(٣)
احمد شاھھ ابدالي ۽ سندس خاندان:
احمد شاھھ (احمد خان) پٽ زمان خان سوزئي ابدالي يا
دراني (افغاني لڇ مان) ١١٣٥ھھ- ١٧٢٢ع ۾ زرغونھ
نالي (الڪوزائي افغان قوم مان) ماءُ جي پيٽان پيدا
ٿيو. جڏھن سندس پيءُ پنھنجي ڪھول سميت ھرات، قنڌار
۽ ملتان تي افغاني حڪمران جي حيثيت ۾ رھندو آيو
ٿي. ھن (احمد شاھھ ابدالي) جي ولادت بھ ملتان ۾ ٿي
ھئي، تھ سندس ٻالجتيءَ جا ڏينھن بھ انھي شھر ۾
گذريا.
احمد خان پنھنجي ڀاءُ ذوالفقار خان سان گڏ ١١٥٠ھھ
ڌاري قنڌار ۾ شاھھ حسين ھوتڪ ولد مير ويس خان،
قنڌار جي حاڪم وٽ، قيد ۾ ھيو. ١١٥١ھھ/١٧٣٨ع
۾ جڏھن نادر شاھھ قنڌار فتح ڪيو تھ ھن کي مازندران
۾ جاگير ڏنائين. ١١٥٤ھھ/
١٧٤١ع ۾ کيس مازندران مان گھرائي پنھنجي درٻار ۾
مانائتو ڪري پنھنجي قيادت ۾ ابدالي لشڪر جو
سربراھھ مقرر ڪيائين ۽ ھي ڇھن ورھين تائين داغستان
کان ايروان تائين جنگي مسافرين ۾ نادر شاھھ سان گڏ
رھندو آيو. انھن جنگين ۾ ھن اھڙي بھادري ڏيکاري جو
نادر شاھھ جي خاص توجھھ جو سبب بڻيو، نادر شاھھ ان
بابت ھڪ دفعي کيس خوشخبري ٻڌائي تھ مون کان پوءِ
ملڪ جي بادشاھي تون ماڻيندين.
نادر شاھھ جڏھن آچر جي رات ١١- جمادي الثاني
١١٦٠ھھ/
١٧٤٧ع ڌاري فتح آباد خبوشان ۾ قتل ٿيو تڏھن احمد
خان (احمد شاھھ ابدالي) ھن جي حرم کي پنھنجي پناھھ
۾ ورتو. جنھن ڪري ھو لٽ ڦر کان بچي ويو، انھيءَ
بدلي ۾ نادر شاھھ جي حرم کيس مشھور ڪوھھ نور ھيرو
انعام طور ڏنو.
احمد خان، ابدالين کي وٺي، قنڌار ويو. رجب ١١٦٠ھھ/
١٧٤٧ع ۾ شھر جي اترين پاسي نادر آباد قلعي لڳ شير
سرخ جي مزار وٽ قنڌار جي چڱن مڙسن اچي وٽس حاضري
ڏني. انھن ۾ نور محمد خان، مير افغان رئيس خلجي،
محبت خان رئيس پوپلزئي، موسيٰ خان رئيس سھاڪزئي،
نصرالله خان رئيس نورزئي ۽ حاجي جمال خان رئيس
بارڪزئي موجود ھئا.
انھي ميڙ کي مجلس مشاورت (جرڳي) جي شڪل ۾ آڻي نو
ڀيرا گڏجاڻيون ڪيون ويون. پڇاڙيءَ احمد خان کي
افغاني سلطنت جو سربراھھ چونڊيو ويو. تڏھن سندس
ڄمار پنجويھھ ورھيھ ھئي. ان موقعي تي صابر شاھھ
ڪابلي نالي ھڪ درويش ڪڻڪ جو سنگ آڻي سندس پڳ ۾
ٽنبيو ۽ کيس بادشاھي جي مبارڪ ڏنائين. ھي شوال
١١٦٠ھھ
/
١٧٤٧ع جو ڏينھن ھو.
احمد شاھھ ان کان پوءِ ابدالي بجاءِ جيڪو سندس
قبيلي وارو نالو ھو، پاڻ کي دراني سڏائڻ لڳو، جنھن
سان اڳ بھ مشھور ھو ۽ پنھنجي سڪي تي بھ ائين
لکرائي (اڪيرائي) ڇڏيو ھئائين.
ھڪ طرف: الحڪم الله يافتاح- احمد شاھھ ”در“ دراني.
ٻئي پاسي: حڪم شد از قادر پيچون بھ احمد پادشاھھ
سڪ زن برسيم وزر از پشت ماھي تا بھ ماھھ.
(احمد شاھھ کي حڪم ٿيو آھي (خدا طرفان) تھ تون
چاندي ۽ سون تي مڇي جي پٺيءَ کان چنڊ تائين پنھنجو
سڪو ھڻي ڇڏ!)
احمد شاھھ، افغانستان ۾ لشڪري، مالي ۽ شھري انتظام
ڪيا ۽ وزير رکيائين، جن مان بگي خان باميزئي نالي
(شاھھ ولي خان) سندس وڏو وزير ھو، جنھن کي ”اشرف
الوزرا“ جو لقب ڏنو ھئائين. ١١٧٤ھھ
/١٧٦٠ع
۾ ھاڻوڪي قنڌار شھر کي احمد شاھي نالو ڏئي ان جو
بنياد رکيائين. سال ١١٦٦ھھ ڌاري ڪابل جو جنگي ڪوٽ
جوڙايائين. ھندوڪش جي اتر ۾ ھڪ شھر تاشغرقان
اڏايائين، تنھن سان گڏ قنڌار، مشھد، اٽڪ، دھلي،
روھيل کنڊ، پشاور، ٺٽي، ديري غازي خان، ڪشمير،
ڪابل، ملتان، ۽ ھرات ۾ پنھنجو سڪو جاري ڪيائين.
جنھن تي پنھنجو رسمي نشان دولت احمد شاھي (احمد
شاھي حڪومت) جو نشان: ٻھ منھين ترار، ڪڻڪ جو سنگ ۽
ستارو، نقش ٿيل ھو.
احمد شاھھ پنھنجي بادشاھت لاءِ جيڪا خراسان يا
افغانستان جي نالي ھئي، ھڪ لک فوج تيار ڪئي. لاھور
کان مشھد، آمو دريا جي ڪنڌيءَ کان عربي سمنڊ سوڌا
علائقا ھٿ ڪيائين. سندس سالياني ماليت ايڪٽيھھ
ملين ھوندي ھئي. پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ ھيٺيان جنگي
سفر ڪيائين.
١- ١١٦٠ھھ/١٧٤٧ع
جي پڇاڙيءَ ۾ غزني، ڪابل ۽ پشاور فتح ڪيائين. ناصر
خان (نادري حاڪم) کي ڪابل ۽ پشاور ۾ شڪست ڏنائين.
اشتغر جي رئيس عبدالصمد خان مھمندزئي کي احمد شاھي
لشڪر ۾ شامل ڪيائين. سردار جھان خان، احمد شاھي
سپھھ سالار ناصر خان کي اٽڪ ڏانھن ڊوڙائي ڪڍيائين
۽ پاڻ قنڌار ھليو ويو.
٢- ١١٦١ھھ/١٧٤٧ع
۾ قنڌار مان ٽيھھ ھزار پيادا ۽ سوار وٺي ڪابل ۽
پشاور جي رستي کان اٽڪ ۽ جھلم جي ڪنارن تائين وڃي
رسيو. شاھنواز خان لاھور جي حڪمران وزير الملڪ
قمرالدين خان جي وسيلي دھليءَ مان امداد طلبي چناب
جي ڪناري احمد شاھھ جي لشڪر سان لڙيو، ليڪن جنگ جو
ميدان ڇڏي ڀڄڻو پيس. احمد شاھھ ايتري ۾ لاھور تي
قبضو ڪري ورتو. تنھن کان پوءِ دھليءَ پھچي محمد
شاھھ جي لشڪر کي شڪست ڏئي ١٣- ربيع الاول ١١٦١ھھ
سرھند وڃي نڪتو.
جمعي ڏينھن ٢٢- ربيع الاول ١١٦١ھھ ماھھ پور واري
جنگ ۾ قمرالدين خان وزير الملڪ قتل ٿي ويو، جنھن
ڪري دھليءَ جي بادشاھھ محمد شاھھ گورگاني لاھور ۾
ان جي پٽ مير منو معين الملڪ کي مقرر ڪيو. احمد
شاھھ دھليءَ جي حڪومت سان ٺاھھ ڪري سنڌوندي کي
ٻنھي حڪومتن جي سرحد ٺھرايو. پوءِ پشاور ۽ ڪابل جي
رستي قنڌار وڃي دنگ ڪيائين.
٣- ١١٦٢ھھ/١٧٤٨ع
۾ ڪابل مان نڪري پشاور وٽان ورندو لاھور ۾ آيو،
جتي مير منو معين الملڪ سان صلح ڪيائين، جيڪو
لاھور ۾ حڪمران ھو، سيالڪوٽ، گجرات، اورنگ آباد
پنجاب ۽ امرتسر جي ڍل مير منو جي حوالي ڪيائين تھ
اھو اڳاڙي ڪري وٽس پھچائيندو رھندو. قنڌار ڏانھن
موٽندي، قبائلي سردارن ھن جي خلاف سازش ڪئي، جنھن
۾ نور محمد خان، مير افغان غلزئي، گدو خان ۽ محبت
خان پوپلزئي شريڪ ھئا، انھن کي ٿڏي تي قتل ڪرائي
ڇڏيائين.
٤- ١١٦٣ھھ/١٧٤٩ع
۾ ھرات جو سفر ڪيائين. ان شھر کي امير عالم خان
کان چئن مھينن جي محاصري (گھيري) کان پوءِ ھٿ ڪري
ورتائين. اتان پنج ھزار سوار سردار جھان خان
پوپلزئي جي سالاري ۾ تربت جام اماڻايائين، ھرات کي
درويش علي خان ھزاري جي حوالي ڪيائين، وري اتان
مشھد ھليو ويو.
چئن مھينن کان پوءِ مشھد جو گھيرو نادر شاھھ جي
پوٽي مرزا شاھھ رخ کي ڏئي پاڻ نيشاپور ڏانھن نڪري
ويو، اتي نيشاپور جو حاڪم عباس علي خان بيات سندس
مقابلي لاءِ اٿيو. سخت سردي جي موسم اچڻ ڪري ھيءَ
ھرات کان ٿيندو قنڌار ھليو آيو.
٥- بلوچستان جو سفر:
احمد شاھھ جي تخت نشينيءَ وقت مير محبت خان ولد
مير عبدالله خان نادر شاھھ جي پاران قلات جو حاڪم
۽ بروھي خان ھو، پر جيئن تھ بلوچ ان جي ننڍي ڀاءُ
مير نصير خان جا حمايتي ھئا، اھڙو عرض احمد شاھ کي
پڻ ڪيو ھئائون، ان ڪري احمد شاھھ سال ١١٦٣ھھ ۾
خراسان جي سفر کان پوءِ قنڌار کان قلات ڏانھن رجوع
ٿيو. ان وقت مير نصير خان سنڌ جي والي ميان نور
محمد خان وٽ خدا آباد ۾ ھو، پر سندس ماءُ بي بي
مريم قنڌار ۾ ھئي. ٻئي شاھي مدد جا منتظر ھئا.
احمد شاھھ مستونگ کان موٽندي قلات ڏانھن آيو. مير
محبت خان، حاجي رحيم خان بابي کي ڪلام الله ميڙ
ڏئي، احمد شاھھ ڏانھن موڪليو. احمد شاھھ تڙ تڪڙ ۾
محبت خان کي قلات جي خاني سونپي قنڌار موٽيو، خان
مذڪور پنھنجي ھڪ ڀيڻ بيبي گوھر کي آخوند محمد حيات
سان غزني ۾ احمد شاھھ ڏانھن اماڻيو، جنھن جو ساڻس
نڪاح ٿيو. ٿورن مھينن کان پوءِ خاني جي مسئلي جي
نبيري لاءِ سڀئي بلوچ سردار ۽ معتبر احمد شاھھ وٽ
قنڌار ڪھي ويا. جتي مير نصير خان بھ پنھنجي ماءُ
سميت موجود ھو. احمد شاھھ مير محبت خان کي اتي
طھماسپ خان ھٿان گرفتار ڪرائي قيد ۾ وجھي ڇڏيو، ۽
١١٦٤ھھ/
٥١-١١٥٠ع ۾ مير نصير خان کي قلات جو خان مقرر
ڪيائين. پر مير نصير خان قلات پھچي سرڪشي ۾ منھن
وڌو، جنھن تان ڪن بلوچ قبيلن وڃي احمد شاھھ ابدالي
کي قنڌار ۾ چتاءُ ڏنو. احمد شاھھ تاءَ ۾ اچي قلات
۾ آيو ۽ ٻارھن ڏينھن ان کي گھيرو ڪري ويٺو، ليڪن
خونريزي يا جنگ جو حڪم نھ ڏنائين. تان جو نصير
خان، آخوند محمد حيات ۽ شاھھ ولي خان وزير سان
گڏجي، احمد شاھھ وٽ حاضر ٿيو، جنھن کيس معافي ڏئي
ڇڏي. ان کان پوءِ ھيءُ احمد شاھي لشڪر ڪشي ۾ ساٿ
ڏيندو رھيو.
(قلات جي خانن بابت ڏسو تعليق نمبر ٢٩).
٦- ١١٦٤ھھ ۾ احمد شاھھ وري ھرات لتاڙي وڃي،
نيشاپور تي چڙھائي ڪئي ۽ قلعي کي توبن سان پروڻ
ڪري ڇڏيائين. نيٺ اتي قابض ٿيو ۽ حڪومت عباس قلي
خان بيات کي واپس ڪيائين. جنھن ھٿيار ڦٽا ڪري آڻ
مڃي ھئي.
احمد شاھھ خراسان جي آسپاس جي صفائي کان پوءِ نادر
شاھھ جي پوٽي ۽ مشھد جي حڪمران مرزا شاھھ رخ سان
انھيءَ شرط تي ٺاھھ ڪيو تھ ملڪ جو سڪو ۽ خطبو
سندس (احمد شاھھ جي) نالي جاري رھندو، ان کان
سواءِ جام، باخرز، تربت، خواف ۽ ترشيز وارا علائقا
بھ (احمد شاھھ کي) ڏنا وڃن. ان نبيري کان پوءِ
شاھھ رخ پنھنجو سڪو ھن بيت سان ٺھرايو.
يافت از الطاف احمد پادشاھھ،
شاھھ رخ بر تخت شاھي تڪيھ گاھھ.
(احمد شاھھ جي عنايت سان شاھھ رخ خان شاھي تخت
ماڻيو) احمد شاھھ مشھد مان ھرات ۾ آيو ۽ شاھھ ولي
خان وزير کي مرو، ميمند، اندخود، بلخ، باميان ۽
بدرخشان فتح ڪرڻ لاءِ ڏياري موڪليائين. وزير (ولي
خان) اھي علائقا قبضي ھيٺ آڻي، احمد شاھي سلطنت ۾
شامل ڪري ڇڏيا.
٧- ١١٦٥ھھ/١٧٥١ع
۾ احمد شاھھ پنجاب جي نبيري لاءِ لاھور تائين سفر
ڪيو. مير منو معين الملڪ سان چار مھينا مقابلو ڪري
ان کي زير ڪرڻ کان پوءِ وري کيس حاڪم مقرر ڪيائين.
انھيءَ سفر دوران احمد شاھھ ايشڪ آقا سي عبدالله
خان کي ڪشمير ھٿ ڪرڻ لاءِ مڪو، جنھن ڪشمير فتح ڪري
اتي خواجھ عبدالله خان ڪوچڪ کي اتان جو حاڪم ۽ سک
جيون ھندو کي محاسب مقرر ڪيو. پوءِ قلندر خان
افغان کي دھلي جي سفارت لاءِ اوڏانھن اماڻيائين،
جنھن کي محمد شاھھ گورگاني قبول ڪيو ۽ پنجاب، سنڌ
۽ ڪشمير کي احمد شاھي سلطنت جو حصو ڪري مڃيائين.
احمد شاھھ، پنجاب، ملتان، ڪشمير جي انتظام کان
واندو ٿي سنڌوندي جي ساڄي پاسي کان لنگھي بنو ۽
ڪابل کان ٿيندو قنڌار ڏانھن وريو.
٨- ١١٦٧ھھ جي وچ ڌاري احمد شاھھ قنڌار مان ھرات
ويو. پوءِ خراسان جو نبيرو ڪري مشھد تي گھيرو
ڪيائين، اتان نادر شاھھ جي پوٽي شاھھ رخ مرزا کي
فرمانبرداري ۾ آڻي نور محمد خان افغان کي ان
(انڌي) جي نيابت ۾ رکيائين. جام، باخرز، خواف،
تربت ۽ ترشيز کي ھرات سان ڳنڍي شاھھ پسند خان کي
شاھرود ۽ بسطام ھٿ ڪرڻ جي لاءِ اماڻي ڇڏيائين.
ان کان پوءِ احمد شاھھ، عباس قلي خان بيات کي
نيشاپور ۾ گھيري ھيٺ آڻي کيس پيش پوڻ تي مجبور
ڪيو، پوءِ کيس نيشاپور جي حڪومت ڏنائين. سندس
طائفي کي غزني ۽ ڪابل ڏانھن ڪڍي ڇڏيائين. ١١٦٨ھھ ۾
وري قنڌار ۾ واپس اچي ويو.
٩- مير منور معين الملڪ ١١٦٧ھھ ۾ فوت ٿيو ۽ احمد
شاھھ ان جي پٽ مير مؤمن کي لاھور جو حاڪم مقرر
ڪيو. ھيءُ جيئن تھ اڃا ٻار ھو، ان ڪري پنھنجي ماءُ
مغلاڻي بيگم جي مدد سان حڪومت ھلائڻ لڳو. اوچتو
مغلاڻي بيگم ۽ اميرن جي وچ ۾ ناسازي پيدا ٿي.خواجھ
عبدالله خان ولد نواب عبدالصمد خان بيگم مغلاڻي کي
قيد ۾ وجھي ڇڏيو ۽ احمد شاھھ کان لاھور جي حڪومت
پنھنجي لاءِ گھريائين.
احمد شاھھ، امان خان پوپلزئي (جھان خان سپھھ سالار
جي ڀاءُ) کي لاھور جي رڳڙي نبيرڻ لاءِ اماڻيو، پر
ھن اڪ ڪارا ڪونھ ڪيا. سو آدينھ بيگ ١١٧٠ھھ ۾
دھليءَ جي لشڪر سان ڪاھي لاھور تي قبضو ڪيو، جنھن
کان ٽيھھ لک سالياني ڍل اڳاڙي دھليءَ رسائيندو
رھيو. انھيءَ وچ ۾ سک جيون ھندو ڪشمير ۾ احمد شاھھ
خلاف بغاوت ڪئي ۽ خواجھ ڪوچڪ افغان حڪمران کي قتل
ڪرڻ کان پوءِ دھليءَ جي حڪمرانن جي زور تي ڪشمير
ھٿ ڪيو، احمد شاھھ قنڌار کان ھلي لاھور اچي نڪتو ۽
سڀ ڪجھھ نبيري نورالدين باميزئي کي ڪشمير روانو
ڪيائين. ھن سک جيون کان ڪشمير فتح ڪيو. احمد شاھھ
فارغ ٿيڻ کان پوءِ لاھور مان نڪري دھليءَ پھتو،
نواب نجيب الدولھ ولد اصالت خان يوسف زئي سان
ڪرنال ۾ ڳنڍيو، جمعي ٧- جمادي الاول ١١٧٠ھھ تي
دھليءَ ۾ داخل ٿيو ۽ عالمگير ثاني کي دھلي جي تخت
تي ويھاريائين ۽ ان جي ڀاءُ عزيز الدين جي ڌيءُ
شھزادي تيمور سان پرڻايائين. دھلي جي وزارت نظام
الدولھ ولد قمرالدين خان جي حوالي ڪيائين. نواب
نجيب الدولھ کي ھندستان جو سپھھ سالار مقرر
ڪيائين.
ان کان پوءِ احمد شاھھ دھليءَ جي آسپاس ۾ وڳوڙين
کي ماري مڃائي، عبدالصمد خان اشغري مھمند زئي کي
سرھند جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ سرفراز خان کي دوابي
ستلج، بيائي ۽ شجاع خان ابدالي کي ملتان، شھزادي
تيمور کي لاھور، سنڌ ۽ ٺٽي تائين حڪمراني ڏنائين.
سپھھ سالار جھان خان کي سکن سان منھن ڏيڻ لاءِ
موڪليائين. بلند خان سدوزئي کي ڪشمير جي حڪومت تي
رکيائين ۽ سال ١١٧٠ھھ/١٧٥٦ع
۾ قنڌار ھليو آيو.
١٠- پاڻي پٽ جي فتح:
احمد شاھھ ١١٧٠ھھ/١٧٥٦ع
۾ جڏھن ھندستان کان موٽيو، تھ پنجاب ۾ وڏا گوڙ
شروع ٿي ويا. فيروز جنگ جي پٽ غازي الدين ۽ آدينھ
بيگ وڳوڙ ۾ منھن وڌو. ٻئي پاسي سکن بھ گھڻو زور
ورتو. اتر کان وري مرھٽن، اسلامي سطلنت (دھلي) سان
ھٿ چراند لائي ڏني. ھنن پنجاب ھٿ ڪيو، کين شھزادو
تيمور ۽ سپھھ سالار جھان خان ڪونھ روڪي سگھيا.عين
انھيءَ عالم ۾ ھندستان جي اسلامي اڪابرن ۽ دھليءَ
جي معتبرن احمد شاھھ کي ڪوٺ ڏني تھ ھندستان جي
اسلامي سطلنت جي ڇوٽڪاري لاءِ قنڌار کان ڪاھي اچي
ڪا سڻائي ڪر!
امام الھند شاھھ ولي الله دھلوي پڻ ڪيئي خط احمد
شاھھ کي لکي موڪليا تھ وارو ڪر.
احمد شاھھ قنڌار کان قلات آيو اتي نصير خان کي،
جنھن سرڪشي پئي ڪئي، صلح ۽ خير خواھي جي آڌار تي
آڻ مڃڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ پوءِ ٽيھھ ھزار قنڌار جو
لشڪر ۽ ڏھھ ھزار بلوچ ساڻ ڪري نصير خان مير
عبدالڪريم (مير عبدالنبي جي ڀاءُ) ساراوان ۽
جھالاوان وغيره.
مان وٺي بولان لڪ وٽان لنگھيو.
ائين ١١٧٢ھھ/١٧٥٨ع
ڌاري سنڌوندي جي ڪپ کان پشاور تائين پھچي، اتان
لاھور ۽ سھارنپور ويو، ھتي ھندستان جا وڏا رئيس،
جيڪي افغانن مان ھئا، جھڙوڪ سپھھ سالار نجيب
الدولھ، سعدالله خان روھيلو، حافظ رحمت خان سندس
پٽ عنايت خان، دوندي خان ۽ قطب خان ڏھن ھزارن جي
لشڪر سميت احمد شاھھ سان اچي گڏيا. احمد شاھھ سڄي
لشڪر سان جنھن ۾ احمد شاھي، پشاوري بلوچ ۽ افغان
وغيره شامل ھئا، ڪل ستر ھزار پيادا ۽ سوار توبخانن
سان وٺي ھليو.
احمد شاھھ جي لشڪرين، ھندن ۽ سکن کي ڪيترين جنگين
۾ شڪست ڏيڻ کان پوءِ پاڻي پٽ ۾ آخري ۽ فيصلو ڪندڙ
جنگ جوٽي، جنھن ۾ ڏھھ لک مرھٽا ۽ ھندو سندس سامھون
ھئا. ان جنگ ۾ ٻھ لک مخالف فوجي احمد شاھھ جي لشڪر
ھٿان مارجي ويا.
٦- جمادي الاول ١١٧٤ھھ
/١٧٦٠ع
احمد شاھھ کي وڏي فتح حاصل ٿي. ھن عظيم جھاد مان
غنيمت طور پنجاھھ ھزار گھوڙا ٻھ لک ڍڳا، پنج سو
ھاٿي ڪيئي ھزار اٺ ۽ ٻاويھھ ھزار قيدي احمد شاھھ
کي ھٿ آيا. انھن قيدين مان ھڪڙي ماڻھو ابراھيم کان
سواءِ ٻين سڀني کي معافي ڏني ويئي.
احمد شاھھ پاڻي پٽ جي عظيم فتح ۽ ھندستان جي
مسلمانن جي ڇوٽڪاري کان پوءِ جيڪو ھن کين مرھٽن
کان ڏياريو، عالمگير ثاني جي پٽ شاھھ عالم کي
دھليءَ جي شاھي تخت تي ويھاريو. ان جي پٽ مرزا
جوان بخت کي سلطنت جو نائب، نواب شجاع الدولھ کي
فرزند خان ۽ رستم ھند جي لقب سان نوازي وزيراعظم
جو عھدو ڏنو. نواب نجيب الدولھ افغان کي سپھھ
سالار مقرر ڪيائين. پنجاب جي حڪومت زين خان مھمند
جي حوالي ڪري قنڌار ڏانھن وريو ۽ شھزادي تيمور کي
ھرات جي حڪمراني لاءِ موڪليائين.
١١- سکن کي سيکت:
احمد شاھھ جيئن پاڻي پٽ مان فتحياب ٿي قنڌار ڏانھن
وريو تھ پنجاب ۾ جيساسنگھھ بغاوت ڪئي ۽ ڇرت سنگھھ
رنجيت سنگھھ جي ڏاڏي ۽ ٻين پڻ انھيءَ بغاوت ۾ ان
جو ساٿ ڏنو ۽ پنجاب جي حڪومت جي نائب زين خان کي
گھيري ۾ آندائون.
احمد شاھھ انھيءَ وڳوڙ ختم ڪرڻ لاءِ سال ١١٧٥ھھ/١٧٦١ع
جي وچ ڌاري لاھور ويو ۽ ھڪدم ھڪ سو پنجٽيھ ميلن جو
پنڌ ھڻي امرتسر تي چڙھائي ڪيائين، روھي ۾ سکن سان
سندس مقابلو ٿيو. انھيءَ تاريخي جنگ ۾ (١١- رجب
١١٧٥ھھ) ويھارو ھزار سک قتل ٿيا ۽ شڪست کاڌائون.
احمد شاھھ پٽيالي ۽ سرھند جي حڪومت امير سنگھھ جي
حوالي ڪري ٧- شعبان ١١٧٥ھھ فاتح جي حيثيت ۾ لاھور
واپس آيو. اتان نورالدين خان، شاھھ ولي خان
وزيراعظم جي سوٽ کي ڪشمير موڪليائين ھن اتي پھچي
سک جيون کي جنھن بغاوت ڪئي ھئي، گرفتار ڪرڻ کان
پوءِ ڪشمير تي قبضو ڄمايو.
احمد شاھھ پنجاب جي انتظامن کان پوءِ ١١٧٧ھھ/١٧٦٣ع
تائين اتي رھيو،
پوءِ ملتان ۽ ديري اسماعيل خان کان ٿيندو گومل
واري لڪ کان غزني آيو. ھن سفر ۾ سخت گرميءَ سبب
بيمار ٿي پيو.
١٢- بخارا جو سفر:
١١٨١ھھ/١٧٦٧ع
شاھھ ولي خان وزير کي ڇھن ھزارن سوارن سان قنڌار
کان بلخ ۽ بدخشان طرف موڪليو ويو، جتي شاھھ مراد
بخارا جو حاڪم اتر افغانستان ۾ باغين کي ھمٿائي
رھيو ھو. احمد شاھھ پاڻ انھيءَ سال ھرات کان
ميمند، اندخود بلخ ۽ شبرغان کي قبضي ۾ آندو تڏھن
بخارا جو حاڪم آمو جي اتر ۾ لشڪر ڪٺو ڪري ويٺو.
احمد شاھھ مسلمانن جي لشڪر سان جنگ يا مقابلي ڪرڻ
کان لنوائي بخارا جي حاڪم سان صلح ڪري ڇڏيو ۽ آمو
درياھھ کي ٻنھي حڪومتن جو دنگ فيصل ڪيائين.ھن سفر
۾ نبي ڪريم جو خرقو شريف شاھھ ولي خان وزير فيض
آباد (بدخشان) مان قنڌار کڻي آيو جيڪو اڃا سوڌو ان
شھر ۾ موجود آھي.
١٣- خراسان جو سفر:
ھن کان اڳ بيان ٿي چڪو آھي تھ احمد شاھھ طرفان
نادر شاھھ جي انڌي پوٽي شاھھ رخ مرزا کي خراسان جو
حاڪم مقرر ڪيو ويو ھو، مرزا، شاھھ رخ جي نوجوان پٽ
۽ علي مردان خان تون ۽ طبس جي حاڪم خود سري جي
خيال کان فارس جي بادشاھھ ڪريم خان زند ڏانھن
رجوعات رکي ھئي، ان ڪري احمد شاھھ ١١٨٣ھھ جي
پڇاڙيءَ ۾ قنڌار کان ھرات اتان مشھد آيو، انھيءَ
سفر ۾ نصير خان بلوچ (بادشاھھ) جيڪو احمد شاھي
دربار جو مطيع ھو، ويھھ ھزار بلوچ ساڻ ڪري خراسان
جي جنگ ۾ شريڪ ٿيو ۽ وڏا ڪارناما سرانجام
ڏنائين.ھن علي مردان کي ترشيز جي قلعي ۾ فتح ڪيو
انھي خدمت جي عيوض احمد شاھي حضور مان کيس داجل ۽
ھرند جيڪي ديري غازي خان سان لاڳاپيل ھئا، تنھن
سان گڏ بلوچ يرغمالي بھ بخشي ڇڏيائين.
ليڪن احمد شاھھ مشھد جي مختصر محاصري کان پوءِ
نصرالله خان مرزا کي معافي ڏئي، ان جي ڀيڻ گوھر
شاد، شاھھ رخ مرزا جي ڌيءَ کي شھزادي تيمور جي
نڪاح ۾ آندو. نصرالله مرزا کي فرزند خاني جي لقب
سان نوازي، خراسان جي حڪومت شاھھ رخ کي ورائي
ڏنائين، تاريخ ٨- صفر ١١٨٤ھھ ھرات کان قنڌار ڪھي
ويو.
احمد شاھھ ۽ سنڌ:
١١٦٠ھھ ۾ جڏھن نادر شاھھ قتل ٿي ويو ۽ احمد شاھھ
ابدالي قنڌار ۾ پنھنجي بادشاھت جو اعلان ڪيو، تڏھن
سنڌ ۾ ميان نور محمد ڪلھوڙي جي حڪومت ھئي، پر ھو
نادري حڪم جو پابند رھندو ٿي آيو. ١١٦١ھھ/١٧٤٨ع
۾ احمد شاھھ ھندستان جو سفر شروع ڪيو تھ ميان نور
محمد سان ڏيٺ ويٺ رکيائين، ۽ کيس شاھھ نواز جو لقب
ڏئي اڳتي وڌيو. ميان نور محمد ساڻس وعدو ڪيو تھ
آئندي ڍل کيس پھچائي ويندي.
پر ان کان پوءِ ميان نور محمد ڍل ڏيڻ ۾ سستي
ڏيکاري، تنھن تي احمد شاھھ کيس فرمان موڪليو، ۽ ڍل
جي ادائگي ياد ڏياريائينس. انھيءَ بابت خائف سنڌي،
نامھ نغز ۾ احمد شاھھ جي زباني بيان ڪري ٿو:
رساندي توگر گنج دربار ما،
شدي ايمن از تاب تاراج ما.
(تو جيڪڏھن ڍل اسان جي درٻار ۾ پھچائي تھ اسان جي
تاراج مان بچي ويندين.) اھو شاھي فرمان (اڄڪلھھ جي
ڌاڙيلن جي چٺي جي صورت ۾- مترجم) جڏھن سنڌ جي
درٻار ۾پھتو تھ ميان نور محمد قيمتي تحفا، پٽ
پٽيھر، قرنفل، مشڪ،عود عنبر وغيره- ٽن ڄڻن جي
سفارتي عملي سان، جنھن ۾ ڀائي خان ڪلھوڙو بھ شامل
ھو، قنڌار جي درٻار ڏانھن موڪلي ڏنائين، انھي
پيغام سان تھ:
بادشاھھ سلامت کي گھڻي کان گھڻا سلام!
آءٌ عاجز بندو، تنھنجو فرمانبردار ۽ غلام؛
مون تي پنھنجي لطف ڪرم جو ھٿ رکجانءِ،
آءٌ بھ پويان پير نھ ڪندس، ياد ڪجانءِ!
جڏھن اھا سفارت وڃي احمد شاھھ تائين پھتي تھ ٻيھر
ٻنھي جا دوستيءَ وارا ناتا بحال ٿي ويا.
ميان نور محمد پاران شيخ محمد محفوظ سرخوش پٽ شيخ
محمد مريد قانون گو قنڌار ۽ ڪابل ۾ وڪيل (سفير)
مقر رٿيا، جيڪي ١١٦٨ھھ تائين اتي رھيا.
ليڪن ان کان پوءِ بھ وعدو ڪيل ڍل قنڌار جي درٻار ۾
نھ پھچائي وئي ان ڪري احمد شاھھ سپھھ سالار جھان
خان جي قيادت ۾ ھندستان جي سفر لاءِ لشڪر تيار
ڪيو، جيڪو ١١٦٦ھھ/١٧٥٣ع
۾ نڪري روانو ٿيو، اھا خبر سنڌ تائين ھن نموني
پھتي تھ ھن سال جي پڇاڙيءَ ۾ وري خود احمد شاھھ
سنڌ ڏانھن اچڻ وارو آھي.
٤- محرم ١١٦٧ھھ ١- نومبر ١٧٥٣ع تي احمد شاھھ محمد
آباد واري ريگستان ۾ اچي چڪو ھو. سنڌ جي درٻار
ھڪدم ديوان گدومل کي احمد شاھھ جي حضور ۾ ڏياري
موڪليو.
جيئن احمد شاھھ ميان نور محمد جي تابعداري جي پڪ
ڪرڻ کان پوءِ سنڌ تي ڪاھي اچڻ جي نھ ڪري.
گدومل سکر جي پلوٽ (پل واري ھنڌ) شاھي لشڪر گاھھ ۾
پھتو، آخر ٽن ڏينھن کان پوءِ جڏھن شاھي سواري
نوشھري پھتي تھ ھي ساڻس مليو.
احمد شاھھ جي لاءِ چون ٿا تھ ڏاڍو ڏمريل ھو، پر
ھيڏانھن گدومل بھ گھٽ ڪونھ ھو.ھن سفارتڪاري ڪندي
سرديون گرميون ڏٺيون ھيون، ان ڪري عقل کان ڪم وٺي
احمد شاھھ جي رڳ تاڙي ورتائين. احمد شاھ کي پيرن
فقيرن سان ڏاڍي عقيدت ھوندي ھئي، ان ڳالھھ کي ڌيان
۾ رکي ڇا ڪيائين جو مٽيءَ جا ٽوال ڀرائي سوکڙي ڪري
احمد شاھھ وٽ کڻي ويو- جڏھن درٻار ۾ پھچي ٻيون
سوکڙيون پيش ڪري چڪو، احمد شاھھ پڇا ڪيس تھ ھنن
جورابن ۾ ڇا آھي؟ گدومل وراڻيو: ھنن ۾ سنڌ جو
بھترين تحفو يعني اوليائن جي مزارن جي پاڪ مٽي آھي.
احمد شاھھ اھا مٽي کڻي اکين تي رکي. سندس ڪاوڙ ڍري
ٿي ويئي ۽ سنڌ جي ماڻھن سان نرمي وارو ورتاءُ
اختيار ڪيائين. ان کان اڳ ميان نور محمد سنڌ ڇڏي
جيسلمير ڏانھن نڪري چڪو ھو، جتي خناق جي بيماري
وگھي ١٢- صفر ١١٦٧ھھ/٩-
ڊسمبر ١٧٥٣ع ڌاري ھيءُ جھان ڇڏيائين.
تذڪره مخاديم کھڙا ۾ ھي فرمان موجود آھي،جيڪو
تاريخ ٢١ محرم ١١٦٧ھھ/
١٧٥٣ع ۾ لکيو ويو. ان مان پڌرو ٿئي ٿو تھ احمد
شاھھ انھيءَ سال جي اوائل ۾ سنڌ جو سفر ڪيو ھو.
اڪثر تاريخ نويس بھ ائين ٿا چون. اصل ۾ احمد شاھھ
انھيءَ سال جي وچ ڌاري خراسان جو سفر ڪيو ھو، جنھن
کان پوءِ سنڌ ڏانھن آيو.
ميان نور محمد جي وفات کانپوءِ ھن جو پٽ محمد
مرادياب خان سندس گاديءَ تي ويٺو ۽ پنھنجو سفير
احمد شاھھ ڏانھن اماڻيائين. جنھن جي ذريعي کيس اھو
اطلاع ڏنو ويو تھ آئندي ڍل برابر ادا ڪرڻ ۾ ايندي.
احمد شاھھ جواب ۾ کيس سربلند خان جو قلب ڏئي خوش
ڪيو.
شڪارپور جو شھر ھميشھ ڪلھوڙن ۽ دائودپوٽن جي جھڳڙن
۾ رھندو ٿي آيو، ان ڪري احمد شاھھ انھيءَ کي سبي
جي ماتحتيءَ ۾ ڏنو. اھو علائقو تڏھن افغان حڪمران
جي ھٿ ھيٺ ھو. ان انتظام کان پوءِ شڪارپور جو
واپار افغانستان ۽ خراسان وغيره تائين جاري ٿيو.
اھڙيءَ طرح ھن شھر تجارتي مرڪزيت حاصل ڪري ورتي.
احمد شاھھ پڇاڙيءَ ۾ اسماعيل خان پني (پٺاڻ) کي
شاھي درٻار جي نمائندي جي حيثيت ۾ سنڌ تي مقرر
ڪيو. اسماعيل محمد آباد ۾ آيو ۽ پنھنجا ڪي عملدار
سيد شاھھ محمد جي سربراھي ۾ ٺٽي ۽ ٻين پاسن ڏانھن
ڏياري موڪليائين جن ۾ صالح خان ۽ گل محمد خان
خراساني شامل ھئا.
انھيءَ عرصي ۾ احمد شاھي سفير محمد بيگ شاملو بھ
ٺٽي آيو ھن آقا محمد صالح کي ٺٽي جو حاڪم مقرر ڪيو
۽ اتان جي معتبر ماڻھن کي پاڻ سان وٺي ويو، جيئن
تھ اسماعيل ۽ شاملو جي گماشتن ۾ ڪي اختلاف ھئا، ان
ڪري قاضي محمد محفوظ کي ٺٽي جو حاڪم مقرر ڪيو ويو.
ميان محمد مرادياب خان احمد شاھھ کان سربلند خان
جو لقب حاصل ڪرڻ کان پوءِ احمد شاھھ جي درٻار ۾
وڌيڪ ويجھوٿيو. ميان نور محمد جووڪيل ديوان گدومل
اڳ وانگي پنھنجون خدمتون ادا ڪندو آيو. احمد شاھھ
ميان محمد مرادياب خان جي ننڍي ڀاءُ عطر خان کي
يرغمال طور پنھنجي درٻار ۾ مھمان ڪري رکيو ۽
محمد مرادياب خان وڌيڪ ڍل ڏيڻ قبول ڪئي.
ان کانپوءِ سنڌ جا معتبر ماڻھو امرڪوٽ (عمرڪوٽ) ۾
محمد مرادياب خان وٽ ويا ۽ کيس ١٦ صفر ١١٦٧ع تي
پنھنجي مرڪز ڏانھن وٺي آيا. شيخ ظفرالله کي ٺٽي جو
حاڪم مقرر ڪيو ويو. ديوان گدومل شاھي خلعت سان
احمد شاھي درٻار مان نوازيو ويو، جنھن کي امرڪوٽ
(عمرڪوٽ) موڪليو ويو ۽ ھو وڃي محمد مرادياب خان
سان مليو. نصرپور جي نزديڪ ھڪ وڏي ميدان ۾ ميان
محمد مرادياب خان جي گادي نشيني جو جشن ملھايو
ويو. انھيءَ ھنڌ تي ھڪ نئون شھر مراد آباد اڏيو
ويو (محرم ١١٧١ھھ/١٧٥٧ع)
محمد مرادياب خان ٽي سال ڪاميابي سان حڪومت ھلائي
پر سرائين مان ڪي ماڻھو سندس دشمن ٿي پيا
انھيءَ ڪري کيس گھيري ۾ آڻي قيد ڪيو ويو ۽ ان جي
ٻئي ڀاءُ ميان غلام شاھھ کي گادي ملي. ان ماڻھن جي
تسليٰ جي لاءِ گھڻي ڪوشش ڪئي.
فتحنامي جي لکڻ موجب ميان محمد مرادياب خان عياش ۽
لاپرواھھ ھو، گھڻو وقت بيڪار ڳالھين ۾ پئي
گذاريائين، جنھن ڪري ماڻھن کي ھن جي اھا روش نٿي
وڻي، سو مير بھرام خان ٻين ماڻھن سان ملي ھن کي
تخت تان لاھي ڇڏيو. ان تان ھن جو سڳو ڀاءُ احمد
يار خان جيڪو خدا آباد ۾ھو، ۽ بھاري شاھھ جو پٽ
مقصودي فقير ڪاوڙجي پيا.
سنڌ ۾ جيئن تھ ورھاڱي واري صورت ھئي، ان ڪري عطر
خان جيڪو شاھي درٻار ۾ يرغمال طور ترسيل ھو، ان
پنھنجي حق رسي لاءِ ڪن درٻارين وسيلي احمد شاھھ کي
عرض ڪيو، جنھن کي شاھي فرمان موجب سنڌ جو امير
مقرر ڪرڻ ۾ آيو، خدا يار خان اھا خبر ٻڌي ھڪدم
لشڪر گڏ ڪرڻ ۾ لڳي ويو، پر سرائين جڏھن عطرخان جي
لاءِ شاھي فرمان جو ٻڌو تھ احتياط سان ھلڻ لڳا.
ميان غلام شاھھ پنھنجي ماڻھن کي وٺي ٢٥ صفر ١١٧١ھھ/٨-
نومبر ١٧٥٧ع ريگستان ڏانھن ھليو ويو. عين انھي وقت
عطر خان جو خط مقصودي فقير ڏانھن آيو، جنھن موجب
ميان محمد مرادياب خان کي قيد مان ڪڍيو ويو ۽ ھو
سرائين سان گڏجي عطر خان جي ملاقات لاءِ ويو،
ھيڏانھن ميان غلام شاھھ راڄي ليکي ۽ پنھنجي ٻين
طرفدارن سان الڳ رھجي ويو.
عطرخان جڏھن ڏٺو تھ ھاڻي سنڌ خالي آھي تھ ھتي اچي
ويو. احمد يار خان تڏھن نوشھري فيروز ۾ ھو. ربيع
الثاني ١١٧١ھھ/ڊسمبر
١٧٥٧ع ۾ محمد مرادياب خان اچي ان سان گڏيو. سرائين
۽ ھنن ٻنھي ڀائرن جو خيال ھو تھ عطر خان ھنن جا حق
قبول ڪندو، پر عطر خان اقتدار جو بکيو ھو، ان ڪري
ھنن کي گرفتارڪري خدا آباد موڪلڻ جو حڪم ڏنائين.
انھي وقت کان عام خاص ماڻھو عطر خان کان بدگمان
ٿيا، پر ھو احمد شاھي درٻار لاءِ ڍل جي اڳاڙي ڪرڻ
۾ لڳي ويو ۽ ماڻھن کي ڏاڍو ڏکيو پيو، پر پنھنجي ڪم
(ڍل اڳاڙڻ) ۾ ڪامياب ٿي نھ سگھيو. ماڻھن جي ڪوشش
ھئي تھ ھن کي ڪيئن بھ ڪري ھٽايو وڃي.
ميان غلام شاھھ جيڪو اڌيپور پاسي ھو اتان بھاولپور
۾ آيو ۽ پنھنجي پٽ ميان سرفراز خان کي اتي ڇڏي پاڻ
سنڌ ۾ داخل ٿيو، رمضان جي پڇاڙيءَ ڌاري روھڙيءَ
پھچي عطر خان سان دوبدو ٿيو. ٿوري جنگ کان پوءِ
عطر خان مقصودي فقير سميت شڪست کائي ڀڄي ويو. ميان
غلام شاھھ سوڀارو ٿي شوال ١١٧١ھھ/١٧٥٨ع
پنھنجي ماڻھن سان گڏ سيوھڻ ۾ آيو. محمد مرادياب
خان ٿوري وقت کان پوءِ گذاري ويو. غلام شاھھ ماڻھن
جي رضامندي سان حڪومت ھلائڻ لڳو، ليڪن عطر خان ۽
احمد يار خان ڪونھ مڙيا، ٻئي گڏجي قلات ويا ۽ نصير
خان وٽ پناھي ٿيا، اتان ديوان گدومل ھٿان احمد
شاھي درٻار ۾ خط لکي موڪليائون.
احمد شاھھ ھنن جي مدد لاءِ قنڌار مان لشڪر اماڻيو.
احمد يار خان وڃي شاھي درٻار ۾رھيو. عطر خان شاھي
لشڪر جي سربراھھ عطائي خان سان گڏجي آيو ۽ سنڌ تي
چڙھائي ڪيائين.
فتحنامي جي مؤلف چواڻي: احمد شاھھ جي حضور مان ھڪ
فرمان دائود پوٽن ڏانھن بھ آيو تھ عطر خان جي مدد
ڪئي وڃي، ان ڪري ھنن جو بھ وڏو ڪٽڪ عطر خان سان
اچي شامل ٿيو.
ميان غلام شاھھ ربيع الثاني ١١٧٢ھھ/١٧٥٩ع
کان وٺي لشڪر کي گڏ ڪندو آيو، ٻنھي ڌرين جي چاچڪان
۾ چڪري اچي لڳي. جنگ ڏاڍو زور ورتو. مير بھادر خان
ٽالپور جيڪو غلام شاھھ جي پاران پئي لڙيو جنگ جي
ميدان ۾ مارجي ويو. عطر خان آخر صلح تي راضي ٿيو.
صلح نامي موجب سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورھايو ويو. ھڪ حصو
ميان غلام شاھھ جي حوالي ٿيو ۽ ٽي حصا عطر خان کي
سندس ڀاءُ سميت مليا.
انھي وڳوڙ ۽ ورھاست کانپوءِبھ اھي ٻئي ڀائر عطر
خان ۽ احمد يار خان خاموش نھ رھيا. مڙئي ڌڌڙ ۾ پير
ھڻندا پئي آيا. ميان غلام شاھھ ١١٧٢ھھ/١٧٥٩ع
۾ عطر خان تي چڙھائي ڪئي ۽ کيس نوشھري ڏانھن
ڊوڙائي ڪڍيائين، پوءِ سڄي سنڌ سندس قبضي ۾ اچي وئي
تان جو ١١٧٥ھھ/١٧٦٢ع
تائين گدومل جي ساٿ سان قنڌار مان شاھي خلعت سان
گڏ ۽ شاھھ وردي خان جي لقب سميت سنڌ جي حڪومت جو
پروانو حاصل ڪري ورتائين
ان کان پوءِ ١١٧٧ھھ/١٧٦٤ع
۾ ڪڇ فتح ڪرڻ کان پوءِ کيس صمصام الدولھ جو لقب
مليو۽ ٻھ شاھي فرمان ٢٠ ربيع الثاني ١١٧٧ھھ/١-
جمادي الاول ١١٧٧ھھ سندس نالي صادر ٿيا.
سال ١١١ھھ/١٧٦٧ع
۾ ديرو اسماعيل خان ۽ ديرو غازي خان پڻ غلام شاھھ
جي حوالي ٿيا، ھن ١١٨٢ھھ
/١٧٦٨ع
ڌاري نيرون ڪوٽ، حيدرآباد جو قلعو تعمير ڪرايو ۽
اتي رھائش اختيار ڪيائين.
٣- جمادي الاول ١١٨٦ھھ مطابق ٢- آگسٽ ١٧٧٢ع تي
ميان غلام شاھھ اڌ رنگ جي مرض ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
عبدالحميد جوکئي جي روايت موجب ميان غلام شاھھ ھڪ
ڀيري جوش ۾ اچي (غيرت مان) چوڻ لڳو:
”منھنجا سڀئي سپاھھ سردار ھڪيا تڪيا حاضر ھجڻ کپن
تھ جيئن مان احمد شاھي جي پاڙ پٽڻ لاءِ قنڌار تي
چڙھائي ڪريان.“
ليڪن ستت ئي مٿس اڌ رنگ جو حملو ٿيو ان ڪري الاھي
قضا سان چڙھي نھ سگھيو ۽ آخرڪار مرض جي شدت کان
رحلت ڪيائين
ميان غلام شاھھ جي وفات کانپوءِ ان جي پٽ ميان
سرفراز خان کي سنڌ جي گاديءَ تي ويھاريو ويو.
ھوڏانھن ٻن مھينن کان پوءِ احمد شاھھ ابدالي پڻ
قنڌار ۾ فوت ٿيو. ميان سرفراز خان مير بھرام خان
ٽالپور کي تعزيت ۽ اطاعت جي پيغام سان افغانستان
جي نئين بادشاھھ تيمور شاھھ ولد احمد شاھھ جي
درٻار ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو. اتان سنڌ جي حڪومت جو
فرمان خلعت ۽ لقب خدا يار خان سان ميان سرفراز خان
کي عطا ٿيو.
احمدشاھھ جي وفات ۽ سندس ڪردار:
احمد شاھھ جمعي جي رات ٢٠- رجب ١١٨٦ھھ قنڌار جي
ڏکڻ اوڀر پاسي توبھھ جبل ۾ آڪلھ
جي بيماريءَ وگھي مري ويو. سندس لاش قنڌار ۾ ھڪ
قبي اندر (جيڪو جيئري ٺھرايو ھئائين) دفنايوويو.
وفات وقت ھن جي عمر ايڪونجاھھ سال ۽ حڪومت جو عرصو
چوويھھ ورھيھ ھو. سندس مزار تي ھي ڪتبو لڳل آھي:
شاھھ والا جاهد شاھھ دراني ڪ بود
در قوانين امور سلطنت ڪسري منش
از نھيب قھر مان سطوتشدرعھد او
شير آھورا بھ شير خويش دادي پرورش
چون روان شد جانب دار البقا تاريخ بود،
سال ھجري يڪ ھزار ويڪ صدو ھشتاد وشش.
احمد شاھھ شريعت جو پابند دين تي محڪم ۽ عالم،
شاعر ھو ۽ حنفي مذھب سان تعلق ٿي رکيائين. سندس
پشتو شعر جو ديوان ١٣١٩ (ش) عبدالحي حبيبي ڪابل
مان ڇپرايو ھو، جنھن ۾ عشق، تصوف، بھادريءَ ۽
اخلاق بابت ڪلام درج آھي.ان ۾ ٻھ اڍائي ھزار بيت،
غزل، رباعيون قطيع مخمس مربع وغيره آھن. سندس ڪلام
مان تصوف جو رنگ پڌرو آھي.ڪن شعرن ۾ اخلاقي ۽ وطني
اظھار بھ آھي.ان کان سواءِ نثر ۾ بھ ھن گھڻوڪجھھ
لکيو ھو، جنھن تي ملا محمد غوث ولد ترڪمان ولد تاج
خان قاضي پشاوري احمد شاھھ جي چوڻ تي فارسي ۾ شرح
الشرح نالي شرح لکي ھئي.
احمد شاھھ سياست ۾ نرمي، دوستي ۽ اسلامي ڀائپي جو
قائل ھو، دھلي، بخارا، خراسان، بلوچستان توڙي سنڌ
۾ ھمعصر حڪمرانن سان امن ۽ صلح وارو رويو اختيار
ڪندو رھيو، باوجود فوجي قوت ۽ شاھنشاھي دٻدٻي جي
سڀني کي پنھنجي جاءِ تي تاج بخشي سرتاج بڻائيندو
رھيو، جنھن جي ڪري تاريخ نويسن کي ڏاڍو تعجب آھي.
شاھھ ولي الله دھلوي چواڻي احمد شاھھ جو اھو رويو
ھن دنيا جي روش مطابق ھو.
احمد شاھھ بادشاھھ جي حيثيت ۾ خونريزي کان پاسو
ڪندو ٿي رھيو. جھانداري ۾ بھ عدل انصاف کان ڪم ٿي
ورتائين. ھن ماڻھن کي پنھنجي اولاد ڪري ٿي ڄاتو ۽
انھن جي پرگھور پئي لڌائين. ان خصلت جي ڪري افغان
کيس بابا ڪوٺيندا آھن.
احمد شاھھ جنگي ذھن جو مالڪ ۽ فاتح ھو پر ھن جيڪي
جنگي ڪارروايون يا فتحمندي جا ڪارناما ڪيا، تن مان
ظاھر آھي تھ ھي لٽيرو، ظالم ۽ مظلوم ڪش نھ ھو.
جيڪڏھن صلح صفائي سان کانئس ڪو ڪم پئي ٿيو تھ
مسلمانن سان ھروڀرو جنگ نھ ٿي ڪيائين ۽ اھڙن
مسلمان ڀائرن تي ترار جو وار گوارا نٿي ڪري سگھيو.
-----
احمد شاھھ ابداليءَ بابت سنڌيڪار جو تفصيلي نوٽ:
احمد شاھھ ابدالي نادر جي ممتاز سپھھ سالارن مان
احمد خان افغان بھ ھڪ مکيھ سپھھ سالار ھو. پاڻ
نادر جي قتل ٿينديئي پنھنجي افغان سپاھين کي ساڻ
وٺي قنڌار پھچي ويو، ۽ قوم جي معتبرن کي گڏ ڪري
کين چيائين تھ پنھنجي آزاد حڪومت قائم ڪرڻ جو ھي
ڏاڍو سٺو موقعو آھي، جنھن مان اسان کي فائدو وٺڻ
کپي. دير ٿيڻ جي صورت ۾ ٿي سگھي ٿو تھ نادر جي
سلطنت تي ڪو ٻيو شخص قبضو ڪري وٺي ۽ اسان ائين
ارمان ۾ رھجي وڃون.
اھو ٻڌي قوم وارن ھن کي پنھنجو حڪمران تسليم ڪيو
ڇو تھ ھي ستن اٺن سالن کان نادر جي ماتحتي ۾ ھلندي
فوجي توڙي ملڪي انتظام جي طور طريقي ۾ پوريءَ طرح
ماھر ٿي چڪو ھو. ھن احمد شاھھ جو لقب اختيار ڪندي
قنڌار کي حڪومت جو مرڪز بڻايو ۽ افغانستان،
بلوچستان کان سواءِ سنڌ تائين سمورن علائقن جي
ملڪيت جي پڻ دعوا ڪئي.
تاريخ ۽ فرد:
دنيا قديم زماني کان وٺي جنگبازي ۽ مارا ماري کي
انسانيت جو سڀ کان روشن ڪارنامو سمجھندي اچي ٿي.
اھي ماڻھو برابر خاص قدر ۽ مرتبي جا مستحق ھئا، جن
ضرورت جي وقت خلق خدا جي آزادي ۽ خوشحالي، امن ۽
سلامتي خاطر تراريون وھايون، انھن اھڙيءَ طرح ظلم
۽ ڏاڍ کي مٽايو ۽ مظلومن لاءِ خدا جي زمين تي سک
سانت واري زندگي گذارڻ جا موقعا پيدا ڪيا، مگر خود
غرض ۽ حق ناشناس ماڻھن انسانيت جي عظيم محسنن ۾
اھڙن ماڻھن کي بھ شامل ڪري ڇڏيو، جن ممڪن آھي تھ
خاص دائرن ۾ ڪي چڱا ڪم بھ ڪيا ھجن، پر پوءِ بھ اھو
اڪثر ملڪن ۽ علائقن لاءِ اذيت، مصيبت ۽ آفت جو
ڪارڻ بڻيا رھيا، ھزارين ماڻھو انھن جي ترارين ھيٺ
آيا، لکين گھراڻا لٽجي ويا ۽ اھو سڀ ڪجھھ عمل ۾
آيو، جنھن کي اخلاق جي ضابطي مطابق خير بدران شر،
حق ۽ انصاف بجاءِ ظلم ۽ ڏاڍ کان سواءِ ٻيو ڪو نالو
ڏئي نٿو سگھجي. افسوس آھي تھ ڪيترين قومن اھڙن
ماڻھن کي بھادر ۽ مجاھد ڪري مڃڻ ۾ ڪو بھ عار ڪونھ
ڪيو آھي.
ايرانين جي نزديڪ نادر بھ ھڪ وڏو قومي ھيرو ھو،
ليڪن جيڪڏھن ھندستان، پاڪستان جي مٽيءَ جي ذرڙن کي
ڳالھائڻ جي قوت ملي وڃي ۽ ھو نادر شاھھ جي سرگزشت
بيان ڪرڻ لڳن تھ اندازو لڳايو تھ اھا سرگزشت ڪيتري
قدر نھ خون سان رڱيل ھوندي!
اھڙيءَ ئي ريت افغانن احمد شاھھ ابدالي کي پنھنجي
قومي ھيري بڻائڻ ۾ ڪابھ ڪسر نھ ڇڏي آھي، تنھن
ھوندي بھ ھن حقيقت کان ڪير انڪار ڪري سگھي ٿو تھ
فطرت ۽ طبيعت ۾ نادر کان ڪي قدر بھتر ھئڻ جي
باوجود احمد شاھھ ھند ۽ سنڌ تي جيترا حملا ڪيا،
انھن مان اڪثر حملن ۾ لٽ ڦر ۽ دولت جي ھوس کان
سواءِ ٻيو ڪوبھ مقصد ڪونھ ھو ۽ حملن ۾ جيترن بھ
انسانن جو خون ورھيو، اھي سڀ مظلوم ھئا، ڇاڪاڻ تھ
انھن کان ڪوبھ گناھھ سرزد نھ ٿيو ھو ۽ انھن احمد
شاھھ ياافغانن جو ڪجھھ بھ ضايع نھ ڪيو ھو. اھوئي
احمد شاھھ ھو، جو نادر جي سلطنت مان اوڀر طرف وارن
علائقن جي ميراث جو مالڪ بڻيو ۽ ٻين علائقن کان
سواءِ سنڌ بھ ھن ۽ سندس جانشينن ھٿان جيڪي سختيون
سٺيون ۽ پريشانيون ڏٺيون، تن جو داستان بھ نادري
حملي جي داستان کان گھٽ دردناڪ نھ آھي.
نادر شاھھ جي ايراني مؤرخن ھندستان تي نادري حملي
جا ڪيترن صفحن ۾ جواز گھڙيا ھئا، جن ۾ مرھٽن جي
ظلم ستم جا ڪيئي واقعا دھرائي، اھو ثابت ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي ويئي ھئي تھ نادر شاھھ محض اسلام جي تحفظ
خاطر ۽ ڪافر مرھٽن کي نابود ڪرڻ لاءِ ھندستان تي
حملو ڪيو ھو.
ليڪن حملي کان پوءِ جيڪي نتيجا نڪتا تن جو حوالو
ڏيندي، شاھھ ولي الله دھلوي احمد شاھھ ابدالي کي
ٿو لکي تھ:
”خد کان پناھھ ٿو گھران ان ڳالھھ جي تھ متان ھاڻ
بھ نادر شاھھ وارو عمل ھتي دھرائڻ ۾ اچي، جنھن
مسلمانن کي زيرو زبر ڪري ڇڏيو، ٻي پاسي مرھٽن ۽
جاٽن کي سلامت ڇڏي ويندو رھيو. نادر شاھھ کان پوءِ
ڇا ٿيو جو مخالف قوتون وڌيڪ زور وٺي ويون ۽ اسلامي
لشڪر انتشار جو شڪار ٿي ويو، نتيجي ۾ دھلي جي
سلطنت ٻارن جو کيل ٿي رھجي وئي.“
نادر شاھھ جي حملي کان پوءِ زندگي جي ھر شعبي تي
منفي اثر پئجي ويا، سياست، معيشت، مذھب ۽ معاشريت
سڀ ان جي اوپڙ ۽ آرھھ ۾ اچي ويا. نادر شاھھ جي
تباھھ ڪارين مان ھتي ڪي حادثا دھرائجن ٿا:
محمد شفيع وارد تھراني ١١٥٦ھھ/
١٧٤٣ع ۾ نادر نامھ يا تاريخ نادر شاھي جي نالي ھڪ
ڪتاب لکيو ھو، جنھن ۾ ھن نادر گردي جا سڀئي تفصيل
درج ڪيا آھن. دھلي ۾ قتل عام جو، شروعات جو ذڪر
ڪندي لکي ٿو:
”نادر جي سپاھين محلن ۽ گھرن ۾ گھڙي لٽ ڦر مچائڻ
کان پوءِ باھيون لڳايون ۽ ايتري قدر دست درازيون
... ٿيون جو انھن کان زياده ڪو تصور ڪري نٿو
سگھجي.“
وارد ھڪ ھنڌ لکي ٿو تھ ”ان حملي ۾ ھڪ لک ماڻھو
ماريا ويا. انھي نادري قتل عام کان بچڻ لاءِ ڪيترا
ماڻھو دھلي جي جامع مسجد ۾ وڃي پناھي ٿيا، ليڪن
نادر شاھھ جا سپاھي اتي بھ پھچي ويا، پوءِ مردن،
زالن، ٻارن ٻڍن سڀني کي ڪنھن فرق ڪرڻ کان سواءِ
ترارين سان ڳڀا ڳڀا ڪندا ويا ۽ انھن مان ھڪڙو
ماڻھو بھ ڪونھ بچيو.
مسجد ۾ قتل ٿيڻ وارن جي جڏھن جاچ ڪئي وئي تھ سندن
تعداد ڇھھ سو ٻياسي تائين نڪتو، ان کان علاوه مسجد
۾ مقيم اولياء علماء، فضلاء، استاد، مريد ۽ مرشد
بھ شھيد ٿي ويا.“
انھيءَ تباھي ۽ برباديءَ کان پوءِ جيڪي بدحالي ۽
بداخلاقي جا آثار اڀرندا ويا، تن لاءِ نادر شاھي
جو معاصر مؤلف نادر شاھھ جي حملي ١٧٣٩ع جي وقت ۾
دھلي جي باشندن بابت اکين ڏٺي شاھد جي حيثيت ۾ لکي
ٿو:
”اڄڪلھھ شھر جي ماڻھن خدا کي فراموش ڪري ڇڏيو آھي،
خاص عام ماڻھن زنانا ويس پائڻ شروع ڪيا آھن، شرعي
احڪامن جي بجا آوري بدران انھن جي خلاف ورزي ۾
حرام ڪاري ۽ شراب خوري تي لھي پيا آھن، ۽ جيڪي
برايون آھن تن جا مرتڪب ٿيندا پيا وڃن.“
احمد شاھھ ابدالي ڌن دولت ميڙڻ جي حوس ۾ جيڪي
بيشمار خونريزيون ڪيون، تن بابت شاھھ ولي الله،
مرزا مظھر جان جانان کي ھڪ خط ۾ لکي ٿو:
”احمد شاھھ دراني کي پنھنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ جيڪي
دشواريون پيش اچن ٿيون، تن جو ”وبال ظلم“ اھو ئي
سمجھيو وڃي جيڪو ھن شھرن تي ڪيو آھي.“
١٧٥٧ع ۾ چوٿين حملي کان پوءِ احمد شاھھ ابدالي
ھندستان مان جيڪو مال غنيمت ميڙي کڻي ويو، مؤرخن
ان جي ماليت جو اندازو ٻارھن ڪروڙ رپيا لڳايو آھي،
تنھن کان سواءِ اٺاويھھ ھزار ھاٿي، اٺ ۽ خچر مال
سان ڀريل ڇڪڙن سميت ۽ اسي ھزار پيادا سوار جن لٽ
ڦر جو مال الڳ الڳ کنيو ھو.
مقامات مظھري جي بيان مطابق: احمد شاھھ ابدالي
١٧٤٧ع کان ١٧٦٩ع تائين ھند ۽ سنڌ تي پورا نو (٩)
حملا ڪيا. ھن کي ھتان جي جن عالمن ۽ درويشن دعوتون
ڏئي گھرائڻ جون ڪوشسون ڪيون تن ۾ ھيٺيان بزرگ شامل
ھئا: شاھھ فقير الله علوي شڪارپوري، ميان محمد عمر
ابن ابراھيم چڪني پشاوري، حاجي محمد سعيد لاھوري،
ميان ثناءَ الله دھلوي، سيد محمد بن سيد علي
شيخالي، سيد نجيب ڪنري، شيخ شڪر الله ٺٽوي، شيخ
دھلول جالنڌيري، ميان رحمت الله لاھوري، خواجھ
محمد اعظم ڪشميري، مؤلف تاريخ ڪشمير، شيخ ڪمال
الدين ڪشميري ۽ سيد ھند جي صاحبزادن مان خواجھ
غلام معصوم ثاني انھن سان گڏ حضرت شاھھ ولي الله
دھلوي.
مٿين بزرگن محض اسلامي اخوت جي بنياد تي احد شاھھ
ابدالي جھڙي حڪمران کي ھتي اچڻ لاءِ آماده ڪيو،
جنھن جي ظلم ستم جي ھر ھنڌ شھرت ھئي. جڏھن ھي ھتي
آيو ۽ پنھنجا ڪارناما ڪري ڏيکاريائين تھ ھر ڪنھن
کي افسوس جو اظھار ڪرڻو پيو، جيئن مٿي بيان اچي
چڪو آھي.
ڌارين کي صرف مذھبي جذبي جي بنياد تي ڏيئو ٻاري
گھر ڏيکارڻ جو نتيجو آخر اھو ئي نڪري ٿو، جيڪو
احمد شاھھ ابدالي جي صورت ۾ شاھھ ولي الله جھڙي
عظيم المرتبت اسلامي رھنما کي درپيش آيو.
|