سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:تازن معرڪن جي تاريخ

باب: 1

صفحو :1

 تازن معرڪن جي تاريخ

منشي عطا محمد شڪارپوري تصحيح، تحشيه ۽ تعليق: عبدالحي حبيبي افغاني، مترجم؛ حڪيم نياز ھمايوني

بسم الله الرحمٰن الرحيم

شروع ان رب جي نالي، جو رحمٰن ۽ رحيم آھي.

لکين ٿورا ان برڪت ڀريءَ ذات جا، جنھن جي ساراھھ جي پورائي لاءِ انسان جي عقل گمان جيڪي بھ جتن پئي ڪيا آھن، تن جو ھيلتائين ڪو ڇيھھ ٿي نھ سگھيو آھي. جيڪو بھ ان اٿاھھ پڙ ۾ پيرپائي ٿو، انت انھيءَ کي پوئتي موٽ کائڻي پوي ٿي. ٿورن لفظن ۾ ائين چوڻ ٺھي ٿو تھ ٻنھي جھانن جي باشاھي ۽ بي نيازي صرف ان واکاڻيل واحد جو شان ۽ مان آھي.

اھو اپائڻھار، جنھن پنھنجي حاڪميت سان خلق کي پيدا ڪري اڻ ھوند مان ھوند جي عالم ۾ آڻي، کيس اڻ کٽ گڻن سان نوازي، صورت ۽ سيرت جي ڪمال وسيلي اتاھون بڻائي، حيات ۽ ڪائنات جي اسرار کان آگاھي ڏني: اھوئي سگھارو ساراھھ جوڳو آھي. ان جي اڀل آسري بنان ڪوبھ اھنجائي، اوکائي ۾، ڪا سوڀ پائي يا ڪو اپاءُ ڪري نٿو سگھي.

انھيءَ ئي واھرو جي آڌر ۽ آھر سان دشمن دفع ٿين ٿا، اھوئي جنھن کي چاھي تنھن کي حڪومت ۽ حرمت عطا ڪري سگھي ٿو ۽ انھيءَ جي غيرت جڏھن جوش ۾ اچي ٿي تھ ارڏن اڙانگن جو ڍينگو ڍيري ٿيندي ڪا دير ئي نٿي لڳي. اھوئي بخشڻ ھار جڏھن ڏوھين جا ڏوھھ گناھھ معاف ڪرڻ تي اچي ٿو تھ سندس رحمتن جي بنان پڇي پالوٽ ٿيڻ لڳي ٿي:

جڏھن ان ڪريم جي ڪرم جو سج اڀرڻ لڳي ٿو،

تھ خطائون چمڙي (جانور) جئان الوپ ٿي وڃن ٿيون،

ھو نھايت مھربان ۽ معافي ڏيندڙ آھي،

پاڻ ھر ڪنھن جون ڪوتاھيون درگذر ڪري ڇڏي ٿو،

ھو ڏيھن جو ڏاتار ۽ نھايت ٻاجھھ ڀريو آھي،

ڪنھن کي بھ پنھنجي در تان خالي نٿو موٽائي!

ھو بلاشڪ سڀ ڪنھن جو ڀرجھلو ۽ ڀلارو آھي،

ان جي بزرگيءَ سان ڪنھن جي ڪا ڀيٽ ناھي.

رسول اڪرم ' جي شان ۾:

نبي سڳوري جي ھستي ايڏي تھ مبارڪ ۽ مٿاھين آھي جو ان جي اصلي واکاڻ تائين ڪنھن بھ قسم جي ڪلام جي ڪارسائي ٿي نٿي سگھي. حديث جي لکڻي مطابق: جيڪڏھن اي نبي! تون پيدا نھ ٿين ھا تھ قدرت طرفان ڪابھ تخليق عمل ۾ نھ اچي ھا:

تنھنجو وجود ڪنھن جو واسطو نھ بڻجي ھا،

تھ ابد تائين دنيا نڌڻڪي رھجي وڃي ھا.

اھوئي مانائتو، جنھن کي مھت ڏئي، ٻنھي جھانن لاءِ رحمت جو ڪارڻ ڪري موڪليو ويو(1). ان جي ئي شفاعت سان قيامت جي ڏينھن ڏوھين، ڏکين جو ٻيڙو ڪنڌيءَ ڀيڙو ٿيندو. انھيءَ جي اڳواڻي کان سواءِ ڪوبھ ڀليل ڀٽڪيل نيڪيءَ جي واٽ وٺي نٿو سگھي. انھيءَ جي ئي آھر پٽاندر سير تي آيل ٻيڙي سلامتي سان وڃي پار پوي ٿي:

جيڪڏھن ان جي زلف ۽ چھري جو چورنگ نھ ھجي ھا،

تھ جيڪر ڪوبھ رات يا ڏينھن جو سنھن نھ کڻي ھا،

اھوئي سڀني جو اجھو آڌر ۽ آسرو آھي،

سندس نگاھھ چڱي مٺي لاءِ آس اڀل ليکجي ٿي.

اصحاب ڪرام جي اوصاف بابت:

صحابن جي سڃاڻپ ۽ ساڃاھھ لاءِ جن عالمن توڙي عقلمندن ڪا واٽ ورتي تھ انھن کي توڙ تائين پھچڻ جو مھت ئي نھ مليو. اھي اصحاب امامت ۽ اڳواڻيءَ جا علمبردار، خلافت ۽ نبوت واري ڪوٽ جي ڪنڌي تھ الاھي عنايت جا اھڃاڻ ليکجن ٿا. قرآن ۾ ڄاڻايل آھي: محمد خدا جو رسول، ساڻس شامل سڀئي ساٿي ڪافرن لاءِ تمام ڏکيا پوندڙ (ڪات ڪھاڙا) تھ پاڻ ۾ کير کنڊ لڳا پيا آھن، سندن پيشانيون سجدن جي نشان سان سنواريل پيون سجھن(1) ۽ انھن لاءِ ئي چيل آھي: اھي پاڻ بھ چڱا تھ سندن ڪم بھ چڱا پيا ڏسجن. پاڻ سدائين سچ ۽ صبر تي ڀروسو رکن ٿا(2) اھي ئي ستارن جئان سوجھرو پکيڙيندڙ آھن. انھن جي ئي رھنمائي سان ھدايت جون باکون ڦٽن ٿيون(3) اصل ۾ اھي (اصحاب) ھڪ دل ۽ ھڪ بدن آھن، انھن کي ٽيڏي اک سان ٻٽو ڪري نھ ڏسجي.

امامن شھيدن جي باري ۾:

امامن شھيدن جي شان مان جي واکاڻ ۾ ڪا لکت اڻ پوري ليکي ويندي. ھيءُ دوستيءَ جو تاج تھ وفاداريءَ جو ڏاج آھي. سندن قرباني جو دنيا ۾ ڪو مثال ئي موجود نھ آھي.

ھي پيغمبريءَ جي باغ جا ٻوٽا:

تھ فاطمھ سڳوريءَ جا يگانا موتي آھن،

ھيءُ عرش اعظم جا رھواسي،

تھ سج کي نور سان نوازيندڙ آھن،

سندن آبرو سڄي ڪائنات ۾،

سڀني کان مٿاھين اتاھين رھي ٿي،

ھيءُ نبوت جي علمن جي خلعت سان،

سنواريل ۽ ولايت جا والي آھن،

ھيءُ رسول جي جگر جا ٽڪرا،

معصوم ۽ گناھن کان پاڪ صاف رھندڙ،

ھيءُ ”تنھجو ماس، منھنجو ماس“ تنھنجي رت، منھنجي رت،

جي پاڪيزي ۽ پياري قول سان مانائتا ٿيل آھن(1).

ڏات ڌڻين جي حضور ۾ عيب پوشي لاءِ عرض:

ھن جڳ جا اھي سڄاڻ ۽ ڏاھا، جيڪي پنھنجي ڏات جي مھابي ڏاھپ جا ڏيل ڏوريندي مٿاھين ماڳ جي مالڪي ماڻي رھيا آھن، تن کي ڀليءَ ڀت اھا ڄاڻ آھي تھ بڇڙائين کان پاسي رھڻ ڪري انسان جي دل عبادت ۽ خير وارن ڪمن ڏانھن وري ٿي ۽ ھيٺاھينءَ واري واٽ تي ھلڻ سان نبي ڪريم ' جن جي حڪم جي پوئواري لاءِ اندر ۾ اون جاڳي ٿي، انھي اڌار تي آدميت جو ننگ رکڻ ڪارڻ انھن مھانڊن جي آڏو جيڪي انسان ذات کي عزت مند بڻائڻ جي الاھي شرف سان شانائتا(1) رھن ٿا، ھيءُ عرض آھي تھ: پنھنجي حياتيءَ کي عامين وانگي گھٽين ۽ گس پنڌ جي رولاڪين ۾ نھ وائرن (برباد ڪن). اھا ڄمار ائين وڃائڻ بدران خداجي عبادت، رسول جي اطاعت ۽ نيڪيءَ سان سجائي ڪرڻ کپي. اھڙي موڙي جيڪا عاقبت جي ڇوٽڪاري جو ڪارڻ بڻجي سگھي ٿي، تنھن کي چڱن ڪمن سان حاصل ڪرڻ جو جھد ڪرڻ جڳائي. دنيا جيئن تھ پڇاڙيءَ جي پوک آھي(2) ان ڪري اھو وکر پوکڻ ۽ پٽڻ يا لڻڻ جو جتن چڱو ٿيندو، جيڪو قيامت جي ڏينھن ڪم اچڻ جھڙو ھجي: ٻي حالت ۾ اڳتي ھلي ڦڪائي سان گڏ گناھن جي جٺ (سزا) ڀوڳڻي پوندي:

بازار وڃي سکڻين ھٿين موٽي اچڻ وارا!

جي تو پاڻ ڪجھھ نھ ورتو تھ ٻيو ڪو توکي ڇا ڏيندو؟

عمر جا پنجاھھ سال گھري ننڊ ۾ گنوائي ويھي رھين،

ھاڻ باقي پويان پنج ڏينھن تھ اکيون کولي ڪجھھ ڪر!

ڏات ڌڻين ۽ ڏاھن اڳيان ادب سان پڌرو ٿو ڪجي تھ پاڻ جڏھن مون مسڪين جو ھيءُ پورھيو پسن، ڀلائي ڪري ڪنھن اوڻائي اگھاڙڻ جي نھ ڪن، ان ڳالھھ کي ڳڻ ۾ رکي تھ ھر ڪنھن جي سوچ سندس سگھھ جي آھر ئي ھوندي آھي:

ھر ڪنھن جو ويچار سندس ھمت مطابق ھوندو آھي،

کمري (ڪوزي) ۾ اھوئي ھوندو جو ان مان ٽمندي نظر ايندو.

ڳالھھ ھيئن آھي تھ مون جوانيءَ جي بھارن ڀيري شڪارپور شھر ۾ رھي، ھن ڪتاب جي سھيڙڻ جو سانباھو ڪيو ھو، جڏھن اتي نوڪريءَ سانگي پنھنجو گذر بسر پئي ڪيم، انھيءَ وچ ۾ ڪڏھن داڻي پاڻيءَ جي ڇڪ تي خراسان، ھرات، قنڌار ۽ ڪابل کان پشاور تائين بھ ھلندو ٿي رھيس، ۽ جاکوڙ ڪندي جتي بھ ڪو مواد ھٿ پئي لڳم، سو ھيڪاندو ڪندو پئي ويس. اتفاق سان خراسان جا ڪي سياسي حادثا ۽ شاھھ شجاع سان لاڳاپو رکندڙ ڪيترا اھم واقعا، جيڪي بادشاھھ گرديءَ جي ڪري ھيٺ مٿي ٿي چڪا ھئا، جن جي مون کي ڪنھن حد تائين ٿوري گھڻي يادگيريءَ بھ ھئي، ڇو تھ اھي مڙئي منھنجي اکين آڏو ٿي گذريا ھئا، ائين ئي رائين گائين (رائگان) رھجي ويا. ان جو ڪارڻ اھو ھو تھ آءُ روزگار جي مونجھارن ۾ وچڙيل ھيس، ان ڪري انھن کي سموھي نٿي سگھيس، سو اھو اھم ڪم اڌورو رھندو آيو.

لکندڙ جي لاءِ ٿوري گھڻي ڳڻتي بھ ڪنھن وڏي،

پريشانيءَ جو باعث بڻجي سگھي ٿي،

جيئن لکندي اچانڪ قلم جي چھنب ۾ ڪو وار،

ڦاسي ڏکيائي پيدا ڪندو آھي.

نيٺ شڪارپور جي ڪليڪٽر عاليجاھھ ايسٽوڪ صاحب بھادر جي رضا تي جيڪو پاڻ بھ ھن باري ۾ وڏو سڄاڻ ھو، مون ٻيھر ھن ڪم ۾ ھٿ وڌو ۽ سموريون گھٽ وڌايون جاچي سڄي پورت ڪري ڇڏيم. اھڙيءَ ريت آءٌ پنھنجي وس آھر جيڪو ڪسو پڪو پورھيو ڪري چڪو آھيان، تنھن ۾ ڪيئي گھٽ وڌايون ٿي سگھن ٿيون، جيتوڻيڪ ھر ھنڌ اھو خيال رکيو ويو آھي تھ ڪٿي بھ ڪنھن جي ڪا دل آزاري نھ ٿئي. تڏھن بھ جتي ڪا اھڙي ڏکي ڳالھھ ڪنھن صاحب کي نظر اچي تھ مون کي معاف ڪرڻ واري مھر سان نوازي، ٿورائتوبڻائي ھونءَ بھ ھن جھان ۾ سڀ درگذر ٿي وڃڻو آھي:

جيستائين ڪو نيست نھ ٿيندو،

تيستائين ھست نھ ٿي سگھندو،

شمع جئان پاڻ جلائڻ سان ئي،

سوجھرو نصيب ٿيندو آھي،

ھتي ھر گھڙي ھڪ پور جان آھي،

جيڪو پور پچائيندي، پورو ٿي ويندو.

 

*

 

 

نوٽ: ڪيئي آيتون ترجمو ڪندي محاورن جي صورت ۾ اچي ويون آھن، جن جي حاشيھ ۾ نشاندھي، ڏکي پئي لڳي ان ڪري انھن کي اتيئي ڇڏيو ويو آھي. - مترجم


 

تازن معرڪن جي تاريخ

(تاريخ تازه نواءِ معارڪ)

 


(١)

نادر شاھھ جي اقتدار کان وٺي تيمور شاھھ جي پٽ

محمود شاھھ جي زوال تائين:

نادر شاھھ بادشاھھ پنھنجي اقتدار جو عرصو پورو ڪري جڏھن سال ١١٦٠ھھ-١٧٤٧ع ڌاري فوت ٿيو تھ ھن جي درٻاري امير احمد شاھھ ابدالي اچي سندس گادي والاري، جيڪو ١١٨٤ھھ-١٧٧١ع تائين چوويھھ سال حڪومت ھلائي ھيءُ جھان ڇڏي ويو(1). ان جي مرڻ کان پوءِ خراسان افغانستان جي بادشاھيءَ جي واڳ سندس پوٽي تيمور شاھھ جي ھٿن ۾ آئي، جنھن ايڪويھھ ورھيھ حڪمراني ڪري ١٢٠٥ھھ – ١٧٩٠ع ۾ وڃي ھوءَ دنيا وسائي. اھڙيءَ ريت تيمور شاھھ ويو تھ ھن جي وڏي پٽ زمان شاھھ جو وارو آيو، جيڪو ١٢١٥ھھ- ١٨٠١ع تائين ڏھھ سال حڪمران رھيو. پر ھيءُ شاھي غرور جي ڪري پاڻ نھ سنڀالي سگھيو، ھروڀرو ضد تي چڙھي سردار پائنده خان سميت ڪيترن ئي درٻاري اميرن کي مارائي ڇڏيائين. اھا زيادتي ھن جي زوال جو ڪارڻ بڻجي پئي.

سردار پائنده خان جي قتل کان پوءِ سندس پٽ فتح خان وزير ڪروڌ ۾ اچي ايران ھليو ويو، جتان زمان شاھھ جي ننڍي ڀاءُ محمود شاھھ کي ڪوٺي آيو ۽ سڀني جي صلاح سان ان کي تخت تي ويھاريائين. ھوڏانھن زمان شاھھ انڌ جي گھوڙي تي سوار ٿي، جيڪا ارڏائي ڪئي، تنھن جي نتيجي ۾ ٿڏي تي ئي قيد ۾ وڃي پيو، جتي کيس اکين کان انڌو ڪيو ويو. ٻئي پاسي محمود شاھھ پھريون ڀيرو تخت جو وارث تھ ٿيو، پر ڀاڳ نھ ڀڙايس ۽ پورا ٽي سال مس جٽاءَ ڪيائين. آخرڪار ١٢١٨ھھ- ١٨٠٤ع ۾ ھيءُ بھ روانو ٿي ويو.

پڇاڙيءَ ۾ ھن جي ننڍي ڀاءُ شاھھ شجاع جي خدا ٻڌي، جنھن اچي پنھنجي ڌاڪ ڄمائي ۽ ستن ورھين ١٢٢٥ھھ – ١٨١٠ع تائين پنھنجو وارو وڄائيندو رھيو.

شاھھ شجاع پنھنجا پير پختا ڪري پھريون ڀيرو ١٢٢١ھھ – ١٨٠٦ع ڌاري پنھنجي وزير شير محمد سان گڏجي سنڌ جي حڪمرانن کان ڍل اڳاڙڻ جي ارادي ۽ شاھي ٺٺ ٺانگر سان سنڌ ڏانھن اسھيو ۽ منزلون ھڻندو، شڪارپور جي شاھي باغ ۾ اچي ديرو دمائي ويھي رھيو، جتي انھيءَ وچ ۾، شھزادو تيمور شاھھ پيد اٿيو. ھن جي ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ سڄي شھر کي خوب سينگاريو سنواريو ويو. اھو جشن پورا ٽي ڏينھن ھلندو رھيو(1). سنڌ جي حڪمرانن ٽن مھينن تائين ڍل جي پورائي سان گڏ سوکڙيون پاکڙيون ڏئي، جند ڇڏائڻ جي ڪئي. شاھھ شجاع سندن فرمانبرداري ۽ چيٺ چاڪريءَ مان ڏاڍو خوش ٿيو. ان کان پوءِ پاڻ ديرن(2)۽ دور بنون رستي ڪابل روانو ٿيو، جتي ڀريا چار سال عيش آرام سانگي ترسي پيو(3).

سنڌ جي حڪمرانن مدي پوري ٿيڻ کان پوءِ جڏھن مقرر ڪيل ڍل جي ادائگي ۾ ڍر ڪئي تھ شاھھ شجاع ڏمرجي اٿيو ۽ ٻيو ڀيرو ١٢٢٥ھھ-١٨١٠ع ۾ ھن پاسي پر ساھيائين. ھو ڪابل مان نڪري پشاور ڏانھن وڌيو اتي پھچي پنھنجي وزير شير محمد کي وڏي ڪٽڪ سان ڪشمير فتح ڪرڻ لاءِ اماڻيائين. اھا اوکا پوکا لاھي، سياري جي مند پشاور ۾ ملھائي وري بھار جي موسم ۾ ڪابل ڏانھن وريو، جتي مشھور بزرگ مير واعظ، جيڪو ھن جي وزير شير محمد سان گڏ  ڪابل جي نوابيءَ تي مامور ھو، شير محمد جي ڪشمير وڃڻ ۽ شاھھ شجاع جي غير موجودگيءَ جو فائدو وٺي وڏي پيماني تي شيعن، سنين وچ ۾ فساد کڙو ڪري چڪو ھو؛ جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جا ڪيئي ماڻھو مارجي چڪا ھئا. شاھھ شجاع اڳيئي ھن کان ھيسيل ھو، ڇاڪاڻ تھ ھن جا ننڍا وڏا لکين مريد ھئا، جيڪي ھر وقت سندس اشاري جي انتظار ۾ رھندا ٿي آيا.

شاھھ شجاع پھرين سٽ ۾ ڪابل رسيو. اتان تتيءَ تاءِ احمد شاھي شھر(1) ڏانھن چڙھائي ڪيائين تھ جيئن مير واعظ کي ساھي پٽڻ کان اڳ پورو ڪري ڇڏي. ان لاءِ اڳواٽ شيعن کي پاڻ ڏانھن ڇڪي تيار ڪري ڇڏيو ھئائين. ھن جڏھن احمد شاھي شھر ۾ پير پاتو تھ اتي نئين سر شيعا – سني فساد شروع ٿي ويو. انھيءَ انڌ ڌنڌ ۾ مير واعظ پاڻ بچائي نھ سگھيو، کيس اڦٽ ماريو ويو.

شيعن سندس لاش جي منڍي لاھي نيزي تي چاڙھي شھر جي گھٽين مان گھمائي ڦيرائي شاھھ شجاع ڏانھن موڪلي. شاھھ شجاع اتان واندو ٿي پنھنجن وزيرن اڪرم خان ۽ سردار فتح خان سان گڏجي ١٢٢٥ھھ/ ١٨١٠ع ۾ وري شڪارپور ۾ وارد ٿيو. ھن ڀيري بدل خان جي باغ ۾ اچي خيما کوڙيائين.

سنڌ جي حڪمرانن ٻيو چارو نھ ڏسي خوشامد برآمد تي سندرو ٻڌو. شاھھ شجاع سان گڏ سندس اميرن وزيرن کي بھ سرچائڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ڇڏيائون، تنھن ھوندي بھ ھن (شاھھ شجاع) ھنن سان ڪا رعايت نھ ڪئي، نيٺ ھو نواب ولي محمد خان لغاري کي، جيڪو حيدرآبادي ميرن جو مشير ھو، يرغمال طور پاڻ سان وٺي ويو، نواب ولي محمد ديري غازي خان جي سفر تائين شاھھ شجاع وٽ رھيو، انھيءَ وچ ۾ پوين ميڙا چونڊي ڪري پوري ڍل پياري، ھن ويچاري جي جند ڇڏائي، جنھن اچي سنڌ جا وڻ ڀيٽيا(1). سردار فتح خان ديري غازي خان ڏانھن ويندي ڪنھن ڳالھھ تان شاھھ شجاع سان ٽڪر جي پيو، اتان ئي پنھنجا ماڻھو پاسيرا ڪري بوري(2) کان ٿيندو قنڌار ڏانھن وڌيو، شاھھ شجاع بھ خار مان واٽ تي ترسڻ کان سواءِ ھڪيو تڪيو پشاور ھليو آيو، جتان کيس ترت ئي ڪابل وڃڻو ھو.

ھن جو وزير شير محمد، جيڪو ڪشمير فتح ڪرڻ لاءِ ويل ھو، سو اتي پھچي سردار عبدالله خان الڪوزئي(1) کان ڪشمير ھٿ ڪري سردار عطا محمد خان باميزئي کي اتان جو حاڪم ٿاڦي تڪڙ مان واپس وريو ۽ شاھھ شجاع کان اڳ ئي پشاور پھچي ويو. ھن کي مير واعظ جي قتل ٿيڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو، جيڪو ڪابل ۾ سندس نائب رھي چڪو ھو. ھيءُ ان جي موت تي زارو زار رنو، انھيءَ واقعي مان کيس دل ۾ وسي ويو تھ ھن فساد ۾ ھڪ پاسي شيعن جو تھ ٻئي طرف سنئون سڌو شاھھ شجاع جو ھٿ ھو. اھو سوچي پنھنجو لشڪر گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين، ٿورن ئي ڏينھن ۾ تيار ٿي شاھھ شجاع سان چڪري کائڻ لاءِ ڪابل مان نڪري پشاور سينو ساھي ھليو. اتفاق سان شاھھ شجاع ھن کي رستي ۾ پشاور کان اورتي تھڪال(2) ۾ اچي منھان منھن ٿيو، پوءِ تھ ٻئي ڳنڍجي پيا. خدا جي قدرت اھڙي ٿي تھ شير محمد انھيءَ ويڙھھ ۾ پنھنجي ڀاءُ، خواجھ محمد خان، شاھنواز ۽ ٻين ساٿين سميت پورو ٿي ويو. شاھھ شجاع ھن جي مارجڻ تي سامت جو ساھھ کڻي، ڪي ڏينھن پشاور ۾ ٿڪ ڀڃڻ جي نيت سان رھي پيو.

پويان ھن جو ٻيو وزير فتح خان بھ اوچتو اچي اتامڙيو، سو محمود شاھھ کي ھٿ ڪري کيس ٻيھر تخت تي ويھاري، پوري بندوبست کان پوءِ قنڌار مان ٿيندو. ڪابل اورانگھي پشاور ڏانھن راھي ٿيو. جڏھن نملي(1) وٽ آيو تھ پريان شاھھ شجاع بھ نروار ٿيو، جو پنھنجي منھن پشاور مان نڪتو ھو. وزير فتح خان ھڪدم جنگ جوٽي ڏني، جنگ بھ اھڙي اچي لڳي جو اک ڇنڀ ۾ شاھھ شجاع جي لشڪر جون کنڌيون کڻي ڇڏيائين، شاھھ شجاع جو وزير اڪرم خان امير غفور خان فوفلزئي ۽ ٻيا(2) خاص ماڻھو ميدان ۾ ڳڀا، ڳترا ٿي ويا، وزير فتح خان جي اقبال جو علم سوڀ جي ھير سان ڦڙڪڻ لڳو، شاھھ شجاع ھڪدم پڙ مان نڪري، وٺي ڀڳو ۽ اھل عيال سوڌو اٽڪ وارو پتڻ(3) ٽپي (رستي ۾ بنان ڪنھن منزل ڪرڻ جي) سڌو لاھور ڏانھن لاڙو رکيائين، جتي خالصھ سنگھھ سک حڪمران راجا رنجيت سنگھھ وٽ پناھھ ورتائين، ڪي ڏينھن اتي گذاري ڪجھھ سرھو ٿيو. سک حڪمران ھن جي چڱيءَ طرح پذيرائي ڪئي.(4)

 

----


(٢)

عطا محمد خان بارڪزئي (يار محمد خان جي ڀاءُ) جو پشاور ۾ سردار سمندر خان باميزئي ھٿان قتل ٿي وڃڻ، ڪشمير جي ناظم سردار عطا محمد الڪوزئي سان صلاح مصلحت ڪرڻ لاءِ شاھھ شجاع جي لاھور مان پشاور روانگي، جتي پھچڻ شرط ساڳئي سردار عطا محمد خان جي چرچ تي سردار سمندر خان ۽ جھانداد خان باميزئيءَ ھٿان سندس گرفتار ٿيڻ ۽ ڪشمير جي قيد ۾ پوڻ(1). سال ١٢٥٦ھھ/ ١٨٤١ع(2).

پشاور پھريان وزير فتح خان جي ڀائرن- عطا محمد خان، يار محمد خان، سلطان محمد خان، سعيد محمد خان ۽ مير محمد خان جي، قبضي ۾ ھو.(3) ڪشمير جي ناظم سردار عطا محمد خان الڪوزئي پنھنجي حڪم تي سردار سمندر خان ۽ جھانداد خان باميزئي تي اھو ڪم رکيو تھ: ھو وڃي پشاور جو علائقو وزير فتح خان جي ڀائرن کان کسي، ان تي پاڻ قابض ٿين. حڪم موجب ھنن ٺھي سنبري وڃي پشاور تي ڪاھيو. انھيءَ ڪاھھ ۾ عطا محمد خان بارڪزئي مارجي ويو. سندس ڀائرن ڀڄڻ ۾ ڀلائي سمجھي پڙ پالھو ڪيو. ائين اک ڇنڀ ۾ سردار سمندر خان ۽ ڀاڻس جھانداد خان اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي ويا. انھي ڪارگذاريءَ کان پوءِ ڪشمير جي ناظم سردار عطا محمد خان الڪوزئي، اٽڪل ڪري شاھھ شجاع کي خط لکيو:

”اوھان جي بادشاھي جو جھنڊو خدائي سوڀ سان سدائين دشمنن مٿان ڦڙڪندو رھي!“

جڏھن کان مخالفن ھٿان سرڪار نامدار جي دربدرائيءَ ۽ لاھور روانگي وارو دکدائڪ واقعو رونما ٿيو آھي، تڏھن کان اسان پاران اوھان جي خير خواھن جي روح کي قرار ناھي. دل ٿي چوي جيڪر پنھنجي جان اوھان جي قدمن تان قربان ڪري، دشمنن کان پوريءَ طرح بدلو ورتو وڃي، جيئن شاھي ڇٽ، ابد تائين اوھان جي سرمبارڪ تي سونھندو رھي. ھاڻ ضروري ٿيندو تھ اوھان کي جلد لاھور کان پشاور پھچڻ جي ڪرڻ کپي جو پشاور ھن وقت اسان جي قبضي ۾ آھي. خدا گھريو تھ اڳتي ھلي ڪابل ۽ قنڌار بھ دشمنن ھٿان آزاد ڪرايو ويندو.“

شاھھ شجاع خط پڙھيو تھ خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نھ پيو ماپي! اوڏيءَ مھل لڏپلاڻ ۾ لڳو. پنڌ ھڻندي پھريان لاھور پوءِ پشاور پھچي دنگ ڪيائين، اتي ترسي ڪي ڏينھن پنھنجي بادشاھي جا خيالي پلاءَ پچائيندو رھيو. ھيڏانھن ڪشمير جي ناظم سردار عطا محمد خان اھو وجھھ وٺي ڳجھھ ڳوھھ ۾ سمندر خان ۽ جھانداد خان کي چوائي موڪليو تھ: شاھھ شجاع منھنجي پيءُ جو قاتل آھي، ان ڪري کيس ڪنھن بھ حيلي بھاني حراست ھيٺ آڻي، ڪشمير اماڻيو وڃي. شاھھ شجاع جيئن اتي رھيو پيو ھو تھ سردار سمندر خان ۽ ڀاڻس ٽل ڪري سندس مان ۾ ھڪ مجلس ڪوٺائي. ھيءُ وڃي ان ۾ شريڪ ٿيو. ٿوري دير کان پوءِ مجلس متي تھ شاھھ شجاع جي گدرن سان خاطر تواضع ٿيڻ لڳي. ھرڪو گدرا ڪپي ڳر پاڻ ڳڦي، کلون ھڪ ٻئي کي ھڻڻ لڳو ۽ ھي سڄو لقاءُ ڏسندو رھيو. ائين چرچن ھلندي اچانڪ شاھھ شجاع جي چيلھھ ۾ رسو پئجي ويو ۽ کيس ڪشمير جا وڻ ڏسڻا پيا. اتي پھتو تھ سردار عطا محمد خان ھن کي بالاحصار جي ڪوٽ ۾ قيد ڪري سک جو ساھھ کنيو.

وزير فتح خان پنھنجي ڀاءُ عطا محمد خان بارڪزئي جي قتل ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي اٽالي سميت ڪابل مان ھلي بنا ڪنھن منزل ڪرڻ جي پشاور اچي پھتو. سردار سمندر خان ۽ جھانداد خان جيڪي اڳ ئي پشاور ۾ موجود ھئا، تن ساڻس مھاڏو اٽڪايو، پر ھار کائي ڀڳا. وزير فتح خان فاتح ٿي پشاور جو والي بڻيو. ھتي ڪو وقت سپاھھ سرڙي جي ڳڻ ۾ رھي وري نئين سر گجرات(1) کان ڦرندو ڪشمير ڏانھن ھليو ويو، جتي ڪشمير جي ناظم عطا محمد خان الڪوزئي سان جنگ جوٽي ڪشمير ھٿ ڪيائين ۽ عطا محمد خان وڃي پنھنجو پاڻ بالاحصار ۾ قيد ٿيو.

ھاڻ ھڪ دلچسپ حقيقت پيش ڪجي ٿي: سردار عطا محمد خان جڏھن کان ڪشمير جو حاڪم ٿيو ھو، اتان جيڪا بھ موڙي ھٿ پئي آيس، سا ڏئي ھر قسم جا جواھر وٺندو، ھٿيڪا ڪندو ٿي ويو ۽ خريداري وقت سچن جواھرن جي تور ماپ ۽ رنگ جا ھڪ جھڙا ڪوڙا جواھر ڪاريگرن کان ٺھرائي، سھڻين صندوقن ۾ وجھي رکندو ٿي آيو. وزير فتح خان جنھن ڏينھن (شاھھ شجاع کي ڇڏائڻ لاءِ) بالاحصار تي وڃي چڙھائي ڪئي تھ سردار عطا محمد خان ڪوڙن جواھرن واري صندوق ڪڇ ۾ ڪري نڪري آيو ۽ وزير فتح خان جي پيش اچي پيو. وزير فتح خان اھو سوچي خوش ٿي عطا محمد خان جي آجيان ڪئي تھ ٺھيو وڌيڪ خفي ڪرڻ جي ضرورت ڪانھ رھي. ٿوري دير کان پوءِ ٻئي نويڪلا ٿي ڪچھري ڪرڻ لڳا. ڳالھيون ڪندي سردار عطا محمد، وزير فتح خان کي چيو تھ: ڪشمير توکي پرتو، باقي رھيو منھنجو سر، اھو بھ کپئي تھ حاضر آھي. پر جي ڪشمير جي اھا دولت، جيڪا مون پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ ڪمائي ڪٺي ڪئي ھئي، سا بھ توکي گھرجي تھ اجھا ھيءُ صندوق، جنھن ۾ جواھر ھيڪاندا ڪري رکيا اٿم، اھا بھ تنھنجي بلي آھي. آءٌ قسم ساک تي چوان ٿو تھ مون انھيءَ ئي ڪمائي مان ھيءُ مال ھٿ ڪيو ھو.

وزير فتح خان جڏھن اھا صندوق سردار عطا محمد خان کان وٺي کولي تھ قسمين قسمين قيمتي جواھرن کي ڏسي ٽنور وانگي ٽڙي پيو ۽ سردار عطا محمد خان کي اجازت ڏنائين تھ ھو ڀلي جيڏانھن وڻيس تيڏانھن ھليو وڃي، مٿس ڪابھ پابندي ڪانھي. ان کان پوءِ پنھنجي ڀاءُ سردار محمد عظيم خان کي ڪشمير جو ناظم ڪري رکيائين، جنھن تي ماڻھو ٽوڪ ۽ تنقيد ڪرڻ لڳا: عطا محمد کي تڙي عظيم کي آفت ڪري آندءِ!(1)

ٻئي ڏينھن وزير فتح خان، صرافن کي سڏائي جواھرن جي پرک ڪرائي تھ سڀ ڪوڙا نڪري پيا. کيس سردار عطا محمد خان جي ٺڳيءَ تي ڪاوڙ تھ گھڻيئي آئي، پر ھن کي ھٿ ڪرڻ ڪو سولو ڪم ڪونھ ھو، ھو اڏامڪ باز جيان ٻوليندو ويو تھ: جنھن جوءِ مان اڏامي ھلياسين، اڏامندائي وياسين. بالاحصار ۾ قيد ٿيل شاھھ شجاع کي وزير فتح خان آزاد ڪري ڇڏيو. جيڪو پنھنجي مرضيءَ موجب لاھور ھليو ويو.

پڇاڙيءَ ۾ پاڻ بھ (وزير فتح خان) ڪشمير مان ڪٽڪ ساڻ ڪري ڪابل روانو ٿيو، جتي وري محمود شاھھ کي خراسان (افغانستان) جي تخت تي ويھاريائين. جنھن ١٢٢٥ھھ/ ١٨١٠ع کان ١٢٣٦ھھ/ ١٨٢١ع تائين حڪومت ھلائي. وزير فتح خان اياز جيان پنھنجي محمود جي فرمان ھيٺ سرفراز ٿيندو رھيو.(2)

 


(٣)

شاھھ شجاع جو لاھور پھچڻ ۽ رنجيت سنگھھ وٽ قيد ٿيڻ ۽ مشھور ھيرو ”ڪوھھ نور“ رنجيت سنگھھ جي حوالي ڪرڻ، پڇاڙيءَ کاٽ ھڻي قيد خاني مان ڀڄڻ ۽ وڃي لڌياني پھچڻ:

شاھھ شجاع ڪشمير جي قيد مان ڇٽي اڳ وانگي لاھور کي جاءِ پناھھ سمجھي اتي اچي سھڙيو تھ راجا رنجيت سنگھھ ڪوھھ نور ھيري جي لالچ ۾ مروت ۽ مھمانداري کان اکيون ٻوٽي کيس ھڪدم قيد ڪيو. ھو ڪيترو وقت قيد خاني ۾ پيو رھيو، جتي ھن کي انيڪ عذاب ڏنا ويا. رنجيت سنگھھ جا ڪارندا کيس نٽھڻ اس ۾ بيھاري کانئس ڪوھھ نور بابت پڇا ڪندا رھيا، پر ھو ھر ڀيري نابري واريندو آيو. ھن دل ۾ رٿي ڇڏيو ھو تھ ڇا بھ ٿئي، ھيرو ھٿان ڪڍڻو ناھي.

نيٺ ھنن ڇا ڪيو جو شاھھ شجاع جي شھزادي محمد تيمور کي، جيڪو اڃا ٻال اوستا ۾ ھو، اگھاڙو ڪري ماڙيءَ جي ڊگھي ڏاڪڻ (چاڙھي) تان گھڙيءَ ھيٺ تھ گھڙيءَ مٿي لاھي چاڙھي نستو ڪرڻ لڳا، شھزادو نازڪ بدن ويچارو ڏينھن جي اتت کان سڙندي پچندي ريھاٽ ڪرڻ لڳو، سج جي بي رحم تپش سندس رنگ ئي بدلائي ڇڏيو.

شاھھ شجاع سڪيلڌي پٽ جي اھا جٺ ڀري حالت ڏسي جھري پيو، ڪوھھ نور، جيڪو سندس مال متاع کان مٿي ھو، ڪڍي کڻي ظالمن جي حوالي ڪيائين. تنھن ھوندي بھ قيد مان آزاد نھ ٿيو، انھن سورن ۾ رات ڏينھن ڌڻيءَ در آزيون، الاھون ڪندو رھيو. آخر جيئن چوندا آھن تھ ڌڻيءَ دران ڪوبھ سوالي خالي نٿو وڃي، شاھھ شجاع جي سندس عقل رھنمائي ڪئي. ھن اٽڪل ڪري اول پنھنجي ڪٽنب کي لاھور مان لڌياني روانو ڪرايو، اھڙيءَ طرح جو ڪنھن بني بشر کي ڪل ڪانھ پئي. ان کان پوءِ پنھنجي رھائي لاءِ پاڻ پتوڙڻ لڳو.

پاڻ جنھن جاءِ ۾ قيد ھو تنھن سان لاڳيتي جڳھھ واري پاڙيسريءَ کي لبي (لالچ ۾ آڻي) پاڻ سان ملائي، سندس پاسي واريءَ ڀت ۾ کاٽ ھڻائي تيار ٿي ويٺو. پوءِ موقعو ملندي پاڙيسريءَ کي ٻابور ڏنائين، جيڪو ڪنھن بھاني پنھنجا ٻار ٻچا وٺي گھر کي تالو ھڻي ٻاھر ھليو ويو. شاھھ شجاع اڳواٽ ئي پنھنجي خاص مقرب سيد ابوالحسن شاھھ کي لڌياني ڏاھھ ڏئي ڇڏي ھئي، جيڪو اتان ڀلا گھوڙا ڪاھي لاھور واري قلعي جي ٻاھران مينھن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ واري واھيءَ تي سندس اوسيئڙو ڪرڻ لڳو. جيئن رات جي اوندھھ وڌندي وئي ۽ بنديخاني جا چوڪيدار پويون ڀيرو شاھھ شجاع جي پاسي کان چڪر ھڻي، کيس کونگھرن ۾ ڏسي دلجاءِ ڪري وڃي ڪنڊ ۾ قراري ٿيا تھ شاھھ شجاع پنھنجي نوڪرن مان ھڪ کي پلنگ تي ليٽائي مٿان چادر وجھي ھدايت ڪري ڇڏي تھ صبح جو جيئن چوڪيدار اچي توکي اٿارڻ جي ڪن تھ تون پنھنجي ھنڌ تان تِر بھ نھ چرجانءِ. ان سان گڏ ٻين کي بھ سيکاري ڇڏيائين تھ اوھان چوڪيدارن جي اٿارڻ تي ھڪدم کين منع ڪجو تھ بادشادھھ سلامت (شاھھ شجاع) جي طبيعت ٺيڪ نھ ھئڻ ڪري ساري رات ڪونھ ستو ھو، ھاڻ مس مس سندس اک لڳي آھي، اوھان ڪنھن ٻي ساعت دستوري سلاميءَ لاءِ اچڻ جي تڪليف ڪجو!

ائين سمورو انتظام ڪري شاھھ شجاع پنھنجا ٻھ چار ماڻھو اتي رھائي اڌ رات اونداھي وڳڙي ۾ کاٽ واري ھنڌ مان ٻاھر نڪري، قلعي جي واھي ٽپي، سيد ابوالحسن ۽ ٻين ساٿيارين سان گھوڙن تي چڙھي، مينھن واءُ ھڪ ڪندو لڌياني اچي رسيو ۽ پويان جي ڊپ کان پاڻ کي صحيح سلامت سمجھي، خدا جا شڪرانا ڪيائين. پٺيان جيڪي ماڻھو قيدي ڇڏي آيو ھو، تن پوري طرح سندس حڪم جي پوئواري ڪئي. صبح مردان سان جيئن چوڪيدار قيدخاني واري ڪوٺيءَ ۾ شاھھ شجاع جي دستوري سلاميءَ ۽ سنڀال جي لاءِ آيا تھ ھن جي ذاتي نوڪرن انھن کي سمجھايل ترڪيب موجب واپس ڪري ڇڏيو، جيڪي وڃي جائيتا ٿي ويھي رھيا.

شاھھ شجاع جو پيشڪار شاھھ رجب جنھن کي پاڻ پنھنجي پلنگ تي سمھاري آيو ھو، ننڊ مان اٿيو تھ وجھھ تاڙي پلنگ مٿان وڏا وھاڻا رکي، انھن کي چادر سان چڱيءَ طرح ڍڪي، ڪوٺي ڇڏي ٻاھر نڪري آيو ۽ شھر ۾ لڪندو ڇپندو رھيو.

جڏھن ڪافي دير کان پوءِ قيد جي چوڪيدارن ڏٺو تھ شاھھ شجاع جي ماڻھن مان ڪا پھر ئي نظر ڪانھ پئي اچي تھ اندر وڃي ليئو پائي ڏٺائون. پلنگ واري ھنڌ تي چادر تھ برابر پيل ھئي پر ان ۾ ڪا چرپر ڪانھ پئي ڏٺي، جنھن مان خبر پئجي سگھي تھ پلنگ تي ڪو ماڻھو ستل آھي. انھيءَ اچرج ۾ اڳتي وڌي چادر جو مٿي کنيائون تھ ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا ھئا. بس پوءِ تھ اچي کين ساھھ جي لڳي. ھيڏانھن ھوڏانھن ووڙ ڪندي جڏھن کاٽ واري جاءِ تي سندن نظر پئي تھ وڻ گھوڙو ٻڌڻ نھ ڏنائون، پر شاھھ شجاع جو ڪو پتو ئي نھ پيو.

اھا خبر جڏھن رنجيت سنگھھ تائين پھتي تھ ننھن کان چوٽيءَ تائين باھھ وٺي ويس. چئني پاسي پنھنجا ماڻھو ٽيڙي پکيڙي ڇڏيائين ۽ سندس حڪم تي سموريون چوڪيون چوڪس ڪيون ويون، پر شاھھ شجاع نھ ملڻو سو نھ مليو! ڪنھن چواڻي:

”جيڪو پکي شڪار ٿيڻو ئي ناھي تنھن لاءِ

ڪوڙڪيون اڏڻ بلڪل بيڪار آھن.“

شاھھ شجاع جڏھن اتان نڪري لڌياني ۾ امن سان آکيرو اڏي ويٺو تھ انگريز بھادر سندس اڳئين ساک تي ڇڪن ٿي سندس مان ۽ مھمانداريءَ ۾ لڳي ويا. کيس ھر مھيني جي خرچ پکي لاءِ من گھري موڙي گھر ويٺي پھچندي رھي.(1) انھن عطائن ۽ ٻين عنايتن مھابي شاھھ شجاع ڪيئي سال لڌياني ۾ اھل عيال ۽ ٻئي اٽالي سميت ھر ڪنھن فڪر فاقي کان آجو ٿي عيش ڪندو رھيو، ليڪن بادشاھيءَ جو نشو جيئن جو تيئن سندس مغز ۾ موجود ھو.

سدائين خراسان (افغانستان) جي تخت جا پور پئي پچايائين ۽ روز سٽون ٿي سٽيندو رھيو پر مولا پاڪ جيڪي گھري سو ڪري ٿو ۽ جيئن چاھي تيئن ئي ٿئي ٿو.

 


(٤)

محمود شاھھ جي تخت نشيني، ۽ پنھنجي ڪاميابيءَ جي خوشي ۾ وزير فتح خان جي من مستي ۽ عيش پرستي:

شاھھ شجاع جي حڪمراني جي زوال کان پوءِ ( جنھن کي ڌڻي نوازي جي ارشاد رباني مطابق) ١٢٢٥ھھ/ ١٨١٠ع ۾ محمود شاھھ تخت نشين ٿيو تھ وزير فتح خان کي پنھنجو وڏو وزير ڪري رکيائين. عھدو سنڀاليندي ھو ملڪ جي ھر ننڍي وڏي مسئلي کي پوري ذميداريءَ سان نبيريندو رھيو. سندس سرجوشيءَ سان سنڌ، بھاولپور، ملتان ۽ ديرن: ديرو اسماعيل خان، ديرو غازي خان ۽ ڪشمير، خراسان جا رئيس ۽ ناظم سندس تابعداريءَ ۾ رھندا آيا. ھيڏانھن دستور موجب ھر سال سنڌ جي حاڪمن جا وڪيل شاھي درٻار ۾ حاضري ڀري ڍل خراج جي ادائگي ڪرڻ لڳا.

وزير فتح خان جي مروت ۽ سخاوت ڀلئون ڀل ھئي تھ ھي بھادريءَ ۾ بھ پنھنجو مٽ پاڻ ھيو. پر وزارت جي منصب ملڻ کان پوءِ دل کولي عيش پرستيءَ تي لھي پيو. سندس محفلون ڪشميري لال پرين، گل اندام محبوبن جي ناچ گاني ۽ پيماني تي پيماني جي جھرمر ۾ لڳيون، جن جي رنگينين بھارن کي بھ شھھ ڏئي ٿي ڇڏي. انعام اڪرام ۾ بھ ايراني گھوڙن کان وٺي ڪشمير جي قيمتي وڳن ۽ شالن تائين عام خاص اميرن ۽ خانن تي نوازشون پئي ڪيائين. ڪابل ۾ نديءَ جي ڪپ تي ھڪ بي نظير محل جوڙايو ھيائين جنھن جي ڇت سوني پاڻي ۽ لاجورد جھري قيمتي پٿر سان اھڙي حيرت انگيز نموني سنواريل ھئي جو اندر پير پائڻ تي چوڌاري چمڪ ڏسي اکيون جھانورن ۾ پئجي ٿي ويون.

محل م ستن طبقن وارا ڪنڊائتا حوض ڦوھارن سان سجايل ھيا، ھر حوض جي وچ تي آرسيون لڳل ھيون. پاڻي جيئن نديءَ مان حوضن ۾ اچي ڦوھارن وسيلي مٿان ٿي ھيٺ پئي لٿو، تيئن آرسين مان اڀرندڙ رنگ برنگي ترورا، اکين سان گڏ روح کي بھ رنگين ڪندا ٿي ويا.

ڪنھن ڏينھن وزير فتح خان انھيءَ بي مثل محل ۾ جمشيدي جشن برپا ڪيو تھ ھيءَ خاڪسار (ڪتاب جو مؤلف) بھ اتي وڃي حاضر ٿيو. بس ڇا ڳالھھ ڪجي. جيڪڏھن انھيءَ جشن جي سڄي ساراھھ لکڻ ۾ ايندي تھ ڪا پورائي ٿي نھ سگھندي. ان لاءِ وري الڳ محنت ڪرڻي پوندي. بھرحال ان جو ڪجھھ احوال ھتي ڏجي ٿو:

ھڪ طرف ڦوھارن جي لاھھ چاڙھھ مان پيدا ٿيندڙ پاڻيءَ جي دلنواز ڌن، جيڪا حوضن جي ھيانو مان ڦٽي ٿي نڪتي تھ ٻئي پاسي خوش رنگ شراب سان ڇلڪندڙ ۽ پيمانن سان ٺھڪندڙ صراحين جون صدائون ۽ ٽھڪڙا. اھڙي عالم ۾ ھيءُ شعر ذھن تي تري آيا:

ڪنھن ڏينھن پيالي صراحيءَ کان پڇيو،

تھ اي وجد ۽ حال سان دل کي روشن ڪرڻ واري!

تنھنجي دل جي صفائي، صبح جي انوار جو راز،

۽ تنھنجو خيال، گلزار ناز جي سرو، جان اتاھون آھي.

تنھنجو جگر صراحيءَ جي صدا جي حسرت ۾ اڃايل

۽ تنھنجون نگاھون، شراب جي رنگ ۾ رتل آھن.

جيڪڏھن اھا نماز آھي تھ پوءِ ھي ٽھڪڙا ڇو،

پر جي اھا راند چئجي تھ اِھي سجدا وري ڇا جا؟

صراحيءَ وراڻيو:

اي ديوانا! تون تھ صفا ڪو چٽ آھين،

ڏسين نٿو تھ زماني ۾ ھيڏا ھاڃا ٿي رھيا آھن،

انھيءَ اندوھھ ۾ منھنجو اندر پيو سڙي،

تڏھن تھ گھڙيءَ روئان، گھڙيءَ کلان پئي،

زمانو ڪيئن نھ سڀ ڪجھھ ضايع ڪندو پيو رھي،

ڀلا اھا ڳالھھ بھ ڪا لنوائڻ جي آھي،

ھڪ سادي سودي ماڻھوءَ کي،

ڪٿان ڪو صاف ۽ سھڻو آئينو ھٿ آيو،

ھن انھيءَ ۾ جھاتي پائي پاڻ کي ڏٺو،

تھ ان ۾ اھڙو محو ٿي ويو جو ان کي ڏسندو ئي رھيو!!

ھتي ھر قسم جا ساز ھر ڪنھن کي مست بڻائي رھيا ھئا ۽ ڳاڙھن ڳلن واريون ڪشميري پريون بُربلين جئان ان رنگين محفل ۾ پئي چھڪيون ۽ پنھنجي ترنگ ۾ ڳائينديون ٿي ويون. ان سان گڏ ناچ ۽ ناز نياز  جي ادائن وارا انداز بھ اوج تي ھئا تھ چنگ ۽ رباب جي لئي الڳ ھئي. اھو سڀ ڪجھھ ائين پيو لڳي، ڄڻ ڪو چوندو ھجي توکي خبر آھي:

تھ چنگ جون صدائون ڇا پيون چون؟

انت ربي، انت حسبي، يا ودود!!

محفل ۾ سڄو فرش قيمتي قالينن سان سينگاريل ھو. اوري پري ڪافوري شمعون روشن ھيون، جن جي وچ ۾ آتشبازي جو دائرو ائين سنواريل ھو، جو جنھن مھل ڪا شمع پريان ٻري جھلڪا ڏيندي، آتشبازيءَ جي ويجھو ٿي آندي وئي تھ سڄو مانڊاڻ ڇا مان ڇا ٿي پئي ويو.

واقعي جيڪڏھن جمشيد بادشاھھ جيئرو ھجي ھا تھ کيس ھن جشن تي ريس اچي ھا. نھ رڳو ايترو پر باغ ۾ جيڪا چراغ بندي ڪري چانڊاڻ لڳائي وئي ھئي، تنھن کي ڏسندي تارن ڀرئي آسمان بھ ڄاڻي واڻي زمين تي ستارا پئي گھوريا، ھن جشن ۾ خاص ڪري آتشبازيءَ جي وڻن ڏاڍي رونق پئي ڏيکاري. اھي وڻ اھڙا تھ وڻندڙ ۽ وسن جھڙا ھئا جو جيئرا جاڳندا گلن ڦلن سان جنھجھيل وڻ بھ انھن آڏو ڄڻ بي مزي پيا لڳن. بيشڪ وزير فتح خان، پنھنجي ڀاڳ ورڻ کان پوءِ حياتي ۾ ھن نموني جا جيڪي عيش ڪري رھيو ھو تن جو ڪاٿو نظر نٿي آيو.

 


(٥)

وزير فتح خان جي زال مائي ڀاڳل جو موت، جيڪا ڪشمير جي سدا سھاڳڻين مان ھئي، ان کان پوءِ پشاور جي قاضين(1) مان پرڻجڻ، وري ان کي ڇڏي ٻيھر ڪشمير جي سدا سھاڳڻين مان زوريءَ شادي ڪرڻ:

وزير فتح خان ڪشمير جي سدا سھاڳڻين مان مائي ڀاڳل سان عشق مان شادي ڪئي، جنھن سان ھن جي ڏاڍي محبت ھئي. انھيءَ زال مان کيس سربلند ۽ شاھھ پسند نالي ٻھ پٽ ٿيا. قضا الاھي سان مائي ڀاڳل شاھھ پسند جي ولادت وقت فوت ٿي وئي. سندس فراق وزير فتح خان کي ذري گھٽ چريو ڪري ڇڏيو.

سال ١٢٣١ھھ/١٨١٦ع ۾ سياري جي موسم ۾ ھو محمود شاھھ سان گڏ ڪابل کان ڪشمير آيو، اتي قاضي خيل خاندان مان چنڊ جھڙي سھڻي سيبتي ڇوڪريءَ سان پرڻيو. ليڪن رڳو پھرين رات ساڻس گذاري صبح تي ھن ويچاريءَ کي مائٽن ڏانھن موڪلي ڏنائين. وري انھن ئي ڏينھن ۾ ڪشمير جي سدا سھاڳڻين مان ٻي ڇوڪري ھٿ ڪري ان سان نڪاح وڌائين. جنھن پنھنجي حسن جمال ۾ سج چنڊ کي مات ڪري ٿي ڇڏيو. ھن جي ناز نزاڪت اڳيان گلاب جا گل بھ ڄڻ ڦڪا پئي لڳا. ان بابت اصل ڳالھھ اھا ھئي تھ وزير فتح خان ڇوڪريءَ جي پرپٺ ئي سندس ساراھھ ٻڌي مٿس عاشق ٿي پيو ھو. ان تان سندس مائٽن کان زوريءَ اھو سڱ وٺي ساڻس شادي ڪيائين.

انھيءَ شاديءَ جي خوشيءَ ۾ ھر روز نئين محفل مچائي ناچ گاني سان گڏ شراب ڪباب جي ڌم لائي ڏنائين. انھيءَ ئي موقعي تي حيدرآبادي ميرن جو وڪيل سيد اسماعيل شاھھ آغا ۽ راقم (ڪتاب جي مؤلف) جو مامو شير محمد خان جيڪو خيرپور جي ميرن جو وڪيل ھو، ٻئي وزير فتح خان وٽ وڃي، کيس مبارڪن سان گڏ ڳريون سوکڙيون ڏئي آيا. موٽ ۾ وزير فتح خان بھ ھنن کي شوق شراب سان گڏ پٽ پٽيھر پھرائي پاڻ ملھايو.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org