سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 5

(٢٦)

ميرن جي مصالحت کان پوءِ سردار محمد عظيم خان جو شڪارپور اچڻ، اتان ڍل اڳاڙي خراسان / افغانستان وڃڻ:

ساڳي سال جڏھن شاھھ شجاع لڌياني روانو ٿي ويو ۽ ميرن بھ پنھنجي ماڳن ڏانھن موٽ کاڌي تھ اچانڪ سردار محمد عظيم خان اچي شڪارپور ۾ ٺڪاءُ ڪيو ۽ شاھي باغ ۾ لھي رات ڏينھن ڪشميري ڳائڻن وڄائڻن جي ناچ گاني، شراب ڪباب جي شغل ۽ عيش عشرت ۾ لڳي ويو.

ٿورن ڏينھن کان پوءِ ميرن وٽان ڍل اڳاڙي شھر مان ڀڄي ويل شاھوڪارن کي چٺيون لکي اڳاڙي لاءِ زور ڀريائين، پر انھن پنھنجي عاقبت ۽ جان مال جي خوف کان شھر ۾ اچڻ کان لنوائڻ جي پئي ڪئي ۽ جواب ۾ حيلا بھانا ڪندا ٿي رھيا. آخر سردار موصوف کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪي معتبر ماڻھو ڏانھنس موڪلي سندس خدمت گذاري ڪيائون.

سردار محمد عظيم خان سڀ ڪم لاھي ڪڇيءَ جي رستي کان خراسان (افغانستان) اسھيو ۽ شڪارپور جي پچر ڇڏيائين(1). واٽ تي پاڻيءَ جي اڻاٺ جي ڪري، سندس سپاھھ ٽڪرن ۾ ورھائجي وڏي مشڪل سان وڃي پار پيو. تڏھن بھ انھيءَ مصيبت دوران ھن جا ڪيئي ماڻھو ضايع ٿي ويا ۽ ڪيترا گھوڙا مري ويس. شڪارپور ڇڏڻ کان پوءِ ھتان جي انتظام ھلائڻ لاءِ سردار شيردل خان کي مقرر ڪري ويو، جنھن جي بھادري، بلند ھمت ۽ عدالت سخاوت جا قصيدا شاعرن جي لکڻ کان مٿي ھئا. ھن جيئن شڪارپور جي حڪومت سنڀالي تھ بلوچ ڌاڙيوالن ماڻھن جي لٽ ڦر تي اچي سندرو ٻڌو ۽ شھر جي دروازن تان چڙھايون پئي ڪيائون.

سردار شير دل خان رمضان جي مھيني ۾ سخت گرمي ۽ روزي جي تڪليف ھوندي بھ ايماني غيرت ۽ شجاعت سان انھن جون پاڙون پٽيندو رھيو. جتي بھ انھن بدڪارن جو پرو ٿي پيو اتي ھيءُ باز وانگي پھچي کين جھڙپ ڏئي شڪار ڪندو ٿي رھيو. انھيءَ مارا ماريءَ ۾ ڪيترن رھزنن جا ڌڙ سسيءَ کان ڌار ٿي ڪيائين تھ ڪن کي جيئرو ڪڙي قابو ڪندو ٿي آيو. ان لاءِ حڪمراني جي قانون ۽ سياست موجب ھر قسم جي سختي اختيار ٿي ڪيائين. نتيجو اھو نڪتو جو انھن ارڏن مان ڪنھن کي ڪر مٿي کڻي ٻيھر ڪنھن بھ ڪارستاني جي ھمت نھ پئي ٿي. ائين خدا جي خلق کي سک ۽ آرام نصيب ٿيو. اھڙي بھترين انتظام جي ڪري ماڻھو نھايت امن ۽ سلامتي سان اوسي پاسي اچڻ وڃڻ لڳا. سردار موصوف  ستن اٺن مھينن تائين شڪارپور جو انتظام سنڀاليندو رھيو ۽ عدل انصاف تي عمل پيرا رھي شڪارپور جي رعايا جي پرگھور پئي لڌائين ۽ ھر ڪنھن سندس عدل انصاف ۽ رعيت پروري جي ساراھھ ٿي ڪئي.

ان کان پوءِ سردار رحمدل خان کي قنڌار کان گھرائي شڪارپور جو حاڪم مقرر ڪيو ويو ۽ سردار شير دل خان پنھنجو عھدو ڇڏي خراسان / افغانستان وڃڻ جي تياري ڪئي. پنھنجي روانگي وقت سردار شير دل خان مون (مؤلف) کي بھ خراسان افغانستان وٺي ھلڻ لاءِ خيال ڏيکاريو، پر مون کي جيئن تھ پيءُ ماءُ جي رضامندي کپندي ھئي، ان ڪري نھ وڃي سگھيس. پوءِ جڏھن ماءُ پيءُ وٽان اجازت مليم تھ سردار موصوف جي حڪم جي تعميل ۾ تيار ٿيس.

آئون ڪيترن مھينن کان پوءِ خراسان / افغانستان وڃڻ لڳس، جيتوڻيڪ ھتي سردار رحمدل خان پاران مون کي شڪارپور ۾ رھڻ لاءِ زور ڀريو ويو تھ بھ مجبوري ھئي جو مرزا عطا محمد خان قنڌاري، جيڪو فصاحت، بلاغت، سخنوري توڙي نڪتھ پروري ۾ بي مثال ھو، تنھنجي موجودگيءَ ھتي ترسڻ مناسب نظر نٿي آيو.

مرزا عطا محمد خان قنڌاري، جيڪو سردار مذڪور سان مرزائي جي عھدي تي آيو ھو، تنھن مون کي چيو تھ تھ اڄڪلھھ حڪومت ۾ ڪي اھڙا اکين ٻوٽ موجود آھن، جيڪي ڪنھن جو قدر ڪري نٿا ڄاڻن، انھيءَ حالت ۾ اوھان (مؤلف) جو ھتي ترسڻ ٺيڪ نھ ٿيندو، ويتر جو اسان ھيترا سارا خرچ کاپار ڪري ۽ مسافري جون سختيون سھي خراسان / افغانستان کان ھت اچي پھتا آھيون تھ اوھان جي رھڻ ڪري ھرو ڀرو نقصان ۾ پئجي وينداسين.

جيتوڻيڪ ھر ڪنھن جو رزق خدا تي آھي تھ بھ ناحق ڪنھن جي راھھ ۾ رڪاوٽ وجھي، پنھنجي نفس جي ھوس پوري ڪرڻ لاءِ ٻئي جي روزي تي لت ڏيڻ ھمت ۽ مروت جي ريت کان پري سمجھي، مون مرزا صاحب جي راءِ رکي ۽ پنھنجي قسمت موجب داڻي پاڻي جي ڇڪ سبب روانو ٿيس، جيئن چوندا آھن تھ داڻي پاڻي جو آھو، لوھي قيد ڪڙن کان وڌيڪ سگھارو ھوندو آھي. انھيءَ لاچار کان شڪارپور ڇڏي قنڌار وڃڻ جي ڪيم. ان سفر لاءِ اتفاق سان اھو سھو پيدا ٿي پيو جو ڪو عرصو اڳ شاھھ شجاع پنھنجي سپاھھ مان ڪي پيادا روھيلا، ھندستاني ۽ تلنگانھ جا سپاھي ھتي رھائي ويو ھو. اھي سردار شيردل خان جي خواھش موجب عبدالصمد خان سان گڏ خراسان (افغانستان) پئي ويا، مون کي بھ انھن سان گڏ اماڻيو ويو(1). آءٌ ساڻن گڏجي منزلون ھڻندو، نيٺ قنڌار پھچي نائب صاحب جو سلامي ٿيس. اتي منھنجي پھچڻ جي دير ھئي، بس پوءِ تھ مون لاءِ مسافر نوازي، قدرداني ۽ مھمانداري جي وٺ وٺان لڳي ويئي. مون کي پنھنجي محسن جي مرضيءَ موجب قسمين قسمين مھربانين ۽ نوازشن سان نوازڻ جون تياريون ٿي ويون ۽ ھن عطائي تي ايتريون عطائون ٿيڻ لڳيون جو ڳالھھ ڪري نٿي سگھجي. مون کي بروقت حمام ڏانھن اماڻيو ويو، جتي مالشين ھٿن، پيرن وغيره جي مالش، بدن تان مھٽي مير صفا ڪرڻ ۽ حجامت لاھڻ ۾ ڪابھ ڪسر ڪانھ رھائي. ان سان گڏ ھر گھڙيءَ ”صحت حمام“ جا وڻندڙ گفتا ورجايا پئي ويا، جن ويتر ھيانءَ پئي ٺاريو. انھيءَ چيٺ چاڪريءَ ۾منھنجا عضوا، جيڪي مسافريءَ جي ڪري ميرا گپ ٿي چڪا ھئا ۽ ٿڪ کان چرڻ پرڻ جي نٿي ڪيائون، تن ۾ ڄڻ ٻيھر ساھھ پئجي ويو ۽ مان اھڙو تازو توانو ٿي پيس جو ڀانءِ تھ ھينئر ماءُ جي پيٽان پيدا ٿيو ھيس. منھنجي بدن ۾ ڪوبھ ٿڪ يا ماند گائي جو اثر باقي نھ رھيو.

حمام ھلندي ٿوري جھٽ ڪپڙن لاھڻ واري ڪمري ۾ آرام ورتم تھ جيئن حمام جي ٻاڦ بدن جي چوڌاري، وري رھيو کھيو روڳ بھ لاھي ڇڏي. پڇاڙيءَ ۾ مون کي مصريءَ جو شربت بيد مشڪ جي عرق سان پياريو ويو ۽ نائب صاحب وٽان عطا ٿيل پوشاڪ پھرائي ويئي. ان کان پوءِ آءٌ جناب نائب صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، جتي دعوت جو انتطام ھو. انھيءَ دعوت ۾ مون لاءِ ايترا طعام آندا ويا جو انھن جي واکاڻ لکڻ کان ٻاھر آھي.

اھڙيءَ ريت ڪيترا ڏينھن منھنجي مربي نائب ملا مؤمن خان جا مون تي اڪيچار احسان ھلندا رھيا ۽ ھر روز منھنجي وندر جا جتن ٿيڻ لڳا. ڪڏھن اولياء ڪرام جون زيارتون پئي ڪيم تھ ڪڏھن خراسان (افغانستان) جي معززن سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي ڪرائي ويم تھ ڪڏھن وري اھل ڪمال طبقي سان ملاقاتون پئي ٿيم. ڪچھريون ھلندي دوستن جا مٺڙا ٻول ٻڌي اھڙي مٺاڻ ٿي محسوس ٿي، جنھن جي ڀيڻي ڪانھ ھئي.

ھيڏانھن سنڌ ۾ وري ڇا رکيو ھو، نھ ڪڻڪ جي ماني نھ زبان مڙساڻي، اھا بھ ڪا ڳالھھ آھي؟ (سنڌ ۾) ھڪ تھ ڪڻڪ جي اڻاٺ ٻيو مڙساڻي زبان جي اڻ ھوند، سنڌين جي ماني جواري (جوئر جي) ۽ سندن رويو خواري، ھتي سڀ علم ڪمال کان عاري ۽ سندن طبيعت ۾ حسد ۽ ڪينو باري!

نائب ممدوح سردار شيردل خان اڳيان نيابت ۽ ڪارمختاري جي عھدي تي مامور ھو، جن مان ڪار مختاري وارو عھدو منھنجي اختيار ۾ آيو ۽ مان خدا جي فضل سان انھيءَ انتظام ۾ لڳي ويس. مون کان اڳ انھيءَ عھدي تي مرزا حمد خان مقرر ٿيل ھو. مون جڏھن سندس جاءِ والاري تھ ھن مون سان ڏاڍو سھڻو سلوڪ رکيو. جيتوڻيڪ دنيا بيوفا آھي ۽ بغض، دشمني کان پالھي نٿي رھي، تنھن ھوندي بھ مرزا احمد خان پنھنجي چڱ مڙسي جي ڪري ان حالت ۾ جو آءٌ سندس مسند جو مالڪ ٿي چڪو ھيس، مون سان ڏاڍو سھڻو رويو رکندو آيو ۽ ڪڏھن ڪنھن تيسي ۾ اچي مون سان ڪا ابتي روش روا نھ رکيائين، نھ وري ڪنھن ڳالھھ تان منھن ۾ ڪو گھنج وڌائين. بلڪ سدائين ميٺ محبت سان ھلي منھنجي دل کي پنھنجو شيدائي بڻائيندو رھيو ۽ منھنجي رضا جوئي ۾ ڪين ٿي گھٽايائين.

آفرين آھي اھڙي نيڪدل انسان تي ۽ خدا جي مٿس ۽ سندس پيءُ ماءُ تي رحمت ھجي جيڪو ھن دور ۾ جنھن ۾ حسد ۽ ڪيني وارن جي ڪابھ ڪمي ناھي، ھن خاڪسار (مؤلف) سان ھر وقت ۽ ھر حال ۾ محبت ۽ شفقت سان ھلندو آيو، جيڪو ھن جي حسن اخلاق جو ڪمال آھي.

زمانو کڻي ڪھڙو بھ بيوفا ڇو نھ آھي تھ بھ چڱن ماڻھن کان خالي نٿو ڏسجي. جن جي نيڪي ۽ مردانگي جا قصا يادگار جي حيثيت رکن ٿا. ڪنھن چواڻي:

ھتي نھ محفل نھ ساقي نڪي پيمانو رھندو،

پر مھر ۽ مروت جا افسانا ئي باقي رھندا.

بھرحال آءٌ نائب موصوف جي نوازشن ۽ عنايتن سان گڏ ان جي ڀائٽي عاليجاھھ طرھھ باز خان جي قدرداني جي ڪابھ صفت ۽ ساراھھ ڪري نٿو سگھان، جيئن چوندا آھن تھ: ” ھي اھو درياھھ ناھي، جنھن کي ڪو ڪنارو ھجي!“

خدا شاھد آھي تھ مون بھ جيئن چئجي تيئن پنھنجو مرم پئي رکيو. مختارڪاري جي دور ۾ مون سردار شيردل خان جي عملي ۽ سپاھھ جي پگھارن ۾ ٻھ لک چاليھھ ھزار رپيا پئي ڏنا ورتا، ليڪن مون کان نائب صاحب اھو ڪڏھن بھ نھ پڇيو تھ اھي ڏوڪڙ ڪھڙي نموني خرچ ڪيا ويا ۽ ڪنھن ڪنھن کي ڏيڻ وٺڻ ۾ آيا. اھڙيءَ ريت مون تي ڪلي اعتبار رکيو ٿي ويو ۽ مون بھ سھڻي نموني ٿي نباھھ ڪيو:

دولت جي امانت درحق اڍنگي ماڻھو جي راھھ ناھي،

ڏنگو تير ڪڏھن بھ پوري نشاني تي نٿو لڳي.

مون پوري امانت ۽ ديانت داريءَ سان جيڪو ڪار مختاري جو خاص اصول آھي، ڪا بھ ھيٺ مٿاھين نھ ڪئي، ايتري قدر جو ھڪڙي ڪوڏيءَ جي خيانت بھ مون کان ڪانھ پڳي.

”جيڪو شخص چڱيءَ طرح حق نمڪ ادا نٿو ڪري،

سو ڪنھن بھ پاسداريءَ لائق نٿو ٿئي.“

انھيءَ چوڻيءَ تي عمل ڪندي مون قنڌار ۾ پورا ٻھ سال نائب موصوف ۽ سردار شيردل خان جي خدمت ۾ گذاريا ۽ ڪار مختاري جو عھدو توڙ رسايم.

ان کان پوءِ جڏھن شھزادو ڪامران ھرات مان قنڌار تي چڙھي آيو ۽ سردارن جي ساڻس چڪري شروع ٿي تھ بھ آءٌ ساڻن گڏ ھيس. انھيءَ دوران جيڪي جنگي واقعا درپيش ايندا رھيا، تن کي تفصيل سان لکي (اڳتي) پيش ڪجي ٿو.

 

*


 

(٢٧)

شھزادي ڪامران جي قنڌار تي ڪاھھ – ھن جو فراھھ جي قلعي ۾ داخل ٿيڻ ۽ سردارن جو کانئس قلعو واپس وٺڻ:

سال ١٢٣٨ھھ / ١٨٢٣ع جي جمادي الثاني مھيني تائين مٿي ذڪر ڪيل سردارن قنڌار ۾ عيش آرام سان وقت پئي گذاريو. ڪڏھن عام ماڻھن ۽ واپارين سان مڙئي ڪانھ ڪا چور پچور بھ ڪندا ٿي آيا، خاص ڪري سندن مامو خدا نظر خان جنھن قنڌار جي نظامت پئي ھلائي، خدا ترسي کان پري رھي، رعايا توڙي تاجرن سان تعديون ڪندو ٿي آيو، جنھن ڪري چوڌاري ان جي خلاف دانھوڙ متل ھئي. چوندا آھن تھ:

جڏھن ڪنھن کي آزارين تھ،

بدلي کان بيخبر نھ رھجانءِ،

ڇو تھ آزاريل جي ھڪ آھھ،

سو ترارين برابر ھوندي آھي!

انھيءَ دوران اوچتو خبر پئي تھ شھزادو ڪامران قنڌار تي ڪاھڻ لاءِ، ھرات کان پوري اٽالي ۽ جنگي ساز سامان سميت پنھنجي شھزادي جھانگير کي سندس مامي وڪيل خان ۽ مھولي خان سان، ھرات ۾ رھائي، فراھھ جي قلعي تي اچي ڪڙڪيو آھي، جتي وڌيڪ لشڪر گڏ ڪري اڳتي وڌڻ جا سانباھا پيو ڪري.

اھو احوال گلزار خان باميزئي جيئن جو تيئن قنڌار جي سردارن ڏانھن موڪليو تھ اجھو شھزادي ڪامران ھيئن قنڌاري تي قبضي ڪرڻ جي تيارين ۾ لڳو پيو آھي؛ جيڪڏھن ان جو جلد ڪو اپاءُ ڪرڻ ۾ نھ آيو تھ پوءِ اوھان کي ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي. اھو ٻڌي سردارن بنا ڪنھن ويرم جي جوابي ڪارروائي جي سنبت ڪئي،  جنھن ۾ سردار ڪھندل خان، پردل خان، شيردل خان ۽ ٻين عبدالله خان (عبدالرحمٰن خان) اچڪزئي ملا مؤمن خان غلزئي، رمضان خان ھوتڪي، ھوت خان (عزت خان) غلزئي، يونس خان بارڪزئي، تاج محمد خان بارڪزئي، مرزا احمد خان عملي باشي وغيره سان گڏجي ٽي ھزار سوار پندرھن سو پيادا (روھيلا، نجيب، تلنگا) ۽ توبون تولان اڳيان ڪري فراھھ جي قلعي ڏانھن نڪري ھليا. پويان سردار مھردل خان کي گل محمد خان نائب سان ڪجھھ ڪٽڪ سميت رھائي ويا. تڏھن سردار رحمدل خان شڪارپور ۾ حڪومت ھلي رھيو ھو.

ھيءُ جڏھن منزلون ھڻندا فراھھ جي قلعي کان ٻارھن ميل اورتي خرما واري لڪ تي پھتا تھ اتي کين خابروءَ ٻڌايو تھ شھزادو ڪامران پنھنجي پٽ سلطان علي کي فراھھ جي قلعي ۾ رھائي پاڻ ھرات واپس ھليو ويو آھي. تنھن تي نھايت خوش ٿي وڃي قلعي تي ڪڙڪيا. اچانڪ حملي کان شھزادي سلطان جون متيون ئي منجھي ويون. سو بنان ڪنھن مھاڏي ڏيڻ جي قلعو ڇڏي وٺي ڀڳو. سردارن سٽ ڏئي وڃي قلعي تي قبضو ڪيو. اتي جيڪي امير امراء رھيل ھئا، تن اڳتي وڌي سندن آڌر ڀائي ڪئي. موٽ ۾ سردارن بھ انھن جي عزت افزائي ڪندي کين خلعتون ڍڪايون. سردارن پوءِ پاڻ قلعي جي ٻاھران پنھنجا خيما اڏيا ۽ اندر قلعي جي سار سنڀال لاءِ مرزا ابو القاسم خان کي مقرر ڪيائون. قلعي وارن جي دم دلاسي خاطر پڙھو گھمايو ويو تھ ھاڻ ڪوبھ خوف خطرو ڪونھي، ھر ڪو امن امان سان پنھنجو وقت گذاريندو رھي.

ٿورن ڏينھن گذرڻ تي ڍل جي اڳاڙي شروع ٿي ويئي. ائين ڏوڪڙ ھٿ ڪري پوري دلجاءِ کان پوءِ اھو سمورو تفصيل: شھزادي ڪامران جي اوچتي ڪاھھ، سندس پٽ سلطان علي فراھھ جي قلعي مان ڀاڄ ۽ فراھھ جي قلعي تي ٻيھر ڌاڪ ڄمائڻ بابت ڪابل، قنڌار ۽ شڪارپور اماڻيو ويو. پڇاڙيءَ ۾ ھرات تي چڙھائي جون تياريون ۽ صلاحون ٿيڻ لڳيون، پر سردار ڪھندل خان ۽ پردل خان جو چوڻ ھو تھ في الحال فراھھ جي قلعي تائين اڪتفا ڪرڻ کپي، تنھن کان پوءِ ٻي ڪا ڳالھھ سوچي وڃي، ڇو تھ ھرات جو قلعو ڪو جھڙو تھڙو ناھي. اھو سڪندر جي سد اٻنڌ وانگر آھي، جنھن تي چڙھائي ڏاڍي محال سمجھڻ گھرجي. انھيءَ تي سردار شير دل خان، جيڪو تمام ارڏو شخص ھو، ڪاوڙ جي اھا ھوڏ ٻڌي بيٺو تھ ان بابت ھاڻي کان ئي ڪجھھ ڪري سگھجي ٿو. جيڪڏھن ان ۾ ڪابھ وٿ وڌي ويئي تھ ٿت ھتان ھلي ويندي. ائين ڪرڻ سان ٻيو فائدو اھو بھ ٿيندو تھ اسان جو جاني دشمن شھزادو ڪامران ھرات مان ماڳھين نراس ٿي اڳو پوءِ آسرو پلي در بدرائيءَ ۾ اچي ويندو. پوءِ اسان پوري دلجاءِ سان اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي وينداسين. انھيءَ ويڙھھ ۾ مرحوم وزير فتح خان جو وير بھ شھزادي ڪامران کان پاڙجي ايندو، تنھن ڪري دشمن کي ڪاپاري ڌڪ ھڻندي دير ڪرڻ اجائي ٿيندي.

ھن جي انھيءَ راءِ تي سڀئي سردار ڪجھھ ڪڇي نھ سگھيا، ھڪدم سندرو ٻڌي سندس پويان ھلڻ جي ڪيائون. پٺيان فراھھ جي قلعي جي نگھبانيءَ لاءِ پنھنجي پاران ھڪ حاڪم مقرر ڪري، ھرات ھٿ ڪرڻ لاءِ ٺھي سنبري ھليا.

*


 

(٢٨)

شھزادي جھانگير ھٿان ھرات جي قلعي ۾ مھولي خان جو قتل ٿيڻ – ھرات جي اميرن پاران بغاوت ڪري شھزادي جھانگير کي ھرات مان ھڪالي ڪڍڻ، وري حاجي فيروز الدين شاھھ کي تخت تي ويھاري سندس تختو ڪڍڻ ۽ پڇاڙيءَ ۾ محمود شاھھ کي تخت ڌڻي ڪري شھزادي ڪامران کي قلعي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ:

شھزادو ڪامران جڏھن ھرات قلعو پنھنجي پٽ شھزادي جھانگير سان گڏ وڪيل خان ۽ مھولي خان جي حوالي ڪري قنڌار ھٿ ڪرڻ لاءِ فراھھ جي قلعي ڏانھن وڌيو تھ پويان وڪيل خان ۽ مھولي خان جي اچي پاڻ ۾ لڳي. ان تان شھزادي جھانگير انھيءَ ڇڪتاڻ ھلندي، پنھنجي مامي وڪيل خان جي چرچ تي، مھولي خان کي مارائي ھن دنيا مان ئي محو ڪري ڇڏيو.

چوندا آھن تھ دنيا  ادلي بدلي جي جاءِ آھي، سو ھرات جي اميرن مصطفيٰ خان زوري(1)دوست محمد خان ابدالي زئي ۽ ٻين گڏجي شھزادي جھانگير ۽ سندس مامي وڪيل خان کي ھرات جي تخت تان ھٽائي اتان تڙي ٻاھر ڪڍيو ۽ ان جي جاءِ تي حاجي فيروز الدين شاھھ کي تخت تي ويھاريائون. ھيءُ ٿورن ڏينھن کان پوءِ تخت ڇڏي ڪعبي جي زيارت لاءِ مڪي ھليو ويو. پويان سندس امير سموري رعيت سميت فرمانبرداري ڪندا رھيا. ليڪن انھيءَ فرمانبرداري ايترو جٽاءُ نھ ڪيو، ستت ئي سڀ نافرمان ٿي پيا ۽ محمود شاھھ کي تخت جي گھوڙي تي سوار ڪيائون. آخر ان جو بھ تختو اونڌو ڪري امير امراء پنھنجي سر بادشاھي جي پڳ ٻڌي ملڪ ھلائڻ لڳا. ائين مھيني ڏيڍ تائين ھرات جو تخت شطرنج جي مھرن جان ھر ڪنھن جي ھٿ چراند ۾ ھلندو آيو. شھزادو ڪامران فراھھ جي قلعي تي قبضي دوران جڏھن انھيءَ واردات کان واقف ٿيو تھ ھڪدم کڻي پويان پير ڪيائين. پھريان پنھنجي پيشڪار مھولي خان جي موت تي افسوس ۾ پئجي ويو. انھيءَ ڳڻتيءَ ۾ قنڌار تي چڙھائي ڪرڻ جو خيال ئي لاھي ڇڏيائين. ھاڻ پڪو پھھ ڪري ھرات جي حڪومت ھلائڻ لاءِ واپس وريو. ھيءُ جڏھن منزلون ماريندو، ھرات جي قلعي ٻاھران اچي رسيو تھ ھرات جي اميرن ۽ خانن سندس رستو روڪي، کيس قلعي ۾ داخل ٿيڻ کان جھلي ڇڏيو. انھيءَ ڪروڌ ۾ پاڻ ڪيترا ڏينھن قلعي جي ٻاھران شاھي باغ ۾ پھھ پچائيندو ۽ ھرات جي بادشاھي جا خواب لھندو رھيو، پر اندر پروڻ ٿيو پيو ھيس. قلعي ۾ وڃڻ لاءِ ھن گھڻائي حيلا ھلايا پر وريس ڪجھھ بھ ڪين. قلعي جا در جيئن سندس لاءِ بند ٿيا تھ وري نھ کليا. نيٺ ھڪ رات قلعي اندر الڳ پاڙي ۾ رھندڙ بردراني(1) قبيلي جي ماڻھن سازش ڪري قلعي جي ڀت تي ڏاڪڻيون اڀيون ڪيون ۽ شھزادي ڪامران کي اندر وڃڻ جو وجھھ ملي ويو. پر بدقسمتيءَ سان قلعي جي چوڪيدارن کي کڙڪ پئجي ويئي، جن ھوشيار ٿي ھڪلون ڪيون. شھزادي ۽ سندس لشڪر کي ڄڻ چوڌاري چچڙ چنبڙي ويا. وٺي جو ھلان ٿي تھ سڄو ڍينگو ئي ڍيري ٿي پيو.

شھزادي جيڪي وس ڪيا، تن مان جو ڪجھھ ٿيو سو تھ رھيو پنھنجي ماڳ، اٽلندو اميرن کيس چتاءُ ڏنو تھ قنڌار جا سردار فراھھ جي قلعي ھٿ ڪرڻ کان پوءِ ھڪيا تڪيا تنھنجي ڪڍ پيا اچن پھريان وڃي انھن سان منھن ڏيڻ جي ڪر، جيڪڏھن اتان کيپ کٽي آئين تھ پوءِ ھرات بھ پري ناھي. حاصل مطلب تھ شھزادو ڪامران ھرات جي اميرن جي مخالفت ۽ عداوت سبب بلڪل مايوس ۽ نراس ٿي پيو. ڪيترا ڏينھن انھيءَ حسرت ۾ قلعي جي ٻاھران شاھي باغ ۾ خيما کوڙي پنھنجي قسمت جا پٽڻا پئي پٽيائين.

ٻئي پاسي قنڌار جي سردارن اچي مير داؤد جي قلعي وٽ ديرو دمايو، جيڪو ھرات جي پسگردائي ۾ آھي(1). ھاڻ ھو شھزادي ڪامران سان سنئون سڌو مقابلو ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار ٿي چڪا ھئا، جنھن لاءِ ھر گھڙي گھاٽ پئي گھڙيائون.

*


 

(٢٩)

قنڌار جي سردارن جي فراھھ جي قلعي مان نڪري ھرات ڏانھن روانگي، شھزادي ڪامران طرفان شمان آخوندزادي جي سردارن ڏانھن سفارش کڻي اچڻ ۽ سندس خالي ھٿين واپسي:

سردار جڏھن فراھھ جو قلعو ڇڏي، شھزادي ڪامران سان جنگ جوٽڻ لاءِ ھڪليندا ھرات کان ويھارو ميل پري خاڪ سفيد واري ماڳ تي پھتا تھ شھزادي ڪامران جو وڪيل (سفير) آخوند زادو شمان تڙ تڪڙ ۾ وٽن ڪھي آيو ۽ کين وينتي ڪيائين تھ: ”شھزادو ڪامران ھاڻي دغا دشمني کان توبھھ تائب ٿي اوھان جي ايڪي ۽ اتفاق لاءِ آتو ٿيو آھي. ھو اوھان سان صلح ڪرڻ ٿو چاھي کيس ھن کان پوءِ اوھان سان وير ويڇي واري ڪابھ ڳالھھ رکڻي ناھي. ھو چاھي ٿو تھ دستوري عھدنامي کان پوءِ فراھھ وارو علائقو، جيڪو ھرات جي حڪمراني سان تعلق رکي ٿو، اوھان کي موٽائي ڏنو وڃي. ان سان گڏ ھڪ لک رپيا بھ اوھان کي ڀري ڏيندو ۽ پنھنجو ھڪ شھزادو پڻ اوھان جي خدمت ۾ ڇڏيندو، جيڪو ھميشھ لاءِ اوھان وٽ ھوندو. شرط اھو آھي تھ اوھان ھرات تان ھٿ کڻي واپس قنڌار ھليا وڃو!“

سردارن کي اڳيئي سڌ ھئي تھ شھزادو ڪامران ھن مھل جڏھن جٿان ڪٿان نراس ٿي ٿاٻن ۾ اچي چڪو آھي، تڏھن لاچار سمجھي اھڙن ايلازن تي لھي آيو آھي، ھونئن تھ کيس ڪنھن جي بھ ڪا پرواھھ نھ ھئي. خير، پاڻ ۾ ڳجھيون صلاحون ڪندا آخوندزادي کي دم دلاسا ڏيندا، اڳتي وڌندا پئي آيا. ائين منزلون ڪندا جڏھن خواجھ اوريا جي درگاھھ تائين اچي ويا تھ پنھنجن سياڻن سڄڻن جي صلاح سان آخوندزادي کي ھيءُ خط ڏئي شھزادي ڏانھن اماڻيائون تھ:(1)

اوھان جي وڪيل ھٿان تفصيلي خط مليو، جنھن ۾ مصالحت ۽ تنازعي جي صفائي بابت ڪي ڳالھيون لکيل ھيون. اوھان کي سڄي خبر آھي تھ اسان توڙي مرحوم وزير فتح خان ڪيتري قدر سدوزئي خاندان جون خدمتون سرانجام ڏنيون ھيون. خاص ڪري اوھان جي والد محمود شاھھ سان اسان ڪيڏا ڳن ڏنا ھئا، پر انھن خدمتن جو نتيجو اھو نڪتو جو دشمنن جي چوڻ تي وزير فتح خان کي عذاب ڏئي ماريو ويو. انھيءَ حالت ۾ اوھان جي عھد يا وعدي تي ڪھڙو اعتبار ڪري سگھجي ٿو. اوھان مڙس ٿي ميدان ۾ پاڻ ملھائڻ جي ڪوشش ڪريو. اجھو ھو گوءِ ھو ميدان! ڪريو الا توھار. وڌيڪ جيڪي ٿيڻو ھوندو سو ٿي رھندو.

شھزادي ڪامران جڏھن خط پڙھيو ۽ شمان آخوندزاري کان زباني احوال ٻڌائين تھ ششدر ٿي ويو. وري بھ حوصلو ڌاري لاس جي قلعي ڏانھن ڊوڙيو، جيڪو فراھھ کان ٩٢ ميل پري ڏکڻ اولھھ تي ھو. ھن جا ڪيترا خان پنھنجي لشڪر سميت اچي سردارن سان گڏيا ۽ خلعتون ماڻيائون. انھيءَ وچ ۾ وري محمود شاھھ جا وڪيل (سفير) ۽ ھرات جا امير سردارن وٽ ھلي آيا ۽ وٽن بيان ڪيائون تھ:

”امير توڙي عام خاص ماڻھو شھزادي ڪامران جي ظلم ستم کان تنگ اچي چڪا ھئا، جنھن ڪري کيس قلعي اندر داخل ٿيڻ نھ ڏنائون. ھينئر ھرات جي اميرن ۽ محمود شاھھ جو ارادو ھيءُ آھي تھ اوھان سان دوستي ۽ اتحاد جو ناتو قائم ڪري ڳالھھ اڳتي وڌائي وڃي. چڱو ائين ٿيندو تھ سردار ڪھندل خان کي ھرات جي قلعي ۾ ڇڏي ڏجي، جيئن ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي سان ملڪي مصلحت ۾ لاڳاپيل ھجن. ھرات جي جيڪا پيداوار ھوندي تنھن مان چار حصا ڪري ٻھ حصا خلاصي طور محمود شاھھ کي، ھڪ حصو اميرن کي ۽ باقي ھڪ حصو سردار ڪھندل خان کي ڏنو ويندو. سردار ڪھندل خان دشمنن سان منھن ڏيڻ توڙي ٻي ڪنھن قسم جي نيڪي بري ۾ اسان جو ساٿ ڏيندو رھندو.“

سردارن انھيءَ تي رضامندي ڪانھ ڏيکاري ھٿئون ان کي ھڪ چال سمجھي دل ۾ چوڻ لڳا: ڇو نھ انھن مامرن ۾ پوڻ بدران ھرات جي قلعي کي گھمري ڏجي، جنھن وٽ لشڪر جي گھٽتائي بھ آھي تھ ان کي ڪنھن ٻاھرين امداد جو آسرو بھ ڪونھي. اھو ويچار ڪري، ھرات جي اميرن پاران موڪليل وڪيلن کي کتو جواب ڏئي موٽائي ڪڍيائون. ھنن ھرات جي قلعي ھٿ ڪرڻ لاءِ جيڪا دل ۾ سٽي ھئي، تنھن موجب عقل جا ڪونتل ڪڏائيندا ٿي رھيا، پر کين اھا ڪا خبر نھ ھئي تھ اڳيان تقدير جا گھوڙا ڪيئن پيا ڊوڙن!

*


 

(٣٠)

قنڌار جي سردارن جي ھرات جي اميرن ۽ خانن سان جنگ ۽ محمد خان ولد عيسيٰ خان ڪوھي جي ساڻن دغا بازي:

سال ١٢٣٨ھھ /١٨٢٣ع ڌاري قنڌار جا سردار سبزوار واري علائقي کان وڃي نڪتا، جتان بنياد بيگ ھزاري وٽان ھنن کي ھيٺينءَ ريت نياپا سنيھا ٿي ملندا رھيا تھ:

.اسان آڳاٽي زماني کان اوھان جا خير خواھھ رھندا ٿا اچون. مرحوم اشرف الوزرا، وزير فتح خان جي خدمت لاءِ اسان ڪا ڪسر ڪانھ رھائي ھئي. ھن وقت ھرات ۾ اوھان جي اچڻ ڪري اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي آھي. اڄڪلھھ ھرات جو قلعو خالي آھي، جنھن ۾ رڳو مصطفيٰ خان روزي ۽ دوست محمد خان ابدالي زئي رھيل آھن. انھن وٽ مقابلي جي ڪا سگھھ نٿي ڏسجي، جيڪڏھن اوھان ترت ھرات تي چڙھائي ڪئي تھ اسان بھ اوھان سان گڏجي پنھنجي جان قربان ڪنداسين. اميد تھ ھيءَ مدعا قبوليت لائق ٿيندي.“

ان کان پوءِ بنياد بيگ سردارن جي اچڻ کان اڳ پنھنجي ٽن ھزارن جي لشڪر سان ھرات ٻاھران مصليٰ وٽ(1) وڃي ويٺو. اتان ھرات جي اميرن کي ڏٽا سٽا ڏئي قلعي اندر داخل ٿيڻ لاءِ ھاڃا ٿي ھنيائين، پر ھرات جي اميرن کيس کنگھيو بھ ڪين؛ بلڪ لکي موڪليائونس تھ: ”اوھان اسان جو ساٿ ڏيندا رھو. پٺيان قنڌار جا سردار اسان تي چڙھائي ڪرڻ لاءِ پيا اچن. پھريان انھن سان ٻھ پاڻي ڪرڻا پوندا. اوھان قدم وڌايو تھ اسان بھ اوھان جي ڪڍ اينداسين. جڏھن سردارن کي شڪست آئي تھ اوھان کي اک جي ماڻڪيءَ وانگي قلعي ۾ جاءِ ڏني ويندي، پوءِ جيڪي چاھيندا سو ٿيندو. في الحال اوھان جون صلاحون ڪابھ وقعت نھ ٿيون رکن.“

بنياد بيگ ھزارو اصل ۾ نھ تھ سردارن سان مقابلي لاءِ پاڻ ۾ ڪو ڀوتو ڀانئي ٿي سگھيو، نھ وري کيس ھرات جي اميرن سان ويڙھھ ڏيڻ جي ڪا سگھھ ھئي. ان ڪري مايوسي جي عالم ۾ پئي ھٿوراڙيون ڏنائين. نيٺ سردارن جو ساٿ ڏئي ھرات جي قلعي فتح ڪرڻ لاءِ نڪري نروار ٿيو.

سردارن مير داؤد وٽان منزل پٽي درياھھ ٽپي(1)مالان (2) واري پل تي پھچي ٿڪ ڀڳو تھ بنياد بيگ جو پٽ سوکڙين سان گڏ وٽن اچي رسيو. سردارن کيس چڱو آڌر ڀاءُ ڏنو. ھو ساڻن ڪچھريون ڪري ٻئي ڏينھن پنھنجي ٿاڪ ڏانھن روانو ٿي ويو.

ان کان ٽئين ڏينھن تي سردار ڪھندل خان بنياد بيگ سان ملڻ ويو ۽ ساڻس دوستيءَ جو بنياد پختو ڪيائين. ٻنھي دلئون جانئون ھرات جي قلعي تي چڙھائي جو پڪو پھھ ڪري ڇڏيو. سردارن ھرات جي قلعي کان ھڪ ميل جي فاصلي تي مورچا ٻڌي پنھنجي سپاھھ کي ويھاريو ۽ حاجي خان ڪاڪڙي(3) کي حڪم ڏنائون تھ ھرات جي آسپاس مان بيلدار ھٿ ڪري رات جي اونداھيءَ ۾ سپاھين سان گڏي ھرات جي دروازي سامھون ٿوري وٿيءَ تي بيھاريا وڃن، جيڪي بُرجن جي سڌ ۾ تيرن تفنگن سان بلڪل تيار ھجن. ان کان علاوه ڪي برجستا سپاھي مضبوط ھٿيارن سان برجن تي رکيا وڃن، جيئن قلعي مان ڪوبھ ماڻھو ٻاھر اچي وڃي نھ سگھي.

جڏھن مقابلو شروع ٿيو تھ ھرات جي ھر ھڪ دروازي تي بندوبست ھئڻ ڪري سردارن جي سپاھين قلعي مان ايندڙ ويندڙ ماڻھن تي حملو ڪري کين موت جي ور چاڙھي ٿي ڇڏيو.

ھوڏانھن ھرات جي اميرن قلعي جا سڀ در مٽيءَ سان پورائي صرف مشھدي(1) دروازي وٽان ھڪ دري رھائي ڇڏي ھئي، جتان اچ وڃ ڪندا ٿي رھيا. اتان ئي سوار توڙي ٻيا قلعي مان نڪري چوڪي تي بيٺل سردارن جي سپاھين تي راتاھو ڏئي. ڪن کي ماري تھ پاڻ مان ڪن کي مارائي قلعي اندر ھليا ٿي ويا. انھيءَ وٺ پڪڙ ۾ سردارن جا سپاھي بھ ھنن جو پيڇو ڪندا ٿي رھيا. پر جڏھن قلعي تي بيھاريل ھرات جي لشڪر جا سپاھي ھنن مٿان گولا وسائڻ ٿي لڳا تھ ھيءُ دروازي تائين پھچندي واپس ھليا پئي آيا.

اھا ڇڪتاڻ چاليھھ پنجاھھ ڏينھن ھلندي رھي، جنھن کي گرگ جنگي (بگھڙ واري ويڙھھ) ڪوٺيو ٿي ويو. انھيءَ ئي سال خدا جي قدرت سان ايڏا مينھن اچي پيا جو سوار تھ ٺھيو، پيادا بھ ائين ٿي اھنج ۾ اڙيا، جيئن گڏھھ گپ ۾ ڦاسي پوندو آھي.

سردارن مينھن وسندي مورچن ۾ پناھھ ورتي جتان پير ٻاھر نٿي ڪڍيائون. انھن مورچن ۾ ميوي وارن طباخن، ڪا سائين ۽ ٻئي سامان وڪڻندڙن جي ايڏي بازار ٿي وئي، جو سڄو ماحول ڄڻ ھرات جو ٻيو شھر ڏسڻ ۾ آيو.

سردار گلزار خان، جيڪو سالو خان جو مامو ھو، تنھن کي علائقي کان واقف ھئڻ ڪري اوسي پاسي مان زوري ڍل اڳاڙڻ تي رکيو ويو. جنھن ٿوري عرصي ۾ لکين رپيا گڏ ڪري سردارن جي خزاني ۾ داخل ڪيا. ان جي عيوض سردارن گلزار خان کي ڏاڍي عزت ۽ اھميت پئي ڏني، جيڪا ھن لاءِ وڏي وٿ ھئي.

پر ھوريان ڏاڍيان جيئن چوندا آھن تھ جنھن ظالم جو پاسو ورتو، خدا ان جو منھن ڀت سان ھنيو. سردار گلزار خان انھن خدمتن جي صلي ۾، جيڪي ھن زوري ڍل اڳاڙڻ وسيلي پئي ڪيون، ھرات کان واپس ورڻ تي اھڙو اگرو نتيجو ڏٺو جو ان جو تفصيل اڳتي ايندو تھ ڪيئن گلزار کي اک ڇنڀ ۾ بربادي نصيب ٿي.

*


 

 

(1) ضۑڥب آبإڈ ۽ ښبۑ ضۑ ۆغ ۆإڎۑ إۑڎإڝۑ ڦۑ ”ڥفۑ“ ښڊبۆ آێۑ. ضۑڥإ إجڎ ڞڎڢ ښإسۑڥۆ ڶۑڵڷ ضۑ ۆحۑ٪ جۑ آێۑ ۽ ڎۑڵ بێ إۑڊإڷێڷ ۆعۑ حۑ.

(1) ڊښۆ جڠڵۑڤ ڷڶبڎ ١٩.

(1) ڐۆڎۑ إڜڵ ۾ ڡۆڎۑ آێڷ، ضۑڥۑ ێڎإج ضۑ إجڎ ۾ بإڈڡۑښ ضإ ڎێإڥۆ ێیإ. ێۑ۝ ښإکۑۆ ڤبۑڵۆ ۑإ ڤۆڶ آێۑ، ضڷێڷ إکجۑ ێڵۑ ښۆڎۑ ضۑ ڷإڵۑ ڛێڎج قإڜڵ ڥیۑ. ێۑ۝ بێ إڢڡإڷ آێڷ، ضۑڥۑ ڡۆڎۑڷ ۆإڎۑ ڈۆڎ ۾ ێڷڈښجإڷ إغۑ إجۑ خڏۑ صڦڏۑ ۆۑإ. ڛۑڎ ڛإێێ ښۆڎۑ بێ إڷێڷ ڶإڷ ێۆ. ڡۆڎۑ بإڛإێڷ ضإ ۆڊإ بێ ښإکۑإ ڡۆڎۑ ۑإ ښۆڎۑ غۑإ ۆعڷ حإ. قبۑبۑ.

(1) بڎڈڎإڷۑ بێ ڈڎإڷۑ ڤبۑڵۑ ڶإڷ آێڷ إڷێڷ ڦۑ ۑۆښڢ ڐیۑ ۽ ڶێڶڷڈ ۆڡۑڎۏ بێ ڥۆسۑڷڈإ آێڷ. ێۑ إڢڡإڷښجإڷ إڷڈڎ حۆڎإیۑ ۾ آێڷ. ښڷڈڷ ڥۑ ڥخڷب صڛإۆڎ، ښۆإج، ڥڷڎڵڥ ۽ بإضۆڏ ضۑ آښصإښ  ۾ ڎێڷ حإ. قبۑبۑ.

(1) ڶۑڎ ڈإۇڈ ێڎإج ڦإڷ ٢٠ ڶۑڵڷ جۑ ڊڦڼ صإښۑ  آێۑ. ێجإڷ ێڎۑڎۆڈ ضۑ ۆإڈۑ ڛڎۆڠ یۑ حۑ.

(1) إۆڎۑإ ڢڎإێێ ضۑ إجڎ إۆثڎ ۾ ٧٤ ڶۑڵڷ ضۑ صڷډ جۑ ڶڛێۆڎ ۆإێڼ آێۑ ضۆ ښبڐۆإڎ ڦإڷ ٢١ ڶۑڵ صڎإێۆڷ حۑڷڈۆ. ’ڤإڶۆښ ضڡڎإڢۑ إڢڡإڷښجإڷ‘، ١- ١٨٠، ڋۑۆښ ڎإصۆڎخ ٣٠٢.

(1) ڶڜڵۑٰ: ێۑ۝ ێڎإج ضۑ بڵڥڵ ڵک آێۑ.

(1) ڈڎۑإێێ ێڎۑ ڎۆڈ.

(2) إێإ صڵ ێڎإج ڦإڷ خۑ ڶۑڵ صڎإێۑڷ ڤڷډإڎ ضۑ ڧښ ڶحإڷ ێڎۑ ڎۆڈ ڈڎۑإێێ جۑ تډڵ ێیۑ.

(3) قإضۑ كإڷ ڤڷډإڎۑ ښڎڈإڎڷ ڶإڷ ښطإڼ ڛكڜ ێۆ. ضڷێڷ ڦۑ ڶڵڥۑ ڶڠإڶڵڷ ضۑ ۆڊۑ طإڼ ێیۑ.

(1) ڥإڥڏ ێڥ ڤۆڶ آێۑ، ضإ إڢڡإڷښجإڷ ضۑ ڥۑجڎڷ ڠڵإیڤڷ ۾ ڎێۑ حۑ. ڐۆڷ ۾ صڼ ێڷ ضۑ ڶإڼێڷ ضۑ ڎێإیڛ آێۑ. إێۆ ڈڎۆإڐۆ ێڎإج ضۑ إۆڵإێۑڷ صإښۑ ێۆ، ضجإڷ ڶڛێڈ ڎښجۆ حۑ ۆۑۆ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org