھو خيال
ڪري سردارن سان وچڙي ويو. لاڳيتا ٻھ ڏينھن اھا
تيرن تفنگن جي جنگ ھلندي رھي. سردارن کان اھو نٿي
پڳو تھ جبل تي چڙھي وڃي دشمن کي مات ڪن، تنھن ڪري
جنگ ھلندي رھي. آخر شھزادي جا خان، گولي بارود جي
کوٽ سبب، اچي عاجز ٿيا ۽ ٻيو چاڙھو نھ ڏسي سردارن
کي افغاني زبان ۾ نيزاري ڪرڻ لڳا تھ:
”خدا کي ڏسو! اسان بھ دراني ۽ اوھان جا مٽ مائٽ
(سيال) آھيون. اسان قسمت جي لکئي موجب ڀڄي جان
بچائي آھي. ھن حال ۾ اوھان کي اھو نٿو جڳائي تھ
اسان جي ڪڍ اچو! بھتر آھي تھ واپس ھليا وڃو.
ھيستائين جيڪي ٿي چڪو آھي اھو اتيئي راز ۾ رکيو
وڃي.“
سردارن جڏھن ڏٺو تھ شھزادو ۽ خان ھاڻي دل ھاري چڪا
آھن ۽ آزيون پيا ڪن، ھيڏانھن اسان بھ جبل تائين
ساڻن پڄي نٿا سگھون، تنھن ڪري سندن پيڇو ڇڏي جنگ
تان ھٿ کڻي ويا. ليڪن شھزادي جو جيڪو سامان ۽
گھوڙا وغيره ھئا، سڀ لٽي ڦري واپس سبزوار ۾ آيا ۽
ڪي ڏينھن اتي رھي پيا.
ھن ويڙھھ ۾ عجب جھڙي ڳالھھ اھا ٿي تھ سردارن جي جن
سپاھين کي جنگ جي لوري لڳل ھئي، تن کي ڦر جو مال
ھٿ نھ آيو. جن وري ٻنھي ھٿن سان مال ميڙيو تن جنگ
۾ ھڪڙو تير بھ نھ ھنيو!
سردارن سڀني کي حڪم ڪيو تھ جنگ ۾ جنھن کي بھ جيڪو
مال ھٿ لڳو آھي، اھو اسان وٽ آڻي تھ جيئن سڀني کي
ونڊي وراھي ڏجي. اھو حڪم ٻڌي سپاھين پوئواري بدران
ڪروڌ ۾ منھن وڌو ۽ لڙڻ مرڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
سردارن ھنن جو اھو رخ ڏسي سياڻپ ڪري ھر ھڪ شيءِ جي
قيمت ڪٿائي. ائين سڀڪجھھ سپاھين وٽان وٺي سوگھو
ڪري رکيائون. جن سپاھين کي جنگ مان ڪجھھ نھ مليو
ھو، تن کي ٿورو گھڻو مال متاع ڏئي راضي ڪري
ڇڏيائون.
پوءِ ھيءُ (سردار) سبزوار مان روانا ٿي جڏھن فراھھ
جي قلعي ڏانھن وڌيا تھ قنڌار مان آيل ھڪ قاصد کين
خبردار ڪندي ٻڌايو تھ سمندر خان، ڪي ڏينھن جنگ جي
نيت سان قنڌار جو گھيرو ڪري اچي ويھي رھيو، پر
گلزار خان، جي وچ ۾ پوڻ تي سردار مھر دل خان کان
ڪجھھ ڏوڪڙ وٺي ھڙ ڪوسي ڪري واپس ھليو ويو.
سردارن انھيءَ اوچتي آفت جي لڙ لھي وڃڻ جي دلجاءِ
ڪري پنھنجو سفر جاري رکيو ۽ فراھھ جي قلعي تائين
وڃي توڙ ڪيائون. ھنن اڳئين ڀيري ھرات ڏانھن ويندي
ٻارھن ھزارن رپين جون ٿيلھيون فراھھ جو درياھھ
اڪرندي وڃايون ھيون، جنھن لاءِ ٽوٻا گھرائي پاڻيءَ
۾ لاٿائون، جن ھٿ پير ھڻي ڪي ٿيلھيون ھٿ ڪيون تھ
ڪي درياھھ بادشاھھ جو بَک ٿي ويون. آخر لڌل
ٿيلھيون گوڏي ھيٺان رکي باقي رقم فراھھ جي رعيت
وٽان وصول ڪري پنھنجو پيٽ ڀريائون.
اتان ٿي وري شھزادي ڪامران سان ويڙھھ ڏيڻ لاءِ لاش
واري قلعي ڏانھن چڙھائي ڪيائون، جنھن تي مرزا ابو
القاسم خان کي لشڪر جي کاڌي پيتي ۽ جنگي سامان جي
جمع بندي لاءِ مقرر ڪيو ويو. انھيءَ اڪلاءَ کان
پوءِ جيئن لاش جي قلعي ڏانھن ھلڻ لڳا تھ ھيءَ
اندوھناڪ (دکدائڪ) خبر اچي ملين. سردار محمد عظيم
خان حياتيءَ جو سفر پورو ڪري وڃي ھن جھان پھتو
آھي.
اھا خبر ملندي ھڪدم ماتم اچي متو. بر وقت مرزا ابو
القاسم خان کي موٽائي آندائون ۽ فراھھ جي قلعي ۾
پيل توبون بارود سان ڀڃرائي ٽڪر ڪرائي اٺن تي
رکائي قنڌار ھليا. جتي ھفتي جي پنڌ کان پوءِ تاريخ
٢٥ ذوالحج ١٢٣٨ھھ
/
١٨٢٣ع ۾ وڃي دنگ ڪيائون.
قنڌار پھچي ٿڪ ڀڃي آسائش ورتائون. ڪيترا ڏينھن سفر
جون صعوبتون ساريندا، محمد خان ڪوھيءَ جي ڏٺي
وائٺي دغا بازي جا سور پٽيندا ۽ ھرات ھٿ نھ اچڻ جا
ارمان ڪندا رھيا.
*
(٣٤)
سردار شيردل خان جو ڪابل وڃي، سردار محمد عظيم خان
جي پٽ حبيب الله خان کي گرفتار ڪرڻ ۽ سردار دوست
محمد خان سان جنگ ڪرڻ پڇاڙيءَ ۾ ان کي صلح سان
پنھنجو ڪري مرحوم محمد عظيم خان جي ساري دولت ميڙي
وري قنڌار موٽي اچڻ:
سردار جڏھن ھرات مان قنڌار واپس آيا تھ پاڻ مان
ھڪڙي ڄڻي کي مرحوم سردار محمد عظيم خان جي عذر
خواھيءَ لاءِ ڪابل روانو ڪرڻ جو ويچار پئي ڪيائون.
اچانڪ ڪابل مان سردار محمد عظيم خان جي پٽ حبيب
الله خان جو وٽن پيغام پھتو تھ سردار دوست محمد
خان منھنجي پيءُ جي ملڪيت پويان باھھ ٻاري ڏني آھي
۽ ان لاءِ اسان جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي اٿائين. ان جو
بلو ھن صورت ۾ ٿي سگھي ٿو تھ اوھان مان ھڪ سردار
ھيڏانھن پھچي وڃي.
سردار پاڻ ۾ صلاح ڪري شير دل خان کي ھڪ ھزار جوڌا
سوار ساڻ ڪري ڏنا، جيڪو سفر مھيني جي پڇاڙيءَ
١٢٣٩ھھ (١٨٢٣ع) ۾ ڪابل اسھيو. اتي پھچي ھن پھريان
سردار دوست محمد خان سان دوستيءَ جا پيچ پاتا ۽
محمد عظيم خان جي ملڪيت ھٿ ڪرڻ جون ساڻس ڳالھيون
ڪيائين. ٻئي پاسي حبيب الله خان کي بھ ھيٺيون
مٿيون ڏئي اٽڪل سان دوست بنائي وري اک ڇنڀ ۾ کيس
گرفتار ڪري ڪشمير مان ھٿ ڪيل سردار محمد عظيم خان
جي سڄي موڙي مڏي ڦٻائي حبيب الله خان کي قيدي جي
صورت ۾ پنھنجي مامي خدا نظر خان جي قلعي ڏانھن
اماڻي ڇڏيائين، جيئن اتيئي ھٿيڪو ٿيو پيو ھجي.
ان کان پوءِ شير دل خان جي دماغ ۾ سوداءُ جاڳيو تھ
ھاڻي دوست محمد خان جو بھ سر کڻجي، جيئن اڪيلي سر
پاڻ ڪشمير جي دولت ۽ ڪابل جي رياست جو مالڪ بڻجي
سگھي. انھيءَ خيال سان دعوت جو بندوبست ڪري سردار
دوست محمد خان کي سڏ موڪليائين.
سردار دوست محمد خان، جنھن کي وچ جي ڪا خبر ڪانھ
ھئي، پنھنجي ماڻھن سان گڏجي اتي ھليو آيو. ايتري ۾
مجلس جي ڪن اميرن کيس ڪن کڻايو تھ تنھنجي
گرفتاريءَ جون تياريون ٿي رھيون آھن. ان تان ھو
بيٺي پير دعوت جي مجلس مان نڪري ھليو ويو ۽ گھر
پھچي سردار شير دل خان کي سيکت ڏيڻ جي لاءِ سوچڻ
لڳو.
انھيءَاندروني تنازعي جي خبر جڏھن قنڌار پھتي تھ
سردار پردل خان دورانديشي کان ڪم وٺي بنا دير اچي
ڪابل رسيو ۽ ھنن ٻنھي کي پرچائي سرچائي جھيڙو ٽاري
ڇڏيائين.
سردار شيردل خان ظاھري طرح تھ ماٺ ٿي ويو، پر اندر
۾ وري دوست محمد خان سان ھٿ ڳنڍڻ جي پئي سٽيائين.
نيٺ جنگ جي باھھ ڀڙڪي اٿي. ٻنھي پاسن کان ڪيترا
ماڻھو مارجي ويا. سردار دوست محمد خان آخر جنگ جو
ميدان ڇڏي ڪابل جي شھر ۾ واپس ويو. ان جي پويان
سردار شير دل خان بھ شھر ۾ وڃي ساڻس صلح جون
ڳالھيون ڪيون. پوءِ ٻئي ٺاھھ ڪري کير کنڊ ٿي ويا ۽
ھڪ ٻئي جون خوب دعوتون ڪيائون. ھنن جي ياري ايڏي
تھ گھاٽي ٿي ويئي جو ڄڻ پاڻ ۾ ڪا دشمني ئي ڪانھ
ھين. ڪيترا ڏينھن سردار شيردل خان ۽ سردار پردل
خان ڪابل ۾ سردار دوست محمد خان وٽ عيش ڪندا رھيا.
سردار شير دل خان پڇاڙيءَ ۾ نبيرو ڪندي سردار دوست
محمد خان کان ڪشمير مان ھٿ ڪيل سردار محمد عظيم
خان مرحوم جي دولت پاڻ ورتي ۽ ڪابل جي رياست سندس
حوالي ڪيائين. انھيءَ سوديبازي کان پوءِ ھو قنڌار
وريو.
سردار دوست محمد خان ڪابل جي گادي وسائي حڪومت ڪرڻ
۾ جنبي ويو. سردار محمد عظيم خان جون جيڪي زالون
پويان رھيل ھيون، تن مان ھڪڙي کي پنھنجي نڪاح ۾
آڻي ٻين کي آزاد ڪري ڇڏيائين ۽ سردار محمد عظيم
خان جي پٽ حبيب الله خان کي جيڪو خدا نظر خان وٽ
قلعي ۾ قيد ھو، واپس گھرائي ساڻس ڀائرن وارو سلوڪ
ڪيائين. ويچاري حبيب الله خان جي حالت ايستائين
ابتر ٿي چڪي ھئي جو پيءُ جي ڪشمير واري دولت ۽
ذاتي خزاني وڃڻ ڪري چريو ٿي چڪو ھو. اھو شخص جنھن
جي حڪمراني واري زماني ۾ ٻارھن ھزار لشڪر سندس
اختيار ۽ اڳ پوءِ ۾ ھوندو ھو، سو در در ڌڪن کائڻ ۽
پنڻ جھڙو ٿي پيو.
سچ چيو اٿن تھ دنيا جي دوستي ۽ وفا تي اعتبار ڪرڻ
اجايو آھي. ھنن رولڙن مان اھو ثابت ٿي چڪو تھ
ڪشمير جي دولت واقعي جيءَ جو جنجال ھئي، جنھن بھ
ماڻھوءَ جي ور چڙھي ان جو خانو ئي خراب ڪري
ڇڏيائين.
سردار محمد عظيم خان جنھن جفا ۽ جٺ سان ڪشمير جي
ھيڏي ساري دولت گڏ ڪئي، سا کن پل ۾ لٽجي وڃي شيردل
خان جي جھوليءَ ۾ پئي ۽ ان کي بھ تباھيءَ ۾
وڌائين. تھ ھن جي پوين جو بھ وري اھو حال ٿيو جو
سڀ ڪجھھ ڦوڪي اڏائي نيٺ پنڻ ھاب ٿي دربدري ۾ اچي
ويا. دنيا جا اھي حال آھن جو: ھڪڙي زاھد خواب لڌو
تھ دنيا ڪنواري ڇوڪري وانگي پئي لڳي. ھن کان
پڇيائين: ايترن مڙسن ھوندي تون ڪيئن ڪنواري رھجي
وئينءَ؟ تنھن تي ھن جواب ڏنو: جيڪو مڙس ھو، تنھن
مون کي ھٿ ڪونھ لاتو، پر جنھن ۾ مڙسي ڪانھ ھئي
تنھن ڇڪي پاڻ وٽ رکيم. ان ڪري آءٌ ڪنواري رھجي ويس.
دنيا جيئن تھ نيڪن ۽ پرھيزگارن وٽان پنھنجي پرڪارن
سبب تڙيل ۽ ڌڪاريل آھي، ان ڪري جيڪو ھن جو طلبگار
ٿيندو، سو ذليل ۽ خوار ھوندو. دنيا جي مڏي موڙي ڪا
حيثيت نٿي رکي.
*
(٣٥)
سردار رحمدل خان جو شڪار پور مان قنڌار وڃڻ، پٺيان
عبدالمنصور خان کي شڪارپور جو حاڪم مقرر ڪرڻ، سنڌ
جي ميرن جو شڪارپور تي قبضو ڪري عبدالمنصور خان کي
اتان تڙي ڪڍڻ:
سال ١٢٣٩ھھ (١٨٢٣ع) ۾ سردار شيردل خان ڪابل ڇڏي
قنڌار آيو تھ ھڪ ٻن مھينن جي عرصي گذرڻ کان پوءِ
پنھنجي ڀاءُ سردار رحمدل خان کي شڪارپور مان
گھرائي ورتائين، جيڪو اتي حڪومت ھلائي رھيو ھو. ھن
پنھنجي سالي عبدالمنصور خان کي پويان حاڪم مقرر
ڪري شڪارپور جا وڻ ڇڏيا. چئن مھينن کان پوءِ
افواھھ (ھاواڻا) شروع ٿيا تھ خالصھ سنگھھ جون
فوجون اڄ ڪي سڀان شڪارپور تي چڙھي اچڻيون آھن. ان
سان گڏ اھو بھ ھلايو ويو تھ موسيو نورليھ ونتورا
فرانسيس
پنھنجي لشڪر سان ديري غازي خان ۾ داخل ٿي چڪو آھي.
سنڌ جي ميرن جڏھن اھو ٻڌو تھ ڪنھن چواڻي: جيڪڏھن
خدا گھري تھ دشمن بھ خير جو سبب بڻجي سگھي ٿو.
ھڪدم پنھنجي خاص مشير نواب ولي محمد خان لغاري کي
حڪم ڏنو تھ افغانن کي شڪارپور مان نيڪالي ڏئي
پنھنجو قبضو قائم ڪري ڇڏ!
نواب ولي محمد خان لغاري انھيءَ حڪم کان پوءِ،
پھريان لاڙڪاڻي مان عبدالمنصور خان کي لاڳيتا خط
لکڻ شروع ڪيا تھ خالصھ سنگھھ
جون فوجون شڪارپور ھٿ ڪرڻ لاءِ سنبت ۾ آھن ۽ تو کي
خبر آھي تھ شڪارپور اسان جي پاڙي کان پري ناھي،
خدا نھ ڪري خير! جيڪڏھن خالصن جو شڪارپور تي قبضو
ٿيو تھ ڏاڍي خرابي ٿي پوندي. خالصي جي ويجھي ٿيڻ
ڪري اسان وڏي ڏچي ۾ اچي وينداسين. ان ڪري چڱو ائين
ٿيندو تھ ان لاءِ اڳواٽ ئي ڪو اپاءُ ڪجي، سياڻا بھ
ائين ئي چوندا آھن.
ھن وقت خراسان
/
افغانستان وارا پراھين پنڌ تي
ھئڻ سبب ترت ھتي پھچي ٻوٽو ٻاري نھ سگھندا، ڇو تھ
اڄڪلھھ سڀئي سردار خراسان
/
افغانستان ۾ خيما کوڙي سڻڀن دنبن جي گوشت پشاوري
چانورن، قنڌار جي سواڌي انگورن، گدرن، ھنداڻن،
سردن، ڏاڙھن ۽ فالودن جا چسڪا وٺي رھيا آھن ۽ ٿڌا
پاڻي پي پنھنجو اندر پيا ٺارين. ان ڪري انھن جي
غيرت جي گرمائش گھٽجي چڪي آھي ۽ سندن رڳن مان
اسلامي حميت وارو خون خلاص ٿيل ٿو ڏسجي. ھونءَ بھ
جيستائين اتان جو لشڪر ايڏا ڪشالا ڪري ھت پھچي،
تيستائين شڪارپور ئي ھٿان ھليو ويندو. ان صورتحال
کي ڌيان ۾ رکندي اوھان لاءِ افضل ائين ٿيندو تھ
ماڳھين شڪارپور کي اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو، ڇو تھ
اسان وري بھ اوھان جا اسلامي ڀائر تھ آھيون.
اوھان جا سردار، جيڪي ھن کان اڳ خالصھ سنگھھ کان
سندس سلطنت جا ڪيترا علائقا کسي پنھنجي گوڏي ھيٺان
ڪري ويٺا آھن، سي برابر اڄ بھ شڪارپور جو بچاءُ
ڪري سگھن ٿا، پر انھيءَ شرط سان تھ اوھان ھوشياري
کان ڪم وٺي ھاڻي جو ھاڻي خراسان
/
افغانستان پھچي کين چتاءُ ڏيو تھ خطرو ھن حد تائين
وڌي چڪو آھي. بھرحال اوھان کي سڀ ڪم ڇڏي ھتي پھچي
بروقت بلو ڪرڻ کپي. اھڙيءَ ريت اوھان پنھنجن
سردارن کي سمجھائي ڪجھھ ڪري سگھو ٿا نھ تھ بھ ھو
گوءِ ھو ميدان ..... ! پوءِ بھ جيڪڏھن ڪجھھ ٿيو تھ
ياد رکو اھو اسان توڙي اوھان لاءِ ٺيڪ نھ ٿيندو.
عبدالمنصور خا اھو خط پڙھندو دل من ھڻندو ٿي رھيو.
نيٺ ٻيو ڪو چارو نھ ڏسي خراسان
/
افغانستان وڃڻ جو پڪو پھھ ڪيائين. ٻئي پاسي نواب
ولي محمد خان لغاري ۽ ميرن کي بھ لکيائن تھ: خالصھ
سنگھھ جو ٿوري پيماني وارو لشڪر ديري غازي خان ۾
پنھنجي ڪاروبار سنڀالڻ ۾ ئي پورو آھي. ھن کي
شڪارپور تي چڙھائي ڪرڻ جو ڪو خاص خيال ڪونھي. ليڪن
اوھان جيڪي شڪارپور جي ڪيترن ڀر وارن علائقن تي اڳ
۾ ئي پنھنجو قبضو قائم رکيو ٿا اچو ۽ شھر جون باقي
چار ڀتيون وڃي رھايون اٿو، اھا لوري اوھان کي ئي
لڳل آھي تھ اڳو پوءِ شڪارپور کي ھڙپ ڪري ڇڏجي.
انھيءَ لالچ ۾ اوھان عاقبت انديشي کان پاسيرا ٿي
خالصھ سنگھھ جي افواھن کي بھانو بڻائي شھر تي قبضي
ڪرڻ جي جيڪا دل ۾ رٿي آھي سا اوھان جي ئي ڳچيءَ ۾
پوندي.
اوھان کي خبر ھجي تھ ائين ڪرڻ خود اوھان جي حق ۾
ٺيڪ نھ ٿيندو، نھ وري اوھان کي خراسان
/
افغانستان وارن سان ڦٽائڻ کپي، اوھان کي وري بھ
اھو ٻڌائي ڇڏجي ٿو تھ شڪارپور تي قبضو اوھان کي
ڏاڍو ڏکيو نتيجو ڏيکاريندو، تنھن کان سواءِ ائين
ڪرڻ سان اوھان جي وڏي بدنامي پڻ ٿيندي.
ھن ويچاري جي انھن ڳالھين جو ميرن تي ڪوبھ اثر نھ
پيو. سندن خيال ھو تھ خراسان
/
افغانستان جي سلطنت اڳيئي لوڏن ۾ اچي چڪي آھي.
تنھن ڪري ھن طرف ڪنھن جو اچي منھن ڏيڻ اھڙو سولو
ڪم ناھي، ويتر خالصھ سنگھھ جي چڙھائي جا افواھھ بھ
عام آھن ان ڪري اڄ ئي ڪجھھ ٿي سگھندو. اھا سوچ
ڪندي ميرن نواب ولي محمد خان لغاري کي ڪجھھ لشڪر
ڏئي، ١٢٣٩ھھ (١٨٢٣ع) ۾ شڪارپور ھٿ ڪرڻ لاءِ
اماڻيو.
نواب ولي محمد خان لغاري لشڪر سوڌو لاڙڪاڻي مان
ھلي سڌو اچي شڪارپور جي شاھي باغ ۾ لٿو، جتي ھن
جمعي خان بارڪزئي کي سڏائي کيس سڀ ڪجھھ سمجھائي
حڪم ڏنو تھ عبدالمنصور خان کي بنا ڪنھن ويرم جي
خراسان
/
افغانستان روانو ڪري ڇڏ. ان سان گڏ شڪارپور جي
سموري ڍل اڳاڙي آڻي منھنجي ھٿ تي رک! جيڪڏھن ان ۾
ڪابھ ڪوتاھي ٿي تھ تولاءِ ٺيڪ نھ ٿيندو ۽ اھو سڀ
تاوڻ تو کان ڀرائي سموري پورائي ڪرڻ ۾ ايندي.
جمعي خان جو اھو نادري حڪم ٻڌو تھ ھيانءُ لاھي
جھوري ۾ جھرڻ لڳو ۽ سھڪندو وڃي عبدالمنصور خان وٽ
رسيو. کيس شڪارپور ڇڏي وڃڻ ۽ ڍل اڳاڙي ڏيڻ لاءِ
زور ڀريائين. پر عبدالمنصور خان پنھنجي ھوڏ تي
اچي بيٺو، نيٺ نابري تان لٿو ۽ ٿورو نرم ٿي چوڻ
لڳو: ان لاءِ ڏينھن ٻن جي مھلت کپي جيئن اڳ ۾
سردارن جون فرمائشون پوريون ڪجن. ان کان پوءِ
توھان جيئن چوندا تيئن ڪرڻ ۾ ايندا.
جمعو خان، جيڪو اڳيئي نواب ولي محمد خان جي ڊپ کان
ڪرڙي وانگي ٿي ڪنبيو، سو ھڪ گھڙي ميٺ محبت سان تھ
ٻي گھڙي تندي ۽ تيزي سان ھن کي ستائڻ لڳو، چئي:
مان ڀلا ٻنھي جي وچ ۾ ڪيئن اچي ڦاٿس. ھوڏانھن نواب
پيو ڏمرجي ۽ منھنجي بي عزتي پئي ٿئي تھ ھيڏانھن
اوھان تريون ئي ٽي ھنيو بيٺا آھيو، اھا آخر ڪھڙي
قسم جي چڱ مڙسي چئبي؟
ھنن جي وچ ۾ اھي ڳالھيون پئي ھليون تھ ايتري ۾
نواب ولي محمد خان لغاري جو ڪارندو دلاور خان
ڪيترن ساٿارين کي ساڻ ڪري نواب صاحب جي حڪم سان
شڪارپور لڳ سيٺ ميارام
جي ماڙيءَ ۾ اچي پھتو. ھن اچڻ شرط چوڌاري پڙھو
گھمارايو تھ اڄ کان پوءِ ھتي ميرن جو حڪم ھلندو،
ٻئي ڪنھن جي ڌاڪ نھ رھندي. پوءِ جلدئي ڪوٽوالي
پھچي شھر جي اٺن دروازن
جون ڪنجيون قبضي ڪري اتي پنھنجا ڇاڙتا ڇڏي دلجاءِ
سان گوڏو کوڙي ويھي رھيو.
ٻئي ڏينھن ھو (ساڳيو ڪارندو) ڦڻي ڏئي، سينڌ سرمو
ڪري ڪپڙا پھري سندرو ٻڌي، ترار چيلھھ سان لڙڪائي
پنھنجن ٻوڙين سان گڏ شھر جي سير تي نڪتو. جڏھن
بازارين ۽ گھٽين ۾ گھمندي سڄي ٽولي سميت نظارا
ڪندي سھڻيون زالون ڏٺائون تھ ھڪ ٻئي کي اکيون ڀڃي
چوڻ لڳا: واھھ شڪارپور واھھ – ڀلا ڀلا مار
مارينداسون ڙي رئيسن جي سرن جي سلامتي ھجي!
ائين وات ھڻندا وڌندا ٿي ويا. ماڻھن ھنن جون اھي
خرمستيون ڏٺيون تھ اچرج ۽ افسوس مان ھڪ ٻئي کي چوڻ
لڳا: شڪارپور ۾، ھيلتائين خراسان/
افغانستان جي اميرن جو ڳڙھھ ھو. ھاڻي اچي دلاور
خان جھڙن واتوڙين جي ور چڙھيو آھي. خدا پيو خير
ڪري باقي ميرن جا سو اجھو اھي حال آھن.
ٽئين ڏينھن تي عبدالمنصور خان نيٺ جمعي خان جي
صلاح مطابق نواب ولي محمد خان لغاري سان شاھي باغ
۾وڃي ملاقات ڪئي، جنھن کيس وڏو مان ڏنو.
عبدالمنصور خان پنھنجي سردارن جون اڻ پوريون
فرمائشون کيس ٻڌايون پوءِ اٺن ۽ گاڏين تي سامان
کڻائي شڪارپور ڇڏي ڳڙھي ياسين ھليو ويو. جتي
انتظار ڪرڻ لڳو تھ ڪڏھن ٿيون سردارن جون فرمائشون
پوريون ٿين.
نواب ولي محمد خان لغاري پنھنجا ماڻھو ڳڙھي ياسين
موڪلي ڏنا، جيئن رھيل فرمائشن جو پورائو ڪيو وڃي.
پر اڃا اھو ڪم اڌ ۾ ئي ھو تھ پاڻ اڳ ۾ ئي
عبدالمنصور خان کي ڳڙھي ياسين ڇڏڻ جو حڪم ڏنائين.
عبدالمنصور خان نھايت عاجز ۽ درماندو ٿي اتان ڪوچ
ڪري خراسان
/
افغانستان ڏانھن رخ رکيو. کيس
شڪارپور جھڙي محبوب ۽ من پسند شھر جي جدائي جھوري
رھي ھئي. اھو شڪارپور جيڪو ورھين کان خراسان
/
افغانستان جي والي جو منظور نظر شھر ھو. اڄ اتان
ھيءُ ويچارو سوز ڀري سيني سان سور پٽيندو ۽ لڙڪ
لاڙيندو ويو.
عبدالمنصور خان جي روانگي کان پوءِ نواب ولي محمد
خان لغاري پنھنجي عقل ۽ حوصلي تي فخر ڪندي خوشيءَ
مان ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو، چئي: شڪارپور جو سھڻو شھر
جيڪو ايامن کان خراسان
/
افغانستان جي سردارن ۽ بادشاھن جي ملڪ ھو، بنا
ڪنھن فتني فساد جي، اچي اسان جي جھوليءَ ۾ پيو نھ
تھ اھڙن ماڳن کي گھڻي خرچ خفي ۽ لشڪر لاڙي کان
سواءِ ڪير ٿوقبضي ۾ آڻي سگھي؟
نواب ولي محمد خان ان کان بھ وڌيڪ پاڻ پڏائيندو ٿي
ويو ۽ سندس درٻاري ھا ۾ ھا ملائيندا ٿي رھيا، جنھن
تي ھو ويتر ڦونڊ ۾ ڀرجي ڳوھھ وانگي سيٽبو ٿي ويو.
عجيب قسم جو نواب ھو. جيڪڏھن سندس سمورو احوال لکڻ
جي ڪجي تھ ڪيئي ڪاغذ ڪارا ٿي وڃن. آخرڪار سامت جو
ساھھ کڻڻ کان پوءِ نواب صاحب خيرپور جي ميرن جي
درٻارين فتح محمد خان غوري ۽ رئيس گھنور خان جي
مدد سان شڪارپور جي ڍل اڳاڙڻ ۾ لڳي ويو جنھن مان
واندو ٿي چار پيتيون حيدرآباد جي ٽالپورن لاءِ
رکيائين، ٽي حصا خيرپور جي ميرن ڏانھن اماڻيائين،
پڇاڙيءَ ۾ خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن طرفان ھتي
الڳ الڳ حڪمران مقرر ڪيا ويا.
شڪارپور ۾ مقرر ٿي آيل انھن حاڪمن جي انسانيت ۽
شرافت جو ڪھڙو حال بيان ڪجي، جن جي پرڪارن سبب
سندن حڪومت روز بروز زوال پذير ٿيندي ويئي. ھنن
مان گھڻا تھ بنھھ جاھل ۽ احمق ھئا، جن جو بڇڙاين
ڪرڻ ۾ ڪوبھ مٽ ڪونھ ھو. شڪارپور جون سھڻيون زالون
ڏسي، سندن واڇ گودو بڻجي ٿي پئي ۽ لاھي پاھي انھن
جي ڪڍ ڪاھي ٿي پيا. ھنن کي ھر وقت زنا ڪاري جو
سوداءُ سر ۾ سمايل ٿي رھيو. ان جو نتيجو اھو نڪتو
جو نيٺ حيدرآباد جي ٽالپورن پاران مير محمد ڪاظم
شاھھ شڪارپور جو حاڪم مقرر ٿي آيو ۽ خيرپور جي
ٽالپورن وري پنھنجي پاران فقير عالم خان مريءَ کي
مامور ڪيو. فقير عالم خان مري وري اھڙو تھ خفتي ھو
جو يونان جا حڪيم بھ سندس خفت جي علاج کان عاجز
ھئا. ھيءُ حڪومت جي واڳ سنڀاليندي شڪارپور جي
حسينن تي ڇڪن ٿي شراب پي نشي ۾ بدمست ٿي سارو
ڏينھن بدشد بڪندو ٿي رھيو.
انھيءَ بڇڙائي سان جنڊ جي پڙ وانگي گھٽين ۽
بازارين ۾ گھمندي ڦرندي داڦ ڪندو ٿي رھيو. گس پنڌ
تي جنھن کي بيٺل ٿي ڏٺائين تنھن تي گارين جا ڌوڙيا
لائي ٿي ڏنائين، متان ڪو ڪنھن حسين نازنين تي ڌاڙو
ھڻي نھ وڃي. ھن سڀني حسينن تي رڳو پنھنجو حق ٿي
سمجھيو. ٻئي کي مجال نھ ھئي جو سندس جتيءَ ۾ پير
وجھي سگھي. شھر جي ڀر ۾ جڏھن بھ سنڌ واھھ تي ھندن
جو ميلو ٿي لڳو تھ ھي ٺھي سنبري ڪڏھن سوار تھ ڪڏھن
پيادو اتي پھچي ديدار بازي جي ڌنڌي ۾ مشغول ٿي پئي
ويو. پوءِ اڳي کان اڳرو ٿي زالن جي وچ ۾ وڃي ٿي
ويٺو. پر جيئن انھن سان ٻولا چاري جي ڪوشش ٿي
ڪيائين تھ ڪي ويچاريون حجاب جي ڪري کانئس پاسيريون
ٿي پئي ويون. ڪن کانئس نفرت ٿي ڪئي تھ ڪي پري ٿي
ڀڳيون. اھو حال ڏسي انھن کي پئي چيائين: فقير کان
ڇو ٿيون ڀڄو! ڇو ٿيون لڪو! جاٿي اوھان جي جندڙي
تاٿي فقير عالم خان جي سرڙي! ائين بود ۾ ڀرجي
ڀولڙي وانگي بيڍنگو ناچ ۽ ناٽ نخرا ٿي ڪيائين.
اھڙيءَ ريت ھو روزانو نت نيون حرڪتون ڪندو ٿي
رھيو. جيڪڏھن انھن سڀني جو ذڪر ڪيو وڃي تھ ڀوڳ
چرچي جون ڪيتريون چوپڙيون تيار ٿي وڃن. ٻئي پاسي
سيد محمد ڪاظم شاھھ جي ڪھڙي ساراھھ ڪجي اھا تھ
بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي.
جنھن کي خدا سونھن سيبتائي سان سنواري،
تنھن کي وڌيڪ ڪير ٿو سينگاري سگھي!
ھيءُ ھر چڱائي ۾ پنھنجو ثاني پاڻ ھو. جيڏو ڪماليات
۽ شرافت ۾ بي نظير، تيڏو شريف ۽ صاحب ڪمال ماڻھن
جو قدر ڪندڙ ۽ مھربان ھو. پاڻ ھر ڪنھن سان نوازشون
روا رکندو ٿي آيو. جيڏو حسين جميل جوان ھو، تيڏو
ئي شيرين سخن شاعر. ساڳي وقت حڪومت جي سلسلي ۾
بھترين منتظم ۽ مدبر ليکيو ٿي ويو.
شڪارپور جو ننڍو وڏو ھن شاندار شخص جي خوش اخلاقي
جو ۽ سندس سخاوت ڀري سيرت جو مداح ڏٺو ٿي ويو.
ليڪن ھن جا ڪارندا ڄڻ ماڻھوءَ جا ڦر ئي نھ ھئا. ھن
جي بي حيائي ۽ بي مروتي ايتري حد تائي عام ھئي جو
ٿوري گھڻي ڳالھھ تي حسد ۽ تيسي ۾ ڀرجي باھھ جيئان
ڀڙڪي پئي اٿيا ۽ ڇا مان ڇا ڪري ٿي ڇڏيائون.
*
|