سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 20

 

 

 

 

(٢)

تازن معرڪن جي تاريخ

(ليکڪ: منشي عطا محمد شڪارپوري)

بابت

عبدالحي حبيبي افغاني

جا

جوڙيل

تعليقات


 

(١)

ايسٽوڪ ڪٽنب EASTWICKS

i. Edward Back House

انھيءَ نالي سان ٻھ ڀائر سنڌ ۽ افغانستان ۾ سرڪاري عھدن تي رھيا، سندن پيءُ رابرٽ وليم اسٽوڪ ١٧٧٧ع – ١٨٦٥ع ھو. ھن جو ٻيو پٽ ايڊورڊ بيڪ ھائوس ايسٽوڪ ١٨١٤ع ۾ ڄائو. جنھن آڪسفورڊ ۾ تعليم ورتي، سال ١٨٣٦ع ۾ فوج سان بمبئيءَ ۾ آيو جتي مشرقي ٻولين جي تعليم ورتائين.

ھي سنڌ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ سرڪاري خدمتون سرانجام ڏيندو رھيو، ھن کي سنڌ ۽ ايران جي تاريخ جي مطالعي سان گھڻئي دلچسپي ھئي، سنڌيءَ ۾ بھ ھڪ لغت لکي ھئائين.

١٨٤٢ع ڌاري بيمار ٿيڻ ڪري ھندستان ڇڏي فرئنڪفرٽ ھليو ويو، جتي ٻولين جي مطالعي دوران بوپ جو گرامر ترجمو ڪيائين، آخرڪار ١٨٤٥ع ۾ ھندستاني ايسٽ انڊيا ڪاليج جو استاد مقرر ٿيو. ١٨٥١ع ۾ ھندستان جي سياسي معاملن جو معاون ٿيو. ١٨٦٠ع ڌاري تھران جي سفارتخاني ۾ ڪم ڪيائين. ان کان پوءِ ھندستان ۾ داخلا کاتي جو سيڪريٽري ٿيو ۽ علمي شغل جاري رکندو آيو. گلستان سعدي، انوار سھيلي، باغ بھار ۽ ٻيا ڪتاب انگريزي ۾ ترجمو ڪيائين. ھندستاني گرامر، سنڌ ۽ ايران ۾ پنھنجا مشاھدا ۽ قديم نامھ ھند لکيائين ۽ انسائيڪلوپيڊيا برطانيڪا لاءِ ڪجھھ ڪم ڪيو ھئائين. ھن جي وفات ١٦- جولاءِ ١٨٨٣ع ۾ ٿي ھئي.

ii. Robert William Joseph

ايڊورڊ جو ڀاءُ رابرٽ وليم جوزف ايسٽوڪ ١٨٠٨ع ۾ پيدا ٿيو. ھو تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ١٨٢٦ع ۾ ھندستان آيو ۽ ڪجھھ وقت کان پوءِ سنڌ ۾ پاٽنجر جو سياسي معاون ٿيو. ١٨٣٩ع ۾ حيدرآباد جي ميرن سان معاھدي ۾ شريڪ ٿيو، جنھن جي وسيلي انگريزن کي سنڌو نديءَ ۾ واپار سانگي اچ وڃ جو سھو ملي ويو.

ھيءُ افغانستان جي پھرين جنگ ١٨٤١ع دوران قنڌار ۾ جنرل ناٽ جو جنگي معاملن ۾معاون ھو ۽ انھيءَ سال انگلينڊ ويو. ١٨٤٦ع کان ١٨٥٨ع تائين ھندستان ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي معاملن ۾ پڻ معاونت ڪيائين، ساڳئي سال ھندستاني ڪونسل جو ميجر ٿيو آخر ١٨٦٨ع رٽائر ڪيائين. ٢٤- فيبروري ١٨٨٩ع ۾ سندس انتقال ٿيو. (بايوگرافي ھند ١٣١. حبيبي)

رابرٽ عالم فاضل ھو، جنھن جو ڪتاب: A Glance at Sindh before Napier or Dry Leaves from young Egypt. وڏي اھميت رکي ٿو، اھو ڪتاب ١٨٩٤ع ۾ شايع ٿيو، جنھن جو سنڌي ترجمو ”نئين مصر جا پراڻا ورق“ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ١٩٧٣ع ڌاري شايع ٿيو. ھن ڪتاب ۾ ١٨٣٩ع ڌاري سنڌ ۾ جيڪي حالتون ھيون، تن جي چٽي تصوير ڏني ويئي آھي ۽ ڏيکاريو ويو آھي، تھ ڪيئن نھ ڪوڙين تھمتن جي بنياد تي سنڌ جي ٽالپر حاڪمن سان ڏٺي وائٺي ارھھ زورائي ڪئي وئي ھئي.(1)

*


 

(٢)

نادر شاھھ افشار (١١٠٠ – ١١٦٠ھھ):

نادر شاھھ پٽ امام قلي پٽ نذر قلي افشار اتر خراسان جي قرقلوي ترڪمانن مان ھو. پاڻ ٢٨ محرم ١١٠٠ھھ / آڪٽوبر ١٦٨٨ع ڌاري ڪوبڪان ۾ پيد اٿيو. جوانيءَ ۾ شاھھ طھماسپ صفوي ثاني وٽ وڃي بيٺو، جنھن جي طرفان ترڪمانن ڪردن، اوزبڪن ۽ افشارن سان جنگيون ڪري ڪافي نالو ڪڍيائين. اھڙيءَ ريت ملڪ محمود سيستاني کي، (جنھن مشھد تي قبضو ڪيو ھو،) ڪيترين جنگين کان پوءِ شڪست ڏئي پاڻ مشھد تي قابض ٿيو.

انھيءَ شاھھ طھماسپ جي حڪم تي افغاني، غلزئي ۽ ابدالي قبيلن سان ايران ۽ ھرات ۾ لڙيو، ليڪن ١٧٢٨ع ۾ ھرات جي ابدالين ھٿان ھار کاڌائين. ھرات جي ابدالي سردارن الھيار خان ۽ ذوالفقار خان جي پاڻ ۾ ڪانھ پوندي ھئي.، سو نادر شاھھ وجھھ وٺي الھيار خان سان ساٿ ڏئي کيس پنھنجي وڪڙ ۾ آڻي پنھنجي قبيلن کي خراسان ۾ آڻي آباد ڪيو. ھيءُ ١١٤١ھھ/ ١٧٢٧ع جو واقعو آھي.

ان کان پوءِ نادر شاھھ اشرف غلزئي افغان سان اٽڪيو، جنھن کي مھمان دوست واري جنگ (٦- ربيع الاول ١١٤٢ھھ/ ٧ نومبر ١٧٢٩ع) ۾ شڪست ڏنائين ۽ چوڌاري ھاڪارو ٿي ويو. فارس جي جنگين ۾ بھ چڱو نالو ڪڍيائين. تبريز کي ٢٧ محرم- ١١٤٣ھھ/ ١٣ آگسٽ ١٧٣٠ع تي عثماني حڪمرانن کان واپس ورتائين.

ھرات جي ابدالين جڏھن مشھد تي حملو ڪري نادر شاھھ جي ڀاءُ ابراھيم خان کي مشھد جي قلعي مان ڪڍي گھيري ۾ آندو تھ نادر شاھھ خراسان کان اتي پھچي، (١٧٣٠ع نومبر مھيني ۾) مشھد کي انھن کان ڇڏايو ان کان پوءِ ھرات (١- رمضان ١١٤٤ھھ / ٢٧- فيبروري ١٧٣٢ع) تي فتح ڪري ورتائين.

نادر شاھھ ائين جنگيون کٽيندو، جڏھن وڌيڪ طاقتور ٿيو تھ عثمانين ۽ روسين سان معاھدا ڪيائين. پڇاڙيءَ (نمڪ حرامي ڪري) شاھھ طھماسپ کي سلطنت تان ھٽائي، ان جي ھڪ ٿڃ پياڪ ٻار کي (جو اڃان پينگھي ۾ ئي ھو( تخت جو والي بڻائي، ان جي نالي پڙھو ڏياريائين. (١- ربيع الاول ١١٤٥ھھ/ ٧- جولاءِ ١٧٣٢ع).

ڪجھھ عرصي کان پوءِ نادر شاھھ بغداد جي عثماني حڪمرانن عثمان پاشا توپال سان اتي جنگ ڪرڻ ويو. پر انھيءَ جنگ ۾ جيڪا دجلي جي ڪناري لڙي ويئي، (٦- صفر ١١٤٦ھھ/ ١٩- جولاءِ ١٧٣٢ع) تي شڪست کائي ھمدان پاسي وريو. ان کان پوءِ آق دربندر ۾ مدش پاشا سان وڃي ٽڪريو ۽ عثمانين کي آذربائيجان مان تڙي ڪڍيائين.

قنڌار جي ھوتڪي حڪمرانن جي ھڪ عملدار محمد خان بلوچ جڏھن فارس جي ڏکڻ ۾ شورش پيدا ڪئي تھ نادر شاھھ ٢٧- شعبان ١١٤٦ھھ/ ١- فيبروري ١٧٣٤ع تي ان سان لڙي شيراز موٽائي ورتو. تاريخ ١٢- محرم ١١٤٧ھھ/ ١٧- جون ١٧٣٤ع تي اصفھان کان آذربائيجان مٿان چڙھائي ڪيائين، جتان غازي قوموق سرخائي کي اتر جي پاسي ڌڪي ڇڏيائين.

٢١- مارچ ١٧٣٥ھھ تي روسي حڪومت سان اتحاد جو معاھدو ڪيائين ۽ پوءِ ايروان جي جنگ ١٧ صفر ١١٤٧ھھ (٨ جولاءِ ١٧٣٤ع) تي پرولو زادي عثماين کي شڪست ڏنائين. ١٢ ربيع الاول /١٣- آگسٽ تي ساڳي سال تفليس کڻي ورتائين ۽ داغستان ڏانھن ورندي تفليس جي ڇھن ھزارن خاندانن کي خراسان ڏانھن ھڪالي ڪڍيائين. تنھن کان پوءِ لنگي ۽ تلي جا (جنگ ۾) ترا ڪڍي ڪريميا جي خان کي دربند کان ھٽائي ڇڏيائين.

بادشاھي جو اعلان:

١٣- رمضان ١١٤٨ھھ/ ٢٧- جنوري ١٧٣٦ع ۾ نادر شاھھ مغان جي ماڳ ۾ آيو ۽ اتان جي معتبر ماڻھن کي ڪوٺائي سندن آڏو پنھنجي بادشاھت جو اعلان ڪيائين. ٢٣- شوال اڱاري جي ڏينھن ١١٤٨ھھ تي شاھي تاج پنھنجي مٿي تي رکيائين. ان کان پوءِ افغانستان ڏانھن وڌيو، انھيءَ ارادي سان تھ اتي وڃي قنڌار جي ھوتڪي حڪومت جي پاڙ پٽي ڪڍي؛ تڏھن اتي شاھھ محمود جي ڀاءُ شاھھ حسين جي حڪمراني ھئي.

نادر شاھھ نوروز  ١١٤٩ھھ/ مارچ ١٧٣٧ع تي قنڌار کي گھيري ۾ آندو ۽ شير سرخ واري علائقي ۾ نادر آباد شھر جو بنياد رکيائين. ان کان پوءِ قنڌار تي چڪريون ڏنائين، پڇاڙيءَ ٢- ذوالقعد ١١٥٠ھھ/ ٢٣- مارچ ١٧٣٨ع تي قنڌار تي قبضو ڄمائي، ان کي ڀينگ ڪيائين.

قنڌار کان پوءِ ھوتڪي جي شاھي خاندان ۽ شاھھ حسين کي مازندران ۾ مات ڪري، ڪابل کان ٿيندو وڃي ھندستان تي ڪڙڪيو. صفر ١١٥١ھھ/ ١١- جون ١٧٣٨ع غزني ڦٻائي وري ١٢ ربيع الاول (٣٠- جون) تي ڪابل فتح ڪيائين.

٨- جمادي الاول، ١٧- سيپٽمبر تي جلال آباد ھٿ ڪيائين ۽ شھزادي قلي رضا کي ان سطلنت جي وڪيل طور فارس ڏانھن اماڻيائين. پوءِ خيبر کان لنگھندي اتان جي حاڪم ناصر خان کي ھٽائي پشاور پنھنجي ھٿ ھيٺ آندائين. (ھيءُ ١٥- رمضان/ ٢٧- ڊسمبر ١٧٣٨ع جي ڳالھھ آھي) اتان ٿي وري لاھور کان وڃي ٽپيو ۽ اڳوڻي حڪمران ذڪريا خان خراساني کي ٻيھر اتي مقرر ڪيائين. ناصر خان کي واپس پشاور موڪلي ٢٦- شوال/ ٢-فيبروري ١٧٣٩ع ۾ لاھور کان دھليءَ آيو.

دھليءَ جو حڪمران محمد شاھھ ڪرنال تائين ھن جي مقابلي لاءِ پھتو، نادر شاھھ دھليءَ کان سندس لشڪر جو رستو روڪي ١٥ ذوالقعد ١١٥١ھھ/ ٢٤- فيبروري ١٧٣٩ع تي مٿس حملو ڪري ڏنو، جنھن ۾ دھليءَ جو سپھھ سالار خان دوران سخت زخمي ٿي پيو ۽ سعادت خان جيئرو گرفتار ٿيو.

محمد شاھھ ھٿيار ڦٽا ڪري نادر شاھھ سان گڏ دھلي ھليو آيو ۽ دھلي جو خطبو نادر شاھھ جي نالي پڙھايو ويو، ان سان گڏ نادر شاھھ جو سڪو بھ جاري ٿيو. ١٥ ذوالحج / ٢٦- مارچ ١٧٣٩ع اچانڪ نادر شاھھ جي قتل ٿي وڃڻ جو ھاواٽو ٿيو تھ نادر شاھھ خار ۾ اچي دھليءَ کي تاراج ڪرڻ جو حڪم ڏنو:

”جنھن ۾ ايڏو ڪوس ٿيو، جو نادر شاھھ جي پڇا ڪرڻ تي کيس ٻڌايو ويو تھ ايڏا ماڻھو مئا آھن، جو پٺيان ڪا پھر مس بچي آھي. ھاڻي ٻيو تھ ڪجھھ رھيو ڪونھي باقي جيڪي مئا آھن تن کي ٻيھر جيئرو ڪري وري قتلام شروع ڪرائين تھ تنھنجي اندر جي باھھ ڍري ٿي سگھي ٿي.“

نادر شاھھ (شرم پرچائڻ لاءِ) بابر جي شاھي گھراڻي سان مائٽي ڳنڍي ۽ ٢٩ ذوالحج ٦- اپريل تي دھليءَ جي شھزادن جي ھڪ ڇوڪري پنھنجي پٽ نصير الله مرزا سان پرڻايائين. ٣ صفر ١١٥٢ھھ /١٢ مئي ١٧٣٩ع تي ھڪ وڏي مجلس ڪوٺائي، شاھي تاج، محمد شاھھ کي واپس ڪيائين.

محمد شاھھ وري ھندستان جي اتر اولھھ وارا علائقا نادر شاھھ جي حوالي ڪيا.(1) آنندرام جي روايت موجب دھليءَ جي لٽ ڦر مان نادر شاھھ کي ڇھھ ملين رپيا روڪ ۽ پنج سو ملين رپين جا ھيرا جواھر ھٿ لڳا، جن ۾ مشھور ڪوھھ نور ھيرو ۽ تخت طاؤس بھ شامل ھو. ڏسو تعليق نمبر – ١٣.

نادر شاھھ جي سنڌ ۾ آمد:

نادر شاھھ ١- رمضان ١١٥٢ھھ/١٧٣٩ع دھليءَ کان ڪابل موٽيو پر اتان ھڪدم سبي (سنڌ) ڏانھن موٽ کاڌائين. پوءِ بنگش، لاڙڪاڻي ۽ شھدادڪوٽ کان ڦرندو سنڌ تي اچي چڙھيو. تڏھن ميان نور محمد ڪلھوڙو ھتي حڪمران ھو. ھي لشڪر جي تياري لاءِ لاڙڪاڻي ويو ۽ پنھنجي پٽ محمد مرادياب خان کي ٺٽي موڪليائين. ڏسو تعليق نمبر- ٣.

شوال مھيني جي شروعات ١١٥٢ھھ/ ١٧٣٩ع محمد مرادياب خان پيءُ وٽ واپس آيو، جيڪو امرڪوٽ ۾ ترسيل ھو. ٻنھي پيءُ پٽن صلاح ڪري پنھنجي اھل عيال کي تلھار ڏانھن ڏياري موڪليو(1). نادر شاھھ  جڏھن پنڌ ھڻڻدو اچي امرڪوٽ پھتو تھ ميان نور محمد قلعي جي ٻي دروازي کان نڪتو، پر مقابلو نھ ڪيائين ۽ نادر شاھھ جي پيش پيو.

نادر شاھھ کيس پاڻ سان وٺي لاڙڪاڻي پھتو، اتان ٻئي ٺٽي آيا، ھتي ڏھن لکن اڍائي ھزارن جي ڍل قبول ڪرڻ تي(2)نادر شاھھ کيس شاھھ قلي خان جو لقب ڏئي سنڌ جي حڪمراني کيس واپس ڪئي. پوءِ ھن جي ٻن پٽن محمد مرادياب خان ۽ غلام شاھھ کي يرغمال طور (جيئن اڄڪلھھ ڌاڙيل ڪري رھيا آھن) پاڻ سان کنيائين. ويندي ويل سبي افغانن ۽ شڪارپور دائود پوٽن جي حوالي ڪيائين.

تاريخ ١١ محرم، ١١٥٤ھھ/ ١٧٤٠ع تي نادر شاھھ لاڙڪاڻي مان روانو ٿيو. سندس سپھھ سالارن صالح خان بيات ۽ شاھھ وردي خان ڪورڌ، ٻين ڪارندن نادري لشڪر سان گڏجي امرڪوٽ کان ڦرندي سموري سنڌ تي قبضو ڪري ورتو.

نادر شاھھ جڏھن ٺٽي پھتو تھ شيخ شڪر الله ۽ مستي خان جويو ٻئي افغاني ڳوٺن مان وٽس لنگھي آيا ۽ ٺٽي جا ڪي معتبر بھ آقا محمد ڪريم اصفھاني سان گڏجي ھن وٽ پھتا. آقا محمد ڪريم کي پنھنجي وڪيل جي حيثيت ۾ ۽ سلطان سامتئي کي حاڪم طور ٺٽي تي مقرر ڪيائين. پڇاڙيءَ ۾ سنڌ غصب ڪرڻ کان پوءِ تاريخ ٧- صفر ١١٥٣ھھ/ ٥ مئي ١٧٤٠ع سبي ۽ ڪوئيٽھ کان ٿيندو وڃي قنڌار رسيو.

نادر شاھھ سال ١١٥٥ھھ/ ١٧٤٢ع ۾ مظفر علي خان بيات بيگلھ بيگي کي ٻيڙين کي سنڌ جي رستي آڻڻ لاءِ، جيڪي سورت بندر ۾ ٺھرائڻيون ڏنيون ھئائين، سنڌ ڏانھن اماڻيائين. ھي جڏھن ڪراچي کان ٺٽي پھتو تھ ميان نور محمد ساڻس ملڻ ويو ۽ ٻھ مھينا اتي ترسي پيو، تيستائين بيگلھ بيگي ڪم لاھي ايران ھليو ويو.

١١٥٦ھھ/ ١٧٤٣ع ۾ دائودپوٽن وڳوڙ  ڪيو تھ نادر شاھھ طھماسپ قلي خان کي سنڌ ڏانھن ڏياري موڪليو. ميان نور محمد خان ان باري ۾ بلڪل خاموش رھيو ۽ ڪابھ دخل اندازي نھ ڪيائين، تان جو سنڌ ۾ ملھلو وڌي ويو. ميان نور محمد ڇا ڪيو جو ٺٽي جي حاڪم سلطان سامٽئي ۽ شيخ شڪرالله کي ھٽائي نادر شاھھ جي سفير رضا بيگ کي ٺٽي جي حاڪم ڪري رکيائين. ھن وڳوڙين ۽ ھندو جاتي سان ملي صلح جو معاھدو ڪيو. ميان نور محمد جي ٽئين پٽ عطر خان کي طھماسپ شاھھ قلي خان سان يرغمال طور نادر شاھھ ڏانھن موڪلي ڇڏيائين. سلطان سامٽيو ۽ شيخ شڪر الله وري ٻيھر ٺٽي تي مامور ٿيا(1). نادر شاھھ سنڌ ۾ سليمان بيگ اسلم کي سڪي ۽ خطبي جي ناظم طور رھائي ويو ھو(2) جنھن جو تفصيل ھن ريت آھي:

نادر شاھھ جڏھن دھلي ويو ھو تھ اتي ميان نور محمد جو وڪيل مير لطف الله متارو بھ دھليءَ جي درٻار ۾ موجود ھو، نادر شاھھ ان کي پنھنجي سفير محمد علي بيگ سان سنڌ جي درٻار ڏانھن اھو نياپو ڏئي اماڻيو تھ: سالياني ڍل قبول ڪندي پنھنجي پٽ کي ڏھن ھزارن جي لشڪر سميت اسان ڏانھن روانو ڪري ڇڏ!

ميان نور محمد نادري سفير جو سٺو آڌر ڀاءُ ڪيو، پر ڍل کان ننواکر واريندي چيائين، اسان وٽ اھڙو ڪوبھ خزانو ڪونھي، جيڪو نادر شاھھ ڏانھن ڏياري موڪليون، پر ھڪ ٻيو خزانو برابر موجود آھي، جنھن کي تکي ترار چيو وڃي ٿو. نادر شاھھ جي سفير جڏھن واپس وڃي اتي اھا روداد ڪئي تھ نادر شاھھ تپي باھھ ٿي ويو ۽ ھڪدم سنڌ تي چڙھائي جو سانباھو ڪيائين.

ھي نامھ نغز(1) جو بيان آھي. ٻيا تاريخ نويس ٻڌائين ٿا تھ نادر شاھھ ميان نور محمد کي اھو حڪم ڏنو ھو تھ پاڻ ڪابل ۾ سلاميءَ تي اچي حاضر ٿئي. جڏھن ھي نھ ويو تھ حڪم جي تعميل کان لاپرواھي ڏيکارڻ جي ڏوھھ ۾ نادر شاھھ سنڌ تي چڙھائي ڪئي، نادر شاھھ جيئن تھ اڳ ۾ ئي سنڌو ندي جي مٿانھين ايراضي محمد شاھھ دھليءَ واري کان ورتي ھئي، ان ڪري انھيءَ بنياد تي سڄي سنڌ کي ھڙپ ڪري پنھنجي بادشاھت کي وسعت ڏيارڻ جي ٿي ڪيائين.

تاريخ ٨- رمضان ١١٥٢ھھ/ نومبر ١٧٣٩ع نادر شاھھ ڪابل ڇڏي ان جي ڏاکڻين ڪوھسار وٽان گرريذ جو پاسو ڏئي ٢١- ڊسمبر ١٧٣٩ع تائين ڪرم جي وادي کان وڃي نڪتو، واٽ تي جيڪي قبيلا سندس ور چڙھيا، تن کي (درندن وانگي) قھر ۽ خونريزي سان چيري ڦاڙي وڃي پار پيو. انھن مان ھڪڙو قبيلو اھڙو بھ ھو، جنھن ۾ھڪ ھزار ماڻھوھئا، انھي قبيلي کي ايتري قدر پنھنجي ظلم و ستم جو شڪار بڻايائين جو ان مان ٻيا سڀ مري کپي ويا، باقي ٻھ ماڻھو وڃي منجھانس بچيا. ھيءُ انھيءَ ڏمر ۽ ڏوجھري سان ٢٥ ڊسمبر ١٧٣٩ع ۾ ديري اسماعيل خان اچي پھتو.(2)

سنڌ ۾ ڪلھوڙن ۽ دائودپوٽن جي وچ ۾ جيڪو جھيڙو ھلي رھيو ھو، تنھن لاءِ دائودپوٽن جو چڱو مڙس صادق محمد خان ديري اسماعيل خان کان ديري غازي خان ڏانھن ٻيڙين تي چاڙھي موڪليو. اتان وري نادر شاھھ، ميان نور محمد ڏانھن پيغام موڪليو، پر ميان موصوف ان جو ڪوبھ جواب نھ ڏنو(1).

عبدالڪريم چواڻي: سنڌ جي سرحد سان ملندڙ اھي رستا ڏاڍا ڏکيا ھئا، جن مان وڏين مصيبتن برداشت ڪرڻ کان پوءِ پار ٿيڻو پيو(2). نادر شاھھ انھيءَ وچ ۾ ھڪ ٻيو فرمان لاھور ۽ ملتان جي حاڪم ذڪريا خان ڏانھن اماڻيو تھ جيڪڏھن سنڌ مان ڪو ماڻھو ان پاسي اچي تھ ان کي روڪيو وڃي ۽ سنڌو ندي رستي جيڪي ماڻھو فرا رٿي اچن تن کي ھندستان طرف نھ ڇڏيو وڃي. ٢١ جمادي الثاني ١١٥٢ھھ/ ١٤ سيپٽمبر ١٧٣٩ع تتي، ھيڏانھن ميان نور محمد بھ مقابلي لاءِ تيار ٿيو. ٻارن ٻچن کي خدا آباد مان امرڪوٽ ڏياري موڪليائين جيڪو وڌيڪ محفوظ ۽ قلعي جي صورت ۾ مضبوط ھنڌ ھو. ان جي چوڌاري ريگستان ھئڻ ڪري ڪنھن جي چڙھائي جو خطرو بھ گھٽ نظر ٿي آيو. پڇاڙيءَ دشمن کي تنگ ڪرڻ لاءِ کاڌ خوراڪ جي جنس ۽ گاھھ پٺي واريون ٻنيون ساڙي سڃ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيائين يا وري سمورو ان گاھھ زمين ۾ پورائڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين، جيئن دشمن ان مان ڪو فائدو وٺي نھ سگھي.(3)

نادري لشڪر ١٤ ذوالقعد ١١٥٢ھھ/ ١- فيبروري ١٧٤٠ع تي، منزلون ماريندو، اچي لاڙڪاڻي پھتو. اتان سوارن جي سپاھھ سان شھدادڪوٽ تي چڙھائي ڪيائين. ايتري ۾ ميان نور محمد طرفان ڪي تحفا عريضي سميت (جنھن ۾ فرمانبرداري جو عھد ڪيل ھو) اچي نادر جي حضور ۾ پھتا، پر ھن اھي قبول نھ ڪيا.(1) ۽ ضد ۾ ھن جو پيڇو ڪرڻ لڳو. اٽڪل نوي ميل ھڪ ڏينھن ۾ ھڻي امرڪوٽ رسيو. مرزا مھدي چواڻي: نادر شاھھ تاريخ ٢٨ ذوالقعد ١١٥٢ھھ/ ١٥- فيبروري ١٧٤٠ع تي شھدادڪوٽ ڏانھن وڌيو ۽ آخر ڏينھن ٢٩ ذوالقعد ٽپھريءَ جو امرڪوٽ وڃي پھتو.(2)

انھيءَ وچ ۾ ميان نور محمد پنھنجي خزاني مان ڪجھھ حصو زمين اندر پورائي ڇڏيو، تھ ڪجھھ ٻيڙين ۾ ڀرائي ھٿيڪن ھنڌن ڏانھن موڪليائين(3). باقي وٽس صرف ايڪويھھ لک روپيا رھيا- ھي اڃا انھيءَ کپڙتال ۾ ھو تھ مٿان نادر شاھھ چئني پاسن کان اچي سندس لشڪر گاھھ کي گھيرو ڪيو- ٿوري دير جي چڪري کان پوءِ(4) ميان نور محمد پنھنجي ۽ خاندان جي جان جي امان گھري اچي پيش پيو.(5)

ھيءُ جڏھن نادر شاھھ جي اڳيان آيو تھ ھن کانئس سوال ڪيو: اوھان اسان جي فرمانبرداري بدران ڀاڄ ۾ منھن ڇو وڌو؟ ميان نور محمد جواب ڏنو: اسان وڏن کان وٺي ھندستان جي بادشاھھ جي تابعداري ڪندا پيا اچون. ھاڻ جيڪڏھن اوھان جو پاسو ٿي ورتو سين تھ انھيءَ حالت ۾ اوھان کي بھ اسان تي ڪو اعتبار نھ اچي ھا-!

اھا ڳالھھ نادر شاھھ کي وڻي ويئي، سو انھيءَ ئي مجلس ۾ ميان نور محمد کي سنڌ موٽائي ڏيڻ جي خوشخبري ٻڌايائين.(1) پوءِ وري نادر شاھھ پڇيس: ٻڌون پيا تھ اوھان وٽ سون سان ڀريل کوھھ موجود آھي؟ ميان نور محمد چيو: ھائو، ھڪ نھ پر پورا ست کوھھ اسان وٽ آھن، جن جي چاٻي حاضر آھي، پوءِ ستن انتظامي حلقن ڏانھن اشارو ڪيائين، جيڪي ان وقت سنڌ ۾ ھئا(2).

نادر شاھھ ميان نور محمد کان جيڪا رقم وصول ڪئي، ان بابت مؤرخن جا مختلف رايا آھن(3) پر گھڻا ان جو انداز ھڪ ڪروڙ رپيا روڪڙ ۽ مال ٻڌائن (4) جنھن کان پوءِ اھو شرط رکيو ويو تھ ھر سال ھيڪاندا ويھھ لک رپيا ۽ ھڪڙو پٽ يرغمال طور ڏيڻو پوندو(5) خواجھ عبدالڪريم، جيڪو ميان نور محمد جي ملڪيت جي فھرست تيار ڪرڻ وقت خود اتي حاضر ھو، چوي ٿو تھ ڪيتريون قيمتي ۽ نفيس شيون اھڙيون بھ ھيون، جيڪي صفوي بادشاھن وٽان افغانن وسيلي سنڌ ۾ آيون ۽ ميان نور محمد خريد ڪري پاڻ وٽ رکيون ھيون.(1) ان جي تائيد گلدستي جو مؤلف بھ ڪري ٿو.

بھرحال نادر شاھھ ميان نور محمد سان سٺو سلوڪ ڪيو(2) پر سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورھائي ڇڏيائين. سبي ۽ ڪڇي وارا علائقا، جيڪي بلوچستان جي لڳ ھئا، سي محبت خان ولد عبدالله خان بلوچ کي ڏنائين، شڪارپور ۽ اپر سنڌ صادق محمد خان دائودپوٽي جي حوالي ڪيائين، ٺٽو ۽ سنڌ جا ٻياحصا وڃي ميان نور محمد جي بلي ٿيا(3) ان کان سواءِ کيس (ميان نور محمد کي) شاھھ قلي خان جو لقب بھ ڏنائين، جنھن لاءِ محسن ٺٽوي تاريخ لکي:

بادشاھھ تو کي سنڌ جي بادشاھي ڏني.

تنھنجي تاريخ ٿي ”شاھھ قلي خان دائم“ رھي (١١٥٢ھھ)(4) نادر شاھھ ميان نور محمد جي ٽن پٽن مرادياب خان، غلام شاھھ ۽ عطر خان کي يرغمال طور پاڻ سان ايران وٺي ويو، جيڪي نادر شاھھ جي قتل ٿيڻ تائين اتي رھيا(5). ان سان گڏ ھو ميان نور محمد جو ڪتب خانو بھ زوريءَ کڻي ويو، جيئن ميان نور محمد وصيت نامي ۾ لکي ٿو:

”ھيءُ چنڊال ۽ ناپاڪ سنڌ ۾ اچي سڀ ننڍا وڏا ڪتاب ميڙي کڻي ويو(1)“.

نادر شاھھ جو لشڪر، جيستائين لاڙڪاڻي ۾ ھو، ان جي مھمانداري ۽ ٻيا خرچ پکا سڀ ميان نور محمد تي ھئا. محرم جا عاشورا ١١٥٣ھھ، گذريا تھ نادر شاھھ پنھنجي فتح (ملڪن غصب ڪرڻ) جو جشن بھ ھتي ملھايو (اھا چٽي بھ سنڌ تي پئي).

ھن ھند، سنڌ مان جيڪي مال ملڪيت جون ڀريون ٻڌيون ھيون، تن مان پنج سو اشرفيون پھرين درجي وارن اميرن مان ھر ھڪ کي ڏنائين ۽ ٻين کي بھ ھڪ کان ٽن سون تائين اشرفيون ڏيندو ويو. سپاھين مان ھر ھڪ کي ٻھ ٻھ اشرفيون مليون، جن جي قيمت چوويھھ رپيا في اشرفي ھئي.(2)

ڪتاب شاھنامھ نادري قلمي:

ھن ۾ ڪل تيرھن ھزار فارسي بيت آھن، جن ۾ نادر شاھھ جي جنگي مسافرين ۽ مھمن جي پٽاڙ آھي. ھن شاھنامھ ١١٧٢ھھ ڌاري ھڪ گمنام شاعر (شاھنامھ صفوي جي شاعر قاسمي جي ڪھول مان) خراسان ۾ حسين خان لزگي جي حڪم موجب احمد شاھھ ابداليءَ لاءِ لکيو ھو، جنھن جو ھڪ قلمي نسخو مرتب (حبيبي) وٽ موجود آھي.

ھن شاھنامي اندر نادر شاھھ ۽ ميان نور محمد جي جنگ ۽ صلح بابت ساڳيون ڳالھيون دھرايل ٿيون ڏسجن، جيڪي اڳ ۾ ئي بيان ٿي چڪيون آھن، سواءِ ان جي تھ شاعر ان ۾ پنھنجا مرچ مصالا گڏي خوشامد برآمد جي فصاحت بلاغت پکيڙي آھي، تنھن ڪري ان کي پيش ڪرڻ جي ضرورت محسوس نھ ڪئي ويئي، تڏھن بھ ڪي ٽڪرا نموني طور ھتي ڏجن ٿا:

نادر شاھھ ڪابل پھتو تھ سندس ڌيان

سنڌ ڏانھن وريو، جتي خدا يار خان نالي

(ميان نور محمد) ھڪ بد نشان عباسيءَ

جي حڪومت ھئي.

-

ھي نادر شاھھ منزلون ڪندو اچي ديري

اسماعيل خان ۽ غازي خان تائين پھتو

واٽ تي جيڪي نافرمان سندس ور چڙھندا

ويا تن کي ماري مڃائي سڌو ڪري ڇڏيائين

-

پوءِ ميان خدا يار خان کي حڪم ڏياري

موڪليائين تھ جيڪڏھن تو اسان جي درٻار جي

فرمانبرداري نھ ڪئي تھ سنڌ کي ھن مٿي

کان ھن مٿي تائين تباھھ ڪيو ويندو

-

سنڌ جي حڪمران خدايار خان تي نادر شاھھ

جي انھيءَ دڙڪي جو ڪو اثر نھ ٿيو، ڄڻ کيس

ڪا پرواھھ ئي ڪانھ ھئي. اھا ڳالھھ نادر شاھھ

کي ڏاڍي خراب لڳي ۽ ڏمرجي اٿيو.

-

خدا يار خان ھڪدم ٽپڙ ٻڌا ۽ ٻار ٻچا وٺي

سڌو عمرڪوٽ ڏانھن نڪري ويو ھن تي

نادر شاھھ جي اھڙي ھيبت طاري ٿي ويئي

جو ڀڄڻ کان سواءِ ڪو چارو نھ سجھيس.

-

نيٺ نادر شاھھ جي لشڪر وڃي کيس ڳچيءَ

کان جھليو ۽ ھن کي چوکنڀو ٻڌي

سڌو نادر جي اڳيان وٺي آيا. ھيءُ

ھٿيار ڦٽا ڪري فرمانبرداري ۾ اچي ويو.

-

نادر شاھھ ھڪدم حڪم ڪيو تھ ھن کي قيد ۾

وڌو وڃي ۽ وٽس جيڪي مال ملڪيتون

۽ خزانا موجود آھن، اھي سڀ لٽي ڦري

شاھي (نادري) کاتي ۾ داخل ڪيا وڃن.

-

آخر (١١٥٣ھھ) خدا يار خان (ميان نور محمد)

جي مٿان ڏاڍو مھربان ٿيو ۽ کيس ٻيھر

سنڌ جو تخت ورائي ڏنائين. ان گڏھن کي

لقب (شاھھ قلي خان) سان بھ نوازيائين.

-

يعني نادر شاھھ رڳو ڏوڪڙن جي باھھ کان ميان نور محمد کي آني بھاني نافرماني جي الزام سان مجرم ٺھرائي، مٿس ڪاھھ ڪئي. جڏھن ميان سندس پيش پيو تھ ان کي قيد ۾ وجھرائي سندس خزانا ۽ مال ملڪيتون تھ لٽيائين، پر سڄيءَ سنڌ کي بھ تاراج ڪرائڻ کان نھ مڙيو، آخر جڏھن سندس پيٽ جي خرجين پر ٿي، تڏھن ميان نور محمد جي مٿان مھربان ٿيو ۽ وري کيس سنڌ جو والي بڻائي ڇڏيائين.

جيئن مٿي ٻڌايو ويو تھ نادر شاھھ ھندستان تي چڙھائي جو ارادو ڪندي، جڏھن ميان نور محمد تي زور رکيو تھ کيس سنڌ مان لنگھي وڃڻ جو اختيار ڏنو وڃي، تنھن تي ميان نور محمد خان نابري واري، ڇو تھ پاڙيسري ملڪ سان ڦٽائڻ ٺيڪ نھ ھو، بس انھيءَ ڳالھھ تي نادر شاھھ ڪروڌ ۾ اچي ويو ۽ حملو ڪري ڏنائين! ان کان پوءِ نادر شاھھ ٻيا ڪھڙا (ڪلورن ڀريان) ڪارناما ڪري ڏيکاريا، تن جو احوال اجھو ھن وريت آھي:- مترجم.

ان کان پوءِ نادر شاھھ ترڪمستان (ُترڪمانستان) ڏانھن توجھھ ڪندي، ١٥- ربيع الاول (٥ جون) ھرات رستيءَ ٧ جمادي الاول (٣١ جولاءِ) بلخ وٽان ٿيندو (١٩ جمادي الثاني – ٢٢- سيپٽمبر) بخارا پھتو ۽ اتان جي خان ابو الفيض خان سان دوستيءَ جو معاھدو ڪيائين ۽ ھن کي شاھي تاج سان نوازي سندس حڪومت جي حد آمو درياھھ تائين وڌائي ڇڏيائين.

موٽ ۾ خان ابو الفيض بھ ساڻس عھد ڪيو تھ ويھھ ھزار اوزبڪن ۽ ترڪمانن جو لشڪر نادر شاھھ کي ڏيڻ ۾ ايندو. نادر شاھھ ١٦ رجب ٧- آڪٽوبر اتان ھلي خوارزم کي مطيع ڪيو ۽ شوال مھيني تائين چھار جوءِ وٽان ورندو مشھد ڀيڙو ٿيو، جتي ڪڏھن لزگي قبيلي وارن سندس ڀاءُ ابراھيم خان کي قتل ڪيو ھو. انھن کي چٿ ڏيارڻ لاءِ ابدالي لشڪر ڏياري موڪليائين. انھيءَ سفر دوران ٢٨ صفر ١١٥٤ھھ/ ١٥ مئي ١٧٤١ع تي اولاد قلعي جي ويجھو ڪنھن شخص جھنگ مان موقعو تاڙي نادر شاھھ تي بندوق جو وار ڪيو، جنھن کان ھي ٿورو زخمي ٿي پيو. مھدي خان چواڻي: اھو شخص دلاور خان تيمني جي پٽ جي غلامن مان ھو(1) پر نادر شاھھ اھو ڏوھھ پنھنجي پٽ رضا قلي تي مڙھيو.

جون ١٧٤١ع ۾ نادر شاھھ ٽيون ڀيرو داغستان ويو ۽ سال ڏيڍ اتي رھي پيو. اتان جا ڪي چڱا مڙس سندس حضور ۾ آيا. اتي رضا قلي تي نادر شاھھ جي جيڪا بدگماني ھئي، سا يقين ۾ بدلجي ويئي ۽ ان کي ھٿ ڪري سندس اکيون ڪڍرائي ڇڏيائين. ١٧٤٢ع ۾ استنبول مان سلطان عثماني جو سفير نادر شاھھ وٽ آيو، کيس جعفري مذھب جي اڻڄاڻائي کان آگاھھ ڪيائين. نادر شاھھ ان تان چوٿون دفعو ترڪن تي لشڪر ڪشيءَ جي شروعات ڪئي. ٢٦ رجب ١١٥٥ھھ/ ٥ آڪٽوبر ١٧٤٢ع تي موصل پھچي ان کي گھيرو ڪيائين، پر ڪامياب ڪونھ ٿيو. جنھن ڪري بغداد جي عثماني حڪمران احمد شاھھ سان صلح ڪري اتان نجف اشرف جي زيارت سان مشرف ٿيو.

نجف ۾ ٤ شوال ١١٥٦ھھ/ ١٢ ڊسمبر ١٧٤٣ع وڏي مجلس ڪوٺائي، ان ۾ شيعھ- سني اتحاد لاءِڪوشش ڪيائين. انھيءَ سفر ۾ ھن کي ڪافي ڏينھن لڳي ويا، سندس پويان بيگلھ بيگي تقي خان فارس ۾ ۽ عشائھ قاچار استرآباد ۾ بغاوت کڙي ڪئي. نادر شاھھ پنھنجي ڀائٽي علي قلي کي خوارزم ڏانھن موڪليو ۽ ترڪن تي وري لشڪر ڪشي شروع ڪري ڏنائين. انھن جنگين ۾ جيڪي برابر چار ڀيرا ترڪن سان لڙندو آيو، ھن کي فتحن سان گڏ صلح جو خيال بھ دل ۾ ايندو رھيو. ٤- سيپٽمبر ١٧٤٦ع تي عثماني سفير سان صلح جو معاھدو ڪيائين. ١٠ محرم ١١٦٠ھھ/ ٢٢ جنوري ١٧٤٧ع تي نادر شاھھ جو سفير مصطفيٰ خان شاملو ۽ مھدي خان مؤرخ گڏجي استنبول ويا ۽ ساڳيو صلح نامو عثماني سلطان وٽ پيش ڪيائون. پڇاڙيءَ ۾ عثماني ۽ نادري بادشاھتن جون سرحدون سلطان مراد چوٿين جي دور وانگي مقرر ڪيون ويون.

ان کان پوءِ نادر شاھھ مشھد ۾ آيو، ھاڻ پاڻ اھو نھ رھيو ھو، جو سندس طبيعت ۾ فتور پيدا ٿي چڪو ھو، جنھن ڪري خود سندس خادم کانئس خوف ڪرڻ لڳا- ھوريان ڏاڍيان چئني پاسي گوڙ گھمسان وڌندا ويا، سيستان وارن ٽي ھزار تومان طلب ڪرڻ تي بغاوت ۾ منھن وڌو- نادر شآھھ جي ڀائٽي علي قلي کي انھن جو مھندار ڪري ليکيو ويو- طھماسپ قلي جي مرضي ھئي تھ نادر شاھھ کي ھٽائي سندس تخت تي ان جي پٽن مان ڪنھن ھڪ کي ويھاريو وڃي. ھيءُ طھماسپ قلي، نادر شاھھ جو وڏو مخالف بڻجي چڪو ھو. اھو وڳوڙ خراسان تائين واچوڙي جيان وڌندو ويو، سورادڪان کان خبوشان تائين ھلندو رھيو، جتي شاھي طنبيلو لٽي ڦري ناس ڪيو ويو.

نادر شاھھ انھن کي منھن ڏيڻ لاءِ اٿيو تھ ١١ جمادي الثاني ١١٦٠ھھ/ ٢٠ جون ١٧٤٧ع محمد خان قجر، موسيٰ خان افشار خوجھ بيگ افشار ۽ صالح قرقلوي سميت ٻين ستر ماڻھن جي ٻڌي سان جيڪي سندس ئي درٻاري ھئا- فتح آباد جي آڙام گاھھ ۾ ھن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو.

نادر شاھھ جي قتل کان پوءِ شاھي خزانن کي خوب لٽيو ويو ۽ سندس وسيع سلطنت ھيٺ مٿي ٿي ويٺي، خراسان جي سردارن ٢٧ جمادي الثاني/ ٥ جولاءِ ١٧٤٧ع تي سندس ڀائٽي علي قلي خان کي ھرات مان آڻي شاھي تخت تي ويھاريو ۽ نادر شاھھ جي پٽن کي قتل ڪرائي ڇڏيائون.

نادر شاھھ ايشيا جي وڏن حڪمرانن مان دلاور، ھوشيار ۽ خونخوار  شخص ھو. ھن جي سياست رنجش ۽ نوازش (ڏمر ۽ ڏڍ) جي ملاوت سان ھلندي ٿي آئي.

ھن اوڀر ۾ بغداد کان دھليءَ تائين وڏي ۽ ويڪري ولايت تي حڪمراني ڪئي. پر پنھنجي ھمعصر دھلي، بخارا توڙي سنڌ جي حڪمرانن سان ڪا بڇڙائي نھ ڪيائين. انھن کي مطيع ضرور ڪري ورتائين پر سندن بادشاھيون ۽ ٻيا حق برقرار رکندو آيو. ھن پنھنجي درٻار مان احمد شاھ ابدالي جھڙا وڏا ماڻھو پيدا ڪيا.

جنگين ۽ سياسي رقابتن جي باوجود پڇاڙيءَ تائين عثماني بادشاھن سان دوستي جا ناتا نڀائيندو آيو. ليڪن سندس پوين مان ساڳي لياقت سان ڪوبھ نادر شاھھ ثاني  پيدا نھ ٿيو (شڪر ٿيو). خراسان ۾ ھن جي اولاد مان ڪي ڪمزور فطرت سندس گاديءَ تي (گڏا ڪري) ويھاريا ويا، پر انھن مان ڪنھن بھ ڪو ٻوٽو نھ ٻاريو. ھن جو شجرو ھن ريت آھي.

١١٦١- ١٢١٠ھھ

فاطمھ سلطان شاھھ حسين صفويءَ

جي ڌيءُ سان

نادر شاھھ سنڌ ۾ اچي ظلم، تشدد قتل ۽ غارتگري جي جيڪا بڇڙي روش اختيار ڪئي، تنھن لاءِ بياض کھڙوي مثل القيامت جي تاريخ ورتي آھي. يعني نادر شاھھ ١١٥٢ھھ ڌاري سنڌ ۾ آيو ۽ قيامت برپا ٿي ويئي.

اھڙيءَ طرح نادر شاھھ جي قتل ٿي وڃڻ تي اھل سنڌ خوشي جو اظھار ڪيو. سندس وفات جي تاريخ جن خراب شد مان ڪڍي ويئي(١١٦٠ھھ)-!(1)

نادر شاھھ جڏھن تخت تي ويٺو تھ مخدوم روح الله سنڌي ھيءَ تاريخ ڪڍي الخيرفي ماوقع ١١٤٨ھھ. ان وقت مخدوم صاحب جو خيال ھو تھ ايران ۾ جيڪا بدامني ھلي رھي آھي ان جي خاتمي جي اجھو ڪا صورت پيدا ٿي پوندي، ان ڪري جيڪي ٿيو سو چڱو ٿيو. پر مير علي شير قانع اھا تاريخ ٻڌي مخدوم صاحب کي عرض ڪيو:

لاخيرفي ماوقع ١١٤٨٧ھھ جو ڪجھھ ٿيو ان مان ڪابھ چڱائيءَ جي اميد نھ رکڻ گھرجي.

سنڌ ۾ نادر شاھھ جي قتل بابت جيڪي تاريخون چيون ويون تن مان وڌيڪ موزون ۽ مناسب قاضي عبدالقادر ٺٽوي جي تاريخ آھي. لکي ٿو:

شھھ نادر چويرون شد ز جھان

راحت آمد بھ ھمھ عالميان

خوش خبر ھاتف فرمودز غيب

محو شد آفت نادر ز جھان

- ١١٦٠ھھ(1)

نادر شاھھ فتوحات جي اعتبار کان وٺي سپھھ سالارن مان شمار ڪيو وڃي ٿو. ليڪن لٽ ڦر ۽ خونريزي جي لحاظ کان ھو ڪنھن جي بھ نگاھھ ۾ عزت لائق ٿي نٿو سگھي. معمولي حيثيت مان اڀري ھو عظيم الشان فاتح ۽ شھنشاھھ بڻيو؛ انھيءَ غير معمولي ترقيءَ سندس دماغ ۾ فتور پيدا ڪري ڇڏيو.

١١٧٤ع تي مٿس قاتلانھ حملو ٿيو. جنھن شخص مٿس گولي ھلائي ان کي پڪڙي کانئس پڇيو ويو. ھن ٻڌايو تھ مون کي ائين ڪرڻ لاءِ نادر شاھھ جي ولي عھد شھزادي رضا قلي اڀاريو ھو. نادر شاھھ طيش ۾ اچي پنھنجي لائق فرزند جون اکيون ڪڍرائي ڇڏيون. رضا قلي پنھنجي سنگدل پيءُ ھٿان اھا سزا ملندي ڀري درٻار ۾ چيو: ”منھنجون اکيون ڪين ڪڍايون ويون آھن، بلڪ ايراني سلطنت کي انڌو ڪيو ويو آھي.“

نادر شاھھ جي ڪاوڙ ڍري ٿي تھ انھيءَ ھاڃيڪار واقعي جي ڪري سندس اھا حالت ٿي جو ٽن ڏينھن تائين پنھنجي خيمي کان ٻاھر ڪونھ نڪتو. جڏھن ٻاھر نڪتو تھ اڌ چريو ٿي چڪو ھو.

شروعات کان ئي خونريزي ۽ لٽ ڦر نادر شاھھ جو ڌنڌو ٿي چڪو ھو. جيڪي ماڻھو سندس حڪم تي لڙائين ۾ مري کپي ويا، تن کان سواءِ ٻيا بھ ڪيئي ھن جي ھٿان مارجي سندس ظلم جو داستان دنيا ۾ باقي رھائي ويندا رھيا.

ھن جنھن بيدرديءَ سان ملڪن کي لٽيو ڦريو، ان جو المناڪ داستان بيان ٿي نٿو سگھي. نادر شاھھ مغل سلطنت ۽ ميان نور محمد خان کي جيڪي زوريءَ وصول ڪيو، انھيءَ کي ڪنھن بھ صورت ۾ تاوڻ چئي نٿو سگھجي. ھن ٻھاري ڏئي نھ صرف خزانن ۽ دفن ٿيل دولت تي ڌاڙا ھنيا، بلڪ جتان بھ جو ڪجھھ ور چڙھيس. تنھن کي ھڙپ ڪندو ويو. اھو نھ سوچيائين تھ پويان مظلومن جو ڪاروبار ڪيئن ھلندو (۽ اھي مظلوم مڙئي سندس ديني ڀائر ھئا).

انھيءَ نادري لٽ ڦر جو نتيجو اھو نڪتو، جو جيڪي قومون ۽ قبيلا امن امان سان ھئا تن کي آفتن ۾ مبتلا ٿيڻو پيو. عجب جي ڳالھھ اھا آھي تھ اھڙي ظالم شخص کي ڪن قومن ھيرو ڪري ٻڌائڻ ۾ ڪا ڪسر نھ رھائي ۽ ڪابھ شرمساري محسوس نھ ڪئي. جڏھن نادر شاھھ جو ظلم ۽ ڏاڍ حد کان وڌي ويو ۽ ڪنھن بھ پنھنجي پرائي کي ڪنھن چڱائي ۽ سلامتيءَ جي اميد نھ رھي تھ ڪن خاص ماڻھن، جن ۾ سندس ڪي عزيز بھ شامل ھئا، رات جي وقت سندس خواب گاھھ ۾ گھڙي کيس بنا ڪنھن رحم دلي جي قتل ڪري، ھر ڪو جھول کان ڇٽو – وارو ڪارنامو ڪري ڏيکاريائون. جيئن سندس درٻاري شاعر چوي ٿو:

بيڪ گردش چرخ نيلوفري،

نھ نادر بجا ماند، ني نادري.

(نيري آسمان جي ھڪ ڦيري سان نھ نادر رھيو نھ وري نادري رھي)

حوالي جا ڪتاب:

افغانستان بعد از اسلام، (عبدالحي حبيبي).  بيان واقع خواجھ عبدالڪريم.

دول اسلاميھ، خليل ادھم ٤١٩ طبع استنبول.      سنڌ جا صوفي، ڄيٺمل.

شاھنامھ نادري، منظوم قلمي.                                                          ماثر الامرا، طبع ڪلڪتھ.

جھان ڪشاي نادري.                             تاريخ بلوچستان، از رابرٽ ليچ.

اسلامي انسائيڪلوپيڊيا، ج ٣، ص ٨١٠.            تحفة الڪرام، ميرعلي شير قانع

بد ايع و قايع آنند رام مخلص، طبع لاھور.           لب تاريخ سنڌ، خداداد خان.

سنڌ گزيٽيئر، ١٨٧٦.                                                                            تاريخ سنڌ، ٽوپڻ مل (قلمي).

تاريخ سنڌ، مرزا قليچ بيگ، ج ٢، طبع ڪراچي، ١٩٠٢ع. انڊس ڊيلٽا، از ھيگ.

مقالات الشعراء                                                                                         تاريخ ڪلھوڙا، از اسيٽن.

نامھ نغز (قلمي)، باغ علي خائف.                            گلدستھ نورس، بھار (قلمي).

تاريخ سنڌ ڪلھوڙا دور، مولانا غلام رسول مھر.                       منشور الوصيت، (قلمي).

نادر شاھھ، از لوڪ ھارٽ.


 

 

(1) صڎۆڢۑښڎ ښۑڈ ڶقڶڈ ښڵۑڶ، ڛڥإڎصۆڎ ڶإڝۑ قإڵ، صبڵۑڥۑڛڷ ڥإڶۑخۑ، ضڛڷ ڛڥإڎصۆڎ ڜ ٧٥- ١٩٨٤ڠ ضۑ قۆإڵۑ ښإڷ. ڶجڎضڶ.

(1) إښڵإڶ إڷښإیۑڥڵۆصۑڋۑإ ض ٣- ڜ ٨١٠.

(1) ضڊێڷ ڷإڈڎ ڛإێێ ێڷڈښجإڷ جۑ قڶڵۑ ڥڎڼ ضۑ إڎإڈۑ ښإڷ ڎۆإڷۆ حۑۆ جێ ڶۑإڷ ڷۆڎ ڶقڶڈ ڦۑ ڵڦۑإیۑڷ: إښإڷ ڦۑ ێڷڈښجإڷ ۆعڼ ڵإ٭ إۆێإڷ صڷێڷضۑ ڶڵڥ (ښڷډ) ڶإڷ ڎښجۆ ڊۑۆ جێ إښإڷ ۆعۑ إجۑ غڏێإیۑ ڥڎۑۆڷ. ڶۑإڷ ڷۆڎ ڶقڶڈ إڷڥإڎ ڥۑۆ ۽ إقجۑإڞ ڞۆڎ ضبڵڷ ضإ ڵڥ ڶڝبۆڞ ڥڎإیۑ فڊۑإیۑڷ. ڷإڈڎ ڛإێێ ڵإغإڎ حۑ ڥإبڵ ڎښجۑ ێڷڈښجإڷ ێڵۑۆ ۆۑۆ.

ێڷڈښجإڷ ڦإڷ ڢإڎڡ حۑ ڷإڈڎ ڛإێێ ضڊێڷ ڥإبڵ ۆۑۆ جێ إجۑ إغإڷڥ ښڷډ ضۆ كۑإڵ آۑښ ضۆ ڶۑإڷ ڷۆڎ ڶقڶڈ ڦۑښ بڎۆڤج ێڷڈښجإڷ ۆعڼ ضۑ ڵإ٭ ښڷډ ڶإڷ ڎښجۆ ڥۆڷێ ڊڷۆ ێۆ. إڷ ڥڎۑ ڷإڈڎ ڛإێێ (ضۑڥۆ إک  یۑ إڷڈڎ ضۆ ڥإڎۆ ێۆ) ضۑ ڈڵ ڶۑإڷ ڷۆڎ ڶقڶڈ ڊإڷێڷ ڶۑڎۑ ێیۑ ۽ ێۆ ڶحښ ښكج ڷإڎإڝ ێۆ. ڷإڈڎ ڛإێێ ضڊێڷ ڥإبڵ ڦإڷ ڷڥڎۑ ڈۑڎۑ ڡإڐۑ كإڷ ۆخ آۑۆ جێ ڶۑإڷ ڷۆڎ ڶقڶڈ ڦۑ كبڎ صیضۑ ۆۑیۑ ۽ إڶڎڥۆخ ۆإڎۆ صإښۆ ۆډۑڥ ڶقڢۆڟ ښڶضێۑ إێڵ ڠۑإڵ ښڶۑج إۆڊإڷێڷ ێڵۑۆ ۆۑۆ. ضجۑ ڷإڈڎ ڛإێێ ۆعۑ صێجښ. ڥڵێۆڏإ كإڷڈإڷ ضۆ ڶكجڜڎ ضإیڐۆ ڠبڈإڵڎښۆڵ ڤإڈڎۑ بڵۆغ، ڶێڎإڼ ٣-١٩٨٨ڠ ڜ ٧٤. ڶجڎضڶ.

ضڊێڷ ڷإڈڎ ڛإێێ، ڶۑإڷ ڷۆڎ ڶقڶڈ ڥڵێۆڏۑ ڦإڷ ښڷډ ڶإڷ ڵڛڥڎ ڧڍإڎۑ ڈێڵۑ جۑ ڥإێێ ڥڎڼ ڵإ٭ إضإڐج ڞڵب ڥیۑ ێیۑ، جڊێڷ ڶۑإڷ ڷۆڎ ڶقڶڈ إڷێۑ٪ بڷۑإڈ جۑ إێڏۑ إضإڐج ڊۑڼ ڦإڷ إڷڥإڎ ڥۑۆ ێۆ جێ ښڷڈښ بإڈڛإێۑ ڈێڵۑ ضۑ ڶڡڵ ڛێڷڛإێێ ڦۑ كڎإض ڊۑڷڈڏ آێۑ جڷێڷ ڥڎۑ إڷێۑ٪ ضۑ كڵإڢ ڥإڎۆإیۑ٪ ۾ ڶڈڈڧإڎ حۑ ڷێ حۑ ښڧێۑ. صۆ٭، ڈێڵۑ ڢجق ڥڎۑ ضڊێڷ ڷإڈڎ ڛإێێ، ڶڡڵ ڛێڷڛإێێ ضۆ إێۆ إڤڎإڎڷإڶۆ ڦڼۑ صێجۆ، ضڷێڷ ڶۆضب ښڷډۆڷڈۑ ضۑ إۆڵێڷڈۑ ڥڷإڎۑ ښإڷ إۑڎإڷ- ێڷڈښجإڷ ښڎقڈ ڶڤڎڎ ڥیۑ ۆیۑ ێیۑ، جڊێڷ ڶۑإڷ ڷۆڎ ڶقڶڈ ڥڵێۆڏۑ ڦۑ ښڷډ ضۆ إێۆ ڠڵإیڤۆ ێح ێۑس ڎڦڼ ضۑ إضإڐج ڊۑڼ ښإڷ ڧڊ إڷێۑ٪ ضۑ ڠۑۆڝ كڎإض ضۑ جڤإڝإ ڥڎڼ ڵإ٭ ښڢۑڎ ڎۆإڷۆ ڥۑإیۑڷ، ضڷێڷ ڦۑ ڶۑإڷ ڜإقب ڷێإۑج جڵك ڐبإڷ ۾ إڷڥإڎۑ ضۆإب ڊڷۆ، إڷێۑ٪ جإڷ ڶفڎضۑ ڷإڈڎ ڛإێێ ڶۑإڷ ڷۆڎ ڶقڶڈ ڥڵێۆڏۑ جۑ ڥإێۑ آۑۆ ێۆ. إۑڋۑخڎ: ښڷډۑ ڶښۆڈۆ.

(2) ښڷډ ڧڐۑخۑیڎ ڜ ٣٢. تإڎێڷ ڵڦ ڎصۑإ، جإڎۑك ښڷډ ض ٢، ڜ ١٤٩ ڊێێ ڵڦ ڎصۑإ.- قبۑبۑ.

(1) جإڎۑك ښڷډ إڷڧڎۑڐۑ ض ٢، ڜ ١٤٨٩.

(2) ڶڤإڵإج إڵڛڠڎإء ڤڵڶۑ ڜ ٣٥.

(1) ڷإڶێ ڷڡڐ، ضۑڥۆ ڶۑإڷ ڷۆڎ ڶقڶڈ ڥڵێۆڏۑ ضۑ ڈۆڎ ۾ ښڷډ إڷڈڎ ڢإڎښۑ ڐبإڷ ۾ ڛإێڷإڶۑ ضۑ ڞڎڐ جۑ بإڡ ڠڵۑ كإیڢ ڷڟڶ ڵڦۑۆ ێۆ.

(2) جإڎۑك ښڷډ إڷڧڎۑڐۑ (ض ٢، ڜ ١٤٨)

(1) ڷإڈڎ ڛإێێ إڐڵۆڥ ێإڎخ.

(2) بۑإڷ ۆإڤڠ بڈإۑڠ ۆ ڤإۑڠ.

(3) بۑإڷ ۆإڤڠ ١٧- ١٨.

(1) ڷإڈڎ ڛإێێ إڐ ڵۆڥ ێڵڎخ.

(2) ضێإڷ ڥڛإۑ ڷإڈڎۑ ٢١٣.

(3) ڵۆڥ ێإڎخ ۽ بۑإڷ ۆإڤڠ.

(4) ښڷډ ۽ إڷ ضإ ڜۆڢۑ طۑسڶڵ ۽ ڷإڶێ ڷڡڐ.

(5) إڶڎڥۆخ، إڶڎ ښڷڧێێ ښۆڌۑ ضۑ ڷإڵۑ صسۑإڷ ښڊۑۆ ۆعۑ حۆ، ضۑڥۆ صڷێڷضۑ ڈۆڎ ۾ ڷێإۑج بێإڈڎ ڎإضإ ێۆ. ښۆڶڎڷ ضۑ ڈۆڎ ۾ ضڊێڷ ڠڶڎ ښۆڶڎۑ ێڷ ڥۆخ ڦۑ ښإکۑڷ بڷۑإڈڷ جۑ تۑێڎ جڠڶۑڎ ڥڎإۑۆ جێ إڷ ضۆ ڷإڵۆ ڠڶڎڥۆخ صیضۑ ۆۑۆ. ێۑ إێۆ ڠڶڎ ښۆڶڎۆ ښڷډ ضۆ بإڈڛإێێ ێۆ، ضڷێڷ ڶڵۑڎ ضۑ ڶإڎۆیۑ ضۑ قښڷ ضۑ ێإڥ تّډۑ إٔڷ ڦۑ ڦۆێێ جإڷ صإڼۑ ثڎڼ ۆڤج صڷێڷضۑ إس جۑ ڦڼۑ آڼۑ ڥۆخ ۾ ڎڦۑۆ، صڎ ڛإڈۑ ڷێ ێیڼ ښبب إڷ ڦۑ ۆإصښ صڷێڷضڷ ڶإیخڷ ۾ ڊۑإڎۑ ڶۆڥڵۑإیۑڷ. ڤڶڎ خإڵصۆڎ- حڎصإڎڥڎ ضۑ جإڎۑك .... ڶڝڶۆڷ ڷیۑڷ ڐڷڈڧۑ ڷۆڶبڎ ٨٧ ڜ ٥٩- ڶجڎضڶ.

(1) ڶإشڎ إڵإڶڎإء ١-٨٢٩.

(2) جإڎۑك بڵۆغښجإڷ إڐ ڎإبڎخ ڵۑغ.

(3) ڊښۆ جإڎۑك ښڷډ ڥڵێۆڏإ ڈۆڎ، ڶۆڵإڷإ ڶێڎ. ٢-٤٤٣. ێڥ ڥڎۆڏ ڎصۑإ. بإڤۑ تۑڷ ضإ ڎإۑإ جقڢې إڵڥڎإڶ ٣-١٠٩، ڵب جإڎۑك ښڷډ ١١٢. ڧۆڵڋ ښڶڋ ١٨، إۑخڥڷ ښڷډ ڧڐۑخۑیڎ ١١٠، جإڎۑك ښڷډ خۆصڼ ڶڵ ٢٣. ڵۆڥ ێإڎخ ڷإڈڎ ڛإێێ ١٦١. ێۑڧ ١١٦. إښخڷ جإڎۑك ڥڵێۆڏإ ٩.

(4) ڵۆڥ ێإڎخ ١٦١.

(5) بۑإڷ ۆإڤڠ.

(1) ڧڵڈښجێ ڷۆڎښ بێإڎ ڤڵڶۑ، ڜ ٧٥.

(2) بۑإڷ ۆإڤڠ ٢٠.

(3) ضێإڷ ڥڛإۑ ڷإڈڎۑ ٢١٤.

(4) ڈۑۆإڷ ڶقښڷ سخۆۑ ڤڵڶۑ.

(5) جإڎۑك ښڷډ ڶڷڛۆڎ إڵۆڜۑج ضۑ قۆإڵۑ ښإڷ.

(1) ڶڷڛۆڎ إڵۆڜۑج ڤڵڶۑ ١٥.

(2) بۑإڷ ۆإڤڠ ٢٤.

(1) جۑڶڷۑ ڡۆڎ ضۑ إڢڡإڷڷ ڶإڷ ڥإڥڏڷ ضۆ ڤبۑڵۆ آێۑ. قبۑبۑ.

ڷۆخ: ڢإڎښۑ ۆإڎۑ ڛضڎۑ ۾ إبڎإێۑڶ كإڷ ضۆ ۆڊۆ صخ إبڎإێۑڶ طإڼإۑڵ آێۑ ضۆ ڜقۑق ڷحۆ بۑێۑ. ۆڊۆ صخ ڠڵۑ ڤڵۑ ڠإڈڵ ڛإێێ حۑ ښڧێۑ حۆ. فۆ جێ إڷ ضۑ طڶڼ ڦإڷ صۆ٭ إبڎإێۑڶ صۑڈإ حۑۆ. تۑ قإڵج ۾ ضۑڥڊێڷ إبڎإێۑڶ إک ۾ طإیۆ جێ ڠۑڵ ڤڵۑ ێڷ ضۆ ڶإخۑڵۆ ثإ۝ ێۆڷڈۆ. (ڶجڎضڶ)

(1) ڠبڈإ^ كإڷ ڶڧښۑ ڶڝڶۆڷ ڶێڎإڼ ٣- ١٩٨٧ڠ ڜ ١١١. ڶكڈۆڶ ڶۑإڷ ڶقڶڈۑ ڦێڏۆۑ ضۑ ڤڵڶۑ بۑإڝ ضۑ قۆإڵۑ ښإڷ.

(1) جإڎۑك ښڷډ ڥڵێۆڏإ ڈۆڎ، ضڵڈ فێۆڷ، قڜۆ تۑۆ ڜ ٤٤٠ ڦإڷ ٤٤٤. ڶۆڵإڷإ ڡڵإڶ ڎښۆڵ ڶێڎ- ښڷډۑ إڈبۑ بۆڎڋ.

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org