(81)
امير دوست محمد خان جو جلال آباد مان ڪابل ڏانھن
روانو ٿيڻ- ڪابل ۾ سردارن سان صلاحون ڪرڻ ۽ سردارن
وٽان انگريز کان ڦريل لٽيل مال ملڪيت جي وصولي
ڪرڻ:
امير دوست محمد خان صفر مھيني ١٢٥٨ھھ (١٨٤٢ع) ڌاري
ھندستان جي سفر کان پوءِ جلال آباد پھتو، جتي
پنھنجي پٽ سردار محمد اڪبر خان سان ملاقات ڪري،
خوش ٿي وري ڪابل ڏانھن ڪوچ ڪيائين. ھن جي آمد جو
اطلاع جڏھن ڪابل جي سردارن تائين پھتو تھ پاڻ ۾
گڏجي اھا صلاح ڪيائون تھ جھاد جي لاءِ بني ھاشم
مان ڪو سربراھھ مقرر ڪرڻ ۾ اچي. ان لاءِ عالمن کان
فتوائون لکرايون ويون، جن مطابق مرحوم مير واعظ جي
پٽ کي، جيڪو سادات مان ھو، ٿاڦڻ جي تجويز تيار ڪئي
ويئي. جنھن کان پوءِ امير دوست محمد خان، سردار
محمد اڪبر خان ۽ محمد زمان خان وغيره سردارن لاءِ
اھو فيصلو ٿيو تھ اھي اسلامي جٿن جا سرڪردا ھوندا.
امير دوست محمد خان جڏھن سردارن جي انھيءَ فيصلي ۽
فتوائن کان آگاھھ ٿيو تھ سڀني کي پاڻ وٽ گھرائي
کين وڏيءَ دل سان چيائين، ھن وقت اسان کي خراسان/
افغانستان جي حڪومت ۽ رياست جي معاملي ۾ مداخلت
ڪرڻي نھ آھي. ان لاءِ وري بھ اوھان جي مرضيءَ تي
منحصر ھوندو، جنھن کي چاھيو، تنھن کي پنھنجو حاڪم
مقرر ڪجو. ليڪن آءٌ ڪيترن ورھين کان افغانن جي حال
چال کان واقف آھيان. اسان سڀني کي گڏجي پاڻ ۾ يڪي
صلاح ڪرڻي پوندي، ان کان سواءِ ڪجھھ ڪرڻ ۾ آيو تھ
اھا دانشمندي نھ ٿيندي! سڀني کي اھا ڳالھھ وڻي ۽
ان تي راضي ٿي ويا.
انھيءَ کان پوءِ امير چوڻ لڳو: اول ملڪ جي آبادي ۽
رعايا جي آسودگيءَ کي سڀني مسئلن تي ترجيح ڏيڻ
گھرجي، ڇو تھ انھيءَ ۾ ئي رياست ۽ حڪومت جي بھتري
آھي. تنھن کان پوءِ لشڪر جي تنظيم ضروري ٿيندي، ڇو
تھ باز جي قوت ان جي بازن جي ڪري ھوندي آھي ۽
سردارن توڙي سرداري جو مدار بھ ان تي آھي. ٽيون تھ
ٻن ٽن سالن تائين انھن سڀني ڳالھين جو تدارڪ ڪري،
پوءِ جھاد جي سنبت ڪرڻ کپي، جو چوندا آھن تھ اڳ ۾
گھر کي ٺاھي، پوءِ ٻاھر جي سفر جي ڳڻ ڪجي.
سردارن امير دوست محمد خان جون اھي ڳالھيون ٻڌيون
تھ ڏاڍا خوش ٿي ويا. کيس پنھنجي پوري رضامنديءَ
حڪومت ھلائڻ جو اختيار ڏنائون. ائين مير موصوف کي
خراسان/
افغانستان جي رياست جي واڳ سونپي ويئي. امين الله
خان لوگريءَ کي، جنھن انگريزن جو خزانو لٽڻ سان گڏ
واپارين جو مال بھ پنھنجي قبضي ۾ ڪيو ھو، ان کي
قيد ڪري سڄو مال غنيمت کانئس ورائي ورتائين، امين
الله خان قيد ۾ وڃڻ لاءِ راضي ٿيو، پر مال واپس
ڪرڻ تي رضامند نھ ھو. ٿورن ڏينھن کان پوءِ سمورو
مال واپس ڪري ڏنائين ۽ کيس ڇڏيو ويو.
اھڙيءَ طرح طره باز خان کان ڏھھ ھزار رپيا، خلعت
خان ميمنديءَ وٽان ست ھزار رپيا، آغا جان کان پنج
ھزار رپيا، برڪت خان غلزئي وٽان پندرھن ھزار رپيا،
وصول ڪيا ويا. تنھن سان گڏ ٻين سردارن بھ انگريزن
کان جيڪا ڦرلٽ ڪئي ھئي، اھا واپس ڪرائي خزاني ۾
رکرايائين. سردارن بھ پنھنجي عزت جي بچاءُ لاءِ
سموري موڙي کيس پھچائي.
ھڪ ڏينھن خزانچيءَ امير دوست محمد خان کي ٻڌايو:
خزاني ۾ ڏوڪڙ ڪونھ آھن ۽ سپاھي پگھار پيا گھرن.
امير وري شھر ۾ پڙھو گھمايو تھ جنھن وٽ بھ ڪمپني
جي سڪي وارا پئسا ھجن، اھي آڻي حاضر ڪري. جنھن حڪم
جي پوئواري نھ ڪئي، تنھن کي سخت سزا ڏني ويندي.
سردارن کي اھا ڳالھھ ڏاڍي ناگوار لڳي، ليڪن حاڪم
جي حڪم کي ڪير ٿو ٽاري سگھي. لاچار کان حڪم جي
پيروي کين ڪرڻي پئي. اھڙي نموني امير دوست محمد
خان ڪابل جي ننڍن وڏن کان مال غنيمت ھٿ ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿيو ۽ لشڪر جي پرداخت ڪندو رھيو. جڏھن
سردارن وٽ ايترو پئسو ڏوڪڙ ڪونھ رھيو، تھ سندن
مستي بھ ڍري ٿي ويئي! جيئن چيو اٿن تھ دستيءَ کي
ئي مستي ٿيندي آھي. پڇاڙيءَ سڀئي سندس
فرمانبرداريءَ ۾ اچي ويا.
ڪيترن اميرن انگريزن جي اچڻ وقت امير سان بيوفائي
ڪئي ھئي. اھي پنھنجي ڊپ کان ڏڪندا ٿي رھيا. امير
بردباريءَ کان ڪم وٺندي، انھن تي مھر جو ھٿ ڦيريو
۽ سندن ڪوتاھيون درگذر ڪري ڇڏيائين. اھي بھ امير
جي انھيءَ عنايت کان سندس شڪر گذار ٿيا. پوءِ انھن
مان ھر ڪنھن جي حيثيت مطابق عھدا ڏنا ويا.
*
(٨٢)
قنڌار جي سردارن جو ايران مان واپس قنڌار اچڻ-
انگريزن جي فوج جو قنڌار مان نڪري وڃڻ ۽ شھزادي
صفدر جنگ جو گرفتار ٿيڻ(1):
جڏھن کان انگريزن بنا ڪنھن مقابلي جي قنڌار ۾ قدم
رکيو، اھڙو ڪوبھ ڏينھن انھن کي نصيب نھ ٿيو، جو
افغانن جي پادرن ۽ مارڪٽ کان سلامت رھي سگھيا ھجن،
تنھنڪري ھميشھ خوف ۽ ھراس ۾ رھندا ٿي آيا. جيڪڏھن
چار ڏوڪڙ ڏئي افغانن کي راضي ٿي ڪيائون تھ واه، نھ
تھ انھن جي وٺ وٺان لڳي پيئي ھوندي ھئي. خراسان/
افغانستان مان حڪومت کي ڪا خاص حاصلات ڪانھ ٿيندي
ھئي، نھ وري ڪوھستان ۾ رھندڙ افغان رعايا وٽان ھن
کي ڪجھھ وصول پئي ٿيو.
جيستائين انھن سان ڪا چڪري نھ لڳندي ھئي، تيستائين
کانئن ڪجھھ بھ ڪڍڻ ڏکيو ٿيندو ھو. مگر ان کان پوءِ
ڏنڊ ڏوھھ ۾ ڏوڪڙن بدران ا ن ۽ دنبا ڏئي، جان
ڇڏائيندا ھئا.
انگريزن اوائل ۾ اچڻ جي شروعات ڪئي تھ رستي جي
ڏکيائين سان گڏ، ڪوھستان ۾ رھندڙ افغانن ۽ بلوچن
جي ھڻ مار ۽ لٽ ڦر ھلندي ٿي رھي: اھي سڀئي ڳالھيون
سوچيندي سدائين سورن ۾ پئي رھيا. وري جو ڪابل جون
خبرون ٻڌائون تھ ھيڪاري وڌيڪ ھنيانءُ لاھي ڌڻيءَ
در ٻاڏائڻ لڳا تھ اسان ھندستان وڃڻ ٿا گھرون!
ھوڏانھن سردار محمد اڪبر خان ڪابل مان انگريزن جي
فوج کي ڪڍڻ کان پوءِ ايران ۾ رھندڙ قنڌار جي
سردارن ڏانھن پيغام موڪليو تھ: خدا جي مھربانيءَ
سان، جنھن ھر وقت اسان کي فتح سان پئي نوازيو آھي
۽ اسان اسلام جي سرفرازي جو جھنڊو بلند ڪندا رھون
ٿا، ھاڻ صورت احوال ھيءُ آھي تھ شاھھ شجاع خراسان/
افغانستان ۾ جيڪو فتنو فساد برپا ڪندو رھيو، اھو
وڃي پنھنجي سزا کي پھتو؛ جيئن چيو اٿن تھ: گڏھھ پڇ
جي اميد کڻي ويو، تھ ٻئي ڪن گم ڪري آيو!
ان سان گڏ انگريزن جي جيڪا فوج ھئي، تنھن کي بھ
غازين پنھنجي ترارين جو بک بڻائي، سندن مال اسباب
پنھنجي قبضي ۾ ڪيو. ھاڻ ڪابل ۽ غزنيءَ وغيره جي
فضا انگريزي لشڪر جي گندگيءَ کان صاف ٿي چڪي آھي.
توھان پوري دلجاءِ سان پاڻ، پنھنجي عزيزن، قريبن
سميت، قنڌار واپس اچي وڃو. اسان اوھان جي ملاقات
جا منتظر آھيون. اوھان کي ايترو وقت جيڪي بھ
مشڪلون ۽ مصيبتون درپيش اينديون رھيون، انھن جو
ازالو ڪرڻ ۾ ايندو. ھتي انگريزن جي جيڪا ٿوري گھڻي
فوج ترسيل آھي، سا اوھان جي اچڻ کان پوءِ ھندستان
ھلي ويندي.
افغان سردارن، سردار محمد اڪبر خان جي پيغام ملڻ
تي تياري ڪئي ۽ ايران مان نڪري منزلون ھڻندا، اچي
گرش واري ھنڌ پھتا. ايتري ۾ چار سؤ لشڪر ھنن وٽ گڏ
ٿي ويو.
انگريزن جي فوج، جو سردارن جي اچڻ جي پڪي خبر ٻڌي
تھ، بيقرار ٿي ويئي. انھيءَ اڻ تڻ ۾ شھزادي صفدر
جنگ
۽ عطا محمد خان باميزئي
کي اتي ڇڏي شڪرانا ڪندي ھندستان ھلڻ ھاري ٿي.
چيائون تھ مصيبت سر تي آئي ھئي، پر خدا ڪيو ٽري
ويئي.
سردار جڏھن قنڌار جي ويجھو آيا تھ شھزادو صفدر جنگ
۽ عطا محمد خان ساڻن مقابلي لاءِ تيار ٿيا. سردارن
کي جيئن تھ پنھنجي لشڪر تي ايڏو ڀروسو ڪونھ ھو ۽
خود قنڌار جا افغان سندن مخالف ھئا، سو ڇا ڪيائون،
جو شھزادي صفدر جنگ سان ٺاھھ ڪري ھليا آيا. قنڌار
جي سردارن عطا محمد خان باميزئي سان ملي، سمورو
انتظام ھٿ ۾ کنيو، جيڪا ٻن ڌرين جي حالتن سان ٺھڪي
ايندڙ سھڻي ۽ سياڻپ واري ڳالھھ ھئي، ڇو تھ قنڌار
ڇڏڻ کان پوءِ سردارن ڏاڍيون مصيبتون ڏٺيون ھيون.
ھاڻ کين ڪجھھ قرار کپندو ھو. انھيءَ خيال کان ھيءُ
بنا ڪنھن سرڪشي ۽ ارڏائي جي صبر ۽ شڪر کان ڪم وٺي
ڪاروبار ھلائڻ لڳا.
ھنن پھرين سٽ ۾ شرعي احڪام جاري ڪيا، ڇاڪاڻ تھ
انگريزن جي فوج واري عرصي ۾ شراب جو عام جام واھپو
شروع ٿيو ھو، جيڪو پوءِ بھ ھلندو ٿي آيو، ان تي
بلڪل بندش وڌي ويئي. ھندو، جيڪي زين رکي گھوڙي تي
سواري ڪندا ھئا. تن کي زين کان منع ڪري گھوڙي جي
سکڻي پٺي تي سواري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. جيئن تھ
اھي قرآن حڪيم جي فرمان سان مطابقت رکندڙ ڳالھيون
ھيون؟ ان ڪري رعايا مان ڪنھن بھ انھن تي اعتراض نھ
ڪيو، ھٿئون سردارن جي انھيءَ سڌاري تي وڌيڪ خوشيءَ
جو اظھار ڪيائون. ھر ڪنھن ائين پئي چيو. سردارن
وطن کان ٻاھر وڃڻ کان پوءِ جيڪي مسافري ۽ غربت جون
تڪليفون ڏٺيون، انھن کان سندن دل ۾ رحمدلي جو مادو
پيدا ٿيو آھي، ۽ ان جي اثر ۾ عدل انصاف ڏانھن لاڙو
رکيو اٿائون.
ٿورن گھڻن ڏينھن کانپوءِ جڏھن سردارن کي ذھني سڪون
ميسر ٿيو ۽ سندن ڏک ڏولاوا ڏور ٿي ويا، تھ قنڌار
جي رنگينيءَ ڏانھن سندن دليون ورڻ لڳيون. رياست جي
حڪمرانيءَ جو نشو غرور ٿو پيدا ڪري! سو انھيءَ رنگ
۾ پھريان شھزادي صفدر جنگ کي ٻڌي ھڪدم قيد اندر
قابو ڪري ڇڏيائون، پوءِ جنھن وٽ ڪمپني جا ڪلدار
پئي سجھين، سي کسي کوري ۾ تپائي ان مان پنھنجو سڪو
تيار ڪري ھلائڻ لڳا. انھن سڪن مان ٻيڻو ڪم وٺي
رپئي بدران ٻھ رپيا تيار ڪرائي ٿي ورتائون ۽
ساڳيءَ ريت (جيئن اصل ھئا) ظلم تي ڀاڙي ڏنائون.
جيئن چوندا آھن: عافيت جو قدر اھوئي ڪندو، جنھن ڪا
مصيبت سر تي سٺي ھوندي. ليڪن قنڌار جي سردارن،
جيڪي ايتريون مصيبتون ڏٺيون ۽ سٺيون، اھي سڀ ذھن
تان لاھي نفس پروري ۾ مشغول ٿي ويا، جنھن لاءِ
بزرگن ۽ سالڪن ھميشھ منع پئي ڪئي آھي، ڇو تھ اھا
روش دنيا توڙي آخرت لاءِ چڱا نتيجا نٿي ڏيکاري، نھ
وري ڪنھن جي مال ملڪيت ڦٻائي، ان سان ناحق ڪرڻ جي
ڪا تلقين ڪيل آھي، جيڪو اھڙيون زيادتيون ڪندو، اھو
آخر انھن جي سزا لوڙيندو.
اڄ جيڪڏھن مردم آزاري تولاءِ آسان آھي،
سڀاڻي اھا توکي ڏاڍي ڏکي لڳندي.
زندگيءَ ۾ ڪيئي گھٽ وڌايون آھن،
پر اھڙي زيادتيءَ جو ڦل اوکو آھي.
ڪامل جوانمرد (مڙس ماڻھو) اھو آھي، جيڪو نفس شيطان
جي وڪڙ ۾ نھ اچي، جيئن خدا جي ڏمر کان آجو رھي.
تنھن کان کيس کپي تھ ڪنھن جي آسائش ۾ ڪا بھ رنڊڪ
پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ نھ رھي.
*
(٨٣)
انگريزن جو ھرات ۾ شھزادي ڪامران وٽ وڃڻ، ان خيال
سان تھ ساڻس ملي ڪا نئين ڀڳت شروع ڪرڻ ۾ اچي، پر
شھزادي ڪامران جي وزير يار محمد خان جي ڪري
انگريزن جو اتان مايوس ٿي موٽڻ:
ڪابل ۽ غزنيءَ جي جنگ کان ڪي سال اڳ مسٽر پاٽنجر،
شھزادي ڪامران وٽ ھرات ڏانھن ويو ھو، انھيءَ خيال
سان تھ ڳالھين ۾ کيس پنھنجو ڪري ڪنھن سازباز جو
کانئس ڪم وٺي. ھيءُ ڪيترو عرصو اتي شھزادي وٽ رھيل
ھو ۽ ساڻس ڳالھيون ھلائيندو رھيو، کيس گھڻيون ئي
چاڙھيون ڏنائين تھ تون اسان (انگريزن) سان رستو
رکندين تھ تنھنجي سلامتي بھ ٿيندي ۽ اسان کي ھتان
روس ڏانھن چڙھائي جو موقع ملي سگھندو، ليڪن ڪامياب
نھ ٿيو.
انھيءَ دوران ايران مان قاچار جو بي انداز لشڪر
ھرات تي چڙھائي ڪري آيو ۽ قلعي کي سخت گھيرو
ڪيائين، ڏھن يارھن مھينن تائين اھو لشڪر قلعي جو
گھيرو ڪيو ويٺو ھو. ھر روز شھزادي ڪامران جي لشڪر
سان ان جون چڪريون ھلنديون رھيون. ھڪ رات شھزادي
جي لشڪر قلعي کان ٻاھر اچي قاچار جي لشڪر تي
راتاھو ڏنو، جنھن کان قاچار جي لشڪر مان ڪيترا
زخمي ٿي پيا ۽ ڪيئي مارجي ويا. ھيءُ ائين راتاھو
ڏيندا وري قلعي اندر ٿي اچي ويا. تڏھن مسٽر پاٽنجر
بھ قلعي ۾ موجود ھو، جيڪو شھزادي ڪامران کي جنگ جي
ڪاميابي لاءِ صلاحون ڏيندو ٿي آيو.
شھزادي جي فوج ان حالت ۾، جڏھن قلعي جا گدام خالي
ٿي چڪا ھئا، وڏي بھادريءَ سان مقابلو ڪندي رھي،
جنھن ڪري قاچاري لشڪر جي ڪاميابي تھ رھي پنھنجي
جاءِ تي، سندس ننڊ ئي حرام ٿي ويئي.
مسٽر پاٽنجر موقعو وٺي ٻنھي ڌرين درميان ٺاھھ جون
ڳالھيون ھلايون ۽ ڪي لک رپيا مرزا محمد شاھھ قاچار
کي ڏئي، جنگ بند ڪرائي ڇڏيائين. قاچاري لشڪر جي
وڃڻ کان پوءِ مسٽر پاٽنجر پنھنجي خرچ تي ھرات جي
قلعي جي مرمت ڪرائي، جيڪو توبن جي گولن لڳڻ سبب
ڪيترن ھنڌن تان ڀڃ ڀور ۾ اچي چڪو ھو.
شھزادو ڪامران، مسٽر پاٽنجر جي انھيءَ مدد ۾
ھمدرديءَ کان ھن جو ڏاڍو ٿورائتو ٿيو ۽ خوش ٿي کيس
وڌيڪ عزت ۽ اھميت ڏيڻ لڳو. ليڪن شھزادي ڪامران جي
وزير يار محمد خان کي پاٽنجر جي اھا روش نھ ائڙي،
ڇو تھ ھيءُ دروانديش ماڻھو ھو، کيس محسوس ٿي رھيو
ھو، تھ پاٽنجر صاحب جيڪي ڪجھھ ڪري پيو، ان ۾ ڪا
رمز رکيل آھي، تنھن ھوندي بھ ظاھريءَ طرح ساڻس چڱو
سلوڪ ڪندو آيو ۽ کيس گھڻو مان پئي ڏنائين، پر اندر
۾ اھائي لڳل ھيس تھ مسٽر پاٽنجر کي ڪٿي نھ ڪٿي ڪا
چڀيٽ چکائي ويندي.
مسٽر پاٽنجر نيٺ جڏھن ڏٺو تھ ھتان ڪجھھ بھ نٿو وري
تھ بيزار ٿي پيو، ويتر جو شھزادي جي وزير جون
ڦڙتيون گھڙتيون ڏٺائين تھ مورڳو ڪڪ ٿي انگلنڊ ھليو
ويو. ان جي وڃڻ کان پوءِ وري ٽاڊ صاحب ڪابل، قنڌار
۽ غزني کان ٿيندو ھرات ۾ آيو. وزير يار محمد خان
ھن جي اچڻ تي خوش ٿي دل ۾ چوڻ لڳو: ”مون جنھن شڪار
کي آسمان تي پئي ڳوليو، اھو زمين تي منھنجي
ڪوڙڪيءَ ۾ اچي پيو آھي.“
ھيءُ جيئن ھن کان اڳ
پاٽنجر کان ڳالھين ئي ڳالھين ۾ پئسا ڏوڪڙ ڪڍي
پنھنجو گھر ڀريندو رھيو. تيئن ٽاڊ کي بھ سونھري
سپنا ڏيکاري کانئس ناڻي جا ڍڳ ڪڍيائين، پر ھن کي
بھ ڪا ھڙ حاصل نھ ٿي؛ آخرڪار ھيءُ بھ نرھھ ۽ نراس
ٿي ھرات مان روانو ٿي ويو.
وزير يار محمد خان ڏٺو تھ شھزادي ڪامران جي
ڪمزوريءَ جي ڪري ھڪ نھ ٻيو انگريز ھرات ھليو پيو
اچي، ٿي سگھي ٿو تھ ھيءُ اڳتي ھلي ڪنھن نھ ڪنھن
ڦندي ۾ ڦاسي پوي. تنھن ڪري شھزادي ڪامران کي تخت
تان لاھي، پھريان قيد ۾ وڌائين، پوءِ کيس سخت عذاب
ڏئي، قتل ڪري ڇڏيائين. پڇاڙيءَ ۾ شھزادي جي گھر
ٻار سميت سڄو خزانو لٽي پاڻ ڏنڊو مڇي ھرات جي تخت
تي ويھي رھيو.
ھن جي ايامڪاريءَ ۾
ايترو امن قائم ٿي ويو، جو جيڪڏھن ڪا پوڙھي زال
سون پاڻ سان کڻي ڪٿان بھ ويندي ھئي تھ ڪوبھ سندس
نالو نھ وٺندو ھو. خاص ڪري ازبڪن جو قبيلو، جيڪو
ھميشھ ھرات سان ھٿ کؤنس ڪندو ٿي رھيو، ۽ ماڻھو
اغوا ڪري لٽ ڦر لائي ڏنا ھئائين، انھن تي چڙھي کين
ٻارن ٻچن سميت آڻي ھرات جي قيد ۾ وڌائين. ٿورن
گھڻن ڏينھن کان پوءِ ھيءُ بھ سڀ ڪجھھ ھرات ۾ ڇڏي
خالي ھٿئين وڃي پنھنجي رب کي پرتو!
جنھن کي انت مٽيءَ ۾ وڃي آرامي ٿيڻو آھي، تنھن کي
آسمان تائين اڀيون عمارتون ڇا ڪري ڏينديون!
*
(٨٤)
انگريزن جو سنڌ تي الاھي قھر بڻجي ڪڙڪڻ- پھريان
درياھھ جي ڊيگھھ، ويڪر ۽ پاڻيءَ جي وھڪري جي ماپ
وٺڻ، پوءِ پنھنجا گورک ڌنڌا شروع ڪري ڏيڻ:
ھيءُ تڏھن جي ڳالھھ آھي، جڏھن سنڌ جا حڪمران مير-
ھر ھڪ مير ڪرم علي خان، مير مراد علي خان
(حيدرآباد جا حڪمران) ۽ مير سھراب خان خيرپور جي
والي، ان جا مشير، نواب ولي محمد خان لغاري، سيد
ميان گولي شاھھ ۽ ٻيا حال حيات ھئا.
انگريزن اوائل ۾ دوستيءَ جي خيال سان سنڌ ۾ فوجي
ڇانوڻي وجھڻ لاءِ ڏاڍا حيلا ھلايا، پر ميرن، جيڪي
زماني جون سرديون گرميون ڏسي چڪا ھئا، انھن کي پير
کوڙڻ نھ ڏنو، ڇالاءِ تھ کين ڌارين جي ھٿ چراند
بابت ھرڪا خبرچار ڌيان ۾ ھئي.
انگريزن جيڪڏھن ميرن سان ڪا اچاٽ يا اڳرائي ڪئي
پئي تھ ھنن خراسان/افغانستان
جي خانن ۽ سردارن کان فوجي مدد طلب ڪري کين
(انگريزن کي) تڙي کڙي ڌڪي پري ڪري ٿي ڇڏيو.
اھڙيءَ ريت انگريزن جي ھرڪا حڪمت عملي ناڪام ٿيندي
رھي، جنھن ھنن کي صفا سانت ڪرائي ڇڏيو ٿي ۽ ٻيھر
پير پائڻ جي سگھھ ساري نٿي سگھيا، ڇو تھ ڪراچيءَ
جو بندر ميرن جي ھٿ ۾ ھو، ۽ اتان ئي انگريز جي اچ
وڃ جاري رھي ٿي سگھي، پر ميرن جي ھوشياريءَ سبب
انگريزن لاءِ اھو ڳٿو بھ بند رھيو. تنھن ھوندي بھ
ھيءُ (گدڙ وانگي شڪار جي لونجھھ ۾) لوس لوس ڪندا
رھيا.
اڳتي ھلي ڇا ٿيو، جو قضا الاھيءَ سان جيئن ھر ڪنھن
جي زندگيءَ ۾ قدرتي طور اجل جي اٿل ايندي رھي ٿي،
مٿي ذڪر ڪيل حيدرآباد ۽ خيرپور جي حڪمران ميرن مان
ھڪ ھڪ ٿي. راھھ رباني وٺي ويندو رھيو. ان کانپوءِ
سنڌ جي حڪمرانيءَ جي واڳ ٻن منزلن ڏانھن موڙي
ويئي. ھڪ طرف ميرنور محمد خان، مير نصير خان، مير
مراد علي خان مرحوم جي پٽن کي حيدرآباد ۾ حڪومت
ملي ويئي تھ ٻئي پاسي وري خيرپور ۾ مير رستم خان،
مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد خان کي حڪومت ھٿ
آئي.
چوندا آھن تھ ھر ڪمال تي زوال اچي ٿو ۽ ھر بھار جي
پويان خزان ايندي رھي ٿي. حيدرآباد ۽ خيرپور جي
ميرن درميان دستاربنديءَ جي مسئلي تي اچي جھڪ
جھڪان لڳي، جا وڌندي وڃي ڏٺي وائٺي دشمني تي پھتي،
جنھن کي جھل ئي نھ آئي. انگريز جيڪي اڳ ۾ ئي شڪار
جي تاڙ ۾ ھئا، ڦاھيوالن جيان ڄار کڻي ڪاھي پيا- ڪن
دوستيءَ جي دعوا ۾ ھٿ ڊگھيريو، ڪن رسالت سفارت جو
رستو رکڻ لاءِ تھ ڪن وري درياھھ جي ماپ وٺڻ جي
بھاني اچي (سرطان وانگي) سنڌ ۾ چنبا کوڙيا. ھن
پاسي حيدرآباد ۾، مير نور محمد خان، مير مراد علي
خان جي ولي عھد ۽ حڪمران کي انگريزن سياسي عياري ۽
ذاتي مڪاريءَ سان ڦيري گھيري پنھنجي پاسي ڪيو.
ڳالھين کان پوءِ عھدنامو تيار ٿيو تھ: ڪراچيءَ کان
وٺي سبزل ڪوٽ سوڌو ۽ ريگستان جا قلعا، سڀ ميرن جي
قبضي ھيٺ رھندا، انھن ۾ انگريز ڪابھ مداخلت نھ
ڪندا.
ٻيو ھيءُ تھ ڪوتلي (ڪوٽڙي؟) ۾ درياھھ جي ڪناري ھڪ
ڇانوڻي وڌي ويندي، جنھن جي سالياني خرچ پکي لاءِ
ميرن کي ٽي لک رپيا ڏيڻا پوندا. جيڪڏھن ڪنھن بھ
غنيم خراسان/
افغانستان وغيره کان سنڌ تي چڙھائي ڪئي تھ انگريز
سرڪار ان جو دفاع ڪندي.
انگريزن جي انھيءَ عھدنامي تي مير ڏاڍا خوش ٿيا.
ان کي ڄڻ تعويذ ڪري پئي ڄاتائون. پر خبر نھ ھين تھ
اندرين خاني ڇا ٿيندو! ٿورا ڏينھن گذريا تھ
انگريزن وري ٻارھن ٻيا مسئلا پيش ڪيا. ميرن اھي
اڃا پورا مس ڪيا تھ وري مٿان ٽيھھ چويھھ ٻيا
معاملا سندن ڳچيءَ ۾ وڌائون. تان جو ھوريان ڏاڍيان
سڄو ڪتاب تيار ٿي ويو، جنھن ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن جا
مڙئي مسئلا موجود ھئا. انھن جي تفصيل لاءِ وڏو
دفتر درڪار ٿيندو. ميرن ڪابھ مجبوري نھ واري؛ جيئن
انگريزن پئي گھريو، تيئن کانئن ڪم ڪرائيندا ويا.
ڌٻڻ ۾ جنھن جو ھيڪر پير پيو اھو ويندو ھيٺ لھندو،
نيٺ انھيءَ ۾ ئي وڃي غرق ٿيندو.
انھيءَ دوستي پڪي ٿيڻ کان پوءِ انگريزن (گرڻ پکيءَ
جان) پر پکيڙڻ شروع ڪيا ۽ درياھھ رستي خراسان/
افغانستان وڃڻ لاءِ سنبريا، ۽
ميرن ان مثال موجب تھ پنھنجي ڪئي جو علاج ئي
ڪونھي، خراسان/
افغانستان جي والين جا اڳوڻا
ايڇپا ۽ لڳ لاڳاپا پويان اڇلائي، انھن جي دشمنيءَ
جو سبب پيدا ڪري، انگريزن کي اجازت ڏئي ڇڏي تھ ڀلي
خشڪي توڙي درياھھ رستي خراسان/
افغانستان ھليا وڃن.
اھا خبر جڏھن خراسان/
افغانستان پھچي چڪي تھ ميرن
ھيئن حماقت ڪري انگريزن کي خراسان/
افغانستان اچڻ جي اجازت ڏني آھي تھ اھي مٿن ڏاڍا
ڏمريا. امير دوست محمد خان تھ ھڪدم ميرن نالي خط
لکي اماڻيو: اسان اوھان کي ھميشھ پنھنجو خير خواھھ
ڪري سمجھندا ھئاسون، ٻيو تھ اوھان ڪو وقت اسان کي
ڍل بھ ڀريندا ٿي آيا، سا تھ پنھنجي ھنڌ رھي،
اٽلندو اوھان اسان کان منھن موڙي انگريزن کي
پنھنجي ملڪ مان ھيڏانھن اچڻ جي اجازت ڏئي ڏاڍو ڪڌو
ڪم ڪيو آھي، جيڪو ڪڏھن بھ اوھان جي شان وٽان نھ
ھو! جيڪڏھن اوھان کي اسان جي ڳالھھ نھ مڃڻ ۾ (تھ
انگريزن کي ڪڏھن بھ ھيڏانھن اماڻڻ جي اجازت نھ
ڏيو) ڪو عذر آھي تھ پوءِ اسان کي جلد ڍل جي ادائگي
ڪريو: ٻيءَ حالت ۾ يقين ڄاڻو تھ اوھان جا جيڪي
پرڪار پڌرا ٿيڻ لڳا آھن، تن مان اھو يقين ٿئي ٿو
تھ اوھان کي آخرڪار نصارن جو دين قبول ڪرڻو پوندو،
جيئن چيو اٿن تھ: جيڪو پيغمبر جي حڪم خلاف ويو
(مسلمان جي حيثيت ۾ مسلمان سان ڦٽايائين) اھو ڪڏھن
ڪا مراد نھ ماڻيندو. (ان کي دين دنيا ۾ خواري
خرابي ڏسڻي پوندي.)
اوھان جيڪي ڪريو پيا، سو مسلماني کان پري آھي ۽
اسان سان اڳيون خلوص بھ ڪونھ ٿا رھايو. جيڪي ڪريو
پيا اھو اوھان کي ئي لوڙڻو پوندو، اسان تھ اڳ ۾ ئي
سڀ ڪجھھ ڏسي پسي چڪا آھيون، سو پاڻ کي ڪابھ پرواھھ
ناھي.
آدم سرالاھي آھي جيڪي آيس، سر تي سھي ويندو.
اسان اڳ ئي خدا جي در اھي دعائون پئي گھريون تھ
اسان کي شھادت جو شرف ۽ جھاد جي سعادت نصيب ٿئي،
اوھان پاڻ ئي ڏسي رھندا تھ جڏھن اھو شڪار (انگريز)
خود اسان جي دران لنگھي آيو تھ ڪھڙيءَ طرح خراسان/
افغانستان جا غازي ان کي پنھنجي چنبي ۾ ٿا آڻين!
افسوس اھي اوھان جي حال تي! پر اھو ياد رکجو تھ
جيڪو بھ ظالم جي مدد ڪري ٿو، خداوند ڪريم ان ظالم
کي ان جي مٿان ئي ٿو مڙھي! اھو نتيجو بھ اوھان پاڻ
ڏسندا.
سنڌ جي ميرن کي اھڙي ڪاري نانگ کاڌو، جو امير دوست
محمد خان جيڪي حقيقتون کين لکيون، انھن مان ڪابھ
ھڪ سندن پِتي تي ڪانھ پئي، رھندو امير موصوف جي
لکڻيءَ تي طعنا تنڪا ھڻندا ٿي رھيا. ٻئي پاسي
انگريزن سان ھنن جو پورو خلوص ھلندو ٿي آيو.
انگريزن انھيءَ خلوص جو ڀرپور فائدو ورتو. روز
بروز بمبئي جي بندر ۽ فيروزپورکان
جھازن ۽ ٻيڙي ۾ سندن سامان ايندو ٿي رھيو، جيڪو
بکر جي قلعي ۾ گڏ ڪري رکيائون. تنھن کان سواءِ ڇڙي
(ڇپري) وٽ بھ ھڪ ڇانوڻي وڌي ھئائون. ان کان اڳتي
وري شڪارپور ۾ ڇانوڻي قائم ڪري چڪا ھئا. ائين رات
ڏينھن جي ذري پرزيءَ ۽ چپي چپي جي جاچ جوچ ۾ لڳا
پيا ھئا. مقامي ٻولين سکڻ جي سھولت لاءِ سنڌي،
بلوچي، توڙي افغاني زبانن جا ڪتاب ٺاھي جوڙي تيار
ڪيائون. ميرن جون جيڪي غلطيون ۽ غفلتون ھيون، تن
کان چڱيءَ طرح آگاھھ ٿيندا پئي ويا. انھن (ميرن)
کي رات ڏينھن پورن پچائڻ ۽ ”آب حيات“ جي اڻ تڻ لڳي
پئي ھئي، باقي ملڪ داري جو کين خير ڪو خيال ھو!
انگريزن اھڙي آرين پارين ميرن کي بلڪل بي خبر ۽
بنھھ بيھوش ڏٺو تھ دلجاءِ ڪري ٻئي ھٿ ملڪ ۾
ڳنڍيائون. ھيءُ ڪي ڏينھن ميرن سان ڪيل معاھدن موجب
ماٺ ميٺ ۾ سڀ ڪجھھ ڪندا رھيا، پر اوچتو جڏھن مير
نور محمد خان فوت ٿيو تھ انگريزن جا حوصلا وڌي
ويا، ۽ سنڌ غصب ڪرڻ جي تياري ٿيڻ لڳي. ھنن کي
سواءِ مير علي مراد خان جي ٻئي ڪنھن جو ڪوبھ خيال
نھ پئي ٿيو. ان کي بھ سبزباغ ڏيکاري پنھنجي دام ۾
ڦاسائي وڌائون.
مير علي مراد خان انگريزن جي باري ۾ پنھنجي ڀائرن
کي نصيحتون ڪندو آيو، پر اھي ويتر دشمني تي لھي
آيا ۽ انگريزن کي اک ۾ رکڻ لڳا، جا سندن عقلمندي
نھ ھئي، ڇو تھ:
اھو ئي مرد پنھنجي ھمت سان، ملڪ ۽ حڪومت ھلائي
سگھي ٿو، جيڪو دوستداريءَ جي رسم راھھ کان واقف
ھوندو.
*
(٨٥)
انگريزن جو خراسان/
افغانستان مان خالي ھٿين موٽڻ ۽ سنڌ ھٿ ڪرڻ- ميرن
درميان نفاق پيدا ڪرائڻ- مير رستم خان جو خيرپور
مان فرار ٿيڻ ۽ مير علي مراد کي پڳ ٻڌرائي تخت تي
ويھارڻ:
انگريز ١٢٥٨ھھ (١٨٤٢ع) ۾ خراسان افغانستان مان
شڪست کائي اچي سنڌ ۾ وارد ٿيا. پھريان حڪمت عملي
ڪري سکر، شڪارپور ۽ ٻين ھنڌن تان پنھنجون ڇانوڻيون
کڻي جايون جڳھيون ڊھرائي، بنگلا اڌ ۾ ڇڏي وڃي دنگ
ڪيائون. انھيءَ خيال سان تھ جيئن عام خاص ماڻھن کي
پتو پوي تھ انگريز اجھو سنڌ ڇڏي وڃن پيا، پر اھو
سڀ ڍونگ ھو. انھيءَ سانگ رچائڻ جو اصل مقصد اھو ئي
ھو تھ ھنن ميرن کان ٽي چار ھنڌ: ڪراچي، سکر،
شڪارپور ۽ ڪيٽي بندر گھريا ھئا تھ جيئن اتي نئين
سر پنھنجا اڏا قائم ڪري رھن.
بلوچ، جيڪي پنھنجي عقل جا پاڻ ئي دشمن ھئا. افغانن
جي بھادريءَ جون ڳالھيون ٻڌي، پاڻ بھ غرور ۾ اچي
ويا. سندن مشيرن کين چيو تھ انگريز اجھو خراسان/
افغانستان مان کلا کائي شڪست سان پنھنجو منھن بگو
(اڇو) ڪري خوار خراب ٿي ھيڏانھن نڪري آيا آھن. اڳ
صرف ڪراچي جي ھڪڙي بندر تي راضي ھئا ۽ ھاڻ وري
جڏھن دربدر ٿيا آھن، تھ ھوس ۾ وڌيڪ ھنڌن جي گھر
پيا ڪن! پر ميرن انھن دليلن تي ڪو ڌيان نھ ڏنو.
افغان ڏاڍا بھادر ھئا ۽ ھنن پنھنجي غازين جو ساٿ
ڏيندي، ڪوھستان جي علائقن ۾ پھچندڙ انگريزن مٿان
راتاھا ڏئي ۽ کين لٽي ڦري خوب تباھھ ڪندا رھيا. پر
بلوچن ۾ ايتري ھمت ڪانھ ھئي. افغان ڪوھستان جي
پيدائش ھئا ۽ بلوچ ريگستان جا رھاڪو- اھڙي حال ۾
ھنن جي افغانن سان ڪا ڀيٽ ئي نٿي ڪري سگھجي. اھو
تھ پٿر ۽ ڀتر وارو مثال ٿيو. انگريزن کي جيڪي ٿي
وڻيو، سو پئي ڪندا رھيا. ھر ھنڌ پنھنجي لشڪر کي
ٿانيڪي ڪرڻ ۾ ويرم نٿي وڌائون. کين اھا پوريءَ طرح
دلجاءِ ھئي تھ ميرن جي ٻڌي ۽ ٻولتي (عقل توڙي
زبان) ٻئي بند آھن، ھاڻ جيڪڏھن ڀتر مان ڪم نڪري
سگھي ٿو تھ پٿر جي ڪھڙي گھرج پوندي! آخر تاريخ ٢٤-
نومبر ١٨٤٢ع بمبئي جي گورنر طرفان حڪم صادر ٿيو تھ
ميرن کان نئين سر نئين عھدنامي تي دستخط ڪرائي،
اھو ھيڏانھن اماڻيو وڃي.
سرچارلس نيپئر
،
جيڪو ڪمپني سرڪار جو ڪارمختار، لشڪر جو مھندار ۽
سنڌ جو گورنر پوليٽيڪل ايجنٽ ھو، تنھن نئين
عھدنامي لاءِ ميرن سان گھڻي مغزماري ڪئي، پر ھيءُ
ڪن لاٽار ڪندا رھيا ۽ بيفائدي حجت سان جواب ڏنائون
تھ اسان دوستيءَ جو ڀرم رکندي اوھان کي خراسان
افغانستان وڃڻ لاءِ پنھنجي ملڪ مان رستو ڏنو، ھاڻ
اوھان جي چڱائي انھيءَ ۾ آھي تھ جنھن واٽ سان آيا
آھيو، تنھن سان واپس وڃڻ جي ڪريو.
گورنر صاحب پوليٽيڪل ايجنٽ وري بھ ميرن کي ٿڌي
سيني سمجھائڻ جي ڪئي، تھ اوھان نئون عھدنامو لکي
ڏيو، جيڪڏھن نھ تھ اھا ڳالھھ اوھان جي حق ۾ ڏاڍي
ڏکي ثابت ٿيندي. ان لاءِ ميجر آؤٽرام تي پڻ بار
رکيو ويو تھ تنھنجو ميرن سان خير خواھيءَ وارو
رستو آھي، تون انھن کي سمجھائي عھدنامي لاءِ تيار
ڪر!
انھيءَ سان گڏ اندرين نموني اٽڪل ڪري مير صوبدار
خان کي سندس وڪيلن (صلاحڪارن) جي ذريعي حڪومت جي
پڳ ٻڌرائڻ جو دلاسو ڏئي خوش ڪري، ميرن ۾ نفاق جو
ٻج پوکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ان لاءِ ميجر آؤٽرام
حيدرآباد کان سکر ويو ۽ مير علي مراد خان سان وڃي
مليو. ان کي بھ ڳالھين سان ريھي ريبي دستاربنديءَ
جو آسرو ڏئي پنھنجي وڪڙ ۾ آندائين. مير علي مراد
اھڙو اري ۾ اچي ويو، جو لشڪر ۽ توبون ساڻ ڪري
خيرپور لڳ نونار وٽان توبون ڇوڙيائين.
خيرپور جا مير، ھر ھڪ مير رستم خان، مير نصير خان،
مير محمد حسن خان ۽ مير محمد علي خان وغيره بلڪل
غافل ھئا، جڏھن کين خبر پئي تڏھن مير رستم خان
نونار وڃي مير علي مراد خان سان مليو ۽ وڳوڙ ختم
ڪرايائين.
ان کان پوءِ پير ميان علي گوھر کي وچ ۾ آڻي
دستاربنديءَ بابت ڳالھيون ھلايون ويون.
خيرپور جي حڪومت جي دستاربنديءَ لاءِ ھيڏانھن مير
علي مراد خان ٿي پور پچايا تھ ھوڏانھن مير رستم
خان جي پٽ مير محمد حسن خان ٿي جاڳندي خواب لڌا.
اھي تڪرار تھ اڳ بھ ھلندا ٿي آيا، پر انھن جو ڪو
نبيرو نھ پئي ٿيو.
آخر ھڪ ڏينھن مير علي مراد خان ڪوٽ ڏجيءَ مان
نڪري، خيرپور جي ڀرسان خانپور ۾ ويو، اتان پنھنجو
معتبر ماڻھو موڪلي مير رستم خان کي پاڻ وٽ گھرائي
ساڻس ڳالھيون ڪيائين.
مير علي مراد خان، مير رستم خان کي اھڙيون ابتيون
سبتيون ڳالھيون ٻڌائي بِر ڪيو، جو ھن پنھنجي پٽن ۽
ڀائرن کي، جيڪي خيرپور ۾ موجود ھئا، خط لکيو تھ:
انگريزن جو ارادو ڏاڍو خطرناڪ پيو ڏسجي. ھيءُ اسان
کي گرفتار ڪرڻ جي ڪڍ آھن۽ توھان بنا ڪنھن دير جي
ڪوھستان جي قلعن ڏانھن ٽپڙ ٻڌي روانا ٿي وڃو. اسان
پاڻ بھ مير علي مراد خان سان گڏجي احمدآباد
جي قلعي (ڪوٽ ڏجي) ڏانھن وڃي رھيا آھيون، ڏسون اتي
ڪھڙو فيصلو ٿو ٿئي.
مير رستم خان جي پٽن ۽ ڀائرن خط پڙھيو تھ سندن
اوسان خطا ٿي ويا. خوف ھراس ۾ اڌ رات جو (١٢٥٨ھھ/١٨٤٢ع)
خيرپور ڇڏيائون. مير محمد حسن خان ۽ مير نصير خان
ٻئي صلاحي ٿي ڀورٽيءَ ڏانھن ويا ۽ ٻيا وري پنھنجي
منھن ڪنھن ڪنڊ پاسي ويندا رھيا.
انھيءَ اچانڪ واقعي کان خيرپور جي ننڍن وڏن ملازمن
توڙي غير ملازمن ۽ ٻين ماڻھن ۾ ڏاڍي افراتفري مچي
ويئي. ھرڪو حيران پريشان ھو. ڪي تھ ڏھڪاءُ مان شھر
ئي ڇڏي ويا. شھر کان ٻاھر وري لٽ ڦر مچي ويئي،
جنھن ۾ ڪيترا ويچارا ڦرجي ڀينگ ٿي ويا.
اھا رات، جنھن رات مير پنھنجا ٻار ٻچا وٺي ڀڄ ڊڪ ۾
خيرپور ڇڏي ھليا تھ اچي زوردار بارش پئي. ويتر
سياري جي مند- سو انھيءَ اونداھيءَ اڌ رات ۽
لاڳيتي برسات ھنن کي وڏي مشڪل ۽ مصيبت ۾ وجھي
ڇڏيو، خاص ڪري سندن اھل عيال، جن ڪڏھن بھ اھڙو
اڻائو وقت ڪونھ ڏٺو ھو، حال کان بيحال ٿي پيا. آخر
ھڻي وڃي ريگستان جي قلعن تائين رسيا.
مير رستم خان پاڻ ڪوٽ ڏجيءَ ۾ ترسيو، ايتري تائين
جو ٻي واھھ نھ ڏسي رياست جي دستار ۽ پنھنجي
دستاربندي تان آسرو پلي، ٻئي مير علي مراد خان جي
حوالي ڪري لکي ڏئي جند ڇڏايائين.
ان کان پوءِ ڪوٽ ڏجيءَ مان ريگستان ھليو ويو. ھن
جي وزير فتح محمد خان غوري کي گرفتار ڪيائون، جنھن
جي خصلتن جو بيان لکڻ کان ٻاھر آھي:
ھٿ ۾ تسبيح، دل ۾ گڏھھ ۽ ڍڳو،
انھيءَ تسبيح ڦيرائڻ مان ڪھڙو فائدو!
ھيءُ ظاھري چڱاين
جي باوجود ساري رات بڇڙاين ۾ بسر ڪندو ھو، مير
رستم خان لاءِ جيتوڻيڪ چئي سگھجي ٿو تھ مٿس جيڪي
وھيو واپريو، سو سندس قسمت جي لکئي موجب ھو، پر
اھو سڀ ڪجھھ سندس وزير فتح محمد غوري جي صحبت ۽
مصلحت جي اثر کان رونما ٿي چڪو ھو. کيس اھڙن ڪين ۽
ڪن جھڙن ماڻھن کان ھر حال ۾ پاسو ڪرڻ کپندو ھو:
خراب صحبت وارن کان پري رھجي،
اھو احتياط ھر حالت ۾ ضروري آھي،
ڇو تھ اھڙا ماڻھو نمڪ جي حق کان بي خبر،
۽ انصاف کان پرانھان ھوندا آھن،
اھي شيطان جا پوءِ لڳ ٿين ٿا،
انھن جي دوستي بھ دشمني آھي.
*
(٨٦)
جنرل سر چارلس نيپئر جو ڪوٽ ڏجيءَ وڃڻ، ميجر
آؤٽرام کي مير علي مراد خان ڏانھن مير رستم خان جي
پيڇي ڪرڻ لاءِ موڪلڻ، امام ڳڙھھ قلعو ڊاھڻ- مير
رستم خان جو شھدادپور وڃڻ:
سال ١٢٥٨ھھ (١٨٤٢ع) ۾ مير رستم خان جي فرار ٿيڻ
کان پوءِ سر چارلس نيپئر سوارن، پلٽڻ ۽ توبخاني
سان سکر مان سوار ٿي ڪوٽ ڏجيءَ ۾ آيو. ميجر آؤٽرام
کي مير علي مراد خان سان گڏ مير رستم خان ۽ ٻين
ميرن جي پيڇي ڪرڻ لاءِ ريگستان جي قلعن ڏانھن
روانو ڪيو ويو.
ميجر آؤٽرام ريگستان جي قلعي ۾ وڃي، مير رستم خان
سان مليو ۽ کيس دم دلاسا ڏنائين ۽ ساڻس اھو وعدو
ڪيائين تھ امام ڳڙھھ مان واپسيءَ کان پوءِ اوھان
کي اڳ وانگي حڪومت جي گاديءَ تي وھاريو ويندو.
تيستائين اوھان اتيئي رھيا پيا ھجو.
مير رستم خان سان ڳالھين ڪرڻ کان پوءِ ھو امام
ڳڙھھ
ڏانھن ويو، جتي مير محمد خان ڪوڪڙي رھيل ھو. ھن
آؤٽرام جي اچڻ جي خبر ٻڌي تھ امام ڳڙھھ جو قلعو
ڇڏي جيسلمير ڏانھن ھليو ويو. ميجر آؤٽرام قلعي ۾
پھچي، اتي جيڪو سامان پيل ھو، سو ھٿ ڪري ٻاھر نڪتو
۽ قلعي جي ڀتين کي توبن سان اڏائي، باھيون ڏياري
پٽ ڪرائي ڇڏيائين. ان کان پوءِ وري مير رستم خان
وٽ ويو.
مير رستم خان سندس پھچڻ کان اڳ شھدادپور ڏانھن وڃي
چڪو ھو. ھن (آؤٽرام) کي اھو ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو تھ
مير صاحب ھروڀرو پاڻ کي پريشانيءَ ۾ وجھي ڇڏيو.
کيس ائين نھ ڪرڻ کپندو ھو.
مير صاحب شھدادپور پھتو تھ ڏھھ ٻارھن ھزار بلوچن
جو لشڪر وٽس آيو، جن مان ھرڪو ٻٽاڪ ھڻندو ٿي رھيو.
مير رستم خان مصلحت جي خيال سان پنھنجي پٽ مير
محمد حسن خان جي سرڪردگيءَ ۾ بلوچن جي لشڪر کي
شھدادپور ۾ ڇڏي، مير نصير خان کي وٺي حيدرآباد جي
ميرن وٽ ويو. انھيءَ عرصي ۾ حيدرآباد جي ميرن جي
وڪيلن الڳ الڳ نموني سرچارلس نيپئر ڏانھن وڃي مير
علي مراد خان جي خلاف ڳالھيون ڪرڻ چاھيون، جن ۾
مير حسين علي پاران سيد محمد تقي شاھھ، مير
صوبدار خان طرفان آخوند بچل، تنھن کان علاوه مير،
مير محمد خان پنھنجي منھن ڪوشسون ڪري ٿڪجي پيا، پر
ڪامياب نھ ٿيا. نيٺ ھرڪو واپس ٿيو. صاحب بھادر
آخرڪار مير علي مراد خان کي پڳ ٻڌرائي ۽ کيس سرڪش
ماڻھن جي مھميز لاءِ تاڪيد ڪيائين.
بلوچن جي دل ۾ انگريزي فوج جو ڏاڍو ڏھڪاءُ ھو، جن
پاڻ کي رستم ثاني ٿي سمجھيو، پر جڏھن انگريزي لشڪر
جي اچڻ جو ٿي ٻڌائون تھ سندن وايون بتال ٿي پئي
ويون.
بلوچ ڏاڍا بھادر آھن، ان ۾ ڪوبھ شڪ نھ ھو. ھيڏانھن
انگريزن جي فوج بھ ٿوري انداز ۾ ھئي. جيڪڏھن اھي
ڊاڙ ٻٽاڪ ڇڏي بھادرن جان سينو ساھي اڳ ۾ ٿين ھا تھ
انگريزن سان چڱي طرح پڄي اچن ٿا. پر مير علي مراد
خان، جيڪو سندرو ٻڌي انگريزن جي حمايت ۾ لاھي پاھي
اڳرو ٿي بيٺو ھو، تنھن جي ڪري بلوچن ھٿيار پنھوار
پاسيرا ڪري ڇڏيا ۽ ماٺڙي ڪري ويھي رھيا.
*
(٨٧)
خدايار خان دراني باميزئي جي شڪارپور تي چڙھائي ۽
شيخ غلام حيدر سان سندس لڙائي:
مير رستم خان، مير نصير خان ۽ انھن جا واسطيدار
جڏھن بادشاھگرديءَ جي ڪري خيرپور ڇڏي ٽڙي پکڙي ويا
تھ انھن جي ڪارندن ۾ ڦڙڦوٽ اچي پئي، جيڪي سندن
پاران شڪارپور جي تن حصن تي ٿاڦيل ھئا. آخر اھي بھ
پاسيرا ٿي ھليا ويا. ان کان پوءِ شيخ غلام حيدر،
مير علي مراد خان جي ڪارمختار شيخ علي حسن جي مدد
سان شڪارپور جي ٽن حصن جو انتطام سنڀالڻ لاءِ مقرر
ٿيو.
ھيءُ شڪارپور پھچي انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ ترسيو.
ٻئي پاسي وري خدايار خان دراني، مير نصير خان جي
حڪم تي سندس حصي واري علائقي تي مقرر ٿي آيو، جو
شھر جي لڳ ديھھ ماريءَ ۾ اچي لٿو، جتي ٽي چار سو
پيادا ۽ سوار گڏ ڪري ورتائين. اھو لشڪر فقط اڌ
پاءُ اٽي تي تيار ٿيو، جنھن کي وٺي ھو شڪارپور
وڃي، شيخ غلام حيدر سان لڙيو، لشڪر جو خرچ غريب
رعايا کان زوريءَ اڳاڙي پورائو ڪيو ٿي ويو. انھيءَ
لاءِ الھرکئي نالي ھڪ جوڻيجي کي مقرر ڪيو ويو،
جيڪو ڦڏائيءَ ۽ فسادي ماڻھو ھو. انھيءَ ايڏو ويل
کڻي ٻاريو جو ڪيئي غريب سندس ھٿ ڇوھيءَ کان پنھنجا
جھڳا ڇڏي ڀڄي ويا. چوندا آھن تھ ظالم جو ھميشھ
خانو خراب ھوندو آھي، سو خدا يار خان، شيخ غلام
حيدر خان سان سخت مقابلو ڪندي بھ پڄي نھ سگھيو. ڪي
ڏينھن قلعي جي ٻاھران گھٽ وٺي ويھي رھيو.
شھر ۾ حيدرآباد جي ميرن پاران مقرر ڪيل سيد
ابراھيم شاھھ ۽ ديوان ڄيٺمل جو حڪم پئي ھليو، جن
اٺن ئي دروازن تي پنھنجا ماڻھو وھاري ڇڏيا ھئا، جن
خدا يار خان توڙي شيخ غلام حيدر خان جي ڪنھن بھ
ماڻھوءَ کي اندر اچڻ نٿي ڏنو، پر شڪارپور مان
اڳاڙيل ڍل حصي موجب شيخ غلام حيدر خان کي رسائيندا
ٿي آيا، جا ڳالھھ ديوان ڄيٺمل گوارا نٿي ڪئي، تھ
بھ مڙئي قصو ھلندو ٿي رھيو.
ٽن چئن ڏينھن کان پوءِ حافظ حڪمت خان، مير علي
مراد خان طرفان ٽي چار سو پيادا، سوار ۽ ھڪ توب
پاڻ سان آڻي شڪارپور ڏانھن وڌندو آيو. جڏھن شھر لڳ
کوسن وٽ آيو تھ خدايار خان قلعي جو گھيرو ڇڏي لشڪر
سميت حڪمت خان سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ سنڌ
واھھ واٽ اچي ترسيو، جتي واھھ جي اڙ وٺي، ويڙھھ جي
لاءِ تيار ٿي ويٺو، حافظ حڪمت خان کي جو خبر پئي
تھ پرينديئي توبن جا ٺڪاءُ ڪڍرايائين، خدايار خان
جي ماڻھن خوف کان ڀڄڻ تي زور رکيو. تنھن کان پوءِ
خدايار خان بھ ميدان خالي ڏسي گھوڙي تي لانگ ورائي
واءُ ٿي ويو.
حڪمت خان اھڙيءَ ريت فتحياب ٿي، شھر ۾ آيو. ٿورن
ڏينھن کان پوءِ بلدڪيڏانھن
روانو ٿي ويو ۽ پوءِ شيخ غلام حيدر خان سک سانت
سان خيرپوري ميرن جي حصي ڏانھن ھٿ وڌايا. ايتري ۾
خبر پھتي تھ قلات جي والي مير نصير خان بروھيءَ
پنھنجو لشڪر روجھاڻ جي قلعي ڏانھن اماڻيو آھي جو
چاھي ٿو تھ اھو قلعو سندس قبضي ۾ اچي. ان لاءِ
ديوان ڄيٺمل ميرن جي حڪم سان بلوچن، پٺاڻن ۽
ھندوستانين جو لشڪر ھڪ توب سميت پنھنجي پٽ نوتن
داس جي سربراھي ۾ روجھاڻ جي قلعي ڏانھن اماڻيو.
مير نصير خان ٽالپور اھو حال ڏسي، حيدرآباد مان
ديوان ڄيٺمل ڏانھن خط لکيو: جيتوڻيڪ اسان جي
انگريزن سان دوستي قائم آھي ۽ اسان ان جي ڪابھ
مخالفت نھ ٿا چاھيون، ليڪن مير رستم خان خانگي
نفاق سبب انگريزن جي ڊپ کان پنھنجي گھر ٻار سميت
دربدر ڀٽڪندو ٿو وتي، تنھن مون کي نيزاري ڪئي آھي
تھ آءٌ پنھنجا صلاحڪار انگريزن ڏانھن موڪلي ھلندڙ
رڳڙي کي ختم ڪرايان، پر ان لاءِ انگريزن جو ڪو ٻيو
خيال پيو ڏسجي، ان ڪري اوھان کي تاڪيد ٿو ڪجي تھ
اڳواٽ عقلمنديءَ کان ڪم وٺڻ لاءِ ويچاريندي لشڪر
تيار ڪرائي اتي ويٺا رھو، جيستائين اوھان ڏي ڪو
ٻيو حڪم اچي. ديوان ڄيٺمل ٻيا ڪم ڇڏي لشڪر گڏ ڪري
ٻي حڪم جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ ديوان ڄيٺمل ۽
شيخ غلام حيدر خان جو پاڻ ۾ جھيڙو شروع ٿيو. شيخ
غلام حيدر خان جو جيڪو بھ ملازم ديوان ڄيٺمل کي ھٿ
پئي آيو، تنھن تي موچڙن جو وسڪارو ھو. پڇاڙيءَ ۾
ان کي پير ۾ رسو ٻڌي شڪارپور جي بازار ۾ لڙڪايو ٿي
ويو. ھوڏانھن ديوان ڄيٺمل جو جيڪو ماڻھو شيخ غلام
حيدر خان جي ور ٿي چڙھيو. ان سان بھ اھا تعدي ٿي
ڪرڻ ۾ آئي. آھستي آھستي ٻنھي ڌرين ۾ ويڙھھ اچي
لڳي. ٻنھي پاسن جو لشڪر ھندن، مسلمانن جي جاين ۽
ماڙين تان ھڪ ٻئي تي بندوقن جا وار ڪندو رھيو.
اھا جنگ ڪيترا ڏينھن ھلندي رھي، جنھن مان شھر جي
رعايا اچي تنگ ٿي. آخر چڱن مڙسن وچ ۾ اچي جھيڙو
ٽاريو ۽ ھڪ ٻئي جا بازو ٻنھي کي ورائي ڏنا ويا.
مگر انھن مان ھڪ ھندو، شيخ غلام حيدر خان وٽ رھجي
ويو، جيڪو ديوان ڄيٺمل جو خاص ماڻھو ھو. ديوان ان
جي گھر ڪئي پر سنئين منھن جواب نھ ملڻ تي ڪاوڙ ۾
اچي ويو ۽ انھيءَ بازو کي ڇڏائڻ لاءِ شيخ غلام
حيدر خان تي چڙھائي ڪيائين. بڇ ملڻ جي دير ھئي.
ديوان جي ماڻھن مڇرجي شيخ غلام حيدر خان تي توبن ۽
بندوقن جا ڌوڙيا لائي ڏنا. ان لاءِ خاص طور ھندن،
مسلمانن جون ماڙيون ۽ جايون خالي ڪرايون ويون.
جيئن مار ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي نھ ٿئي. نيٺ اھي ھڻندا
ماريندا وڃي، شيخ غلام حيدر خان جي جاءِ تي رسيا،
ٿڌي تي نو ماڻھو شيخ غلام حيدر جا قتل ڪيائون ۽
ڪيترا ڦٽي وڌائون، باقي جيڪي ھئا، اھي بھ رفوچڪر
ٿي ويا. ديوان ڄيٺمل جو جيڪو بازو اتي سوگھو ٿيل
ھو، تنھن کي ڇڏائي ورتائون، پر جيڪي گھوڙا ۽ ٻيو
سامان شيخ غلام حيدر خان جي ماڻھن جو اتي ھو سو بھ
تڳايائون.
ديوان ڄيٺمل انھيءَ سوڀ تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سپاھين
کي انعامن سان نوازيائين. جڏھن ديوان جي انھيءَ
قدرداني ۽ انصاف جو پڙاڏو ٻين پاسن پکڙيو تھ ٻھ-
ٽي ھزار پيادن ۽ سوارن جي فوج وٽس گڏ ٿي ويئي.
ديوان جي ڪارگذاريءَ جو ٻڌي، سکر جي ڇانوڻيءَ ۾
ڳڻتي پيدا ٿي. انگريزن ھوشيار ٿي پنھنجي فوج کي
خبردار ٿي رھڻ جي ھدايت ڪئي. انھيءَ سان گڏ
شڪارپور ۽ سکر واري رستي مٿان چوڪيءَ لاءِ سپاھي
مقرر ڪري ڇڏيائون، متان ديوان ھن پاسي نھ ڪا ھٿ
چراند ڪري. لشڪر گڏ ڪرڻ کان پوءِ ديوان ڄيٺمل
حيدرآباد مان جاري ٿي ايندڙ ٻئي حڪم جو انتظار ڪرڻ
لڳو. دل ۾ خيال ڪيائين تھ ھن صورت ۾ جيڪڏھن
انگريزن سان لڙڻ جو حڪم ٿيو تھ سوچي ويچاري چار
پنج سو بھادر بلوچن ۽ ٻين سپاھين کي، جيڪي اڳ ئي
پاڻيءَ ۾ ترڻ جي تربيت ورتل آھن، ھٿيار ٻڌرائي
مشڪن تي چاڙھي درياھھ مان راتو واھھ ٽپائي، سکر ۾
ڇانوڻيءَ تي چڙھائي لاءِ موڪليو ويندو، ۽ پاڻ خشڪي
رستي لشڪر وٺي، توبون کڻائي سکر ڏانھن روانو
ٿيندس، جتي چئني پاسن کان ڇانوڻيءَ تي گھيرو ڪري
جنگ شروع ڪرائيندس. پوءِ جيڪي ٿيو سو ڏٺو ويندو،
پاڻ کي پرواھھ نھ آھي.
ھن پوريءَ ريت انگريزن سان معرڪي آرائي (مھاڏي
اٽڪائڻ) جو پھھ ڪري ڇڏيو. انھيءَ لاءِ مقربن ۽
عالمن کي گھرائي چيائين: اوھان اڳيا اچو تھ جھاد
شروع ڪيو وڃي. ھيءُ وقت جھاد جو آھي. ديوان ڄيٺمل
اڃا انھن پورن پچائڻ ۾ ھو تھ حيدرآباد جي ميرن جي
انگريزن ھٿان ھار ۽ گرفتاريءَ جي خبر اچي پھتس،
پوءِ تھ ڄڻ ويچاري جا وڻ ئي وڄي ويا. ڏاڍي فڪر
مندي ۾ پئجي ويو، پر پوءِ بھ ڏاڏر ڏيکاري ظاھري
طرح اڳئين رعب تاب سان حڪومت ھلائيندو رھيو. ليڪن
اندر ۾ ڀڄڻ جا رستا پئي ڳوليائين.
*
|