سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 12

(64)

سنڌ جي ايجنٽ راس بيل جو ڪوئيٽھ وڃڻ- اتي سرڪاري ڪمن جو انتظام ڪرڻ ۽ فوت ٿيڻ:

سنڌ جو ايجنٽ راس بيل ١٢٥٦ھھ (١٨٤٠ع) شملي کان واپس اچي سکر پھتو ۽ تڙ تڪڙ ۾ ڪڇي ۽ ڪوئيٽھ پاسي وڃي رسيو. بوھر خان، مراد خان ۽ سندس پٽ توڙي ٻيا بلوچ ۽ بروھي، جيڪي بکر جي قلعي اندر قيد ھئا، انھن کي آزاد ڪري پاڻ سان گڏ کنيائين، جن کي ھن ڪڇيءَ مان سڌو مير نصير خان ڏانھن اماڻيو تھ جيئن کيس سمجھائي اچي ساڻس ملائي، پر مير نصير خان ڪونھ مڃيو ۽ سندس سلام تي ڪونھ آيو.

راس بيل ڪي ڏينھن مير نصير خان جو انتظار ڪندو رھيو. آخر سيويءَ (سبي) ھليو آيو، جتي عام چواڻي: مري بلوچ پھاڙن تي ٽڏندا (فخر ڪندا) آھن ۽ خجڪ کلئي ميدان تي جنگي جوھر ڏيکاريندا آھن. خجڪ(1) انگريزي فوج سان اٽڪي پيا ۽ جنگ جي باھھ ڀڙڪي اٿي. خجڪ قوم پير ٻڌي جنگ جي ميدان ۾ پاڻ ملھايو، ايتري قدر جو ھيڪر انگريزي فوج منھن موڙي گھڻو پوئتي ھٽي ويئي.

سج لٿي کان پوءِ خجڪ جنگ جو ميدان ڇڏي سبيءَ جي قلعي مان ٽپڙ ٻڌي ٻار ٻچا وٺي، ڪوھستان ۾ مرين سان وڃي مليا. انگريز فوج انھن جي وڃن کان پوءِ قلعي تي ڪڙدي ڪئي ۽ اتي صفا سڃ ڏسي قبضو ڪيائين. پوءِ حڪم جي دير ھئي، قلعي کي توبن سان ناس ڪري زمين برابر ڪيو ويو ۽ مال غنيمت پاڻ سان کڻي ويا.

راس بيل قلعي ھٿ ڪرڻ کان پوءِ اتان جي ٺاھ ٺوھھ ۾ لڳي ويو. جتان واندو ٿي ڍاڍر ۾ آيو. ڪي ڏينھن اتي رھي وري ڪوئيٽھ پھتو، ايتري ۾ خجڪ پڍاڻن وٽان کيس پيغام مليو تھ اسان سرڪار سان ٺاھھ ڪرڻ واسطي تيار آھيون. ھن بھ اھو خيال ڏيکاريو تھ ھو اچي سندس سلامي ٿيا.

صاحب بھادر ھنن جا عذر گناھھ معاف ڪري کين پوشاڪون پھرائي مانائتو ڪري. سبيءَ جو علائقو اڳ وانگر سندن تحويل ۾ ڏنو. ان لاءِ ڪپتان فرنچ کي حڪم ٿيو، جنھن ڪي ڏينھن سبيءَ ۾ رھي، قلعي جي نئين سر مرمت ڪرائي ۽ ھن قبيلي کي ان جو وارث بنايو.

راس بيل جي اتي رھائش ڀيري دودي خان مري جو ڀائٽيو دوست علي، ڪپتان پراؤن جي چٺي کڻي اچي پيش پيو، جنھن کي خلعت سان نوازيو ويو.

پڇاڙيءَ ۾ راس بيل وري دودي خان مري جي ملڻ لاءِ حيلا ھلايا، پر ڪجھھ نھ وريو، ھو سلاميءَ تي نھ اچڻو ھو سو نھ آيو. ھيءَ صاحب ڍاڍر مان ڪوئيٽھ رسيو، جتي گھڻا ڏينھن گذاريائين. سندس خيال ھو تھ ھاڻ وري مير نصير خان سان ٺاھھ جون ڳالھيون ھلائجن؛ ان لاءِ سڀڪجھھ ڪيو ويو، پر آخرڪار ڪجھھ بھ نھ ٿيو.

ايتري ۾ قضا الاھي سان صاحب بھادر بيماريءَ ۾ بستري داخل ٿيو. ڪيئي حڪيم، ڊاڪٽر سندس علاج لاءِ گھرايا ويا، پر ڪنھن جي بھ ڦڪيءَ فائدو نھ ڪيو. روز بروز ويو ڍرڪندو، نيٺ ھيءُ جھان ڇڏيائين، کيس ڪوئيٽھ ۾ دفنايو ويو.

ھن جي موت کان پوءِ والس صاحب اچي سندس جاءِ والاري، جنھن انتظامي سار سنڀال جو ڪم ھٿ ۾ کنيو ۽ ٽن مھينن گذرڻ تي آؤٽرام اچي سنڌ جو ايجنٽ مقرر ٿيو.

ھيءُ جيئن سکر ۾ آيو تھ بنا ڪنھن دير جي اتان ٺھي سنبري اٺن جي سواري وسيلي ڪوئيٽھ وڃي نڪتو، جتي قلات جي والي مير نصير خان کي حيلي بھاني عھد انجام ڏئي گھرائي ورتائين. مير نصير خان سندس سڏ تي آيو تھ مٿس ڏاڍيون نوازشون ٿيڻ لڳيون. نيٺ انگريزن کيس ٿورائتو ۽ مانائتو ڪري پنھنجي پاسي آندو. کيس سڄو موروثي ملڪ عزت ۽ مان سان سونپي، ڪليڪٽرن کي (جيڪي اڳ ۾ اتي ھئا) نوڪريءَ تان لاھي، سموريون سرڪاري عمارتون ڊھرائي سارو ميدان خالي ڪري ڇڏيو.

اھا خبر جڏھن سنڌ جي ميرن تائين پھتي تھ سرڪاري عمارتن جي ڀڃ ڊاھھ ڏسي ۽ ڪليڪٽرن جي موقوفي جو ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيا، چئي: اجھو انگريزن خراسان افغانستان جي شڪست کان پوءِ پنھنجون ڇانوڻيون ڊھرائي ڀينگ ڪرائي ڇڏيون، سگھو سنڌ مان بھ ھڪيا تڪيا ھليا ويندا.

ھنن کي ڪھڙي سڌ تھ آسمان جي گردشن جانيرنگ ڪھڙا رنگ پکيڙڻ وارا آھن ۽ انگريز بھادر جي نيت جو ستارو پنھنجي مڪر ۽ فريب ۾ ڪيڏو اتاھون آھي. ھاڻ سنڌ تي چڙھائي ڪرڻ جو احوال پوئتي رھائي، پھريان امير دوست محمد خان بابت بيان پيش ڪجي ٿو.

*


 

(٦٥)

امير دوست محمد خان جو ھڪ سوداگر جي مدد سان بخارا جي قيد مان نڪري اچڻ – وري انگريزن سان جنگ ۾ جنبي وڃڻ:

انگريزن ڪابل تي ڌاڪ ڄمائڻ کان پوءِ ٻن مھينن جي عرصي اندر ڪابل ۽ آسپاس جي رڄ چڱن مڙسن کي پنھنجي تابعداريءَ ۾ آندو. جيڪڏھن ڪنھن تابع ٿيڻ کان ڪنڌ ٿي ڪڍايو تھ ان جي جان، مال، قلعن ۽ ڪوٽن کي سندس سميت سرڪاري طور ضبط ڪيو ٿي ويو ۽ کيس سخت سزا ڏني ٿي ويئي.

انھيءَ دور جي ڳالھھ آھي تھ ھندستان ڏانھن خزاني جي رقم کڻي ويندڙ انگريزي عملدار، جڏھن خيبر لڪ وٽ رسيا تھ اتان جي افغانن ۽ انگريزن جي فوج جي اچي پاڻ ۾ لڙائي لڳي، جنھن ۾ ڪيترا انگريزي فوجي قتل ٿي ويا. انھيءَ خونريزي کان پوءِ انگريز وڃي ڪابل ۾ قراري ٿيا. انھيءَ ئي دور (١٢٥٦ھھ/١٨٤٠ع) ڌاري خابرن ٻڌايو تھ امير دوست محمد خان ڪنھن سوداگر جي مدد سان ٻاھر نڪري آيو آھي.

انھيءَ سوداگر امير دوست محمد خان کي ڇڏائڻ لاءِ پنھنجي ھڙان ڏھھ ھزار رپيا روڪ بندي خاني جي محافظن کي ڏنا ھئا. امير دوست محمد خان قيد مان نڪرڻ وقت پنھنجي پٽ سردار اڪبر خان کي پڻ زور ڀريو تھ تون بھ انھيءَ طريقي سان نڪري ھل، پر ھن عار سمجھي ائين نھ ڪيو؛ بلڪ پنھنجي پيءُ امير دوست محمد خان کي چئي ڏنائين تھ فرار ٿيڻ کان چڱو آھي تھ مڙسان مڙسي منھن ڏئي مرجي! جنھن تي امير کيس وراڻيو تھ بھادرن کي جيئرو رھڻ ٿو جڳائي. ھونءَ بھ ڏاھا چوندا آھن: ”جتي پڄڻ ناھي ڪم، اتان ڀڄڻ ڪم وريامن جو“. غرض تھ امير دوست محمد خان پنھنجي پٽ کي گھڻيون ئي پٽيون پڙھايون، پر ھن ڪوبھ ڌيان نھ ڌريو. آخر امير پنھنجي سر سوداگر جي مدد سان بخارا جي بنديخاني مان ڪري آيو ۽ پنڌ ھڻندو سبز جي شھر ۾ آيو، جيڪو سمرقند کان پنجابي ميل ڏکڻ تي آھي.

اتي تڏھن شھر جو حاڪم شاھھ مردان نالي ھو، جيڪو امير کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس سھڻي نموني مھماني ڪرڻ لڳو. انھيءَ حاڪم ۽ بخارا جي بادشاھھ جا پاڻ ۾ چڱا لاڳاپا ھئا، تڏھن بھ ان امير دوست محمد خان جي پاسخاطري ۾ ڪين گھٽايو ۽ ھن کي ٽي لک رپيا خدمت طور ڏيڻا ڪيائين ۽ وڌيڪ چيائينس تھ: اوھان پنھنجي اھل عيال کي اسان وٽ ھتي (سبز شھر ۾) ڇڏي، پاڻ مخالفن جي مقابلي لاءِ بندوبست ڪري جنگ جي سانباھيءَ ۾ لڳي وڃو! ان ۾ ڪابھ ڪوتاھي مناسب نھ ٿيندي.

امير دوست محمد خان پنھنجي دوست وٽان اھڙي دلداريءَ ۽ دلجاءِ جا ٻول ٻڌي بلخ ڏانھن وريو، جتي ٻارن ٻچن سان ملي ڏاڍو سرھو ٿيو. ھڪ مھيني کان پوءِ اتان جي والي کان اجازت وٺي ٻار ساڻ ڪري چار سو وفادار ۽ جان نثار ماڻھن سان روانو ٿيو. ھلندي سندس پيارو ڀاءُ عبدالجبار خان، جيڪو زماني جي گردش کان ڀٽڪندو ٿي رھيو، ھيڻي حال اچي ساڻس گڏيو؛ جنھن ڪري امير موصوف کي ويتر سرھائي ٿي. ڀاءُ جي خاطرداري ڪري کيس چيائين تھ تون منھنجا ٻار ٻچا وٺي سبز شھر ڏانھن ھليو وڃ، جنھن سندس رضا تي راضي ٿي ٻارن ٻچن سميت اوڏانھن رخ رکيو.

امير ھن کي سمورو راھھ خرچ ۽ ٻيو سامان ڏئي روانو ڪيو ۽ پاڻ بلخ ۾ رھي، انھن جي پھچ جو انتظار ڪرڻ لڳو، ليڪن سندس ڀاءُ کي اچي بي ايماني ورايو، سو دنيا جي لالچ ۽ غزني جي عنايت ٿيڻ جي آسري، سڌو وڃي شاھھ شجاع ۽ انگريزن سان ساز باز ڪري ڪابل ۾ ويھي رھيو. ساڻس جيڪي ننڍا وڏا ٻار ٻچا ۽ ٻيا ماڻھو گڏ ھئا، تن کي انھن وٽ قيد ڪرائي ڇڏيائين. جنھن تي انگريزن کيس خلعتون ڍڪائي، ساڻس وڏيون مھربانيون ڪيون، ائين ھن پنھنجو ڪارو منھن ڪري ڇڏيو.

پوءِ وري ڇا ٿيو جو انگريزن ھڪ ھزار سوار، توبون ۽ رسالي نمبر ٻي مان وڌيڪ ڏھھ توبون ھن کي ڏئي امير دوست محمد خان جي اھل عيال ۽ ٻين ماڻھن کي غزني جي قلعي ڏانھن قيدين جي صورت ۾ اماڻي ڇڏيو، اھڙيءَ ريت کيس غزني جي حاڪميت نصيب ٿيڻ بدران غزني جو قلعو قيد طور عطا ٿيو.

ھو جيئن قلعي ۾ قيدي ٿي ويو تھ انگريز ن پٺيان ھن کي ليکي ۾ ئي نھ آندو تھ ھيءُ پليت آھي بھ يا نھ؟ ائين ھو انگريزن توڙي شاھ شجاع جي نظرن ۾ مردود ٿي ويو. امير دوست محمد خان جا ٻار ٻچا انھيءَ دغاباز جي سازباز سان(1) غزني جي قلعي اندر قيد ٿي ويا تھ پاڻ اھا اندوھناڪ (دکدائڪ) خبر ٻڌندي ڏاڍي فڪر منديءَ ۾ پئجي ويو. دل ۾ چيائين: اھڙي حياتي کان تھ موت ھزارين درجا بھتر ھو.

انھيءَ گھڙيءَ فاتحھ پڙھي اٿيو ۽ بلخ جي شھر مان نڪري پنھنجا ماڻھو ساڻ ڪري باميان ۾ آيو، جتي انگريزن جي فوج قلعي ۾ رھيل ھئي، ھن پريندي ئي اتان جي انگريز عھديدار بارٽن لارڊ(2) (لارڊ برٽن) سان مھاڏو اٽڪايو.

جنگ ھلندي ڪابل مان لارڊ برٽن جي مدد لاءِ پلٽڻيون ۽ شاھي توبون پھچي ويون، تيستائين امير دوست محمد خان انگريزن کان ھڪ جنگ کٽي چڪو ھو. ھڪ وڏي توب ۽ ٻيو سامان ھن جي ھٿ آيو. ٻنھي پاسن کان ھڪ ھزار ماڻھو قتل ٿي ويا.

چوٿين ڏينھن امير دوست محمد خان پنج سو بھادر سوارن سان وري جنگ ۾ ڪاھي پيو ۽ انگريزي فوج سان اھڙي زوردار چڪري ڏنائين، جو اھا سورھن ڪوھھ پوئتي ھٽي ويئي. وري ڪنھن ۾ وڙھڻ جو حوصلو ڪونھ رھيو.

ھن ڀيري انگريزن جو ڏاڍو مال متاع امير دوست محمد خان کي ھٿ لڳو. پرنو لک رپيا روڪ، جيڪي ان وقت ڪمپني جي خزاني ۾ رکيل ھئا، اھي انگريزن اھو سمجھي درياھھ داخل ڪري ڇڏيا تھ جنگ ۾ ڪو چاڙھو نھ رھيو آھي، سڀاڻي جيڪڏھن ڳالھھ وڌي وئي تھ اھو خزانو دشمن جي ور چڙھي ويندو، تنھن کان بھتر آھي تھ ان کي پنھنجي ھٿن سان ضايع ڪيو وڃي.

ھن واقعي کان پوءِ انگريزي فوج جا وڻ وڄي ويا ۽ اھڙي ڏھڪاءُ ۾ اچي ويئي، جو جيڪڏھن سو (١٠٠) ڪوھن تان ڪابل ۾ امير موصوف جي خبر ٿي پھتي تھ سڄي فوج کي ڏڪڻي وٺيو ٿي ويئي. خاص ڪري شاھھ شجاع جي تھ ننڊ ئي حرام ٿي ويئي. رات جو آرام واري جاءِ (محل) ڇڏي ٻي پاسي ھليو ٿي ويو تھ متان ڪٿي امير جي آمد سان ننڊ ۾ ننڊ نھ اچي وڃي. انھيءَ خوف ۾ پنھنجي تخت ھيٺان لڪل سرنگھھ کوٽائي ڇڏي ھئائين تھ جيئن حملي ٿيڻ تي ڪنھن پاسي ڀڄي جان بچائي سگھجي.

ڪنھن ڏينھن اتفاق سان ھڪ عجيب واقعو ٿيو، جو ھيءُ ھو تھ: انھيءَ سرنگھھ جي ٻاھران پاسي کان ڪنھن سوار جي گھوڙي جي سنب جو نشان ڏٺو ويو. اھو نظارو جڏھن خود لارڊ صاحب ڪيو تھ ڏاڍي حيرت ۾ پئجي ويو، اصل راز پروڙي ورتائين تھ شاھھ شجاع بذات خود انھيءَ سرنگھھ مان ڀڄڻ جي تياري ۾ آھي.

اھو حال ڏسي ھن کي کل بھ ٿي آئي تھ حيران بھ پئي ٿيو. آخر ڪرنل ڊيني(1) سان گڏجي پلٽڻيون ساڻ ڪري انھيءَ سرنگھھ مان گھڙي پار ويو ۽ پنھنجي اکين سان ڏٺائين تھ برابر شاھھ شجاع سنجھيل گھوڙي جي رڪيب ۾ پير وجھي مٿس سوار ٿي ڀڄڻ جي پيو ڪري!

ھنن اڳتي وڌي شاھھ شجاع کي سمجھايو ۽ دلداريون ڏئي کيس پنھنجي تخت تي آڻي ويھاريائون. انھيءَ صورتحال جي آڏو ايندي شاھھ شجاع ۽ صاحب بھادر جي وچ ۾ محبت ۽ ميارن جي ڏاڍي مزيدار ڏي وٺ ٿيندي رھي. پڇاڙيءَ ۾ ٻھ پلٽڻيون ۽ ھزار جانباز سوار ڏئي ڪابل جي بالاحصار واري قلعي ۾ چوڪيون قائم ڪري شاھھ شجاع کي ٿانيڪو ڪيو ويو.

اھو ڪم لاھي دلجاءِ ڪري ھڪ لال ڪرتي واري پلٽڻ ۽ ٻھ دستا ترڪ سوارن جا ساڻ ڪري امير دوست محمد خان جي اڳ جھلڻ جا سانباھا ڪيا ويا. (جيڪو ڪابل کان ٽيھارو ڪوھن جي وٿيءَ تي ھندوڪش جبل جي پاسي ڏسائي رھيو ھو).  رواني ٿيل ترڪ سوارن جي پٺيان جنرل سيل(1) ڪمانڊر ٽي ڏينھن رکي چاريڪار واري وسنديءَ ۾ وارد ٿيو.

اھا وسندي نھرن جي گھڻائي، وڻڪار ۽ قسمين قسمين ميون ۽ گلن ڦلن جي ڪري ڏاڍي فرحت بخش ۽ طلسماتي نموني جي ھئي. انھيءَ جابلو ايراضيءَ کي حضرت سليمان جو زندان ڪوٺيو وڃي ٿو، ساڳيو ھنڌ امام مھديءَ جي نوبت خاني سان پڻ مشھور آھي.

ھن ھنڌ خاص ڳالھھ اھا آھي تھ ھتي جيڪڏھن نغارو وڄائجي يا بندوق جو ٺڪاءُ ڪجي تھ ھڪدم ھزارين مڻن جون برفاني ڇپون جبل تان ھيٺ اچي ڦھڪو ڪنديون؛ اھا قادر جي عجب قدرت ليکجي، جاچ لاءِ لاٽ صاحب، رائٽ صاحب ۽ ڪرنل ڊيني فريزر صاحب(1) سان گڏ جبل تي چڙھي ويا تھ اتي زمين تريءَ وانگي صاف ۽ سنئين ڏٺائون، پر برف ڪرڻ جي کين ڪل ڪانھ پئي تھ ان ۾ ڪھڙي حڪمت ھئي.

انھيءَ ئي ھنڌ ويھارو ڏينھن تائين انگريزن ۽ امير دوست محمد خان درميان تيرھن جنگيون ھلنديون رھيون، ليڪن انگريزن کي سرسي نصيب ڪانھ ٿي، باقي سوين ماڻھو ميدان ۾ مارجي ويا.

امير دوست محمد خان انھن تيرھن ئي جنگين ۾ سوڀ ماڻيندو رھيو. انگريزن جي فوج حال کان بيحال اڌ مئي ٿي، خالي ھٿين جبل تان ھيٺ لھي چاريڪار ۾ آئي.

ھتي انگريزن جي ھڪ گورا پلٽڻ ۽ ھڪ سوار انڊرسن صاحب سان واپس آندائون، جنھن جي پويان امير دوست محمد خان بھ پيرو کڻندو آيو. ٽن ڪوھن جي پيڇي ڪرڻ کان پوءِ امير موصوف مير مسجد(2) ڏانھن لڙي ويو.

انگريزن جڏھن امير دوست محمد خان کي انھيءَ پاسي ڏٺو تھ، سڄي فوج سنبرائي، توبن ۽ بندوقن جي ڌم لائي ڏنائون. اتي بھ ٻھ ڏينھن لڙائي ھلندي رھي. امير دوست محمد خان جو ھڪ سپاھي قلعي جي ڪنڌيءَ تان بندوق اھڙيءَ سڌ ۾ ڇوڙيندو ٿي آيو جو ھڪ ڌڪ سان ھڪ ماڻھو ڪيرائي ٿي وڌائين. ائين انگريزن جا ھڪ سو ارڙھن ڄڻا ڊاھي وڌائين، تنھن کان پوءِ قلعي جي ڪنڌي ڇڏي ھيٺ لٿو ۽ ھڪ تعويذ مير مسجدي ۾ موجود ھڪ قبر تي ويڙھي انگريزن جي لشڪر ۾ اچي بندوق ڇوڙيائين تھ سندن سڀني توبن جا منھن بند ٿي ويا.

ڪپتان برنس ھڪ لوھي توب سان نشان ٻڌي انھيءَ سپاھي تي ڇوڙي تھ گولي لڳڻ سان مري ويو. ھن جي مائٽن ٻاھر اچي کيس کڻي دفن ڪري ڇڏيو.(3)

ٻئي ڏينھن سوير صبح جو امير دوست محمد خان اڀرندڙ سج وانگي ميدان ۾ آيو. وري جنگ ۾ ساڳيا بھادريءَ جا جوھر ڏيکاريندي ھڪ ھزار ماڻھو ڪيرائي وڌائين. وار ڪندو وري شام جو جبلن ۾ ھليو ٿي ويو. اھا ڪار اٺن ڏينھن تائين ھلندي رھي. انھن جھڙپن ۾ انگريزي فوج ساڻي ٿي ايتري حد تائين پھتي جو ننڊ ۾ بھ امير دوست محمد خان جو پڙلاءُ ٿي ٻڌائين تھ لرزي ٿي ويئي. ھن جي مقدر ۾ ئي نھ ھو تھ امير جي پويان پئجي سگھي.

ٻارھن ڏينھن گذرڻ کان پوءِ امير دوست محمد خان پنجاھي سوارن سان ھڪ جبل جي وچاڳ ۾ آيو. ساري رات اتي ھٿياربند ٿي بيٺو رھيو- باک ڦتي تھ نماز پڙھي فاتحھ ياد ڪري پنھنجي عملي سان ٻاھر نڪري آيو ۽ مياڻ مان ترار ڪڍي شينھن ھاٿي وانگي گڙندو گجندو انگريزن جي فوج تي وڃي ڪڙڪيو. سوين سپاھي مئا ۽ ڪيئي زخمي ٿي پيا، وري ساڳيءَ ريت، باز وانگي گورن جي پلٽڻ وچان اڏامي جبل تي وڃي ويٺو.

امير دوست محمد خان جي بھادري ۽ سورھيائي جي ڪھڙي ساراھھ ڪجي؛ جيڪڏھن پنج ڏھھ يا ويھارو سوار ساڻس گڏ ھوندا ھئا تھ بھ انگريزن جي ھزار ڄڻن جي فوج تي چڙھائي ڪندو ھو. ھن کي ان لاءِ ڪوبھ ڊپ ڊاءُ ڪونھ پئي ٿيو. انگريزن جي لشڪر تي تھ سندس اک ئي نٿي ٻڏي. ھن کي ھندستاني ڪانءُ سمجھي، چئن پنجن سوارن سان مٿس چڙھايون پئي ڪيائين ۽ چار پنج فوجي ماري نڪتو ھليو ٿي ويو.

زماني ۾ اھڙو دلاور ۽ بھادر شايد ئي ڪٿي ڏسڻ ۾ اچي. جيڏانھن ٿي ڪڙدي (حملو) ڪيائين، ڪيترن ئي کي ڪھندو ڪيرائيندو ٿي ويو، ائين چئني پاسي ڪاھيندو، مخالف لشڪرين جا لاھھ ڪڍندو رھيو. سندس ترار جي ڌار، جنھن جي ڪنڌ تي ٿي پئي، تنھن کي ڄڻ سنئين سڌي سير اچي ٿي ويئي! بيشڪ سندس بھادريءَ وارن ڪارنامن جي جيڪا بھ ڳالھھ ڪجي سا بلڪل ٺھي ٿي.

ھن بھادر جي ترار جتي بھ ڪم آئي،

ھڪ کي ٻھ، تھ ٻن کي چار ڪري وڃي پار پئي.

*


 

(٦٦)

امير دوست محمد خان جو عبدالسبحان خان جي قلعي ۾ اچڻ ۽ ھن جو کيس لڪائي ويھارڻ، تنھن کان پوءِ دغا سان پنھنجي ڀاءُ کي انگريزن ڏانھن موڪلي، کين امير جي اچڻ کان آگاھھ ڪرڻ، انگريزن جي فوج جو اوچتو انھيءَ قلعي مٿان حملو ڪري ڏيڻ، امير دوست محمد خان جو قلعي مان نڪرڻ، عبدالسبحان کي قتل ڪرڻ ۽ انگريز فوج سان جنگ جوٽڻ:

امير دوست محمد خان ٻارھن ڏينھن کان پوءِ مٿي ذڪر ڪيل جبل تان لھي، سورھن سوارن سان اچي عبدالسبحان جي قلعي تائين پھتو، جنھن وٽ پنھنجو لشڪر ڏھھ ھزار سوار پيادا ۽ اٺ قلعا قبضي ۾ ھئا.

عبدالسبحان خان ھن جي ڏاڍي عزت ۽ تعظيم ڪئي ۽ پنھنجي قلعي ۾ کيس جاءِ ڏنائين. ظاھر ۾ تھ ھيءَ سندس ڏاڍي چيٺ چاڪري ڪندو رھيو، پر اندر ۾ جوفي جي جوڙجڪ ڪندو آيو تھ انگريزن وٽان امير دوست محمد خان جي گرفتاريءَ مان ڇا حاصلات ٿيندي، اھڙو اعلان انگريزن وٽان پڻ ٿي چڪو ھو، سو لالچ ۾ ڏند تيز ڪندي، پنھنجي ڀاءُ محمد سعيد خان کي ڳجھي نموني جنرل سيل ۽ لاٽ صاحب ڏانھن ھيءَ نياپو ڏئي اماڻيائين: ”اسان امير دوست محمد خان جي گرفتاري لاءِ اوھان سان ٻڌل آھيون، ھيءُ پاڻ پنھنجن پٽن سميت اسان جي قلعي ۾ ھٿيڪو ويٺو آھي، پنھنجي پڌرائي موجب ٻھ لک رپيا انعام اسان کي ڏياري پنھنجو بازو وٺي ويندا.“

انگريزن اھو دلاسي ڀريو پيغام ٻڌي، محمد سعيد خان کي انعام جي پڪ ڏئي، سندس منھن تي دانگي گھمائي ۽ ستت ئي پنھنجي پلٽڻ ساڻ ڪري ھن جي رھبريءَ ۾ عبدالسبحان خان جي قلعي ڏانھن ڪاھيندي، ان کي چئني پاسن کان گھيري ۾ آندائون. امير دوست محمد خان عين انھيءَ وقت ماني کائڻ ۾ مشغول ھو، اڃا ھڪ ٻھ گرھھ مس وڌائين تھ سندس ساٿين مان ڪنھن اچي کيس ڪن ڀڻڪ ڏني تھ: انگريزن جي فوج چئني طرفن کان قلعي کي گھيري ۾ آڻي چڪي آھي ۽ توھان ماني کائي رھيا آھيو! امير جھٽ کڻي مانيءَ مان ھٿ ڪڍيا. اٿي ڏٺائين تھ واقعي انگريزن جي فوج قلعي جي چوڌاري چوڪس ٿي بيٺي آھي، پوءِ عبدالسبحان ڏانھن منھن ڪري کيس چيائين، مردود، ڪافر! ھيءَ ڪھڙي ڪڌائي (بي ايماني) آھي؟ جو انگريزن جي فوج مون تي چڙھائي آندي اٿئي! ائين چئي امالڪ ترار جي ھڪ ئي وار سان کيس ٻھ اڌ ڪري ڇڏيائين. اتان ٿي عبدالسبحان خان جي حويلي ۾ ويو، سندس گھر جي ڀاتين مان پنج ڄڻا عورتن سميت قتل ڪري آيو. عبدالسبحان جو ڀاءُ انھيءَ ھڻ مار ۾ بچي ويو، جو انگريزن جي فوج وٽ ھو.

انھيءَ واردات کان پوءِ امير دوست محمد خان پنھنجي ماڻھن سميت سوار ٿي فاتحھ پڙھي، قلعي جي دروازي کان ٻاھر آيو، انگريزن جون فوجون ھوش حواس وڃائي پٿرائين اکين سان کيس ڏسڻ لڳيون. اھڙي چپ، جو منجھن چر پر ئي ڪانھ ھئي. امير پنھنجي لاغرضائي سان فوج جي وچان نڪري صحيح سلامت اڳتي وڌيو. فوج مان جيڪو ٿي اڳيان آيس، تنھن کي ترار سان اڌواڌ ڪندو وڃي جبل جي چوٽيءَ تي چڙھيو.

ٻئي ڏينھن تي ھڪ ھزار جرار ۽ ميدان جا مرد سوار مير مسجدي وٽان ساڻ ڪري انگريزن تي راتاھي ڏيڻ لاءِ نڪتو. سڄي فوج کي ٽڙپکڙ ڪري وري مير مسجدي ڏانھن موٽيو. انگريزن بھ لاھي پاھي سندرو ٻڌو ۽ سڌو مير مسجدي ڏانھن کڻي رخ رکيائون. ايتري ۾ خبر پئي تھ امير دوست محمد خان ٽي ھزار ۽ پنج سو بندوقچي وٺي جبل تي مقابلي لاءِ تيار بيٺو آھي.

انگريزن بھ لشڪر کي ساڳي نموني سنبرايو ۽ سندس مقابلي لاءِ جبل ڏانھن وڌندا ويا. جڏھن جبل جي ڀرسان ھڪ ڪوھھ جي وٿيءَ تي آيا تھ ويڪري ميدان ۾ صفون ٻڌي، ھڪ پھر تائين فوج کي اتي بيھاريو ويو. امير جي طرفان ڪابھ پيش قدمي ڪانھ ٿي. اھو ڏسي ڪپتان فريزر ترڪ ڪماني کي چيو تھ: اوھان پنھنجي سوارن کي وٺي اڳڀرا ٿيو تھ جيئن امير اوھان کي ڏسي وٺي، ائين ھو جبل تان ھيٺ لھي ايندو؛ پر ڪماني قبول نھ ڪيو.

پوءِ جنرل سيل، ڪرنل سالتر کي حڪم ڏنو، جنھن پنھنجي پلٽڻ کي آرڊر ڪيو ۽ ڪپتان فريزر چار توبون ساڻ ڪري ميدان ڏانھن روانو ٿيو. جڏھن اڌ ڪوھھ تائين ويا تھ ھڪڙي سپاھي چيو: ھاڻ مقابلي جي مھل ويجھي آئي آھي، جيڪڏھن حڪم ٿئي تھ بارود ڀڙڪايو وڃي؟ وڏي صاحب سپاھي ڏانھن منھن ڪري جواب ڏنو: خاموش رھھ! ائين سرڪاري گولا بارود ضايع نھ ڪرڻا آھن. ارادو اٿئون تھ امير دوست محمد خان کي بنا ڪنھن زخم رسائڻ جي زندھھ گرفتار ڪيو وڃي.

اھي سر ٻاٽ ھليا پئي تھ ويرم اندر امير دوست محمد خان ستر (٧٠) سوارن سان گڏ جبل تان ھيٺ لٿو. سندس ھٿ ۾ ڳاڙھي رنگ جو جھنڊو ھو. پاڻ سڌو اچي فريزر جي سامھون ٿيو. ھن پنھنجي فوجي دستور مطابق ھڪل ڪئي تھ تراريون مياڻ مان ڪڍي اڀيون ڪري جھنڊن وانگي مٿي ڪري ڏيکاريو.

امير دوست محمد خان فاتحھ پڙھي مقابلي لاءِ وڌيو تھ سندس گھوڙي جو دون وڃي صاحب بھادر جي ران سان لڳو. امير اسلامي روايت مطابق کيس السلام عليڪم چيو، پر ھن خوف کان ڪجھھ نھ ڪڇيو؛ ليڪن صلابت خان (انگريزي فوج جو حوالدار) و عليڪم السلام جي وراڻي ڏني:

صاحب کي ان تان خار لڳي. حوالدار ڏانھن منھن ڦيري کيس جھڻڪيائين: خاموش رھھ. آءٌ توکي ڏسي رھندس. تنھن تي امير پڇيو: اوھان ۾ وڏو سردار ڪھڙو آھي؟ ٻي حوالدار حميڊ بخش ورجايو: امير دوست محمد خان ٿو پڇي تھ اوھان جو وڏو سردار ڪھڙو آھي؟ صاحب ڪو جواب نھ ڏنو ۽ امير تي ترار جو ڀرپور وار ڪندي چيائين: آءٌ وڏو سردار آھيان!

امير ترار جي وار کان پاڻ بچائي پرتي ٿيو، کيس ڪوبھ زخم ڪونھ رسيو. وري ھن رعب ۽ ڏمر سان امير جي مٿان ترار جو ٻيو ڪار ڪيو، پر اھو بھ ڪارگر نھ ٿيو. نيٺ ٽيون ڀيرو ڀرپور وار ڪيائين، تھ بھ امير جو وارو وانگو نھ ٿيو. پڇاڙيءَ ۾ امير دوست محمد خان ھن تي ترار جو اھڙو زوردار وار ڪيو جو سندس ھٿ ڪپجي وڃي پري ڪريو.

صاحب بھادر ھٿ وڍرائي گھوڙي جي واڳ ڦيري ميدان مان پير ڪڍيا ۽ ڀاڄ ۾ منھن وڌائين. ويندي ويل امير ھڪل ڪندي چيس پاڻ کي ھيڏو سردار پئي چورايئھ وري جنگ جو ميدان ڇڏي ڀڄين پيو؟ بھادرن جو تھ اھو وڙ ناھي! ائين چئي پٺيان وار ڪيائينس تھ ويتر ڀاڄڙ ۾ پئجي، اھو ٿو وڃي.

ان کان پوءِ منيئي صاحب گھوڙي تي لانگ ورائي لغام لوڏي فريزر جي بدر ۾ ڀر ڪڍي ھليو. ٻنھي پاسي وري ساڳيءَ طرح ترار بازي شروع ٿي. چڪري ھلندي، محمد افضل خان، صاحب جي منھن تي، ترار وھائي ڪڍي تھ گھوڙي تان اچي ھيٺ ڪريو. کيس سپاھين ۽ حوالدارن پنھنجي گھوڙي تي کڻي ماڳ تائين رسايو.

امير دوست محمد خان جي پٽ شير علي وري ڪرستين صاحب تي ترار جو وار ڪري ڏنو تھ سندس سسي ڌڙ کان ڌار ٿي ڌوڙ ۾ وڃي پئي. ٻين انگريزن پوئتي ورڻ لاءِ کڙيءَ تي زور ڏنو. پڇاڙيءَ ۾ ميجر اپر، دل ٻڌي توپ ساڻ ڪري، امير دوست محمد خان جي پاسي لاڳيتا گولا ڇوڙيا؛ جنھن ۾ امير جي لشڪر مان ھڪڙي گھوڙي جو پير ضايع ٿيو. باقي وڃي خير ٿيا. انگريزن ھتي بھ ڪا سوڀ نھ ڪئي. امير دوست محمد خان پنھنجي سوڀ ۽ سورھيائي سان ساٿيارين سميت سرھو ٿي وري جبل ڏانھن وريو، ۽ فتح جا نغارا وڄرايائين. ٻئي پاسي انگريزن جي فوج منھن ڀيلو ڪري، صفون ٻڌي ميدان جو پاسو وٺي بيھي رھي. شام تائين جيئن جو تيئن اتي ھئي. کيس امير جو خوف اندرئي اندر کائي رھيو ھو، تنھنڪري ڪا پيش رفت نھ ڪيائين. رات جي ھڪ پھر گذرڻ کان پوءِ انگريزن جي اھا موت ماريل فوج ميدان ڇڏي پنھنجي جاءِ تي اچي آسيري پاسيري ٿي ڪرندي ويئي. امير ميدان خالي ٿيندو ڏسي، جبل تان ھيٺاھين ۾ آيو ۽ اتي آرام ڪري رات مان ڏينھن ڪيائين(1).

*


 

(٦٧)

امير دوست محمد خان جو پاڻ واڻي ڪابل مان اچي پيش پوڻ – انگريزن جو خوشيءَ ۾ نھ ماپڻ، ڪن ڏينھن کان پوءِ امير کي ھندستان ڏياري موڪلڻ:

امير دوست محمد خان پنھنجي اورچائي ۽ سورھيائي سان جنگ ۾ جٽاءُ تھ گھڻئي ڪيو، پر ڏينھون ڏينھن معاملي جي انگھڻ سبب ڪنھن نبيري نھ ٿيڻ ڪري ٻيو تھ سندس ٻار ٻچا، جيڪي انگريزن ۽ شاھھ شجاع وٽ باندي ٿيل ھئا، تن جي ڳڻتيءَ ۾، وڌيڪ وقت وڃائڻ مناسب نھ سمجھي، چڱو ائين ڄاتو تھ ٺاھ جي صورت اختيار ڪجي، سو پنھنجي سوڀ ۽ سورھيائي ھوندي بھ پرھھ ڦٽيءَ جو جبل جو پاسو ۽ پناھھ ڇڏي، ٻن ھزارن بھادر سوارن سان گڏ ڪابل ڏانھن نڪري شام ڌاري اتي پھچي ويو.

اتفاق سان ان سمي لارڊ ميڪناٽن پنھنجي سر ھوا خوري کان پوءِ واپس بنگلي ڏانھن ٿي ويو. امير جي دل اڇل ڏني ۽ ڪاغذ جو ٽڪرو لکي ڏانھنس وڌايائين، لارڊ صاحب، امير دوست محمد خان کي تھ ڪڏھن روبرو ڪونھ ڏٺو ھو. نھ وري کيس سڃاتائين، پر اندر ۾ وسي ويس تھ اھوئي چڱو مرد امير دوست محمد خان آھي. ويتر جو ڪاغذ تي نظر ڪيائين تھ پڪ ٿي ويس. ھڪدم گھوڙي تان لھي ھيٺ آيو ۽ ڏاڍي اڪير، اتساھھ مان اچي کيس ڀاڪر پاتائين ۽ ايڏو خوش ٿيو جو ڇا ڳالھھ ڪجي.

امير دوست محمد خان کي وڏي مان ۽ محبت سان(1) گڏ وٺي پاڻ واري بنگلي تي آندائين ۽ پنھنجي ھٿن سان ڪرسي سوري کيس ان تي ويھاري سندس اڳ پوءِ ۾ اھڙو لڳي ويو، جو ڄڻ چؤ تھ ست ولايتون ھٿ اچي ويون ھيس. ھمراھھ خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ ئي نٿي ماپيو.

امير دوست محمد خان جي پيش پوڻ جي ناممڪن خبر جڏھن امڪاني صورت ۾ ھنڌين ماڳين پکڙندي ويئي تھ واھھ واھھ ٿي ويئي ۽ شادمانا شروع ٿيا. جنھن کي بھ امير جي ڊپ ڊاءُ اڌ مئو ڪري ڇڏيو ھو، سو نئين سر ساھھ پٽي شڪرانا ڪرڻ لڳو.

صاحب بھادر پنھنجي بنگلي لڳ باغ ۾ آرام گاھھ تيار ڪرائي، امير کي اتي آڻي رھايو، جتي ھر شيءِ موجود ۽ مھيا ڪيل ھئي. فوجي عملي مان اڌ رات منجھھ ھڪ ھڪ اچي امير سان ملندو ۽ خوشيءَ مان کلندو ٽھڪ ڏيندو ٿي وريو. ھر ڪنھن نچندي تپندي ٽوپي ھوا ۾ ٿي اڇلائي ۽ لارڊ صاحب بھادر امير جي خدمت ۾ مصروف ھو.

امير آرام جي خيال سان جڏھن اٿي پنھنجي خيمي ڏانھن ٿي ويو تھ ان کان اڳ پنھنجي ترار چيلھھ مان ڇوڙي ٻنھي ھٿن ۾ ڪري ادب سان لارڊ صاحب جي حوالي ڪندي چوڻ لڳو: ”ھيستائين ھيءَ ترار ھمت ۽ مڙسيءَ سان پنھنجي چيلھھ سان ٻڌيو ٿي آيس، ھاڻ اھا اوھان جي حوالي ٿو ڪريان- اچي وٺو ۽ پنھنجي چيلھھ سان ٻڌو!!

لارڊ صاحب، ترار امير کان ورتي پر ورائي پنھنجن ھٿن سان سندس چيلھھ سان ٻڌي، جيئن اڳ ٻڌل ھيس، پوءِ چيائينس تھ: ھيلتائين اھا ترار اوھان جي خوشيءَ سان اوھان جي چيلھھ سان ٻڌل ھئي، ھاڻ ساڳي انگلنڊ جي راڻيءَ پاران اوھان کي چيلھھ سان ٻڌائجي ٿي. انھيءَ قربائتي ڪچھريءَ کان پوءِ امير پنھنجي خيمي اندر ويو ۽ پٺيانس پنج خونچا ست رڇين جا ۽ پنج خونچا (ڍاڪئان) ميون جا شاھھ شجاع جي طرفان سندس خدمت ۾ حاضر ڪيا ويا. ان تي لارڊ صاحب امير سان مخاطب ٿيو: پنج خونچا طعام جا ۽ پنج خونچا ميون جا اوھان لاءِ اولياءَ دولت (شاھھ شجاع) ڏياري موڪليا آھن، امير دوست محمد خان خار مان وراڻيو، تھ اھي نٿا کپن، واپس کڻي وڃو!

ھن گھڻيئي ھٿڙيون سٿڙيون ڏئي امير کي سرچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪونھ مڃيائين- ٿوري دير کان پوءِ جڏھن شيرين خان امير موصوف ڏانھن ٽي خونچا طعام جا ۽ ٻھ خونچا ميون جا موڪليا، تڏھن امير کائي پي خوش ٿيو. انھيءَ طعام ۽ ميون لاءِ خود امير دوست محمد خان خان چوائي موڪليو ھو، جنھن تي شيرين خان خوشيءَ سان اھا خدمت قبول ڪئي ھئي.

صبح ٿيڻ تي جنرل صاحب حڪم ڪيو تھ سيل صاحب کي حاضر ڪيو وڃي. حڪم ملڻ شرط ھو فوج سميت جبل مان نڪري ڪابل آيو. پوءِ ھڪ ھزار سوار غزني مان امير دوست محمد خان جي اھل عيال آڻڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا، انھيءَ تاڪيد سان تھ ھڪ مھيني تائين امير جي سڀني واسطيدارن کي غزني جي قلعي مان ڪابل آندو وڃي.

اھڙيءَ ريت امير دوست محمد خان جي ٻاويھن پٽن، تيرھن ڀائٽين، اڻٽيھھ ٻين قريبن، چار سو غلامن ۽ ٽي سو ڄڻن ٻين سھڻن، سيبتن، سج چنڊ جھڙن مھانڊن کي، جيڪي سڀ امير جا مٽ مائٽ ھئا، سڀني (ھڪ ھزار ھڪ سو پندرھن بازن) کي غزني جي قلعي مان ڪڍي امير دوست محمد خان جي حوالي ڪيو ويو. سڀ پاڻ ۾ ملي خوشيءَ ۾ چور ٿي ويا.

امير جي اھل عيال پھچڻ کان پوءِ مٿان حڪم آيو تھ کيس لڌياني روانو ڪيو وڃي. ان لاءِ ھڪ گورا پلٽڻ، ٻي پلٽڻ نمبر ٢٣- ترڪ سوارن جو رسالو ۽ ھڪ توبخانو امير موصوف جي نگھباني ۾ ڏنو ويو.

اسھڻ وقت لارنس صاحب، امير دوست محمد خان کي چيو: ھن گھڙيءَ اوھان جيڪڏھن شاھھ شجاع سان ملاقات ڪريو تھ ڏاڍو چڱو- امير اڌ ۾ ڳالھھ ڪٽيندي انڪار ڪيو ۽ چوڻ لڳو، ملاقات جيڪا اوھان صاحبن سان ٿي چڪي، اھائي کوڙ (ڪافي) آھي! ان جو اھو نتيجو نڪتو جو قيدي ٿيو پيا وڃون، انھيءَ حالت ۾ بادشاھھ (شاھھ شجاع) سان ملڻ ۾ ڪھڙو فائدو؟ ھيءُ سڄو طوفان (اوٿر) ان جو ئي تھ اٿاريل آھي نھ تھ اوھان انگريزن کي ڪھڙي طاقت ھئي جو ان جي ساٿ ۽ سھڪار بنا ھن اڻ ڏٺي ۽ اوپري ڏيھھ (خراسان) افغانستان ڏانھن اچڻ جي ڪريو ھا!!

انھيءَ بحث کان پوءِ امير موصوف ١٢- نومبر ١٨٤٠ع مطابق ١٢٥٦ھھ ڪابل کان جلال آباد ۽ جلال آباد مان خيبر لڪ ۾ آيو. انگريز پاران ھڪ رپيو في بازو خيبر وارن جي سردار طره باز خان کي محصول ۾ ڏئي، حفاظت سان خيبر لڪ ٽپي جمرود ۾ قافلو پھتو. اتان پشاور ڏانھن آيو؛ جتان جي سک حاڪم شير سنگھھ (جانشين راجا رنجيت سنگھھ) انگريزي فوجن جي اچ وڃ جي سلسلي ۾ ٻاويھھ لک رپيا ملڪ ڀيلڻ جي محصول ۾ وصول ڪيا، جيتوڻيڪ ھڪ ڪک جو بھ نقصان ڪونھ ٿيو ھو. سرڪار پاران ٿڏي تي محصول جي صورت ۾ اھو تاوڻ ڀري ڏنو ويو؛ تڏھن پشاور ۾ نتول صاحب، رنجيت سنگھھ پاران حاڪم مقرر ٿيل ھو، جنھن ڇھھ ڏينھن امير دوست محمد خان ۽ انگريزي فوج کي پاڻ وٽ رھائي، سندن مھمان نوازي ڪئي ۽ سڀني جي سٺي خدمت سرانجام ڏنائين.

ليڪن مھمانداري جي اھا خبر جڏھن شير سنگھھ کي پئي تھ ڏاڍو اچي ڏمريو. پشاور جي انگريز عملدار ڏي زوردار حڪم موڪليائين تھ تو ھڪ ڏينھن کان وڌيڪ انگريزن جي فوج پشاور ۾ رھائي، قاعدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي، تنھن ڪري انھن ڇھن ڏينھن جي عيوض ڇھھ لک رپيا ڀري ڏي. حڪم موجب ھن اھي ڏوڪڙ ڀري ڏنا. پوءِ يڪدم انگريزن جي فوج کي پشاور جي حد مان روانو ڪري ڇڏيائين، ان ۾ ڪابھ وٿي ڪانھ وڌي ويئي.

امير دوست محمد خان قافلي سان گڏ راولپنڊيءَ ۾ آيو تھ اتان جي ناظم محمد امين خان سندس آجيان ڪندي، کيس ھڪ ھزار رپيا روڪ، ٻھ ولايتي ڀلا گھوڙا، دعوت ۽ مھمانداري طور ڏنا. امير گھڻي ئي نھڪار ڪئي، پر ھن ميڙ منٿ ڪري اھي سوکڙيون ڏئي ڇڏيس. ٻئي ڏينھن اتان ڪوچ ڪري منزلون ھڻندا ٽئين ڏينھن رھتاس جي قلعي ۾ آيا. ھتي بھ مردان خان قلعي جي حاڪم ھن کي ٻھ ھزار روڪ، ٻھ گھوڙا، ۽ ٻھ اوني شالون نذراني ۾ ڏيندي، ڪيئي ڀليون دعوتون ڪيون. امير دوست محمد خان جيتوڻيڪ اھي شيون بھ وٺڻ لاءِ تيار نھ ھو، تھ بھ ھن زور مس ڪري کيس کڻايون. اتان کان پوءِ قافلو ڪاشور (قصور) ۾ آيو، جيڪو لاھور کان چوٽيھھ ميل ڏکڻ ۾ آھي. ھتي امير دوست محمد خان جو وڏو ڀاءُ سلطان محمد خان اچي ساڻس مليو. ھزارين رپيا روڪ، اوني شالون ۽ ڪيمخواب جا نفيس جوڙا، ھڪ ھاٿي، گوبر (گوءِ کٽندڙ) اٺ، گھوڙا نذر ڪيائين، ۽ پاڻ ۾ ڏاڍيون ڪچھريون ڪيائون. دعوتن ۾ طرحين طرحين طعام موجود  ٿي ڪيا ويا. مجلسون ڪندي، سلطان محمد خان، امير کي چيو تھ اوھان جو ٻارن ٻچن سان انگريزن ڏانھن وڃڻ نٿو ٺھي، ڇو تھ انگريزن جي رنگريزي آخر ڏاڍي اولي ٿي لڳندي آھي. ھيءُ پھرين درجي جا مڪار ۽ عيار آھن، ھنن تي ڪڏھن بھ اعتبار نھ ڪرڻ کپي. ھنن جو وعدو وفا ٿيڻ کان عاري آھي. جيڪو وٽن ڦاٿو، تنھن جو ڇٽڻ ڏکيو آھي. ھيءُ ڪنھن کي بند ۾ وجھي بي موت ٿا مارين تھ ڪنھن کي وري ولايت جي سير سواڌ جي آسري رڻ ۾ رلائي ٿا ڇڏين. ھن انھيءَ قسم جا ڪيترا واقعا امير کي ٻڌايا. پر ھيءُ مڃڻ لاءِ تيار نھ ٿيو، چئي: منھنجي قسمت ۾ ائين لکيل ھو. اوھان مھرباني ڪري ان باري ۾ مون کي ڪجھھ بھ نھ سمجھايو.

قضا ايندي آھي، تھ ڪابھ خبر نھ پوندي آھي،

قضا جا ڪم، قدرت ئي ڄاڻي ٿي:

ٻئي ڪنھن کي ڪل ناھي.

قضا ايندي، اکيون پورجيو وڃن،

عقل بھ دنگ رھجيو وڃي.

بھرحال آءٌ پنھنجي رضا خوشيءَ سان پيو وڃان، مون کي انگريزن ھونءَ بھ زوريءَ گرفتار ڪونھ ڪيو ھو: ڳوھھ کي کٽي کڻندي آھي تھ: پاڻ شڪارين جا گھر پڇندي آھي. آءٌ پاڻ ئي ڪوڙڪيءَ ۾ اچي پيس، دل نھ لاٿي اٿم، ڏسجي تھ ڇا ٿو ٿئي.

سلطان محمد خان جڏھن امير دوست محمد خان جي ڳالھين کان لاجواب ٿيو تھ پڇاڙيءَ ۾ چوڻ لڳس: چڱو، اوھين پاڻ ڀلي وڃو. پر ٻارن ٻچن کي اسان وٽ ڇڏي وڃو. انھن جي پرگھور اسان پاڻھين لھنداسين. امير اھا صلاح بھ ڪانھ مڃي.

اتان نڪري قافلو فيروزپور پھتو، جتان ڦري لڌياني ۾ آيو. انگريزن شاھھ شجاع جي حرم کي، جيڪو عاليشان بنگلن ۾ رھيل ھو، ٻاھر ڪڍي امير دوست محمد خان کي اتي رھايو.

ٿورن ڏينھن کان پوءِ، انگريزن شاھھ شجاع جي حرم کي زمان شاھھ(1) سان گڏ ٻھ پلٽڻيون ڏئي اليگزينڊر برنس جي نگھبانيءَ ۾ خراسان اماڻي ڇڏيو. پڇاڙيءَ ۾ شاھھ شجاع جي حوالي ڪيل محل ماڙيون امير جي حوالي ٿيون، جتي پاڻ سمورن مائٽن، مٽن ۽ واسطيدارن سميت آرام،آسائش ڪرڻ لڳو.

چوڻ ۾ اچي ٿو تھ ستر ھزار انگريزن جي فوج ٽيھھ ھزار بينگال مان، اھڙا ٽيھھ ھزار ٻيا فوجي بمبئي جا سرڪاري عملي سوڌا خراسان/افغانستان اماڻيل ھئا، جن مان صرف ست ھزار زنده، سي بھ ڦٽيل ۽ اپاھج حالت ۾ واپس آيا، باقي سڀ ان سرزمين ۾ بنا ڪفن دفن جي جھنگ جي جانورن وانگي رائين گائين (رائگان) ٿي ويا. انگريز جيئن تھ سون چاندي ھٿ ڪرڻ جي ھٻڇ ۾ ھوندا آھن، جتي بھ کين ڪا زرخيزي ڏسڻ ۾ ايندي آھي تھ ان لاءِ ھاڃا ھڻڻ لڳندا آھن، اھڙي نموني خراسان/افغانستان ۾ بھ اکيون وڌائون ۽ ھٿ ڳنڍيائون، پر ورين ڪي بھ ڪين ڪنھن چواڻي:

گڏھھ ويچاري پڇ جي آس ڪئي، پر ڪن بھ وڃائي ويٺو....

ھنن جيڪي خرچ خفا ڪري بي انت خزانھ برباد ڪيا، اھي ھڪ طرف تھ فوج جي بربادي، ٻئي طرف، آخرڪار گڏھھ وانگي ھينگندا خراسان افغانستان مان ھٿين خالي واپس ٿيا.

ھن پاسي وري سنڌ جي ميرن کي شاھھ عباس ۽ قلندري لڏي جو علمبردار سمجھي، اک ڇنڀ ۾ سنڌ جي ڪمزور فوج تي چڙھائي اچي ڪيائون، جنھن جو تفصيل پنھنجي موقعي تي بيان ڪرڻ ۾ ايندو!

بس جتي بھ ڏنڊي جو زور ھوندو آھي اتي ھر حساب ڪمزور ٿي پوندو آھي.(1) ھاڻ، دلاوري جي ميدان ۾ شھسوار ثابت ٿيندڙ سردار محمد اڪبر خان (امير دوست محمد خان جي شير پٽ) ۽ ٻين ميدان ماڻيندڙ اميرن: غازي عبدالله اچرڪزئي ۽ ڪابل جي ھاڪارن جو بيان ڪجي ٿو.

ھيءُ ھڪ عجيب داستان آھي، جنھن مان ڪجھھ حاصل ڪرڻ کپي، عقل کي پڻ ياد رکڻ گھرجي تھ: مرد اھو آھي جو واقعي جوانمرد ھجي(2).

*


 

 

(1) كضڥ: صسإڼڷ ضۆ ڤبۑڵۆ آێۑ، ضۑڥۆ ڶڎۑ بڵۆغڷ ضۑ جڶڷ ڵک ۽ بإڎۆڐیۑ، صڷۑ صسإڼڷ ضۑ ثڎ ۾ حڵ غۆجإڵۑ، ڥۆیۑخێ ضۑ إجڎ إۆڵێێ ۾ ڎێۑ حۆ. ښإڵ ١٩٠٠ڠ ۾ ێڷ ڤبۑڵۑ ضإ ښڎڈإڎ ڶجۆ كإڷ ۽ ۑڠڤۆب كإڷ ێیإ، ێۑ٪ حۆڎإیۑ ۾ ێۆڷڈۑ بێ بێإڈڎۑ ۾ ثڵۆڏ آێڷ. (جإڎۑك بڵۆغښجإڷ، ٧٣٩.)

(1) ښڎإض إڵجۆإڎۑك ضۑ بۑإڷ ڶۆضب إڜڵ کإڵێێ ێۑیڷ آێۑ جێ إڶۑڎ ڈۆښج ڶقڶڈ كإڷ صإڼ ێڎجۆ تإڎ تغإ ڥإبڵ ڊإڷێڷ ڊۑإڎۑ ڶۆڥڵۑإ ێیإ. ڦۑښ كبڎ ێیۑ جێ إڷڧڎۑڐ إڷ ڦإڷ إک ڡڵإڶ قۑڈڎ كإڷ ضۑ إێڵ ڠۑإڵ ښإڷ ښسۆ ۆڎجإ۝ ڥڎۑ غڥإ آێڷ. ضڊێڷ ښڷڈښ تإڎ تغإ بێ ڥإبڵ صێجإ جێ إڷڧڎۑڐڷ ښإکۑ٪ ڎۑج إڷێڷ ڦۑ ڠڐج إقجڎإڶ ښإڷ ڡڐڷۑ إڶإڼۑۆ، ضۑیڷ ڡڵإڶ قۑڈڎ ښإڷ ڧڊ ڎێڷ.

إێإیۑ کإڵێێ ڶقڶڈ قښۑڷ ێڎۆۑ ۆإڤڠإج ڛإێێ ڛضإڠ ۾ ڥیۑ آێۑ. ضۑڥۆ إڷ ضۆ ێڶڠڜڎ ێۆ. ێڷ ڠبڈإڵضبإڎ كإڷ ضۑ كۑإڷج ضۆ ڥۆ ڍڥڎ ڷێ ڥۑۆ آێۑ. ڜ ١٢٨.

إۑخڥڷښ إڢڡإڷښجإڷ ضۑ غڏێإیۑ (٣٣١) ۾ ڵڦۑ حۆ جێ جإڎۑك ١٥- ضۆڵإ٭ ١٨٤٠ڠ ۾ ڠبڈإڵضبإڎ كإڷ إڶۑڎ ڈۆښج ڶقڶڈ كإڷ ضۑ كإڷڈإڷ ڦۑ ۆسۑۆ حۑ ۆۑۆ جێ ڧښ جۑ ێڷڈۆڥڛ ضۑ إجڎ ۆإڎۑ ۆإڈۑ٪ ۾ صإڼ ڦۑ صۑڛ ڥڎڼ جۑ ڶضبۆڎ حۑ صۑۆ. قبۑبۑ.

(2) صڎښۑۆڵ ڵإڎڋ بڎخڷ، ضۑڥۆ جۆبڷ ښڶۑج ښۆإڎ ۽ صۑإڈڷ ښصإێۑڷ ښإڷ بإڶۑإڷ ۾ جڎښۑڵ ێۆ. (بإۑۆ ڧڎإڢۑ ێڷڈۑ، ٢٥٤).

(1) ڥڎڷڵ ڋۑڷۑ، ڥإبڵ ۾ ێڥ إڷڧڎۑڐ ڠڶڵڈإڎ ێۆ. (ڊښۆ جڠڵۑڤ ڷڶبڎ ٤٨).

(1) ضڷڎڵ ښۑڵ، غإڎۑڥإڎ ۾ إڷڧڎۑڐۑ ڵڛڥڎ ضۆ ڥڶإڷڋڎ ێۆ. (ڊښۆ جڠڵۑڤ ڷڶبڎ ٣٧).

(1) ڜقۑق ڢڎۑڐڎ، (إڢڡإڷښجإڷ ڈڎ ڤڎڷ ١٩، ڜ ٨٦)

(2) إێإ ڶښضڈ ڶۑڎ ڶښضڈۑ كإڷ ۆڵڈ كۆإضێ إښقإڤ إجڎ ڥإبڵ ضۑ ێڥ ڶضإێڈ سێڎإیۑ ێیۑ، ضۑڥۆ صڼ إڷڧڎۑڐڷ ښإڷ ڵڏۑۆ ۽ ڐكڶۑ حۑۆ. ٣- آڥخۆبڎ ١٨٤٠ڠ ښڎإض ١-١٥٨، إڢڡإڷښجإڷ ڜ ٨٥، ڶۑڎ ڶښضڈۑ كإڷ ضۆ ڤڵڠۆ غإڎۑڥإڎ ضۑ ڊإڦڼۑڷ صإښۑ كۆإضێ كڝڎۑ ۾ ێۆ. ۆإڤڠإج ڜ ١٢٧.

(3) إڷ ڦۑ غیبۆ آێۑ ڎص ضۑ ڶحإڷ ڎص. ڶجڎضڶ.

(1) ێۑ٪ ضڷڧ ڶۆێڷ ڵإڵ ضۑ بۑإڷ ڶۆضب (ضۑڥۆ صإڼ إجۑ قإڝڎ ێۆ) صڎۆإڷ ضۑ ۆإڈۑ٪ ۆإڎۑ ۆښڷڈۑ ججڶڈڎێێ ۆخ جإڎۑك ٢- ڷۆڶبڎ ١٨٤٠ڠ ۾ ڵکۑ ێیۑ. إڶۑڎ ڈۆښج ڶقڶڈ كإڷ إڷڧڎۑڐڷ ښإڷ ڈښج بڈښج (ێحیۆڷ ێح) ۆڏێۑۆ. ضڷێڷ ۾ ڶۑضڎ صإڷښڷ بۑ ۽ ڢڎۑڐڎ ښكج ڐكڶۑ حۑ صۑإ.

ڶښخڎ ڵإڎڋ صۆڵۑخۑڥڵ إۑضڷخ، ڵۑڢخۑڷڷخ بڎۑڋ (بڎۆڋ) ۽ إۑڋ ضۆإیڷخ ڥۆڎښجۑڷ ضۆ ڤجڵ حۑإ جێ إڷڧڎۑڐڷ ۽ ڛإێێ ڛضإڠ ضۑ ڢۆض ۾ ڊإڌۆ ێڎإښ صۑڈإ حۑ صۑۆ، صڎ تڷ ڊۑڷێڷ ڦإڷ صۆ٭ (٤- ڷۆڶبڎ جۑ) ڥإبڵ ڦإڷ كبڎ آیۑ جێ إڶۑڎ ڈۆښج ڶقڶڈ كإڷ ێحۑإڎ ڣخإ ڥڎۑ غڥۆ آێۑ- (قۑإج إڶۑڎ، ٢- ٣٥٤). جإڎۑك ڢڈإ قښۑڷ ڜڢقۑ ٧٨١ جۑ إڷڧڎۑڐۑ ڠڶڵڈإڎڷ ضإ ڷإڵإ ێڷ ڎۑج ڵڦۑإ ۆۑإ إێڷ: ڶڷۑیۑ، بڷخۑ، ڥڎښجۑڷ، ڥڎښخڷ، إصڎ، ڥصجإڷ إڷصڎ ڜإقب.

(1) ڶۆێڷ ڵإڵ ڵڦۑ حۆ: ٣- ڷۆڶبڎ ١٨٤٠ڠ ڛإڶ ضۆ ښڎ ۆڵۑڶ ڶۑڥڷإخڷ تڷ ڠڶڵڈإڎڷ ۽ تۑڷ ښۆإڎڷ ښإڷ ضڷڧ ضۑ إڵڶڷإڥ ڎصۆڎخڷ جۑ خۑڥإ خصڼۑ ڥڎۑ ڎێۑۆ ێۆ جێ ێڥ ښۆإڎ ۆخښ ڵڷڧێۑ آۑۆ ۽ صفۑإیۑڷ جێ ڵإڎڋ ڜإقب إۆێۑڷ آێۑۆ؟ ڶۑڥڷإخڷ ێإیۆڥڎ ڥیۑ جێ ښۆإڎ تډإۑښ: إڶۑڎ ڈۆښج ڶقڶڈ كإڷ قإڝڎ حۑڼ حۆ غإێۑ- ێۆ قۑڎإڷ حۑ ۆۑۆ ۽ غۑإیۑڷ جێ ڥحۑ آێۑ؟ ڵڛڥڎ ښإڼ إحښ ۑإ إڥۑڵۑ ښڎ آێۑ! إیۑڷ ڥڷڈۑ إڶۑڎ بێ إغۑ ۆۑۆ ۽ ڧێۆڏۑ جإڷ ڵێۑ صۑإڈۆ حۑ صڷإێێ ڧێڎۑإیۑڷ. ڶۑڥڷإخڷ ڦإڷیښ ێحۑإڎ ۆڎجإ ۽ ڦۑښ ڠڐج آبڎۆ ښإڷ صڷێڷضۑ ضإ٭ جۑ ۆسۑ آۑۆ. (قۑإج إڶۑڎ ڈۆښج ڶقڶڈ كإڷ ٢- ٣٥٩).

(1) ڐڶإڷ ڛإێێ ۆڵڈ جۑڶۆڎ ڛإێێ، ڛإێێ ڛضإڠ ضۆ ثإ۝، ضڷێڷ ڦۑ إڷډۆ ڥۑۆ ۆۑۆ ێۆ. (ڊښۆ جڠڵۑڤ ڷڶبڎ ٣).

(1) ێجۑ ڢقڛ ڵڢڟ ڵڦۑڵ ێۆ، ضۆ جڜقۑق ڥڷڈڏ قڍڢ ڥڎۑ فڊۑۆ.

(2) ڊښۆ جڠڵۑڤ ڷڶبڎ ٢١- ڠبڈإ^ كإڷ إغڥڐیۑ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org