(٧٣)
ميڪناٽن جي موت کان پوءِ مسٽر پاٽنجر جو سندس جاءِ
تي مقرر ٿيڻ- سردار محمد اڪبر خان طرفان ساڻس
لکپڙھھ ھلائڻ ۽ کيس ڪابل مان ڪڍي غارت ڪرڻ:
سردار محمد اڪبر خان غازي، خداوند ڪريم جي مدد ۽
مھربانيءَ سان، ميڪناٽن کي ھندستان جو عھدو ماڻڻ
کان اڳ تمام خواري ۽ خجالت سان پنھنجي آبدار ترار
جو بک بڻائي ڇڏيو تھ سرڪار نامدار مسٽر پاٽنجر کي
ان جي جاءِ تي قائم مقام مقرر ڪيو. ھن اچي پنھنجي
گادي والاري ۽ سڀني فوجي اختيارن سان اقتدار جي
واڳ ورتائين، تھ ھن بھ ”ان جو منھن جنڊ ڏانھن“
وانگي فوجي انتظام سنڀالڻ ۽ جنگ جوٽڻ جون تياريون
شروع ڪري ڏنيون. ٻئي پاسي حالت اھا ھئي جو انگريزي
فوجون، گھڙيءَ گھڙيءَ جنگ جي جوکم ۾ پئجي، ڏئي وٺي
بيٺيون ھيون. ھنن تي خاص ڪري سردار محمد اڪبر خان
جو ايڏو رعب ويھجي ويو ھو، جو رڳو ان جي اچڻ جو
ھاواڻو ٻڌي ھنيانءِ لاھي، حياتيءَ جو آھو لاھي ٿي
ڇڏيائون. نوڪري ٽوڪري آھي، ان جي لاچار کان ھر
ڪنھن مري تري بھ مڙئي منھن پئي ڏنو.
سردار محمد اڪبر خان کي بھ اھا خبر پئي تھ ھاڻ وري
ھيءَ گدڙ رنڱو ... گدڙ جو ڀاءُ بڻجي پاڻ کي
انگريزي فوج جو مالڪ ڄاڻي خام خيالي ۾ جنگ جي سنبت
۾ لڳو پيو آھي. کيس لکي موڪليائين تھ اوھان کي
ڪابل ۾ رھڻ نھ گھرجي، ڇو تھ ڪابل ۾ رھي اوھان
غازين جو مقابلو ڪري نھ سگھندا. سو ڄاڻي واڻي پاڻ
کي موت جي منھن ۾ نھ ڌڪيو ان مان اوھان کي ڪجھھ بھ
پلي نھ پوندو. سياڻپ جي صلاح اھا آھي تھ اوھان کي
راھھ خرچ لاءِ جيڪي سامان وغيره کپي، سو ٻڌايو تھ
اسان پاران پھچايو وڃي، باقي ھت رھي ھيئن ڌڌڙ ۾
پير ھڻڻ مان ھيلتائين جيڪي ٻين کي وريو، سوئي
اوھان کي ورندو!
انھيءَ لکڻ مان سردار محمد اڪبر خان جو اھو مقصد
ھو تھ انگريز ھر حالت ۾ ڪابل جي ڇانوڻي خالي ڪري
وڃن، جيئن انھن کي واٽ تي پھچي جيئرو گرفتار ڪرڻ ۾
اچي.
پاٽنجر صاحب، سردار محمد اڪبر خان جو پرزو پڙھي،
ڪجھھ سوچڻ کان سواءِ فوج کي ڪابل مان ڪوچ ڪرڻ جو
حڪم ڏنو. ٻئي ڏينھن سج اڀرڻ کان اڳ ڇانوڻي ڇڏي،
لشڪر سميت چوڌاري وائڙن وانگي لوڻا ھڻندو اڳتي
وڌيو. کيس الاھي قضا جي ڪل ڪانھ ھئي، تھ ڇا ٿيندو.
ويتر اھو ٿيو جو ان ڏينھن ايتري برف پوڻ لڳي جو ھڪ
گز (ھٿ) تائين زمين پورجي ويئي.
انھيءَ آسماني آفت کان انگريزي فوج جو پنڌ ڏاڍو
اڻائو ٿي پيو، جو ڪو پيچرو ئي نظر نٿي آيو. ھر ڪو
سرديءَ کان ڪنبيو پئي. سردار محمد اڪبر خان جيڪو
موقعي جي تاڙ ۾ ھو، پنھنجي لشڪر سان اچي ھنن جي
مٿان ٺڪاءُ ڪيو ۽ سندن رستو روڪي، ساڻن جنگ ڪرڻ
لڳو. جنرل سيل اندر سڙندي اتي چئي ڏنو: ھن وقت
ڪابل جا اھي سردار ڪٿي آھن، جيڪي انگريز سرڪار جا
خير خواھھ ۽ نمڪ خوار ھئا؟ گھرايو انھن کي تھ اچي
ھن مصيبت ۾ اسان جو ساٿ ڏين، برفباري مان اسان کي
پار ڪري، اسان جي مال ملڪيت جا نگھبان ٿين!
صاحب موصوف (پاٽنجر) وراڻيو: ڪابل جا سڀئي سردار
ھن مھل اسان جي جان جا دشمن ٿي چڪا آھن. ھاڻ، انھن
نمڪ حرامن کي سارڻ مان ڇا فائدو؟ جنرل سيل ان جو
جواب ٻڌي نھايت تندي سان پنھنجي ليکي پڄرندو رھيو.
سردار محمد اڪبر خان پنھنجي غازين کي افغاني زبان
۾ ھڪل ڪئي: وارو ڪريو، ھيءَ وقت آھي، مڙسي ڪري
سڀني انگريزن کي جيئرو گرفتار ڪري ڇڏيو.
غازين حڪم ملندي، ھمت ڪري بھادري ۽ دلاوري سان
انگريزن جي لشڪر ۾ توڻي تپائي ڏني. پڇاڙيءَ ڳالھھ
وڃي اتي پھتي جو پاٽنجر صاحب ۽ ٻيا سڀ ستر ڄڻا،
انگريزن جي ڇھن عورتن (ميم صاحبن) سميت، زندھھ
گرفتار ٿيا ۽ جنرل اتان فرار ٿي ويو.
غازين پوري جان فشانيءَ سان ڌڪن جا ڌڪ سھندي،
انگريزن جون کنڌيون کڻي ڇڏيون. ھوڏانھن انگريزن جي
فوج بھ حياتي جو آسرو لاھي، چڱيون چڪريون ڏيندي
رھي.
انھيءَ مقابلي ھلندي وري اچي برفباري شروع ٿي.
غازين کي تھ برف جي ڪا پرواھھ نھ ھئي، ھو اھڙي
ماحول جا اصل کان ھيراڪ ھئا، پر انگريزن جي فوج جي
صفا ڄڙھھ نڪري ويئي جو انھن کي اڳي اھڙي ڪا مصيبت
پيش نھ آئي ھئي. فوج مان ڪيترا سرديءَ جي سختي کان
مري ويا، جيڪي بچيا، اھي بھ اھڙا نستا ۽ ساڻا ٿي
پيا جو ڄڻ منجھن ساھھ ئي باقي ڪونھ رھيو. تڏھن بھ
ٿڙي ٿاٻڙي ڏاڍي اڻاوت سان وڃي، خورد ڪابل
جي وستيءَ ۾ ساھي پٽيائون. پر اتي کين کاڌي پيتي
لاءِ ڪجھھ بھ نصيب نھ ٿيو، ڇو تھ اڳ ۾ ئي ڪاري
وارا ڪک لڳا پيا ھئا.
ٻئي ڏينھن سج ڪني ڪڍي تھ سردار محمد اڪبر خان،
جنرل سيل کي اتي پيغام ڏياري موڪليو: انگريزن جي
ننڍن وڏن مان سڀ اچي اسان وٽ قيد ٿي چڪا آھن.
اوھان بھ ھن پيغام پھچڻ شرط ھتي پھچي وڃو. جنرل
سيل رھي کھي اٽالي سان اتان نڪتو. رستو اھڙو تھ
اھنجو ۽ اڻائو ھو، جو ھنن کي ڪابھ سنوت ڏسڻ ۾ ڪانھ
ٿي آئي، نھ وري ڪنھن جي پيٽ ۾ ڪو ان جو داڻو بھ
ھو، انھيءَ بک ڏک ۽ اڃ وگھي لشڪر جو گھڻو حصو
تباھھ ٿي ويو. ٻيا ٿيڙ کائيندا وڏن ٿاٻن کان پوءِ
تيزين
تائين آيا.
جنرل سيل اتان ترار چيلھھ مان ڇوڙي سردار محمد
اڪبر خان ڏانھن اماڻي امان گھري. موٽ ۾ سردار
موصوف اھا ترار ڏانھنس موڪليندي کيس چوايو تھ:
اوھان اڄ اتي ترسو تھ پاڻ ۾ ملاقات ٿيندي. اھو ٻڌي
جنرل سيل کي اچي ڳاراڻي ورايو، سوچيائين تھ متان
ڪٿي ڪا مصيبت نازل نھ ٿئي، سو جلدي اتان نڪري
روانو ٿيو.
سردار محمد اڪبر خان سندس ائين بَر منھن ڪرڻ جو
ٻڌي يڪدم سندس پويان نڪتو ۽ مٿس وڃي ڪڙڪيو. پوءِ
تھ غازين کڻي تراريون اڀيون ڪيون. جنگ لڳڻي ھئي،
سا لڳي ويئي، پر ھيءَ جنگ اھڙي سخت ثابت ٿي جو
انگريزن جي فوج، جيڪا اڳيئي ٿڪل ٽٽل، ۽ اڃ بک ۾
مرڻينگ ٿي چڪي ھئي، گھڙي پل ۾ ڳڀا ڳڀا ٿي ويئي.
جنرل سيل کي ھاڻ جڏھن ڪوبھ آسرو نھ رھيو تھ پنھنجي
سر بچاءُ لاءِ اڪيلي سر فوج مان نڪري سردار محمد
اڪبر خان جو اچي سلام ڀريائين. سردار ڪوبھ لحاظ نھ
ڪندي کيس گرفتار ڪيو.
چوڻ ۾ اچي ٿو تھ چاليھھ ھزار انگريزي فوج ڪابل ۾
موجود ھئي، جنھن مان ڪيترا گرفتار ٿي ويا ۽ ڪيئي
پنھنجا ھٿ پير وڍائي ڪابل ۾ رھجي ويا. باقي سڀ
غازين جي ترارين سان جنگ جو کاڄ ٿي ويا. خراسان/افغانستان
جي فتح اھڙي سڻائي ڪانھ ھئي، جيئن انگريزن کي دل ۾
وھم ويٺل ھو.
ھن ڪن ۾ ڪيئي ٻيڙيون ٻڏي ويون،
جنھن جو ڪو تختو ڪنڌيءَ سان ڪونھ لڳو.
سردار محمد اڪبر خان فتح جا نغارا وڄائيندو ڪابل ۾
آيو، ۽ سڄو انتظام سنڀالڻ لڳو.
*
(٧٤)
شمس الدين خان کي غزني روانو ڪرڻ – جنھن اتي پھچي
غزني جو قلعو فتح ڪيو ۽ انگريزن جو گرفتار ٿيڻ:
ڪابل جي سردارن، انھن جنگين کانپوءِ فتح حاصل ڪري،
ڪي ڏينھن ڪابل ڏانھن جي ٿڪ ڀڃي خوب آرام ڪيو. ڪابل
جي شھر ۾ ھاڻ شاھھ شجاع کان سواءِ جيڪو بالاحصار
جي قلعي ۾ نظر بنديءَ اندر ھو، انگريزن جي فوج مان
پکي بھ ڪونھ رھيو. سردار محمد اڪبر خان غزني جي
قلعي ھٿ ڪرڻ جي سنبت ڪئي، جتي انگريزن جون ٻھ
پلٽڻيون، ٻارھن انگريز عملدار ۽ چار سو سوار ٽڪيل
ھئا، ان لاءِ محمد زمان خان ۽ شمس الدين خان کي
بھادر سوارن سان اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ليڪن جن ڏينھن ۾ انگريزن ۽ سردار جي وچ ۾ چڪريون
ھلي رھيون ھيون، تڏھن کان رئيس ۽ چڱن مڙسن غزني تي
گھيرو ڪري ڇڏيو ھو. انگريز، پنھنجي فوج سميت
بالاحصار واري قلعي ۾، جيڪو غزني اندر ٽڪر تي آھي،
ان ۾ موجود ھئا. انھيءَ قلعي ۾ سرڪاري گدام ۽
خزانو رکيل ھو، جنھن جي حفاظت لاءِ قلعي جي چئني
پاسن کان توبون نصب ٿيل ھيون.
انھن کي جڏھن شمس الدين خان جي اچڻ جي ڪن ڀڻڪ پئي
تھ سڀني (رئيسن ۽ چڱن مڙسن) وڏي جرئت ۽ ھمت سان
قلعي تي زبردست حملو ڪيو، جو غزني جو سڄو شھر فتح
ڪري ورتائون. اتي جيڪي انگريز فوجي ھئا، سڀ ھنن
ھٿان قتل ٿي ويا.
شھر کان علاوه غزني جي قلعي ۾ انگريزن سان سندن
فوجي موجود ھئا، انھن شھر تي غازين جو غلبو ڏٺو تھ
تيار ٿي ويٺا، ۽ ھيءُ جڏھن انھن ڏانھن وڌيا تھ ھنن
مٿن حملو ڪري کين (غازين) ماڳھين غزني شھر مان
ھڪالي ڪڍيو. غازين وري ڇا ڪيو جو قلعي کي کاٽ ھڻي
اندر داخل ٿيا ۽ جنگي ڪارروايون شروع ٿيون، جيڪي
چئن ڏينھن تائين ھلنديون رھيون. پنجين ڏينھن غازين
انگريزي فوج جي سربراھھ ڪرنل صاحب
کي پيغام ڏياري موڪليو تھ اوھان لاءِ چڱائي انھيءَ
۾ آھي تھ فوج سميت قلعي کان ٻاھر اچو. اسان يقين
ٿا ڏياريون تھ اوھان کي امن سلامتيءَ سان ھندستان
اماڻي ڇڏينداسين، جيڪڏھن نھ تھ پوءِ قلعي کي کاٽ
ھڻي جتان ڪٿان اڏايو ويندو.
ڪرنل جواب ڏنو: اوھان ھڪ چٺي جلال آباد جنرل پالڪ
صاحب ڏانھن موڪلي ڏيو، ان جي جواب اچڻ تائين جنگ
بند ٿيڻ کپي، ان جي عيوض اوھان کي جيڪي گھرجي اسان
ڏينداسين.
غازين، ڏھھ ھزار روپيا ڪرنل کان ورتا ۽ پنھنجي ڪم
آندائون، ان کان پوءِ کانئس چٺي وٺي ڪابل جي
سردارن ڏانھن موڪليائون، جيئن اھي جلال آباد
پھچائين.
شمس الدين خان برفباري جي ڪري ٻيو ڪو چارو نھ ڏسي
واٽ تي ترسي پيو، ڇو تھ ان حالت ۾ ھن جو غزني
ڏانھن اچڻ مشڪل ھو. ھيڏانھن غازين بھ سندس پھچڻ
تائين جنگ بند ڪري ڇڏي.
جيئن برفباري بند ٿي تھ شمس الدين خان جود
۾ اتان نڪري غزني ۾ آيو، جنھن تي غازين م سرھائي
اچي ويئي. سڀني کيس پنھنجو سپھھ سالار چئي، سڀئي
اختيار سندس حوالي ڪيا: انھن لفظن سان تھ ھاڻ سڀ
ڪجھھ اوھان جي مرضي مبارڪ تي ڇڏيل آھي، اوھان کي
وڻي تھ انگريزن سان جنگ جوٽيو يا ساڻن صلح ڪريو،
اسان اوھان جي حڪم جا تابع ٿي رھنداسين.
شمس الدين خان ھنن کي تسلي ڏياري ۽ ڪي ڏينھن آرام
ڪيائين. ڪرنل صاحب جڏھن سندس اچڻ جو ٻڌو تھ ڏاڍو
ڊنو، ڇاڪاڻ تھ گدام سارو خالي ٿي چڪو ھو ۽ حالت
وڃي انھيءَ حد تائين پھتي، جو ماڻھن گھوڙا ڪھي ٿي
کاڌا ۽ برف کي رجائي پاڻي ڪري ٿي پيتائون. شمس
الدين ھن ڏانھن نياپو موڪليو تھ شاھھ شجاع اوھان
جي نالي خط لکيو آھي تھ اوھان سموريءَ فوج کي پاڻ
سان وٺي ھندستان روانا ٿيو. ھن (ڪرنل) شمس الدين
خان کان خط جي گھر ڪئي، پر وٽس خط ڪونھ ھو، ان ڪري
مڙئي ٽارٽور ڪيائين ۽ ڪابل جي سردارن ڏانھن
لکيائين تھ شاھھ شجاع کان اھڙو خط لکرائي موڪلين ۽
اھو بھ کيس ٻڌائين تھ جيڪڏھن خط نھ لکي ڏنو ويو تھ
ڏاڍي خرابي ٿيندي.
سردارن شاھھ شجاع کي وڃي چيو تھ اوھان انگريزن
ڏانھن خط لکي ڏيو تھ ھو غزني مان نڪري ھندستان
ھليا وڃن. شاھھ شجاع جي اھڙي مرضي تھ ڪانھ ھئي، پر
سر جي خوف کان سردارن جي چوڻ تي انگريزن ڏانھن خط
لکي ڏنائين.
اھا سڄي ڳڻ ڳوت شمس الدين خان صرف ان لاءِ ڪئي ھئي
تھ جيئن انگريزن کي رواني ٿيڻ کان پوءِ گس ۾ ئي
جھلي گرفتار ڪيو وڃي، ۽ وٽن جيڪي مال خزانو ھجي سو
پنھنجي قبضي ڪجي. ٿورن ڏينھن کان پوءِ سردارن وٽان
شاھھ شجاع وارو لکرايل خط بھ اچي شمس الدين خان کي
مليو، جيڪو ھن بنا دير جي ڪرنل صاحب کي ڏياري
موڪليو.
ھن جيئن شاھھ شجاع جو خط پڙھيو تھ کيس حيرت وٺي
ويئي، ۽ ڏاڍو ششدر ٿيو. کيس يقين ئي نھ ھو تھ
واقعي شاھھ شجاع اھڙو خط لکي سگھي ٿو. نيٺ ھو
مجبور ٿيو ۽ بادشاھھ سلامت (شاھھ شجاع) جي حڪم کي
مان ڏيندي ٽي لک رپيا روڪ ۽ ٻيو سامان، جيڪو قلعي
اندر موجود ھو، شمس الدين خان ڏانھن موڪلي پاڻ فوج
سميت قلعي کان ٻاھر آيو. پوءِ فوج مان ھر ھڪ کي ست
رپيا راھھ خرچ جا ڏئي، ھلڻ جي تياري ڪيائين. ان
کان پوءِ شمس الدين خان قلعي ۾ ڪاھي پيو، اتي جيڪو
خزانو ۽ بارود وغيره ھو، پنھنجي قبضي ڪري غازين کي
حڪم ڏنائين تھ اوھان مان ڪوبھ شخص ھاڻ قلعي ۾ نھ
اچي.
غازين اھو حڪم ٻڌو تھ ھيءُ (شمس الدين خان) سڀ
ڪجھھ پاڻ ڏي سوري اسان کي ڪاري پاڻي کان سڪائي
رھيو آھي تھ پاڻ ۾ ٻڌي ڪري انگريزن جي فوج سان وڃي
اٽڪيا ۽ ان جي ستياناس ڪري ڇڏيائون. وٽن جيڪي مال
متاع ھو، اھو سندن ھٿان غارت ٿيو ۽ فوج مان ڪي
ماڻھو زندھھ گرفتار ڪري وڌائون، جن کان مزدوري جو
ڪم وٺڻ لڳا. انگريزن جا اھي جمعدار ۽ رسالدار،
جيڪي ھن واقعي کان اڳ پنھنجي فوج سان ھئا ۽ ڪنھن
سان سنئون منھن ڏئي نٿي ڳالھايائون نھ وري ڪنھن کي
سلام جو جواب ڏيڻ گوارا ٿي ڪيائون، انھن جي آڪڙ
ڍري ٿي پئي ۽ گھوڙن جا ٿانھھ صفا ڪندا ٿي رھيا.
خراسان/
افغانستان جي غازين بيشڪ ڪمال ڪري ڏيکاريو.
مقابلو ھلندي ڪي انگريز ميدان مان ڀڄي شمس الدين
خان وٽ پناھي ٿيا تھ ڪي ھيڏانھن ھوڏانھن دربدر پئي
ٿيا. انھن مان ھڪ صاحب پنھنجي ميم صاحبھ سميت
غازين کي ھٿ آيو، ان کي ھنن ڏاڍي بيدردي سان اھنجن
عذابن ڏيڻ کان پوءِ قتل ڪري ڇڏيو، ۽ کين گاريون
ڏئي چوندا رھيا: اجھي وٺو غزني جا چشڪيدار انگور
...... شمس الدين خان وٽ جيڪي انگريز اچي پناھي
ٿيا ھئا، تن کي ھن قيد ڪري ڇڏيو ھو.
ھن جنھن سياسي چال، سورھيائي ۽ اورچائي سان جنگ ۾
انگريزن جي چيلھھ چٻي ڪري مٿن فتح پاتي، تنھن تي
ڳاٽ اڀو ڪري ڏاڍو سرھو پئي ٿيو.
پڇاڙيءَ ۾ ڪابل جي سردارن ڏانھن جنگ جو تفصيل لکي
موڪليائين تھ: غزني واري لڙائيءَ ۾ انگريزن جون ٻھ
پلٽڻيون، چار رسالا ترڪ سوارن جا ۽ يارھن صاحبلوڪ
(انگريز بھادر) جيئرا گرفتار ڪيا ويا آھن، باقي
سڀئي غازين جي ترارين سان پورا ٿي ويا. شمس الدين
خان انھيءَ فتح نامي لکي موڪلڻ کان پوءِ غزني جي
قلعي ۾ سوڀ جا نغارا وڄارائي، غازين ۽ رعايا جي
ماڻھن جي سار سنڀال ۾ لڳي ويو.
*
(٧٥)
سردار محمد اڪبر خان جو جلال آباد اسھڻ، اتي پھچي
انگريزن کي گھيري ۾ آڻڻ ۽ شاھھ شجاع جو پنھنجي
نالي ڀائي شجاع الدولھ ھٿان قتل ٿي وڃڻ:
ڪابل جي سردارن اھڙيءَ ريت ڪابل ۽ غزنيءَ کي
انگريزي فوجن جي ڪکن ڪانن کي ٻھاري ميدان صاف ڪيو،
جو انھن مان ڪوبھ ھڪڙو اتي نھ رھيو. انھيءَ سوڀ
کان پوءِ سردار محمد اڪبر خان غازي، ڇھھ ھزار جري
بھادرن جو لشڪر ساڻ ڪري انگريزن جي سيکت لاءِ ڪابل
مان جلال آباد ڏانھن روانو ٿيو. ويندي ويل ٻيو سڄو
لشڪر واٽ تي رھائي، صرف پنج سو ھٿياربند سوار
(جيڪي جنگ جي محفل واري شمع جا پروانا ٿي لڳا) ساڻ
ڪري تيزيءَ سان جلال آباد ۾ پھتو ۽ انگريزن جي فوج
کي چئني پاسن کان گھيري ۾ ورتائين. پوءِ سڄي
علائقي ۾ اھو پڙھو (منادي) گھمايائين تھ جيڪي بھ
سچا مسلمان ھتي جا رھاڪو آھن، سي قرآن حڪيم جي
فرمان خدا جي راھھ ۾ پنھنجي جان ۽ مال سوڌا جھاد
ڪريو موجب اچي اسان سان شامل ٿين تھ نصارن سان
منھن ڏنو وڃي.
انھيءَ پڙھي جي اثر کان ھزارين ايماندار ۽ جان
نثار جوان نعرا ھڻندا، نڪري آيا ۽ سردار محمد اڪبر
خان جو پاسو ورتائون. سردار محمد اڪبر خان پنھنجي
دل ۾ اھا سٽي ھئي تھ جھڙيءَ ريت ھن کان اڳ ڪابل
واري جنگ ڀيري انگريزن کي جيئرو گرفتار ڪري سندن
مال ملڪيت ھٿ ڪري چڪا ھئاسين، تھڙي نموني ۽ ساڳي
حڪمت عمليءَ سان ھتي جلال آباد ۾ بھ انگريزن کي ھٿ
ڪري، ان جي عوض امير دوست محمد خان کي انگريزن جي
قيد مان آزاد ڪرائجي. انھيءَ نيت سان سردار محمد
اڪبر خان ٻھ مھينا جلال آباد ۾ ترسيو ھو ۽ قلعي جي
چوڌاري کاٽ لڳرائي تيار ٿيو تھ مٿان انگريزن جي
فوجي ڪمڪ ھندوستان مان اچي پشاور پھچي ويئي.
سردار محمد اڪبر خان اھا صورتحال جو ڏٺي تھ ساري
حقيقت ڪابل جي سردارن- محمد زمان خان ۽ امين الله
خان لوگريءَ ڏانھن لکي موڪليائين ۽ کين ستوھھ
ڀريائين تھ انگريزن جي فوج انگريزن جي مدد لاءِ
پشاور اچي چڪي آھي، سو توھان بھ ٻين حيلن وسيلن
سان گڏ اھا اٽڪل ڪريو جو شاھھ شجاع کي شاھي تخت تي
ويھاري، کيس اسلامي بادشاھھ جي لقب سان سرفراز
ڪري، (ائين چٽ ڏئي) کانئس ڪم ڪڍو! ۽ کيس گذارش
ڪريو تھ اڄ غزا جو ڏينھن آھي، اوھان خدا جي توڪل
تي سندرو ٻڌي محمدي غزا لاءِ تيار ٿيو ۽ سڄي لشڪر
سان جلال آباد ڏانھن وک وڌايو!
شاھھ شجاع ان وقت اھڙي ڪيفيت ۾ ھو، جو جڏھن شھزادي
فتح جنگ غازين سان جنگ ۾ شڪست کاڌي ھئي، تڏھن کان
بالاحصار جي قلعي ۾ صبر جو دامن جھلي اھڙي خاموشي
اختيار ڪئي ھئائين، جو ڪابل جي سردارن مان ڪنھن
ڏانھن بھ اک کڻي نٿي نھاريائين، نھ وري ڪنھن ٻي
مسئلي ڏانھن ڪو ڌيان ھيس.
ڪابل جي سردارن، سردار محمد اڪبر خان جو خط کڻي
وڃي، قلعي جو در کڙڪايو ۽ شاھھ شجاع وٽ پھچي کيس
ادب سان عرض ڪيائون تھ ”خدا جا شڪرانا ڪھڙا ادا
ڪري ڪھڙا ادا ڪجن، جو ھن وقت اسلام جو سج مسلماني
جي آسمان تي روشني پکيڙي مؤمنن، مسلمانن جون دليون
نور سان پر ڪندو پيو وڃي. اھو سڀ ان برڪت جي ڪري
آھي جو اولياءِ دوات (شاھھ شجاع) پنھنجي سر اھو
اسلامي تخت والارڻ وارو آھي. اوھان جي مھابي ئي
ڪفر جي اونداھي دفع ٿيندي ۽ محمدي دين جي آفتاب
عالم تاب جي روشني وڌندي. اسان پڻ اھوئي ٿا چاھيون
۽ اسان جيئن تھ اوائل کان اوھان جھڙي بادشاھھ جا
ٻڌا ٻانھا آھيون ۽ حڪم جا تابعدار رھندا ٿا اچون،
اوھان جي حڪم جي انحرافي ڪنھن بھ صورت ۾ جائز نٿا
سمجھون، اوھان جو حڪم ۽ اسان جو ان جي پيروي ۾
ڊوڙڻ!
شاھھ شجاع ھنن جون اھي ڳالھيون ٻڌي ھا ۽ نھ سان
گوھيون کائيندو رھيو. آخرڪار صاف جواب ڏيڻ بدران
کين ٻئي موقعي لاءِ چيائين- اھو ان ڪري جو ڪابل جي
انھن سردارن جو امير دوست محمد خان سان ڳالاپو ھو
۽ سرڪار سان بھ سدائين دشمني رکندا ٿي آيا. سڀاڻي
متان ڪٿي ائين نھ ٿئي جو کيس (شاھھ شجاع) بھ
دوستيءَ جي وڪڙ ۾ بادشاھي تان ھٿ کڻائي ڇڏين.
انھيءَ سان گڏ پاڻ اھا سوچ بھ ڪيائين تھ ٿي سگھي
ٿو تھ اڳتي ھلي ڪو اھڙو موقعوبھ اچي جو انگريز وري
خراسان/افغانستان
فتح ڪري وٺن، ۽ پوءِ پنھنجو حال اھو ٿئي جو ھڪ
پاسي توڙؤن تڙيل تھ ٻئي پاسي کان نرھھ ٿي ويل- ٿي
پئجي.
اھڙا وسوسا ڪندي، پنھنجي ليکي ٻڏندو ترندو وٽ
کائيندو ٿي رھيو ۽ انھيءَ خفي جي ڪري سردارن جي
ملاقات کان بھ لھرائيندو، لنوائيندو ٿي آيو.
حالانڪھ تن ڏينھن ۾ ھن وٽ ڏھھ ھزار فوج، ٻارھن
توبون ۽ بي شمار بارود وغيره جنگي سامان طور موجود
ھو. ليڪن جڏھن اھو ڏٺائين تھ غازي ھر طرف کان
ايماني ڪارناما ڪندا پيا وڃن ۽ ھر ھنڌ سندن سوڀ جا
نغارا وڄندا ٿا رھن، تھ ڪجھھ سوچيندي ڪابل جي
سردارن سان صلاح مشوري لاءِ آتو ٿيو. آخر ھنن کي
گھرائي سندن مرضيءَ موجب ساڻن رضامند ٿي شھزادن ۽
لشڪر سميت جلال اباد ھلڻ جي ھام ھنيائين.
تياريءَ کان اڳ حرم محترم کي حفاظت سان بالاحصار
جي قلعي ۾ رھائڻ جو بندوبست ڪيائين ۽ سردارن جي دل
وٺڻ لاءِ ٻھ ٽي لک رپيا روڪ، دوشالن جا ٿان کڻي
ڪچھريءَ ۾ آيو ۽ ھر ھڪ کي پنھنجي مان مرتبي مطابق
خلعت ڍڪايائين.
ھن خاص ڪري امين الله خان لوگريءَ کي پيارو ٿي
گھريو. اھو ڄڻ ڪي سندس مقرب ۽ محرم ھو ۽ ٻيا
جھڙوڪ: محمد زمان خان وغيره جن جو امير دوست محمد
خان سان قريبي تعلق ھو، کيس اھڙا پسند ڪونھ ھئا.
تنھنڪري انھن تي خلعت وغيره جي ڪا نوازش ڪانھ ٿي،
اٽلندو انھن کي پنھنجي نظرن کان ڪيرائڻ جي ڪندو
رھيو؛ حالانڪ محمد زمان خان وڏي مان مرتبي وارو ھو
۽ سندس پٽ بھ ڏاڍا بھادر ھئا. امين الله خان تھ
سردار محمد اڪبر خان سان گڏ محمد زمان خان جي
ملازمن ۽ تابعدارن مان ھو- خير!
امين الله خان جي اھا ويجھائي، جيڪا شاھھ شجاع سان
ھئي، محمد زمان خان کي بھ ڏکي لڳندي ھئي. شاھھ
شجاع کي بھ ائين لائق نھ ھو. ھن جتي ٻين سردارن کي
عزت ڏئي خلعتون ڍڪايون، اتي جيڪڏھن محمد زمان خان
۽ سندس پٽن تي بھ اھا عنايت ڪري ھا تھ ڪھڙي ڪا
گھٽتائي ٿي پوي ھا- ائين ڪرڻ سان ڪنھن بھ قسم جي
رڳڙي يا جھڳڙي جو ڪو سبب نھ پيدا ٿئي ھا، نھ وري
ڪنھن اندروني سازش جو ڪو امڪان! ليڪن قضا ھئي،
جنھن مڙئي پنھنجا ڪم پئي ڪيا.
شاھھ شجاع جو قاعدو ھو تھ لشڪر سوڌو جتي بھ منزل
ٿي ڪيائين تھ سارو ڏينھن سپاھھ سان گذاري، رات جو
اڪيلي سر پنھنجي ڏوليءَ ۾ چڙھي جاءِ تي وڃي آرامي
ٿيندو ھو. ڪابل ۾ بھ ھن جو اھو دستور ھو. شاھھ
شجاع دل ۾ اھا رٿي ھئي تھ جلال آباد وڃي انگريزن
کي راضي ڪري ھندستان اماڻيو ويندو. انھي ۾ جيڪا بھ
مصلحت جي تقاضا ھوندي سا ھر حالت ۾ پوري ڪئي
ويندي.
ھيءُ انھيءَ فڪر ۾ ھو تھ محمد زمان خان ۽ سندس پٽ
ھن جي بي مھري ۽ بي مروتي کان سخت ڪروڌ ۾ رھندا ٿي
آيا، خاص ڪري سندس پٽ شجاع الدولھ کي ڏاڍي مٺيان
ٿي لڳي، ڄڻ شاھھ شجاع کان ماڳھين ڪرڀ ٿي آيس، چون
ٿا تھ شجاع الدولھ جڏھن ديري غازي خان ۾ ڄائو ھو
تھ خود شاھھ شجاع پنھنجي زبان سان مٿس اھو نالو
رکيو ھو، جو سندس نالي سان ملي ٿي آيو.
بھرحال شجاع الدولھ، شاھھ شجاع جي تنگ نظريءَ سبب
ڪڏھن آپي کان نڪري ٿي ويو ۽ پيءُ کي چوڻ ٿي لڳو:
شاھھ شجاع، امين الله خان لوگريءَ کي، جيڪو اسان
جي چاڪرن مان ھو، توڙي ٻين اميرن کي، جي بھ اسان
جي مٽ ڪين ھئا، خلعتن سان مانائتو ڪيو ۽ کين وڌ ۾
وڌ عزت آبرو ڏنائين- باقي اسان جيڪي ايڏي جان
فشاني ۽ خير خواھي ڪندا ٿا رھون، ڪھڙي چوري ڪئي
جو ھروڀرو ائين رھجي وياسين. اسان جي ٽڪي جيتري
عزت بھ ڪانھ ڪئي ويئي! جيڪڏھن مون کي بھ وارو مليو
تھ شاھھ شجاع کي ڌڪ ئي ھڪڙو ھڻي ٿڏي تي حياتيءَ
کان نرھھ ڪري ڇڏيندس.
محمد زمان خان گھڻوئي کيس سمجھائيندو رھيو، تھ
بابا ھن وقت اسان سڀ انگريزن جي اري ۾ ڦاٿل آھيون،
اھڙيون ڳالھيون سوچڻ ڪا عقلمندي ناھي، ليڪن ھو آٽ
تان لٿو ئي ڪين ٿي. ٻئي ڏينھن تي صبح ٿيندي ئي
شاھھ شجاع قلعي مان نڪري لشڪر ڏانھن رخ رکيو-
انھيءَ وچ ۾ شجاع الدولھ پندرھن بندوقچي ساڻ وٺي
گھٽ تاڙي لڪي ويھي رھيو، ۽ شاھھ شجاع جي سواريءَ
جي اچڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو. جيئن سواري ويجھي آئي
امالڪ شاھھ شجاع تي بندوقون ڇوڙيون ويون ۽ ھڪ ٻن
ڌڪن سان اتيئي ڪٺل ڪڪڙ وانگي ڦٿڪي پساھھ پورا
ڪيائين- اھو لقاءُ ڏسي ڏولي بردار ۽ شاھي سوار
ڇرڪيل گھوڙن واگي پڇ کڻي پوزيون ھڻندا ڀاڄڙ ۾ پئجي
ويا.
شجاع الدولھ، انھيءَ سورھيائيءَ کان پوءِ ھير دل
ٿي پوئتي ھٽڻ بدران ويتر سورھيھ ٿي مڇريل ھاٿيءَ
وانگر وڃي، شاھھ شجاع جي مٿان پھتو ۽ مٿس ترار جا
وار ڪندي ڏند ڪرٽيندي چيائين: ڏي ھا ڏي- امين الله
خان کي خلعت!! شاھھ شجاع جو روح تھ ان کان اڳ ئي
پرواز ڪري چڪو ھو، پر شجاع الدولھ بھ ائين ڪري
پنھنجا اھا حسرت پوري ڪئي، جيڪا ھيستائين ساھھ سان
لڳل ھيس. شجاع الدولھ اتي جو اتي بنا ڪنھن ڊپ ڊاءُ
جي (ڀلا اھڙي سورھيھ ۽ جوانمرد جو ڪير ٿي نالو وٺي
سگھيو جنھن ھيڏي ھمت ۽ جرئت سان شاھھ شجاع يعني
خود بادشاھھ جو کلئي عام سر ميدان ۾ سر کڻي ڇڏيو!)
شاھھ شجاع جا سڀ زيور، جواھر، پوشاڪ، سونو ڪمربند
۽ سوني بار بند واري ترار- جن مڙني جي قيمت ڏھن
لکن تائين ھئي، لاش تان لاھي پاڻ سان کنيائين ۽
لاش، جيڪو ڪڏھن پٽ پٽيھر ۽ بخمل تي پرورش پائي چڪو
ھو، تنھن کي ٽنگ کان وٺي سخت ۽ جابلو زمين تان
گھليندو، وھندڙ واھيءَ ۾ اڇلائيندو ويندو رھيو.
شاھھ شجاع عجب جاھھ جلال ۽ عالي ھمت بادشاھھ ھو.
جيستائين جيئرو رھيو، خراسان/افغانستان
جي بادشاھت جا پور پچائيندو رھيو. اھو سوداءُ ڪڏھن
بھ ڍرو نھ ٿيس، ھن ڪيئي ڀيرا پرايا مال ميڙي جمع
ڪيا ۽ خرچي ڇڏيا. ھزارين ماڻھو جنگين ۾ ڪٺائين ۽
ڪھرايائين. پڇاڙيءَ ۾ نھ پڄڻ جي حالت ۾ پويان پير
بھ ڪندو رھيو. ھاڻ بھ انگريزن جي فوج توڙي خراسان/افغانستان
جي لشڪر مان لکين جانيون ضايع ڪري، انھن سان گڏ
پاڻ بھ ھتان ھليو ويو.
ھو، ھتان جيڪي ھزارين فوجون پاڻ سان گڏ ٻي جھان
وٺي ويو آھي، معلوم ناھي تھ اتي ڪھڙي جنگ جوٽڻ ۾
ھوندو ۽ اڳيان ڪھڙو سوال جواب ڪيو ھوندائين، ان
حالت ۾ جو دنيا کي دارالمڪافات چيو وڃي ٿو. دنيا
آئيني جيان دارالمڪافات آھي، جنھن صورت ۾ جيئن
ھوندي، تيئن ڏسڻ ۾ ايندين!
پنھنجي حياتيءَ ۾ شاھھ شجاع، مير واعظ جھڙي سيد ۽
عالم شخص کي، جنھن جا لکين مريد ھئا، شيعن ھٿان
مارائي ڇڏيو ھو. تنھن ڏينھن کان بادشاھت جي پويان
ڀٽڪندو رھيو. پويون ڀيرو بھ ڀٽڪڻ جي خيال سان ڪابل
کان ٻاھر ٿي ويو تھ موت جي منھن ۾ وڃي پيو.
بالاحصار واري قلعي ۾ بھ قيدين واري زندگي پئي
گذاريائين- پر جيئن تھ مير واعظ جھڙي ڪامل ولي جو
ناحق خون ڪرايو ھئائين، ان ڪري قدرت کيس انتقام
طور اتيئي قتل ڪرايو!
ھن پاڻ سان گڏ انگريزن جي اڻ کٽ فوج بھ برباد
ڪرائي ڇڏي، جيئن چوندا آھن: ظلم جو ٻوٽو پوکيو
اٿيئي تھ دير مدير ان جو حساب ڏيڻو پوندءِ!
مير واعظ جي رڳو ھڪ سري جي عيوض ھزارين سريون شاھھ
شجاع جي حوارين جون وينديون رھيون!
*
(٧٦)
شاھھ شجاع جي قتل کان پوءِ سردار محمد اڪبر خان جو
جلال آباد ۾ رھڻ مصلحت کان پري سمجھڻ ۽ واپس ڪابل
اچي حڪومت جو ڪاروبار سنڀالڻ:
شاھھ شجاع جيئن شجاع الدولھ ھٿان قتل ٿيو تھ سڄي
لشڪر ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. ھر ڪنھن اڳتي وڌي لٽ ڦر
لائي ڏني. جنھن کي جيڪي ٿي ھٿ آيو، سو ٿي ڦٻائي
ويو. شاھھ شجاع جي پوين بھ ھراس ۾ اچي ڊوڙون
ڀريندي ۽ ٿڙندي ٿاٻڙندي اچي قلعي ۾ پاسا کوڙيا ۽
در دروازا بند ڪرائي ويٺا. ھڪ مھيني تائين قلعي جا
در بند رھيا. امين الله خان لوگري بھ انھن (شاھھ
شجاع جي پوين سان گڏ) اتي ويٺو رھيو. ھوڏانھن محمد
زمان خان بھ پٽن سميت توبن سان ڪابل جي شھر ۾ ھو ۽
سردار محمد اڪبر خان جلال آباد ۾ انگريزن سان سخت
مقابلي ۾ مشغول رھيو ۽ شمس الدين خان غزني جي قلعي
۾ ھو.
انھيءَ دوران جنرل پالڪ صاحب، سردار محمد اڪبر خان
کي جلال آباد مان ڪڍڻ لاءِ حيلا ھلائيندو رھيو. پر
ھر دفعي منھن ڀت سان لڳندو رھيس، نيٺ ڪڪ ٿي، سردار
محمد اڪبر خان جي ھڪ خاص خدمتگار کي لالچ ڏئي ساڻس
وعدو ڪيائين تھ: تون جيڪڏھن سردار محمد اڪبر خان
کي قتل ڪندين تھ آءٌ تو کي سرڪار کان ٻھ ٽي لک
انعام وٺرائي ڏيندس. ھو نجس (پليت) بھ لالچ ۾ اچي
ويو، ۽ دين ايمان وڪڻي نمڪ حرام ٿي وجھھ ڳولڻ لڳو.
جنرل موصوف کيس پڪو ڪرڻ لاءِ اڳواٽ ڪجھھ ڏوڪڙ ڏئي
ڇڏيا ھئا ۽ ھو بي ايمان سردار جي قتل لاءِ ٻانھون
کنجي تيار ٿي چڪو ھو.
ڪنھن ڏينھن وجھھ ملي ويس تھ سردار محمد اڪبر خان
تي بندوق ڇوڙي ڪڍيائين، پر چيو اٿن تھ مارڻ واري
کان بچائڻ وارو ويجھو ھوندو آھي، سو بندوق جو ڌڪ
سردار جي ڪلھي تان چامائو ٿي ويو. پر کيس ڪجھھ بھ
نھ ٿيو. سڄي لشڪر ۾ سردار موصوف جي مارجڻ جي ھوءِ
ھواءِ ٿي ويئي، جنھن ڪري سڄو لشڪر ٽڙڻ پکڙڻ لڳي
ويو، ۽ ھر ڪنھن ڀاڄ ڏانھن رخ رکيو. سردار محمد
اڪبر خان اڪيلو ميدان ۾ رھجي ويو.
انھيءَ واقعي کان پوءِ سردار محسوس ڪيو تھ ھاڻ
جلال آباد ۾ رھڻ مصلحت کان پري ٿيندو. ويتر جو
ٻڌائين تھ انگريزن جي فوج بھ جلال آباد جي ويجھڙ ۾
پھچي چڪي آھي، تھ لاچار ٿي ڪابل ڏانھن روانگي
اختيار ڪيائين. اتي پھتو تھ ڪابل جا سڀئي سردار
وٽس لنگھي آيا، جن کي جدا جدا عھدن تي مقرر
ڪيائين، ۽ سڀني کيس پنھنجي فرمانبرداري جي پڪ
ڏياري. ليڪن شاھھ شجاع جي شھزادن ۽ ٻين واسطيدارن
جي ھن سان ناراضگي ھلندي آئي، جنھن ڪري قلعي کان
ٻاھر نھ آيا.
سردار محمد اڪبر خان پنھنجي سر وڃي ھنن کي دم
دلاسو ڏئي، ڪجھھ ٺاھھ ۾ آندو. ائين ڪندي جنرل پالڪ
۽ جنرل سيل گندمڪ
جي رستي کان ٿيندا، ڪابل ڏانھن وڌيا. اول جنرل سيل
جاسوس موڪلي، ماڻھن تائين اھا خبر پھچائي تھ
جيڪڏھن افغانن مان ڪنھن بھ قيد ٿيل انگريز کي ڪا
تڪليف ڏني تھ انھن جو بڻ بنياد گار ڪيو ويندو ۽
ڪابل جو شھر اوندھھ انڌوڪار ۾ ھوندو!
اھا خبر جيڏانھن ڪيڏانھن پکڙندي ويئي. ڪابل جي
سردارن پاڻ ۾ ٻڌي ڪري مصلحت جي خيال کان پنج ھزار
بندوقچي گندمڪ واري جبل ڏانھن موڪليا تھ جيئن
انگريزن جو رستو روڪي ڇڏين. ٻئي ڏينھن جنرل پالڪ
پنھنجي فوج کي حڪم ڏنو تھ جگدلڪ
واري جبل وٽان ڦري گندمڪ ڏانھن وک وڌائي وڃي. اھا
فوج گندمڪ تائين آئي تھ افغان غازين، جيڪي غلزائي
قبيلي مان ھئا، فوج تي چڙھي ويا. ٻن پھرن تائين
ٻنھي جي وچ ۾ چڱي چڪري ھلندي رھي ۽ قتلام ٿيندو
رھيو. جنھن ۾ انگريزن جي وڌيڪ فوج مارجي ويئي ۽
منجھانس ڪيترا زخمي ٿي پيا، جن کي اڃ اچي ورايو ۽
مرڻينگ حالت ۾ اچي ويا. غازين ھمت ۽ بھادري سان
جيڪي ڪم ڪري ڏيکاريا، تن جي لکڻ کان قلم قاصر آھي.
جنرل صاحب جڏھن ڏٺو تھ انگريزن جي فوج ھروڀرو حرام
ٿي رھي آھي، تھ حڪم ڏنائين: سڄي فوج الڳ الڳ دستا
ٺاھي، چئني پاسن کان افغانن تي حملو ڪري ڏي!
اھو حملو ڏاڍو ڏکيو ثابت ٿيو. انگريزن جي فوج
پاران ڌڙا ڌڙ جيڪي توبون ۽ بندوقن جا مار ٿيندا
رھيا، تن پيادن غلزائي پٺاڻن کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو،
تڏھن بھ انگريزن جي فوج مان چوھتر ڄڻا قتل ٿي ويا.
پڇاڙيءَ ۾ غازين ميدان ڇڏيو.
غازين جي ڇڙوڇڙ ٿي وڃڻ کان پوءِ شام ڌاري انگريزن
جي فوج جبل تان ھيٺ لھي آئي ۽ اتيئي پڙاءَ وڌائين.
سردار محمد اڪبر خان جڏھن غلزائي قبيلي جي غازين
جي شڪست جي خبر ٻڌي، تھ ڪابل ۾ قيد ٿيل انگريزن جي
سڀني قيدين کي اتان ڪڍي امير دوست محمد خان جي
ڀائٽي محمد صالح خان سان باميان جي قلعي ڏانھن
موڪلي ڏنائين. پوءِ پاڻ ٻن ڏينھن تائين بالاحصار ۾
ترسي پيو. اتي ڪجھھ ويچاريندي ڌيان ۾ آيس تھ يارن
دوستي جي لڳ لاڳاپي ۾ ڪابھ چس ۽ چڱائي نھ رھي آھي.
ان حالت ۾ اتي وڌيڪ ترسڻ مناسب نھ سمجھي پنھنجي
اھل عيال ۽ ساک ڀرين ماڻھن کي ساڻ ڪري باميان جي
قلعي ڏانھن اسھڻ جي سنبت ڪيائين. وڃڻ ويل امين
الله خان کي، جيڪو سندس نمڪ حلال ۽ بھادر شخص ھو،
سڏي سموري لشڪر جو سپھھ سالار مقرر ڪيائين، پوءِ
ڪپتان سئنڊرس کي پاڻ سان وٺي باميان روانو ٿيو.
باقي جيڪي ٻيا ويھھ ڄڻا انگريزن مان ھئا، تن تي
ڪڙي نظر رکندي کين پنھنجي معتبر ماڻھن جي نگھباني
۾ باميان موڪلي ڏنائين.
انھيءَ وقت محمد شاھھ خان غلزائي سون، جواھر ۽
جيڪي ٻيو مال وٽس ھو ۽ ٻيو سامان جو سمورو ميڪناٽن
وٽان ھٿ ڪيو ھئائين، کڻي اچي سردار محمد اڪبر خان
اڳيان رکيو. سردار محمد اڪبر خان ڏاڍو خوش ٿيو ۽
کيس آفرينون ڏنائين. پڇاڙيءَ ۾ ھن کي خلعت سان
نوازيو ويو.
(٧٧)
انگريزن پاران ٻيھر ڪابل تي چڙھائي – ڪابل جي
بازار ساڙڻ ۽ انگريز قيدين کي ڇڏائڻ:
تاريخ ٣- سيپٽمبر ١٨٤٢ع مطابق ٢٤- شعبان ١٢٥٨ھھ تي
جنرل ميڪاسل
جڏھن پنھنجي لشڪر سان ڪابل ڀيڙو ٿيو تھ سردار امين
الله خان ۽ سندس درميان جنگ جي باھھ ڀڙڪي اٿي.
انگريزن جي ايڪيتاليھون نمبر پلٽڻ ھن جنگ ۾ ضايع
ٿي، تنھن کان سواءِ ھن جا ڪيئي سوار ۽ پيادا بھ
قتل ۽ زخمي ٿيا، جن جو تعداد شمار کان مٿي ھو.
افغان غازين جنگ ۾ ايڏي دليري ۽ بھادري پئي
ڏيکاري، ڄڻ بکيا شينھن شڪار تي حملو ڪري رھيا ھئا.
انھيءَ سرجوشيءَ ۾ غازين جي فتح ٿيڻ واري ھئي تھ
اوچتو انگريزن جو توبخانو اچي پھتو: جنھن بارش
وانگي گولا وسائڻ شروع ڪيا. غازي توبن جي سٽ نھ
سھي پوئتي وريا ۽ پريشانيءَ کان جاين جڳھين ۾
پناھھ وٺڻ لڳا. انگريزن جي فوج اڳتي وڌي ڪابل ۾
داخل ٿي، جيڪي وڏيون عمارتون ھيون، تن کي توبن سان
پئي ڪيرايائون. پوءِ بازار ۾ ويا، جيڪا شھر جي وچ
۾ ھڪ گلدستي وانگر ھئي
اھا ميڪناٽن جي انتقام ۾ ڊاھي ساڙي پٽ ڪيائون. ياد
رھي تھ انھيءَ بازار جي چوڪ تي ميڪناٽن جو لاش
ٽنگيو ويو ھو.
انھيءَ مارا ماريءَ کان پوءِ جنرل ميڪاسل انگريز
قيدين جي ڳولا ۾ لڳو ۽ نيشڪر
صاحب کي ڪافي لشڪر سان باميان روانو ڪيائين. اوچتو
سردار محمد اڪبر خان انگريزن جي انھيءَ دنگي ۾ مٿن
راتاھو ڏنو، جنھن ۾ موري خاني جي اناج سان گڏ
بارود خانو وغيره بھ سندس قبضي ۾ آيو. انگريزن جي
فوج، جيڪا اڳ ۾ سردار محمد اڪبر خان جي حشمت ۽
دھشت ڏسي چڪي ھئي، تنھن جو وري سندس نالو ٻڌو تھ
منجھس تفرقو پئجي ويو ۽ ھرڪو ميدان مان فرار ٿيڻ
لڳو.
انگريزن ڪيئي ڀيرا پنھنجو لشڪر تباھھ برباد ڪرائي
چڪا ھئا ھاڻ بھ ساڻن ساڳي جٺ ٿي، جنھن ڪري پنھنجي
قيدين تائين ڪونھ پھچي سگھيا. جنرل ناٽ صاحب کي
سرڪار حڪم ڏنو تھ جلدئي پنھنجي فوج سان غزني ھليو
وڃ ۽ شمس الدين کي اتان گرفتار ڪري، غزني جو قلعو
خالي ڪرائي، پوءِ باميان طرف قيدين کي ڇڏائڻ لاءِ
روانو ٿي. حڪم موجب ھو روانو ٿيو. جڏھن غزني کان
اوري اٺاويھن ڪوھن جي فاصلي تي پھتو تھ شمس الدين
خان ڏانھن جنگ جو پيغام موڪليائين. شمس الدين خان
اطلاع ملڻ شرط تاريخ چوويھين رجب ١٢٥٨ھھ مطابق
ٽيويھھ آگسٽ ١٨٤٢ع، يارھن ھزار بندوقچي ۽ ھڪ توب
ڪوھستان جي ھيٺاھين ۾ لڪائي، ٻھ ھزار لشڪري اتر
پاسي صاحب بھادر ڏانھن مقابلي لاءِ موڪليا.
ناٽ صاحب پنھنجي لشڪر کي تياري جو حڪم ڏنو، جنھن
سامھون اچي جنگ جي ھڪل ڏني. ٻنھي ڌرين ۾ ڇتي ويڙھھ
لڳي، جيڪا ٻنپھرن تائين ھلندي رھي. ھن جنگ ۾ ايترا
ماڻھو مئا، ۽ ڦٽيا جو حساب نٿو ڪري سگھجي.
غازين، ھن جنگ ۾ ايماني حميت ۽ مرداڻي ھمت سان پاڻ
کي پھاڙ وانگي ثابت قدم ثابت ڪري ڏيکاريو. انگريزن
جو لشڪر ڏھڪاءُ ۾ اچي ٿيڙ کائيندو رھجي ويو. ناٽ
صاحب ٽوپ لاھي پنھنجي فوج سان مخاطب ٿيو تھ اوھان
موت کان ڏڪي رھيا آھيو. اوھان جي بھادري ۽
جوانمردي اڄ تائين مدراس ۽ بينگال تائين مشھور
آھي، جيڪڏھن ھتي بي ھمتي ڏيکاريندا تھ اوھان جي
اڳئين ناماچاري ماڳھين ڪانھ رھندي. اڳتي وڌو حوصلو
ڌاري جنگ ۾ حصو وٺو، نھ تھ پوءِ اوھان کي پنھنجي
انھيءَ ڪوتاھي تي ڏاڍو پڇتائڻو پوندو. دشمنن سان
مقابلو نھ ڪرڻ جي صورت ۾ توھان کي پنھنجي جان تان
آسرو پلڻو پوندو. بھتر آھي تھ ھيڪاندي حملي سان
حريفن کي مات ڏيو. انھيءَ ھڪل ۽ حڪم سان انگريزن
جي فوج جي غيرت واري رڳ ڦڙڪي، غيرت ۽ ھمت وچان جوش
۾ اچي غازين تي چڙھائي ۾ لڳي ويئي، اھا چڙھائي
ايڏي چيڙھيالي ھئي، جو غازين کي ميدان ڇڏي جبل ۽
جھنگ ڏانھن ڀڄي جان ڇڏائڻي پئي.
شمس الدين خان کي جو ان مقابلي جي ڄاڻ ٿي تھ ٽيھھ
سوار وٺي، غزني جي قلعي ڏانھن ويو، ھوڏانھن
انگريزن جي فوج بھ غزني جي ويجھو وڃي پھتي ھئي.
غازي جيڪي جبل پاسي لڪل ھئا، اتان نڪري تراريون
ڪڍي انگريزن جي فوج مٿان ٽٽي پيا. ھڪڙي ساعت اندر
ٻھ سو چار فوجي ماري لاٿائون. وري جبل ڏانھن نڪري
ويا. ٽئين ڏينھن تي جنرل ناٽ صاحب غزني جي قلعي لڳ
وڃي، توبن جا وار ڪري ڏنا، جن کان قلعي جا دروازا
ڀڄي ڀري پيا. شمس الدين خان جو ڀاءُ قمرالدين خان
ٻين غازين سميت شھيد ٿي ويو.
پوءِ وري شمس الدين خان پنھنجي رفيقن سان صلاح ڪئي
تھ ھاڻ ڇا ڪرڻ کپي؟ ان تي ڪن وري بھ جنگ لاءِ زور
ڀريو تھ ڪن جنگ کان لنوائڻ جي ڪئي. اھو چئي تھ: ھن
وقت ڪابل مان وڌيڪ لشڪر آڻي پوءِ مقابلو ڪيو وڃي.
نيٺ ان تي عمل ڪندي شمس الدين خان پاڻ سان ڪي سوار
وٺي ڪابل ڏانھن روانو ٿيو. اتي پھچندي ٻڌڻ ۾ آيس
تھ شھر تي انگريزن جو قبضو ٿي چڪو آھي. اتان ڦري
ڪوھستان جو پاسو وٺي باميان ڏانھن ھليو ويو.
جنرل ناٽ صاحب شمس الدين خان جي وڃڻ کان پوءِ پاڻ
کي خوش نصيب سمجھي، ستت ئي وڃي غزني ۾ پير پاتو.
قلعي تي پنھنجي فتح جو جھنڊو کوڙي وڏي زور سان
شادماني جا نغارا وڄرايائين. پر رات ڏينھن اھا
ڳڻتي لڳي پئي ھيس تھ متان وري غازين پاران راتاھو
نھ ڏنو وڃي، ان ڪري ڏاڍي مونجھاري ۾ رھندو آيو.
انگريز فوج جي عملدار لارڊ صاحب کي جڏھن ٻئي ڀيري
غزني جي قلعي فتح ڪرڻ جي ڪل پئي تھ خوشيءَ ۾ نچڻ
لڳو. جنرل ناٽ کي حڪم چوائي موڪليائين تھ: غزني جي
قلعي جا دروازا، جيڪي محمود غزنوي ھندستان جي
سومناٿ مندر مان کڻائي آيو ھو، اھي تمام احتياط
سان غزني کان ھندستان ڏياري موڪليا وڃن، ڇو تھ
خراسان/افغانستان
کي ٻيھر فتح ڪرڻ جو اھو جيئرو جاڳندو ثبوت ٿيندو.
ٻيو تھ محصول جي ڪمي ۽ خرچ جي گھڻائيءَ جو خيال
رکندي، اوھان خراسان، ڪابل ۽ قنڌار ڇڏي، ھندستان
روانا ٿيو. انھيءَ مثال جي پوئواريءَ ۾ تھ جتي پڄي
نھ سگھجي تھ اھا جوءِ ئي ڇڏي ڏيڻ گھرجي.
ليڪن اھي جاني برباديون ۽ مالي تباھيون، جيڪي
انگريز سرڪار کي غازين پاران نصيب ۾ آيون، صفا
وساري ڇڏيائون. ڇو تھ انگريزي فوج جا لاش اتي پئي
رليا ۽ ٻي فوج خراسان ويل ھئي. ھنن کي رڳو قيدين
ڇڏائڻ جي جھوري لڳل ھئي، جنھن لاءِ چون ٿا تھ لکين
رپيا خراسان/
افغانستان وارن کي ڏئي ھزار
خوارين سان ڪابل ۾ داخل ٿيا ۽ ڊاٺل عمارتن جي عوض
ٻيڻا ڏوڪڙ ڀري ۽ ٻيا ڏنڊ ھڙان ڏئي، پنھنجو پردو ۽
پت رکي پوءِ سومناٿ جا دروازا غزني مان کڻائي
ھندستان ڏانھن راھي ٿيا. ٻي صورت ۾ انگريزن جي اھا
سڌ ھئي تھ پنھنجي جان ڏئي بھ خراسان/
افغانستان کي خريد ڪجي، ڇو تھ ان جي ھٿ اچڻ کان
پوءِ ھنن جو روس ڏانھن رستو کلي پوي ھا. پر ھتي
اچي ويتر ڦاسي ويا. ايتريون جانيون ضايع ڪرايائون.
ايڏا خزانا لٽايائون، پوءِ بھ سواءِ شڪست ۽ ذلت جي
ڪجھھ نھ ڏٺائون ۽ اھو داغ دل تي کڻي ھليا.
انگريزن، خراسان افغانستان ھٿ ڪرڻ لاءِ جيڪي ھاڃا
ھنيا، تن ۾ ماڻھن جي جان، مال ملڪيت ۽ ماڳن ڀينگ
ڪرڻ کان علاوه ٻي ڪھڙي شيءِ ھئي، جيڪا ھنن نھ ڇڏي،
خاص ڪري خراسان/
افغانستان جا ميوا ڏسي ۽ کائي بنھھ ڇتا ٿي پيا، جن
۾ رڳو انگورن جا چاليھارو قسم ھئا، ٻيا ميوا انھن
کان الڳ، جن مان صوف، ڏاڙھون، ناسپاتيون، توت،
ھنداڻا، گدرا، سردا، آلوبخارا، شفتالو وغيره، جن
جو بيان بھ لذت ڀريو پيو لڳي، ٻئي ڪنھن ملڪ ۾ ڪٿي
ٿا پيدا ٿين. ٻئي پاسي ھندستان ۾ تھ ٿڌو پاڻي بھ
ڪنھن کي نصيب نٿو ٿئي، ميوا تھ رھيا پنھنجي ماڳ!
ھندستان ۾ جيڪڏھن اھڙو ڪو ميوو پيدا بھ ٿئي ٿو تھ
ان جو رنگ ئي ڀانءِ نٿو پوي. اتان جي ماڻھن جي
ڪھڙي شڪل شباھت آھي تھ ڪھڙو وري ڪنھن ڍنگ جو سيبتو
لباس ٿا پھرين؟ سندن ڪپڙا بندوقن جي ڳوٿرين جيان
سوڙھا تھ دسترخوان تي دال ۽ ڊڳڙيون ..... اسان تھ
انھيءَ کاڌي کان توبھھ (بانءِ) ڪئي؛ خدا ان باھھ
کان امن امان ۾ رکندو!
جن جا گھر وڏا ۽ ھمت ٺھي ئي ڪانھ. اي خدا! انھن
ٻنھي کي برابر ڪري ڇڏ!
ھندستان جي سڙيل سڪل لشڪر جي وري خراسان/
افغانستان جي لشڪر سان ڪھڙي
ڀيٽ ۽ ڀيڻي ھئي، جن رات ڏينھن ناصري گھٽن جا گوشت
۽ صاحبي، خليلي، حسيني وغيره ميوا ٿي نوش جان ڪيا.
انھن ٻنھي جو مقابلو ائين آھي، جيئن ڪچي ڀتر کي
ڦيرائي پٿر تي ھنيو وڃي. جيڪڏھن ھندستان وارن جي
انھيءَ دال ۽ ڊڳڙين ۾ ڪا طاقت ھجي ھا تھ لوڻ وانگي
خراسان
/
افغانستان جي برف ۾ نھ ڳرن ھا.
ھندستاني لشڪر جي ھمت ۽ بھادري بابت ھندستان جي
بادشاھھ شاھجھان واھھ جي واکاڻ ڪئي ھئي تھ: بابو
منھنجو بھادر، آءٌ پاڻ ڪالھھ تائين نون لکن جو
مالڪ ھيس. اڄ رڳو رڪابدار لاءِ محتاج آھيان! ان
ڪري ھندستان جي لشڪر تي ڀاڙڻ بيوقوفي ٿيندي، پوءِ
کڻي اھو ھندو ھجي يا مسلمان، سڀ بي ايمان ۽ پنھنجي
ڪئي کان پشيمان!
ھلي آءُ اچي آسمان جو سير ڪر، شاھھ جھان ۽ دارا جا
حال ڏس قضا ڪڏھن بھ قضا ٿيڻي ناھي، تون ڦار وجھھ
توڙي استخارا ڪڍ، آسمان ڪنھن سان بھ ڪا رعايت مروت
نٿو ڪري:
آسمان جي گردش، گردن ڦيرائي ٿي ڇڏي،
ھن نالائقن کي لائق ماڻھن کان مٿانھون ڪيو.
بس انھيءَ گردش جو رڳو اھو ڪم آھي،
ھر ڪمال کي زوال، ھر زوال کي ڪمال.
*
|