سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 10

(٥)

وزير شير محمد خان:

ھيءُ احمد شاھھ ابدالي جي وزير شاھھ ولي خان باميزئي جو پٽ ھو ۽ سدوزئي دور جي مشاھير ۽ سدو جي ڀاءُ صالح جي پوين مان ھو، (ڏسو تعليق ٨١٣) جيڪو ١١٨٦ھھ ۾ تيمور شاھھ جي تخت نشيني کان پوءِ ان جي حڪم سان بڪوا جي برپٽ ۾ (قنڌار ۾ فراھھ جي وچ تي) شڪر الله خان ۽ دوست محمد اعتماد الدولھ احمد شاھي ھٿان قتل ٿيو. شاھھ ولي خان جي ڌيءَ احمد شاھھ جي پٽ شھزادي سليمان جي نڪاح ۾ ھئي- شاھھ ولي خان جي مرضي ھئي تھ پنھنجي نياڻي شھزادي سليمان کي تخت تي ويھاريو وڃي.

شير محمد خان پيءُ جي قتل کان پوءِ قلات وڃي نصير خان بلوچ بروھي وٽ سام پيو، پر ٿوري وقت کان پوءِ قنڌار وڃي اتراھين پاسي پنھنجي پيءُ جي جاگير ۾ ويٺو. شاھي درٻار سان سندس ڪوبھ واسطو ڪونھ ھو. ١٢٠٧ھھ ۾ جڏھن زمان شاھھ پنھنجي پيءُ تيمور شاھھ جي مرڻ کان پوءِ گاديءَ تي ويٺو تھ شير محمد خان کي سڏي مختار الدولھ جو لقب ڏئي پنھنجو وزير ڪري رکيائين. ھيءَ شاھھ زمان توڙي شاھھ شجاع جي حادثن ۾ گھڻو دخل رکندو آيو. سنڌ، خراسان، ڪشمير  ۽ ڪابل تائين وڏا ڪارناما سر انجام ڏنائين(1) ھن جي باري ۾ سندس ھمعصر مؤرخ امام الدين حسينيءَ، جنھن ١٢١١ھھ ۾ تاريخ حسيني پنھنجي مشاھدن موجب قلمبند ڪئي، لکي ٿو تھ: اشرف الوزراءِ مختار الدولھ حافظ شير محمد خان بھادر اشرف الوزراء شاھھ ولي خان باميزئي جو پٽ آھي. تيمور شاھھ جي دور ۾ پنھنجي پيءُ جي قتل کان پوءِ غريب غربي جي سار سنڀال ۾ وقت پئي گذاريائين. ھيءُ خدا ترس،رعيت پرور، خوش اخلاق، شيرين زبان ۽ سخي مرد ھو. ھر ڪنھن سندس ساراھھ ٿي ڪئي. دنيا جي مڪر ۽ فريب کان عار رکندڙ ھو. ان ڪري ملڪي توڙي مالي معاملن کان پري رھندو آيو. دراني ھن کي وڏي عزت ڏيندا ھئا، خاص ڪري وزير رحمت الله خان مقتول  ١٣ ربيع الاول ١٢١٦ھھ ھن جي ڏاڍي عزت آبرو ڪندو ھو.(1)

١٢٠٨ھھ ۾ جڏھن بلوچن/بروھين جو بادشاھھ مير نصير خان فوت ٿيو ۽ ھن جو پٽ مير محمود خان بادشاھھ ٿيو تھ مير بھرام خان ولد محبت خان (سندس وڏو ڀاءُ) ساڻس مقابلي لاءِ اٿي کڙو ٿيو ۽ ڪڇي وارو علائقو ان کان کسي ورتائين. مير محمود خان ان تان محراب خان شھواڻي ۽ پنھنجي وزير آخوند ملا فتح محمد کي مدد جي لاءِ شاھھ زمان جي درٻار ۾ موڪليو. تڏھن شاھھ زمان جي حڪم موجب شير محمد خان ٻن ھزار سپاھين سان بلوچستان / قلات ويو، جنھن بھرام خان کي شڪست ڏئي مير محمود خان کي شاھي تخت تي ويھاريو، پڇاڙيءَ ھن کي پاڻ سان گڏ شاھھ زمان وٽ وٺي آيو.

ھن جو ٻيو ڪارنامو سکن سان مقابلي وارو آھي. ١٢١١ھھ ڌاري شيخوپوره ۾ سکن تي حملو ڪري کانئن لاھور ڇڏائي کين پنجاب مان نيڪالي ڏني ھئائين(1).

١٢١٢ھھ ۾ انھيءَ شير محمد خان نادر شاھھ جي شھزادن عباس مرزا ۽ نادر مرزا (شاھھ رخ جي پٽن ۽ نادر شاھھ جي پوٽن) کي جيڪي آقا محمد خان قاچار جي ظلم کان افغاني درٻار ۾ اچي سام پيا ھئا، تن کي واپس مشھد وٺي ويو ھو ۽ وري حڪومت جي گاديءَ تي ويھاريائين.(2)

افغانستان جي بادشاھت جڏھن ڪيترين خانھ جنگين کان پوءِ شاھھ شجاع ولد تيمور شاھھ جي ھٿ آئي تھ ١٢٢٢ھھ ۾ شاھھ شجاع ھن کي ڪشمير ڏانھن موڪليو، ان کان پوءِ ھن جي پٽ عطا محمد خان کي ڪابل مان گھرائي ڪشمير اماڻيو ويو ۽ شير محمد خان کي وري شاھي درٻار ۾ آندو ويو، پر ھن اچڻ کان انڪار ڪيو. آخرڪار ھن شاھھ زمان جي پٽ شھزادي قيصر سان گڏجي پشاور ۾ بغاوت ڪئي.

جڏھن شاھھ شجاع پنھنجي لشڪر سان ھنن جي مقابلي لاءِ آيو تھ شير محمد خان ۽ سندس ڀاءُ مير احمد خان، ڪوٽ جعفر خان وٽ، پشاور جي اتر ۾، مارجي ويا(3) ھيءُ واقعو ٣ مارچ ١٨٠٨ع ١٢٢٣ھھ تي پيش آيو. سنڌ ۾ شير محمد خان جي آمد ۽ ڪشمير ۾ سندس مقرري بابت ان سان گڏ سندس قتل جي باري ۾ ھن ڪتاب جي پھرين باب ۾ بيان اچي چڪو آھي. الفنسٽن پنھنجي ڪتاب ڪابل جي سلطنت ص ٥٨٧ ۾ ھن لاءِ جيڪو تفصيل ڏنو آھي، سو پڙھڻ گھرجي.

*


 

(٦)

سنڌ جا ٽالپور حڪمران:

ٽالپور، بلوچن جي قديم قبيلن مان آھن، جيڪي ڪوھستان سياف آف (ديري بيبرڪ ھڙند) واري علائقي ۾ ديري غازي خان ۽ ڪڇيءَ جي وچاڳ ۾ نوٿياڻي، مزاري، جکراڻي، گڏاڻي ۽ شنباڻي بلوچن جي قبيلن سان گڏ رھندا ھئا. مير چاڪر خان جڏھن ھمايون بادشاھھ سان گڏجي ھندستان ھليو ويو تھ پٺيان بگٽي بلوچن ھنن تي ڪاھھ ڪري سڀني کي سياف آف مان تڙي ٻاھر ڪيو، پوءِ ٽالپورن سنڌ ڏانھن رخ رکيو ۽ ڪلھوڙن جي درٻار سان لاڳاپجي ويا.(1)

ميان غلام شاھھ تاريخ ٣- جمادي الاول ١١٨٦ھھ ۾ فوت ٿيو ۽ ميان سرفراز خان سندس گاديءَ تي ويٺو؛ تڏھن بھ مير بھرام خان ان جو معتمد ھو. ١١٨٦ھھ ۾ احمد شاھھ ابدالي مري ويو تھ مير بھرام خان سنڌ جي درٻار پاران سفير ٿي تيمور شاھھ جي درٻار ۾ تعزيت لاءِ ويو. ميان سرفراز خان لاءِ اتان جي شاھي درٻار مان خدايار خان جو خطاب وٺي واپس آيو.

ڪلھوڙن جي درٻار جو پراڻو ڪارندو راڄو ليکي بدنيت ٿي پيو. ھن ميان سرفراز ۽ مير بھرام جي وچ ۾ ناساري پيدا ڪئي. سرفراز خان جڏھن مير فتح خان ٽالپور کان سندس ڌيءَ جو سنڱ پنھنجي لاءِ گھريو تھ مير بھرام خان انڪار ڪندي چيو: اسان جي خاندان ۾ ڪنھن غير قوم واري کي سنڱ ڏيڻ روا نھ آھي(1). انھيءَ ھلڪي اختلاف اڳتي ھلي ٽالپورن ۽ ڪلھوڙن ۾ دشمني جو پايو وڌو، جنھن جي پڇاڙي ڏاڍي ڏک ڀري نڪتي.

انھيءَ ٽالپور ڪھول مان مير بھرام جو پيءُ مير شھداد خان، ميان يار محمد ڪلھوڙي وٽ وڏو منصبدار ھو، جنھن جي نالي شھدادپور جو شھر ٻڌل آھي. ھو رجب ١١٤٧ھھ ۾ فوت ٿيو. ھن جي پيءُ جو نالو ھوتڪ خان ولد ڪڪو خان ولد شاھو خان ھو.

مير بھرام پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ ڪلھوڙن جي درٻار جو مدارالمھام ٿيو، جڏھن عطر خان ۽ غلام شاھھ جي وچ ۾ گادي تان تنازعو ھليو تھ ھيءَ ميان غلام شاھھ جو طرفدار ٿي ويٺو، جيئن سندس وڏن جي ريت ھئي.

پر راڄو ليکي، جنھن لاءِ مير عظيم ٺٽوي لکي ٿو:

ھن پنھنجي فريب ۽ فساد سان اوائل ۾ ئي خرابي جو بنياد رکيو. آخرڪار نتيجو اھو نڪتو جو ميان سرفراز خان مير بھرام خان کي سندس پٽ صوبدار خان سميت قتل ڪرائي ڇڏيو. ١١٨٩ھھ ۾ ميان سرفراز خان، بھرام خان ۽ سندس پٽ جو قتل ڪرائي وڏو ڏوھاري ثابت ٿيو، انجي اثر ۾ ٽالپرن شورش کڙي ڪئي، جنھن ڪري ميان سرفراز جي حڪومت لوڏن ۾ اچي ويئي. آخر ڳالھھ وڃي جنگ تائين پھتي، جنھن ۾ مير فتح خان ولد موسيٰ خان خدا آباد ۾ سرفراز خان کي شڪست ڏيئي قيد ڪيو ۽ سندس ننڍي ڀاءُ محمود خان کي گاديءَ تي ويھاريائين.

مير بھرام خان جو پٽ مير بجار خان ٽالپور حج تي ويل ھو؛ جڏھن اتان واپس آيو تھ ميان غلام نبي ولد ميان نور محمد ڪلھوڙو حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. سڀني ٽالپورن مير بجار خان سان گڏ عمرڪوٽ تي چڙھائي ڪئي ۽ ان کي ھٿ ڪري ورتو. ميان غلام نبي راڄي ليکي جي چوڻ تي مٿس حملو ڪيو، شھدادپور جي لڳ، لانياري ۾ جنگ لڳي. ميان غلام نبي راڄو ليکي ھٿان قتل ٿي ويو ۽ ھو ڀڄي ويو.(١١٩٠ھھ)

غلام نبي کان پوءِ ان جو ڀاءُ عبدالنبي جيڪو وڏو ظالم ھو، سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو. مير بجار خان بھ ساڻس گڏ ھو،جنھن ڪيترين جنگين ۾ ساڻس گڏجي حصو ورتو. ١١٩٤ھھ ۾ جڏھن تيمور شاھھ ابدالي سنڌ ۾ آيو تھ مير بجار خان ساڻس صلح ڪيو. لشڪر جي خرچ سميت ڍل ڏيڻ لاءِ بھ قبولدار ٿيو. تيمور شاھھ عبدالنبي کي معتمدالدولھ شاھھ نواز خان فيروز جنگ جو لقب ڏنو.(1)

مير بجار خان حڪومت جي ڪاروبار ۾ وڏي دورانديشيءَ سان بھرو ورتو، ليڪن ١١٩٤ھھ ۾ اندروني سازش جي ڪري قتل ٿي ويو. ان جي جاءِ تي سندس پٽ عبدالله خان کي ٽالپورن جو سردار ڪيو ويو. انھيءَ وچ ۾ ميان عبدالنبي بھ تخت ڇڏي ڀڳو. مير عبدالله خان ميان محمد صادق کي، جيڪو محمد اسلام خان ۽ يار محمد ڪلھوڙي جي پوين مان ھو، سنڌ جي تخت تي آڻي ويھاريو ۽ پاڻ ملڪ جي انتظام ۾ مصروف ٿي ويو. ھن نھايت نرميءَ ۽ اورچائيءَ سان ماڻھن جي پرگھور لھڻ شروع ڪئي. پاڻ مير فتح خان توڙي مدد خان افغان سان منھن ڏئي وڏو بچاءُ ڪيائين، پر نيٺ اھي ٻئي مير عبدالله خان ۽ فتح خان، ميان عبدالنبي ڪلھوڙي ھٿان ١١٩٦ھھ ۾ مارجي ويا.(1)

ميان عبدالنبي انھيءَ اڍنگي روش سان سنڌ ۾ گھڻا وڳوڙ پيدا ڪرائي وڌا. جنھن تان ٽالپورن انتقام جي ارادي سان تراريون اڀيون ڪيون. مير فتح علي خان ٽالپور (بجار خان جي ڀائٽي) ١١٩٦ھھ ۾ ھالاڻي واري جنگ دوران عبدالنبي کي شڪست ڏئي حڪومت کٽي ورتي. ١١٩٨ھھ ۾ حيدرآباد پڻ کانئس کسي ورتائين. پوءِ پنھنجي پاران قمرالدين خان کي ڪابل موڪليائين، ١٢٠٤ھھ ڌاري عبدالرحمان خان نوروزئي افغاني اتي غالب ٿيو. ١٢٢٠ھھ/١٨٠٥ع ۾ ميان عبدالنبي راڄن پور ۾ فوت ٿيو. ھوڏانھن افغانستان ۾ بھ خانھ جنگي شروع ٿي وئي. مير فتح علي خان بنا ڪنھن تنازعي جي سنڌ جو حڪمران ٿي ويو. عبدالنبي جي وفات کان پوءِ سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي حڪومت پڄاڻي تي پھتي.(2) ھتي ٽالپورن جو شجرو پيش ڪجي ٿو.

خيرپور، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي نسب جو شجرو ھڪ ڏاڏي سان وڃي گڏجي ٿو.انھن سڀني جووڏو ڏاڏو مير شاھو خان بلوچ جو فرزند ڪڪو خان عرف سليمان خان آھي، اتان ئي انھن ٽنھي خاندانن جون شاخون نڪرن ٿيون. جيئن تھ ڪڪو خان جي پٽن مان سندس وڏي پٽ ھوتڪ خان کي ٻھ پٽ مير شھداد خان ۽ مير شاھو خان ھئا. پھرين جي اولاد کي شھداداڻي، ٻئي جي اولاد کي شھواڻي سڏيو ويندو آھي. اھڙيءَ طرح ڪڪو خان جي ٽين پٽ ماڻڪ خان جي اولاد کي ماڻڪاڻي ڪوٺيو ٿو وڃي. مٿين شھداد خان کي پڻ ٻھ پٽ ھئا جن مان ھڪ جو مير چاڪر خان ۽ ٻي جو مير بھرام خان نالو ھو. مير چاڪر خان خيرپور جي ميرن جو ڏاڏو ۽ بھرام خان حيدرآباد جي ٽالپورن جو ڏاڏو ھو. مير شھداد خان ١١٤٨ھھ-١٧٣٤ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو شاھپورچاڪر جي ويجھو شھدادپور تعلقي ۾ آھي.

مير شھداد خان ڪلھوڙن جي حڪومت ۾ وڏي اثر وارو ھو ۽ وڏا ڪارناما ڪري ڏيکاريا ھئائين. ميان نور محمد ڪلھوڙي جي وفات کان پوءِ ھن جو پٽ مير بھرام خان سپھھ سالار ٿيو. ھن پنھنجي زور تي ميان نور محمد جي پٽ مرادياب خان کي تخت تان لاھي، سندس ڀاءُ عطر خان کي تخت تي ويھاريو، پر جڏھن ان ۾ ڪو سوجھرو نھ ڏٺائين تھ کيس ھٽائي ميان غلام شاھھ کي آندائين.

ميان غلام شاھھ جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ميان سرفراز گاديءَ تي ويٺو. مير بھرام خان تمام پوڙھو ٿي چڪو ھو، ميان سرفراز جي ڪچھري ۾ ويو ٿي تھ پنھنجي پٽ صوبدار خان کي بھ پاڻ سان وٺي ٿي ويو، پر سگھوئي راڄي ليکي جي حسد ڪري ميان سرفراز، مير بھرام ۽ سندس پٽ صوبدار خان کي مارائي ڇڏيو. اھو واقعو ١١٨٩ھھ-١٧٧٥ع ڌاري پيش آيو. ٻنھي پيءُ پٽن جون قبرون ھالن لڳ نئين خدا آباد ۾ آھن. مير بھرام خان جو ٻيو پٽ مير بجار خان حج تي ويل ھو، ھن جي پويان بلوچ قومن ۾ مير بھرام ۽ صوبدار خان جي بيگناھھ قتل ٿيڻ تي ڏاڍو تاءُ ھو. مگر سڀ مير بجار خان جي واپسيءَ جو انتطار ڪري رھيا ھئا.ان وچ ۾ راڄي ليکي، ميان سرفراز کي گاديءَ تان لاھي، ان جي پٽ محمد خان کي گاديءَ تي ويھاريو؛ مگر انھيءَ بھ ڪانھ ٻاري! جنھن کان پوءِ ميان غلام نبي ولد ميان نور محمد کي گادي سونپي وئي. ايتري ۾ مير بجار خان بھ واپس اچي ويو. ھن ڇھھ ھزار بلوچ سنبرائي پيءُ ۽ ڀاءُ جي وير وٺڻ لاءِ ميان غلام نبي جو مقابلو ڪيو، جنھن ۾ ميان مارجي ويو.

مير بجار خان حيدرآباد مان ميان عبدالنبي ولد ميان نور محمد کي وٺي آيو ۽ کيس گاديءَ تي ويھاريائين، پر ميان عبدالنبي احسان فراموش ٿي کيس ١٧٨١ع ۾ مارائي ڇڏيو، جنھن کان پوءِ سندس پٽ مير عبدالله خان بلوچن جو سردار مقرر ٿيو. ميان عبدالنبي بلوچن جي ڊپ کان ڪڏھن جوڌپور مان تھ ڪڏھن قنڌار مان تيمور شاھھ ابدالي کان مدد ٿي ورتي تھ ڪڏھن نصير خان بروھي وٽ ٿي ويو. آخرڪار سردار محمد بھاول خان جي وچ ۾ پوڻ ڪري ميرن ۽ ميان عبدالنبي جو ٺاھھ ٿي ويو ۽ کيس گاديءَ تي ويھاريو ويو. ميان عبدالنبي اتي بھ احسان فراموشي ڪئي ۽ مير عبدالله خان سان گڏ ان جي سوٽ فتح خان کي پاڻ وٽ گھرائي ٻنھي کي ڊوھھ سان قتل ڪرائي ڇڏيائين. ان وقت مير عبدالله خان قرآن پاڪ جي تلاوت ٿي ڪئي. سندس سسي وڃي قرآن پاڪ تي ڪري. بلوچن پاڻ ۾ صلاح ڪري مير فتح علي خان ولد مير صوبدار خان ولد مير بھرام خان کي پڳ ٻڌائي اڳ ۾ ڪيو ۽ ميان عبدالنبي تي ڪاھي کانئس سنڌ خالي ڪرايائون.

انھيءَ فتحيابي ۾، مير فتح علي خان، مير سھراب خان ولد مير چاڪر خان ۽ مير ٺارو خان ولد مير فتح خان اڳواڻي ڪئي. ان کان پوءِ ميان عبدالنبي ديري غازي خان ھليو ويو. اھو واقعو ١١٩٨ھھ/١٧٨٣ع جو آھي. سنڌ جي قبضي کان پوءِ ٽالپورن بھ ڪلھوڙن وانگي قنڌار جي والي تيمور شاھھ جي ماتحتي قبول ڪئي ۽ سال بسال ڍل ادا ڪندا رھيا ۽ ان وقت سنڌ کي ستن حصن ۾ ورھايو ويو. جنھن مان چار حصا مير فتح علي خان ٻھ حصا مير سھراب خان ۽ ھڪ مير ٺاري خان کنيو.

مير سھراب خان:

١٧٨٣ع ۾ جڏھن مير فتح علي خان ملڪ ورھايو تھ اتر سنڌ وارو حصو مير سھراب خان کي ڏنو ويو، جنھن خيرپور ميرس کي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو، ۽ خودمختار حڪمران جي حيثيت ۾ انتظام سنڀاليندو ٿي آيو ۽ تيمور شاھھ ابدالي کي ڍل ڏيندو ٿي رھيو. ١٨٠٣ع ۾ جڏھن شاھھ شجاع، مير غلام علي (حيدرآباد واري مير) جي حڪومت جي زماني ۾ سنڌ تي ڪاھھ ڪئي تھ مير سھراب خان پنھنجو الڳ لشڪر وٺي لاڙڪاڻي ويجھو حيدرآبادي ميرن جي فوج سان اچي مليو، جتي شاھھ شجاع کي سالياني پنجن لکن جي ڍل ڏيڻ تي صلح ٿيو ۽ ھو موٽي ھليو ويو. وري جڏھن شاھھ شجاع کي ڪابل مان امير دوست محمد خان تڙي ڪڍيو ۽ ھو سنڌ ۾ ڀڄي آيو، تڏھن مير سھراب خان اڪيلي سر سندس مدد ڪئي. ١٨١٧ع ۾ حيدرآباد جا مير راجا رنجيت سنگھھ جي ڪاھھ کي روڪڻ لاءِ شڪارپور ڏانھن فوج وٺي نڪتا تھ مير سھراب خان بھ سندن مدد لاءِ لشڪر ڪاھي اچي ساڻن مليو. پر پوءِ انگريزن جي وچ ۾ پوڻ ڪري ٻنھي ڌرين جو ٺاھھ ٿي ويو. اھڙيءَ طرح بھاولپور جي نواب صادق محمد خان دائودپوٽي کان سبزل ڪوٽ ھٿ ڪيائون جنھن ۾ مير سھراب خان ۽ سندس پٽ مير رستم خان جو وڏو ھٿ ھو.

سنڌ جي وڏي ڀاڱي تي جيتوڻيڪ حيدرآبادي ٽالپورن جي حڪومت ھئي، تھ بھ اتر سنڌ جو سڄو علائقو مير سھراب خان جي قبضي ۾ ھو،جنھن تي پاڻ ۽ سندس پٽ مير رستم خان جي مدد سان حڪومت ٿي ھلايائين. مير سھراب خان تمام پوڙھو ٿيو تھ پنھنجي حياتي ۾ ئي حڪومت جون واڳون مير رستم خان جي حوالي ڪري ڇڏيائين، جيڪو ھن جووڏو فرزند ھو، پاڻ باقي حياتي عبادت ۾ ٿي گذاريائين. مير صاحب موصوف ڪوٽ ڏجي ۾، جنھن کي احمد آباد سڏيندا ھئا. گوشي نشين ٿيو ۽ مير رستم خان سھراب پور (خيرپور) ۾ حڪومت ڪرڻ لڳو. مير سھراب خان نوي ورھين جي ڄمار ۾ پنھنجي ماڙيءَ جي دريءَ مان اوچتو ھيٺ ڪري پيو ۽ ١٢٤٦ھھ/١٨٣٠ع ۾ وڃي پنھنجي رب سان مليو. ھن پنھنجي حصي تي ستيتاليھھ ورھيھ حڪومت ڪئي. سندس وفات جي تاريخ ھيٺئين شعر مان ڪڍي وئي.

ز بام فلڪ شد فردد آفتاب

سخي و ولي مير سھراب بود – ١٢٤٦ھھ

مير سھراب خان کي پنج پٽ ھئا: ھڪ بيگم مان مير رستم خان، مير غلام حيدر خان، مير مبارڪ خان ۽ مير چاڪر خان ھئا، ٻي بيگم مان، ھڪ پٽ، مير علي مراد ھو، جيڪو سڀني ۾ ننڍو ھو ۽ سال ١٨١٥ع ۾ پيدا ٿيو ھو.

مير رستم خان:

مير سھراب خان جي وفات وقت سندس ملڪ جون حدون ھن ريت ھيون: اتر ڏي ڪشمور ۽ سبزل ڪوٽ، اڀرندي ڏي ٿر ۽ جيسلمير، الھندي ڏي ڪڇي ۽ گندا واھھ، ڏکڻ ڏي نوشھري فيروز تائين. ملڪ جي ورھاڱي کان پوءِ بھ مير سھراب خان درياھھ ٽپي افغانن جا ڪي پرڳڻا ھٿ ڪيا ھئا، جنھن کي موغلي سڏيو ٿي ويو. تنھن کان سواءِ بڙدي بلوچن جي علائقي جو بھ ڪجھھ حصو سکر، روھڙي، نوشھرو ابڙو، محمد آباد ۽ شاھھ ٻيلو کان وٺي، پنھنجي حڪومت ۾ داخل ڪيائين. بکر  جو قلعو ترار جي زور تي ورتائين، ھوڏانھن سھجي ۽ ڪلواڙي واري ايراضي سندس ڀاءُ مير مبارڪ خان قبضي ۾ ھئي.

شڪارپور جو علائقو ١٨٢٣ع ۾ حيدرآباد جي ميرن سان گڏجي ھٿ ڪيائين جنھن جو ٽيون حصو دستور موجب ھنن (خيرپوري ميرن) کي مليو. مير سھراب خان پنھنجي حياتيءَ ۾ ١٤ ذوالقعد ١٢٤٤ھھ ١٨ مئي ١٨٢٩ ڌاري ھڪ وصيت نامو لکي، پنھنجي پٽن کي ملڪ ورھائي ڏنو. ان وقت مير علي مراد ننڍو ھو، ان ڪري سندس سنڀال ملڪيت سميت سندس ڀاءُ مير مبارڪ خان جي ھٿ ھيٺ رھي.

مير علي مراد جڏھن وڏو ٿيو تھ پنھنجي ڀاءُ سان جھيڙو ڪرڻ لڳو، سندس خيال ھو تھ مير مبارڪ خان ھن جي ننڍي ڄمار جو فائدو وٺي، سندس ملڪيت جو ڪجھھ حصي تي پاڻ قبضو ڪري ورتو آھي. اھڙيءَ طرح ٻيا ڀائر بھ مير سھراب خان جي وصيت تي اعتراض ڪرڻ لڳا، جنھن ڪري سڄي خاندان ۾ اختلاف جي صورت پيدا ٿي.

١٨٣٩ع ۾ جڏھن مير مبارڪ خان وفات ڪئي تھ مير علي مراد خان ھن جي پٽ مير نصير خان سان پنھنجي حصي لاءِ نئين سر جھيڙو ڳنڍيو. مير رستم خان پڳدار ڀاءُ جي حيثيت ۾ مير نصير خان جو حمايتي ٿي بيٺو. ان وچ ۾ سنڌ اندر انگريزن جا پير پختا ٿيڻ لڳا. انھيءَ تنازعي جو ھڪ ٻيو سبب ھيءُ بھ ھو تھ مير رستم خان ارادو ڪيو تھ پنھنجي پڳ پنھنجي وڏي پٽ مير محمد حسين کي ڏئي ان کي پنھنجو ولي عھد ڪري جنھن ۾ ٻيا بلوچ بھ راضي ھئا، مگر مير علي مراد ۽ مير رستم خان جا ٻيا پٽ راضي نھ ھئا.

آخر ١٨٤٠ع ۾ سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ مسٽر راس بيل وچ ۾ پئي، مير علي مراد خان جي حق ۾ فيصلو ڏنو. راس بيل پوءِ ڪوئٽھ روانو ٿيو تھ پويان سندس جانشين آؤٽرام بھ ھن جي فيصلي جي تائيد ڪئي ۽ گورنر جنرل کي منظوري لاءِ رپورٽ موڪلي ڏنائين. مگر جيستائين ان فيصلي جي منظوري اچي تنھن کان اڳ خيرپور جي ٻاھران نونارين جي ڳوٺ لڳ مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنھن ۾، مير رستم خان ۽ سندس ڀائٽي مير نصير خان جا، ست ماڻھو مئا ۽ مير علي مراد خان جا ٻارھن ماڻھو ڪم آيا.

مير علي مراد خان انھيءَ سوڀ کان پوءِ مخالف ڌر جي ڪيترن ماڻھن کي قيد ڪيو، جنھن ۾ ھن جا ڀائٽيا مير مبارڪ خان جا پٽ بھ شامل ھئا. مير رستم خان اھو حال ڏسي علي مراد خان کي چوائي موڪليو تھ توکي جيڪي شرط وڻن، سي اسان کي قبول آھن، پر جھيڙي جي پچر ڇڏ! مير علي مراد جواب ڏياري موڪليس تھ جيڪي ديھون مون کا کسيون ويون آھن، سي موٽائي ڏنيون وڃن. آخر اھي ديھون ڏئي ٺاھھ ڪيوويو؛ ان لاءِ قرآن شريف تي ھڪ عھد نامو لکيو ويو، جنھن کي تاريخ ۾ ”نونارين وارو عھدنامو“ ڪوٺجي ٿو.

انھيءَ عھدنامي موجب ڳچ علائقا مير علي مراد خان کي مليا، جنھن ۾ ھڪڙيون ديھون تھ اھي کيس مليون، جن لاءِ مير علي مراد خان پنھنجي ملڪيت ھئڻ جي دعوا ڪئي ھئي ۽ ٻيون ديھون دادلو، ماٿيلو، خانواھڻ، پليجا وغيره جنگ جي چٽيءَ ۾ وٺي ڇڏيائين. اھو معاھدو بھ پوليٽيڪل ايجنٽ جي معرفت ٻنھي ڌرين ۾ ٿيو.ليڪن ان کان پوءِبھ ٻنھي ڌرين جي دل مان ڪدورت ڪانھ وئي، سو مير رستم خان ۽ نصير خان جنگ جون تياريون ڪرڻ لڳا. ستت ئي مير علي مراد خان ڪپتان براؤن کي وڃي چيو تھ مير رستم خان قرآن تي معاھدو لکي ڏيڻ کان پوءِ بھ وعدو پورو نٿو ڪري.

انھيءَ وڳوڙ ھلندي آؤٽرام سنڌ جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو. ھوڏانھن سرچارلس نيپئر بھ اچي سنڌ ۾ پير کوڙيا. انگريزن کي انھيءَ سال درياھي لشڪر سنڌوندي رستي افغانستان ڏانھن اماڻڻو ھو، جنھن ڪري ميرن تي پنھنجي پاران نئين عھدنامي تي زور رکيو ويو. اڳ ۾ مير رستم خان سان اھو عھدنامو ٿيو، جنھن موجب سکر ۽ بکر انگريزن کي لشڪر جي رھائش لاءِ ڏنو ويو ۽ ٻيڙين تان محصول بھ معاف ڪرڻ ۾ آيو.

انھيءَ عھدنامي ۾ ھڪ فقرو اھو بھ ھو تھ مير رستم خان، انگريز سرڪار کان سواءِ، ٻي ڪنھن بھ حڪومت سان ڪوبھ ناتو نھ رکندو ۽ ريزيڊنٽ کي پاڻ وٽ رھڻ ڏيندو. ساڳي وقت درياھي واپار ۾ بھ انگريزن جي مدد ڪندورھندو ۽ گھرو جھڳڙن ۾ انگريزن سان صلاح مصلحت ڪرڻ لاءِ پابند رھندو.انھن سڀني شرطن عيوض سرڪار سندس ملڪ سان ڪابھ ھٿ چراند نھ ڪندي ۽ ھيءَ خودمختار حاڪم جي حيثيت ۾ پنھنجو ملڪ پيو ھلائيندو.

اھو عھدنامو مير رستم خان ڪو پنھنجي دل جي خوشيءَ سان ڪونھ ڪيو ھو، مجبور ٿي ڪرڻو پيس، ان کان سواءِ وٽس ڪو چارو بھ نھ ھو، جو حالتون ئي اھڙيون ھيون. آخر جڏھن چارلس نيپئر سکر ۾ آيو ۽ ملڪ سر سبز ۽ آباد ڏٺائين تھ سندس وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳو، ان وقت کان پنھنجي دل ۾ اھا رٿيائين تھ جيڪڏھن ھيءُ ملڪ (سنڌ) جنگ کان سواءِ ھٿ اچي تھ ڏاڍو چڱو! انھيءَ ارادي  (اندر ڪا رائي) سان مير رستم خان کان ملڪ کسي وٺڻ جا حيلا بھانا ڳولڻ شروع ڪيائين.

١- ھن پھريون بھانو اھو ڏنو تھ: مير رستم خان معاھدي خلاف انگريزن جي ٻيڙين تان محصول وصول ڪري ٿو.ان تان مير جواب ڏنو تھ اھو محصول آءٌ پنھنجي رعيت کان ٿو اڳاڙيان اوھان کان ڪونھ ٿو وٺان. ليڪن چارلس نيپئر ان ڳالھھ کي مڃڻ کان انڪار ڪيو.

٢- ٻيو تھ انگيزن ڪابل مان شڪست کائي جڏھن واپس اچڻ جي ڪئي تھ واٽ تي بولان واري لڪ وٽ بگٽين جي سردار بيبرڪ مٿن حملو ڪري ڏنو. چارلس نيپئر بھانو بڻايو تھ بگٽين کي انھيءَ حملي لاءِ مير رستم خان ڀڙڪايو ھو. ان لاءِ نيپئر وٽ ڪا ثابتي ڪانھ ھئي، تنھن ھوندي بھ وائسراءِ کي لکيائين تھ ماڻھو مير جي ظلمن کان بيزار ٿي پيا آھن، تنھن ڪري بھتر آھي تھ سکر، بکر ۽ شڪارپور توڙي سبزل ڪوٽ سرڪار کانئس کسي پنھنجي ھٿ ۾ ڪري، ائين ڪرڻ سان درياھھ جي ٻنھي پاسن وارو ڪنارو ھٿ اچي ويندو. انھيءَ لاءِ ميرن سان نئين سر معاھدو ڪرڻ گھرجي.

انھيءَ دوران مير علي مراد خان وڃي نيپئر سان مليو، جنھن کي چيائين تھ مير رستم خان جي پڳ ۽ گادي مون کي وٺرائي ڏني وڃي. ليڪن نيپئر جواب ڏنس تھ تنھنجي وڏي ڀاءُ مير رستم خان جي جيئري ڪجھھ نٿو ڪري سگھجي. ھا، باقي ان کان پوءِ مير سھراب خان جي وصيت نامي مطابق تنھنجي لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۾ ايندي.

انھن ڳالھين ھلندي نيپئر شڪارپور جو شھر ۽ ان جو چلتو ڏسي ويتر موھجي پيو ۽ شھر ھٿ ڪرڻ لاءِ پڪو پھھ ڪري ڇڏيائين. ائين ڪندي اتي ھڪ وڏو بھانو گھڙي ورتائين تھ مير رستم خان درٻار منعقد ڪري فيصلو ڪيو آھي تھ ڪيئن بھ ڪري انگريزن کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي. ايتري ۾ وائسراءِ وٽان کيس حڪم مليو تھ سندس رٿ موجب ميرن سان نئون معاھدو ڪري ڇڏ! ليڪن ميرن ان کان بنھھ نابري واري. نيپئر ڏٺو تھ ڳالھين ۾ وقت گذري ويندو پوءِ الاجي ڇا ٿئي ان ڪري سکر، بکر، شڪارپور، سبزل ڪوٽ ۽ روھڙي والارجي، جنھن جي لاءِ ڇھھ ھزار لشڪر ان پاسي موڪلي پاڻ اروڙ جي ٻاھران وڃي ويٺو. مير رستم خان ٻڍو ٿي ويو ھو. گھر ۾ بھ پڳ تي تنازعو متل ھو، سو نيپئر کي لکيائين تھ مان تو وٽ پناھھ وٺڻ اچان ٿو تھ جيئن باقي عمر امن سان گذاري سگھان! مگر ھن لکيس تھ تون پنھنجي ڀاءُ مير علي مراد وٽ وڃي اڳ ۾ پڳ جو فيصلو ڪر. مير رستم خان ڪوٽ ڏجي وڃي علي مراد خان سان مليو ۽ کيس چيائين تھ تون انگريزن جي طرفداري کان باز اچ جو ھڪ ملڪ ڦري وٺڻ جي سانباھي ۾ آھن. باقي رھي پڳ واري ڳالھھ، سا مان توکي لکي ٿوڏيان ۽ اھا لکت بھ قرآن تي ھوندي. مير علي مراد خان پاڻ لاءِ پڳ لکرائي ورتي پوءِ مير رستم خان جي ڳجھن ارادن کان نيپئر کي وڃي آگاھھ ڪيائين. جنھن تي نيپئر چيو تھ مان پاڻ مير رستم خان سان روبرو ملڻ ٿو چاھيان. پر مير رستم خان کي اھو ڊپ ڏياريوويو تھ نيپئر کيس قيد ڪندو، تنھن ڪري ھو ٿر ڏانھن ھليو ويو ۽ خيرپور تي اچي مير علي مراد خان جي وزير شيخ علي حسين سھارنپوري قبضو ڪيو. فتح محمد خان غوري، جيڪو مير رستم خان جو وزير ۽ انگريزن جو سخت مخالف ھو، تنھن کي علي حسين وجھھ وٺي گرفتار ڪري قيد ۾ رکيو.

ان وچ ۾ مير نصير خان ولد مير مبارڪ خان ۽ مير محمد حسين ولد مير رستم خان جنگ لاءِ لشڪر گڏ ڪيو، پر اھو جنگ جوٽڻ کان سواءِ ڇڙوڇڙ ٿي ويو. انھيءَ وچ ۾ انگريزن حيدرآباد جي ميرن سان مياڻيءَ ۾ جنگ شروع ڪئي. ان کان پوءِ ھميشه لاءِ ھيءُ ملڪ انگريزن جو ٿي ويو. حيدرآباد جي ميرن سان گڏ مير رستم خان، مير نصير خان ۽ مير ولي محمد خان خيرپور وارن کي انگريزن نظر بند ڪري پوني ڏانھن موڪلي ڏنو، جتي مير رستم خان ١٢٦٣ھھ/١٨٤٦ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس ڀائٽيو مير نصير خان ١٢٨١ھھ / ١٨٦٤ع ۾ فوت ٿيو.

مير علي مراد خان:

١٨٤٣ع ۾ جڏھن مير رستم خان مير علي مراد خان کي قرآن تي پڳ لکي ڏني ۽ اھا ڳالھھ انگريز سرڪار پڻ بحال رکي، تڏھن کان وٺي مير علي مراد خان رياست خيرپور جو والي ليکجڻ ۾ آيو. ان وقت رياست جي ايراضي ساڍا پنج ھزار چورس ميل ھئي، جنھن جي صافي پيدائش جاگيرن ۽ ٻئي خرچ لٿي پٿي ڏھاڪو لکن تائين ھئي. جيتوڻيڪ رياست جو گھڻو حصو شڪار گاھھ ۽ جھنگ جھر جي صورت ۾ پيل ھو.

مير علي مراد خان گاديءَ تي ويھڻ کان پوءِ جيڪي انگريز سرڪار جو خدمتون ڪيون، تن ۾ ولي محمد خان چانڊئي کي گرفتار ڪري سرڪار جي اڳيان آڻي پاڻ مڃائڻ ۽ بلوچستان جي سرحدي بلوچن کي مطيع ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ وڏن ڪارنامن کان گھٽ نھ ھيون. جنھنڪري نيپئر توڙي ھندستان جي وائسراءِ کي ھن جي انھن خدمتن کان ڏاڍي خوشي ٿي.

مير رستم خان جو روھڙي ۽ اتر رياست وارو پاسو، جيڪو سرڪار ضبط ڪيو ھو، تنھن جو گھڻو حصو مير علي مراد خان کي موٽائي ڏنوويو. ليڪن سبزل ڪوٽ جيڪو مير رستم خان جو ھو بھاولپور جي واليءَ کي ڏياريوويو. ٿر وارا علائقا جيسلمير سان گڏ اتان جي راجھ کي مليا. مير علي مراد خان انگريزن پاران ڏنل انھيءَ انعام تي راضي ڪونھ ٿيو، سندس چوڻ ھو تھ قرآن تي جيڪي پرڳڻا مير رستم خان کيس لکي ڏنا ھئا، اھي سڀئي کيس واپس ملڻ کپن. ان لاءِ ھن وائسراءِ تائين لکپڙھھ ھلائي. آخر مياڻي جي جنگ کان پوءِ ١٨٤٥ع ۾ چارلس نيپئر جي سفارش تي ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ مير علي مراد خان جي وچ ۾ دنگن (سرحدن) جي صفائي لاءِ ھڪ معاھدو ٿيو، جنھن موجب مير علي مراد خان کي جيڪو موروثي حصو مليل ھو، ان کان سواءِ مير رستم خان جيڪو قرآن تي کيس لکي ڏنو ھو، سو سمورو علائقو کيس ڏنو ويو، جنھن ۾ نوشھرو، ڪنڊيارو، گاگن، خيرپور جو شھر، رڻ يا ٿر، شاھھ ڳڙھھ، سردار ڳڙھھ، نارو، اوٻاوڙو، خيرپور، ڏھرڪي، امام واھھ، روپاھھ، بڙدڪا، شڪارپور تعلقي مان ڪجھھ حصا، موغلي، ميرپورماٿيلو، سھڪجي، دادلو وغيره اچي ٿي ويا.

اھو معاھدو منظوري لاءِ گورنر جنرل ڏانھن موڪليو ويو، پر ڪن سببن ڪري منظوري ملڻ ۾ دير ٿي ويئي، جنھن ڪري مير علي مراد خان کي اچي شڪ جاڳيو تھ شايد چارلس نيپئر وچ ۾ ڪي رنڊڪون وڌيون آھن، ان ڪري ايتري دير لڳي وئي آھي. پر نيپئر ھن کي اھا خاطري ڏياري تھ ائين نھ آھي. انھيءَ منظوري ۾ پورا ڇھھ سال لڳي ويا، ايتري ۾ ١٨٥٠ع ڌاري لارڊ ڊلھائو سي گورنر جنرل ٿيو، جيڪو پنھنجي سر سنڌ ۾ آيو. مير علي مراد خان وڃي ساڻس ملاقات ڪئي. ان وقت بمبئي جو گورنر جارج ڪلارڪ ۽ سنڌ جو ڪمشنر پرنگل ھو، جنھن کي سنڌ ۾ گورنر واريون اختياريون ھيون.

انھيءَ وچ ۾ سرڪار کي مخفي طور معلوم ٿيو تھ مير علي مراد خان مير رستم خان واري قرآن تي لکي ڏنل معاھدي ۾ جو نونارين واري جنگ کان پوءِ لکيو ويو ھو، پنھنجي پاران ڦير گھير ڪئي آھي. جھڙوڪ، ان ۾ جتي بھ ديھھ جو لفظ لکيل ھو، اتي پرڳڻي جو لفظ وڌو ويو. آخرڪار انھيءَ ڳالھھ جي گورنر جنرل ۽ ڪمشنر تحقيقات ڪئي ۽ اھا تھمت مير صاحب تي ھيٺين ماڻھن جي شاھدي سان ثابت ٿي وئي. اھي ماڻھو: مير علي مراد خان جو خاص وزير شيخ علي حسين ولد شيخ امام بخش اصل ويٺل انبٽھ ضلع سھارنپور جنھن کي مير صاحب وٽان ڪنھن خيانت جي ڪري درٻار مان تڙي ڪڍيو ويو ھو، ھيءُ انگريزن جووڏو خير خواھھ ھو، ٻيو پير سيد علي گوھر شاھھ صاحب راشدي (پاڳارو)، ٽيون منشي ذوقيرام، چوٿون منشي ٽنورمل ساکر، جو پڻ ڪنھن ڏوھھ جي ڪري جيل ۾ ھو، شامل ھئا. انھن پاڻ ۾ صلاح ڪري مير صاحب جي برخلاف سرڪار پاران قائم ڪيل ڪميشن اڳيان گواھي ڏني، جيڪا جاچ لاءِ ١٨٨٨ع ڌاري سکر ۾ ويھاريل ھئي.

ڪميشن جو پريزيڊنٽ پرنگل سنڌ جو  ڪمشنر ھو ۽ ميجر جان جيڪب، سرحد وارو جنھن جي نالي جيڪب آباد شھر آھي، ميجر لئنگ ڪاٺياواڙ رياست جو پوليٽيڪل ايجنٽ ميمبر ھئا.

مير علي مراد خان پنھنجي بچاءُ ۾ پھريائين شيخ علي حسين جي دشمني ڏيکاري ۽ مير علي گوھر راشديءَ جي اختلاف جو پڻ سبب ڄاڻائين، ٽنورمل نالي چيائين تھ اھو ڪپتيو، خيانت ڪندڙ (خائن) ۽ قيدي آھي. وڌيڪ ثبوت لاءِ پنھنجي چاچي مير زندگي خان ۽ خاص ملازم محمد علي جلباڻي (مير رستم خان جي پياري ۽ خاص نوڪر)، قاضي محمد شڪارپوري، فتح محمد ولي، حاجي نوشڪي (کھڙن جي زميندار) ۽ ٻين جا نالا پيش ڪيائين جن زوردار شاھديون ڏنيون.

آخر ١٨٥١ع ۾ سرڪار ھڪ اعلان وسيلي مير علي مراد خان جي خلاف فيصلو ڏنو، جنھن ۾ قرآن جي معاھدي موجب جيڪي علائقا مير رستم خان کان مير علي مراد خان کي مليل ھئا، سي سرڪار پنھنجي قبضي ڪيا. مير صاحب کي فقط اھو ٽڪرو ڏنوويو، جيڪو کيس سندس والد مير سھراب خان ورثي ۾ ڏئي ويو ھو.مير علي مراد خان کان ھاڻوڪي سکر ضلعي جو وڏو حصو (١٩٣٦ع) وارو سکر ضلع) ۽ نواب شاھھ ضلع کسيا ويا. ھن لاءِ رياست جي ريگستان وارو موجوده ٽڪرو وڃي باقي رھيا. جنھن جي انھيءَ زماني ۾ فقط اڍائي لک پيداوار ھئي.(1)

مير علي مراد خان اپريل ١٨٥٦ع ۾ انگريزن جي فيصلي خلاف پنھنجي وڪيلن ذريعي لنڊن ۾ اپيل داخل ڪئي ۽ پاڻ بھ ان جي پيروي لاءِ اتي آيو، جتي ڏيڍ سال رھڻ کان پوءِ ناڪام ٿي واپس آيو. لنڊن وڃڻ کان اڳ مير صاحب پنھنجي پٽ مير شاھنواز خان کي پٺيان جانشين مقرر ڪري، منشي ڪشن داس کي ان جو مشير بڻائي ويو ھو. ھيءُ پاڻ اڃا اتي ئي ھو تھ ھندستان ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي خلاف ١٨٥٧ع جي مشھور جنگ آزادي شروع ٿي.

ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ميمبرن لنڊن ۾ مير صاحب کي درخواست ڪئي تھ ھيءُ پنھنجي جانشين مير شاھنواز خان کي انگريزن جي حمايت لاءِ خط لکي موڪلي. مير صاحب حڪم جي پوئواري ۾ مير شاھنواز خان ڏانھن خط لکي موڪليو، جنھن ان جي تعميل ڪئي.

مير علي مراد خان جي انھيءَ سلوڪ جو انگريزن تي ڏاڍو سٺو اثر پيو. ١٨٥٦ع ۾ جڏھن منسفليڊ سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو تھ ھن مير علي مراد خان کي سلامي ڏني ۽ توبن جا پنڌرھن ڌڪ، جيڪي سلاميءَ وقت ڪڍيا ويندا ھئا، وري بحال ڪيا ويا.

اھڙيءَ ريت مير صاحب کي عملي طور رياست (خيرپور) جو والي تسليم ڪيو ويو. ١٨٩١ع ۾ انگريز حڪومت مير صاحب کي نائٽ گرانڊ ڪراس آف دي انڊين ايمپائر (جي. سي. آءِ) جو خطاب عطا ڪيو.

مير علي مراد خان چئن مھينن جي بيماري ءَ کان پوءِ رمضان مبارڪ ١٣١١ھھ (اپريل ١٨٩٤ع) ۾ وفات ڪئي. سندس لاش ڪربلا موليٰ موڪليو ويو، جتي ھڪ خاص حجري ۾ کيس دفنايو ويو. (مترجم تاريخ خيرپور – مؤلف نسيم امروھي، ص ٧٠-٧١ جي حوالي سان.)

مشھور شاعر سيد غلام محمد شاھھ گدا سندس وفات تي ھڪ مرثيو لکيو، جنھن جي پوئين شعر مان تاريخ وفات ملي ٿي:

سال نقش گدا براءِ بھشت

گفت ھاتف بھشت يافت مڪان، ١٣١١ھھ(1)

مير فيض محمد خان:

مير علي مراد خان جي وفات کان پوءِ سندس فرزند مير فيض محمد خان ٧- اپريل ١٨٩٤ع، ١- شوال ١٣١١ھھ تي گاديءَ تي ويٺو. اھو عيد جو ڏينھن ھو. انھيءَ ڏينھن خيرپور ۾ وڏو جشن ڪيو ويو، جنھن ۾ رياست جو پوليٽيڪل ايجنٽ بھ شريڪ ٿيو. ملڪ ھلائڻ لاءِ مير صاحب جي تقاضا موجب ساڳي سال خان بھادر قادر داد خان کي سرڪار پاران وزير مقرر ڪيو ويو. ھيءُ تمام ھوشيار ۽ آزمودگار عملدار ھو. سندس ڪوشش سان ملڪ ۾ ڏاڍا سڌارا ڪيا ويا. ھيءُ سڀ ڪم سکر جي ڪليڪٽر جي مشوري سان ڪندو ھو. سندس ايامڪاري اندر ساري رياست ۾ ھڪ سو اسڪول کلي ويا ۽ خيرپور ۾ ھڪ ھندي اسڪول قائم ٿيو. شرعي نبيري لاءِ ھڪ مفتيءَ جو تقرر عمل ۾ آيو. ٻيلا وڍائي اتي آبادي ڪرائي وئي. کوھھ کوٽايا ويا ۽ پليون تيار ڪرايون ويون. ان جو اھو نتيجو ٿيو جو رياست جي اپت پنجن لکن کان وڌي پندرھن لکن تائين وڃي پھتي.

خيرپور ۾ ھڪ وڏي لائبريري، اسپتال ۽ چار ديسي دواخانا کلي ويا. شاگردن جي رھڻ لاءِ بورڊنگ ھائوس قائم ڪيو ويو. ڪراچي جي سنڌ مدرسي کي سالانھ ڇھن ھزارن جي گرانٽ سان گڏ ٻيا ڏھھ ھزار رپيا ھاسٽل جي تعمير لاءِ ڏنا ويا ۽ ھڪڙي ننڍي پلٽڻ بھ رياست ۾ رکي وئي.

خانبھادر قادر داد خان ٣١ مئي ١٩٠٣ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس جاءِ تي سردار محمد يعقوب خان وزير ٿيو.ھن بھ رياست ۾ چڱا سڌارا ڪيا. وڌيڪ اسڪول کولايا ۽ ھڪ انگريزي مدرسي جوبنياد رکيو. فيض محل ۽ ٻيون وڏيون عمارتون بھ سندس دور ۾ ٺھيون ۽ شھر ۾ فيض پريس قائم ٿي. ھيءُ ١٩٠٧ع ۾ فوت ٿيو. مير فيض محمد خان ٥ مارچ ١٩٠٩ع تي ٧٤ ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو. کيس ٽي پٽ : مير  غلام علي، جيڪو ننڍي ڄمار ۾ فوت ٿيو، مير امام بخش خان ۽ مير احمد علي خان ھئا. مير احمد علي خان بھ جوانيءَ ۾ گذاري ويو. ان ڪري گادي جو وارث مير امام بخش ٿيو.

مير امام بخش خان:

ھيءُ ٦ مارچ ١٩٠٩ع تي گاديءَ تي ويٺو. سندس وزير شيخ محمد ابراھيم مقرر ٿيو، جو سردار محمد يعقوب خان اڳوڻي وزير جو ننڍو ڀاءُ ھو. ھن بھ پنھنجي ڀاءُ جي نقش قدم تي ھلي رياست ۾ ڪي سڌارا ڪيا. شراب خوري ۽ بدڪاري جا اڏا ختم ٿيا. ١٩١٩ع ۾ آل انڊيا ايڊوڪيشنل ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنھن ۾ ساري ھندستان جا ماڻھو، جيڪي تعليم سان دلچسپي رکندڙ ھئا، اچي شريڪ ٿيا. ١٩٢٠ع ۾ ھن وزير ۽ مير امام بخش خان جا پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيا، جنھن ڪري ھيءُ رياست مان ھليو ويو. ٨ فيبروري ١٩٢١ع تي ھن جو انتقال ٿيو.

مير علي نواز خان:

مير امام بخش خان جي وفات کان پوءِ ھن جو وڏو پٽ مير علي نواز خان ١٣ فيبروري ١٩٢١ع تي گادي وسائي ويٺو. ھن جي تعليم لاھور جي راجائن واري ڪاليج ۾ مڪمل ٿي ھئي. پاڻ يورپ جو سفر بھ ڪيو ھئائين. ماڻھن کي اميد ھئي تھ ھيءُ رياست جو ڪاروبار سٺي نموني ھلائيندو، پر ائين ڪونھ ٿيو.

سندس دور ۾ رياست مان وزير جوعھدو ختم ڪري ان جي جاءِ تي ڪونسل مقرر ڪرڻ ۾ آئي، جيڪا اڳتي ھلي ناڪام ثابت ٿي. آخرڪار ھڪ انگريز کي منسٽر مقرر ڪيو ويو،جنھن سمورا اختيار پنھنجي ھٿ ۾ رکيا. مير صاحب راڳ رنگ جو گھڻو شوقين ھو. رياست جي مسئلن سان ايتري دلچسپي ڪانھ ھيس. ھن جي رحلت ٢٥ ڊسمبر ١٩٣٥ع تي ڪوٽڏجي ۾ ٿي.(1)

حيدرآباد جي ٽالپورن جو مختصر احوال:

مير فتح علي خان: ڪلھوڙن جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ حيدرآباد واري حصي تي مير فتح علي خان ولد مير صوبدار خان ولد مير بھرام خان پنھنجي ٽن ڀائرن- مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان، چار ئي ڀائر گڏجي چوياري جي صورت ۾ حڪومت ھلائڻ لڳا. مير فتح علي خان ارڙھن سال آرام سان حڪومت ڪري ١٢١٧ھھ/١٨٠٢ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس تاريخ ”جاءِ جنت نصيب فتح علي“ مان نڪري ٿي. سندس ميت کي ھالن واري خداآباد ۾ دفنايو ويو. وفات وقت ھڪڙو پٽ صوبدار خان نالي پويان ڇڏيائين، جنھن جي عمر فقط ھڪ ڏينھن ھئي.

مير غلام علي خان:

ڀاءُ کان پوءِ گاديءَ تي ويٺو، ھن جي زماني ۾ چانديءَ وارو رپيو ضرب ڪيو ويو،جيڪو تيموري رپئي کان تور ۾ ٿورو گھٽ ھو. انھيءَ مير سان انگريزن ١٢٢٤ھھ/١٨٠٩ع ۾ معاھدو ڪيو. مير صاحب ١٢٢٧ھھ/ ١٨١٣ع ۾ وفات ڪئي. پوئتان ھڪ پٽ مير محمد خان ڇڏي ويو.

مير ڪرم علي خان:

مير غلام علي خان کان پوءِ مير ڪرم علي خان گاديءَ جو مالڪ ٿيو. انھيءَ مير جي زماني ۾ رنجيت سنگھھ سنڌ تي ڪاھيو، پر انگريزن جي وچ ۾ پوڻ ڪري ٺاھھ ٿي ويو. شاھھ شجاع بھ تڏھن ھتي آيو. مير ڪرم علي ١٢٤٢ھھ/١٨٢٨ع ۾ دنيا مان ھليو ويو. سندس وفات جو سال ”بادابھشتش بارگاھھ“ مان ملي ٿو.

مير مراد علي خان:

ٽنھي ڀائرن جي وفات کان پوءِ ھيءُ گاديءَ نشين ٿيو. سندس دور ۾ انگريزن ھڪ نئون معاھدو ڪري سنڌ ۾ درياھي واپار ۽ جھاز رانيءَ جو بنياد وڌو. شڪارپور وارو حصو شاھھ شجاع ڦٻائي ويو. ھن چار پٽ ڇڏي ١٢٤٩ھھ – ١٨٣٣ع ۾ جھان ڇڏيو ۽ سندس ميت کي حيدرآباد ۾ دفنايو ويو.

مير نور محمد خان:

مير مراد علي خان جي وفات کان پوءِ ھن جو پٽ مير نور محمد خان گاديءَ تي ويٺو. سندس عزيزن مان:  مير نصير خان سندس ننڍو ڀاءُ، مير محمد خان ولد مير غلام علي خان، مير صوبدار خان ولد مير فتح علي خان راڄ ۾ ڀائيوار ھئا. مير نور محمد خان چڱي نموني راڄ ڪري ١٢٥٥ھھ/١٨٤١ع ۾ وفات ڪئي ۽ حيدرآباد ۾ دفن ٿيو. ان کانپوءِ حيدرآباد ۾ ميرن جي حڪومت ختم ٿي وئي.(1)

ميرپورخاص جا ٽالپور:

ميرپورخاص جي ٽالپورن مان مير ٺاري خان جو بھ سنڌ فتح ڪرڻ ۾ ھٿ ھو، جنھن کي ٿرپارڪر وارو ملڪ حصي ۾ ڏنوويو. مير ٺاري خان جي وفات کان پوءِ سندس فرزند مير علي مراد خان (ميرپوري) گاديءَ تي ويٺو. ھيءُ درويش دل ۽ نيڪ بخت انسان ھو. ھن ١٢٥٢ھھ-١٨٣٧ع ۾ ٻھ پٽ پويان ڇڏي وفات ڪئي. سندس پٽن جا نالا ھي آھن: مير شير محمد خان ۽ مير جان محمد خان.

مير شير محمد خان وڏو بھادر شخص ھو. انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو تھ سڀئي مير سندن پيش پيا، تڏھن بھ ھيءُ مقابلو ڪندو رھيو. ھيءُ فوجي مدد لاءِ قنڌار ويو، پر انھن ساڻس ڪابھ مدد نھ ڪئي. جنھن کان پوءِ لاچار ٿي پنجاب سرڪار جي پيش پيو. کيس بمبئي، پوني، سورت، ڪلڪتي ۽ ھزاري باغ ۾ نظربند ڪري رکيو ويو. مگر پوءِ کيس آزادي ملي ۽ وطن واپس اچي سرڪاري وظيفي تي گذران ڪندو رھيو. ١٨٦٧ع ۾ کيس سنڌ جي ڪمشنر پاران ستاره ھند جو تمغو لقب سميت ڏنو ويو. پاڻ ميرپورخاص ۾ ١٢٩٤ھھ-١٨٧٧ع ۾ فوت ٿيو.(1)

*


 

(1) ێڷ ڥجإب ۾ ښڷڈښ ڧێڼۆ ڍڥڎ آۑڵ آێۑ. ۆډۑڥ ڊښۆ ښڎإض، ښڵڞإڷۑ، جۑڶۆڎ ڛإێێ ڈڎإڷۑ جإڎۑك قښۑڷۑ ڤڵڶۑ. جإڎۑك إقڶڈ ڛإێۑ ڶڷڛۑ ڠبڈإڵڥڎۑڶ.

(1) جإڎۑك قښۑڷۑ ڤڵڶۑ.

(1) ښڎإض ١- ٤٩، جإڎۑك بڵۆغښجإڷ. ٢٠٢، جإڎۑك قښۑڷۑ.

(2) ښڎإض ١-٥٥. جإڎۑك قښۑڷۑ ڤڵڶۑ.

(3) ۆڤڠإج ٢٦. ښڎإض ١-٧٤.

(1) جإڎۑك بڵۆغښجإڷ، ێۑجۆڎإڶ، ١٠٠.

(1) جإڎۑك ڥڵێۆڏإ، ڡڵإڶ ڎښۆڵ ڶێڎ، ١-٦٩٢.

(1) ڢجق ڷإڶێ: ڢڎۑیڎ ڷإڶێ، جإڎۑك ڥڵێۆڏإ.

(1) جإڎۑك ښڷډ ڶێڎ ٢-٧٨٢.

(2) جإڎۑك ښڷډ ڶێڎ ٢- ٨٢٠.

(1) ڎۆڐإڷێ إڵۆقۑڈ ښڷډ آڐإڈ ڷڶبڎ ١٩٣٦ڠ، ڜ ٩٩ ڦإڷ ١٠٤.

(1) إڵۆقۑڈ آڐإڈ ڷڶبڎ، ڜ ١٠٥.

(1) ڶۑڎ ڠڵۑ ڷۆإڐ ڦإڷ صۆ٭ ښڷڈښ صخ ڶۑڎ ڢۑڝ ڶقڶڈ شإڷۑ بڈڎإڷ ێڷ ضۆ صۆخۆ ڶۑڎ ڠڵۑ ڶڎإڈ شإڷۑ ڧإڈۑ٪ جۑ ۆۑسۆ. ۆڎێإڪۑ ڦإڷ صۆ٭ ڎۑإښج ڦۑ كجڶ ڥڎۑ ښڷډ ښإڷ ڶڵإۑۆ ۆۑۆ.

(1) (تێ ښإڵ، ڶۑڎ ڷڜۑڎ كإڷ قإڥڶ ێۆ، صۆ٭ ڶۑإڼۑ ضۑ ضڷڧ ڵکۑ، ۽ ١٧- ڢۑبڎۆڎۑ ١٨٤٣ڠ جۑ إڷڧڎۑڐڷ ښڷډ جۑ ڤبڝۆ ڥۑۆ.) (ڶڈۑڎ)

(1) إڵۆقۑڈ ښڷډ آڐإڈ ڷڶبڎ، ١٦- ضۆڷ ١٩٣٦ڠ، ڜ ١٠٥ ڦإڷ ١٠٨.

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org