(١٩)
سنڌ جي ميرن پاران سيد ڪاظم علي شاھھ جو قاصد طور
سردار محمد عظيم خان ڏانھن ڪابل وڃڻ، کيس وعدن
وسيلي خوش ڪرڻ ۽ لشڪر سميت کيس شڪارپور آڻي شاھھ
شجاع کي ٽپڙ ٻڌرائڻ:
سنڌ جي ميرن جڏھن سمجھيو تھ شاھھ شجاع ڏينھون
ڏينھن وڃي ٿو کين سوڙھو پوندو ۽ سندس سپاھھ بھ زور
وٺندو پيو وڃي، تڏھن مونن ۾ منھن وجھي سوچڻ لڳا تھ
ھن آئي بلا کي ڪيئن ھتان ٽاريو وڃي. ھوريان ڏاڍيان
کين سمجھھ ۾ آيو تھ ان لاءِ خراسان مان سردار محمد
عظيم خان کي گھرائي ڪو اپاءُ ڪرڻ گھرجي. انھيءَ
مھم لاءِ سيد ڪاظم شاھھ کي مناسب سمجھيو ويو، جيڪو
سندن حڪم تي سردار محمد عظيم خان کي وٺي اچڻ لاءِ
ڪابل روانو ٿيو. ھيءُ ميرن جو خط کڻي ويو، جنھن جو
مضمون ھن ريت ھو:
”شاھھ شجاع شڪارپور ۾ رھي روز بروز پنھنجي لشڪر جو
تعداد ۽ جنگي سامان وڌائيندو پيو وڃي، انھيءَ خيال
سان تھ جيئن خراسان تي گھوڙا چاڙھي ان کي سؤلائي
سان فتح ڪري سگھي. ھن باري ۾ خراسان جي اميرن جو
ساڻس پورو ساٿ ٿو ڏسجي، انھيءَ صورت ۾ شاھھ شجاع
جيئن خراسان ۾ پير پائيندو، تيئن نڪرڻ جي نھ ڪندو.
اسان ۽ اوھان جي وچ ۾ اصل کان خلوص ۽ محبت وارو
رستو ۽ رويو ھلندو پيو اچي، انھيءَ جي آڌار تي
اوھان جي خير خواھي جو خيال رکڻو پوي ٿو.
اسان فيصلو ڪيو آھي تھ اوھان پنھنجي ڪٽڪ سان
شڪارپور پھچي وڃو تھ ٻنھي ڌرين (اسان ۽ اوھان) جي
ايڪي سان شاھھ شجاع کي آڪيڙا چاڙھي، جتان آيو ھو
اوڏانھن چلتو ڪجي. اوھان کي سموري خرچ پکي سان گڏ
ڍل جي ادائگي بھ ڪئي ويندي، جنھن لاءِ ڪوبھ فڪر نھ
ڪندا.“ (ص: ١٢٦)
سيد ڪاظم شاھھ جي ڪابل رواني ٿيڻ واري خبر شاھھ
شجاع تائين بھ پھچي ويئي، جنھن کان سندس وايون
بتال ٿيڻ لڳيون، پر پوءِ سوچي ميرن ڏانھن خط
لکيائين تھ:
”جيتوڻيڪ ھر شخص پنھنجي لڱائي چڱائيءَ چڱيءَ طرح
ڄاڻي ٿو، تنھن ھوندي بھ اوھان جنھن نموني سردار
محمد عظيم خان ڏانھن پنھنجو قاصد اماڻي ان کي
ھيڏانھن اچڻ جي ڪوٺ ڏني آھي، تنھن تي ڏاڍي ماٺ پئي
لڳي. اوھان اسان کي پاڻ وٽ رھائي ڪھڙي مصلحت جي
بنياد تي سردار محمد عظيم خان کي ھيڏانھن گھرائڻ
جي گھرج محسوس ڪئي آھي، پر جي ائين ڪري چڪا آھيو
تھ ڪا وڏي ڳالھھ نھ آھي. نيٺ اوھان پاڻ ڏسي رھندا
تھ اسان خدا جي فضل سان ۽ پنھنجي بازن جي زور تي
مخالفن کي اھڙو مزو چکائي ڇڏينداسون جو سڀ ڪنھن کي
ياد رھندو.“ (ص: ١٢٨)
انھيءَ خط کان سواءِ زباني طور بھ شاھھ شجاع ميرن
کي ذھن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي تھ اوھان کي ائين
ڪرڻ نھ جڳائي. پر ميرن ڪو ڌيان نھ پئي ڏنو ۽ مڙئي
بھانا ڪندا ٿي رھيا تھ اسان اوھان جا مندا ڪونھ
آھيون. اسان خراسان ڏانھن پنھنجي قاصد کي مصلحت ۽
مطلب لاءِ موڪليو آھي، توھان پاڻ ڏسو پيا تھ:
١. انگريز بھادر جا سفير حيدرآباد تائين اچي پھتا
آھن، جيڪي ڪينرا ڪلھي تي رکيو ڀانت ڀانت جون
ٻوليون پيا ٻولين. ھو جو ڪجھھ چاھين پيا سو امڪان
وٽان نھ آھي. تڏھن بھ مصلحت جي روءِ کان سردار
محمد عظيم خان کي خراسان مان گھرائڻ مناسب سمجھيو
ويو، جيئن انگريزن کي اھا پڪ ٿئي تھ اسان ۽ خراسان
وارا پاڻ ۾ ھڪ آھيون. جڏھن بھ ڪا ڳالھھ ٿي تھ ھڪ
ٻئي کان پري نھ وينداسون.
٢. ھيءُ تھ اوھان جي ننگن جو بار بھ اسان تي آھي،
خدا ڪندو تھ اسان جي جانبازي سان بادشاھي اوھان جي
قدمن ۾ ھوندي. اھائي اسان جي اصلي خواھش آھي.
ميرن جي انھن لاھين چاڙھين جو شاھھ شجاع تي ڀروسي
جوڳو اثر ڪونھ پيو، بلڪ يقين ٿيس تھ سردار محمد
عظيم خان کي خراسان مان ھتي ڪوٺائڻ جو ڪارڻ اھو ئي
آھي تھ جيئن اسان کي ھتان پنھنجو لڏو پٽڻو پوي.
انھيءَ ڳڻتيءَ ۾ پئجي ڏاڍو درماندو پئي ٿيو.
گھڙيءَ ۾ سوين سوچون پئي ڪيائين پر ڪنھن سڌ تي نٿي
پھچي سگھيو. ھن کي سردار محمد عظيم خان جو جيڪو
خطرو درپيش رھيو، تنھن کان سندس آرام حرام ٿيو ۽
کاڌو پيتو کيس وھھ ٿي پئي لڳو تھ آئندي الائجي ڇا
ٿيندو.
*
(٢٠)
ميرن جي ڪوٺ تي سردار محمد عظيم خان جو خراسان کان
سنڌ ۾ ڪھي اچڻ“ ٽنھي ڌرين (سنڌ جي ميرن، شاھھ شجاع
۽ سردار محمد عظيم خان) جو پاڻ ۾ ڳالھائڻ، نيٺ
ميرن جي صلاح مطابق شاھھ شجاع جو پنھنجي مرضيءَ
سان لڌياني روانو ٿيڻ ۽ سردار محمد عظيم خان جو
واپس خراسان وڃڻ ۽ سنڌ جي ميرن جو دلجاءِ سان خوش
ٿي ويھڻ شاھھ شجاع بنا ڪنھن جھيڙي جھٽي جي جيئن
ھوا تي سوار ٿي آيو ھو، تيئن ھوائي ٿي ھليو ويو:
ميرن جو قاصد سيد ڪاظم علي شاھھ جڏھن خراسان وڃي
سردار محمد عظيم خان سان مليو تھ کيس ريھي ريبي
شڪارپور اچڻ تي آماده ڪيائين. سردار محمد عظيم خان
کي اھي ڳالھيون ڄڻ خدا ڏياريون. جيئن ڌن دولت جو
آسرو مليس، تيئن سندرو ٻڌي پنھنجن ڀائرن ۽ سردارن:
سردار دوست محمد خان، سردار شير دل خان ۽ ٻين
سرڪردن کي پنھنجي ڪٽڪ سميت، جنھن ۾ چاليھھ پنجاھھ
ھزار سوار پيادا ۽ زرھھ پوش شامل ھئا، اڳيان ڪري
ميرن جي ماڻھن سان سنڌ ڏانھن وڌي ھليو. جڏھن
منزلون ھڻندو قلات جي سرحدي ھنڌ ڍاڍر
تائين پھتو تھ شاھھ شجاع سڄي ڳالھھ سوچي سردار
محمد عظيم خان جي اميرن ڏانھن ڳجھي نموني خط
اماڻيو:
”سردار محمد عظيم خان اچانڪ بيابان ڏانھن نڪري آيل
ھرڻ وانگي اچي وارد ٿيو آھي. ان باري ۾ اھي چڱا
مڙس ڪيئن ٿا ڀانئن جيڪي پاڻ کي اسان جو خير خواھھ
چوائيندا اچن ٿا. ھاڻ جڏھن ڳالھھ ھيستائين اچي
پھتي آھي، اسان چاھيون ٿا تھ اوھان پنھنجي راءِ
کان آگاھھ ڪريو تھ ڪا خبر پئجي سگھي.“
ھنن جواب ڏياري موڪليو:
”اسان اوھان جا خادم ۽ تابعدار آھيون ۽ اوھان کي
بادشاھھ جي روپ ۾ ڏسڻ لاءِ آسائتا رھون ٿا. انھيءَ
اوسيئڙي ۾ اسان جون ڏينھن رات اکيون کتل آھن. خدا
نھ ڪري جيڪڏھن سردار محمد عظيم خان اوھان سان ھٿ
ڳنڍيا تھ اسان عين موقعي تي نروار ٿي سندس ساٿ ڇڏي
اوھان جا ٻانھن ٻيلي ٿينداسين ۽ اھو شڪار پنھنجو
پاڻ اچي اوھان جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسندو.“ (ص: ١٣٣)
شاھھ شجاع اھي دم دلا ڏسي حوصلو جاءِ ڪيو ۽ ميرن
جي ڌيان تي آندائين تھ صورتحال اجھو ھن ريت آھي،
اوھان ٿورو صبر ڪريو تھ ڇا ٿو ٿئي. خراساني پٺاڻن
جو دستور آھي تھ جتي دولت جو چمڪو ڏسندا، اتي جيتن
(پروانن) وانگي اچي ڳاھٽ ٿيندا، جنھن ھنڌ سڻڀي
ماني نظر پوندن، اتي مکين وانگر وڃي مارو ڪندا.
ھنن (سردار محمد عظيم خان جي اميرن) جو بھ اھوئي
حال آھي. ھيءُ جڏھن ڏسندا تھ اسان جو پاسو ڳرو آھي
تھ ھڪدم ھن کي ڇڏي اسان جا ٿي بيھندا. اھو لقاءُ
سڄي دنيا ڏسندي. آخرڪار حيدرآباد ۽ خيرپور جا سڀئي
مير: مير ڪرم علي خان، مير مراد علي خان، مير
سھراب خان، مير رستم خان ۽ ٻيا ھٿيار پنھوارن ۽
تنبن تولانن سان پوري سپاھھ سميت سردار محمد عظيم
خان سان منھن ڏيڻ لاءِ اچي لاڙڪاڻي رسيا، جتي ڪي
ڏينھن ترسي وري ميان شاھل محمد واري قبي ۾ وڃي
منزل ڪيائون.
(٢١)
سنڌ جي ميرن جو عقل کان ڪم وٺي شاھھ شجاع کي
شڪارپور مان پاڻ وٽ گھرائڻ:
سال ١٢٣٦ھھ
/
١٨٢١ع ۾ سردار محمد عظيم خان ميرن جي منشا موجب
منزلون ھڻندو اچي ڀاڳ
(ناڙي) تائين پھتو، جتي معاوضي بابت ميرن سان سندس
ڳالھيون ٺاھھ تي نھ پھچي سگھيون. سردار محمد عظيم
خان جو چوڻ ھو تھ کيس ڪابل کان شڪارپور تائين ھڪ
ھڪ منزل جو ھڪ ھڪ لک رپيو (جنھن جو اڳ ۾ وعدو ڪيل
ھو) ادا ڪيو وڃي. اھا ڳالھھ ميرن کي ڏکي لڳي. سو
پويان پير ڪرڻ لڳا. سردار محمد عظيم خان کي اچي شڪ
جاڳيو تھ ميرن جي اھا وعدي خلافي شاھھ شجاع جي چرچ
تي ٿي رھي آھي، ان ڪري ھنن کي جنگ جو دڙڪو ڏنائين.
ميرن جنگ جو دڙڪو ٻڌي مصلحت کان ڪم وٺي شاھھ شجاع
کي آزيون ڪندي شڪارپور لکي موڪليو: ”سردار محمد
عظيم خان کي ملڪ داري جي مصلحت واري خيال کان
خراسان مان، انگريز بھادر جي چر پر بابت ڳالھين
ھلائڻ لاءِ ھتي گھرايو ويو ھو، پر ھن وقت انگريزن
جا سفير واپس انگلنڊ وڃي چڪا آھن. ان ڪري ھاڻ
ڳالھين جي ضرورت نھ رھي آھي. ھيڏانھن سردار محمد
عظيم خان لالچ ۾ منھن وجھي ويٺو آھي ۽ سندس اميرن
جو بھ ساڻس ڪجھھ اختلاف نظر اچي ٿو، تنھن ھوندي بھ
اسان مرحوم وزير فتح خان جو لحاظ رکندي، ساڻس جنگ
ڪرڻ نٿا چاھيون. ڇو تھ دنيا جي فريب ۾ اچي، ھروڀرو
مسلمانن کي مارائڻ مناسب ناھي. سردار محمد عظيم
خان ڪشمير جي دولت ۽ خراسان جي لشڪر تي پيو ٽڏي ۽
ڏاڍائي پيو ڏيکاري پر اسان کي اوھان جھڙي بھادر
بادشاھھ جي اڀل ھوندي ھن جي ڪا پرواھھ ڪانھي. کيس
کٽي اچي کنيو آھي، جو اھڙا ابتا پير پيو کڻي. سندس
پرڪارن مان ائين پڌرو پيو ٿئي تھ (ھن جي پڄاڻيءَ
مان) اوھان جي اقبال جو سچ اڀرڻ وارو آھي.
اميد اھي تھ اوھان جلد شڪارپور مان اچي ميان شاھل
محمد جي قبي ۾ پھچندا، جيئن اسان اوھان جي خدمت جي
سعادت حاصل ڪرڻ جھڙا ٿيون.“ (ص: ١٤)
شاھھ شجاع ميرن جون اھي ڳالھيون ٻڌي ڪجھھ وقت
پنھنجي ليکي سوچيندو رھيو. نيٺ دورانديشيءَ کان ڪم
وٺي پھريان پنھنجي حرم کي سامان سميت ميرن ڏانھن
ڏياري موڪليائين. ان کان پوءِ شھزادي تيمور کي
روانو ڪري ھيءُ خط ميرن ڏانھن اماڻيائين: ”اسان
پنھنجي حرم کي اوھان ڏانھن ڏياري موڪلڻ کان پوءِ
شھزادي تيمور کي بھ ايڏانھن روانو ڪري چڪا آھيون.
بلوچن جي ننگداريءَ ۽ جوانمردي مشھور آھي، جنھن جي
اعتبار موجب ائين ڪرڻ ۾ آيو. ھاڻ اوھان تي ڇڏيل
آھي تھ ننگاوتي ۽ مرداڻي مرڪ مطابق اوھان کي ڇا
ڪرڻو پوندو. اسان زماني جا حال ڏسي چڪا آھيون.
جيڪڏھن اوھان اڃا بھ ڪا اڻائي ڳالھھ ڪئي تھ ان جي
سڄي ذميداري اوھان تي ھوندي ۽ ماڻھو بھ اوھان تي
ئي کلندا.“ (ص: ١٤١)
ميرن اکيون ٻوٽي پنھنجي روش جاري رکي. ھنن کي اھا
اڻ تڻ لڳي پئي ھئي تھ شاھھ شجاع ڪنھن بھ حالت ۾
شڪارپور جا وڻ ڇڏي وڃي کين ٻي ڪابھ ڳالھھ دل سان
ڪانھ ٿي آئڙي.
*
(٢٢)
ميرن جي ستوھھ ڀرڻ تي شاھھ شجاع جو شڪارپور مان
اسھڻ، وڃڻ وقت شاھوڪارن کان سندن جند ڇڏڻ جي عيوض
ٽيھھ ھزار رپيا ڀرائي وٺڻ ۽ ميرن جي ساڻس ويساھھ
گھاتي ڪرڻ:
شاھھ شجاع ١٢٣٦ھھ
/
١٨١١ع ڌاري ميرن جي بيدلي ڏسي، سندن ميڙ منٿ تي
شڪارپور مان ھلڻ ھارو ٿيو تھ پھرينءَ سٽ ۾ شھر جي
شاھوڪارن سيٺ ٽنڊڻمل، سيٺ سيوا سنگھھ، سيٺ گلاب
راءِ ۽ ٻين کي پاڻ وٽ گھرائي کانئن پڇا ڪيائين تھ
ھن وقت اسان جو مھاڏو سردار محمد عظيم خان سان
آھي. ٻئي پاسي ميرن جي تھوت وڌندي پئي وڃي تھ اسان
ترت شھر ڇڏڻ جي ڪريون. ھوڏانھن قضا الاھي جي ڪا
خبر ڪانھي تھ اڳتي ھلي ڪھڙا ڏينھن ڏسڻا پون! اوھان
سدائين اسان جا ساٿاري ٿي رھيا آھيو، ٿي سگھي ٿو
تھ انھيءَ الزام ۾ سردار محمد عظيم خان اوھان تي
ڪا وٺ پڪڙ ڪري ۽ اوھان اسان کي مھڻي ھاب بڻايو (سو
ٺيڪ ناھي) اھائي گھڙي اٿو، جيڪڏھن چاھيو تھ ھتي
رھي پئو. ٻي حالت ۾ ھتان نڪرڻ جي مرضي ھجيو تھ
ٻڌايو. ان تي شاھوڪارن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تھ پنھنجي
ڀلائي شڪارپور ڇڏڻ ۾ ئي آھي. نيٺ شاھھ شجاع کان
موڪلائي روھڙيءَ ڏانھن روانا ٿيا. شاھھ شجاع موڪل
جي بھاني ھنن کان ٽيھھ ھزار رپيا ڀرائي ورتا.
انھيءَ لڏپلاڻ ۾ ھنن جو ٻيو بھ ڪيترو نقصان ٿيو،
پر ڪو چارو نھ ڏسي سمورا سور پيئندي شھر ڇڏي ويندا
رھيا. پڇاڙيءَ ۾ شاھھ شجاع پاڻ بھ پيادا ۽ سوار
ساڻ ڪري شھر مان نڪري ڪي ڏينھن عيدگاھھ ۾ وڃي
ترسيو، جتي ميرن جا ماڻھو اچي ساڻس مليا. انھن سان
گڏجي، اتان تڏو پٽيائين ۽ ڳڙھي ياسين تائين رسيو.
اوچتو ميرن وٽان پروانو پھتس:
”سردار محمد عظيم خان اسان ڏانھن پنھنجا گماشتا
اماڻيا آھن، جيڪي ڪن مسئلن تي ڪجھھ ڳالھائڻ ٿا
گھرن. جواب ۾ اسان بھ ان ڏانھن پير غلام محي الدين
سرھندي ۽ سيد اسماعيل شاھھ کي ڏياري مڪو آھي. (ھاڻ
ڏسون ٿا) جيڪڏھن ھو اوھان جي تابعداريءَ ۾ آيو تھ
واھھ نھ تھ اسان (اوھان جي خاطر) پنھنجو سر قربان
ڪري رھنداسين. في الحال اوھان جتي آھيو اتيئي رھيا
پيا ھجو، اڳتي وڌڻ جي نھ ڪريو، اسان مڙئي ڪنھن نھ
ڪنھن نموني سڄي معاملي کي منھن ڏئي وٺنداسين.“ (ص:
١٤٧)
ميرن جا اھا حال ڏسي، شاھھ شجاع کي ڪيئي شڪ شبھا
جاڳيا. گھڙي حيرت ۾ تھ گھڙيءَ صلاح مصلحت ۾ دل من
ھڻندو وڃي ميان شاھل محمد جي مقبري ڀيڙو ٿيو، جتي
ميرن جو لشڪر لٿل ھو، ميرن کي جو اھا خبر پئي تھ
مٿينءَ دل سان نواب ولي محمد خان لغاري ۽ سيد ڪاظم
شاھھ کي وٿيرڪي پنڌ تائين سندس آجيان لاءِ
اماڻيائون. ھيءُ بھ رکي منھن سان وڃي اتي رسيا ۽
شاھھ شجاع جي ڪا خاص خاطر تواضع ڪانھ ڪيائون.
ٻئي ڏينھن حيدرآباد جي ميرن مان مير ڪرم علي خان ۽
مير مراد علي خان پنھنجي خاص عملي سان اتي اچي
سھڙيا ۽ شاھھ شجاع خوش ٿي ساڻن گڏيو. ڪا گھڙي
ڪچھري ڪري ٻئي کل خوشي سان ھڪ ٻئي کان موڪلائي
پنھنجن خيمن ۾ اچي خلاصا ٿي ويھي رھيا. تنھن کان
پوءِ ميرن پنھنجي معتبر منشي خوشيرام کي شاھھ شجاع
ڏانھن موڪليو، جنھن ادب سان اچي کيس عرض ڪيو تھ:
سردار محمد عظيم خان جي ساٿاري خراساني اميرن ۽
خانن اوھان جي جان نثاري ۽ خدمت گذاري لاءِ جيڪا
ھام پئي ھنئي آھي، سا ڪنھن کان ڳجھي ڪانھي، تڏھن
بھ ويجھڙائي ۾ ھنن اوھان سان سنمک ٿيڻ جي جيڪا ساک
ڀري ھجي تھ ميرن کي بھ ان کان آگاھھ ڪندا، جيئن ھو
انھن جو مطلب ڪڍي اصل حقيقت اوھان اڳيان پيش ڪري
سگھن. انھيءَ مان سڄي سڌ پئجي ويندي تھ ھو ڪيتري
قدر اوھان سان سچا آھن.“ (ص: ١٤٩)
شاھھ شجاع کي ڳالھھ دل سان لڳي ۽ ھن اھي سمورا خط،
جيڪي سردار محمد عظيم خان جي ساٿارين کيس لکيا
ھئا، گھرائي منشي خوشيرام جي حوالي ڪيا.
اھي خط جڏھن انھيءَ حرفت سان شاھھ شجاع وٽان نڪري
وڃي ميرن جي ور چڙھيا تھ ھنن ھڪدم سردار محمد عظيم
خان کي سجاڳ ڪيو تھ اجھو خراساني خانن جا اھي
پرڪار اٿو، جو ھڪ پاسي اوھان سان پيا ٻانھپ واريون
ٻوليون ڪن تھ ٻئي طرف شاھھ شجاع کي پيا پنھنجو ڌڻي
سائين سمجھن!
ھاڻ چڱو ائين آھي تھ (سڄي ڳالھھ جي لڱائي چڱائي
جاچڻ کان پوءِ) خراساني خانن جي سچ ڪوڙ جو فرق
سمجھي سڀ ڪجھھ سوچي اوھان اسان سان ايڪي ۾ رھندا ۽
وڌيڪ اھڙي ڪابھ ڳالھھ نھ ڪندا، جنھن مان اسان جي
لاڳاپن تي ڪو اڻ وڻندڙ اثر پوي.
ھن روئداد جي
روشنيءَ ۾ ھر ڪو ھيءُ اندازو لڳائي سگھي ٿو تھ سنڌ
جا مير (ٽالپور) ڪيئن پنھنجي عقل جي زور تي سردار
محمد عظيم خان جي سٿ ۾ پاڻ وڻائيندا پئي آيا.
*
(٢٣)
سردار محمد عظيم خان جي ساٿاري خراساني خانن جو
شاھھ شجاع وٽ ھلي وڃڻ ۽ سردار محمد عظيم خان کي
ميرن واري ڳالھھ جي پڪ ٿيڻ، ميرن پاران رستن تي
چونڪيون بيھارڻ، جيئن خراساني (افغاني) خانن مان
ڪوبھ شاھ شجاع ڏانھن اچي وڃي نھ سگھي:
ميرن پنھنجي حرفت سان شاھھ شجاع وٽان افغانستاني/
خراساني خانن جا خط ھٿ ڪري
پنھنجي ڪارندن ذريعي سردار محمد عظيم خان وٽ پيش
ڪيا. ھيءَ اڃا انھيءَ ڪارگذاريءَ تي ڪنھن ڪارروائي
جي اوسيئڙي ۾ رھيا تھ ايتري ۾ خالو خان الڪوزئي
پنھنجن چار سؤ سوارن سان سردار محمد عظيم خان جي
لشڪر مان نڪري وڃي شاھھ شجاع وٽ رسيو. جنھن
پرينديئي کيس خلعت سان نوازيو. انھيءَ خالو خان
الڪوزئي جي وڃڻ سان سردار محمد عظيم خان کي پڪ ٿي
تھ ميرن ان باري ۾ اڳواٽ ھن کي جيڪي ڪجھھ ٻڌايو
ھو، سو برابر سچ ھو. تنھن کان پوءِ بھ سردار محمد
عظيم خان جي لشڪر مان خراساني/
افغانستاني خانن جا ڪيئي دستا الڳ ٿي شاھھ شجاع
ڏانھن ويندا رھيا. سردار محمد عظيم خان ھنن جا اھي
افعال ڏسي اٽڪل کان ڪم وٺندي باقي رھيل اميرن کي
گھرائي ظاھري کل خوشيءَ سان ھر ھڪ جي ھٿ ۾ اھي خط
ڏنا. جيڪي کيس (شاھھ شجاع وٽان ھٿ آيل) ميرن
(ٽالپورن) وسيلي وصول ٿيا ھئا. ھيءُ جڏھن خط
ورھائي واندو ٿيو تھ سڀني کي چوڻ لڳو: شاھھ شجاع
ھندستان مان کيڏ ڪري ھيءُ خط اوھان جي پاران
لکرائي انھن تي مھر ھڻي ميرن جي حوالي ڪيا ھئا تھ
جيئن انھيءَ دلبي سان ھو اسان جي ماڻھن ۾ ڏڦيڙ
(تفرقو) پيدا ڪري.
خراساني
/
افغانستاني خانن جڏھن اکين سان پنھنجا ھٿ اکر
پڙھيا تھ پنھنجي ڪئي تي پشيمان ٿي چوراڻين نگاھن
سان ھڪ ٻئي کي گھورڻ لڳا ۽ اک ڇنڀ ۾ ھڪ ٻئي پٺيان
پاسيرا ٿيندا وڃي پنھنجن تنبن ڀيڙا ٿيا. ھنن جي
اندر ۾ وسي ويو تھ اھا باھھ سنڌ جي ميرن جي ئي
ٻاريل آھي، جيڪي پاڻ کي شاھھ شجاع آڏو سرخرو ڪرڻ
ٿا چاھين.
ميرن جي انھيءَ جٺ جو نتيجو نيٺ اھو نڪتو جو
خراساني
/
افغانستاني خانن ھن کان اڳ شاھھ شجاع جي پاسي جيڪا
رجوعات رکي ھئي سا بلڪل بند ڪري ڇڏيائون.
سردار محمد عظيم خان جيتوڻيڪ خراسان کان ٺي ڪابل
قنڌار تائين ڪل افغانستان تي قابض ھو ۽ جيڪي گھري
ھا سو ڪري پئي سگھيو، تڏھن بھ ڪنھن کي ڪا سزا نھ
ڏنائين، پر جي ڏئي ھا تھ بھ ھن تي ڪا ميار نھ ھئي.
اھڙيءَ ريت سنڌ جي ميرن جي ڪار گذاري پوريءَ طرح
ڪارگر ٿي ويئي، جن انھيءَ ھوشياريءَ سان سردار
محمد عظيم خان کي پنھنجي آٽ تان لاھي جنگ جو خطرو
ٽاري ڇڏيو ۽ ماٺ ميٺ ۾ سردار محمد عظيم خان کي
سموري خرچ کاٻار ۽ ڍل جي ادائگي سان راضي ڪري وڃي
پنھنجي مقصد ۾ پار پيا.
پڇاڙيءَ ۾ سردار محمد عظيم خان جي صلاح سان، ميرن
انھيءَ حڪم تي سڀني رستن مٿان چوڪيون قائم ڪيون تھ
سردار محمد عظيم خان جي لشڪر مان ڪوبھ پيادو يا
سوار ڀڄي وڃي، شاھھ شجاع وٽ پناھي نھ ٿئي. جيڪڏھن
ڪو ائين ڪري تھ ان کي اتيئي پورو ڪيو وڃي. جيئن
آئندي ڪوبھ اھڙو قدم نھ کڻي سگھي.
انھن چوڪين قائم ٿيڻ کان پوءِ ميرن جي ماڻھن ڪيترن
سوارن ۽ پيادن کي (جيڪي سردار محمد عظيم خان جي
لشڪر مان ڀڄي ٿي نڪتا) قتل ڪري ڇڏيو. جڏھن شاھھ
شجاع کي خبر پئي تھ ڪاوڙجي ميرن کي چوائي
موڪليائين تھ: اوھان جيڪي ڪري رھيا آھيو، سو ڪنھن
بھ مروت وٽان نھ آھي. توھان جا ماڻھو خراساني
(افغانستان) جي خانن کي قتل ڪري اھو ظاھر پيا ڪن
تھ اوھان وٽ رتيءَ ماتر خلوص ڪونھ رھيو آھي. اوھان
جي اھا روش ڏسي اسان کي اچرج پئي لڳي تھ اوھان
ڪھڙي آڌار تي دوستيءَ جو دم ھڻي رھيا آھيو؟
ميرن جواب ڏنو تھ: اسان جي چوڪين جا ماڻھو ھر روز
بدلبا رھن ٿا، جيڪي وحشي (بُوش) بلوچ آھن، انھن کي
پنھنجي شناس بھ ڪانھ ھوندي آھي، جنھن ڪري ايڏيون
ارڏايون ڪندا رھن ٿا. بھرحال اڳتي لاءِ انھن کي
سمجھايو ويندو تھ ڪنھن بھ خراساني/
افغانستاني خان کي قتل ڪرڻ کان باز رھن.
سنڌ جي ميرن ٻاھرين خاني شاھھ شجاع سان سنمک ٿيڻ
جي ٿي ڪئي تھ اندروني طرح سردار محمد عظيم خان سان
بھ پورا پوندا ٿي آيا. ھنن کي ھر حالت ۾ پنھنجي
مطلب سان ڪم ھو ۽ ھر گھڙي پنھنجي مراد ماڻڻ جا
خواب لھندا ٿي رھيا.
ھڪ ڏينھن ڇا ٿيو جو سردار شيردل خان جي حملي جا
افواھھ (ھاواڻا) ھلي ويا، تھ ھو اجھو ٿو پنھنجي
اٿاھھ لشڪر سان اچي ميرن مٿان ڪڙڪو ڪري ..... اھو
ٻڌي ميرن جي لشڪرين ۾ اچي ڦڙڦوٽ پئي. نيٺ سڄو لشڪر
بنا ڪنھن اجازت ۽ حڪم جي گھوڙن تي چڙھي، ھوڪارا
ڪندو سردار شير دل خان جي مقابلي لاءِ نڪري پيو.
ھيڏانھن رڳو مير صاحب ڪن خاص ماڻھن سان اڪيلي تنبن
۾ رھجي ويا. کين پنھنجي لشڪرين جي بيوقوفيءَ تي
ڏاڍي خار پئي آئي تھ ڪيئن ڪنھن اطلاع ۽ اجازت بنا
اھو ڪڌو ڪم ڪيائون. ھاڻ خبر ناھي تھ الائي ڇا
ٿيندو؟
ھنن کي اھا ڳڻتي بھ ھئي تھ متان سڀاڻي شاھھ شجاع
پنھنجيءَ تي اچي ھن موقعي جو فائدو وٺي چڙھائي ڪري
۽ اسان ٻيڻي ڏچي ۾ اچي وڃون. سو رات ڏينھن الاھي
امان جو ورد ڪندا ٿي رھيا. اھو حال ڏسي شاھھ شجاع
جو بھادر ۽ سرڪردي امير نور محمد خان الڪوزئي،
شاھھ شجاع کي ڀڙڪائڻ جي ڪئي تھ اجھو ميدان صاف لڳو
پيو آھي، ميرن ھميشھ اوھان سان زيادتيون پئي ڪيون
آھن. ھاڻ ڇو نھ مٿن ھلان ڪئي وڃي. ھونئن بھ اڪيلا
رھجي ويا آھن. اھڙي مھل وري ورلي ھٿ اچي.
شاھھ شجاع وراڻيو: اسان جو اھو مرڪ نھ آھي تھ اھڙي
قسم جون ڳالھيون سوچي انھن تي عمل ڪريون. اسان پاڻ
ڏوجھرن ۾ آھيون، ڪھڙي خبر تھ ائين ڪرڻ سان اسان تي
ئي ڪا آفت اچي ڪڙڪي پوءِ نھ ھيڏانھن جا رھون نھ
ھوڏانھن جا! مرد اھو آھي جو پڇاڙيءَ تي نظر رکي.
ھو اڃا انھيءَ ويچار ۾ ھو تھ ميرن جو لشڪر بھ
سھڪندو گھوڙا ڊوڙائيندو واپس وريو ۽ ڦونڊ ۾ ڀرجي
ھرڪو پنھنجي ليکي لٻاڙون ھڻندو رھيو. نيٺ ڀنگ جون
جمنيون
چپن تي چاڙھي سڀئي وڃي آرامي ٿيا.
سردار شير دل خان جي حملي جا افواھھ ڪوڙا نڪتا تھ
ميرن بھ سامت جو ساھھ کنيو. کين جيڪي خطرا خيال ۾
ھئا اھي سڀ دور ٿي ويا. انھيءَ ھوڙھيائي تي لشڪر
جي اڳواڻن کي گھڻيئي لعنت ملامت ڪيائون تھ خدا
مڙئي خير ڪيو نھ تھ اوھان بھ حد ڪري ڇڏي ھئي.
حقيقت بھ اھا ھئي تھ ميرن کي بچائڻ واري بچايو،
تنھن ھوندي بھ ھنن سان جيڪا ٿي چڪي ان ھنن جا ٽين
کڙڪائي ڇڏيا ھئا. بھرحال:
دوست ساٿي آھي تھ دشمن ڇا ٿو ڪري سگھي
ھو سڀ کي پنھنجي پاڇي ۾ پناھھ ڏيندڙ آھي.
*
(٢٤)
سنڌ جي ميرن جو سردار محمد عظيم خان سان صلح ڪرڻ ۽
شاھھ شجاع کي درياھھ ٽپائي پار پھچائڻ:
سنڌ جي ميرن ١٢٣٦ھھ/
١٨٢٠ع ۾ پنھنجي اورچائي ۽ شاھھ شجاع جي راضپي سان،
حرجن خرچن سان گڏ ڍل کي ڍال بڻائي سردار محمد عظيم
خان کي پنھنج پاسي ڪيو. ھوڏانھن خود شاھھ شجاع
اندروني ڇڪتاڻ جي ڪري بي مزي ٿي چڪو ھو. ھن سان
ميرن جيڪا ٿي ڪئي، تنھن تي کيس ڏاڍو افسوس پئي
ٿيو. ميرن جڏھن ڏئي وٺي سردار محمد عظيم خان سان
صفائي ڪئي تھ ساڻس ملاقات لاءِ سوچيائون، جيئن
رھيل معاملا بھ طئي ٿي وڃن. ليڪن سردار محمد عظيم
خان پنھنجي امير ن (خراساني/
افغاني خانن) جي بي اعتباريءَ سبب ميرن جي ملاقات
لاءِ تيار نھ ٿيو. ھنن کي چوائي موڪليائين تھ
جيستائين شاھھ شجاع درياھھ پار ڪري ھن ڀر نھ
ويندو، تيستائين پنھنجي ملاقات ممڪن ناھي. اوھان
بھ اھڙو خيال دل ۾ نھ آڻيو. ميرن انھيءَ تي اوڏي
مھل پنھنجن ماڻھن کي ھيءُ نياپو ڏئي شاھھ شجاع
ڏانھن اماڻيو تھ: اسان مرحوم وزير فتح خان جي عذر
خواھي لاءِ سردار محمد عظيم خان وٽ وڃڻ ٿا چاھيون،
پر ھو اوھان جي خطري کان ملاقات ڪرڻ نٿو گھري.
اوھان جيڪڏھن ڀلائي ڪري ميان شاھل محمد جي مقبري
مان نڪري درياھھ جي ھن ڀر ھليا وڃو تھ نھايت مناسب
ٿيندو. اسان مرحوم فتح خان جي عزر خواھي کان پوءِ
ساڳيا خادم ٿي رھنداسون. جھڙا آھيون. ائين ڪرڻ سان
سڀئي ڪلفتون ۽ ڪدورتون ھڪ ٻئي جي دلين تان ميسارجي
وينديون. اسان تھ ھونئن ئي اوھان جي تابعداري ۾
آھيون. اميد اٿئون تھ اڳتي ھلي سردار محمد عظيم
خان بھ اوھان جي فرمان ھيٺ ھلڻ جي ڪندو. شاھھ شجاع
کي خبر ھئي تھ مير ڪنھن نھ ڪنھن بھاني کيس ٿيڙ ڏيڻ
ٿا چاھين تھ جيئن ھڪ جاءِ تي ھيڪاندو نھ ھجي، ان
ڪري درياھھ پار ڪرڻ تي تيار ٿيو ۽ نيٺ وڃي ھن پار
رسيو. ميرن ھن سان جيڪو سلوڪ پئي ڪيو، تنھن کي
ساريندي ھر گھڙيءَ افسوس ڪندو ٿي رھيو پر حالتن
اڳيان مجبور ھو!
*
(٢٥)
ميرن جي سردار محمد عظيم خان سان ملاقات ۽ ٻنھي
طرفان ھڪ ٻي جون دعوتون ڪرڻ:
شاھھ شجاع ميرن جون بيوفايون ساريندو وڃي درياھھ
جي پرينءَ ڀر پھتو تھ ميرن ميدان صاف ڏسي، وڃي
سردار محمد عظيم خان سان ملاقات ڪئي. ٻئي ڌريون دل
کولي ھڪ ٻئي جي خوش آمد برآمد ۾ لڳي ويون.
ميرن پھريان مرحوم وزير فتح خان جي عذر خواھي ڪئي
تھ سردار محمد عظيم خان دستور موجب ميرن کي
شانائتي دعوت ڏني، جنھن ۾ ھر قسم جا طعام قمام ۽
ٻيا رنگ موجود ھئا. ان کانپوءِ ميرن جو وارو آيو،
ھنن جيڪي پاڻ سان آندو ھو، سو سردار محمد عظيم خان
جي خدمت ۾ پيش ڪيائون.
سردار محمد عظيم خان پاران ميرن جي آڏو جيڪي مال
موجود ڪيا ويا اھي اھڙا تھ عجيب ۽ اڻ لڀ ھئا، جو
ميرن ڪڏھن اکين سان ڏٺائي ڪونھ ھئا. کاڌي کان پوءِ
ڳائڻين ڳاٽ اڀا ڪيا، جن محفل کي ڪيف ۽ سرور ۾ آڻي
ڇڏيو. خاص ڪري ڪشميري لال پرين تھ وڻ ئي وڄائي
ڇڏيا. انھيءَ شوق فرمائڻ کان پوءِ مير اچي تنبن ۾
قراري ٿيا. ٻئي ڏينھن وري ميرن سردار محمد عظيم
خان جي مھمانيءَ جو بندوبست ڪيو، جنھن لاءِ ٺاھھ
ٺوھھ سان مجلس قائم ڪرڻ ۾ آئي. انھيءَ موقعي تي
سنڌ جي خاص ۽ خوشبودار خوراڪ ”پلو“ اھڙي ريت پچائي
تيار ڪيو ويو، جو ڪنھن چواڻي: مڇيءَ جي جھلڪ ڏسي،
ماڻھن کان چنڊ جي چمڪ وسري ويئي.
اھو مصالحدار پلو، جڏھن سردار محمد عظيم خان اڳيان
آندو ويو تھ سندس وات پاڻي ٿيڻ لڳو. جڏھن سڀني پلو
کائي پيٽ ڀريو تھ سردار سان گڏ سندس امير ۽ ڀائر
ڪا مھل پنھنجي چپن تي ڄڀ ڦيريندا، چاٻا ڪندا رھيا
۽ پلي جي ساراھھ ڪندي نٿي ڍاپيا. آخر ناچ گاني کان
پوءِ ائين چوندا مجلس مان اٿندا ويا:
”ڪٿي چنڊ، ڪٿي محبوب جاڳل، ٻئي پيا جرڪن پر ھي ڪٿي
۽ ھو ڪٿي؟“
ميرن جي دعوت بيشڪ ڀلي، پر تڏھن بھ سردار محمد
عظيم خان جي دعوت جو مٽ ڪٿي؟ ٻنھي ۾ گھڻو تفاوت
ھو. بھرحال، ميرن سردار محمد عظيم خان سان گڏ کائي
پي عيش ڪري پاڻ ۾ وعدا پورا ۽ پختا ڪيا، ويتر جو
ھڪ ٻئي کي شاھي سوکڙيون پيش ڪيائون تھ ھڪ ٻئي جا
گھاٽا يار بڻجي پيا.
اھي سوکڙيون لڳ ڀڳ لک رپئي جون ھيون، جيڪي ميرن
پاران سردار محمد عظيم خان ۽ سندس اميرن، ڀائرن کي
ڏنيون ويون. تنھن کان سواءِ لشڪر جي خرچ پکي لاءِ
بھ ٻارھن لک الڳ ڏيڻا ڪيائون. موٽ ۾ سردار محمد
عظيم خان ميرن کي پوشاڪون پھرائي مانائتو ڪيو ۽
ھنن پنھنجا وڪيل مقرر ڪري موڪل ورتي.
ھڪ پاسي حيدرآبادي مير جھمپٽين ۾
چڙھي درياھھ اورانگھي ھليا تھ ٻئي طرف خيرپور جي
ميرن پنھنجي ماڳ ڏانھن رخ رکيو ۽ ھوڏانھن شاھھ
شجاع درياھھ جي پرينءَ ڀڪ ميرن جي بيوفائي ۽ ڊڍائي
تي وٽ کائيندو ٿي رھيو، پر وريس ڪي بھ نھ ٿي. نيٺ
نااميديءَ جي عالم ۾ اتان ھلي درازن ۾ اچي دڳو
دمائي فقير ميان قبول محمد
جي در تي اچ وڃ ڪرڻ لڳو، جتي پگھار جي سوال تي
سندس سپاھھ جو ساڻس ٽڪر ٿي پيو. پاڻ پنھنجي
پريشانيءَ ۾ ھونئن ئي پورو ٿي چڪو ھو، وري جو مٿان
ھيءَ مصيبت نازل ٿيس تھ سپاھھ کي تڙيون پٽائيندي
پگھار ڏئي پلو آجا ڪيائين. پوءِ پنھنجون ڪي توبون
خيرپور جي والي مير رستم خان وٽ امانت رکي اتان
جيسلمير جو گس وٺي لڌياني ڏانھن لڏو کڻي ھليو. واٽ
تي ان پاڻي جي اڻاوت ۽ اڻاٺ تنھن کان سواءِ موتمار
گرمي، جنھن کان صفا ڦانءِ (ھلاڪ) ٿي پيو، تڏھن بھ
وڃي ماڳ رسيو.
*
|