سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 12

(١٢)

مھاراجا رنجيت سنگھھ (١٧٨٠ع – ١٨٣٩ع):

پنجاب ۾ سک حڪومت جو پايو وجھندڙ ۽ ھندستان جي مشاھير مان مشھور شخصيت وارو ٿي گذريو آھي. ھيءُ سردار موھن سنگھھ جو پٽ ۽ جانشين ھو. سندس جنم ٢- نومبر ١٧٨٠ع ڌاري ٿيو. ١٧٩٢ع ۾ پيءُ جي جاءِ تي سوڪھ چڪيھ سکن جو سردار بڻيو ۽ پيءُ جي گادي وسايائين. ھيءُ ننڍپڻ ۾ ماتا جي مرض ۾ ھڪ اک کان ڪاڻو ٿي پيو ھو. سترھن ورھين جي عمر ۾ ماءُ کي زھر ڏنائين ۽ حڪومت جي واڳ وٺي تخت تي ويٺو.

جڏھن زمان شاھھ ولد تيمور شاھھ افغانستان جو بادشاھھ پنجاب ۾ آيو تھ رنجيت سنگھھ سندس درٻار ۾ ويو. ١٧٩٩ع ۾ بادشاھھ جي طرفان ھن کي لاھور جي حڪمراني جو فرمان مليو.

١٨٠٢ع ۾ رنجيت سنگھھ امرتسر تي حملو ڪيو ۽ ان کي پنھنجي حڪومت ۾ شامل ڪيائين. ١٨٠٥ع ۾ جڏھن جسونت راءِ ھولڪر رنجيت سنگھھ وٽ اچي پناھھ ورتي تھ ھن ايسٽ انڊيا ڪمپني سان ھڪ معاھدو ڪيو، جنھن موجب ھولڪر کي پنجاب مان ڪڍي ڇڏيائين. ان کان پوءِ ھن لڌياني ۽ انھيءَ پاسي جي ٻين رياستن تي قبضو ڪيو. ١٨٠٨ع ۾ ھندستان جي انگريزي حڪمرانن پاران سر مٽڪاف SIR METCALF کي ھڪ وفد سان گڏائي، معاھدي لاءِ رنجيت سنگھھ ڏانھن روانو ڪيو ويو تھ ھيءُ پاڻ ستلج درياھھ جي ڪنارن کان پرتي نھ ويندو ۽پنھنجي حڪومت جون حدون ستلج پاسي نھ وڌائيندو. ٢٥ اپريل ١٨٠٩ع تي رنجيت سنگھھ ۽ انگريزن وچ ۾ اھو معاھدو مڪمل ٿيو ۽ ستلج کي ٻنھي حڪومتن جي حد طور مقرر ڪرڻ ۾ آيو.

١٨٠٩ع کان ١٨١٠ع تائين رنجيت سنگھھ ملتان تي حملو ڪيو ۽ انھيءَ شھر کي پنھنجو خراج گذار (ڍل ادا ڪندڙ) بڻايائين. ساڳي سال نڪائي ۽ ڪنھيا سک راڄ کي پنھنجو تابعدار ڪيائين. ١٨١٢ع ۾ پنھنجي لاءِ پنجاب جي راجا جو اعلان ڪرايائين. ١٨١٩ع ۾ مھاراجا جو لقب اختيار ڪري ڪشمير ورتائين.

١٨٢٠ع ۾ ستلج کان وٺي سنڌو ندي تائين پنھنجي حڪومت قائم ڪري ويو. ١٨٢٣ع ۾ پشاور ۽ ان جي پسگردائي تي قبضو ڪيائين. انھيءَ دوران شاھھ شجاع اچي وٽس پناھي ٿيو، جنھن کان ڪوھھ نور ھيرو زوريءَ کسي ورتائين. اڳتي ھلي ديرو اسماعيل خان ھٿ ڪيائين. ڪوھھ نور ھيرو، محمد شاھھ بادشاھھ، بدبختي ۽ ھار جي صورت ۾، نادر شاھھ جي حوالي ڪيو، جنھن کي بھ قتل ٿيڻو پيو.ان کان پوءِ زمان شاھھ حڪومت وڃائي انڌو ٿي پيو. محمود شاھھ کي بھ ڏکيا ڏينھن ڏسڻا پيا. شاھھ شجاع بھ وطن کان وڇڙي ڏجھا کائي قتل ٿيو. رنجيت سنگھھ جي پوٽي کڙڪ سنگھھ کي زھر ڏنو ويو. شير سنگھھ کي تير لڳو ۽ دليپ سنگھھ کي شڪست نصيب ٿي، آخر ھن کان اھو ھيرو بھ ھليو ويو.

ليڪن ساڳيو ھيرو ھڪ ڏيڍ صدي کان نھايت شان شوڪت سان انگلئنڊ جي شاھي تاج ۾ چمڪندو نظر اچي ٿو. ڪنھن چواڻي: ”ھيري کي صرف مشرقي ماڻھن سان دشمني ھئي.“

*


 

(١٣)

ڪوھھ نور ھيرو:

ھن تاريخي ھيري جو داستان ڪافي پراڻو آھي. مھاڀارت ۾ ھن جو ذڪر اچي ٿو تھ پنج ھزار سال قبل مسيح ۾ ھيءَ ھيرو ڪارنا پھلوان وٽ موجود ھو. ان کان پوءِ راجا اوياين راجپوتانا جي حڪمران ستين صدي قبل مسيح ۾ ان کي ھٿ ڪيو. اٺين صدي ھجريءَ ۾ مالوا جي بادشاھن جي ملڪيت ۾ آيو ۽ علاءُ الدين خلجي اتان اھو ھيرو دھليءَ آندو.

٩٦٢ھھ ۾ جڏھن ھمايون بادشاھھ وري دھليءَ تي قابض ٿيو؛ ھن کي ڪوھھ نور ھيرو بھ ھٿ لڳو، جيڪو محمد شاھھ بادشاھھ وٽ دھليءَ ۾ ھو. جڏھن نادر شاھھ دھليءَ تي ڌاڪ ڄمائي تھ ھيءُ ھيرو بھ ٻين قيمتي شين سان گڏ کيس مليو. نادر شاھھ جي قتل ١١٦٠ھھ کان پوءِ ان جي حرم وٽان ھيءُ ھيرو ۽ ھڪ پکراج جو اڻ لڀ داڻو احمد شاھھ ابدالي کي سندس خدمتن عيوض ڏنوويو، جو ھن نادر شاھھ جي قتل ٿيڻ ڀيري حرم کي لٽ ڦر کان بچائي ورتوھو.

ھيءُ ھيرو احمد شاھھ،تيمور شاھھ ۽ زمان شاھھ ابدالي وٽ ميراث طور رھندو آيو. شاھھ زمان (زمان شاھھ) کي ١٢١٥ھھ ۾، جڏھن پنھنجي ڀاءُ محمود شاھھ اکين کان انڌو ڪيو، تڏھن ھيءُ قيمتي ملڪيت جو ھيرو محمود شاھھ وٽ ھو. پوءِ شاھھ شجاع وٽ آيو،جنھن کان وري رنجيت سنگھھ زوريءَ کسي ورتو، جيئن ھن ڪتاب ۾ بيان ٿيل آھي.

١٢٦٣ھھ ۾ ساڳيو ھيرو انگريزن جي ھٿ لڳو. ١٢ رجب ١٢٦٦ھھ ۾ لارڊ ڊلھوزي ھندستان جي حڪمران اھو ھيرو ملڪھ وڪٽوريا کي سوکڙي ڪري موڪليو؛ تڏھن کان وٺي ھيءُ ھيرو شاھي خزاني جي ملڪيت رھندو اچي ٿو ۽ انگلئنڊ جي تاجدار جي تاج ۾ لڳل ھوندو آھي.

ھيءُ ھيرو ڪاٽ ڪوٽ (تراش) کان اڳ لڳ ڀڳ اٺ سو قيراط (اٺ سو گرين چار سورتيون اٺن تولن) تائين ھو، پر لاڳيتي ڪاٽ ڪوٽ کان پوءِ وڃي ھڪ سؤ ڇھھ گرين رھيو.(1) چون ٿا تھ ھي نحس (چنڊو) آھي، جو جنھن وٽ بھ رھيو تنھن کان قتل ڪرايائين، جن ۾ ڪارنا پھلوان (مھا ڀارت ۾ ذڪر ٿيل) قتل ٿيو، اوياين راجا وٽان تاج ھليوويو، مالوا جيو بادشاھھ تخت تان لھي ويو، تھ ھمايون وري وڃي کڏ ۾ پيو.

*


 

(١٤)

پشاور جا قاضي خيل ۽ قاضي محمد حسن:

ھيءُ خاندان احمد شاھھ ابدالي جي زماني کان علم و ادب ۾ نامور ھو ۽ ڪابل جي بادشاھن جي درٻار ۾ وڏي مان وارو رھندو ٿي آيو. اورنگزيب عالمگير جي دور ۾ ھن خاندان جو وڏو آخوند ترڪمان ولد تاج خان قنڌار جي ڏکڻ اوڀر واري ماڳ غوڙھھ مرغر مان پشاور ويو ۽ يوسفزئي لڳ امان زئي ڳوٺ ۾ رھائش پذير ٿيو. سندس پٽ آخوند محمد غوث ١١٦٠ھھ کان پوءِ احمد شاھھ ابداليءَ طرفان پشاور جو قاضي مقرر ٿيو ۽ ان کان ئي قاضي خيل مشھور ٿيا، جيڪي پشاور ۾ رھن ٿا.

ملا محمد غوث پنھنجي وقت ۾ عرفان تصوف ڏانھن مائل، علم معقول منقول ۾ استاد ۽ حاجي محمد سعيد واعظ جو شاگرد ھو. ميان فقير الله علوي (شڪارپوري) ١٢٠٠ھھ-١٢٩٥ھھ جي ھڪ مڪتوب مان معلوم ٿئي ٿو تھ ملا محمد غوث جي علم ۽ معرفت ۾ وڏي شھرت ھئي ۽ نقشبندي سلسلي ۾ ھيءُ سندس مريد ھو، جنھن ساڳي مڪتب ۾ کيس شريعت جي مسند جو ڌڻي لکيو آھي، جيڪو قاضي گري جو منصب ليکيو وڃي ٿو.(1)

قاضي محمد غوث مرزا ڪلان جي منطق تي ھڪ حاشيو لکيو ھو.(2) پاڻ ١١٨٠ھھ ۾ بھ جيئرو ۽ پشاور ۾ قضا جي عھدي تي فائز ھو. ھن جي ٻين ڪتابن مان شرح الشرح فارسي ٽن سو صفحن ۾ آھي، جيڪو احمد شاھھ ابداليءَ جي نالي ۽ حڪم سان لکيو ھئائين، ھن کي ٻھ پٽ قاضي محمد اڪبر شاھھ ۽ قاضي داد الله ھئا. سندس پوٽو قاضي عبدالڪريم ولد دادالله بھ وقت جو وڏو عالم ھو. ھن نصاب التوحيد نالي ڪتاب لکيو ھو.(3)

قاضي محمد اڪبر شاھھ جي اولاد افغاني بادشاھن جي درٻار سان لاڳاپو رکندي آئي. سڀئي ھنرمند ۽ سياسي سمجھھ وارا ھئا. ڪڏھن شريعت جي مسند تھ ڪڏھن سياست جي واڳ پئي ورتائون ۽ والاريائون. انھن مان گھڻا ھندستان جي انگريزي حڪومت جا مخفي طرح مددگار ھئا.

قاضي محمد حسن:

قاضي محمد حسن ولد قاضي اڪبر شاھھ، جنھن جو ھن ڪتاب ۾ ڪيئي ڀيرا نالو آيو آھي، علمي ۽ سياسي شخصيت وارو ھو. کيس شاھجھان جي درٻار سان وڏو مان مرتبي وارو لاڳاپو ٿي رھيو. ھن کي خان علماء جو لقب مليل ھو. سندس خاندان جو سردار پائنده خان سان پڻ رستو ھو، جنھن جي پٽن کي تعليم ڏني ھئائين. شاھھ شجاع لکي ٿو: قاضي محمد حسن خان علماء سان استادي شاگردي وارو ناتو ھو(1).

ھن ڪتاب جي مؤلف جي روايت موجب وزير فتح خان ١٢٣١ھھ ۾ ھن خاندان جي ھڪ نياڻيءَ سان پشاور ۾ شادي ڪئي ھئي. اليگزينڊر برنس چواڻي: قاضي محمد حسن جڏھن ڪابل درياھھ جي ڪناري ۽ خيبر لڪ وٽ لال پورھھ ۾ ھن سان ملاقات ڪئي ھئي. ان وقت کان ھن خاندان جا برطانوي حڪومت سان لاڳاپا ھلندا آيا. قاضي جا پٽ پڻ برنس جي خدمت ۾ ھئا. ساڳيو قاضي محمد حسن شاھھ شجاع سان ھندستان ڏانھن فرار ٿيو ھو.(2) شاھھ شجاع ھن ڪتاب جي لکت موجب رمضان ١٢٤٧ھھ ڌاري لڌياني مان نڪري سنڌ اچي شڪارپور کان ٿيندو وڃي قنڌار تي چڙھيو، تڏھن ساڳيو قاضي ساڻس گڏ ھو. راجا رنجيت سنگھھ سان سياسي ڳالھين ڪرڻ وقت ھن شاھھ شجاع پاران سفارت جو ڪم سرانجام ٿي ڏنو. ھن ئي رنجيت سنگھھ کان ھڪ لک ويھھ ھزار رپيا شاھھ شجاع جي مددگاري لاءِ وصول ڪيا ھئا. شاھھ شجاع پاڻ لکي ٿو: قاضي ملا محمد حسن خان علما جيڪو اسان جو خاص مقرب ھو، رنجيت سنگھھ سان ڳالھائي ھڪ لک ويھھ ھزار رپيا وٺي آيو.(1)

ان کان پوءِ شاھھ شجاع سنڌ ۾ ٿو اچي، شڪارپور پھچي باغ شھزادي سليمان ۾ لھي ٿو، اتان قاضي محمد حسن سفارت طور ٽالپورن ۽ مير مراد علي خان ڏانھن ٿو وڃي ۽ ساڻن خاص معاملا ٿو نبيري. پوءِ ھيءُ ١٢٤٩ھھ ۾ قنڌار ھليا وڃن ٿا(2). ذوالحج جي پڇاڙيءَ ۾ جڏھن قنڌار ۾ امير دوست محمد خان جا ڀائر اچي گھيرو ٿا ڪن تھ قاضي حسن انھن سان لکپڙھھ ڪري ٿو. ھتي بھ ھيءُ شاھھ شجاع جو مدارالمھام ھو.(3)

ليڪن جڏھن شاھھ شجاع انھيءَ چڪريءَ ۾ ھار ٿو کائي ۽ فراھھ، سيستان، بلوچستان ۽ سنڌ لتاڙي لڌياني ٿو وڃي تھ قاضي محمد حسن ھندستان وڃي ڀاڄوڪڙ بادشاھھ (شاھھ شجاع) سان ملي ٿو. ١٨٣٨ع – ١٢٥٤ھھ ۾ جڏھن لارڊ آڪلينڊ، شاھھ شجاع ۽ راجا رنجيت سنگھھ جي وچ ۾ ٽھ ڌريو معاھدو ٿئي ٿو تھ قاضي محمد حسن شاھھ شجاع جي پاران معاھدو تيار ڪري ٿو، جيئن موھن لال لکيو آھي.(1) ائين پيو ڏسجي تھ محمد حسن قاضي ان کان پوءِ فوت ٿي چڪو ھو يا ڪنھن سبب جي ڪري انگريزن واري لشڪر سان افغانستان واري سفر ۾ ڪونھ شامل ٿي سگھيو ھوندو. ڇو تھ ان کان پوءِ شاھھ شجاع جي قتل تائين ھن جو ڪوپتو نٿو پوي. پر ان جي خاندان جو ھيٺين ريت احوال ملي ٿو.

قاضي غلام محمد قادر:

قاضي حسن جو پٽ، جيڪو پشاور جي مشھور ماڻھن مان ھو. بارڪزئي سردارن جي دور ۽ انگريزن واري زماني ۾ بھ موجود ھو.جنھن جي تصديق ايڇ ايڊ ورڊس پشاور جي ڪمشنر جي ١٥- اپريل ١٨٥٩ع جي لفظن مان ٿئي ٿي تھ قاضي غلام قادر اعتماد جوڳو ۽ سردار سلطان محمد خان طلائي جو درٻاري ھو. ٤٩- ١٨٤٨ع واري جنگ ۾ انھيءَ سان ھمراھي ٿي ڪيائين. انھيءَ ڪري کيس سرجان لارينس نوازش لائق قرار ڏنو. ھندستان جي انقلاب (غدر؟) ١٨٥٧ع ڀيري بھ ھن انگلئنڊ جي فوجي مھم ۾وڏو ڪم ڪيو ۽ پنھنجي پاران اڌ لک رپيا پيش ڪيا ھئائين. پشاور جي ماڻھن کان جڏھن قرض جي اڳاڙي ٿيڻ لڳي تھ ان ۾ بھ ھيءُ شريڪ ھو. تنھن کان سواءِ مھمند قبيلن سان بھ ھن ئي ٺاھھ ڪرايو، جنھن تان ڪمشنر جيمس کيس انعام اڪرام ڏياريا ھئا. ساڳي ڪمشنر چواڻي: ھيءُ ڪابل۽ سرحد جي مسئلن نبيرڻ توڙي پشاور جي اقتصادي معاملن ۾ وڏي اثر وارو ۽ انگريزن جو وفادار دوست ھو(1).

اليگزينڊر برنس جي ھڪ ٻي تصديق مطابق، ١٨- اپريل ١٨٣٢ع تي قاضي غلام قادر ۽ سندس ڀاءُ قاضي فضل قادر برنس جي ڪابل واري سفر ۾ شامل ھئا ۽ پشاور اندر سندس وڏيون خدمتون ڪيون ھيون.(2) ھن جي ٻن پٽن قاضي محمد جان ۽ قاضي نصر الله جان (متوفي ١٨٦٧ع) جو انگريزي عملدارن سان چڱو رستو ھو، جنھن بابت ھڪ ٻي انگريز عملدار ووڊ ورڊ بھ پشاور ۾ تصديق ڪئي آھي. اھو تصديق نامو ١٥ جنوري ١٨٦٩ع ۾ لکيل آھي.

قاضي طلا محمد:

قاضي محمد حسن جو پٽ، ھيءُ بھ مشھور ماڻھن مان ھو، پر سندس ڪو سياسي ڪارنامو ٻڌڻ ۾ نٿواچي. علمي، ادبي ۽ ھنري ميراث جو مالڪ ھو. عربي فارسي ۾ ٻھ ديوان لکي پورا ڪيا ھئائين. ھيءُ پاڻ ١٢٩٥ھھ تائين جيئرو ھو. ھن جي ڪيترن ھمعصر عالمن شاعرن سان لکپڙھھ ھلندي ھئي.

سردار غلام محمد خان طرزي افغان جي ديوان مان خبر پوي ٿي تھ ڪابل کان قنڌار تائين ھن جي ساڻس خط ڪتابت جاري رھندي ٿي آئي، ٻنھي پاڻ ۾ شعر شاعري جو شغل رکيو ٿي.

١٢٩٨ھھ ۾ جڏھن طرزي، حڪومت مان فرار ٿي، ڪراچي کان پشاور ويو تھ اتي وڃي قاضي موصوف سان مليو، پر کيس مذھبي عقيدت جي اختلاف سبب پسند نھ ڪيائين ۽ مٿانس ھجو لکيائين.(1)

قاضي طلا محمد اڳ ذڪر ٿي آيل قاصي عبدالڪريم جو شاگرد ۽ اھل حديث ھو. فارسي عربي ۾ ھن ھيٺيان ڪتاب لکيا ھئا- ديوان فارسي، ديوان عربي، جواھر النغز، سلوة التقدير، في ترجمة التحرير، نفحتھ المسڪ، تسليت العقول، في تخطنة الفضول وغيره.

قاضي طلا محمد جڏھن پنھنجي خاندان جي علمي مسند تي ھو تھ پنھنجي خاندان وانگر سياست ۾ بھرو وٺڻ بدران پاسيرو رھيو. ڪابل جي درٻار مان ماھوار پنجاھھ رپيا کيس ملندا ھئا.(2)

ھڪ سٺي ۽ سھڻي خط مان، جيڪو قاضي طلا محمد ١٢٩٠ھھ ڌاري مولوي شھيد عبدالڪريم قنڌاري ولد مولوي حبيب الله کي لکيو ھو، ظاھر ٿو ٿئي تھ قاصي موصوف جا انھيءَ وڏي عالم ۽ امير شير علي خان جي خانداني فساد ۽ طرزي افغان سان علمي، ادبي ناتا ھئا.(3)

قاضي عبدالقادر:

مٿي ذڪر ٿي آيل قاضي فضل قادر جو پٽ ۽ قاضي محمد حسن جو پوٽو ھو، جيڪو ڪابل جي ڀرسان امير شير علي جي لشڪر جو اڳواڻ ھو. ھن ھفت روزه شمس النھار ڪابل ۾ ١٢٩٠ھھ تائين رھي امير شير علي خان جي حڪومت تائين، چڱا مضمون لکيا. افغانستان ۾ ڪيترا ڪتاب انگريزي مان فارسي ۾ ترجمو ڪيائين ۽ لشڪري اصطلاحون پشتو ۾ رواج ھيٺ آندائين. ھيءُ پشتو، فارسي، انگريزي ۽ اردون زبانون ڄاڻندو ھو. قاضي عبدالقادر ڪابل ۾ قاضي قادرو جي نالي مشھور ھو ۽ ادبي سياسي سمجھھ ٿي رکيائين. ھن انگريز سرڪار طرفان اھڙيون ڪيئي مھمون سر ڪيون ھيون. ھن کي سرڪار کي اطلاع پھچائڻ ۽ انگريزي سياست جي مفاد کي ڌيان ۾ رکڻ جو ڪم سونپيل ھو. خاص ڪري جڏھن روس جي سفارت ڪابل ۾ آئي ۽ امير شير علي ماوراء النھر پاسي روسي حڪمران ڪوفمان سان رابطي ۾ ھو. جنرل اسٽو لينوف ڪابل جي درٻار ۾ سفارت سان آيو ۽ ١٨٧٨ع/١٢٩٥ھھ ۾ معاھدو ڪيائين. مختلف تصديق نامن مان معلوم ٿئي ٿو تھ قاصي قادرو نھ رڳو ڪابل ۾ انگريزن جو جاسوس ھو، پر ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ بھ وڏا ڪارناما ڪندو رھيو.

ليپل گريفن نالي ھڪ انگريز عملدار ١٨٨٢ع ۾ قاضي قادرو کي لکي ٿو تھ: ”ڪابل ۾ جيڪي ڪم اوھان تي رکيا ويا، اھي اوھان نھايت دليري سان پورا ڪيا. اوھان پنھنجي غيرت ۽ لياقت سان افغانستان ۾ منھنجي جيڪا مدد پئي ڪئي ان لاءِ آءٌ اوھان جو ٿورائتو آھيان. مون ھندستان جي حڪومت کي اوھان جي لاءِ بھ گھڻو ڪجھھ لکيو آھي.“

١٤- اپريل ١٨٨٤ع واري خط ۾ لکيو ويو آھي تھ قاضي عبدالقادر ڪيتري وقت کان ھندستان جي حڪومت پاران ڪابل ۾ ڪم ڪندو رھيو، خاص ڪري ڪابل جي آخري جنگ ۾ ھن وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا، جنھن ڪري ھن کي پرڏيھي وزارت طرفان ماھوار ٽي سؤ رپيا وظيفي طور مقرر ڪري ڏنا ويا آھن.

١- آگسٽ ١٨٨٥ع واري خط ۾ پشاور جو ڪمشنر واٽر فيلڊ لکي ٿو تھ: ”قاضي خيل جو خاندان ويھارو ورھين کان وٺي حڪومت جي عنايت جو حقدار رھندو اچي ٿو، جنھن کي آءٌ چڱي طرح سڃاڻان ٿو. ١٨٦٩ع ۾ جڏھن امير شير علي خان ڪابل ۾ آيو تھ قاصي قادرو ۽ قاضي محمد جان ان سان گڏ ھئا. اھڙيءَ طرح ١٨٧٩ع ۾ بھ ھيءُ امير شير علي سان ترڪستان تائين ويا ھئا.

ترڪستان کان موٽڻ تي امير يعقوب خان ھن کي ڪابل مان نيڪالي ڏني تھ ھيءُ ڪند واري علائقي ۾ وڃي پناھي ٿيو. اتان نھايت ڪارآمد ڳالھيون خطن وسيلي ھندستان جي انگريز حڪومت ڏانھن لکندو رھيو.

قاضي قادرو ان کان پوءِ وري سر ليپل گريفن سان گڏجي ڪابل ويو. اتي امير عبدالرحمان وٽ رھڻ لڳو. ١٨٨٢ع/١٣٠٠ھھ ڌاري پشاور ۾ آيو ۽ تمام اھم خبرون کيس پھچائيندو رھيو. ٤- مارچ ١٨٨٧ع ۾ واٽر فيلڊ ڪمشنر تصديق ڪري ٿو تھ قاضي مذڪور ڪيترو عرصو ڪابل ۾ امير شير علي خان وٽ سيڪريٽري ھو ۽ امير طرفان مخفي طور روس جي جاسوسي ٿي ڪيائين. اھڙيءَ طرح قاضي قادرو انگريزي عملدارن جو اعتماد جوڳو جاسوس ھو، جنھن امير شير علي خان ۽ امير عبدالرحمان خان جي درٻار ۾ بھ ڪم پئي ڪيو، پر افغانستان جي ماڻھن ھن کي انھيءَ حيثيت سان ڪونھ ڄاتو سڃاتو!

انھن سندن کان علاوه جيڪي ھن شخص قاضي قادرو جي ڪردار جي پوري رونمائي ڪن ٿيون، ھڪ ٻي سند بھ موجود آھي تھ قاضي قادرو کي امير شير علي خان انگريزن جي جاسوس ۽ ڪارندي جي روپ ۾ ڪونھ سڃاڻندو ھو، بلڪ ھن تي کيس ايڏو پڪو اعتماد ھو، جو ڪابل جي شڪست کانپوءِ بھ کيس ١٨٩٦ع – ١٨٧٩ع ۾ پاڻ سان گڏ ترڪستان وٺي ويو.

حيرت تھ امير شير علي جي سياسي اڻ ڄاڻائي تي اچي ٿي تھ ھن ڪھڙي خوش فھميءَ کان قاضي قادرو تي ايڏو اعتبار پئي ڪيو. ھن انگريزن جي مخالفت ۾ پنھنجو تخت تاج ڇڏيو ۽ وڏي ناڪامي کان پوءِ مزار شريف وڃي ويٺو، انھيءَ آسري تھ کيس روس وٽان ڪا مدد ملندي، ان لاءِ ھن روس ڏانھن سفارتي وفد موڪليو، جنھن ۾ سردار شير علي قنڌاري ۽ قاضي قادرو شامل ھئا، جيڪي ٻئي انگريزن جا سچا مددگار رھندا ٿي آيا. امير عبدالرحمان تڏھن سمرقند ۾ ھو، جنھن پوري وضاحت سان لکيو آھي تھ قاصي قادرو ھندستان جي برطانوي حڪومت جو وفادار خدمتگار ھو، جنھن امير شير خان جي درٻار مان فوجي ۽ پرڏيھي راز روانا ٿي ڪيا. جڏھن امير شير علي برطانيا جي حڪومت مان نااميد ٿيو ۽ روسي حڪومت سان سفارتي ناتا ڳنڍيائين ۽ ترڪستان جي حڪمران جنرل ڪوفمان سان لکپڙھھ ٿي ڪيائين تھ اھي سمورا سياسي ڪاغذ پٽ ١٨٧٠ع/١٢٨٦ھھ ۾ انھيءَ قاضي قادرو جي وسيلي چوڪس ٿي ١٨٧٩ع ۾ ٻئي دفعي افغانستان تي حملو ڪري ڏنو. امير شير علي خان ڪابل مان تڙجي ويو ۽ امير عبدالرحمان کي افغانستان جي شاھي تخت تي ويھاريو ويو. (١٨٨٠ع/ رمضان ١٢٩٧ھھ).

امير شير علي خان آخري خط ٢- فيبروري ١٨٧٩ع ۾ مزار شريف مان سياسي وفد کي لکيو. تڏھن پاڻ بيماريءَ ۾ بستري داخل ھو. انھيءَ خط ۾ ھن روس وڃي اتان جي حڪمرانن سان ملڻ جو واعدو ڪيو ھو ۽ پنھنجي ماڻھن جي بھ سڃاڻپ ڪرائي ھئائين، تھ سردار شير علي خان قنڌاري، شاھھ محمد خان ۽ قادري عبدالقادر خان (قادرو) کي پنھنجي پاران تاشقند ڏانھن روانو ڪريان ٿو. افغان حڪومت جا ڀروسي جوڳا وزير آھن.

ھيءُ سياسي وفد، جيڪو امير شير علي خان تاشقند ڏانھن ڏياري موڪليو ھو، ھن کي حقيقت ۾ ٻيو اھم ڪم ڪرڻو ھو، سو ھيءُ تھ امير عبدالرحمان کي جيڪو برطانوي سرڪار جو خاص معتمد ھو، تنھن کي افغانستان جي شاھي تخت والارڻ جي دعوت ڏني وڃي. ان بابت امير عبدالرحمان خود تصديق ٿو ڪري تھ اھي ماڻھو انھيءَ ڪم سانگي ھن سان سمرقند ۾ مليا ھئا.

ان کان پوءِ جڏھن امير شير علي خان مزار شريف ۾ فوت ٿئي ٿو تھ سردار عبدالرحمان خان سمرقند کان اچي ٿو ۽ ڪابل جو تخت گريفن طرفان کيس حوالي ڪيو ٿو وڃي. ان کان پوءِ گريفن تصديق ٿو ڪري تھ اھو سڄو ڪم عبدالقادر خان ڪيو، جيڪو ڳجھي ڪارروائي لاءِ گريفن طرفان ويل ھو.

افسوس آھي جو انگريزن پنھنجي انھيءَ وفادار قاضي قادرو جو پورو قدر نھ ڪيو ھو. جڏھن ڪابل ڇڏي پشاور ۾ اچي رھيو تھ ھن کي ڏاڍا ڏکيا ڏينھن ڏسڻا پيا. کيس روزگار جي ڳولا جي لاءِ پريشان ڏٺو ويو.

قاضي قادرو جي پڇاڙيءَ وارن ڏينھن جي ڪا خبر ناھي، پرھن فتوح البلدان بلاذري طبع ليدن امانت ڪتب خانھ اسلاميھ ڪاليج پشاور نمبر ١٥١٥ جي پھرين صفحي تي پاڻ لکيو آھي تھ ھيءُ ڪتاب فتوح البلدان ملڪيت حاجي قاضي عبدالقادر جي آھي، جيڪو مرزا محمد شيرازي کان خريد ڪيو ويو. ١٦ مھينو ڊسمبر اربع ڏينھن سن ١٨٩١ع. ان مان ٻھ ڳالھيون ظاھر ٿين ٿيون، ھڪ تھ قاضي ڊسمبر ١٨٩١ع تائين جيئرو ھو ۽ انھيءَ مھيني بمبئي ۾ سندس ڏس پتو ملي ٿو. ٻي ڳالھھ اھا تھ ڪابل ڇڏڻ ۽ پنھنجي سچين خدمتن تان سبڪدوش ٿيڻ کان پوءِ ھيءُ حج تي بھ ويل ھو (١٨٩١ع).(1)

*


 

(١٥)

شڪارپور ۽ ڳڙھي ياسين جا محمدزئي:

ھن خاندان جو وڏو سردار، رحيمداد خان ولد حاجي جمال خان متوفي ١١٨٤ھھ، سردار پائنده خان افغانستان جي شاھي خاندانن محمد زئين جي وڏي ڏاڏي، جو ڀاءُ ھو. سردار رحيمداد خان پنھنجي والد جي وفات ١١٨٤ھھ کان پوءِ قنڌار جي بارڪزئي قبيلن جي رياست جي گاديءَ تي ويٺو. ھيءُ پنھنجي پيءُ جمال خان جو وڏو پٽ ھو، تنھن ڪري احمد شاھي درٻار مان ھن کي بارڪزئين جي سرداري ملي. ھيءُ شھزادي تيمور جي ولي عھديءَ واري وقت ۾ ساڻس گڏ رھيو ٿي. کيس احمد شاھي درٻار جو وڏو رڪن ليکيو ٿي ويو.

احمد شاھھ ابدالي جي وفات کان پوءِ ١١٨٦ھھ ۾ جڏھن تيمور شاھھ تخت تي ويٺو تھ درٻار جي ڪن درٻارين جي ھن سان دشمني پيدا ٿي پئي ۽ قاضي فيض الله جي چرچ تي ھن کي احمد شاھي درٻار جي پاران بارڪزئين جي سرداريءَ تان ھٽايو ويو.

چون ٿا تھ رحيمداد خان تيمور شاھھ سان سندس ننڍپڻ واري دور ۾ گڏ گذاريو ھو، ان ڪري شاھي درٻار جو خاص خيال نٿي رکيائين، پاڻ تيمور شاھھ کي حجت سان پئي ڏٺائين، انھيءَ ڪري تيمور شاھھ کيس پنھنجي مان مرتبي تان ڪيرائي ڇڏيو.(1)

موھن لال لکي ٿو تھ رحيمداد خان سخت ۽ خشڪ مزاج وارو ھو، تنھن ڪري ٻين سردارن تي اک ڪانھ ٿي ٻڏس ۽ انھن سان ھڪ دسترخاني تي ويھي ماني ڪونھ کائيندو ھو، ان ڪري شاھي درٻار ۾ شڪ شبھا پيدا ٿي پيا. آخرڪار تيمور شاھھ ساڻس ڳالھايو ۽ سندس مرضي مطابق ھن جي ننڍي ڀاءُ سردار پائنده خان کي قبائلي بارڪزئي جي رياست جو منصب عطا ڪيو ويو.(1)

ائين ٿو ڏسجي تھ رحيمداد خان ١١٨٩ھھ تائين تيمور شاھي درٻار ۾ انھيءَ رتبي سان موجود ھو. ھن کي سلطنت جي سندن جي سنڀال لاءِ رکيو ويو ھو. ان زماني ۾ جيڪي شاھي سندون جاري ٿيون، تن تي ھن جي مھر لڳل ھوندي ھئي، ڪابل ۾ ھڪ تيمور شاھي فرمان موجود آھي، جيڪو ١١٨٩ھھ ۾ سردار عبدالله خان وڪيل الدولھ پوپلزئي نالي لکيو ويو، جنھن تي رحيمداد خان جي مھر لڳل نظر اچي ٿي.(2) ان کان پوءِ ڪنھن بھ شاھي فرمان تي سندس مھر ڪانھ ڏٺي وئي. چئي سگھجي ٿو تھ رحيمداد خان ١١٩٠ھھ کان پوءِ درٻار مان نڪري چڪو ھو ۽ جلال آباد ۾ رھڻ لڳو ھو. کيس گذاري لاءِ زمين ڏنل ھئي. ھن جي اولاد مان ڪي اڃا سوڌا اتي آھن، باقي سندس پٽ عبدالڪريم خان، زمان شاھھ جي دور ۾ واپس شاھي درٻار ۾ آيو ھو ۽ قنڌار ۾ حاڪم ھو.(3)

رحيمداد خان بھسود (جلال آباد) ۾ گذاري ويو. ھن جا پٽ بھسود ۽ شڪارپور ۾ زمينداري جي ڌنڌي سان لڳي ويا. جيئن تھ پائنده خان ۽ رحيمداد خان جي وچ ۾ رنجش پيدا ٿيل ھئي، ان ڪري ٻنھي ڀائرن جي اولاد بھ ھڪ ٻئي کي چڱي نظر سان نٿي ڏٺو. امير عبدالرحمان خان بھ گھڻي زماني کان پوءِ ائين ھلندوآيو ۽ رحيمداد خاني محمد زئين خلاف بدگوئي ڪندو ٿي رھيو.(1)

موھن لال لکي ٿو تھ رحيمداد خان کي اٺ پٽ ھئا.(2) ڏسو بارڪزئي جو شجرو تعليق ٤. انھن مان عبدالمجيد خان جو ھن ڪتاب ۾ بيان آيو آھي، جيڪو ١٢٣٤ھھ ۾ محمد شاھھ ۽ شھزادي ڪامران سان غزني ۾ گڏ ھو ۽ وزير فتح خان جي قتل ۾ شامل ھو.

موھن لال چواڻي: ھيءُ عبدالمجيد خان امير دوست محمد خان جو سوٽ ھو، جيڪو سردار پائنده خان جي قتل کان پوءِ ان جي بيوه سان پرڻيو، جيڪا جوان شير سياھھ منصور جي قوم مان ھئي. ان مائي کي پائنده خان مان ٻھ ننڍڙا پٽ ھئا، جن مان ھڪ دوست محمد خان ۽ ٻيو امير محمد خان نالي ھو. عبدالمجيد خان قنڌار جي ڏکڻ اوڀر جي ڪنھن قلعي ۾ رھندو ھو. امير دوست محمد خان ٧-٨ سالن جي ڄمار ۾ اتي پنھنجي ماءُ ۽ انھيءَ پيءُ سان ٿي گذاريو.(3)

چارلس ميسون جي چوڻ موجب سردار پائنده خان جي ھيءَ زال ڏاڍي سھڻي ھئي ۽ سدائين ساڻس جنگي مھمن جي مسافريءَ ۾ گڏ ھوندي ھئي. پائنده خان جا سپاھي بھ ان ڪري انھيءَ مائيءَ کي پسند ڪندا ھئا، جو اھائي سردار پائنده خان کي صبح تائين پاڻ وٽ رکندي ھئي، نھ تھ سردار گھڻو ڪري رات جو پوئين پھر ۾ لڏپلاڻ جو حڪم ڪندو ھو ۽ سپاھي چڱيءَ طرح آرام ڪونھ ڪري سگھند اھئا. جڏھن اھا سھڻي زال سردار کي صبح تائين پنھنجي ڀاڪر مان نھ ڪڍندي ھئي تھ سپاھين کي عيش آرام نصيب ٿيندو ھو. اھا ڳالھھ سردار پائنده خان جي ٻين زالن ڀيري سپاھين کي نعمت طور نصيب نھ ٿيندي ھئي.(1)

ھن ڪتاب جي سڀني نسخن ۾ عبدالمجيد کي نڪ وڍيل لکيو ويو آھي. ليڪن نسخي (ب) ۾ جنھن تي تاريخ قنڌار لکيل آھي، جنھن بابت مھاڳ ۾ پڻ ڄاڻايل آھي، ان موجب عبدالمجيد خان فتح خان وزير جو سوٽ ھو ۽ سردار رحيمداد خان فتح خان جو چاچو ھو.(2)

عبدالله خان پھريون:

رحيمداد جو ٻيو پٽ جيڪو پيءُ جي شاھي درٻار کان جدا ٿيڻ بعد ڳڙھي اچي زمينداري ڪرڻ لڳو(3). ھيءُ ١٢٠٠ھھ ۾ ڳڙھي ياسين ۽ شڪارپور جي جاگيردار خاندان جو وڏو ھو، ان بابت بارڪزئي جو شجرو تعليق ٤ ۾ ڏنل آھي(4).

جمعو خان ۽ عبدالله خان ٻيو:

جيئن ھن ڪتاب ۾ تفصيل سان اچي چڪو آھي. جمعو خان ولد عبدالله خان، شڪارپور جي آخري افغان حاڪم عبدالمنصور جي دور (١٢٣٩ھھ) کان پوءِ شڪارپور جي معتبرن مان ھو. انھيءَ جمعي خان ئي عبدالمنصور خان کي نواب ولي محمد خان سان ملي شڪارپور مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. آخر انھيءَ کي ھتان وڃڻو پيو ۽ شڪارپور کي ميرن جي حڪومت سان ڳنڍيو ويو. (١٢٤٠ھھ- ١٨٢٤ع).

ميجر گولڊ سمڊ بھ لکي ٿو تھ ھيءُ جمعو خان بارڪزئي سردارن جي خاندان مان امير دوست محمد خان جو ويجھو عزيز ھو ۽ افغان حڪومت پاران شڪارپور ۾ نمائندگي ٿي ڪيائين. ھيءُ ١٨٨٠ع تائين ڳڙھي ياسين جي جاگيرداري ۾ جيئرو ھو. سندس ڀاءُ احمد خان تاريخي فرمان ١٨١٠ع/١٢٢٥ھھ موجب ڳڙھي ياسين ۾ زمينون پنھنجي جاگيرداري لاءِ حاصل ڪيون ھيون. سرڪار وٽان حاصل ڪيل اھي جاگيرون ١٨٢١ع/ ١٢٣٥ھھ ۾ سردار محمد عظيم خان ۽ سردار شيردل خان پاران جمعي خان کي تصديق ٿي مليون، جن ۾ ڳڙھي ياسين جا ڪي ٽڪرا بھ شامل ھئا. مير نصير خان، ٥- اپريل ١٨٤٢ع جي سند مطابق، گذريل حڪمن جي پوئواري ڪئي.

انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ليفٽيننٽ پوسٽن اپريل مئي واري تاريخي سند موجب عبدالله خان ولد جمعي خان کي انھيءَ جاگير جو مستحق سمجھي، اھا جاگير جيئن جو تيئن بحال رکي وئي. ان کان پوءِ مسٽر ايلس ١٨٥٨ع ۾ عبدالله خان ۽ سندس ڀاءُ خيرالله خان کي انھيءَ جاگير جو مالڪ ٺھرايو.(1)

مٿين سندن مان معلوم ٿئي ٿو تھ سردار جمعو خان ١٨٤٢ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. تنھن کانپوءِ عبدالله خان ۽ خيرالله خان سندس جاءِ والاري.

عبدالمنصور خان:

ھيءُ شڪارپور ۾ افغانستان حڪومت پاران آخري افغان حاڪم ھو، جيڪو نواب ولي خان لغاري جي ڪوشش سان ١٢٤٠ھھ ۾ شڪارپور ڇڏڻ تي مجبور ٿيو. شڪارپور ڇڏڻ کان پوءِ ھيءُ ڳڙھي ياسين ويو، جتي ڪي ڏينھن رھي ان بعد قنڌار روانو ٿي ويو.

عبدالمنصور خان اصل ڏکڻ قنڌار جي بارڪزئي ابازئين مان ھو،جتي اڃا تائين سندس نالي ھڪ ڳوٺ موجود آھي. اتي ئي سندس مقبرو مشھور ٻڌڻ ۾ ٿواچي، ھن جا پويان بھ اتي رھن ٿا.

عبدالمنصور خان سدوزئي دور جي پڇاڙيءَ ۽ بارڪزئي عھد جي اوائل ۾ بارڪزئي حڪمرانن جي درٻار سان لاڳاپيل رھيو. ھن جي ٻنھي قبيلن سدوزئي، بارڪزئي سان قرابت ھئي. ١٢٣٤ھھ ۾ ھيءُ شھزادي ڪامران طرفان فتح علي قاچار جي درٻار ۾ ھرات کان مشھد ويو ھو، جتان شھزادي ڪامران جي نالي سفارشي خط آندو ھئائين، جڏھن وزير فتح خان کي اکين کان انڌو ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو ھو.(1) ھن ڪتاب جو مؤلف پڻ لکي ٿو تھ عبدالمنصور خان بارڪزئي ڪامران سان گڏ قنڌار مان ھرات ويو ھو ۽ ھيءُ بھ وزير فتح خان جي مخالفن ۾ شامل ھو.(2)

عبدالمنصور خان جي قنڌار جي سردارن (فتح خان وزير جي ڀائرن) سان مائٽي ھئي ۽ ھيءُ سردار رحمدل خان کي بھ ويجھو ھو. ١٢٣٩ھھ ۾ سردار رحمدل خان شڪارپور مان قنڌار ويو تھ انھيءَ عبدالمنصور خان کي شڪارپور جو حاڪم مقرر ڪري موڪليائين.(1) جنھن کي نواب ولي محمد خان لغاري ١٢٤٠ھھ ڌاري شڪارپور مان قنڌار روانو ڪيو. عبدالمنصور خان افغاني سلطنت جي ھدايتن موجب شڪارپور ۾ ايندو ويندو رھيو ۽ حڪومت جو ڪاروبار ھلائيندو آيو. آخوند محمد صديق تاريخ بروھي احمد زئي ۾ لکي ٿو تھ ١٢٣٢ھھ ۾ جڏھن قلات جو خان مير محمود مري ويو تھ منصور (عبدالمنصور خان) دراني بارڪزئي،جيڪو شاھي درٻار جو خاص ماڻھو ھو. شڪارپور مان قنڌار پئي ويو، تڏھن بلوچ سردارن جي اتفاق سان مير محراب خان ٻئي جو معاملو طئي ڪيو ويو.(2) انھيءَ ئي مؤرخ جي روايت موجب منصور خان محمود شاھ پاران شڪارپور جو حاڪم ھو.جڏھن رمضان ١٢٣٢ھھ ۾ بلوچ سردارن درميان خونريزي شروع ٿي تڏھن مير مبارڪ خان مير قادر بخش ھٿان قتل ٿي ويو. منصور خان شڪارپور مان گنجابي ويو ۽ بلوچ سردارن کي پاڻ سان وٺي قنڌار روانو ٿيو.(3) عبدالمنصور خان جي حياتي جي پڇاڙيءَ ۽ موت جو احوال معلوم ٿي نھ سگھيو آھي.

*


 

(١٦)

وزير فتح خان جو قتل:

وزير فتح خان جي انڌي ڪرڻ ۽ قتل ٿيڻ بابت: وزير فتح خان، سردار پائنده خان جو پٽ ھو. ھن افغانستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ھن جيڪي وڏا ڪارناما ڪيا، تن کي آڏو رکندي چئي سگھجي ٿو تھ واقعي ھيءُ ھلندڙ تاريخ کي تبديل ڪري چڪو ھو. ھن ئي افغانستان کي ھڪ صدي تائين خانھ جنگي ۽ خون ريزي ۾ وچڙائي ڇڏيو ھو. ھن پنھنجي دور ۾ جيڪي ڪم ڪيا، تن جي آڌار تي افغانستان جي سلطنت سدوزئي احمد شاھھ ابدالي کان ڦري محمد زئي سردار پائنده خان جي پاسي ٿي وئي.

جھڙيءَ طرح ھن ڪتاب ۾ پڙھيو ويو، وزير فتح خان جي قتل ۽ انڌي ٿيڻ لاءِ، شھزادو ڪامران جوابدار ھو، جيڪو عاقبت جي انجام کان بي خبر اھو ڪڌو ڪم ڪري چڪو ھو. ھو محمود شاھھ جو پٽ ھو.ھن دھشتناڪ واقعي جا سبب ھيٺ ڄاڻائجن ٿا.

١- محمود شاھھ جڏھن ٻيو ڀيرو وزير فتح خان جي مدد سان بادشاھي تخت تي ويٺو تھ نالي ماتر حڪمران رھيو، ڇو تھ ملڪ جو سمورو اختيار اصل ۾ فتح خان جي ھٿ وس ھو. ھن ڪشمير کان وٺي سنڌوندي ۽ ڪابل قنڌار تائين پنھنجي ڀائرن کي مقرر ڪيو، صرف ھرات جو تخت محمود شاھھ جي ڀاءُ حاجي فيروزالدين جي قبضي ۾ ھو، جنھن جي ھٿ ڪرڻ ۾ بھ وزير فتح خان پنھنجا حيلا ھلائي رھيو ھو.

١٢٣٣ھھ/١٨١٦ع ۾ جڏھن فتح علي شاھھ قاچار پنھنجو لشڪر شھزادي حسن علي مرزا جي قيادت ۾ ھرات ڏانھن چڙھائي لاءِ موڪليو تھ وزير فتح علي خان موقعي جو فائدو وٺي محمود شاھھ جي اجازت سان ھرات جي بچاءَ لاءِ نڪري ھليو. ھيءُ جڏھن ھرات ۾ پھتو تھ حاجي فيروزالدين کي ٻڌي ڪابل ڏانھن روانو ڪيائين ۽ پاڻ پنھنجي ڀائرن سردار ڪھندل خان ۽ سردار شير دل خان سان ھرات جي حڪومت ھلائڻ لڳو.(1)

انھيءَ وقت کان شھزادو ڪامران وزير فتح خان جو روزبروز وڌندڙ اثر ڏسي (جيڪو سندس پيءُ محمود شاھھ تي ھو)، مٿس خار کائيندو ٿي آيو ۽ ھن کي باشاھي انتظامن ھلائڻ ۾ پنھنجو رقيب ڪري ٿي سمجھيائين.

ڪامران پنھنجي ليکي اقتدار جو بکيو ۽ نھايت مغرور مزاج ھو، ايتري قدر جو پيءُ کان پوءِ پاڻ کي ئي ملڪ جو مالڪ سمجھندو ٿي رھيو.ھن سدائين انھيءَموقعي جو انتظار ڪيو تھ جيئن وزير فتح خان ۽ سندس ڀائرن جي اقتدار جي رلھي ويڙھھ ڪئي وڃي.

٢- جڏھن وزير فتح خان ھرات تي قبضو ڪيو ۽ حاجي فيروزالدين کي قيد ڪري قنڌار ڏياري مڪائين تھ وزير فتح خان ۽ سندس ڀائر ميدان خالي ڏسي حاجي فيروزالدين جي مال ملڪيت سان گڏ سندس خاندان جو مال متاع بھ ميڙي چٽ ڪري ويا: سردار دوست محمد خان جئھ سنگھھ جي لشڪر سان حاجي فيروزالدين جي حرم اندر ڪاھي پيو ۽ سندس سڳي ڀيڻ جي بدن تان زر ۽ جواھر لاھي ورتائين، ايستائين جو سندس قميتي ڪمربند بھ نھ ڇڏيائين،جنھن لاءِعبدالڪريم شيرازي مؤلف  تاريخ احمد شاھھ دراني ان جي قيمت پنجاھھ ھزار تومان ٻڌائي ٿو. ان کان علاوه ڪامران جي ڀيڻ ۽ ملڪ قاسم پڻ، حاجي فيروزالدين جي زال رقيھ بيگم جي سمھڻ وارو لباس ھٿ ڪرڻ لاءِ وڌيا تھ ھوءَ حمام ڏانھن وٺي ڀڳي ۽ نيٺ ھن جا قيمتي ڳھھ ڳٺا ھٿ ڪيا ويا ۽ ملڪ قاسم پنھنجي ڀاءُ وزير فتح خان جي ڊپ کان ڪشمير ڀڄي ويو.(1) اھي اڻاوا ڪم ھر طرح افغاني رسم روايت جي خلاف ھئا، ان ڪري محمود شاھھ ۽ شھزادي ڪامران کي ڪاوڙ اچي وئي. ڪامران انھيءَ قصي کي اھڙي نموني پنھنجي پيءُ محمود شاھھ اڳيان پيش ڪيو، جو ان جو اعتماد ئي وزير فتح خان تان کڄي ويو.

٣- انھن ڪرتوتن سبب محمود شاھھ وزير فتح خان ۽ سندس ڀائرن تي اچي ڏمريو ۽ شھزادي ڪامران کي،جيڪو اڳ ۾ ئي اھڙو وجھھ ڳوليندو ٿي رھيو، تنھن کي ڄڻ ٻرنديءَ باھھ تي تيل ھارڻ جو موقعو مليو.

سراز مھر خموشي گيرو ميگو

بسيد آباد ڪشتھ شد بنا حق

٨- ٤٠+ ١١٩٤ھھ- ١٢٣٤ھھ

سندس مزار تي غزني ۾ قتل جي تاريخ ھينئن لکيل آھي:

سال فوتش ھاتفي غيبي بمدآه گفت

شد بسان اب شھيد اڪبر آن والا مقام

آن امير نادر و اين نادره تاريخ او

ڪس نديد و ڪس نگويد در جھان از خاص و عام(1)

-----

چون ٿا تھ وزير فتح خان کي قتل ڪرڻ کان اڳ محمود شاھھ جي آڏو آندو ويو. ھن چيس تھ تون پنھنجي ڀائرن کي چٺي لک تھ جيڪڏھن جنگ تان ھٿ کڻندا تھ چڱو ٿيندو. وزير فتح خان جواب ڏنو، مون اکين وڃڻ کان پوءِ سڀني ڳالھين کان پاسو ڪري ڇڏيو آھي، ٻي حالت ۾ آءٌ پنھنجي ڀائرن کي بھ تڪليف ڏيڻ نٿو چاھيان تنھن ڪري خط لکي ڏيڻ جي ڪابھ ضرورت ناھي.(2)

سنڌيڪار جو تفصيلي نوٽ:

محمود شاھھ وزير فتح خان سان وعدو ڪيو تھ جيڪڏھن سندس ڀائر جنگ کان باز آيا تھ انھن کي وڏين وزارتن جا عھدا ڏنا ويندا، پر فتح خان ورائي منھن تي ھنيس، چئي: وعدو ان شيءِ جو ڏئي رھيو آھين، جيڪا ھاڻ تنھنجي ھٿ ۾ نھ رھڻي آھي.(3)

محمود شاھھ آخر ھن کان مايوس ٿي کيس قتل جو حڪم ڏنو.

(ڏسو نسب نامھ وزير فتح خان تعليق ٤)

معنيٰ (١) ھاتف کان شھادت جي تاريخ لاءِ پڇيم تھ ھيئن معلوم ٿيو  ماٺ ڪري ٻڌ، ھو سيد آباد ۾ ناحق قتل ٿي ويو.

(٢) ھاتف آھھ ڀري سندس فوت ٿيڻ جو سال ٻڌايو تھ ھو پنھنجي پيءُ وانگي شھيد ٿي ويو، جھڙو پاڻ عجيب ھو، تھڙي عجب تاريخ ھيس.

پوءِ تھ ٻئي پيءُ پٽ زبردست لشڪر وٺي وڃي قنڌار ۽ ھرات جي ڪنڌ تي چڙھيا. ان وقت وزير فتح خان ٽيھھ ھزار افغاني لشڪر سميت ھرات جي اولھھ ۾ قاچاري لشڪر کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪوھستان طرف ترسيو ويٺو ھو.

ذوالحج ١٢٣٣ھھ ۾ محمود شاھھ ۽ ڪامران فراھھ ۾ پھتا تھ پيءُ (محمود شاھھ) اتي لٿو ۽ ڪامران ھرات ھليوويو ۽ منصور خان کي وزير فتح خان جي لشڪر ڪشي جي معافي لاءِ قاچاري درٻار ۾ موڪليائين، فتح علي شاھھ قاچار جواب ۾ ڪامران کي چوائي اماڻيو تھ تون پنھنجي آئيندي جي سچائي لاءِ وزير فتح خان کي انڌو ڪري ۽ قيدي بڻائي مشھد ڏانھن موڪلي ڏي. تھ پوءِ اسان مڃينداسين.

اھي ئي سبب ھئا، جن کان شھزادو ڪامران وزير فتح جا درحق اتامڙيل تھ اڳ ۾ ئي ھو، ويتر سخت ڪروڌ ۾ اچي انھيءَ قدم کڻڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ وزير فتح خان جون ھرات ۾ اکيون ڪڍرائي ڇڏيائين. جيئن ھن ڪتاب ۾ ڄاڻايل آھي تھ سال ١٢٣٤ھھ/١٨١٨ع ۾ وزير فتح خان جي اکين ۾ تتل لوھي سرايون گھمائي کيس انڌو ڪرڻ ۾ آيو.

ڪامران جو اھو اڻائو ڪم آخرڪار سدوزئي بادشاھن جي خاتمي جو باعث بڻيو، ڇا لاءِ تھ وزير فتح خان جا ڀائر طاقتور ۽ ھلنديءَ پڄندي وارا ھئا. جڏھن ٻڌائون تھ سندن وڏي ڀاءُ کي اکين کان انڌو ڪيو ويو آھي تھ مڇرجي رڻ ٻاري ڏنائون.ڪشمير کان ھرات تائين فسادن جي باھھ ڀڙڪائي ڇڏيائون دوست محمد خان ڪشمير کان واپس اچي ويو ۽ ڪابل تي حملو ڪري ڪامياب ٿيو ۽ محمود شاھھ کي غزني ڀڄائي ڪڍيائين.

ڪامران ٽيھھ ھزار لشڪر وٺي پيءُ جي مدد لاءِ غزنيءَ پھتو تھ ھوڏانھن محمد عظيم خان دوست محمد خان جي مدد لاءِ ڪشمير مان اچي رسيو. ڪامران جو لشڪر جڏھن ڪابل ۽ غزني جي وچ تي سيد آباد وردگ ۾ پھتو تھ ھن وزير فتح خان کي دراني سردارن ھٿان، جيڪي ساڻس گڏ ھئا، اھنج عذاب ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. ھيءُ ھاڃيڪار واقعو ١٢٣٤ھھ/١٨١٨ع ۾ ٿيو. ھن جو لاش ٽڪر ڳڀا ڪري غزني ۾ مزار علي لالاجي ڏاکڻين پاسي دفنايو ويو.

وزير فتح خان جي قتل تي ھيءَ تاريخ قلمبند ڪئي وئي:

پئي تحرير تاريخ شھادت

ز قول ھاتفم اين گشت مشتق.

*


 

(1) ښڎإض ١- ١٠ ڦإڷ ٨٦. ڷإڈڎ ڛإێێ ڢڎڐڷڈ ڛڶڛۑڎ، ڜ ١٦٦. إۆڎۑڷخڵ ڥإڵۑض ڶكڐڷ.

(1) ڶڥجۆبإج ڶۑإڷ ڢڤۑڎ إ^ ٢٧٣ ڵإێۆڎ.

(2) جإڎۑك صڛإۆڎ ڧۆصإڵڈإښ ڵإێۆڎ ١٨٧٠ڠ، ڜ ٧٠٨.

(3) جإڎۑك صڛإۆڎ ٧٠٨.

(1) ۆإڤڠإج ٩٢.

(2) إښجإڈ كإڷۆإڈۏ ڤإڝۑ إڷڧڎۑڐۑ ڞبڠ ڥۆیۑخێ ۽ ڶضڵێ آڎۑإڷإ ڛڶإڎۆ ٩٤. ڥإبڵ ڶڤإڵێ قبۑبۑ.

(1) ۆإڤڠإج ٧٦.

(2)  ۆإڤڠإج ٨٦.

(3) ۆإڤڠإج ٩٢.

(1) قۑإج إڶۑڎ ڈۆښج ڶقڶڈ كإڷ ١- ٣٧٨.

(1) كڞ ڷڶبڎ ١. إښڷإڈ كإڷڈإڷ ڤإڜۑ ڞبڠ ڥۆیۑخإ.

(2) كڞ ڷڶبڎ ٨، ښإکۑۆ ڥجإب.

(1) ڈۑۆإڷ ڞڎڐۑ إڢڡإڷ، ڞبڠ ڥڎإغۑ.

(2) جإڎۑك صڛإۆڎ ٦٥٧.

(3) ڤڵڶۑ ڷښكۆ. قبۑبۑ.

(1) ڶإكۆڍ: صڷڈڷإڶێ ڈڷۑإۆ ڈۑڷ إڶۑڎ ڠبڈإڵڎقڶإڷ ڞبڠ ڥإبڵ ٩٠١، ێڷڷ كڞڷ ضۆ إڜڵ ڶجڷ قبۑبۑ ضۆ جإڵۑڢ ڥۑڵ ۆخښ ڶۆضۆڈ آێۑ.

(1) ښڎإض ١- ٣٧. جإڎۑك ښڵڞإڷۑ.

(1) قۑإج إڶۑڎ إڷڧڎۑڐۑ ١- ١٢.

(2) جۑڶۆڎ ڛإێێ، ڞبڠ ڥإبڵ ٨٤.

(3) جۑڶۆڎ ڛإێێ ٨١.

(1) صڷڈڷإڶێ ڈڷۑإ ۆ ڈۑڷ.

(2) قۑإج إڶۑڎ ١٢.

(3) قۑإج إڶۑڎ ڈۆښج ڶقڶڈ كإڷ ١- ٢٦.

(1) ڎۆڈإڈ ښڢڎ إڢڡإڷښجإڷ بڵۆغښجإڷ ٢- ١٧.

(2) ێڷ ڥجإب ضۆ ڤڵڶۑ ڷښكۆ.

(3) History of Alienation in Sindh.

(4) ێۑ ڥجإب، ښڎڈإڎ ڶقڶڈ كإڷ ضۆ ڛڥإڎصۆڎ ڶإڷ ۆعڼ.

(1) History of Alienation

(1) ښڎإض ١- ٩٧.

(2) ێۑ۝ ڥجإب.

(1) ێۑ۝ ڥجإب، ښڎڈإڎ ڎقڶڈڵ كإڷ ضۆ ڛڥإڎصۆڎ ڶإڷ ۆعڼ.

(2) جإڎۑك بڵۆغښجإڷ ٢٠٨.

(3) جإڎۑك بڵۆغښجإڷ، ٢١٠.

(1) ښڎإض ١- ٩٦ ښڵڞإڷۑ. إڢڡإڷښجإڷ ١٩ ڜڈۑ ۾، ڜ ٢٦.

(1) جقڢې إڵقبۑب ڤڵڶۑ ڢۑڝ ڶقڶڈ ێڐإڎۏ، ڠڎۆض بإڎڥڐیۑ ٦١ إڢڡإڷښجإڷ ١٩ ڜڈۑ ۾. ڜ ١٦. ڶښۑڷ ٣٢ ض ٣. جقڢې إڵقبۑب ۾ ێۑ۝ ۆإڤڠۆ جڢڜۑڵ ښإڷ آۑڵ آێۑ، صڎ فصۑڵ ڷښكۑ ۾ ضڷێڷ ڦۑ ښڎإض إڵجإڎۑك ڷإڵۆ ڊڷڵ آێۑ، إڶۑڎ قبۑب إ^ ضۑ قڥڶ ښإڷ ضۑڥۆ صإڼ ڜقۑق ڥڷڈڏ ێۆ، إڷ ۆإڤڠۑ ڦۑ ڵیۑ ڶخۑ ڥۑۆ ۆۑۆ آێۑ،ضۑڶښ إیخڥڷښڷ صڷێڷضۑ ڥجإب إڢڡإڷښجإڷ جۑ ڵڛڥڎ ڥڛۑ ڜ ٣٩ ڞبڠ ڵڷڋڷ ١٨٤٢ڠ ۾ إێۆ جڢڜۑڵ صۑڛ ڥۑۆ آێۑ. قبۑبۑ.

(1) ښڎإض ١( ٩٧. إڢڡإڷښجڷإ ١٩ ڜڈۑ ۾ ڜ ٢٩ جإڎۑك ښۑإښۑ إڢڡإڷښجإڷ ٩٧.

(2) ښڎإض ١-١٠١. إیخڥ ڷښڷ ڵڛڥڎ ڥڛۑ بڎ إڢڡإڷښجإڷ، ڜ ٤٣. ۆڐۑڎ ڢجق كإڷ ضۑ ڤجڵ ضۆ جڢڜۑڵ ڵڦۑۆ آێۑ.

(3) ڠڎۆض بإڎڥڐیۑ. ښڢڎ بێ ڛڶإڵ ێڷڈ- ڥۆڷۆڵۑ ٢-٣٨٩.

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org